شاعر، سماج جو اعليٰ رڪن، هڪ مضبوط ٿنڀو ۽ هڪ سچو
ترجمان آهي. تنهنڪري ان کان بي نياز رهڻ، سماج کي
علمي ۽ ادبي قوتن کان محروم رکڻو آهي.
شاعريءَ جو ملڪ جي تمدن، معاشرت، سياست ۽ عمراني
زندگيءَ تي گهڻو احسان رهيو آهي. مُرده قومن کي
اڀارڻ ۽ وسائل احساس کي مشتعل ڪرڻ کان سواءِ، لفظن
جا صحيح اچار ٻڌائڻ، تذڪير ۽ ثاليث جي پروڙ ڏيڻ،
ٻوليءَ جا محاورا محفوظ ڪرڻ، ستل فضائن کي جاڳائڻ،
جاڳندڙن کي عمل جي لاءِ تيار ڪرڻ، ۽ تخيل کي
انهيءَ ارتقائي حدن تي پهچائڻ جتي ڪنهن ٻئي فن
لطيف جو پهچڻ ناممڪن آهي؛ شاعريءَ جي ٿورين خوبين
مان آهن.
شاعريءَ جي بلڪل مختلف ۽ هيتري مختصر تمهيد کان
پوءِ، ناظرين جو ذهن ٻئي طرف منتقل ڪندي عرض
ڪنداسين ته موجوده سنڌي شاعريءَ، جنهن جو بنياد
عربي عروض تي قائم آهي، سا رڳو تقليدي شاعري آهي؛
سواءِ ڪن ٿورن فطري شاعرن جي، اڄوڪي سنڌي شاعري
عموماً اردوءَ جو ترجمو آهي، جنهن جو سبب اهو آهي
ته سنڌي شاعر جي شاعرانه زندگي اصولاً غلط شروع
ٿئي ٿي. اردو شاعرن وانگر، سنڌي شاعر شاگردي ۽
استاديءَ جو قائل نه آهي، تنهنڪري شروعات کان وٺي
هو فن شاعريءَ ۽ علم عروض کان ناواقف هوندو آهي:
ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ٿوري گهڻي علميت جي آڌار تي
رڳو ترجمن تي اڪتفا ڪندو آهي ۽ فطرت کان مليل ڏات
يعني موزونيءَ طبيعت کي وڃائي ٿو ويهي، جنهن جو
نتيجو اهو ٿو ٿئي ته اڳتي هلي ان ۾ شاعرانه
صلاحيتون پيدا ئي نٿيون ٿين، يا سلب ٿيون وڃن.
ڪنهن به شاعر ۾ جڏهن موزونيءَ طبيعت پيدا ٿئي تڏهن
ان کي ترقي ڏيئي وڌائڻ گهرجي. مگر بنان استاد جي
هو انهيءَ ڳالهه کي پروڙي نٿو سگهي، ۽ محروم رهجيو
وڃي. استاد کان سواءِ ڪنهن به فن ۾ ڪماليت جون
منزلون طئه ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، ۽ بنان استاد جي،
ڪلام خودبخود عيب ۽ سقم کان پاڪ ٿي وڃي، سو ممڪن
نه آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فن جو واسطو تخيّل استاديءَ
جو محتاج نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو چيو ويو آهي
ته ’الشعراء تلاميذ الرحمان‘، جنهن جو مطلب آهي ته
تخيل جي قابليت خالص وهبي آهي، پر هر فن جو هڪڙو
پهلو لازمي طرح اڪتسابي ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح مصوّر
کي تخيّل ته خدا تعاليٰ وٽان ملي ٿو، پر موقلم ۽
رنگ جو استعمال ۽ تناسب ۽ توازن، خطوط ۽ نقوش جو
علم ۽ فهم ڪنهن رهبر يا رهنما جو محتاج ٿئي ٿو.
ساڳيءَ طرح شاعر کي تخيّل جي اهميت آسمان کان ملي
ٿي، پر زبان ۽ آهن ته زمين جون شيون آهن، جن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن استاد جي ضروري ٿئي ٿي. ممڪن
آهي ته ڪو چوي ته ڪتابن کي استاد بنائي سگهجي ٿو؟
بلڪل ٺيڪ! پر ڪتابن کي سمجهڻ لاءِ وري به استاد جي
ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪتابن ۾ ڪيترا نُڪتا
اهڙا آهن، جي سواءِ استاد جي مدد جي سمجهه ۾ اچي
ڪين سگهندا. تنهن کان سواءِ، ڪتابن جي ذريعي ايترو
جلد سکي نه سگهبو، جيتروڪ هڪ استاد جي رهبريءَ هيٺ
. . . .
هڪ ڪامياب شاعر جي لاءِ نهايت ضروري ڳالهه آهي ته
هو نه رڳو علم عروض ۽ علم قافيه مان ڪامل واقفيت
رکندو هجي، بلڪ سخن جي انهن ضروري شين تي به حاوي
هجي، جن جو شعر جي حسن ۽ قبح سان تمام گهڻو واسطو
آهي. ٻيو ته شاعر جي لاءِ اهو ضروري آهي ته هو چڱي
قابليت رکندو هجي، زبان ۽ محاوري تي عبور هجيس،
اعليٰ تخيّل ۽ عظيم فڪر جو مالڪ هجي، نه ته جنهن
شاعر ۾ اهي سڀيئي خوبيون نه هونديون، تنهن جو
ڪلام، سوز گداز ۽ اثر کان صفا عاري هوندو، جيئن
اڪثر موجوده سنڌي شاعرن ۾ نظر اچي ٿو ۽ شاعريءَ جو
اصل مطلب فوت ٿيو وڃي.
]ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘- فن شاعري-”مهراڻ“4-1962ع.[
”ذوالفقار“ راشدي
شاعري ۽ موسيقيءَ جو ميل
خيال آهي ته ’لطيف فن‘ جي نالي واريون جيڪي به
شيون مشهور آهن، تن مڙني ۾ موسيقيءَ جي جاءِ
مٿانهين آهي. شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو جيتوڻيڪ پاڻ ۾
سڳين ڀينرن وارو گهَرو ۽ گهاٽو سٻنڌ آهي، ليڪن مان
ائين ٿو ڀانيان ته اُچيءَ شاعريءَ کي اوچي کان
اوچي مقام تائين آڻڻ لاءِ موسيقيءَ جي ملت تمام
ضروري آهي، پر موسيقيءَ کي اوچي شاعريءَ جي ڪاڻ
ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن
راڳيءَ کي ڪجهه ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون ته ان جو
مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن
لفظن جي ٻُڙن سان جڙيل ۽ جهنجيل شاعريءَ سان.
ٻڌندڙ جو خيال پهريائين ڳائڻي جي موتين جهڙي منظوم
لفظن ڏانهن نه، بلڪ آوازن جي فني بجاوريءَ ۽ ڳائڻ
جي ڍنگ ڍار ۽ ورجاءِ ڏانهن رڌل رهندو آهي؛ ۽ پوءِ،
گهڻي ٿهمر ۽ ڌيرج بعد، خيال جو گهوڙو لفظن جي ماپ
۽ تڪ توري ڪرڻ لاءِ واڳ ورائيندو آهي. راڳ يا سُر
سان انساني ساهه جون ڳنڍيون ڳنڍيل آهن، ڇو ته راڳ
ڪنهن اڪيليءَ قوم يا ڪنهن اڪيلي جاگرافيائي ٽڪري
جي ملڪيت نه آهي، پر پوري انسانذات جي روحاني
پاڪيزگين جي ميراث منجهس موجود آهي. موسيقي يا
راڳ، نالو آهي هڪ وسيلي ۽ توريل تڪيل آواز جو،
جيڪو ٻڌندڙ جي ڪن کان اندر پيهي، روح سان وڃي رلمل
ٿئي ٿو – پوءِ اهو آواز کڻي سازن جي تند تار مان
اڀري، نڙيءَ مان نڪري، يا چپن جي چرپر سان پيدا
ٿئي. هائو، ايترو ضروري مڃبو ته جيڪڏهن مٺي سُرَ
سان وري منوهر ۽ مٺڙا ٻول رلجي نڪرن، ته راڳ جو
مزو تهان ئي چوٽ چڙهي ويندو. جيئن مٿي چيم، موسيقي
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به شخص، جماعت يا قوم يا ملڪ جي
ملڪيت ناهي، پر روح جي اندروني خلش ۽ مسرت جو چٽو
پٽو چِٽُ يا ڇاپ آهي، تنهنڪري هر آدم پوٽي جي من
سان ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي. هيءُ سچ آهي ته جهڙيءَ ريت
جدا جدا هنڌن تي انساني ٻوليون نراليون ۽ جداريون
ٿين ٿيون، هوبهو ائين، جدا جدا ڏيهن جي موسيقيءَ ۾
آوازن جي تڪ – تور جا ماڻ ۽ ماپا به نوان نوان ٿين
ٿا؛ پر ڪنهن ٻوليءَ جي بيحد سهڻن، سٻاجهن ۽ مهر
ڀرين لفظن جو اثر رڳو ان ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ تي ئي
پئجي سگهي ٿو، ۽ اهو لفظي رس رڳو ان کي ئي پڙ
پوندو، ليڪن موسيقيءَ جو امرت – رس هر جيءَ کي
جياريو ڇڏي: پرايو توڙي پنهنجو، ڪنهن نه ڪنهن حد
تائين، ان جي لطف ۽ لطافت کان متاثر ضرور ٿئي ٿو.
موسيقي پنهنجي ميٺاج سان پراين کي به پرڀايو،
پرچايو، پنهنجو ڪريو ڇڏي – پوءِ کڻي اها موسيقي
دنيا جي ڪهڙي به علائقي جي وطنيت رکندي هجي. سچ پچ
ته موسيقي، پنهنجي مجموعي فني حيثيت سان، انسانذات
جو هڪ مشترڪ مذهب آهي.
شاعر ۽ راڳيءَ ۾ وڏي ۽ بنيادي وڇوٽي به اها آهي ته
شاعر پنهنجي ٻڌندڙن (يا پڙهندڙن) کي لفظن ۽ خيالن
جي مها ڄار ۾ منجهائي ٿو، پر هڪ راڳي پنهنجي مٺي
آلاپ سان هڪ اهڙي يڪسان ڪيفيت ٿو پيدا ڪري، جنهن
کي واضح طور محسوس ڪري سگهجي ٿو. مان ته ائين
چوندس ته راڳ رب جي ٻولي آهي، جيڪا سڀني ٻانهن کي
ڏاڍي مٺي ٿي لڳي. موسيقيءَ جا مَنڊَ، ماڻهن کي
ڇڏيو، جيت جڻيي کي به جڪڙيو ڇڏين. ان مان پڌرو پيو
ٿئي ته موسيقي اِلاهي ڏات آهي، جا ڏاتر طرفان
انسان کي عطا ٿي آهي، تان ته انسان ان کي وڌائڻ
ويجهائڻ سان آتمائن جا ازلي ڳانڍاپا ڳنڍيندو رهي.
ان ڪري صوفين ۽ الهه لوڪن به ان جي وسيلي ئي
پنهنجي رانول کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ راڳ کي
روحاني وندر ۽ ورونهن جو وسيلو ٺهرائي، رڳ رڳ کي
تار ڪري، دل کي تنبورو بنائي، وحدت جي وائي ورجائڻ
لڳا. هندو مت ۾ به واڄي ۽ راڳ جو درجو ڌڻيءَ جي
ٻوليءَ وارو آهي، جنهن کي آءٌ الله ۽ انسان جي اها
گڏيل ٻولي ڪوٺيندس، جنهن ۾ ازل واري ڏينهن رب روحن
سان ڳالهايو هوندو.
ڌرتيءَ مٿان ٻي ڪا به اهڙي سڀ کان هڪ – ڪَري وڻيل
ٻولي ڪانه آهي. آواز يا سُرَ جون هيٺ – مٿانهيون،
گهَڙ – گهٽ ۽ تڪ – تور ته پوءِ ڪلاڪار ڪندا ئي
رهيا، پر هڪ مسلسل سُريلي آواز ۾ (جيڪو موسيقيءَ
جي سڌريل ۽ فني تڪ – تور تي ٺهڪيل ڦهڪيل ڪونهي) به
وڏو جادو جَڙيل آهي – جيئن ڪنهن ڪنواريءَ جي چنڊ
جِي، مٺڙي، پرڀات ويلي واري ’گهون – گهون‘! پکين
جي لات، برسات جي ڦڙ ڦڙ، هير جي هٿڙن سان پنن ۽
ٽارن جي کڙ کڙ، دل کي ڇو بهار بهار ڪندي آهي؟ ان ۾
ڪهڙي لفاظي لڪل ۽ شاعري ڇپيل آهي؟ ڪهڙي ٻوليءَ جا
مهراڻي ماڻڪ منجهس ڀريل آهن؟ ڪجهه به نه! ڪا به
سڌريل ۽ انساني ڪاريگريءَ جي اوزارن سان گهڙيل
ٺهيل، سينگاريل سنواريل ٻولي ڪانهي. بس، هڪڙو سُرَ
آهي نه! چارڻ جي چنگ ۾ ڪا به شاعري ڪا نه هئي،
سکڻو سُر ئي سُر هو – موسيقيءَ جي ڏات سان ڏبيءَ
ڪنيءَ ڀريل سُر، جنهن تي راءِ ڏياچ جو سر گهورجي
ويو. پکي پکڻ، ماڻهو ڇيڻهوءَ ۽ جيت جڻيي تي هيڏو
سارو اثر وجهندڙ جادو نه ڪو امرالقيس جي اگهاڙيءَ
شاعريءَ ۾ آهي، نه خيام جي شرابي رباعين ۾، نه
شيڪسپيئر جي ملڪوتي ڪردارن ۾، نه گوئٽي جي
فلسييانه ٻولن ۾، ۽ نه غالب جي غزلن ۾. ڀٽ ڌڻيءَ
جا بيت ايترو مٿانهان، سدا جيئرا، رس ڀريا ۽
ملوڪڻا ڇو آهن؟ ڇو ته انهن جي اڏاوت موسيقيءَ جي
پڪيءَ پختيءَ پيڙهه تي ڪيل آهي. منجهس سُر سٽيل ۽
راڳ رليل آهي. شاهه جي رسالي ۾ وک وک تي اکر اکر ۾
سُرَ جو سڳ ملي ٿو. هڪ سُريلي ۽ سوز ڀرئي آواز سان
ڳايل بيت، دلين کي ڪيئن ونگن ۾ وڪوڙيو ڇڏي! پر
شاعريءَ کي هيڏي اندورني اُڌمي اُٿارڻ جي سگهه،
گهڻيءَ گهڙت ۽ پالش کان پوءِ به شايد نصيب ڪانه
ٿئي . . . .
ديو مالائي ڪهاڻين ۾ موسيقيءَ جو درجو ’اِلاهي
آواز‘ جو آهي. سري ڪرشن جي بنسريءَ جا آلاپ، يا
پاروتيءَ جو شِو جي بين تي ناچ ڪرڻ، اسراري
آکاڻيون آهن. هيءُ ڪو شاعراڻو جادو ڪونه هو، پر
سُر جي سَٽَ ۽ سڏ هو، جنهن سِرَ نوائي ڇڏيا.
مان پنهنجي روءِ سوءِ يا پنهنجن خيالن جي ئي آڌار
تي نه، پر گهَريءَ سوچ ۽ گهڻي ويچار بعد هيءَ راءِ
رکان ٿو ته سکڻي شاعري ڪيڏي به اُچي ۽ وڏائيءَ
يَري (Great)
ڇو نه هجي، پر اها ’ڪتابي سوکڙي‘ رڳو ٿورن پڙهيل
ماڻهن ۽ اُڏوهيءَ جي ڪم اچي سگهي ٿي. هونئن به
دنيا جا سڀ واکاڻيل شاعر رڳو راڳين جي واتان ڳائجي
وڄائجي ئي سڃاپرا، سدا جيئرا ۽ جڳ – مشهور ٿي
سگهيا آهن؛ پر ڪو به وڏو راڳي، اڄ تائين، ٺلهو
ڪنهن شاعر جو آڌار وٺي مٿي نه چڙهيو آهي. شاعري هڪ
بي ساهو بوتو آهي، ۽ موسيقي ان جو ساهه‘ موسيقي
شاعريءَ کان الڳ به سڀ ڪجهه آهي، ۽ شاعري موسيقيءَ
کان سواءَ مُئل مُٺل، موڙهل ۽ منجهيل، ٻُسي ۽ ٻُٽي
پيئي لڳندي. سچي ۽ اُچي موسيقي جهنگن جهرن جي فطري
وايو منڊل ۾ ڄائي ۽ نپني، وڌي ۽ ويجهي، ۽ پوءِ
شهرن يا محلن ۾ کُرَ کوڙيائين؛ پر ڦوڙهه لفظن ۽
اُچن ويچارن واري پارسيءَ ڄائي شاعري، محلن جي
مغرور ماحول ۾ جنم وٺي، شهرن سان نينهن لائي، جهنگ
جهانگين ۽ جهپين کي وساريندي، ۽ مٿن سڌيءَ يا
اڻسڌيءَ طرح ٺٺول ڪندي رهي. شاعريءَ خيالي ڪوٽ
اَڏيا، ته ڪڏهن گستاخين جي گپ ۾ انسان کي ڪيرايو؛
ڪڏهن انسانيت کي ڀاڱن ۽ طبقن ۾ ورهائي، ڪوڙ ۽
ڪيني، فرق ۽ ڦڏي کي هوا ڏيئي مچايو: پر موسيقي
پنهنجي ازلي ڪارج جي پورائيءَ لاءِ پنهنجيون سڀ
قوتون سجايون ڪندي رهي؛ سدائين انساني روح کي پاڪن
پاڪ، اڇي اجري، دياوان ۽ معصوم رکڻ جي ڪم ۾ رڌل
رهي. شاعري هميشه موسيقيءَ جي وسيلي زوال مان ڪمال
تي چڙهندي ۽ جيرن ۾ نانءُ ڳائيندي آئي آهي. پري نه
وڃي، اتي ئي کڻي پنهنجي سنڌي شاعريءَ کي اٿلائي
پٿلائي ڏسو. ان وچولي وقت جي شاعريءَ کي ڏسو، جا
موسيقيءَ کان منهن – مَٽ ڪرڻ واري زماني جي ڄاول
آهي. ڀٽ ڌڻيءَ کان وٺي اڄ تائين، هيڏي ساري وقت ۾،
اسان ڪهڙا سچ پچ اوچا ۽ سدا حيات شاعر پيدا ڪيا
آهن؟ حجاب ڇڏي، هانوَ تي هٿ رکي، پنهنجي اندر کان
پڇبو ته جواب ملندو – ’ڳاڻ ڳڻيا‘. ان جو اصل ڪارڻ
آهي، - موسيقيءَ کان اسان جي شاعريءَ جي جدائي!
- (اقتباس: ”مهراڻ“ نمبر 2، سال 1961، ص 189-192)
شمشيرالحيدري
نظم
هن هر گهڙيءَ بدلجندڙ دنيا ۾ ڪا به ڳالهه يقيني
ڪانه آهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه يقيني آهي ته اها فقط
هيءَ ته زندگيءَ ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جو عمل ڪڏهن
به بند نه ٿيندو. جيڪي اڄ آهي، سو سڀاڻي نه رهندو؛
۽ جيڪي ڪلهه هو، سو اڄ عدم پيدا آهي. ائين ئي
ٿيندو آيو آهي، ائين ئي ٿيڻو آهي. انسان جي سماجي
زندگيءَ جي اها ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي. پر
زندگيءَ جي اندروني اٿل پٿل جو اهو سلسلو ايترو ته
ڳوڙهو ۽ ڳتيل آهي، جو ان ۾ ڪنهن به تبديليءَ جو
اوچتو نظر اچڻ محال آهي. وري ارتقا جي درجي بدرجي
عمل ۾ اچڻ سبب، ڪنهن به وقت جي سماج ۾، معاشي يا
سياسي نظام ۾ ته يڪايڪ ڪو انقلاب آڻي سگهجي ٿو، پر
تهذيبي ۽ تمدني قدرن کي هڪدم بدلائڻ ناممڪن آهي.
انهن قدرن جي تبديليءَ جي رفتار سست هوندي آهي، ۽
ڪڏهن ته اها محسوس به ڪانه ٿيندي آهي.
ادب جي دنيا ۾ به، زندگيءَ جي تهذيبي ۽ تمدني قدرن
سان بنيادي وابستگيءَ سبب، هر ڪا تبديلي درجي
بدرجي ۽ آهستگيءَ سان عمل ۾ آئي آهي، جنهن مطابق
بيان ۽ اظهار جا مختلف طريقا، موضوع ۽ نظريا، وقت
جي گهرج پٽاندر ادب ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن. پر نڪو
اهي اوچتو هوا مان خودبخود پَر گهٽ ٿين ٿا، ۽ نه
وري انهن کان اڳ جي ادبي ڪارنامن جا نشان ئي بنهه
ميسارجي وڃن ٿا – بلڪ هر ڪنهن جديد قدر جو پايو
پنهنجي قديم قدم تي استوار ٿيندو آهي.
سنڌي شاعريءَ جي عظيم الشان صنف، نظم، جيتوڻيڪ
پنهنجي ته موجوده وصف جي لحاظ کان ويهين صديءَ ۾
مغربي ادب جي اثر جي پيدائش آهي، پر ان کان گهڻو
اڳ ڪي اهڙيون صنفون نظر اچن ٿيون، جن مان ڪن ۾ نظم
جي هاڻوڪيءَ صنف جي موضوع جا ۽ ڪن ۾ هيئت جا اهڃاڻ
ملن ٿا.
بيتن ۽ ڪافين واري بنيادي دؤر کان پوءِ، موزون
ڪلام جي روايتي دؤر جتي سنڌي شاعريءَ کي نون
موضوعن، لفظن ۽ استعارن سان مالامال ڪيو، اتي غزل
سان گڏ اظهار ۽ بيان جا ڪي اهڙا سانچا به مهيا
ڪيا، جن نظم جي نون تجربن لاءِ وسيلي جو ڪم ڏنو.
غزل انهيءَ دؤر جي سڀ کان مقبول ۽ غالب صنف رهي
آهي، پر ڇاڪاڻ ته ان جون فني گنجائشون زياده تر
شاعر جي غمِ جانان يا اندروني ڪيفيتن ۽ ذاتي ردعمل
تائين محدود هيون، ۽ پڻ ان ۾ مسلسل بيانيءَ جي
وسعت ڪانه هئي، تنهنڪري ٻاهرين حقيقتن جي اظهار
لاءِ مثنوي، قصيدي، مرثيي، سمدس، مخمس، مسمط،
ترڪيب بند، ترجيح بند، قطعي وغيره جي صنفن ۾ طبع
آزمائي ڪئي ويئي.
هيئت جي لحاظ کان اهي سڀ ان وقت جي نظم جون صورتون
آهن، جن مان ڪن کي موضوع جي خصوصيت سبب ڌار ڌار
نالا ڏنا ويا آهن، ته ڪن کي مصراعن جي تعداد موجب
الڳ الڳ فني نالن سان سڏيو ويو آهي. ان دؤر جي
اڪثر شاعرن جي غزلن ۾ به اندروني ربط ۽ تسلسل
موجود آهي، ۽ موضوع جي لحاظ کان به اهي غزل جي
داخلي عموميت کان هٽيل آهن، تنهنڪري انهن مان نظم
جو انداز بکي ٿو. جنهن کي اسان هينئر ’نظم‘ چئون
ٿا، سو پنهنجين خصوصيتن جي ڪري هڪ الڳ صنف آهي.
سنڌيءَ جي روايتي شاعريءَ واري دؤر ۾ ارڙهين صديءَ
ڌاري مرثيا، جنگناما، ۽ هجويه ۾ نظم لکيا ويا، ۽
مرثيا مسد مخمس ۽ مربع ۾ آهن. مرثين ۾ سيرت نگاري،
واقع نگاري ۽ منظر نگاري آهي، جن ۾ نظم جي هيئت ۽
موضوع ٻنهي جا چٽا اشارا موجود آهن. ميان سرفراز
جي مشهور مدح پڻ ساڳئي دؤر ۾ نظم جي جهلڪ پَسائي
ٿي. اهو دؤر مير حسن علي خان ٽالپر جي ’سنڌ جي
شاهنامي‘ کان پوءِ، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
تائين شاعرن قائم رکيو.
وڏيءَ جنگ، خلافت تحريڪ ۽ ان کان پوءِ آزاديءَ جي
هلچل ۽ ورهاڱي سان نظم جي خوب پرورش ٿي، ۽ نون
موضوعن ۽ هيئت جي نون تجربن سان گڏ ادائگيءَ جي
طرز ۾ به ڦيرو آيو.
نظم جي جديد خصوصيتن جي مطالعي ڪندي معلوم ٿيندو
ته اها صنف هاڻي فقط مسلسل بيانيءَ جو نالو نه رهي
آهي. ’بيان‘ جي تسلسل جي جاءِ تي، ’خيال‘ جو تسلسل
نظم جي ضرورت بنجي ويو آهي. هينئر به اهڙا نظم
لکيا وڃن ٿا، جن جي هيئت غزل جي آهي پر خيال جي
تڪرار سان تاثر پيدا ڪيو وڃي ٿو. اهڙن نظمن مان ڪو
به شعر ڪڍي ڇڏجي ته نظم تي هوند ڪو به اثر نه پوي.
دراصل نظم ۾ خيال جي تڪرار جي بجاٰءِ ’خيال‘ جي
ارتقا هئڻ گهرجي. نظم جي بنيادي وصف ان جي اندروني
اڏاوت آهي. هر نظم ڄڻ ته هڪ عمارت جي مثال وانگر
آهي، جنهن ۾ ڪا به هڪ سر، پنهنجي سر، ڪا الڳ حيثيت
نٿي رکي.
نظم ۾ ڪنهن به هڪڙيءَ مصرع، شعر يا بند کي پنهنجي
علحده اهميت ڪانهي، بلڪ سمورين مصراعن جي ميلاپ
سان هڪڙي جامع ۽ مڪمل شڪل پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو
مجموعي تاثر ئي نظم جي اصل وصل آهي. ٻين لفظن ۾
ائين چئجي ته تاثر جي وحدت نظم لاءِ بنيادي ضرورت
آهي. غزل ۾ فڪر ۽ خيال جا الڳ الڳ ننڍا ٽڪرا آهن،
پر نظم ۾ فڪر ۽ خيال جو مسلسل پرواز آهي. جديد نظم
۾ وحدت جو جيڪو تصوّر آهي، سو ان کان قطعي مختلف
آهي، جيڪو مثنويءَ يا قصيدي وغيره ۾ هوندو آهي.
مجنون گورکپوريءَ جي لفظن ۾ نظم صحيح معنيٰ ۾ اهو
آهي، جنهن ۾ خيال جي ارتقا هجي: ابتدا، وچ ۽ عروج
هجي: ان جو هر ڪو جز اهڙيءَ طرح ڪل ۾ سمائجي وڃي،
جو ڪٿي به جهول نظر نه اچي ۽ اهو هر طرح مڪمل هجي.
غزل ۾ به جيستائين شعر جي هڪڙي مصراع، ٻيءَ مصراع
سان جڪڙيل نه هوندي آهي، تيستائين اهو شعر چڱو نه
چئبو آهي ۽ ان مان تڪميل جو احساس نه ٿيندو آهي.
نظم ۾ ان جي ضرورت تهان وڌيڪ آهي. ان جي هر ڪا سِٽ
۽ هر ڪو بند، هڪ ٻئي سان ائين اندروني ربط رکن ٿا،
جو انهن جي ترتيب کي جڏهن بدلائي نه سگهجي، تڏهن
ئي ان ۾ نظم جي تعمير مڪمل ٿئي ٿي. ان جي پهرينءَ
سٽ پڙهڻ سان، ائين محسوس ٿيڻ کپي، ڄڻ ڪا ويڙهيل
شئي کولي پئي وڃي. پهرئين شعر پڙهڻ کان پوءِ، ٻئي
شعر پڙهڻ سان پهريون شعر ته ذهن ۾ رهي، پر ٻيو ذهن
کي اڳتي وڌائي.
اڳئين دؤر جي ڀيٽ ۾ غزل بدران، نظم هن دؤر جي
مقبول، اهم ۽ غالب صنف آهي. ان ۾ اڃا به نوان
تجربا جاري آهن. پابند، بنا قافيي ۽ آزاد نظم،
سانيٽ، مختصر نظم – مڙني ۾ اڄ جا شاعر طبع آزمائي
ڪن ٿا.
]”سوکڙي“- سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن 63-1964ع.[
غلام محمد ”گرامي“
غزل
اسان جي ادب ۾ ’غزل‘ جي حيثيت ۽ اهميت فني خيال
کان وڏو مقام حاصل ڪري چڪي آهي. جي ناقد ’غزل‘ کي
ٻاهرين ۽ ڌارين صنف سخن قرار ڏيئي چڪا آهن، انهن
جو چوڻ به درست آهي. پر هو ڌاري ۽ ٻاهرين چيز جو
ڌاريو هئڻ، في نفسہ، دليل ٿي نٿو سگهي ته اها مضر
۽ غير مفيد آهي ۽ رد ڪرڻ جي قابل آهي. علمي دنيا
جون سرحدون، زماني ۽ مڪاني حدبندين کان ذرا وسيع
رقبي تي مشتمل ٿين ٿيون. البت ائين چئي سگهجي ٿو
ته غزل جو ماحول، فارسي ۽ اردو ماحول سان وابسته
آهي، جو اسان وٽ موجود ناهي؛ پر ان جي تلافي ائين
به ڪري سگهجي ٿي ته اسان غزل ۾ پنهنجي ماحول جي
عڪاسي ڪريون. پنهنجي ٻوليءَ جي محاورن ۽ اصطلاحن
سان غزل کي مالامال ڪريون، هروڀرو گل ۽ بلبل، زلف
۽ ابروءَ جي پابندي ته ڪانه آهي. ان ڏس ۾ اسان وٽ
ڪيترا اهڙا تجربا به ٿي چڪا آهن جو غزل هن ماحول
جو ترجمان ٿي چڪو آهي، ۽ اها هڪ فني ڪاميابي آهي.
هن دؤر جي غزليات ۾ ڪيئي اهڙا نوادرات لڀي سگهن
ٿا، جن کي ’سنڌي غزل‘ چئي سگهجي ٿو، جي عربي،
فارسي ۽ اردو اثرات کان گهڻي حد تائين بچي سگهيا
آهن. ٻيو ته اگر غزل کي هن وقت رد ڪري ڇڏي ڏبو ته
پوءِ هڪ صديءَ جي ان ذخيري تان به هٿ ڌوئڻو پوندو،
جو اسان وٽ ذري گهٽ ڪلاسيڪي حيثيت حاصل ڪري چڪو
آهي. ان قسم جو فيصلو، هر حال ۾ اسان جي ادب لاءِ
جذباتي به چئبو ۽ هاڃيڪار به.
فني خيال کان، غزل جي هيئت ۽ اسلوب متعلق، ڪن
ناقدن ڪجهه فني اعتراض به ڪيا آهن. خود غالب به
غزل جي اختصار پسنديءَ ۽ اشاريت متعلق شڪايت ڪئي
آهي، جنهن کي پنهنجي وسعت بيان جي سلسلي ۾
”تنگنائي غزل“ کي ناڪافي چوڻو پيو. ان کان پوءِ
حالي چيو ته ”هي بي وقت جي راڳڻي آهي“، ۽ حاليءَ
کان وٺي، تاحال غزل متعلق ايترو ته تنقيدي مواد
پيدا ٿيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن گڏ ڪجي ته هوند دفتر
ٿي وڃن.
مزو اهو آهي ته تنقيد جو ايترو تيز ۽ تلخ انداز،
ان سلسلي ۾ فقط هڪ ئي رخ ثابت ٿيو. مينائي غزل ۾
مئي ته اها ئي رهي، باقي جهيڙو فقط لفظن تائين
محدود رهجي ويو.
تنقيد جو هڪ انداز اهو به ٿي سگهيو ٿي، جنهن ۾ غزل
متعلق، هڪ صنف جي حيثيت سان بحث ڪيو وڃي ها ۽
ڏِسجي ها ته اصناف سخن ۾ ان جي ڪهڙي حيثيت آهي.
غزل بنجي ڪيئن ٿو؛ غزل گو شاعر، ڪهڙن فني ۽
جذباتي، فڪري ۽ لساني مرحلن مان گذري، غزل کي مڪمل
ڪري سگهي ٿو. ان تجربي ڪندي، ڪهڙين فني ۽ علمي
مشڪلاتن سان منهن ڏئي ٿو. شاعر ۾ پيدا ٿيل جذبو،
گفتار جو روپ ڪئين ٿو وٺي؟ بهرحال هن طرح هيئت کان
موضوع ڏانهن تنقيد جي رخ کي ڦيرڻ تي هروڀرو هيئت
پرستيءَ جو الزام رکڻ به درست ناهي. ڇالاءِ ته
تحقيق ۽ جستجو جي دائري ۾، خالص علمي ۽ سائنسي
انداز اهوئي ٿي سگهي ٿو، ته هر عملي ڇنڊڇاڻ ۽ فني
تحقيق کي مباديات کان شروع ڪجي، ۽ پوءِ وچ جي سڀني
مرحلن کي جاچي جوچي ڏسجي، ان طرح فن جي انتهائي
ڪڙيءَ تي پهچي وڃجي.
|