سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :2

پروفيسر واءِ. ايس. طاهر علي

رسم الخط جي تاريخ

”الف ب“ جي ايجاد بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون ٿي ويو آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته موجوده ٻولين جي ”حرفن“ جي  ايجاد جو سهرو چين وارن جي سر تي آهي، ۽ اڪثر ماڻهن کي ان جو يقين آهي ته ”حرفن“ جا موجد  اهل ”فينيشيا“ آهن، مگر دراصل ائين نه آهي؛ انهن جا موجد اهل مصرئي آهن، پر ان کي ڇنڊي ڇاڻي سڌي رستي تي آڻڻ وارا اهل فينيشيا آهن.

       سڀ کان اول مصر وارن، حروف جي ضرورت کي محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي جانورن جي پوڄا ڪندا هئا، تنهنڪري حيوانن جي تصويرن کي ئي اظهار جو ذريعو بنايو ويو. ڪن هنڌن تي جتي جانورن سان ڪم نٿي هلي سگهيو، اتي اهڙين شين جي تصويرن کي اختيار ڪيو ويو، جي عام طرح سان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهڙيءَ طرح انهن هڪ مڪمل ”الف ب“بنائي ۽ ان جو نالو ’مقدس حروف‘ رکيو. انهن ئي ’مقدس حروف‘ کي يوناني زبان ۾ ”هيرا گلفڪ“ سڏجي ٿو.

        جيئن ته ”هيراگلفڪ“ خط ۾ تصويرون ئي تصويرون هيون، ۽ ان جو جلد ۽ سهوليت سان لکڻ به ممڪن نه هو، تنهنڪري  ان  جا ٻه قسم ڪيا ويا: هڪ ”هيراٽڪ“، جو صرف مذهبي ڪمن لاءِ  مخصوص هئي ؛ ٻي ”ڊيماٽڪ“، جا عام ڪمن لاءِ استعمال ڪئي ويندي هئي. جهڙوڪ اڄڪلهه ’موڙي‘ ۽ ’ٻاليوڌ‘ (مرهٽي)، پنجابي ۽ ’گورمکي‘ وغيره مذهبي ۽ دينوي ڪمن لاءِ جدا جدا ڪم اچي رهيو آهن.

’هيراٽڪ‘ ۽ ’ڊيماٽڪ‘ حروف، معنيٰ جي لحاظ کان ٻن قسمن جون هيون، آئيڊو گرافڪ(ideographic)يعني ”ڪاشف الخيالات“ ۽ فونڪ (phonic) يعني ”ڪاشف الصوت“، اڳتي هلي انهن ۾ به هر هڪ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو، يعني’آئيڊو گرافڪ‘ ۾ هڪ حصو، اهڙي قسم جي تصويرن تي مشتمل هو، جي جنسي هوبهو  اهي  ئي شيون  معلوم  ٿي سگهيون ٿي:  مثلاً: *مان ’ستارا‘ وغيره ۽ ٻئي حصي ۾ اهڙي قسم جا نشان رکيا ويا، جن مان صرف مشابهت جو اظهار مقصود ٿي سگهيو ٿي.*+ نشان مان مطلب ’رات‘ورتائون، يعني آسمان ۽ ان جي هيٺان ستارو، ڇاڪاڻ ته ستارو آسمان تي رات جو ئي نظر اچي ٿو.

’فونڪ‘مان هڪ ته اهو حصو علحدو ڪيو ويو، جنهن مان صرف آواز معلوم ٿئي، مثلاً:’اَ- او- اي‘ وغيره ۽  ٻيو اهو حصو جنهن مان هر هڪ مرڪب آواز جا مختلف حصا معلوم ٿي سگهن. مثلاَ ’هاڻي-ها- هو‘ وغيره. اهڙيءَ طرح پندرهن حروف تيار ٿي ويا، مگر مشڪل ڳالهه اها ٿي جو آواز ايڪيهه ئي هئا، تنهنڪري پندرهن شڪلين مان ايڪيهه حروف بنايا ويا ۽ ان  مان ڪي آواز اهڙا به هئا، جن لاءِ هڪ کان وڌيڪ حرف به موجود هئا.

جيئن تمدن ۽ تهذيب ۾ واڌارو ٿيندو ويو، تيئن لکڻ پڙهڻ جي ضرورت وڌڻ لڳي ۽ انهن حرفن جي لکڻ پڙهڻ  ۾ تڪليف ٿيڻ شروع ٿي: تان جو جدت پسند طبيعت وارن انهن حرفن جي صورت ۽ شڪل کي ضايع ڪري ماڳهين هڪ ٻيو نمونو پيدا ڪري ڇڏيو. مصر جي فرعونن، انهن حرفن ۾ ٻين ڏهن حرفن جو پڻ اضافو ڪري ڇڏيو. سڀني کان اول، جن مصري حرفن کي سکيو ۽ ان ۾ ڦيرڦار ڪئي، اهي اهل فينيشيا ئي هئا، ڇاڪاڻ ته هيءَ قوم مصرين سان  تجارتي تعلقات رکندي هئي، تنهنڪري هڪٻئي جي تمدن ۽ تهذيب کان واقف ٿي چڪيون هيون. فينيشيا وارن، حيوان پرست مصرين وٽ رسم الخط جهڙي هڪ ڪمائتي شيءَ ڏسي، ان کي اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان کي ڪجهه ڦيرائي گهيرائي  پاڻ سان ملائي ڇڏيائون. ان سلسلي کي، دنيا جي اڳيان پيش ڪندي، ائين ڪڏهن به ڪونه چيائون ته اسين ڪو ان جا موجد آهيون، جيئن ڪن ڪوتاهه- بين مصنفن اهل فينيشيا جي سرتي ايجاد جو سهرو ٻڌو آهي. دراصل اهي موجد نه آهن، بلڪ مصري موجد آهن.

Text Box: 179

 

Text Box: 178

 

ڪن ماڻهن جو اهو خيال ته اهل فينيشيا، مصري حروف کان علاوه خود هڪ نئين طرز جي حروف جا موجد آهن، حقيقت ۾  اها دعويٰ به غلط آهي، البت اهل فينيشيا مصرين کان حرفن وٺڻ کان پوءِ، پهرين پهرين شڪليون اهي ئي قائم رکيون، پر انهن جا  نالا بدلائي ڇڏيائون ڪجهه ’فونيشن‘ لکيتون دستياب ٿيون آهن، اهي خود ان ڳالهه جي شاهدي ٿيون ڏين ته انهن جي حروف جي شڪل بلڪل مصري ’هيراٽڪ‘ سان ملي ٿي. انهن شڪلين جي لکڻ  ۽  پٿرن کي کوٽڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو هو. تنهنڪري ان ۾ ڪجهه جدت ته فينيشيا وارن ڏيکاري، پر جيڪي باقي ڳالهيون انهن کان رهجي ويون، هيون، انهن کي عبرانين پورو ڪري ڇڏيو.

 

خط ’حمير‘، جو مديني وارن بشير بن عبدالملڪ کان سکيو هو،  سو خط ’ڪوفي‘ سڏجڻ لڳو، جڏهن ڪوفي جي نالي کان ڪوئي به واقف نه هو، اهل مديني مان جزم بن عمره، خط حمير يا خط  ڪوفيءَ کي نئون لباس پهرايو ۽ اهو خط ’خط جزم‘ بنجي ويو، گويا مديني  ۾  هاڻي حمير جو خط  باقي نه رهيو، ان جي جاءِ تي ’خط جزم‘ رائج  هو. پر اهو به سن ٻي هجريءَ تائين بلڪل بيڪار رهيو، ڇاڪاڻ ته ان جي ضرورت ئي نه هئي. هجرت کان پوءِ  ان جي ضرورت پوڻ لڳي  ۽  اهو ’خط جزم‘ موجود عربي  خط  بنجي ويو. سيدنا علي بن ابي طالب عليه السلام انهيءَ خط جزم کي ڏسي، هڪ خط ايجاد ڪيو، پر اهو شهرت حاصل ڪري نه سگهيو.

حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريبا ڏيڍ سؤ سال اڳي، يونانين فونيشن حروف کي سامهون رکي، هڪ ٻئي نموني جا حروف بنايا، اهي ’حروف‘، اهل ارم کان عبرانين ورتا ۽ ان جو ”مربع عبراني“ نالو رکيائون. اڳتي هلي اهي ’حروف‘ فونيشن جي حرفن کان بلڪل ئي مختلف ٿي پيا هئا. ڇاڪاڻ ته قديم فونيشن ۾  پهريائين ته هنن ئي تبديليون ڪيون ۽  پوءِ  عبرانين جدت طرازي ڪئي، ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ اهل ارم حرفن جي نئين وضع بنائي ڇڏي .

”مربع عبراني“ خَطَ  اڳتي هلي ٻه شاخون اختيار ڪيون. هڪ ته اها جا مشرق ڏي ويئي ۽  ٻي مغرب ڏي. انهن ٻنهي شاخن مغربي ۽ مشرقي آب و هوا جي اثر هيٺ اهڙي صورت بدلائي، جو هڪ کي  ٻئي سان ڪو لاڳاپو ئي نه رهيو. ڇاڪاڻ ته اسان کي مشرقي شاخ بنسبت گهڻو ڪجهه لکڻو آهي، تنهنڪري اسين مغربي شاخ کي في الحال علحدو ڪري، ان جي بيان کي مختصر طرح سان لکون ٿا.

Text Box: 181

 

مغربي شاخ ”فونيشن يا مربع عبراني“، ايشيا مائنر جي اترئين حصي مان سڌي  يونان  وڃي  پهتي، جتي  ان بلڪل ئي  نرالي صورت  اختيار ڪئي، جنهن جي يادگار  ۾  اڃا تائين  يورپين حروف باقي آهن. اڳتي هلي، قديم يوناني حرفن کي يورپ وارن نئين قالب  ۾  وڌو، جو اڃا تائين موجود آهي  ۽  جن سان اسان کي رات ڏينهن ڪم پوي  ٿو. ان  هڪ  شاخ کي يورپ کان سواءِ  لاطيني  ماڻهن به ورتو  ۽  معمولي ڦيرڦار کان پوءِ  بلڪل  پنهنجو ڪري ڇڏيائون. حقيقت ته  هيءَ آهي ته اهي حروف انهن کي  پنهنجي ضرورتن آهر موافق نظر آيا.

 

ان طرح ’مشرقي شاخ‘ مان  به  ٻه شاخون  پيدا ٿيون،- هڪ  ته  اها جا عرب  ۾  پهتي، ۽  ٻي اها جا ايران سهڙي. مسلمان موُرخ ۽ محقق ان  ۾ اختلاف راءِ  رکن ٿا ته آيا سڀ کان پهرئين عربي خَطَ  ۾ ڪنهن ڪتابت  ڪئي1؟ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته  سيدنا آدم عليه اسلام کان خط  ورتو ويو، ۽ ڪن سيدنا اسماعيل عليه اسلام جي خط کان، خط عربي جي وضع ٿيڻ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ ڪي ته اولاد اسماعيل کان نزار 2 بن عدنان جي خط مان ان خط  جو اخذ ڪرڻ ثابت ڪن ٿا . مگر  اسان جي راءِ موجب اھا فقط  خوشفھمي آھي يا محض مذھبي تخيل آھي ڇاڪاڻ ته اسان سيدنا آدم يا سيدنا اسماعيل يا فزار بن عدنان جي خط جو ھڪ حرف به اڄ تائين ڏسي نه سگهيا آھيون ، ۽ نڪو ڪنھن ٻئي عالم  ۽ فاضل پنھنجي تحقيق جي دوران ۾ ان قسم جي دعوي! کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.

ابن خلد ون، خاطريءَ سان لکيو آھي ته : ”حمير سڀ کان اڳ خط  و ڪتاب ڪئي ھئي . “پر ’حمير ‘ اھو خط ڪنھن کان سکيو ، ان متعلق خود ابن خلدون به خاموش آھي . سمجھجي ائين ٿو ته ’مربع عبراني ‘ يا ’فونيشين ‘ کان حمير پنھنجو خط مرتب ڪيو ھو . ڇاڪاڻ ته ھن کان اڳي ڪنھن به خط جو موجوده ھجڻ ئي ثابت نه ٿيو آھي . ان کان سواءِ ، حمير جي خط جي لکڻيءَ مان فني خيال کان اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته اھا ھڪ شاخ آھي عبراني يا فونيشين جي . ان کان علاوه ’حمير ‘ايتريقدر احسان ضرور ڪيو آھي جو ان بدصورت خط کي ڪجھه قدر صورت ڏنائين . ھن خط کي حمير يا حمير جو ’طريق ڪتابت ‘ چئجي ٿو . ڇاڪاڻ ته حمير گهڻو نورنچوئي ، وڏي تڪليف کان پوءِ ھن خط ۾ ھڪ قسم جي صلاحيت پيدا ڪئي ھئي ، تنھنڪري ڪو به شخص سندس اجازت کان سواءِ خط ’حمير ‘نٿي سکي سگهيو . جيڪڏھن ڪنھن به ان خط کي سکڻ چاھيو ٿي ته ھن کي خاص شرطن جي پابندي به ڪرڻي پيئي ٿي .

ان کان پوءِ ، حمير کان ’تبابع انھن حرفن کي سکيو ، ۽ ’تبابع‘کان ’حيره‘۽ اھل حيره کان ’اڪيد‘ بن  عبدالملڪ (رئيس دومته الجندل ) جي ڀاءُ بشير سکيو ، ۽ پوءِ  بشير اھو خط مڪي وارن کي سيکاريو . خلافت واري زماني  ۾ ، ’مصاحف عثماني‘ ۽ احاديث ’جزم‘، خط  ڪوفي  ۾  لکيا ويندا ھئا .نبوت جي زماني کان پوءِ جڏھن عرب حڪومت Text Box: 183

 

بصري ۽ ڪوفي کي مرڪز اسلام قرار ڏنو ، تڏھن لازمي طرح سان ھڪ طرح جو تمدن به پيدا ٿيڻ لڳو ، جنھن علم ۽ فن کي به متاثر ڪيو . اڳتي ھلي اسلامي حڪومت عرب ، آفريڪا ۽ اندلس تي محيط ٿي وئي ۽ ٻئي طرف بني عباس بغداد جو بنياد وڌو ۽ ان کي ئي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو .

 

اھل بغداد، خط ڪوفيءَ کي بدلائي تيرھن خط وضع ڪيا، جن جو تفصيل ھيءُ آھي : (1) خط تومار، (2) خط سجلات، (3) خط عھود، (4) خط مومرات، (5) خط امانات، (6) خط ديباج، (7) خط مديح، (8)خط موصع، (9) خط رياش، (10)خط غبار، (11)خط رخش، (12) خط بياض، ۽ (13) خط حواشي .

      اھي سڀ خَطَ ’ڪوفي رسم الخط ‘کان بلڪل جدا گانه نموني جا ھئا . ان سلسلي ۾ ھر خط کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪي خاص موقعا مقرر ٿيل ھئا، ۽ ھرھڪ خط لاءِ ’قلم‘به جدا جدا مقرر ڪيل ھئا . مثلاً:

خط تومار مان جَلي قلم سان ڪتبا لکيا ويندا آھن، جن جا آثار، عرب جي عمارتن تي اڃا تائين باقي آھن .

خط عھود، خط مومرات ۽ خط امانات جو قلم وچٿرو ھو، جن سان احڪام ۽ قبالا(ڪاٻاڙا) ۽ دستاويز وغيره لکيا ويندا ھئا .

خط ديباج، خط مديح، خط مرصع ۽ خط رياش _ اھي خط خوشنويسيءَ لاءِ ھئا .

خط غبار، خط رخش، خط بياض، ۽ خط حواشي، _ اھي خط ھئا، جن سان قرآن مجيد ۽ ٻيا ڪتاب لکيا ويندا ھئا . اھي خطوط، ٽينءَ صديءَ ھجريءَ تائين ھليا، مگر جڏھن ابن مقله 1، نوان ڇھه خط ايجاد ڪيا، تڏھن اھي سڀ خط ميسارجي ويا، جن جو ھڪ حرف به اڄ نظر نٿو اچي . ابن مقله، خطاطيءَ جي اصولن مقرر ڪرڻ  سان گڏ، ھيٺيان خط پڻ ايجاد ڪيا: (1)خط مداح، (2) خط محقق، (3)خط ريحان، (4) خط ثلث ريحاني، (5) خط نسخ، (6) خط توقع ۽ (7) خط رقاع .

ابن مقله جا اھي خطوط تقريباً پنجاھ سالن تائين جاري رھيا، مگر ابن ابواب 2 انھن کي به مٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجا نوان خط رواج ۾ آندائين.

سن 700 ھجريءَ  ۾ عمادالدوله ديلميءَ جي زماني ۾ حسن بن حسين علي فارسيءَ، ’خط ڪاتب‘،’خط نسخ‘، ’خط رقاع‘۽ ’خط ثلث‘ کي سامھون رکي، خط ’تعليق‘وضع ڪيو ، جنھن جو خط ’ترسيل‘به مشھور ھو .

       ان زماني ۾ خواجا مير علي تبريزيءَ، خط نسخ ۽ ’تعليق‘کي ملائي ھڪ نئون خط ايجاد ڪيو، جنھن جو نالو ’نسخ-تعليق‘رکيو ويو، جو رفته رفته’نستعليق‘ جي  نالي سان مشهور ٿي ويو. خواجا ميرعلي جي پٽن-ميرعبدالله ۽ ميرعمان- هن خط ۾ ڪجهه تصرفات ڪري، هن خط کي عمدي معيار تي قائم ڪيو آهي.

        خط’نستعليق‘مان به، ٻه خط اخذ ڪيا ويا. ڇاڪاڻ ته ’نستعليق‘ خط کي تحرير ڪندي ڪافي وقت ٿي لڳو، تنهنڪري سن(1100) هه مرتضيٰ قلي شاملو، هرات جي حاڪم، خط ’ شڪسته‘ وضع ڪيو، جو روزانو معمولي خط و  ڪتابت لاءِ آسان ثابت ٿيو هو. انهيءَ زماني ۾ مرتضي قلي خان جي منشيءَ شفيعا، خط شڪست ۾ ترميم ۽ اضافو آڻي، هڪ ٻئي قسم جو ڍنچو تيار ڪيو، جنهن جو نالو ’ شفيعا‘ مشهور ٿي ويو. ان خط ۾ خط ستعليق جون ڪي ڪي ڳالهيون وڌايون ويون هيون. خط نستعليق سان گڏوگڏ خط’ شڪسته‘ ۽ ’شفيعا‘جو  به رواج ٿي ويو، جو اڄ تائين قائم آهي. هن وقت هند، پاڪستان، عرب ۽ ايران ۾، خط’نسخ‘، ’نستعليق،‘خط ’شڪسته‘ ۽ ’شفيعا‘وغيره رائج آهن.

خواجا غلام علي الانا

سَنڌي (Sandhi)

(سنڌي صوفياتي نظام جو هڪ اهم عنصر)

1.      صوتيات جو علم سنڌ ۾ بلڪل نئون آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ويا ڪرڻن ۾ ماهرن، سنڌي آوازن جي صوتياتي نظام، ڳالهائڻ جي عضون، آوازن جي مخرج ۽ نقطه ادا(point of articulation) توڙي آوازن جي تقسيم جي بيان ۾ صفحن جا صفحا ڀري ڇڏيا آهن 1، پر اهي جملي بيان ۽ نتيجا ثابت ٿا ڪن ته ڪنهن به صاحب، ٻوليءَ جي ساخت ۽ سٽا توڙي صوتياتي نظام جو شخصي طور تجربو نه ڪيوآهي، بلڪ غير سنڌي ماهرن_ ٽرومپ، گريئرسن ۽ اسٽڪ_ جي بيان جو هوبهو ترجموڏنو آهي.مقامي ماهرن ۾ ديوان وسڻائيءَ جو نالو سڀني کان اڳ ملي ٿو. هن صاحب کان پوءِ ديوان ڍوليمل، مرزا قليڇ بيگ ۽ ديوان ڀيرومل اهڙي ڪوشش ڪئي. ويوان ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“کان سواءِ، پنهنجي ٻئي ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ به لسانيات ۾  ڪم ايندڙ فني اصطلاحن جي مفهوم ۽ وصف ٿي روشني وڌي آهي ، ۽ انهن جا مثال به ڏنا اٿس. ديوان صاحب انهن ۾ ”اد غام“ 2 جي عنوان واري هڪ نئين لفظ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو آهي3 جيتوڻيڪ ادغام جو مقصد ۽ مفهوم سمجهائيندي اها ئي ساڳي مراد ورتي اٿس، جيڪا اڳتي هلي”گڏيل حرف صحيح جو ڀڃڻ“ جي عنوان هيٺ به بيان ڪئي اٿس1 حقيقت ۾ ٻيئي ’عنوان‘ هڪ ئي مقصد رکن ٿا.

      ”گڏيل حرف صحيح جو ڀڃڻ“ جي ڀر ۾ ، ڏنگين ۾، ان لاءِ انگريزيءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ(assimilation) لکيو اٿس. دراصل ديوان صاحب(assimilation) جو ، يعني انگريزي لفظ جو، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي: ”گڏيل حرف صحيح جو ڀڃڻ“. ان جي وصف بيان ڪندي لکيو اٿس:

     ”گڏيل حرف صحيح مان جيڪڏهن ٻئي زور ڀريا يا ڏاڍا اکر هوندا، ته ٻيو اکر قائم رهندو، ۽ پهريون منجهس سمائجي ويندو؛ جيڪڏهن هڪ زور ڀريو ۽ ٻيو ڪمزور اکر هوندو، ته ڪمزور اکر ڏاڍي اکر ۾ سمائجي ويندو. مطلب ته ’ جيڪو ڏاڍو سو گابو‘، اهو ليکو ٻولين ۾ به لڳو پيو آهي.“

       انگريزي لفظ(assimilation) کي، جڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ جاچجي ٿو، تڏهن ائين ٿو معلوم ٿئي  ته اهو لفظ خود ئي  برصغير هند-پاڪ ۾ قديم زماني کان وٺي موجود وقت تائين ڪم ايندڙ لفظ-”سنَڌي“- جو ترجمو آهي، جو ممڪن آهي ته سترهينءَ ۽ ارڙهينءَ صديءَ ڌاري انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو هجي؛ ڇاڪاڻ ته اهو ئي زمانو هو، جنهن ۾ برطانوي ماهرن لسانيات جي علم، ۽ خاص ڪري سنسڪرت جي مطالعي کي پنهنجيءَ ڄاڻ ۽ علم لاءِ ضروري ٿي سمجهيون2. هونئين به يورپي مشِنرين، سورهينءَ ۽ سترهينءَ صديءَ ڌاري، سنسڪرت ۽ هندي گرامر جو علم، يورپ تائين پهچائي ڇڏيو هو، جنهن يورپ وارن جي ذهن ۽ فڪر ۾ هڪ عجيب انقلاب آندو هو3 انهيءَ ڪري اهو دعوا سان چئي سگهجي ٿو ته ديسي لفظ”سنڌي“ انگريزيءَ ۾ پهرين استعمال ٿيڻ لڳو1، ۽ بعد ۾ ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو(assimilation) ڪيو ويو. ڪاڪي ڀيرومل ته ديسي لفظ جي انگريزي ترجمي(assimilation)جو وري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. کانئس اڳ ديوان جهمٽمل وسڻائيءَ، ساڳيو ديسي لفظ- سنڌي- استعمال ڪيو آهي، ۽ انگريزيءَ ۾ ان لاءِ ڏنگين ۾ (assimilation) لفظ رکيو اٿس2. هن مقالي ۾ به ”سَنڌي “ مان مراد ساڳي ديوان وسناڻيءَ واري آهي.

      سنسڪرت وانگر، سنڌيءَ جي صوتياتي نظام ۽ ٻوليءَ جي ڍانچي ۾ به، ”سنڌي“اهم حصو ادا ڪيو آهي. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ هيستائين صوتيات جي هن اهم عنصر-سَنڌي- کي صحيح نموني ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي؛ ممڪن آهي ته پيش ڪندڙن ان جي افاديت ۽ مفهوم کي برار سمجهيو نه آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ”سنڌي“مان عجيب عجيب نتيجا ڪڍيا ويا آهن. جيتوڻيڪ لسانيات جي جديد توڙي قديم نظرين ۾، ”سنڌي“ جي وصف، عمل ۽ مفهوم ۾ ڪو ڦيرو ڪونه آيو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جون جيڪي وصفون مقرر ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ هن ريت آهي:

      ”جڏهن به سنسڪرت مان نون لفظن ٺاهڻ لاءِ ڪنهن ڌاتوءَ سان اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڳنڍيو وينديون آهن، ته ان عمل کي سڏيندا ئي هئا ”سنڌي“، جو پوءِ ڦري ”سنَڌي“ اُچارجڻ ليڳو، ۽ اڄ خود يورپي ماهرن ان لفظ سِنڌي (sandhi) کي، هڪ ٽيڪنيڪل لفظ طور، انگريزيءَ ۾ ۽ ٻن ٻولين ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان لفظ ۾ ڪافي وقت اندر اِ حرف علت جو اَ حرف علت ۾ مٽجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. خود  اسان وٽ ان جون ڪي صورتون انهيءَ طريقي سان بدلجي چڪيون آهن.هن لفظ  جو ڌاتو آهي سڌ.> سد (سنسڪرت: سينڌ)= وهڻ، ڳنڍڻ، ڳتڻ، ڌڪ هڻڻ، آباد ٿيڻ، محدود ٿيڻ وغيره، جنهن مان سنِڌ، سِنڌو، سِڌو، سِينڌ. حرف علت اِ سان موجود آهن، ته ٻئي پاسي سنَڌڻ، سَنڌ، سَنداڻ، سنڌو وغيره موجود آهن.1

      مٿئينءَوصف جي ڀيٽ ۾ /سنَڌيِ/۽/ سِنڌو/لفظن جي مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته اهي الڳ الڳ ڌاتن سان واسطو رکن ٿا2، جن سان /سنڌڻ/۽/ سڌو/ جو ڪوبه واسطو ڪونهي.

     ”سنَڌي“”سمڌا“ ڌاتوءَ مان ڦٽي نڪتل آهي(2).”سنَڌي“ جي لغت واري معنيٰ، ان جي افاديت ۽ صوتياتي عمل کي بلڪل نمايان نٿي ڪري؛ البت لسانيات جي فني ۽ عملي لغت ۾، ان لاءِ ڏنل معنيٰ ۽ وصف،”سنَڌي“جي عمل ۽ مفهوم جي ٺيڪ نموني ترجماني ڪري ٿي 3”سنَڌي“ سنسڪرت ويا ڪرڻ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي ’جوڙ‘،’ڳنڍ‘يا ’ميلاپ‘ جڏهن جملي يا مرڪب لفظ(compound word) ۾ ٻه لفظ يا مرتب لفظ(complex word)۾ هڪ لفظ ۽ هڪ يا کان وڌيڪ پر وَس صرفيه(bound morphemes)هڪٻئي جي پويان (مرتب لفظ جي حالت ۾ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي ميلاپ وارو طريقو) اهڙي نموني ۾ گڏ با آهن، جو پهرئين لفظ يا صرفيه جو پويون (final) آواز، ۽ پوئين لفظ يا صرفيه جو پهريون(initial) آواز، هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن، تڏهن اهڙيءَ تبديل کي ماهرن”سنڌي“ سڏيو آهي1. هن وصف مان چار نتيجا ٿا نڪرن2:

Text Box: 191

 

(الف) لفظن ياصرفين جي ميل وارا يا مرڪب آواز، پاڻ ۾ سمائجي يا هڪٻئي تي اثر ڪري، هڪ نئين آواز ۾ تبديل ٿيندا آهن؛

 

(ب) پوئين آواز جي اثر کان، پھريون آوازُ وچان ئي ھڪ نئين، ٽيئن آواز جي روپ ۾ ظاھر ٿيندو آھي؛


1  مرزا قليچ بيگ: ”سنڌي ويا ڪرڻ“، ڀاڱو ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1960ع، ص ص 41-52، ۽ پڻ ڏسو: ڀيرو مل آڏواڻي: ”وڏو سنڌي ويا ڪرڻ“، ڀاڱو پهروين، هندو پريس، ڪراچي ۽ حيدرآباد، 1926ع، ص ص 2، 3 ۽ 6.

2  هي لفظ _ اد غلم _ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين پهرين شاهه لطيف ڪم آندو آهي:

ڪسرت آهي قرب ۾، اد غام ۾ اعراب.

3  ڀيرومل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1956ع، ص 342.

1  ايضاً، ص 348، ديوان صاحب ”وڏي سنڌي ويا ڪرڻ“ ڀاڱي ٽئين ۾ صفحي 238 ۽ 250 تي ”سنڌيءَ“ جا اصول ۽ مثال ڏنا آهن. ممڪن آهي ته ڪجهه وقت جي مطالعي کان پوءِ کيس انگريزي لفظ Assimilation_ جو سنڌيءَ ۾ نعم البدل ”سنڌي“ هٿ آيو آهي.

2  Bloomfield, L., “Language”, George Allen and Unwin Ltd, London, 1961, P,11.

3 Ibid, P.10.

1  بارٽل مئلمرگ ”سَنڌي“ جي باري ۾ لکي ٿو:

Sandhi is a phenomenon of combinatory phonetics produced through the combination of words in a sentence. One speaks of sandhi, a term borrowed from the ancient Hindu grammarians, which signifies junction, union. Sandhi phenomenae were particularly frequent in the ancient language of India (i.e. Sanskrit) – see Bertil Malmerg, “Phonetics”, Dover publication, New York, 1963, p. 64.

2 Wasnani. J.N., “A New Grammar of the Sindhi Language”, Government Central Book depot, Karachi, 1892, PP. 24 or 206.

1  سراج: ”سنڌي ٻولي“، عظيم پبليڪيشن، 1963ع، ص 28.

2  سَنڌيءَ جو ڏاتو سَمڌا آهي. سَمڌا < سَمڌي < سَنڌي؛ جنهن جي معنيٰ آهي ڳنڍ، جوڙ، ميلاپ. ڏسو:

Sir Monier Williams, “A Sanskrit Dictionary”, Oxford, 1956, P. 1144

اهڙيءَ طرح سِنڌوءَ جو ڌاتو سِڌ (Sidh) آهي، جنهن جي معنيٰ نهر يا ندي ڄاڻائي ويئي آهي ۽ ڏنگين ۾ سنڌوندي ڄاڻائي ويئي آهي؛ ۽ سِنڌوءَ جي معنيٰ سنڌ جا ماڻهو به ڏنل آهي؛ ڏسو:

Sir Monier Williams, Op. Cit., P. 1217.

۽ پڻ ڏسو:

Macdonell, A.A., “Sanskrit- English Dictionary, London, 1893, p. 350.

3  لساليات جي لغت ۾ ”سنڌي“ جي معنيٰ هيٺين ڏنل آهي:

“A term of Sanskrit origin (literarlly meaning linking), designating the phonetic changes of a word according to its function or position in a sentence, i.e. the various changes in words as a result of their mutual influence on each other when used in conjuction. See: Pei Mario and FrankGaynor, “Dictionary of Linguistics”, Philosophical library, New York 1954, P. 190.

صوتيات جي مشهور انگريز ماهر ڊينيئل جونز، سنڌي جي وصف هيٺين ڏني آهي:

“Assimilation is defined as the process of replacing a sound by another sound under the influence of a third sound which is near to it in the word or sentence. The term may also be extended to include cases where a sequence of two sounds coalesces and gives place to a single new sound different from either of the orginal sounds, see: Jones, D. Op. Cit. P. 218.

1  Wasnani, J.N., Op. Cit., P. 25.

2  Jones, D., “An Outline of English Phonetics”, w. Heffer and sons Ltd, Cambridge 1962, P. 185.


1  محمد بن علي بن حسين بن مقله سن 272 هجريءَ ۾ پهرين شوال تي پيدا ٿيو. فقـﮧ، تفسير، قرائت، ادب وغيره ۾ ممتاز هو ۽ وڏو خوشنويس پڻ هو. سن 316هه ۾ پنهنجي خداداد لياقت سان ترقي ڪري خليفه مقتدر عباسيءَ جو وزيراعظم بنجي ويو، مگر ٽي دفعا قيد ٿي، شهر بدر ڪيو ويو، ۽ وري وزارت ۾ واپس آيو. آخر سن 326هه ۾ خليفه راضي بالله سندس ساڄو هٿ ڪٽائي، کيس قيد ڪيو ۽ سن 328هه ۾ ڀري مجلس ۾ کيس قتل ڪرايو ويو.

2  ابوالحسن بن علي بن هلال (بواب) چوٿين صدي هجريءَ ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو. ابن بواب خوشنويسيءَ جي علاوه ادب، قفرائت وغيره ۾ به ڪمال رکندو هو، مگر خوشنويس ئي مشهور رهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ علي بن هلال بارگاهه خلافت ۾ بوابيءَ جي خدمت تي مقرر هو، تنهنڪري هو ابن بواب مشهرو ٿي ويو. ابن بواب، 2- جمادي الاول، خميس 423هه ۾ بغداد ۾ وفات ڪري ويو ۽ امام احمد بن حنبل جي پاسي ۾ دفن ٿيو.


1  السيوطي: ڪتاب الاوائل ۽ المزهر نوع 43.

2  سيرة حلبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com