سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :7

پر هندي شاعر محبوب جي چهري کي گلاب سان تشبيہ ڏيندي بيان جي ان کان به وڌيڪ نزاڪت اختيار ڪري ٿو ۽ مبالغي کي وڌيڪ شاعرانه ۽ فني طور زياده اثرائتي نموني ۾ بيان ڪري ٿو،

بَرن بار سُڪمارتا سڀ بِدَهَرِي سَماِ،

پنکڙي تگي گلاب ڪي گال نه جاني جاءِ.

سڳنڌ، رنگ ۾ محبوب جي چمڙي گلاب جي مثال آهي انهيءَ ڪري گلاب جي گل جو پن ان جي ڳل تي لڳل اصل نظر نه ايندو آهي، محبوب جو چهرو نزاڪت، نرمي رنگ ۽ بوءِ ۾ اصل گلاب جهڙو آهي ۽ ان ۾ ايتريقدر ته تازگي آهي جو جيڪڏهن گلاب جي گل جو هڪ پن کڻي ان جي ڳل تي نه رکبو ته ٻنهي جو رنگ اهڙو ته ملي ويندو جو ڪو محسوس ئي نه ڪري سگهندو ته ڳل تي ڪو گلاب جي گل جو پن لڳل آهي، ڇو جو رنگ، نرمائش نزاڪت ۽ بوءِ ۾ ٻيئي هڪجهڙا آهن – هندي شاعريءَ ۾ محبوب جي جسم جو بيان اهڙن ته نون نمونن ۾ ڪيو ويو آهي، جو ڪنهن ٻيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ان جو مثال گهٽ ملي سگهندو. هڪڙي شاعر جو بيت آهي:

ڪَنچَن تَن گهَن بَرنَ بَر رهيو رنگ مِل رنگ،

جاني جات سباس سُون ڪيسرَ لائي انگ.

محبوب جي سونهري جسم سان ان جو رنگ ملي ويو آهي اگر سڳنڌ نه هجي ها ته ڪنهن کي پتو نه پوي ها ته هن ڪيسر جسم تي مَلي آهي.

محبوبه جو رنگ ڪيسر جهڙو آهي. ڏسڻ ۾ سونهري ٿو لڳي ۽ هي رنگ محبوبه لاءِ مخصوص آهي. هندي شاعريءَ ۾ جيتري ساراهه انهيءَ رنگ جي ملي ٿي، ڪنهن ٻئي رنگ جي گهٽ هوندي. سونهري رنگ واري محبوبه کي ڪيسر واري اُٻٽڻ سان مَليو ويو آهي. اهو اٻٽڻ محبوبه جي رنگ کي ڪيسر ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ ڏسڻ وارن کي ڏسڻ شرط معلوم ٿي ويندو آهي ته ڪيسر جو اٻٽڻ لڳايو ويو آهي. پر محبوب جو رنگ ڪيسري آهي، انهيءَ ڪري ڪو به ڏسڻ شرط معلوم نٿو ڪري سگهي – ڇو ته ڪيسر ۽ محبوبه جي جسم جو رنگ ملي هڪ ٿي ويو آهي. البت ڪيسر جي خوشبوءِ کان معلوم ٿي وڃي ٿو ته محبوبه کي ڪيسر جو اٻٽڻ ڪيو ويو آهي. هيءَ ته هئي ڪيسر واري رنگ جي ڳالهه، هاڻي محبوبه جي ڳوري رنگ جي لطافت جي بيان ۾ مبالغي جو حسن ڏسو. شاعري چوي ٿو:

جوُنِي جُنہ ۾ مِل گَئِي ليڪ نه هوت لکاءِ،

سُونڌي ڪي ڊوري لگِي آلِي چَلي سَنگ جاءِ.

چنڊ جي روشنيءَ ۾ ان جو رنگ ملي ويو آهي. نظر نٿي اچي. ساهيڙي ان جي جسم جي خوشبوءِ جي ڏوريءَ سان ٻڌل آهي، پٺيان هلندي پئي وڃي.

محبوبه جي جسم جو رنگ ايترو ته اڇو ۽ لطيف آهي جو هوءَ جڏهن چانڊوڪيءَ رات ۾ اڇا ڪپڙا پائي ٻاهر نڪرندي آهي ته ان جو رنگ چانڊوڪيءَ ۾ ملي ويندو آهي ۽ هوءَ ڏسڻ ۾ ئي نه ايندي آهي. شاعر ان حقيقت کي به ڄاڻي ٿو ته محبوبه ڪڏهن به پنهنجي ساهيڙيءَ کان سواءِ ڪٿي به نه ويندي آهي. شاعر چانڊوڪيءَ ۾ ساهيڙيءَ کي ڏسي سمجهي ويندو آهي ته هن سان گڏ محبوبه به هوندي پر هن کي عجب ٿو لڳي ته ساهيڙي ان کي ڏسڻ کان سواءِ گڏ ڪيئن پئي وڃي. پر يڪدم خيال ٿو اچيس ته هوءَ ضرور محبوبه جي جسم جي خوشبوءَ جي ڌاڳي سان ٻڌل آهي، نه ته بنان ڏسڻ جي، هن سان گڏ هلڻ ممڪن ئي نه آهي. اهو آهي چانڊوڪيءَ رات جو منظر. هاڻي ساڳئي محبوبه کي جهُڙاليءَ رات جي اونداهيءَ ۾ به ڏسي شاعر چوي ٿو:

اُٺ ٺَڪ ٺَڪ ايتو ڪَها ڀاوس ڪي اَڀسار،

جاني پَريگي ديکيو، دامن گهَن آندِ يار.

محبوبه اُٿ! سياري جي اونداهي رات ۾ خوف ڪهڙو آهي، ڏسڻ وارا سمجهندا ته آسمان جي ڪا کنوڻ کنوي آهي.

عاشق محبوبه سان اونداهيءَ رات ۾ ملڻ ٿو گهري، پر هوءَ ماڻهن جي ڏسڻ جي خيال کان ڊڄي انڪار ڪري ٿي. شاعر جواب ڏئي ٿو ته تون اونداهي رات ۾ نڪري اچ، توکي ڪير به ڏسي نه سگهندو، پر جي اتفاق سان ڪنهن جي نظر پئجي ويئي ته به تنهنجو جسم چمڪندڙ آهي ۽ ماڻهوءَ جو خيال توڏي نه ويندو، بلڪ هو سمجهندو ته وڄ چمڪي رهي آهي.

محبوبه جي ڳوري رنگ جو بيان اهڙي نموني ۾ ٻي ڪهڙيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ملندو؟ وڄ سان محبوبه جي انهيءَ تشبيہ مون کي به مشهور دوها ياد ڏياريا آهن، سي پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه آهن:

ڪَت ديکائي ڪامنِي دئي دامني ڪونج ٻانهن،

ٿَرٿرات سي تَن پري ڦرڦِرات گهَن مانهن.

شايد هن ڪامني کنوڻ کي پنهنجي ٻانهن ڏيکاري آهي. انهيءَ ڪري ته ان جي جسم ۾ لرزو آهي ۽ هوءَ ڪڪرن ۾ ئي پاڻ کي لڪائي ٿي.

ڳوري رنگ جي محبوبه جي تعريف انهيءَ کان وڌيڪ ڇا ٿي سگهي ٿي، جو ان کي ڪو وڄ سان تشبيہ ڏئي. پر هن دوهي ۾ تشبيہ نهايت شاعراڻي نموني ۾ ڏني ويئي آهي. شاعر چوي ٿو ته ڪڪرن ۾ ايتري ته بيقراريءَ مان لڪي لڪي ائين گهمندي آهي، جيئن محبوبه هن کي پنهنجون ٻانهون ڏيکاريون آهن، جنهن جو رنگ هنن کان به وڌيڪ چمڪندڙ آهي ۽ انهيءَ سبب هوءَ شڪ ۾ شرم کان بيقرار ٿي پاڻ کي لڪائيندي پيئي هلي. ساڳئي شاعر جو محبوبه جي ٻانهن متعلق هڪڙو ٻيو به دوهو آهي:

ڪَرَ اُچال خمهائي تي ڌاري بُج بَهه ڀاءِ،

مالو دُوئي چَپلا چمڪ گِري ڀُوم پر آءِ.

محبوبه پنهنجا ٻيئي هٿ ڪَرُ ڀڃڻ مهل آسمان ڏانهن اُڀا ڪري زمين ڏانهن آندا آهن. ائين ٿو لڳي ته آسمان کان ٻه کنوڻيون زمين تي ڪِريون آهن.

هن شعر ۾ محبوبه جي آرس ڀڃڻ جو بيان آهي. شاعر چوي ٿو ته ڪر موڙڻ وقت محبوبه جڏهن پنهنجون ٻانهون آسمان طرفان اُڀريون ڪري وري زمين ڏانهن ٿي موٽائي، تڏهن ڏسڻ وارن کي ائين ٿو لڳي ته آسمان کان وڄون يڪدم اچي زمين تي ڪِريون آهن. اهڙي نموني ۾ ڪر ڀڃڻ جي تمثيل ڪنهن ٻيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ مشڪل سان ئي ملندي.

ڳالهه محبوبه جي رنگ جي بيان کان ٿوري ڦري ويئي آهي. انهيءَ ڪري وري رنگ جي بيان بابت اوهان کي هڪ هندي شاعر جا ٻه دوها ٻڌائي هندي شاعرن جي نازڪ خياليءَ جا نادر نمونا پيش ڪريان ٿو:

رهن انگيان نيل ڪي رَت ۾ ڦٽي رَتيڪ،

مَنو ڪسوتئي هيم پر ڌئي هيم ڪي ليڪ.

نيري رنگ جي انگي ڪٿان ڪٿان ٿوري ڦاٽي پئي آهي. ان جو جسم ائين ٿو لڳي جيئن ڪسوٽيءَ تي ڪنهن سون جون ليڪون ڪڍيون آهن. محبوبه جي جسم جو رنگ سونهري آهي ۽ هُن نيري رنگ جي انگي پاتي آهي. هَٿ کَس ۾ ان جي انگي ڪنهن ڪنهن هنڌان ذري ذري ڦاٽي پئي آهي ۽ نيري انگي منجهان هن جو سونهري جسم، نازڪ نازڪ سونهري ليڪن جيان نظر پيو اچي. شاعر چوي ٿو ته محبوبه جو سونهري جسم نيري انگي مان ليڪن جي صورت ۾ ائين ڏسجي پيو، جيئن ڪسوٽيءَ تي ڪو سون جون ليڪون ڪڍي ويو آهي. تشبيہ جي حسن ۽ ندرت ان دوهي کي هندي شاعريءَ جو اعليٰ نمونو بنائي ڇڏيو آهي. ساڳئي شاعر جو ساڳئي مضمون جو هڪ ٻيو دوهو به ٻڌڻ جهڙو آهي. چوي ٿو:

هري ڪنچڪي ڪس مس مَسڪِي رَس ڪي هير،

مانو بڪسَت ڪَلِي گلاب ڪي نِڪستَ لَلَت لَڪِير.

سائي رنگ جي انگي هنڌان هنڌان ٿوري ٿوري ڦاٽي پئي آهي. ان مجهان هن جو جسم گلابي ليڪن وانگر ائين ڏسجي ٿو، جيئن ٽِڙڻ مهل سائي پنن مان گل جا پَن نظر ايندا آهن. مضمون بلڪل پهرئين دوهي جو آهي، فرق رڳو ايترو آهي جو محبوبه جي جسم جو رنگ گلابي آهي. شاعر چوي ٿو ته محبوبه جو گلابي جسم ان جي سائي انگي ۾ گلابي ليڪن جي صورت ۾ ائين نظر ٿو اچي، جيئن گلاب جي مکڙيءَ جي ٽِڙڻ مهل ساون پڇنن مان گلاب جي گل جا پن ڪن ڪن هنڌان نازڪ نازڪ ليڪن جي صورت ۾ نظر ايندا آهن. انهن مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته هندي شاعريءَ ۾ تمثيل کي ڪهڙي ڪامياب نموني ۾ ورتو ويو آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندي شاعرن نازڪ خياليءَ جو ڪهڙو ڪمال ڏيکاريو آهي. محبوبه جي انهيءَ اڇي، سونهري ۽ ڳاڙهي رنگ کي عاشق ايتريقدر عزيز ٿو رکي جو انهيءَ کي زماني جي نگاهن کان لڪائڻ ٿو چاهي. سڀ کان محفوظ جاءِ ته ان جون پنهنجون اکيون آهن، پر محبوب کي اکين ۾ لڪائڻ کان ڊڄي ٿو ۽ سوچي ٿو ته متان ان جي شفاف ۽ نازڪ رنگ تي خراب اثر پوي.

پي مُورت ميري سدا راکَتَ ڌرگنَ بَساءِ،

ڊَر پَت گوري ديهه يهه مت سَنوِري هو جاءِ.

محبوبه جي صورت پنهنجي دل ۾ سدائين لاءِ رکجي، پر منهنجي دل ڊڄي ٿي ته پُتيلن جو رنگ ڪارو آهي، متان محبوب جو رنگ سانورو ٿي پوي.

عاشق محبوب کي اکين ۾ جاءِ ڏيندي ڊپ ٿو محسوس ڪري، ڇو ته اکين ۾ ڪارو رنگ هوندو آهي، متان ان جو اڇو رنگ اکين ۾ رهڻ سبب سانورو ٿي پوي پر جنهن محبوبه کي اهڙي نموني ۾ محفوظ رکڻ گهري ٿو تنهن جي عشق ۽ جدائيءَ جي ياد ۾ سڙي ان جو ڇا حال ٿي ويندو آهي، اهو به هڪڙي شاعر پنهنجي دوهي ۾ ٻڌايو آهي.

پِي سون ڪَهو سنديسوا هي ڀؤنرا هي ڪاگ،

سَوڌَنَ برهي جر مُڱِي جيهّڪ ڌَوان هم لاگ.

اي ڀؤنرا ۽ ڪانگ! محبوبه کي منهنجو نياپو ڏيو ته برهه جي ماري تنهنجي عشق جي باهه ۾ ٻري ويئي ۽ ان جي دونهين اسان کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.

عشق ۽ جدائي به عجيب شئي آهي – نڪي حسن حسن ۽ جوانيءَ کي ڇڏيندي آهي، نڪي ناز ۽ غمزي جو خيال ٿي ڪري. محبوبه عشق جي باهه ۾ پيئي ٻري ۽ کامي، ۽ ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ڀؤنر ۽ ڪانگ کي پنهنجي حال جو شاهد ڪري انهن جي وسيلي عاشق ڏانهن آخري سنيهو موڪلي ٿي. چوي ٿي ته اي ڀؤنر ۽ ڪانگ! وڃي منهنجي محبوب کي هي آخري پيغام ڏي ته ويچاري تنهنجي عشق جي باهه ۾ سڙي ختم ٿي ويئي ۽ ان جي ٻرڻ مهل جيڪو دونهون پيدا ٿيو، تنهن منهنجو رنگ ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.

اهو انهيءَ محبوبه جو انجام آهي جنهن جي حسن ۽ رنگ کي هندي شاعر نايڪاڀيد ۽ نون رسن ۽ سورهن سينگارن ۽ ٻارهن اڀرنن سان سينگاري سهڻو ڪندا آهن ۽ پوءِ ان جي سراپا کي الڪ درپن ۾ ڏسندا ۽ ڏيکاريندا آهن. مبالغي جو هيءُ پر اثر انداز هندي شاعريءَ سان مخصوص آهي، جو ڪنهن ٻي شاعريءَ ۾ مشڪل سان ئي ملي سگهندو.

سنڌي سينگار جي شاعري، سنگار رسي جي هن شاعريءَ کان ڪيتري حد تائين متاثر آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جو ان جي مقابلي ۾ ڇا درجو آهي، انهيءَ جو فيصلو ڪرڻ ادب ۽ روايت ادب جي وڏن پارکن جو ڪم آهي. اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته سنڌ جي سينگار واري شاعريءَ جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي؟

هيٺيون خصوصيتون سنڌي خواه هندي شاعريءَ ۾ يڪسان موجود آهن:

(1) اول ته هنن ٻولين جي شاعريءَ ۾ محبت جو رشتو فقط مرد ۽ عورت تائين محدود آهي. امرد پرستي، جا پوئين دؤر جي عربي شاعري ۽ فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي، انهيءَ جي نج سنڌي ۽ هندي شاعريءَ ۾ پوءِ به ڪانهي.

(2) ٻي نهايت دلڪش ۽ لطيف خصوصيت هيءَ آهي ته سنڌي خواه هندي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ مجازي معشوق عورت آهي، مگر جذبات ۽ احساسات جي خيال کان عورت ئي حقيقي عاشق آهي. بمصداق ”عشق اول در دلِ معشوق پيدا سي شود“. انهيءَ ڪري محبت جي دنيا ۾ عاشقانه خطاب هميشه عورتن جي طرفان آهي: هنديءَ جي افسانن ۾ به عورت عاشق بنجي پنهنجي محبوب جي تلاش ڪري ٿي ته سنڌي افسانن ۾ پڻ سسئي، مومل، سهڻي ۽ ليلان عاشق بنجي پنهون، راڻي، ميهار ۽ چنيسر کي ڳولين ۽ ڳائين ٿيون. هيءُ هڪ نهايت نازڪ نقطو آهي،جنهن تي تمدني، معاشري ۽ نفسياتي نگاهن کان ڪافي روشني وجهي سگهجي ٿي، مگر ان لاءِ هت گنجائش ڪانهي. هت فقط ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته هيءَ ڪيفيت سنڌي توڙي هندي شاعريءَ جو روح آهي، ۽ انهيءَ ڪري اعليٰ سنڌي خواه هندي شاعر پنهنجي عاشقانه جذبات کي عورت جي زبان سان ادا ڪيو آهي. سنڌ وارن جو ته ڄڻ هي يقيني نظريو آهي ته نفسياتي طور عورت ئي محبت جي عملبردار آهي. شاهه صاحب چوي ٿو ته ”هلون ته پسون سهڻي جا ڪري ڄاڻي نينهن.“ انهيءَ ڪري ئي نج سنڌي شاعريءَ جي بيت خواه ڪافيءَ ۾، هر شاعر پنهنجي عاشقانه احساسات ۽ جذبات کي ضمير مونث ۾ ادا ڪيو آهي.

(3) ٽيون ته سنڌي توڙي هندي زبان جو، ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ شهري تمدن جي ڀيٽ ۾، ملڪ جي سرزمين ۽ ملڪ جي فطري ماحول سان ايترو ته گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي، جو انهن ٻولين جي لفظي ۽ اصطلاحي سٽا توڙي نفسياتي ڪيفيت، بلڪل ساده مگر نهايت نازڪ جذبات ۽ احساسات جي اظهار ۾ وڏي واهر ڪن ٿيون. عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي شاعرن اڪثر پرتڪلف تشبيهن ۽ استعارن ذريعي پنهنجي ڪلام کي موثر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مگر سنڌي ۽ هنديءَ جي شاعرن پنهنجي روزمره جي سادي زبان ۾ ئي ڄڻ خالص انساني احساسات جو روح پيش ڪري ڇڏيو آهي.

(4) چوٿون ته زبان جي نرميءَ سان گڏ سنڌي ۽ هندي خِطن وارن باشندن جي طبعي نرمي ۽ سندن خالص محبت ۽ وفا شعاريءَ جي جذبي به سنڌي ۽ هندي شاعريءَ کي هڪ خاص رنگ ڏنو آهي. محبوب جي عظمت ۽ عزت هنن وٽ مسلم آهي؛ محبوب سان خطاب ڇا، پر پيغام موڪلڻ وقت به نياز ۽ نئڙت سندن عشق جو اصلي شيوه آهي؛ ۽ محبوب طرفان هر تاب، عتاب، سختي ۽ شوخي کي نه فقط سهڻ پر ان کي سهڻو سمجهڻ ۽ ساراهڻ وٽن فرض عين آهي.

- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“

(”مهراڻ سيارو 1955ع)

3 – ڪلاسيڪي شاعري

1. قديم سنڌي شاعري       - شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

2. سورٺا ۽ دوها       - الياس عشقي

3. وائي                        - مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“

4. وائي                        - غلام محمّد ”گرامي“

”سڀڪنهن قوم جو علم ادب (ساهت) پهريائين پهريائين شعر سان شروع ٿيو آهي. اوائلي حالت ۾ انسانن جا جذبا ۽ شعور صحيح ۽ صاف رهن ٿا. جيئن سُرندي جي تارن کي ٿوري ئي ڇُهڻ سان سُرود نڪرندو آهي، تيئن سالم دل تي ٿوري ئي جهِٻيي اچڻ سان عظيم اثر ٿئي ٿو. قدرت جي من موهيندڙ نظارن پَسڻ ڪري جا قلب ۾ رقت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي، تنهن جي اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب وسيلو آهي. شعر سان گڏ وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي. جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل سخن دل تي اثر ڪن ٿا، تنهن صورت ۾ شعر – جو پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي – تنهن جو اثر دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ابتدائي حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل بنياد مذهب آهي. قدرت جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن، انهن جي خاطر ۽ رضامنديءَ لاءِ ڳيت ڳايا ۽ ڪم ڪريائون بجا آندائون . . . “

- شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو مرحوم

سنڌي شاعري

”سڀڪنهن قوم جو علم ادب (ساهت) پهريائين پهريائين شعر سان شروع ٿيو آهي. اوائلي حالت ۾ انسانن جا جذبا ۽ شعور صحيح ۽ صاف رهن ٿا. جيئن سُرندي جي تارن کي ٿوري ئي ڇُهڻ سان سُرود نڪرندو آهي، تيئن سالم دل تي ٿوري ئي جهِٻيي اچڻ سان عظيم اثر ٿئي ٿو. قدرت جي من موهيندڙ نظارن پَسڻ ڪري جا قلب ۾ رقت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي، تنهن جي اظهار ڪرڻ لاءِ شعر ئي هڪ مناسب وسيلو آهي. شعر سان گڏ وزن ۽ قافيي جي شموليت ڪري، ان مان دل جي رقص ۽ راڳ جي مدعا پوري ٿئي ٿي. جنهن صورت ۾ دل مان نڪتل سخن دل تي اثر ڪن ٿا، تنهن صورت ۾ شعر – جو پڻ دل جي پيدائش ۽ اندر جي آه آهي – تنهن جو اثر دل تي گهڻو ۽ گهاٽو ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ابتدائي حالت ۾ نثر کان اڳ نظم وجود ۾ آيو. شعر جو اصل بنياد مذهب آهي. قدرت جي غيبي طاقتن ڀر ڊڄي، ڀورڙن، انهن جي خاطر ۽ رضامنديءَ لاءِ ڳيت ڳايا ۽ ڪم ڪريائون بجا آندائون . . . “

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com