ھن ريت اسان تعليم جي صفتن تائين پھچي وڃون ٿا، ۽
اسلامي تعليم، ٻُڌ تعليم ۽ مسيحي تعليم تي جائز
طور تي بحث ڪري سگهون ٿا. پر بدقسمتي اھا آھي جو
اسان تعليم جي اڳيان جا صفت مقرر ڪئي آھي، سا ئي
اھڙي آھي جو ان کي پروڙڻ لاءِ انھيءَ سموري علم،
سائنسي توڙي ٻئي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي، جيڪو ھن
وقت دنيا ۾ موجود آھي.
اسلام کي عمومي طرح دنيا جي مذھبن مان ھڪ مذھب
سڏيو وڃي ٿو. ان کان اڳ ڪھڙا مذھب ھئا ۽ ڪھڙا اڃا
به موجود آھن. ڇا اھي سڀيئي ھڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون
آھن، يا سڀ پنھنجي مٿي ڌار ڌار آھن. انھن سڀني
سوالن کي طئي ڪرڻ جي ضرورت آھي. البت ھڪ نقطو اھڙو
نمايان آھي، جنھن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.اڳين
زياده پراچين ۽ زياده ھوڏي مذھبن جو ھي امتيازي
نشان پئي رھيو آھي، جو سندس پوئلڳ، ٻين سڀني مذھبن
کي غلط سمجھن ٿا.
اڳئين زماني ۾ ڪو يھودي ھي تصور ڪري نٿي سگهيو، ته
ڪو ٻيو مذھب به اختيار ڪري سگهجي ٿو، يا يھودين جي
خدا کان سواءِ ٻئي ڪنھن خدا جي بندگي به ڪري سگهجي
ٿي. اھڙيءَ طرح جيڪڏھن يھودين کي قبائلي سڏجي ته
ھر آڪھه جي ديوتا سان لاڳاپو رکندڙ ڌار ڌار مذھب
ھئا. انھيءَ کان ھڪ صدي اڳ ڪوبه عيسائي ھي قبول نه
ڪري ھا ته ٻُڌمت به ھڪ سچو مذھب آھي؛ ۽ نه وري ڪو
ٻُڌ مڃي ھا ته عيسايت جھڙي ڪنھن شئي ۾ به ڪا سچائي
ٿي سگهي ٿي. اھا صورتحال، قرآن مجيد جي ساندھ
ٻارھن سؤ سال، دنيا ۾ موجود ھجڻ کان پوءِ به موجود
آھي. پر دنيا جي ٻين مذھبن جي ڀيٽ ۾ قرآن جي اھا
نھايت ئي غير معمولي خصوصيت آھي، جو ان، انھن سڀني
ماڻھن لاءِ، جن ھي ڄاڻڻ ٿي گهريو ته مذھب جو مقصد
ڇا آھي، ھي لازمي قرار ڏنو ته اھي ٻين مذھبي ڪتابن
۽ پيغمبرن جو مطالعو ڪن، بلڪ ھن ڳالھه تي زور ڏنو
ته رڳو انسانذات جو، بلڪ پوري ڪائنات جو گهڻن
بدران ھڪ ئي خاندان آھي؛ انھن ڳالھين تي جھيڙو
فساد ٻاراڻي ڳالھه آھي، دين جي معاملي ۾ زوري ڪم
نٿي اچي سگهي ؛ پُرامن ۽ غيرمعاندانه بقاءِ باھمي
ئي زندگيءَ جو واحد طريقو آھي، جيستائين ڪ سڄي
انسانذات پنھنجا اختلاف، جيڪي ڪنھن چڱي مقصد لاءِ
ھئا، نبيري وٺن. ڏٺو ويو آھي. ته سڀيئي مذھب ۽
فلسفا ھڪ ئي سلسلي جون مختلف ڪڙيون آھن ۽ ساڳئي
مقصد لاءِ آھن. اھڙيءَ طرح ورھاڱو ختم ٿي ويو ۽
اتحاد ۽ توازن پيدا ٿي ويو. اھائي پڇاڙي ھئي، جا
قدرت انسانذات لاءِ مقرر ڪئي ھئي، تنھنڪري اسلام
توحيد جو قائل آھي، گهڻن بدران ھڪ جو، ڪثرت بدران
وحدت جو. تنھنڪري اھا ڪا حيرت جي ڳالھه نه آھي.
جيڪڏھن اھو مذھب، ذات، نسل، رنگ ۽ جنس جا اختلاف
ختم ڪري ڇڏي ۽ سڀني لاءِ _ مردن توڙي عورتن لاءِ،
غريب توڙي اميرلاءِ، برھمڻ توڙي شودر لاءِ، نواب
توڙي عام ماڻھوءَ لاءِ، اعلي توڙي ادنيٰ لاءِ،
يونانين توڙي وحشين لاءِ _ علم پرائڻ لازم قرار
ڏئي، ۽ ھن ڳالھه جو تاڪيد ڪري ته آئندي ڪوبه ٻانھو
نه ھوندو، ڪو غلام نه ھوندو، ڪوبه ٻانڀڻ يا برھمڻ
نه ھوندو، ڪوبه سردار نه ھوندو، ۽ آئندي ڪوبه
ماڻھو، ڪنھن به فرد کي فقط انھيءَ عالمي قانون
موجب جاچيندو ، جنھن موجب ھو چاھي ٿو ته ٻيا کيس
جاچين. انھيءَ موضوع تي تفصيلي بحث جو نه ھي ھنڌ
آھي ۽ نه وقت. ھتي اسان مسلمانن کي ھڪ چتاءُ ڏيڻ
گهرون ٿا، ته ٻين مذھبن جي پوئلڳن وانگر، سندن ھي
چوڻ نسوري جھالت آھي ته اڳيان مذھب بيڪار ھئا، ۽
اھي پنھنجن وقتن ۾ سوچ ۽ صداقت جا حامي نه ھئا. ھڪ
مسلمان کي ائين ھرگز نه چوڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ چئبو
ته ھن قرآن کي سمجھيو ئي ڪونه آھي. قرآن چوي ٿو
ته: سڀني نبين ۽ سڀني ڪتابن پنھنجي پنھنجي وقت ۾
جيڪي به سيکاريو، سو سچ ھو. غلطي فقط ان وقت پيدا
ٿئي ٿي، جڏھن ھن ڳالھه تي ھوڏ ٻڌي بيھي رھجي، ته
مان پنھنجن ابن ڏاڏن جي نقش قدم کان ھڪ انچ به نه
ھٽندس. انھيءَ جو مطلب ترقي ۽ ارتقا، بلڪ خود
زندگيءَ جو انڪار ڪرڻ آھي .پنھنجن حمل، پنھنجي ڄم،
پنھنجي حياتيءَ جي پھرين سال کان پوءِ واري واڌاري
تي غور ڪريو، ته اوھان محسوس ڪندا ته اوھان ان وقت
گوشت کائي نٿي سگهيا، جڏھن اوھان جا ڏند نه نڪتا
ھئا، ۽ اوھان جون، زندگيءَ جي چوٿين سال واريون
گهرجون، چوويھين سالن وارين گُهرجن کان مختلف
ھُيون.
جئين اڳي چيو ويو آھي، اسان پنھنجي خيال جي وضاحت
ڪرڻ لاءِ پراچين تھذيب مان ھڪ مثال پيش ڪنداسين.
قرآن، مرد توڙي عورتن جي مشاھدي لاءِ جيڪي سوين
مسئلا پيش ڪيا آھن، تن ۾ رات ۽ ڏينھن جو، سندن
سمورن پھلوئن سميت مشاھدو به شامل آھي. ھتي اسان
ان جو رڳو ھڪ پھلو پيش ڪرڻ گهرون ٿا، يعني ته انھن
جي گردش.
وڻ جي ھن ڪري تعريف ڪئي وڃي ٿي، جو ھو پنھنجون
پاڙون زمين ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اونھيون وجھندو
وڃي ٿو، ۽ نڪي ھن ڪري ته ول وانگر رڙھي ٿو.
عربي گهوڙي ۽ ھرڻ جي ساراھ سندن سبڪ رفتاريءَ جي
ڪري ئي ڪئي وڃي ٿي. ھڪ خانه بدوش جي ھن ڪري ساراھ
ڪئي وڃي ٿي، جو ھو سدائين رُلندو ۽ پنھنجي ڌڻ جي
پيٽ _ قوت لاءِ نوان چراگاھ ڳوليندو رھي ٿو، جن
سان پنھنجي طبيعت سير ڪرڻ سان گڏو گڏ پنھنجي جان
جي حفاظت به ڪري ٿو.
اسان کي بيحد ڏک ٿئي ٿو، جڏھن اسان ڏسون ٿا ته ان
ماڻھوءَ، جنھن ’ھرُ ‘۽ ’باھ‘جون خوبيون ڳولي لڌيون
آھن، انھيءَ خانه بدوش کي فقط ھن ڪري بُرو _ ڀلو
چوي ٿو، جو ھو ماڻھو زمين آباد ڪري سگهي ٿو،
پنھنجي لاءِ گهر ٺاھي ٿو، باھ کي ڏينھن رات جلندو
رکي سگهي ٿو، ’جانوس ديوتا‘ جي در تي ڪنڌ نوائي
ٿو، سفر کي مذھب جي برخلاف سڏي ٿو، ملڪيت کي مذھبي
سرشتو سمجھي ٿو، پنھنجي نفعي خاطر ديوتائن سان
لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ ٻانڀڻن جو فرقو پيدا ڪري ٿو،
۽ ھيءَ پختي راءِ قائم ڪري ٿو، ته مزورن کي غلام
وانگر ئي رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اھي انسانيت کان
ڪجھه گهٽ درجي وارا آھن.
خود زردشت جھڙي عظيم ماڻھوءَ، ھيءَ تصديق ڪئي آھي
ته ھن لاءِ سچائيءَ جو سڀ کان وڏو ڪم زمين آباد
ڪرڻ آھي. ھن جي نظر ۾ چڱي معاشري جي قيام لاءِ،
ذات پات جو ڀيد _ ڀاو لازمي ڳالھه آھي. ھو پاڻ کي
آريه سڏائي ٿو ۽ ٻين سڀني غير آريه لوڪن کي وحشي ۽
مليچ سڏي ٿو. ھو گانءِ ۽ ڪُتي جي پوڄا ڪري ٿو.
گانءِ جي ھن لاءِ جو اھا گهَر کي کير پياري ٿي ۽
ڪُتي جي ھن لاءِ، جو ھو گهر اڳيان پھرو ڏئي ٿو.
ھتي ھيءَ ڳالھه به خيال ۾ جڳائي، ته ڪم ۽
حياتيءَ جو سمورو مقصد باھ ۽ ديوتا جي دَرَ ۽
املاڪ جي سموري پوڄا، بمع گانءِ ۽ ڪتي جي پوڄا جي
، ۽ ديوتائن سان لاڳپن جي قيام لاءِ، ٻانڀڻن جي
واسطيداريءَ جي فقط ’جان‘ جي حفاظت ڪرڻ ۽ اولاد جي
سلسلي کي جاري رکڻ آھي.
يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ’بُک ۽ ڊَپ‘ کي
پري رکڻ آھي. يا وري ائين چئجي ته ’اناج‘ ۽
’سلامتي‘ حاصل ڪرڻ آھي.
مان سمجھان ٿو ته اھو ھڪڙو ئي مثال ھن حقيقت کي
واضح ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي، ته ڪيئن ته مختلف مذھبن ۽
عمل جي مختلف دستورن جو قدر ڪيو پئي ويو آھي، ۽
ڪيئن نه اھي پنھنجن وقتن ۾ ضروري ھئا، ۽ ڪيئن نه
انسان ھڪ حالت کان ٻيءَ حالت ڏانھن وڌندو رھيو
آھي.
کيس پنھنجي آقائن ۽ پادرين طرفان جيڪي
ھدايتون مليون، تن کي اسان ھاڻي ’تعليم‘
سڏينداسين. ان جو ڪارج اھو ساڳيو ئي آھي. تنھنڪري
”اسلامي تعليم جي معني آھي، قرآن طرفان شروع ڪيل
ارتقا جي مدي دوران زندگي گذارڻ جون ھدايتون.“
ڪابه ڳالھه جا ھاڻوڪي مرحلي تي، انھيءَ
ترقيءَ کي نقصان پھچائي، سا غير اسلامي آھي. اھو
مقصد جيڪو قرآن چاھي ٿو ته انسانذات حاصل ڪري،
تنھن کي جيڪا به شئي نقصان پھچائي، سا خراب تعليم
آھي، غلط تعليم آھي، غير اسلامي تعليم آھي. اھا
اھڙي تعليم آھي، جا سوجھري مان ڪڍي، اوندھ ڏانھن
گِھلي وڃي ٿي. ھتي وري به مان فقط ھڪڙو مثال پيش
ڪريان ٿو. چيو وڃي ٿو ته اڄوڪو انسان، خاص طورتي
تعليم يا فته انسان ’ماده پرست‘آھي. ’مذھب‘ جو لفظ
ئي ھن کي ڪاوڙائي ٿو ڇڏي. ڇا انھيءَ الزام ۾ ڪا
صداقت آھي؟ جيڪڏھن ھائو ته ڇو؟ اسان ھن حقيقت کان
انڪار نٿا ڪري سگهون، ته اھڙا لکين انسان آھن،
جيڪي پاڻ کي ’ملحد‘ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا؛ ۽
ٻيا لکين انسان اھڙا آھن، جيڪي جيتوڻيڪ انھيءَ حد
تائين ته ڪونه پھتا آھن، پر پوءِ به فقط ٻن بُتن
جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انھيءَ پوڄا کي جاري رکڻ جي ڪوشش
ڪن ٿا. اھي ٻه بُت آھن، جوان رھڻ لاءِ اڻميا ذريعا
۽ ھر قيمت تي لذت حاصل ڪرڻ. انھن جي اڳيان ھنن کان
سواءِ ٻيا ڪي به مقصد ڪين آھن. اهي لکين انسان
زياده ترانهن ملڪن ۾ لڀن ٿا، جيڪي حضرت عيسيٰ عليه
اسلام ۽ عيسائي مذهب تي ناز ڪندا هئا، اهي ماڻهو
حضرت عيسيٰ جي هنن قولن کي وساري ويٺا آهن ته:
”انسان کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو هو سڄي دنيا
ته حاصل ڪري وٺي، پر پنهنجو روح وڃائي وهي؛“ ”هي
جان وڃايو ته جيئن وري جان حاصل ڪريو“؛ ”اوهان
بهشت جي بادشاهي حاصل ڪريو، جو ٻيون سموريون شيون
ان سان گڏ مهيا ٿي وينديون؛“ ”سڀڪجهه ڇڏي ڏيو ۽
منهنجي پيروي ڪريو.“
مون کي افسوس آهي ته اهي انهن مقولن کي زندگيءَ جي
اصولن طور اختيار ڪرڻ بدران، انهن تي کِلن ٿا. سبب
ڪهڙو آهي؟ جيئن اسان اڳي ڄاڻائي آيا آهيون. حضرت
عيسيٰ کان پندرهن صديون پوءِ به پادري، تعليم کي
ضروري نه سمجهندا هئا. جديد ادارا ۽ تعليم جا
طريقا ۽ مضمون، سڀئي مسلمانن نقل ڪيل آهن. فقط اها
شئي جنهن کي نظر انداز ڪيو ويو هو، سا هئي تعليم
جو مقصد.
اسلام سڀني لاءِ تعليم کي لازمي قرار ڏنو آهي، ۽
ان جو مقصد ٻيو جيڪي به هو سو هو، پر هڪ مقصد
پراڻو مقصد به هو، يعني ته اناج ۽ سلامتي حاصل
ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته بُک ۽ خوف جو مقابلو
ڪرڻ. اسلامي تعليم آئي، پر نڪي انهن کي ختم ڪرڻ جو
حڪم ڪيائين ۽ نڪو ان کي عيب سمجهيائين، بلڪ انهن
کي اعليَ درجي تي پهچايائين، ان، انهن کي دشمن نه
سمجهيو، بلڪ انهن کي ارتقا جي ترقي پسند راهه ۾
وڌيڪ خوبصورت مقامن حاصل ڪرڻ جو محرڪ سمجهيائين.
ان جي برعڪس يورپي ماڻهن، جن تعليم اختيار ڪئي، تن
جو مقصد زمين ۽ قوت حاصل ڪرڻ هو. ڇاڪاڻ ته انهن جو
گمان هو ته مسلمانن به انهيءَ ذريعي سان زمين ۽
طاقت حاصل ڪئي آهي. دولت انهن کي وڌيڪ هرکايو،
ڇاڪاڻ ته انهن ڏٺو ته اسپين فقط هڪ صديءَ ۾ يورپ
جي سڀني ملڪن جي گڏيل دولت کان به وڌيڪ دولت جو
مالڪ بنجي ويو آهي.
اهو قرآن ئي آهي. جنهن چيو آهي ته”انسان کي اهو ئي
ملندو جنهن جي هو طلب ڪندو.“ جيڪڏهن هو گرمي حاصل
ڪرڻ لاءِ باهه گهرندو ته کيس اها ملندي، جيڪڏهن
هو اڻڏٺل کي ڏسڻ لاءِ سوجهرو گهرندو ته کيس اهو به
ملندو، پراوهان جيڪي گهرندا، تنهن کان وڌيڪ نه
ملندو.
ٻي ڳالهه جنهن مذهب کي نقصان پهچايو، سا هئي
ڪرستانن ۽ ٻين پادري طبقن جي روش شرع ۾ انهن اسلام
۽ ان جي پيغمبر کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر
نه ڇڏي. فقط انهن ماڻهن، جن پنهنجي طرز معاشرت
خلاف احتجاج بلند ڪيو ٿي، تن ئي قرآن طرفان دنيا
جي رهنمائيءَ لاءِ آندل هدايتن کي قبول ڪيو ۽ سو
به زياده تر اڻسڌن طريقن سان. ڪليسا، تعليم ۽لکڻ
پڙهڻ جي مخالفت ڪئي. هن غلامن رکڻ جي رواج جي
خاتمي جي به مخالفت ڪئي. جڏهن اهو معاملو ڪليسا
اڳيان پيش ٿيو. تڏهن هن ارسطوءَ سان اتفاق راءِ
ڪندي، هي ظاهر ڪيو ته ”غلامي هڪ ضروري ۽ قدرتي شئي
آهي،“ يورپ ۾ غلامن پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش
ڪئي، پر ڪليسا، زميندارن جو ساٿ ڏيئي، انهن جو
پنهنجي پوري طاقت سان مقابلو ڪيو. ٻين لفظن ۾ ائين
چئجي ته جيڪا به ترقي پسند ڳالهه هئي، تنهن جي
ڪليسا طرفان مخالفت ڪئي ويئي، تنهنڪري عوام الناس
جي ڪاوڙ، جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. ان جو نتيجو
اهو نڪتو جو ’مذهب‘ جي لفظ جي خلاف به زبردست نفرت
پيدا ٿي ويئي، جيستائين ڪ، فرانس جو انقلاب ۽
’والٽيئر‘ ظهور پذير ٿيا، جرمنيءَ ۾ ’گوئٽي‘ ۽
انگلينڊ ۾ ’ڪارلائل.‘ انهن سڀني عالمن مذهب خلاف،
انهيءَ نفرت کي هن ذريعي دفع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته
اهي محمد صلي الله عليه وسلم ۽ اسلام کي صحيح رنگ
۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ته جيئن انهن لاءِ نئين مذهب
جي مطالع جي راهه کلي پوي، ڇاڪاڻ ته پراڻا مذهب
ناقابل عمل بنجي چڪا هئا. پر انهيءَ جو به ڪو بهتر
نتيجو ته نڪري سگهيو، سواءِ ان جي ته ڪن پراٽسٽن
جون دليون متاثر ٿيون، جيڪي اڳت پادري طبقي ۽ انهن
جي طريقن کان بيزار ٿي چڪا هئا؛ ۽ جن اسلام جي
روشنيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۾ نظرين جي نئين سر ترتيب
ڪئي، انهن پاڻ کي ’فراخدل‘(Liberal)۽
نئون پسند‘(Radical)۽
آزاد خيال (Free
Traeters)
ظاهر ڪيو. پر انهن جي زندگي به عملي طرح سان
راڻيءَ وڪٽوريا جي موت سان ختم ٿي ويئي، ۽ پهرينءَ
جنگ کان پوءِ ان جو مڪمل ريت خاتمو اچي ويو.
هتي انهيءَ عظيم مفڪر لبرل جا لفظ پيش ڪرڻ
دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندا، جنهن خود انگلينڊ ۾
به پراٽسٽنٽ لبرلزم جي دفن ٿي وڃڻ کان اڳ، لبرلزم
جي موت تي مرثيو چيو هو. سندس لفظن پيش ڪرڻ کان
اڳ، مون کي اجازت ڏيو ته مان انهيءَ عظيم هستيءَ
جو نالو پيش ڪريان، سو اهو آهي، پروفيسر، ايل.ٽي.
هاب هائوس، لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجيءَ جو
پهريون پروفيسر، جيڪو منطق ۽ معقول دلي بازيءَ جو
ڪٽر حامي هو. اقبال ۽ مون کي هن جي ڪلاسن ۾ شريڪ
ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. هن پنهنجي آخري ڪتاب،
”مباديات_سماجي انصاف“
Elements of Social Justice
جي پڇاڙي هنن لفظن سان ڪئي آهي:
”سماجي فلسفي لاءِ، پختا نتيجا هي آهن ته جمهوري
برادري، بين الاقوامي هئڻ گهرجي ته هر مادي طاقت(
Physical Force)
جي تهه ۾ انصاف جو عميق چشمو آهي، ۽ آخرين فضيلت
۽عظمت (
Ultimate Supremacy)ٻي
ڪنهن به جماعت کي حاصل نه آهي، سواءِ روحاني قوتن
جي، جيڪي داناءَ ترين ماڻهن جي دلين ۾ نا مڪمل طور
تي محسوس ڪيون وينديون آهن؛ ۽ انهيءَ ئي سبب جي
ڪري ، حليم ترين انسان کي به جائز طور تي متاثر
ڪنديون آهن. اهي سڀيئي تنزل پذير تحريڪون جيڪي
اسان لاءِ خطرو پيدا ڪري رهيون آهن، تن ۾ سڀ کان
خطرناڪ اها آهي، جنهن سان آزاديءَ(Liberty)
جو تصور،جيڪو سخت محنت سان حاصل ٿيو آهي، تنهن تان
گرفت نڪري وڃي؛ ۽ جنهن جو مثال هن روئداد مان ملي
ٿو ته، بوليشيوزم(Bolshevism)جي
مقابلي ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته بولشيوڪن (Bolsheviks)
کي قتل ڪيو وڃي، بلڪ انهن جي اسپتالن جي ڪلورو
فارم جي رسد به بند ڪئي وڃي. شايد انهيءَ روئداد
جي تاريخ دنيا کي وري هي سبق ڏيندي ته ترقيءَ جو
سرچشمو روحاني آهي، ۽ دنيوي اوزار انهيءَ روح جي
مدد ڪري نٿا سگهن. شايد اڌوري علم ۽ متضاد عقيده
پرستيءَ جي متبادل طور، هڪ صحيح روحاني اختياري
پيدا ٿيندي، پر اها اختياري پنهنجي روحاني اصول جي
عين مطابق هئڻ گهرجي، جيڪا عقل جي سوجهري ۽انسان
جي عقيدي موجب، پنهنجو اختيار مڃائي، جيڪا طاقت ۽
مقام کان بدظن هجي، هڪ اهڙي جماعت هجي جا ڪامورن ۽
حاڪمن تي مشتمل نه هجي، پر علم ۽ عقل، سچائيءَ ۽
انسانذات جي ڪليسا تي مشتمل هجي، ۽
جنهن ۾ دنيا جون جمهوريتون،
پنهنجو حقيقي روح ڳولي سگهن،“
پراٽسٽنٽ لبرلزم جي اها اڻسڌي پهچ به ختم ٿي ويئي
آهي، ۽ والٽيئر ۽ مارڪس جو زور وڌي رهيو آهي.
مان هن مهل بس ايترو ئي چئي سگهان ٿو، جو ڪافي
گهڻو آهي. هاڻ اهو شاگردن ۽ استادن تي ڇڏيل آهي ته
اهي اورچ ٿي، قرآن جي مدد سان هن حقيقت کي ڳولي
لهڻ جي ڪوشش ڪن، ته اسلام جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ ان جو
انساني ارتقا جي ڪهڙي دؤر سان لاڳاپو آهي. ارتقا
جي تبديلين جو طريقو(Orthogenic
line)
ڪهڙو آهي؟ ۽ اهو ڪٿي پهچائي ٿو. اسان ڪيئن ترقي
ڪندي، ان تي هلي سگهون ٿا ۽ اسان ڪهڙيءَ طرح منزل
تي پهچي سگهون ٿا.
فقط اها ئي تعليم ۽ اهي ئي مدرسا، جيڪي اها حقيقت
پُراثر نموني ۾ سمجهائي سگهن، سي ئي پاڻ کي
”اسلامي“ چوائڻ جا حقدار آهن ۽ نه ڪي ٻيا. |