سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :9

 ان کان پوءِ مخدوم ابوالحسن بن محمد بن عبدالھادي سنڌي آھي، جنھن ’صحاح سته‘ جي مشھور ڇھن ئي حديث جي ڪتابن جا عربيءَ ۾ شرح لکيا. جن کي اڄ تائين، محدث ۽ عالم ساھ سان سانڍيون ٿا اچن. جن مان بخاريءَ جو شرح ۽ نسائيءَ جو شرح، مصر ۽ ھندستان ۾ ڇپيل آھن.

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي.

ھن نالي سان ٻه بزرگ سنڌ ۾ ٿي گذريا آھن. انھن بزرگن عربيءَ ۾ ڪيئي بلند پايه جا ڪتاب لکيا آھن، جن مان ھڪ ڪتاب ’رفع الفريه و الم بالامين عن احڪام العين والدين‘، نھايت اعلي درجي جو آھي. ھڪ نسخو پير صاحب جھنڊي واري جي ڪتبخاني ۾ آھي. ٻيو حيدرآباد (سنڌ) جي مولوي عبدالرؤف صاحب بختياپوري مرحوم (الھداد چنڊ) وٽ ھو.

ٻارھين صدي .

مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي: ٻارھين صدي ھجريءَ ۾ مخدوم ھاشم ٺٽويءَ جھڙو ’علامه زمان‘ آھي، جنھن تي سنڌ کي ناز آھي. مخدوم صاحب جن جا ڏيڍ سؤ ڪتاب موجود آھن، جي عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل آھن. پر سندس ڪتابن جو وڏو تعداد عربيءَ ۾ آھي. سندس ڪتاب، مختلف علوم ۽ فنون تي مشتمل آھن. مثلاً: ادب، تاريخ، فقه، تصوف، علم ڪلام، تفسير، نقد حديث وغيره.

مخدوم عبداللطيف ٺٽوي.

ھي بزرگ، محمد ھاشم ٺٽويءَ جو فرزند آھي ۽ پنھنجي دؤر جي وڏن عالمن ۾ سندس شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس تصنيفات مان ”ذب الذبابات، اللدراسات“ (عربيءَ ۾) مشھور آھي، جو علامه معين ٺٽويءَ جي ڪتاب، ’دراسات اللبيب‘ جي در ۾ لکيو ويو ھو. اھي ٻئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، شايع ڪيا آھن.

علامه مخدوم ملا معين ٺٽوي.

ھي بزرگ، شاھ ولي الله محدث دھلويءَ جو شاگرد ۽ وڏو عالم ھو. ھي علامه زمان، مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو استاد به ھو ۽ مدمقابل به ھو. سندس حديث جو ڪتاب، ’دراسات اللبيب‘ وڏو بلند مرتبي ڪتاب آھي. سندس ٻين ڪتابن مان ”قرته العين في البڪاء علي الحسين“ مشھور آھي. ياد رھي ته ھي بزرگ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جو دوست ۽ صحبتي ھو. ’لطيف‘ وٽس تمام گهڻو ايندو ويندو ھو. ملامعين وصيت ڪئي ھئي ته سندس جنازي جي نماز شاھ لطيف ڀٽائي پڙھندو. واقعي ٿيو به ائين.

حاجي فقير الله علوي (شڪارپوري)

ھي بزرگ به ساڳئي وقت جو آھي. سندس تصنيفات مان، ’مڪتوبات‘ ۽ ’قطب الارشاد‘ ڇپيل آھن.

عابد سنڌي.

ھي بزرگ فقه ۽ حديث جو بحر بيڪنار ھو، ۽ سلطان الاولياء مخدوم محمد زمان رحه لواري واري جو مريد ھو. سندس ساري تصنيفات لواري شريف جي ڪتبخاني ۾ موجود آھي. سڀني کان مشھور ڪتاب، فقه حنفيءَ جي ڪتاب ”الدارالمختيار“ جوشرح ”طوالع الانوار“ قابل ذڪر آھي، جو چئن وڏن جلدن تي مشتمل آھي. جنھن ۾ فقه حنفيءَ جو ھر مسئلو قرآن ۽ حديث مان ثابت ڪيو اٿس. افسوس جو اڄ ڪي اڄاڻ، فقه حنفيءَ کي قرآن ۽ حديث جي مخالف سمجھي رھيا آھن. انھن کي ھي ڪتاب ضرور ڏسڻ گهرجي. ھن شرح جو ھڪ نسخو مديني منوره ۾ آھي ۽ ٻيو نسخو لواريءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آھي .

ابوالفضل ۽ فيضي.

مولانا حڪيم فتح سيوھاڻيءَ مرحوم جي تحقيق موجب، ’دربار اڪبريءَ‘ جا ھي ٻه ھيرا سنڌي ھئا. علامه فيضيءَ جو بنا نقطن جي تفسير ”سواطع الالھام“ اگر تفسيري لحاظ کان گهٽ معيار جو آھي، تاھم عربي ادب جي لحاظ سان ھڪ بيمثال شاھڪار آھي، جنھن جو جوڙ جيس، اڄ تائين دنيا ۾ پيدا ٿي نه سگهيو آھي. اھو ڪتاب، تازو ملڪ جي مشھور عالم ۽ اديب، مسٽر ممتاز حسن، نيشنل بئنڪ پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ رکايو آھي. اھو به معلوم ٿيو آھي ته ان جي ڇپائيءَ جو انتظام، به نيشنل بئنڪ پاڪستان جي پاران ٿي رھيو آھي.

ان سلسلي جو ٻيو ڪتاب، جو به نقطن کان سواءِ آھي، سو اخلاقي طرز جو آھي. ان جو ھڪ نسخو، ٽنڊي سائينداد جي سر ھندي بزرگن مان، حضرت حافظ حڪيم پير محمد ھاشم جان سرھندي، مدظله العالي وٽ موجود آھي.

     ان طرح ابوالفضل جو ’آئين اڪبري‘، قانون ۽ ان جي نفاد جي مسئلن تي، بين الاقوامي شھرت رکي ٿو. ھي به پنھنجي دؤر جو جامع العلوم شخصيت جو مالڪ ھو. ھو ساڳئي وقت تي عالم ، اديب، شاعر، انشاپرداز، وزير ۽ منتظم ھو. سندس ’انشائه ابوالفضل‘ سندس ادبي مطالع جو شاھڪار آھي.

مخدوم عبدالواحد سيوستاني.

سيوھڻ جو هي معتبر عالم، ”نعمان ثاني“ جي لقب کان مشھور آھي. ھي بزرگ پنھنجي دؤر جو وڏو ’فقيه‘ ھو. سندس ”بياض واحدي“ اسلامي دنيا ۾ مستند ۽ مشھور ڪتاب آھي. سندس پھريون حصو، مولوي محمد قاسم ڳڙھي ياسين واري ڇپايو ھو. ’بياض واحدي‘ جو اصل ڪتاب، گهڻن ھنڌن تي موجود آھي.

مخدوم عبدالرحيم گروھڙوي .

مخدوم صاحب، پڻ ھن ميدان جو شھسوار ھو. سندس ڪتاب ’فتح الفضل‘، ۽ ’ابيات سنڌي‘ جو شرح مشھور آھن. جن مان ابيات سنڌيءَ جو سنڌي ترجمو شمس العلماء علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ڪيو آھي، جو ڇپيل آھي. ھي بزرگ، لواري وارن بزرگن جو مريد ھو. پنھنجي دؤر ۾ فقيه، حديث، تفسير، تصوف ۽ طريقت ۾ يگانه روزگار ھو.

اڄڪلھه ھڪ پيشنگوئي جا سندن نالي تي چئي وڃي ٿي، سا غلط آھي. اھا خلافت واري زماني ۾ مولوي احمد علي مجذوب، ڍوري ناري واري جي تاليف آھي، ۽ گهڻو پوءِ جي چيز آھي.

ٻيا بزرگ.

ان سلسلي ۾ ٻيا به ڪيئي سنڌي عالم ۽ بزرگ آھن، جن جا نالا ۽ ڪارناما، تاريخ ۾ محفوظ آھن. جن جا ديني ڪتاب موجود آھن، انھن بزرگن مان، مخدوم محمد عثمان متعلوي، مخدوم ضياء الدين ٺٽوي، مخدوم عبدالله، قاضي عبدالرحمان، مفتي محمد مقيم ٺٽوي، مخدوم حامد اگهمي، مخدوم سائينڏنو نصرپوري، مخدوم دين محمد بوبڪائي، مخدوم محمد عارف سيوستاني، مخدوم محمد ٽپٽائي، جا نالا ۽ ڪارناما سج وانگر روشن آھن. انھن بزرگن جي ساري ديني تصنيفات، ديني علوم، فقه، حديث، تفسير ۽ تصوف تي مشتمل آھي. افسوس آھي ته انھن بزرگن جا مخطوطا اڃا تائين منتشر آھن. ايڪڙ _ ٻيڪڙُ ڪنھن ھڪ_ اڌ نسخي جو ڏس پتو، ڪٿي نه ڪٿي ملي وڃي ٿو. ڪھڙو نه چڱو ٿئي جو انھن بزرگن جا سڀ مخطوطا، ھڪ ھنڌ جمع به ڪيا وڃن، ۽ انھن کي جديد رنگ ۾ ايڊٽ ڪرائي، ڇپايو به وڃي.

مخاديم کھڙا.

مٿين بزرگن کان سواِءِ ڪي اھڙا خاندان به سنڌ ۾ موجود آھن، جن ۾ ديني ۽ عربي علوم ۽ فنون، پشت بپشت، ورثي طور ھلندا آيا آھن. ان کان سواءِ، وقت جي حاڪمن طرفان قضا ۽ فتوا جي عھدي تي به رھندا آيا آھن. انھن مان کھڙن جي مخدومن جو خاندان مشھور آھي. اھو خاندان ٽين صدي ھجريءَ ۾ ديني تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو. ان زماني کان وٺي ميرن جي زماني تائين قضا، فتوا ۽ تبليغ دين جا فرائض ادا ڪندا آيا آھن.

    ھن خاندان جي بزرگن ۽ سندن ديني خدمات جو مفصل ذڪر، فارسي ڪتاب ”تذڪره مخاديم کھڙا“ ۾ موجود آھي، جو مون وٽ به موجود آھي.

    ھن خاندان جي ڪتبخاني ۾ عجيب غريب ڪتاب ھوندا ھئا. ھن ڪتبخاني ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جو عربي زبان ۾ شرح به موجود ھو. ان طرح مخدوم عبدالخالق جو بياض ’معدن المسائل ‘ فقه، حديث، تفسير، تصوف، اخلاق وغيره تي ڪافي ۽ شافي، تحقيقي مجموعو آھي.

ان سلسلي جو ٻيو مشھور ڪتاب ”منتخب الجامع الصغير“ نالي فن حديث ۾ موجود آھي. مخدوم عبدالخالق رحه جو فرزند مخدوم محمد عاقل به ھڪ جيد عالم ۽ بينظير مورخ ھو. سندس تصنيفان فارسيءَ ۾ آھي. فقط ھڪ ڪتاب ”معدن اسرارالمسائل“ سو عربيءَ ۾ آھي، جنھن ۾ فقه ۽ حديث جا مسائل نھايت وضاحت سان بيان ڪيا اٿس.

مخدوم محمد عثمان ڊڀري وارو . ھيءُ بزرگ، حضرت سعد بن وقاص رضي الله تعالي عنه فاتح ايران جي اولاد مان ھو. سنڌ جو مشھور مورخ ۽ شاعر، مير معصوم بکري سندس شاگرد ھو.

مطلب ته تيرھين صديءَ ھجريءَ تائين سنڌ ۾ وڏا وڏا عالم ۽ فاضل موجود ھئا، جن جا ڪارناما اڄ تائين زندھ ۽ نمايان رھندا اچن ٿا.

مولانا غلام صديق شھداد ڪوٽي . علامه مولانا غلام صديق رحه جھڙي مشھور اھل الله، عالم ۽ بزرگ کي ھرڪو ڄاڻي سڃاڻي. سندس ھڪ بياض ’جنگ‘نالي ادبي ۽ ديني مسئلن ۾ عجيب محققانه چيز آھي.

چوڏھين صديءَ جا سنڌي علماء

چوڏھين صديءَ جي شروع ۾ به سنڌ ۾ ڪيئي يگانه روزگار بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آھن، جن جا ڪتاب ۽ بياض اڄ ڪتبخانن جي زينت بنيل آھن. چوڏھين صديءَ جي بزرگن جا غير مطبوع بياض ۽ ڪتاب به ايترا ٿيندا، جو ھڪ مستقل ڪتبخانو قائم ٿي سگهي ٿو. انھن ڪتابن جي اشاعت سان ھوند، ھن دؤر ۾ پيدا ٿيل ڪيترن علمي ۽ ديني مونجھارن جو سدباب ٿي وڃي . الله ڪنھن کي توفيق ڏئي ته پوءِ ھيءَ خدمت علمي دنيا ۾ امر ۽ جاودان رھندي.

مير علي نوازعلوي. ھي فاضل ويگانه بزرگ، علوي خاندان جو مشھور حڪيم ۽ شاعر، عربي زبان جو ماھر ۽ فاضل به چوڏھين صديءَ جي شروع ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪتبخاني ۾ بيش بھا علمي، ۽ ادبي، ديني ۽ تاريخي ذخيرو رھندو آيو آھي. اڄ اھو ڪتبخانو ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آھي. سندس مشھور ڪتابن ۾ ’ڪليات علوي‘ آھي. ان کان سواءِ، ”الصارم المسلول، عليٰ منڪر علم غيب الرسول“ ھڪ علمي يادگار آھي. ”ڪليات علوي“ سندس زندگيءَ ۾ ڇپيو ھو.

ٽنڊي سائينداد جا بزرگ. سرھندي بزرگن جي تصنيفات وتاليفات جو پايو به بلند آھي.سڀني بزرگن جي ديني تصنيفات، تفسير، حديث، تصوف ۽ فقه تي مشتمل آھي، ان کان سواءِ، اڪثر بزرگ شعر وشاعريءَ سان به شغف رکن ٿا. خواجه عبدالرحمان جان سرھندي کان وٺي حضرت خواجه حسن جان سرھندي رحه تائين سڀ صاحب تصنيف آھن. حضرت خواجه حسن جان سرھندي جاڪتاب، ’طريقته النجات‘، ’اصول اربع‘ (فارسي) ۽ ’تصحيح العقائد‘ مشھور ڪتاب آھن، جن جو اردو ترجمو خواجه ھاشم جان سرھندي جي ڪوشش سان شايع ٿيو آھي. انھن بزرگن جو ڪتبخانو به ديني ۽ تاريخي ڪتابن تي مشتمل آھي. ان سلسلي ۾ ’مخطوطات‘ جو به وڏو ذخيرو سندن ڪتبخاني ۾ موجود آھي.

علامه عبدالغفور ھمايوني. نھايت بي انصافي ٿيندي جيڪڏھن ھتي علامه عبدالغفور ھمايوني رحه جو ذڪر خير نه ڪجي. ھيءُ ئي بزرگ آھي، جنھن کي جيڪڏھن ”خاتم المتاخرين“ چئجي ته بجا آھي. ھن بزرگ جا ٻه علمي يادگار اسان جي ھٿن ۾ آھن. ھڪ ”فتاواي ھمايوني“، جا سندن حياتيءَ ۾ مولانا محمد قاسم صاحب ڳڙھي ياسينويءَ، ڇپارائي شايع ڪئي،جا گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ آھي. ان طرح سندن ٻياڪيترا ديني رسالا ۽ مضمون نھايت فصيح عربيءَ ۾   آھن. سندن ٻيو يادگار آھي، ”الدرالمنشورفي رد منڪري  الاستمداد باصحاب القبور“. انھن کان سواءِ، سندن ’بياض‘ به آھي، جو فقه جي مسئلن تي مشتمل آھي. ٻيو ته پاڻ وڏا شاعر پڻ ھئا. معلوم ٿيو آھي ته سندن ”ديوان مفتون“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري رھيو آھي، سندن تخلص ”مفتون“ ھو.

في الحال انھن بزرگن جي ذڪر خير تي اڪتفا ڪريون ٿا. اميد ته ٻيءَ صحبت ۾ ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويندو. انشاء الله تعالي

نواب جان علي خان لغاري

بلوچ قوم ۽ ان جي تاريخ جوسوال

(نوٽ: ھي مضمون بلوچ قوم جي تاريخ متعلق چند تنقيدي حقيقتن تي مشتمل آھي.بلوچ ڪير آھن؟ ڪٿان آيا؟ سندن حسب نسب ڪھڙو آھي ۽ ڪڏھن آيا؟ ڪٿي ڪٿي رھيا؟ منجھن ڪهڙا پاڙا ۽ قبيلا اچي وڃن ٿا؟ سندن زوال جا ڪهڙا اسباب آهن؟ تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ شاعري ءَ ۾ سندن ڪهڙا شاهڪار موجود آهن؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال پيدا ٿين ٿا، جن جو جواب محققن ۽ عالمن کي، محققانه انداز ۾ صحيح سِندِن سان ڏيڻو آهي.

ان سلسلي ۾ مغربي محققن ۽ ملڪي مورخن جي وچ ۾ اختلاف آهي. ڪي بلوچن کي سامي النسل سڏين ٿا ۽ ڪي ترڪي _ ايراني نسل مان _ ڪي ته مورڳو آريه نسل مان بيان ڪري چڪا آهن. مشهور انگريز محقق برنيئر، بلو، افغانه ۽ ازبڪ، ٽنهي ڀائرن کي بني اسرائيل مان شمار ڪري ٿو. ان سان افغان محقق متفق الخيال ٿي چون ٿا ته بيشڪ افغان، بلو ۽ ازبڪ سميت ابن جريمه جو اولاد آهن، ۽ اهو قبطي نسل جو خود مصر جي فرعونن جي خاندانن مان هو! ان سلسلي ۾ ٻئي محقق ڊيمس، وري افغان، بلوچ ۽ براهوئي قومن کي ترڪي _ايراني نسل مان ثابت ڪيو آهي.

بلوچ روايتن ۾ ڪي چون ٿا ته بلوچ حضرت حمزه (نبي ڪريم﷣جن جي چاچي) جو اولاد آهن، ۽ هڪ پريءَ مان پيدا ٿيل آهن، جنهن سان حضرت حمزه شادي ڪئي هئي، ۽ ڪي بلوچ روايتون آهن ته هو (حُر) جي اولاد مان آهن. مورخ ابن اسحاق ۽ ابن خلدون، بلوچن جي شجري کي حضرت سام ابن نوح عليه السلام تائين پهچائين ٿا، ۽ ڪي يافث بن نوح جو نالو به آڻين ٿا. بهرحال، هي مسئلو اڃا به تحقيق طلب آهي. ان کان سواءِ، ڪي محقق بلوچ ادب کان انڪار ڪن ٿا، ۽ ڪي ساراهه ڪن ٿا، ڪي بلوچ قوم جي بهادريءَ ۽ جنگي ڪارنامن کي ساراهين ٿا، ته ڪي انهن جي معاشي بدحالي، پير پرستي، انتشار ۽ گوشه نشينيءَ تي حيران آهن. تاريخ ۾ جتي بابر، همايون، تيمور، نادرشاه ۽ احمد شاه سان سندن تعلقات رهيا، اتي ايران جي بادشاهن سان گڏ، خود حضرت علي عليه السلام ۽ حسين عليه السلام سان به سندن رفاقت هئي_ان طرح سنڌ ۾ ميرن ۽ ڪلهوڙن جو دؤر بلوچن جي ذڪر سان ممتاز آهي. نواب جان علي خان لغاري، هن مضمون ۾ موافق ۽ مخالف رايا گڏ ڪري، ان موضوع تي لکڻ لاءِ سنڌ جي محققن کي دعوت ڏني آهي.

بلوچ قوم، پنھنجي تھذيبي ۽ تمدني خصوصيتن جي لحاظ سان،نھايت شاندار ۽ انفرادي مقام رکي ٿي. مگر افسوس اھو آھي ته ھن قوم جي تاريخي حيثيت ۽ تھذيبي خصوصيت متعلق محققانه ۽ مستند، مؤرخانه ۽ علمي ڇنڊ ڇاڻ جي اڻاٺ آھي. ھن سلسلي ۾ ڪيئي مختلف ۽ متضاد رايا ۽ فيصلا موجود آھن، جن کي پڙھڻ مان ڪوبه علمي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي. ڪن ناقدن چيو آھي: ”بلوچ قوم، دنيا جي ٻين پسمانده قومن کان وڌيڪ خوشقسمت آھي، ڇالا جو ان قوم جي ڪابه قومي تاريخ آھي ئي ڪانه . نه ان قوم وٽ پنھنجي شڪست جون روايتون محفوظ آھن، نڪو کين تاريخي دؤر جي دربدريءَ جا داستان ياد آھن، جن کي ياد ڪري ھوند منجھن غم جو احساس پيدا ٿئي، يا شڪست خوردگيءَ کان ندامت اچي. ان طرح سندن شاندار روايتن جو دفتر به منتشر آھي. اڄ تائين ڪوبه  محقق پيدا نه ٿيو آھي، جنھن ھن شجاع ۽ دلير، بھادر ۽ غيور قوم جي مستند ۽ معتبر تاريخ لکي ھجي. البت تازي دؤر ۾ چند ڪتاب سو لکيل آھن، جن جا ليکڪ، انگريز، ھندو ۽ مسلمان آھن. اڄ انھن جي تاليفات کي به غنيمت سمجھيو وڃي ٿو، ۽ اھي چند ڪتاب ئي آھن، جن جي روشنيءَ ۾ بلوچ قوم، فخر محسوس ڪري ٿي ._ “ھي آھي تاريخي حيثيت تي تنقيد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com