گذارش
”مهراڻ“ جي ”شاعر نمبر“ (1-2/1969ع) جي افاديت ۽ تاريخي اهميت
کي اڳيان رکي، فني خيال کان اهو ضروري ۽ مناسب
نظرآيو ته خود ”شعر و شاعري“ جي فن تي به ڪو جامع
۽ معلومات افزا نمبر شايع ڪيو وڃي. هيءُ پرچو
(3-4/1969ع) ان تقاضا جي تڪميل جي سلسلي ۾ اُميد
ته ”شاعر نمبر“ وانگر پسند ڪيو ويندو. ٻيءَ حالت ۾
هيءُ پرچو گويا ”مهراڻ“ جي ”شاعر نمبر“ لاءِ هڪ
علمي مقدمي جي به حيثيت رکي ٿو، جنهن جي مطالعہ
ڪرڻ سان شعر و شاعريءَ جي فني حيثيت ۽ اُن سان گڏ
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ فني تعريف، ۽ سنڌي
شاعريءَ ۾ مروج اصناف سخن – بيت، دوهي، ڪافي،
وائي، گيت، لوڪ گيت، نظم، آزاد نظم، غزل، قطعي،
رباعي، مثنوي – وغيره – تي جامع فني شاهڪار به چئي
سگهجي ٿو.
هن علمي مقدمي ۾، سڀ کان وڌيڪ سنڌي عالمن ۽ شاعرن
جي علمي مقالن مان نهايت معياري ۽ چونڊ اقتباس گڏ
ڪيا ويا آهن، ۽ انهن کان علاوه ڪي نوان مضمون به
ڏنل آهن. ان طرح ٻه- ٽي ترجما پڻ درج ڪيا ويا آهن.
اسان جي سنڌي ادب ۾ حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي
مرحوم، علامه شمس العلماء دائودپوٽه مرحوم، شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ آنجهاني ڊاڪٽر
گربخشاڻي جهڙن شهرت يافته عالمن جي تاليفات کي
تحقيق ۽ فن جي خيال سان بنيادي ۽ تاريخي حيثيت
حاصل آهي. هن دؤر جي زنده محققن ۽ عالمن، اديبن ۽
شاعرن ۾ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب
الموليٰ“، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جناب شيخ
محمد ابراهيم ”خليل“، جناب ڊاڪٽر اسدالله شاهه
”بيخود“ حسيني، جناب الياس عشقي ۽ محترم اجمل بيگ
مرزا جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن کي وڏي اهميت حاصل اهي،
جن جا شاهڪار خيالات پيش ڪيا ويا آهن.
ان سلسلي ۾ جديد دؤر جي صاحب فڪر عالمن ۽ فنڪارن ۾
محترم شيخ اياز، محترم محمد ابراهيم جويي، تنوير
عباسي، شمشيرالحيدري، ذوالفقار راشدي ۽ شيخ
عبدالرزاق ”راز“ جي فني ۽ علمي ڇنڊ ڇاڻ کي جديد
ادب ۾ بنيادي ۽ تاريخي حيثيت حاصل آهي.
هن پرچي ۾، سنڌ جي چيده محققن ۽ عالمن جي تاليفات
مان شاهڪار اقتباس پيش ڪندي، اداري پاران جا محنت
۽ مشقت ڪئي ويئي آهي، اها اميد ته سنڌ جي ادبي
تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکندي – ڇا لاءِ
ته هن کان اڳ هن قسم جو جامع ۽ علمي مقدمو نه لکيو
ويو آهي.
هن پرچي جي افاديت ۽ اهيمت جو ٻيو پهلو اهو به آهي
ته هي جامع علمي ۽ شاهڪار هڪ طرف قادرالڪلام شاعرن
۽ اديبن، محققن ۽ مورخن ۽ سنڌي شاعريءَ جي فن ۽
تاريخ سان دلچسپي رکندڙ صاحب ذواق بزرگن لاءِ
مطالعہ جي قابل آهي، ته ٻئي طرف ڪاليجن ۾ تعليم
حاصل ڪندڙ بي. اي. ايم.اي. جي شاگردن لاءِ هڪ مرتب
علمي ۽ فني ڪتاب جي حيثيت پڻ رکي ٿو، جنهن ۾ سنڌي
شاعري ۽ ان جي قديم ۽ جديد اصناف سخن تي علمي ۽
تاريخي تحريرن کي جمع ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي.
هن پرچي جي افاديت ۽ اهميت جو ٽيون پهلو اهو آهي ته هن
جديد دؤر ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم کان
وٺي اڄ تائين، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۽ سنڌي اصناف
سخن جي فني تعريف ۾، جديد ۽ قديم محققن ۽ ناقدن جي
انهن سڀني تحريرن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي،
جي تحريرون سوَن ڪتابن ۽ رسالن ۾ منتشر آهن – جن
مان ڪيترا ڪتاب ۽رسالا ته بلڪل ناياب ٿي چڪا آهن.
ان سلسلي ۾ اگر ڪو محقق ۽ مورخ، عالم ۽ ناقد يا ڪو شاگرد، سنڌي شاعريءَ تي
ڪجهه مطالعہ ڪرڻ گهرندو، يا ڪو علمي مقالو لکندو
ته پوءِ لامحاله هيءُ شاهڪار کين سوَن ڪتابن ۽
رسالن جي جمع ڪر۽ مطالعہ ڪرڻ جي دقت پسندانه
انتخاب کان بچائي سگهندو. ان حيثيت سان به هيءُ
پرچو سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو.
هن پرچي ۾ باذوق محققن ۽ علم جي متلاشي شاگردن لاءِ
سوَن ڪتابن ۽ رسالن جي ورق گرداني ڪري ”تت ۽ سَت“
ڪڍيو ويو آهي. ڇو ته اگر اهي سڀ تحريرون شايع ڪجن
ها ته پوءِ هڪ ضخيم نمبر به پورو پئجي نه سگهي ها،
۽ هزارها صفحن تي مشتمل ڪو ڪتاب بنجي سگهي ها. ان
خيال کي اڳيان رکي، مختلف مقالن مان چيده ۽ خاص
علمي ۽ فني اقتباس ڏنا ويا آهن، ۽ طول طويل حوالن
۽ مثالن پيش ڪندي شعرن جو انتخاب نه ڏنو ويو آهي؛
اهي شعر هر صاحب ذوق حوالي ڏنل رسالن ۽ ڪتابن ۾
پڙهي سگهي ٿو.
هن پرچي ۾ مواد جي ترتيب هن طرح پيش ڪئي ويئي آهي:
(1) شاعري:
ان سلسلي ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي، شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه دائودپوٽي،
ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر حسيني ۽ جويي صاحب جي تحريرن
مان اقتباس ڏنل آهن. ان عنوان جي مطالعہ کان پوءِ
”شاعريءَ“ متعلق ڪيئي علمي ۽ فني پهلو اڳيان اچن
ٿا، ۽ پڙهندڙ اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته شاعري
ڇا آهي؟ ان جي حيثيت ڇا آهي؟ ان جو مقصد ڪهڙو آهي؟
انسان ۽ ان جي جذبات ۽ احساسات سان ان جو ڪهڙو
تعلق آهي؟
(2) عام سنڌي شاعري:
ان عنوان هيٺ ڊاڪٽر بلوچ ۽ الياس عشقي جي محققانه
تحريرن مان عام سنڌي شاعريءَ جي فن ۽ مزاج، هيئت ۽
اسلوب تي بحث ڪيل آهي. ان عنوان جي مطالعہ کان
پوءِ ”عام سنڌي شاعريءَ“ جو ڪو به پهلو تشنه محسوس
نه ٿيندو. ٻيئي مقالا نهايت دلڪش ۽ روح پرور انداز
۾ لکيل آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا عام سنڌي شاعريءَ
جي فني تعريف ڪئي آهي، اها تعريف جي لائق آهي.
(3) ڪافي ۽ ان جو فن:
ان عنوان ۾ ”ڪافيءَ“ جي فن تي حضرت مخدوم محمد زمان صاحب
”طالب الموليٰ“ جي فني ۽ علمي، تحقيقي ۽ عالمانه
تحريرن جا اقتباس ڏنا ويا آهن. سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ان قسم جي فني ڪاوش نڪا اڳ پيش ڪئي ويئي آهي، ۽
نه ڪو ان کان پوءِ ئي ڪنهن اهل قلم ”ڪافيءَ“ جهڙي
سنگلاخ زمين تي قدم رکيو آهي. حضرت مخدوم صاحب جن
”ڪافيءَ“ جي هر فني پهلوءَ تي هڪ عظيم شاعر ۽
مشهور ڪافي گو صاحبِ فن جي حيثيت سان بحث ڪيو آهي.
ظاهر آهي ته ”ڪافيءَ“ تي اُهو ئي عالم ۽ محقق بحث
ڪري سگهي ٿو جو نه فقط ’شاعر‘ هجي، پر ان سان گڏ
’ڪافي گو شاعر‘ به هجي، ۽ جڏهن ته ”ڪافي“ ڳائڻ جي
چيز آهي، ان ڪري ان تي لکندڙ راڳ جو ڄاڻوُ به هجي،
۽ خاص طرح سان ”ڪافيءَ“ جي راڳداريءَ کان به واقف
هجي. لهٰذا هر خيال سان حضرت مخدوم صاحب جن هن
موضوع کي نباهي سگهيا آهن. ”مهراڻ“ اهڙين سڀني
تحريرن کي جمع ڪري سنڌي ادب جي تاريخ ۾ عظيم اضافو
ڪيو آهي. آخر ۾ ايڊيٽر ”مهراڻ“ جو هڪ مختصر اقتباس
پڻ ڏنو ويو آهي، جو ”ڪافيءَ“ جي موضوع تي دعوتِ
فڪر آهي.
(4) موزون شاعري: سنڌي ادب جي ڪلاسيڪي اصناف کان پوءِ تاريخي طور موزون عروضي
شاعريءَ جو دؤر اڳيان اچي ٿو. ان عنوان ۾ ”موزون ۽
غير موزون شاعري“- حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“، ”شاعريءَ جو فن“- شيخ محمد ابراهيم
”خليل“، ”شاعري ۽ موسيقيءَ جو ميل“- ”ذوالفقار“
راشدي جا اقتباس ڏنل آهن؛ ۽ ان جي تڪميل طور،
”نظم“- شمشيرالحيدري، ”غزل“- ايڊيٽر ’مهراڻ‘، ”غزل
جي فني حيثيت“- ڊاڪٽر وزير آغا، ”رباعيءَ جي فني
حيثيت ۽ قطعه“- شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ۽
”رباعي“- اجمل بيگ مرزا جا اقتباس ڏنا ويا آهن.
ظاهر آهي ته اسان جي شاعريءَ ۾ غزل کي نظم کان به
وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان ڪري ’غزل‘ تي اقتباس ڪجهه
تفصيل سان ڏنا ويا آهن، ڇا لاءِ ته سنڌي ادب ۾
’غزل‘ تي ڪا به معياري ۽ مفصل چيز اڄ تائين نه لکي
ويئي آهي. هي باب اميد ته ان جي تلافي پڻ ڪندو.
هن ئي باب ۾ شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ صاحب جو ’رباعيءَ جي فني
حيثيت ۽ قطعي‘ تي مضمون ڏنل آهي، جو تازو لکيل آهي
۽ اڻڇپيل آهي. ان ۾ خليل صاحب، رباعيءَ جي تاريخ ۽
فني تعريف جي هر پهلوءَ تي بحث ڪيو آهي، ۽ ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر فرمان فتحپوريءَ سان ڪيل خط و ڪتابت
کي به آندو آهي، جنهن صاحب ’رباعيءَ‘ جي فن تي
ڊاڪٽريٽ پڻ ڪئي آهي. ’خليل‘ صاحب جي اها خط و
ڪتابت، اصل ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم جي
رباعين جي مجموعي ”موتين جي دٻلي“ (سنڌي ادبي
بورڊ) تي لکيل ان تحرير جي سلسلي ۾ آهي، جا تعارف
طور محترم اجمل بيگ مرزا جي لکيل آهي. اهو تنقيدي
سلسلو ڪجهه وقت اڳ اخبارن ۾ به اچي چڪو آهي.
’خليل‘ صاحب جي اها تحرير ڪنهن به تبصري ۽ محاڪمي
کان سواءِ درج ڪئي ويئي آهي. اگر ڪو صاحب ان متعلق
علمي ۽ فني بحث ڪندو ته پوءِ ان جو شايع ڪرڻ
’مهراڻ‘ لاءِ اخلاقي فرض ٿيندو، بشرطيڪ تحرير علم
۽ فن جي حد اندر هوندي ۽ اجايو ذاتيات متعلق ڪا به
ڇيڙڇاڙ نه ڪيل هوندي.
(5) رزميه شاعري:
”رزميه شاعري“ پڻ اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ مستقل
باب جي حيثيت سان متعارف آهي. اسان وٽ ڪي جنگ ناما
ترجمو ٿيل موجود آهن ته ڪي اصليت تي مبني مثنويون
آهن. ڪي ڇپيل آهن ته ڪي اڻڇپيل آهن. انهيءَ عنوان
تي شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ ۽ شمشيرالحيدريءَ جي
تحريرن ۽ اقتباسن تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي، جن جي
مطالعہ سان رزميه شاعريءَ جي فني حيثيت کان ڪافي
واقفيت پيدا ٿي سگهندي.
(6) لوڪ گيت:
ان کان پوءِ ”لوڪ گيت“ جي فني تعريف تي جناب ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي تحريرن مان اقتباس پيش ڪيا ويا آهن.
ظاهر آهي ته لوڪ گيت جي فن تي هن وقت ڊاڪٽر صاحب
جن سَنَد جي حيثيت رکن ٿا. ان سلسلي ۾ سندن ڪيئي
ڪتاب ’بورڊ‘ پاران شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي تحريرن ۽ اقتباسن کان پوءِ ”لوڪ گيت“ جي
فني حيثيت متعلق ڪا به فني تشنگي محسوس نه ٿيندي.
(7) جديد ادب: هن شاهڪار نمبر جي آخر ۾ ”جديد ادب“ تي بحث آندل آهي. ’جديد
ادب‘ جي فني تعريف ۽ زندگيءَ سان ان جي تعلقات
متعلق ڪافي غلط فهميون پيدا ٿيل آهن. ’جديد ادب‘
کي عام طرح سان اشتراڪيت ۽ ڪميونزم سان منسوب ڪيو
وڃي ٿو، جو محض بهتان آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي مايه
ناز شاعرن- شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ شيخ عبدالرزاق
’راز‘ جا فڪر انگيز بحث ۽ حوالا نهايت عمدگيءَ سان
جديد ادب جي ترجماني ڪن ٿا. انهن جي مطالعہ ڪرڻ
سان ’جديد ادب‘ جي فڪري ۽ انقلابي حيثيت متعلق نه
فقط فني ۽ تاريخي معلومات حاصل ٿئي ٿي، پر ان سان
گڏ ’جديد ادب‘ متعلق ڪيترن غلط فهمين جو ازالو پڻ
ٿئي ٿو.
”اياز“، جديد ادب جي فڪر انگيز حيثيت کي بيان
ڪندي، ان جي ماخذات ۽ سرچشمن، ’انسانيت، حيات ۽
ڪائنات‘ جي باهمي تعلقات تي روشني وڌي آهي. تنوير
عباسيءَ، سنڌي جديد ادب جي انفرادي خصوصيتن کي
بيان ڪري ٻڌايو آهي ته ’جديد سنڌي شاعريءَ‘
ڪلاسيڪي اصناف کي زنده به ڪيو آهي، ۽ ان کي جديد
دؤر جي مقتضيات جي ترجمانيءَ لاءِ قابل ۽ لائق به
بنايو آهي. شيخ عبدالرزاق ”راز“ پنهنجي عالمانه ۽
محققانه بحث ۾ جديد ادب جي تاريخ به بيان ڪئي آهي،
۽ ان جي فني تعريف به ڪئي آهي. خاص طرح سان ”آزاد
نظم“ متعلق سندس بحث هڪ تاريخي ۽ فني چيز آهي، جا
پنهنجي جاءِ تي فڪر انگيزبه آهي ۽ جامع به آهي.
شيخ ”راز“ جي مفصل مقالي مان فقط ’فني تعريف‘ وارا
اقتباس انتخاب ڪيا ويا آهن، ۽ شعرن وارن حوالا نه
ڏنا ويا آهن، ڇالاءِ ته اسان جو مقصد فقط تعريف
تائين محدود آهي. تاهم ان جي سلسلي تسلسل ۽ ربط ۾
ڪا به گهٽتائي نظر نه ايندي. جڏهن ته هن پرچي کي
فقط ’نثر‘ تائين محدود رکيو ويو آهي، تڏهن هن باب
۾ به ائين ڪرڻ تي مجبور رهياسون. چناچه شيخ اياز،
تنوير عباسي ۽ شيخ ’راز‘ جي علمي تحريرن ۾ آيل
شعري حوالا في الحال نه ڏنا ويا آهن. اميد ته اهي
اصل ماخذات ۾ مطالعہ ڪيا ويندا.
(8) غير قافيه شاعري:
آخر ۾ ”غير قافيه شاعريءَ“ تي بحث پيش ڪيل آهي.
اڄڪلهه ’آزاد نظم‘ ۽
’نظم معريٰ‘،
’بلئنڪ وَرس‘ ۽ ’فِري وَرس‘ متعلق ڪافي غلط فهميون
پيدا ٿيل آهن. هن باب ۾ ”غير قافيه شاعريءَ“ جي هر
فني پهلوءَ تي اختلاف ڪندڙ ناقدن ۽ موافقت ڪندڙ
عالمن جون چيده تحريرون ڏيئي، هن علمي مسئلي جا
ٻيئي پاسا پيش ڪيا ويا آهن. هن دؤر جي وڏي نقاد ۽
برصغير هند و پاڪ جي مشهور شاعر جناب ’فراق‘
گورکپوري، ”آزاد نظم“ جي فني ڪوتاهين جي نشاندهي
ڪئي آهي، ۽ ٻئي وڏي شاعر ۽ سخت گير نقاد مرزا ياس
يگانه چنگيزيءَ پڻ نهايت تلخ بيانيءَ کان ڪم وٺي
”غير قافيه شاعريءَ“ سان اختلاف ڪيو آهي ۽ ان جي
هر فني پهلوءَ تي گرفت ڪئي آهي. اهي ٻيئي تحريرون
هن دؤر جي آزاد نظم لکندڙ شاعرن لاءِ توجهه جي
لائق آهن. ممڪن آهي ته انهن جي مطالعہ سان ڪي فني
لغزشون دُور ڪري سگهجن. هونءَ به عاقل لاءِ ”پنہ
بر ديوار“ به ڪارگر ٿي سگهي ٿي. باقي رهيو انهن جو
تلخ ۽ سخت گير لب و لهجو، ان متعلق اسان ڪجهه به
ڪري نٿا سگهون! انهن ٻنهي ناقدن کان سواءِ، هن دؤر
جي وڏي محقق ۽ ناقد، مرحوم ’نياز‘ فتحپوريءَ،
”آزاد نظم“ جي متعلق جا راءِ ڏني آهي، اها راءِ به
”آزاد نظم“ جي خلاف آهي. انهن سڀني تنقيدي ۽
اختلافي تحريرن جي جواب ۾ ايڊيٽر ”مهراڻ“ جي هڪ
تاليف ”آزاد نظم جو فني تجزيو“ مان هڪ باب پيش ڪيو
ويو آهي. ان مضمون ۾ پڻ ڪي تنقيدي اشارا ڪيا ويا
آهن، جي ”آزاد نظم“ سان اتفاق ۽ اختلاف ڪندڙ ٻنهي
گروهن لاءِ ممڪن آهي ته ڪارائتا ثابت ٿين.
بهرحال، هن پرچي کي هر خيال سان جامع ۽ معياري
بنائڻ جي ڪوشش ڪندي وَسان نه گهٽايو ويو آهي. ممڪن
آهي ته اڃا به ڪي نادر تحريرون اهڙيون هجن، جي هن
پرچي ۾ نه اچي سگهيون هجن، ته ان لاءِ معذرت خواه
آهيون.
هن پرچي ۾ فقط ٽي اقتباس اردوءَ جي معياري تحريرن
تان ورتل آهن، جي هي آهن: ”غزل جي فني حيثيت“-
ڊاڪٽر وزير آغا، ”غير قافيه شاعري“- فراق گورکپوري
۽ ”بنا قافيه شاعري“- ياس يگانه چنگيزي. باقي سارو
مواد سنڌي اديبن ۽ محققن جي تحريرن تي مشتمل آهي.
آخر ۾ اها گذارش ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون ته سنڌي
شاعريءَ ۽ اُن جي قديم ۽ جديد اصناف سخن تي
”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو ڪو حرف آخر نٿو تصور ڪري
سگهجي. حالات ۽ زمان جي مقتضيات جي تبدّل ۽ تغيّر
جي ڪري، انسان فڪر و نظر ۾ ڪيئي نِت نوان مسئلا
پيدا ٿيندا رهن ٿا. زندگيءَ ۽ ان جي بنيادي قدرن ۽
معيارن ۾ نوان نوان موڙ پيدا ٿيندا رهن ٿا، انهن
کان ته ’علم‘ ۽ ’فن‘ به بچي نٿا سگهن. ان ڪري ڪيئي
مسئلا ۽ معاملا قدر ۽ معيار اهڙا به آهن، جي ڪلهه
تائين نوان ۽ قابل توجهه هئا، پر اڄ اهي پراڻا ۽
غير افادي چيا وڃن ٿا. سائنسي ۽ فڪري انقلاب وڌندڙ
ترقيءَ ۽ واڌاري جي دؤر ۾، اسان جي شاعري به ممڪن
آهي ته اڳتي هلي ڪي نوان قدر ۽ معيار پيدا ڪري، ۽
اسان جي سوچ ۽ ويچار جي معيارن ۽ اصولن کي به
بدلائي ڇڏي. ان ڪري، اڳتي هلي اهو خيال آهي ته خود
سنڌي شاعريءَ جي جديد دؤر تي، هن دؤر جي زنده ۽
مشهور عالمن ۽ ناقدن کان فني تحريرون حاصل ڪجن،
جيئن اسان جي تنقيدي ادب ۾ تازه ترين خيالات ۽
افاديت پسند تنقيدي رجحانات جي هڪ مربوط تاريخ
بنائي سگهجي. ان ڪري هن پرچي کي ’حرف آخر‘ جي
حيثيت ته ڏيئي نٿي سگهجي.
ان سلسلي ۾ سنڌي ادب جي محققن ۽ عالمن کي گذارش
ڪنداسون ته اهي صاحب، جديد ۽ قديم سنڌي شاعريءَ جي
مختلف مسئلن تي پنهنجي تحقيق ۽ مطالعہ مان جي به
ڪي نوان ۽ افادي پهلو دستياب ڪن، تن کي تحريري
صورت ۾ آڻين؛ جيئن ”مهراڻ“ جي وسيلي اهي شايع ڪري،
هن موضوع لاءِ رهيل مواد جي تلافي ڪري سگهجي، ۽
سنڌي شاعريءَ جي قديم ۽ جديد دؤر جي هر عهد تي
مشتمل فني تعريف تڪميل تي پهچائي سگهجي.
شڪريو
هن پرچي جي علمي ۽ فني مواد جي سهيڙڻ ۽ سموهڻ جي
سلسلي ۾ اداره ”مهراڻ“ ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه
”بيخود“ حسيني، اعزازي سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ
جي جو نهايت شڪر گذار آهي، جنهن جي دلي تعاون سان
هي شاهڪار مواد فني مرحلا طئه ڪري پايهء تڪميل تي
پهتو آهي.
ان طرح نقل ۽ ترتيب جي ڪم ۾ ”مهراڻ“ آفيس جي سرگرم
رڪن مسٽر ”ناشاد“ جو به ادارو ٿورائتو آهي، جنهن
نه فقط طول طويل مقالن مان نشان ڪيل اقتباس نقل
ڪيا، پر ان سان گڏ ڇپائيءَ جي هلندي پروف بينيءَ ۾
به دلي تعاون ڪيو آهي.
ان طرح پرنٽنگ پريس جو انچارج مسٽر الله بچايو
يوسف زئي به شڪريي جو مستحق آهي، جنهن پنهنجي پيش
رو مئنيجر پريس ميان علي بخش احمد زئي جي موڪل تي
وڃڻ تي ”مهراڻ“ جي ڇپائيءَ جي ڪم ڪار ۾ تعاون ڪيو
آهي. ان طرح بورڊ جي پريس جي سڀني محنتي ڪارڪنن جي
مخلصانه تعاون سان هيءُ پرچو تيار ٿي سگهيو آهي.
- غ. م. گ
دؤر ۾، اسان جي شاعري به ممڪن آهي ته اڳتي هلي ڪي
نوان قدر ۽ معيار پيدا ڪري، ۽ اسان جي سوچ ۽ ويچار
جي معيارن ۽ اصولن کي به بدلائي ڇڏي. ان ڪري، اڳتي
هلي اهو خيال آهي ته خود سنڌي شاعريءَ جي جديد دؤر
تي، هن دؤر جي زنده ۽ مشهور عالمن ۽ ناقدن کان فني
تحريرون حاصل ڪجن، جيئن اسان جي تنقيدي ادب ۾ تازه
ترين خيالات ۽ افاديت پسند تنقيدي رجحانات جي هڪ
مربوط تاريخ بنائي سگهجي. ان ڪري هن پرچي کي ’حرف
آخر‘ جي حيثيت ته ڏيئي نٿي سگهجي.
ان سلسلي ۾ سنڌي ادب جي محققن ۽ عالمن کي گذارش
ڪنداسون ته اهي صاحب، جديد ۽ قديم سنڌي شاعريءَ جي
مختلف مسئلن تي پنهنجي تحقيق ۽ مطالعہ مان جي به
ڪي نوان ۽ افادي پهلو دستياب ڪن، تن کي تحريري
صورت ۾ آڻين؛ جيئن ”مهراڻ“ جي وسيلي اهي شايع ڪري،
هن موضوع لاءِ رهيل مواد جي تلافي ڪري سگهجي، ۽
سنڌي شاعريءَ جي قديم ۽ جديد دؤر جي هر عهد تي
مشتمل فني تعريف تڪميل تي پهچائي سگهجي.
شڪريو |