سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :7

     گجرات، پاڙو پاڙي سان هئي، سنڌ ۾ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي، علاوه ازين، ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (813_917هه) حڪومت ڪري رهيو هو. بهلول لوڌي، دهليءَ (755_894هه) جو بادشاهه هو. مانڊو ۾ غياث الدين بن محمود خلجي (873_906هه) حڪمران هو. سلطان محمود بهمني دکن جو (887_924هه) بادشاهه هو، اهڙيءَ طرح هڪ طرف هندستان ۾ اهي عظيم الشان بادشاهه سرير آرائي سلطنت هئا، ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ٻئي همسابي ملڪ خراسان تي، شاهه حسين بابقرا(863_912هه)جي حڪومت هئي، جنهن جي علم پروري ۽ ادب نوازي، تمدن ۽ تهذيب جي هاڪ تاريخ ۾ مثالي آهي، ۽ جنهن جي دؤر جهڙو راحت ۽ سڪون ، امن ۽ امان، ۽ جنهن جي زماني جهڙي فراغت ۽ فارغ البالي، خراسان جي خطي کي وري ڪڏهن نصيب ڪانه ٿي.

مولانا جامي، انهيءَ دؤر جو شاعر ۽ انهيءَ بادشاهه جو دوست هو. بهزاد مصور، انهيءَ سلطان جي درٻار جي زيب ۽ زينت هو. ميرعلي شير نوائيءَ جهڙو اديب ۽ ادب پرور مد بر، جنهن جو مثال تاريخ مشڪل سان پيدا ڪندي، سو سندس وزير با تدبير هو.

ڄام نظام الدين جو مقبرو، جنهن جي واکاڻ ”مڪلي نامه“ جي مصنف ڪئي آهي، تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. تعمير ۾ مختلف طرزن کي هڪٻئي سان ملائي، اهڙيءَ طرح پيوست ڪيوويو آهي، جو تعمير جي تاريخ ۾ اهو مقبرو هڪ يگانو نمونو ۽ هڪ غير معمولي مثال ٿي پيو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي، انهن جي دلڪشن امتزاج مان هڪ عجيب و غريب شاهڪار تخلق ڪيوويو آهي. جيڪو ڏسندڙن جي نظر کي پهرين ئي نگاهه سان پاڻ ۾ جذب ڪري وٺي ٿو.

سامهين ديوار ۾ پکين جي قطار، سورج مکي ۽ ڪنول کل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهُروڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواهه داخلي دؤرازي جي چوڪور ساخت_ مٿي بيان ڪيا مختلف اثرات کي نمايان طرح ظاهر ڪري رهي آهي.

گجراتي خواهه هندي فن عمارتسازيءَ جو اهو اثر، ڄام نظام الدين جي مقبري تي يا سمن جي ٻين چوڪنڊين ۽ مقبرن، انهن جي گنبدن ۽ پيلپاون تي، جن سببن ڪري پيو ٿو ڏسجي، انهن مان اهم ترين سبب آهي_ گجرات ۽ سنڌ جي پاڻ ۾ همسايگي ۽انهيءَ ڪري عام جام آمدؤرفت، علاوه ازبن، ٻيو اهم ڪارڻ ٿيو سمن ۽ گجراتي سلطانن جي هڪٻئي سان مٽي مائٽي. جنهن نه  فقط سياسي طرح سنڌ ۽ گجرات کي هڪٻئي جو قريب ڪري ڇڏيو، بلڪ سماجي خواهه تمدني طرح پڻ ٻنهي ملڪن ۽ سلطنتن جا ناتا استوار ۽ مضبوط ڪري، ڪيترا ثقافتي ويڇا وچان مٽائي ڇڏيا.

سلطان نظام الدين جي روضي جي اترين طرف واري بند ٿيل دروازي جي مٿن سردر تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سلطان نظام الدين جي انتقال بعد، ڄام فيروز سن915هه ۾ اهو مقبرو ٺهرائڻ شروع ڪيو_ظاهر آهي ته تعمير مڪمل نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ستت ئي تخت ۽ تاج تي خانداني وڳوڙ ۽ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن ٻيا سڀئي رفاهي ۽ ۽ تعميري ڪم بند ڪري ڇڏيا_ اهو سڀ ٿيو، جو نه گنبَ ٺهيو ۽ نه عمارت جو رٿيل نقشو مڪمل ۽ راس ٿي سگهيو.

ڪتبي جي عبارت مطابق ته مقبري جو ٺاهيندڙ ڄام فيروز آهي. ليڪن ظاهر آهي ته هو ان وقت الهڙ نوجوان هو، تنهنڪري اهڙي نفيس تخليق، سندس ذهن جي ايجاد ۽ دماغ جو اختراع ٿي نٿي سگهي، دريا خان جي مقبري واريءَ ديوار جي ساخت کي_ جنهن کي هُن سن 895هه ۾ ٺهرايو _ ڏسندي اسان جو خيال آهي ته پنهنجي ولينعمت ۽ پنهنجي منهن ٻولئي پيءُ جي مقبري ٺهرائڻ ۽ ان جي رٿا ۾ ضرور ’دريا خان دولهه‘ جو فڪر رسا ڪارفرما رهيو آهي. مقبري جي چوءَ ديواريءَ اندر چار قبرون آهن، جن تي ڪوبه ڪتبو يا نشان ڪو نه آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته انهيءَ خوشنام ۽ نيڪ نهاد سلطان جي ابدي آرامگاهه ڪهڙي آهي.

سمن سلطانن جي خانداني شجري خواهه سلطانن جي ترتيب ۽ فرمانروائيءَ جي سالن ۾ سخت اختلاف آهي. هر ڪنهن مؤرخ جو بيان جدا جدا آهي. اسان هڪ سلسليوار شجرو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا1 زير اشاعت ڪتاب ۾ ڏئي رهيا آهيون، جنهن مان پڙهندڙ، انهيءَ خاندان جي سلطانن جو هڪ خاڪو به آساني سان ذهن نشين ڪري سگهندا.

انهيءَ شجري مان اهو پتو پئجي ويندو ته سنڌي سلطان، گجراتي حاڪم ۽ خانديش جا فاروقي فرمانروا ڪهڙيءَ ريت مٽيءَ مائٽيءَ ۽ سڱابنديءَ ۾ هڪٻئي سان ڳنڊيل ۽ پوتل هئا.

لطف الله بدودي

اسلامي تصوف جي سنڌ ۾ ابتدا

اسلامي تصوف جي نشو ونما تي، ايترو ته گهڻو لکيو ويو آهي، جو انهن سڀني تصنيفن کي يڪجا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي دفتر جي ضرورت آهي. سنڌ جي بزرگن به هن ڏس ۾ ڪافي بهرو ورتو آهي. هن مختصر مضمون ۾ ايتري گنجائش نه آهي، جو تصوف جي هر دؤر تي، سير حاصل بحث ٿي سگهي، مگر هيءَ ئي ٿي سگهجي ٿو ته هن تحريڪ جي متعلق اختصار کان ڪم ورتو وڃي.

حضور اڪرم﷣جي پاڪ صحبت ۾ رهندڙن کي ’اصحاب‘ جو معزز لقب حاصل هو. هودين جا ستون هئا، جن حق جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ وڏي جفاڪشي ڪئي. بعد ۾ جن بزرگن هنن هدايت جي ستارن جي صحبت اختيار ڪئي، انهن کي ’تابعين‘ جي لقب جو شرف مليو، ۽ رشد ۽ هدايت هن گروهه ڏانهن منتقل ٿي ويو. سندن صحبت ۾ رهڻ وارن کي ’تبع تابعين‘ سڏيو ويو، ۽ هو به ساڳي مسند جا وارث رهيا. تبع تابعين کان پوءِ سندن صحبتن جي مٿان ’زاهد‘ نالو پئجي ويو. جيئن ته هو ’صوف‘ يعني اُنَ جي لباس ۾ ٿي رهيا، ان ڪري کين ’صوفي‘ سڏيو ويو. صوفيءَ جي متعلق جي بعد ۾ جدا جدا متضاد رايا پيش ٿيندا رهيا، انهن تصوف جي متعلق عجيب بد گمانيون پيدا ڪري وڌيون آهن، هن شڪ ۽ شبهي سان گڏيل تحقيق، مغرب جي مستشرقين کي غلط قياس آرائين لاءِ ميدان هموار ڪري ڏنو آهي. مارگوليٿ ۽ گولڊ زيهر ته ايتريقدر اصرار ڪيو آهي، ته تصوف هندستان ۽ يونان جي خيالن جو هڪ مرڪب آهي. نڪسلن ۽ برائون، جي گهڻو سنجيده آهن، پر هو به ڪڏهن ڪڏهن اسلامي تصوف جي اصليت کي، گوتم ۽ نيو فلاطوني (پلئٽو نيوس) مان پيدا ٿيل ٿا خيال ڪن، مگر هيءَ سندن تحقيق ڪڏهن به صحيح ٿي نٿي سگهي . علامه ابن خلدون پنهنجي غيرفاني تصنيف ’مقدمه‘ ۾ صاف طور تي ڏيکاريو آهي ته صوفي، صوف مان ئي مشتق ٿيل آهي، ۽ ان جو دسو فسطئي، يا ڪنهن ٻئي لفظ سان ڪوبه واسطو نه آهي. مرحوم علامه شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽا صاحب، ابن خلدون جي لکيل باب جو ترجمو ڪيو آهي، جو سندس تاليف ’ابيات سنڌي‘ ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر زڪيه المبارڪ پنهنجي غيرفاني تصنيف ’تصوف اسلامي‘ ۾ ساڳيءَ ريت ابن خلدون جي تلقيد ڪئي آهي. هي بعد ۾ ٿيو آهي ته ڪي عجمي خيال اچي ٿيا. ڇو ته جيئن جيئن فلسفي ۽ حڪمت جي طرف مسلمانن جو ذوق وڌندو رهيو، تيئن وٽن الا هيات جي  متعلق عجيب موشگانيون پيدا ٿينديون رهيون، ’علم الڪلام‘ ۽ منطق جي زور، تصوف کي نين راهن گهڙڻ ۾ مدد ڏني. علامه اقبال پنهنجي تصنيف ’فلسفه عجم‘ ۾ سچ لکيو آهي ته”تصوف جي ابتدا ان اڪابر امت کان ٿي، جن جو عمل علم کان جدا نه هو، ۽ سندن علم قرآن ۽ حديث هو.“ حضور جن جو ارشاد عالي آهي. ”علم ٻه آهن: هڪ علم علي الاسان، هي الله جي آدم جي اولاد تي حجت آهي ۽ ٻيو علم في القلب آهي. هيءُ علم نفعو ڏيندڙ آهي.“(ترمذي)

هن حديث جي روشنيءَ ۾ حضرت عمر رضي الله عنه جو قول آهي ته:

”مون کي اُمت اسلامي ۾ گهڻو خوف منافق علم واري کان آهي، منافق علم وارو اهو آهي، جو زبان جو ڄاڻندڙ هجي، پر دل ۽   عمل جي لحاظ کان جاهل.“

اهڙيءَ حالت ۾ تصوف جي سنگ بنياد کي ، غير اسلامي حقائق جو منٽث پذير سمجهڻ ڪيترو نه دؤر از قياس آهي! ابو هاشم ڪوفيءَ، جنهن کي ’نفحات الانس‘ ۾ سڀ کان اول ’صوفيءَ‘ جو لقب مليو، هڪ ڀيري قاضي شريڪ کي يحييٰ بن خالد برمڪيءَ جي محلات کان ٻاهر ايندو ڏٺو. سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون، ۽ چيائين ته’اعوذ بالله من العلم لا ينفع‘ ’اهڙي علم کان جو فائدو نه ڏئي، آءُ خدا کان پناهه تو گهران‘. هيءُ هڪڙو مثال انهن بزرگن جي مذهبي متابعت لاءِ ڪافي آهي.

مستشرقين وٽ هيءَ ڳالهه به کُٽڪندي رهي آهي ته اهي زاهد يا صوفي، دنيا کان علحدا ٿي وڃي راهبانه زندگيءَ جا مريد بڻيا، جا ڳالهه اسلام جي  عملي زندگيءَ سان ڪوبه تعلق نه رکندڙ هئي. حقيقت ۾ ، صوفي بزرگن جو دنيا کان دؤر رهڻ، ڪنهن به ريت رهبانيت نه هئي. رومي صاف چئي ڏنو آهي:

چيست دنيا از خدا غافل بودن،   نه قماش ونقره و فرزند زن.

مگر هي ضرور آهي ته فضا ۽ماحول جو اثر هن بزرگن تي به  ضرور پيو آهي. اسلامي تاريخ جي هر طالب کي خبر آهي ته خلافت راشده جي متبرڪ دؤر جي آخر ۾ عجيب حادثا ظهور ۾ آيا. ان کان پوءِ، جو ڪجهه به ٿيو اهو به انهن حادثن جي هڪ مسلسل ڪڙي آهي، جا نهايت المناڪ آهي . اهڙي دؤر ۾ سڪون ۽ اطمينان قلب جا طالب، ظاهري جاهه وجلال جي زندگيءَ کان مايوس ٿي ويا. وٽن هن کان سواءِ ٻي واٽ ئي ڪانه هئي، ته هن ظاهري  رنگ و بو کان_ جنهن ۾ امارت ۽ شخصي غرور کان سواءِ ٻيو ڪجهه رهيو ئي نه هو_ علحده ٿي، صحيح اسلامي روايات جي نقش کي برقرار رکي سگهن. اهو تڏهن ٿي سگهيو ٿي، جڏهن قلب جي پاڪائي ۽ تطهير هجي، ۽ ٻاهريون هو سناڪيون قلب ۾ جاءِ حاصل ڪري نه سگهن. ان لاءِ گوشائتو ٿي ، خدا جي ياد ڪرڻ، ڪڏهن به راهبانه زندگي جو مثال ٿي نٿو سگهي.

تذڪره الاولياءَ (عطار)، ڪشف المحجوب، (داتا گنج بخش)، سير الاولياء،نفحات الانس (جامي) ۽ متقدمين جون ٻيون تصنيفون هن حقيقت جون شاهد آهن، ته صوفي حضرات جو شغل گهڻو ڪري تزڪيه نفس، قلب جي صفائي ۽ عبادت الاهي مقصود هو. اهڙيءَ حالت ۾ مشائخ جي متعلق غلط راءِ قائم ڪرڻ ڪوبه اجتهاد نه آهي، پر گمراهي آهي.

ٻي صديءَ هجريءَ ۾ اسان کي حسن بصري، سفيان ثوري، ابو هاشم ڪوفي، جنيد بغدادي ۽ بايزيد بسطاميءَ جهڙا بزرگ نظر اچن ٿا،جي ظاهري ۽ باطني علوم جا امام هئا. جيڪڏهن اسان کي صوفيءَ جي لباس ۾ ڪو گمراهه نظر اچي ٿو، ته اهو روميءَ جي هن نُڪتي موجب ٿي سگهي ٿو:

اي بسا آدم ڪه ابليسي ڪند.

ان ڪري اسين انهن صوفين جي عظمت جو انڪار ڪري ويهون، جي صحيح معنيَ ۾ صاحب طريقت ۽ شاهراهه حقيقت جا روشن چراغ هئا، انهن جي انڪار سان سندن بلندي تي ته ڪو به اثر نه پوندو، مگراسين:

هر هلاڪ اُمت پيشين ڪه بود، زانڪ بر جندل گمان بردند عود. موجب گستاخيءَ جا مرتڪب ٿينداسون.

دل ۽ دماغ جي پاڪيزگي، تصوف کي هر دؤر ۾ نمايان رکندي آئي، ايتريقدر جو هر طالبعلم، ظاهري علم کان فارغ ٿي، باطن جي صفائيءَ ڏي پئي رجوع ڪيو آهي. مگر اڄ اَن قدح بشڪست و اَن ساقي نماند‘. ڳالهيون ئي ڪيون وڃن ٿيون، پر علم مفقود آهي.

سنڌ اسلامي حڪومت جي سايي هيٺ، پهرين صدي هجريءَ ۾ اچي چڪي هئي، اهي سڀيئي تحريڪون سنڌ ۾ اينديون رهيون، جي عرب ۽ عجم ۾ اُٿنديون رهيون. تصوف جي  تحريڪ به اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ پهچي ويئي هوندي. ابوعلي سنڌي اهو پهريون سنڌي صوفي آهي، جنهن جو ذڪر اسان کي تذڪرن مان ملي ٿو. نفحات الانس جو صاحب ان جي متعلق لکي ٿو:

”شرح شطحيات، شيخ روزبهان بقلي ۾ ذڪر آهي ته پاڻ (ابو علي سنڌي قدس الله سره) بايزيد جي اُستادن مان آهي. بايزيد فرمائي ٿو ته ”مون ابوعلي کان توحيد ۽ فنا ٿيڻ جو علم سکيو هو، ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽ قل هوالله سکيو هو.“

’نفحات‘ جي ساڳي عبارت، مير علي شير قانع پنهنجي تصنيف تحفته الڪرام جلد ٽئين ۾ ڏئي ٿو. افسوس جو هن ايڏي وڏي درجي جي صاحب بابت، اسان جي معلومات نهايت مختصر آهي. اها خبر نٿي پئجي سگهي ته سندس ولادت سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ٿي، ۽ سندس مدفن جي جاءِ ڪٿي آهي. مگر سندس زمانو، البت متعين ٿي سگهي ٿو، جناب بايزيد بسطامي سن261هجري ۾ وفات ڪئي. ٿي سگهي ٿو ته حضرت ابو علي سنڌيءَ جي به وفات ٿورو اڳ يا پوءِ ٿي هجي، بنو عباس جي خلاف جو زوال خليفي متوڪل جي زماني کان شروع ٿئي ٿو. هي دؤر سنڌ جي لاءِ نهايت پر آشوب هو. هارون بن خالد سن235هجري ۾ سنڌ جو والي ٿي آيو. هڪ مڪاني عرب رئيس عمر هباري، جو قريش قبيلي جي شاخ بني اسد مان هو ۽ جنهن جي ڏاڏي منذر بن زبير سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، هارون جي خلاف اُٿي بيٺو ۽ سن 240هه ۾ هو عمر هباريءَ جي مقابلي ۾ مارجي ويو. سنڌ عمر جي هٿ ۾ آئي، جنهن ڪنهن طريقي سان، سنڌ جي آمارت جو پروانو خليفي متوڪل کان حاصل ڪري ورتو. اهڙي افراتفريءَ جي زماني ۾ جناب ابو علي سنڌي پنهنجي وطن موٽي آيو هجي، نهايت ڏکيو نظر اَچي ٿو. مگر سنڌ سندس پاڪيزه نالي تي هميشه فخر ڪندي رهندي، جو سندس نالو شيخ طريقت جناب بايزيد بسطاميءَ جي اُستادن ۾ لکيو ويو آهي. ڪاش سندس پاڪيزه زندگيءَ جو احوال ميسر ٿي سگهي ها!

       تصوف جي ابتدائي داعين مان، سيد صدرالدين لڪعلوي رحمته الله عليه جو اسم گرامي به پيش پيش آهي. تحفته الڪرام يا ٻين تذڪرن ۾، هن باڪمال بزرگ جو ذڪر نهايت مختصر طرح ٿو اچي. مگر ملفوظات خواجه معين الدين چشتي اجميريءَ ۾، سيد صدرالدين جو ذڪر ٿو اچي. خواجه اجميري جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو. تڏهن سندس ملاقات مٿئين بزرگ سان لڪيءَ جي پهاڙن ۾ ٿي، جتي هو عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿي رهيو. خواجه صاحب سندس ڪمال جو گرويده بڻجي ويو ۽ فرمايائون ته ”مون کي نصيحت ڪريو!“ جناب صدرالدين فرمايو ته ”ٻي ڪهڙي نصيحت ڪريان، جڏهن مرڻو اٿئون! روايت آهي ته ايئن چئي بزرگ بيهوش ٿي ويو، حضرت موصوف، جناب شهباز قلندر کان گهڻو اڳ، سيوهڻ ۽ سندس پسگردائيءَ کي فيض پهچائيندو رهيو. مون کي منهنجي محترم دوست محبوب علي چنا ٻڌايو ته”سيوهڻ ۾ هڪ مسجد موجود هئي، جاشيخ صدرالدين رحمته الله عليه جي نالي سان منسوب هئي، جا جناب شهباز قلندر کان گهڻو اڳ جي سمجهي ويندي هئي، سندس موجوده گنذ، نادر شاهه جي اهتمام سان ٺهيو، جنهن جو ذڪر لطف الله سورتيءَ، پنهنجي خود نوشته سوانح حيات ۾ ڪيو آهي.“


·   ڏسو: BURGESS, The Muhammadan Architecture of Gujarat 3 Vol. 1896-1903-1905

1   دريا خان جو اصلي نالو قبوليو هو ۽ پهرين ڄام نظام الدين جي ديوان لکمير (لکدير_ لکمير) جو غلام هو، جتان ڄام نظام الدين کيس پاڻ وٽ آندو.

            دريا خان سنڌ کي هر لحاظ سان مضبوط ۽ محڪم ڪيو. فوجي، سياسي خواهه سماجي يا اقتصادي صورتحال کي هن اهڙي ڪڙيءَ تي پهچايو، جو مؤرخن جو متفقه قول آهي ته: ”اهڙو زمانو سنڌ نه پهرين ڏٺو ۽ نه پوءِ.“

            انهن تعميري ۽ رفاهي صلاحيتن سان گڏ، منجهس آزاديءَ ۽ وطن پرستيءَ جو جيڪو انگ هو، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه هميشه زنده پابنده رکندو. سِرن جا سانگا لاهي، وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪو جدوجهد ڪيو، اهو حقيقتاً وطنيت جي تاريخ ۾ مثالي آهي.

            سندس سمورو خاندان انهيءَ رنگ ۾ رتل هو. سندس سڀيئي پٽ، وطن دوست، آزادي خواهه، جري جوان ۽ بهادر هئا. علاءَ الدين منجهان عالم نڪتو، محمود خان ۽ مٺڻ خان سپاهي مرد هئا. ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان ۾_ جتي سندن عالئقو هو_ ارغونن سدان خوب وڙهيا ۽ ڪيئي جوٽان ڪيائون. سارنگ خان سندس چوٿون پٽ به انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. انهن سڀني هٿان دريا خان جي شهادت بعد ۽ ٺٽي تي قبضي ٿي وڃڻ کان پوءِ به ڪيتري عرصي تائين_ ارغونن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.

            دريا خان جو قبرستان، ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو، اولهه پاسي کان آهي. پٿر جي محڪم چؤديواري، اوڀر ۽ ڏکڻ کان ٻه دروازا جن تي ڪتبا اُڪريل، اولهائين ديوار ۾ محراب ۽ ان جي لڳ سندس قبر، جنهن تي خوبصورت خط ۾ آيتون اُڪريل آهن. سيرانديءَ کان نالي جو ڪتبو هن ريت آهي:

يا الله

هــٰــذا مرقد المعطر

للخان الاعظم

شهيد مبارڪن خان

ابن سلطان نظام الدين

اوڀارين دروازي جي مٿيئن سردر، تي جيڪو ڪتبو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته: سال 895هه ۾ دريا خان، قبرستان جي اها چؤديواري ٺهرائي ڏاکڻين دروازي جي سردر واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس احمد نالي پڻ هڪ پٽ هو، جنهن اهو ڪتبو، قطب الدين بن محمود کان اُڪرايو. ڪتبي تي سندس نالو هن ريت اُڪريل آهي:

احمد بن دريا خان

غفرالله لـﮧ

چؤديواريءَ اندر، دريا خان جي مزار کان سواءِ، ستاويهه ٻيون قبرون آهن، جنهن مان ڪنهن تي به نالو نشان اُڪريل ڪونه آهي.

            انهيءَ مان دريا خان جي شڪست ۽ شهادت جو سال برآمد ٿئي ٿو. علاوه ازين، سنڌ جي غلاميءَ جي بسم الله پڻ انهيءَ_ خرابيءَ سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اهو مهينو به محرم جو هو. پوڻا نوَ سؤ ورهيه اڳ ٿيل ڪربلا واريءَ تاريخ کان هڪ ڏينهن وچان وجهي، سنڌ جي هن ڪرب و بلا جو واقعو واقع ٿيو. يارهين محرم الحرام جو دريا خان دولهه، سنڌ مٿان سر صدقو ڏئي سُر هو ٿيو، ۽ سنڌ انهن جي بيرحم قبضي ۾ اچي ويئي، جيڪي ڌاريان ئي ڌاريا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com