سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :12

هڪ بلوچ شاعر، بلوچ لاءِ چوي ٿو:”بلوچ هڪ وڻ آهي، سندس شاخون بيشمار آهن. اسلام سندس ايمان آهي، هو پنج وقت نماز ۽ ٽيهه روزا رکي ٿو، شراب لاءِ نفرت ڪري ٿو. سندس منزل ستارن کان به پري آهي. مسلمانن ۾ ان ڪري پيارو آهي، جو جڏهن هي شهسوار ميدان ۾ نڪري ٿو، تڏهن ڪابل، قنڌار،ڪشمير، دهلي ۽ دکن جا در سندس چمڪندڙ ترارن اڳيان ڪنبن ٿا.“

بلوچ قوم جي پوري زندگي، روحاني ۽ اخلاقي حيثيت سان ، پيرن ۽ بزرگن سان وابسته رهندي آئي آهي، ٻه_ٽي صديون اڳ ڪلهوڙا خاندان جا مريد هئا، ان ڪري اڄ تائين ميان يار محمد، ميان نصير محمد، ميان آدم شاهه، ميان شاهل محمد، ميان سرفراز، ميان الياس، وغيره سان، سنڌ ، پنجاب ۽ بلوچستان جي بلوچن جي عقيدت آهي. ان کان سواءِ، سنڌ ۾ شهباز قلندر، عبدالله شاهه گودڙيو، گاجي شاهه، شاهه پنجو سلطان، شاهه لطيف، شاهه عنايت جهوڪ شريف، سچل سرمست وغيره تي اڄ به بلوچن جا عقيدتمندانه آثار موجود آهن.

پنجاب ۾، ڪوهه سليمان جي اوڀر ۾ رهندڙ بلوچ قومن جي عقيد تمندانه وابستگي، حضرت خواجه غلام فريد رحه سان آهي. خواجه جي ڪلام ۽ ٻين عشقيه ۽ روحاني داستانن سان بلوچن جو تعلق وارفتگيءَ تائين پهتل آهي. ان طرح بلوچن جو تعلق حضرت خواجه سليمان تونسويءَ سان به آهي. ان کان سواءِ، حضرت سخي سرور سان به سندن عقيدت آهي. سلطان باهو ۽ بلا شاهه سان به وابسته آهن. انهن کان سواءِ، برصغير هند_ پاڪ جي هرهڪ پير طريقت ۽ صاحب ڪشف وڪرامات سان سندن تعلق آهي. سنڌ ۾ مخدوم نوح سرور، شاهه ڪريم رحه، لواري شريف، گروهڙ شريف، ۽ ڪنگري شريف جي راشديه خاندان سان بلوچن جي مختلف گروهن جو تعلق آهي. باقي بلوچن جا نوان نسل گهڻي ڀاڱي آزاد خيال ٿي چڪا آهن، ۽ زماني جي تقاضائن کين مجبور ڪيو آهي.

هي آهي بلوچن جي تاريخ متعلق مختصر تبصرو. اميد آهي ته اسان جا ٻيا محقق ۽ مؤرخ، هن شآندار قوم جي تاريخ ۽ ثقافت کي زندهه ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکندا ۽ اسان جي معلومات ۾ اضافي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.

ٻيو ته هي هڪ اختلافي مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ ڪافي وقت کان بلوچن ۾ ۽ ڪن علمي رسالن ۾ هلي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ ’بلوچي دنيا‘ ملتان ۾ به ڪي جوايب مضمون ڇپيا ويا آهن. اميد ته انهن جو جائزو به ورتو ويندو، انهن مقاله نگار محققن جي احترام کي مدِنظر رکي، انهن جا خيالات پيش ڪيا ويندا ۽ انهن متعلق ڪجهه پنهنجي پاران به عرض ڪنداسون. اصل ۾ شروعات ديري غازي خان جي هڪ شيخ شير محمد پاڪستانيءَ نالي ڪئي آهي، جنهن جا ڪجهه اقتباس مٿي پيش ڪيل آهن ۽ انهن جا مختصر طرح سان جواب ڏنل آهن. اميد ته سنڌ جا محقق هن طرف توجهه ڪرڻ فرمائيندا.

راڄ محمد پَلِي

ابو النصر فارابي

(مسلمان فلسفي)

...... جنهن ’پوليٽيڪل سائنس‘ جو بنياد رکيو. يورپ، فارابيءَ جي نظريات کان، ابن خلدون جي وسيلي سان واقف ٿيو.

مسلمان فيلسوفن ۾، ابونصر فارابي، سڀني کان پهريون فيلسوف آهي، جنهن عمرانيات (سوشيالاجي) تي پنهنجي خيالات کي قلمبند ڪيو آهي. يورپ جا محقق تسليم ڪري چڪا آهن ته فارابيءَ جا ٻه رسالا، ’سياست مدنيه‘ ۽ ’مدنيـﺔالفاضله‘، پوليٽيڪل سائنس جو بنياد آهن.

فارابيءَ جو زمانو 259هه کان 329هه تائين هو. اهو زمانو، ’ديلمي‘ حڪومت جي عروج جو زمانو چيو وڃي ٿو.

فارابيءَ، سڀ کان اول ان سلسلي ۾ دينيات سان گڏ، يوناني فلسفي کي مطالع ڪيو. خاص طرح سان سياسي ۽ جمهوري خيالات تي غور ڪيو. ان ئي مطالع جي دور ۾، ’ارسطو‘ جي ڪتابن جون شرحون پڻ لکيائين. خوبي اها پيدا ڪيائين، جو پنهنجن شرحن ۾ افلاطون ۽ ارسطوءَ جي نظرياتي اختلافن جي به تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪندو ويو.

فارابيءَ جنهن دؤر ۾ اکيون کوليون آهن، اهو دؤرِ ملوڪيت جي عروج جو دؤر هو، جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. هي اهو دؤر هو، جنهن ۾ فقهي موشگافيون به پنهنجي فني حيثيت سان ڪمال تي پهچي چڪيون هيون. مسئلن جي توجيهات ۾ ڪافي ڪتاب لکجي چڪا هئا. اهڙيءَ مطلق العنان حڪومت جي دؤر ۾، فارابيءَ جو عمرانيات ۽ سوشالاجيءَ جهڙي ’فن‘ ڏانهن توجهه ڪرڻ“ واقعي حيرت جهڙو ڪارنامو آهي!

فارابيءَ پنهنجي ڪتاب ’مدنيـﺔالفاضلـﮧ‘ ۾ روزاني زندگيءَ ۾ رهندي، ’فرد‘ جي مثالي ڪردار کي پيش ڪري، ان جي مجموعي حيثيت تي هڪ مثالي معاشري جو خاڪو پيش ڪيو آهي. فارابي، ان موضوع تي لکندي، مدني سياست کان مثالي شهريت يعني مدنيـﺔالفاضلـﮧ ڏانهن بحث جو رخ ٿو موڙي. فارابيءَ وٽ شهري سياست، معاشرتي ارتقا جي پهرين ڪڙي آهي. فارابي، هڪ مخلوط معاشري جو بنياد رکي، سڀني قسمن جي چڱن_ بُرن ماڻهن تي بحث ٿو ڪري. افراد تي بحث ڪري، معاشري کي چند طبقن ۾ ٿو ورهائي. اهي طبقات مختلف مفادن ۽ وسلين جي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾“ هڪٻئي سان اختلاف رکندڙ ٿو ڏيکاري. ان بحث هلائيندي، فارابي، انسان جي ’روحاني ۽ حيواني‘ حيثيت کي به اڳيان ٿو آڻي.

فارابي پنهنجي بحث ۾ ’ارسطو‘ جي ان نظريي کي ڏاڍي سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، ته ’انسان‘ ڪيئن طبعي طور تمدن ۽ شهريت کي پسند ٿو ڪري. فارابي لکي ٿو:

”معاشرو ان وقت وجود ۾ اچي ٿو، جڏهن آبادي تمام گهڻي ٿي ٿي وڃي، ۽ اڪيلو انسان پنهنجن ضرورتن کي اڪيلي سر منهن ڏيئي نٿو سگهي، ۽ لاچار ٿي، ٻين ماڻهن جو تعاون ٿو حاصل ڪري. ان تعاون حاصل ڪرڻ کان سواءِ، هڪ فرد جو زندهه گذارڻ پنهنجي جاءِ تي ناممڪن ٿي پوي ٿو. اصل ۾ اهو قدم حيوانيت جي آزاد زندگيءَ کان نڪري، ’احتياج ۽ ضرورت‘ جي پهرين منزل ڏانهن آهي. ان طرح جيئن جيئن آباديءَ ۾ اضافو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن لازمي طرح سان، ضرورتن ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي. ان حيثيت سان، زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ وسيلن، ذريعن، ڪوششن، ڪمن ڪارين جي گهڻائيءَ جي دٻاءَ هيٺ رهندڙ، هڪ خطي جا اعليٰ توڙي ادنيٰ ماڻهو، باهمي تعاون سان پنهنجي ’بقاءِ حيات‘ لاءِ لاچار هڪ معاشرتي نظام تعمير ڪن ٿا. ان ايتري وسيع نظام کي هلائڻ جي لاءِ، ڪيتريون معاشرتي پابنديون به لاچار ٿي پاڻ تي هموار ڪندا آهن، بلڪ خوشيءَ سان قبول ڪندا آهن. منهنجو چوڻ آهي ته اگر اهڙي معاشري وارا ماڻهو، انهن حدن ۽ معاشرتي پابندين تي هلندا رهندا ته پوءِ نه فقط معاشرو ترقيءَ ۽ سعادت جي واٽ تي هلندو رهندو، پر ان سان گڏ سڀ رهواسي ان ماحول جي حالتن آهر، ادب ۽ علم ۾، اخلاق ۽ روحانيت ۾، معاش ۽ گذر اوقات ۾ به ترقي ڪندا رهندا ۽ ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسندا.

”ٻيو ته صحتمند عمراني زندگيءَ ۾ طاقتور ماڻهن ۽ ڪمزورن جي حقن جو پڻ تعين ڪيو وڃي ٿو. ان اصول مان ئي شهريت جا قانون بنجن ٿا، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي تجربن ۽ مشاهدن جي جاچ جوچ کان پوءِ، ’شهريت‘ هڪ اعليٰ نظام جي حيثيت وٺي ٿي.

”ان نظام ۾ معاشرتي فرضن ۽ هڪٻئي ڏانهن پيدا ڪيل، رٿيل ۽ قائم ڪيل جوابدارين کي مختلف فردن ۾ ورهائڻ جي نوبت اچي ٿي. ان طرح سان طاقتور توڙي ڪمزور ٻئي طبقا پنهنجن حدن اندر رهندي، معاشري جي تعمير ۾، هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهن ٿا. ٻنهي طبقن جو اهو صحتمند رابطو، حقيقي معنيٰ ۾ انساني زندگيءَ جو ضامن آهي. ان طرح سان هڪ فرد جي اها صلاحيت جا کيس فطرت جي طرف کان مليل آهي، سا نشوونما حاصل ڪري ٿي. اهو فرد اڳتي هلي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري ٿو ۽ انسانذات جي مجموعي ادارن ۽ مطالبن لاءِ ڪارگر بنجي ٿو. اهڙن صالح فردن جي ڪوشش ۽ اصلاح سان صحتمند اجتماعي نظام وابسته آهي.“

هي آهي  فارابيءَ جي تشريح، جا هن دؤر ۾ به افاديت جي حيثيت رکي ٿي. اڄ جو عمراني فن به انهن اصولن تي هلي چلي رهيو آهي.

فارابيءَ جو نظريو، نهايت واضح ۽ چٽي، خير ۽ مسرت واري واٽ ٿو ڏيکاري. سندس تصنيفات ۾ ’خير ۽ شر‘ تي به فلسفيانه انداز ۾ بحث ٿيل آهي.

فارابي، خير ۽ شر جي تعريف پنهنجي خاص عمراني نظريي سان هن طرح ڪئي آهي:

”شر، اصل ۾ تجربي جي ناپختگيءَ جو نالو آهي، يا انهن غطل ڪمن ڪارين جي نتيجن جو نالو آهي، جي ڪم غير ضروري ۽ غلط حالتن ۾ غلط سليقي سان پيدا ٿا ٿين.“

ان کان پوءِ لکي ٿو:

”پر جڏهن معاشرو رفته رفته ترقي ۽ اصلاح جي واٽ ٿو وٺي، منجهس صالح فردن جو اثر وڌي ٿو، تڏهن اها سليقي جي غلطي دور ٿي ٿئي. ان طرح سان آهستي آهستي بتدريج، شر، خير ۾ تبديل ٿيندو ٿو رهي. ان مان اهو به واضح ٿو ٿئي ته اها حرڪت، جا معاشري جي صالحيت ۽ سالميت کي نقصان ٿي رسائي، سا ’شر ۾ داخل آهي.ان طرح هر اها حرڪت، جا معاشري کي تقويت ٿي پهچائي، سا ’خير‘ آهي.“

ان کان پو فارابي، سوشل سائنس جي هن طرح تشريح ٿو ڪري:

”معاشرتي تجربن سان، انسان جي صلاحيتن ۾ تازگي ۽ اضافو ٿو پيد اٿئي. انهن تجربن سان انسانن جي مختلف طبقن جي ’ذهن‘ ۾ جو مواد ٿو پيدا ٿئي، ان کي معاشري جا صاحبِ فڪر ماڻهو، جمع ٿا ڪن. انهن منتشر جزن کي پاڻ ۾ ملائين ٿا. انهن کي ترتيب ڏيندي، ڇنڊڇاڻ ٿا ڪن. تان جو سندن ان بحث ۽ تنقيد ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ جوچ سان انهن معاشرتي تجربن کي، سوشل سائنس جي صورت ٿا ڏين.“

ان کان پوءِ فارابي ٻڌائي ٿو ته مفڪر ۽ قانوندان توڙي فنڪار ڪيئن ٿا پيدا ٿين؟ فرمائي ٿو:

”ڪوبه مقنن، ڪوبه مفڪر، ڪوبه فنڪار، جيستائين انهن سماجي تجربن جي باهه مان پچي پختو ٿي نٿو نڪر،ي تيستائين نڪو فن جي تعمير ٿو ڪري سگهي، نڪو قانون جي ترتيب ۾ ڪامياب ٿو ٿئي، نڪو فڪر جي دنيا ۾ ڪو ’صالح قدر‘ ٿو پيدا ڪري سگهي.“

فارابي، ان تشريح کان پوءِ هڪ لازمي شرط بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”پر ان لاءِ نهايت ضروري آهي ته فڪر ۽ فن جي اظهار تي ڪابه پابندي نه لڳائي وڃي. اهڙن لائق ماڻهن کي ’مڪمل آزادي‘ ملڻ گهرجي. معاشري جي طرفان ڪنهن به قسم جي ڀڃ_ گهڙ، تنقيد ۽ ڇنڊڇاڻ، فڪر وارن تي نه لڳائي وڃي.“

فارابي ٻڌائي ٿو ته فڪر وارن تي معاشري جي گرفت ۽ تنقيد جي ڪري ڇا ٿي سگهي ٿو، فرمائي ٿو:

”پابندي لڳائڻ سان انساني صلاحيتن جا چشما، خشڪ ٿي ويندا ۽ اجتهاد ۽ ايجاد جا مادا مري ويندا. روشن ۽ سداحيات جوهر زنگ آلود ٿي ويندا. زبانون بند ٿي وينديون. سينا سوڙها ٿي ويندا. قلم بيڪار ٿي ويندا ۽ دماغ مردارٿي ويندا. مطلب ته معاشري ۾ ’صالح عنصر‘ جي پيدائش ائين ته ختم ٿيندي، جيئن ڪا سنڍ عورت ٻارن ڄڻڻ جي صلاحيت کان هميشه لاءِ محروم رهجي وڃي!“

ان کان پوءِ فارابي ٻڌائي ٿو ته آزادي پسند دؤر ۾ ڇا ڇا ٿو ٿئي؟ فرمائي ٿو:

”خبر اٿو ته اهو معاشرو، جنهن ۾ صالح فڪر وارن ماڻهن تي ڪا گرفت نه آهي، اتي ڇا ٿو ٿئي؟ جواب ڏيندي چوي ٿو. ’اهڙن شهرن ۾ فڪر ۽ فن پنهنجي پوري صحتمند تابانيءَ سان جلوه گر ٿا ٿين. آزاد خياليءَ ۽ معاشرتي رعايتن جي ڪري، مختلف قومن جي اچ وڃ ٿي ٿئي. انهن جا صاحب فڪر اچي ٿا آباد ٿين. فڪر جي ڏي_ وٺ ٿي ٿئي. علم ۽ فن ۾ اضافو ٿو ٿئي. هڪٻئي جي تجربن ۽ مشاهدن مان اسفادي ڪرڻ جي هڪ سنئين سولي واٽ ٿي پيدا ٿئي. ان تبادله خيالات مان هڪ ته معاشري کي آزاد مفڪرن جي پوري فوج ٿي ملي وڃي، جي حڪيمن ۽ طبيبن وانگر معاشرتي بيمارين جو علاج ڪندا رهن ٿا ۽ صحتمند نسل جي پيدائش وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا.‘“

پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ ۽ ائين ڇو ڪرڻ گهرجي؟ ان جو جواب، ٻن لفظن ۾ فارابيءَ هيءُ ڏنو آهي:

پوءِ ڇا ٿو ٿئي؟ هڪ وڏي معاشرتي انقلاب لاءِ رستو ٿو تيار ٿئي. هڪ صحتمند، ترقي پزِر ۽ حوصليمند معاشري جو قدم اڳتي ٿو وڌي.“

فارابي، مختلف قومن ۽ مختلف نسلن جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ کان پوءِ، جي گڏيل سڏيل سماجي اثرات جنم وٺن ٿا، تن کان به غير واقف نه آهي. اهو هڪ اهم سوال آهي ته هڪ معاشري ۾ جڏهن مختلف مذهبن ۽ مختلف تهذيبن جا نسل گڏ ٿيندا، تڏهن هرڪو پنهنجي مفاد لاءِ سوچيندو. ٻين کان حق کسيندو. طاقت جي زور تي هيڻن کي هيسيندو. ائين ٿيڻ سان ته مورڳو معاشري ۾ انتشار پيدا ٿيندو. فارابي ان جو هن طرح حل ٻڌايو آهي:

”حيواني زندگيءَ ۾ رهندڙ نسل، منهنجي مراد نه آهي. مان انسانن لاءِ چئي رهيو آهيان. منهنجو چوڻ آهي ته: جڏهن ڪنهن شهر ۾ مختلف قومون اچي آباد ٿين ٿيون، ته پوءِ صاف ظاهر آهي ته انهن جي اختلاط سان مختلف قسم جا نوان نسل پيدا ٿيندا، جن جي صلاحيتن ۽ مزاج ۾، فطرت ۽ جبلت ۾، لازمي طرح سان ڪجهه اختلاف به هوندا. ان مان فائدو اهو ٿيندو، جو هڪ شهر مان گويا يئي شهر جنم وٺندا. اهي شهر اگرچ، فڪر ۽ نظر جي خيال سان ته هڪٻئي کان مختلف هوندا، پر هڪٻئي جا مخالف نه هوندا. انهن ۾ هڪ تهذيبي هم آهنگي پيدا ٿيندي. علم ۽ فضيلت جي ڪري، انهن ۾ رنگ، نسل، تاريخ، قبيلي ۽ جاگرافيءَ وارا سنڌا سيڙها نه رهندا. انهن ۾ هڪ جامع شعور پيدا ٿيندو، هڪ جامع اخلاقي نظام پيدا ٿيندو. انهن ۾ علم ۽ فضل جي مرڪز تي هڪ اتحاد پيدا ٿيندو. حڪيم، فيلسوف، اديب ۽ شاعر، عالم ۽ محقق سڀ پنهنجن ڪاوشن سان ان اتحاد کي مضبوط به رکندا ۽ قائم به رکندا ايندا. هرڪو نسل، پنهنجي مذهبي رسومات کي آزاديءَ سان ادا ڪندو ايندو، پر ٻين جي مسئلن ۾ دخل نه ڏيندو، ٻين سان مذهبي ڇيڙڇاڙ نه ڪندو، ٻين تي غلط قسم جا اعتراض نه ڪندو، ٻين نسلن جي مذهب، پيشوائن ۽ پاڪ جاين جو احترام ڪندو. بلڪ انهن جي معاملات ۾ پنهنجائپ ۽ عزازت وانگر شرڪت ڪندو. انهن سان صحبتون ڪندو، دک درد ونڊيندو، انهن جي ڏکن ۾ انهن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو. انهن کي پنهنجن خيالن، رواجن، مذهبي تقريبن ۾ سڏيندو. بهرحال ان قسم جي شهرن ۾ گهڻن نسلن جي موجودگيءَ مان ڪوبه نقصان نه ٿيڻو آهي، سراسر ترقيءَ وارو قدم آهي. اهائي انساني معاشري جي تقاضا آهي.“

 

ان کان پوءِ فارابي جواب ٿو ڏئي ته: ”ڀلا جن شهرن ۾ گهڻن نسلن جي موجودگيءَ م فساد انگيز ڪارگذاريون ٿيون ٿين، قومي ۽ نسلي تفاخر ۽ تعصب جي ڪري، جنگيون ٿيون لڳن ۽ تباهي ٿي مچي. سو ڇو؟“ چي:

”اهي شهر، انساني شهريت ۾ شمار ئي ڪين ٿا ٿين. اهي نسل اڃا حيواني زندگي ٿا گهارين. اهي انساني معاشري جا نه، پر حيواني معاشري جا بيهنگام ۽ اڻگهڙيل، گروهه آهن. انهن ۾ اڃا حيوانن واري وحشت ۽ جبلت موجود آهي. اهي اڃا مذهب ۽ قوميت جي افادي پهلوءَ، توڙي اخوت ۽ مساوات جي اجتماعي نظام تائين رسيا ئي ڪين آهن. تنهنڪري، اهڙي مثالن کي، انساني ’شهريت‘ ۾ نه ڳڻڻ جڳائي. اهي ’حيواني بستيون‘ آهن،، جي جهنگلن ۽ جبلن، غارن ۽ رڻ پٽن ۾ رهڻ گهرجن. اهي شهرن ۾ آباد آهن، ته پوءِ انهن جي شهريت کي ڏسي، ڪنهن به غلطفهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي، ٻيو ته انهن تي گويا خدائي حڪمت ۽ الهام جا دروازا کليا ئي ڪين آهن.“

فارابي، حڪومت ۽ حاڪميت لاءِ چوي ٿو:

”علم ۽ فضل جي مشترڪ اتحاد کان پوءِ، ترقي يافته معاشري جا سڀ نسل گڏجي، پنهنجو هڪ حڪام چونڊين ٿا، جنهن کي صدرالصدور ۽ حاڪم اعليٰ سڏجي ٿو. ان جي ذات تي سڀ نسل اتفاق ڪن ٿا، ان کي بيعت سڏجي ٿو.“

ان کان پوءِ حاڪم جي وصف ۽ ڪارڪردگيءَ لاءِ فارابي فرمائي ٿو:

”حاڪم اهو جو مجموعي شعور سان هم آهن رهي، ۽ معاشري جي صالح تقاضائن جي تڪميل ڪري. انهن سان گڏ رهي، آهن سان گڏ اٿي ويهي، صاحب، شعور ماڻهن جي راءِ طلب ڪري، انهن سان گاهه بيگاهه ملاقاتون ڪري. ڪنڊڪڙڇ ۾ نڪري پوي، لڪڇپ ۾ ملڪ جي حالت جي خبرچار وٺندو رهي. سادي زندگي گذاري، لڪندو نه وتي، دلير ۽ حوصليمند رهي، گيدي نه ٿئي. هيڻائي نه ڏيکاري، فيصلو قائم رکي سگهي. غلط ۽ صحيح راءِ ۾ فرق کي سمجهندڙ عقل شعور ۽ تجربو رکي، چڱا ماڻهو وزير مقرر ڪري، انهن جي ماتحت آفيسرن کان خبرچار وٺي، سرحدن کي سنڀالي، گهرج وارين شين جي اگهه_ پاڙ تائين واقف هجي، نيڪ هجي.“

فارابي، اڳتي ٻڌائي ٿو ته ڇا ڇا نه هجي؟

”مغرور ۽ متڪبر نه هجي، بداخلاق ۽ شرابي نه هجي، پرائن ڪَنن تي نه هلي، ماڻهن جي ڪنڌ تي سوار ٿي نه هلي، زبانن تي تالا نه هڻي، قلم کي پنهنجي مرضيءَ تي نه هلائي، پنهنجي تعريف تي خوش نه ٿئي، سازش نه ڪري، بدديانت ماڻهن کي وزير ۽ امير نه ڪري، دير سان پگهارون نه ڏئي، ڳالهائڻ وارن کي نه روڪي، وڏن ماڻهن جي هٿ ۾ پتلي ٿي نه کيڏي، اجايون جنگيون نه جوٽي، فساد نه ڪرائي، پاڙيسري ملڪن سان نه ڦٽائي، ڍلون نه وڌائي، محصول نه وٺي، آباديءَ تي بندش نه وجهي، اجايون سزائون نه ڏئي.“

ان کان پوءِ فارابي، صدر حاڪم ۽ معاشري لاءِ چوي ٿو:

”جو شهري معاشرو، صحيح مقام تي پهچندو، ان جو هر فرد، صحيح معنيٰ ۾ آزاد هوندو، پر اها آزادي، سماجي احترام کي هميشه مدنظر رکندي. ڪوبه فرد ان احترام کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي. سڀني نسلن ۾ مساوات ۽ اخوت هوندي، حڪومت ۽ حاڪميت، ڪنهن فرد جي نه پر اصول ۽ قانون جي هوندي. ان معاشري جو صدر پنهنجي معاشري جي رضامندي، مطالبي ۽ تقاضا کي هر حال ۾ مڃيندو. انهن جي نفرت ۽ حقارت تي پاڻ کي جاچيندو، انهن جي باشعور مطالبن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو:

فارابي، اهڙي معاشري جو نالو رکيو آهي. ”مدنيـﺔ الفاضلـﮧ!“ ان ۾ قانون جي حيثيت بيان ڪندي فرمائي ٿو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com