سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :17

ڌاڪ شام ۽ مصر تائين وڄي ٿي، ۽ ستن_ اٺن صدين جي ڊگهي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ  وري به  سندن ستارو وقت جي ڪنهن آڻلکي نقطي ۾ غروب ٿي وڃي ٿو. هن هيٺ، انهن اٺن صدين (اٺين صديءَ جي شروعات کان پندرهين صديءَ جي خاتمي تائين) جي ڊگهي عرصي جي بنيادي ۽ تعميري دؤر تي ”قديم سنڌي شاعريءَ“ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

مٿي سومرن جي زماني کان اڳي واريءَ اوائلي اپڀرنش ٻوليءَ جي هڪ جهوني ڳاهه (گاٿا) مثال طور پيش ڪئي ويئي آهي، ”لجي جِيئن ته وئڻ سئن ...انت“. جنهن جو ٿلهي ليکي ڪجهه مطلب ته سمجهه ۾ اچي  به ٿو ۽ ڪجهه نه به، پر ان جي ٻوليءَ ۽ اڄوڪي زماني جي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. موجوده ’زماني‘ جي ٻولي  جو  مثال  هي آهي:

ڀڳو  آءُ  نه  چُئان،  جُه  ماريو  ته  وسهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾

انهيءَ  ’زماني‘ جي فرق کي ئي لسانيات جا ماهر ٻوليءَ جي ’تاريخي ارتقا‘ سڏين ٿا. ٻوليءَ جو اهو ’زماني فرق‘ ئي آهي، جنهنڪري تاريخي ورڇ  موجب، قديم ٻوليءَ کي اپڀرنش جي دفعي ۾ شمار ڪيو ويو آهي، اپڀرنش جو زمانو جدا جدا ماهرن، لڳ ڀڳ عيسوي سن کان ٻه_ ٽي صديون  پوءِ مقرر ڪيو آهي. انهيءَ زماني کان ڪجهه پوءِ جي هن قديم سنڌي ڳيت (ڳيچ) جي ٻولي به ملا حظه فرمايو.

”چُنڙيءَ وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلو ڙي !

سانول ٻائي، ڍوليو پالر جهلي، راڻو منڌسين کلي.

     ٻاجهٽ پايون ٻنڀ تي ڙي.

هي ڳيچ (ڳاچ) اڄ به سنڌ ۾ مروج آهي ۽ شادين مرادين ۾ عام طرح ڳايو پيو وڃي، پر اڄوڪي زماني جي عام استعمال واريءَ  زبان مان مٿين جهوني ٻولي خارج ٿي چڪي آهي.

مٿئين ڳيچ (راڳ) جهڙا ٻيا به ڪئين ڪُهنا مثال موجود آهن، جن مان ئي جهوني سنڌي ٻوليءَ جا آثار ملي سگهن ٿا. هي رسمي ۽ روايتي راڳ (ڳائڻ) ئي  (Traditional Singing) آهن، جيڪي سنڌي  ٻوليءَ  توڙي  سنڌي شاعريءَ  جو  پراڻي  ۾  پراڻو نمونو پيش ڪري سگهن ٿا؛ يعني سنڌي شاعريءَ جو به اوائلي ۽ ابتدائي نمونو اهي ئي لاڏا (سهرا) آهن. انهيءَ ڳائڻ (ڳانج) کان وڌيڪ جهوني جنس ٻي ڪا به سنڌي  شاعريءَ ۾ باقي نه  رهي آهي. ڪن قديم ڳيچن ۾ ته سنڌ جي اوائلي بدويا نه  ۽ جهنگلي زندگيءَ جا ياد گار به موجود آهن. جڏهين اڄ وانگي شهري چلامان ڪونه هو، عام ماڻهو مارو ۽ مالوند هئا ۽ جوُءِ جي سانگي سان، نت نئين ويڙهه وسائيندا هئا. ان ويڙهه ۾ ئي ويڙهيچن جا وهانءَ واڌاڻا ٿيندا هئا، جتي سندن وقتي ڏيرو بسيرو هوندو هو. ’ويڙهه‘ لفظ گهڻن ئي ڳِينَ ۾، ويڙهي، واهڻ يا وسينءَ جي معنيَ سان عام طرح اچي ٿو: ”ونهيل تنهنجيءَ ويڙهه ۾ آيا ڀائر مڙي“، جديد سهرن ۾ وري هيءَ ”حاڪم بنرا، تنهنجي محلي آيا مهمان“ جي برابر آهي، اهڙا ڳانچ سنڌ جي ڪهني قبائلي تهذيب ۾ خانه بدوشيءَ  واري  دؤر جو يادگار آهن. ڳِيَن جي قديم ترين هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي. سندن سادي سٽاءَ  ۽  مضمون جي اندرو ني ڪيفيت ئي ڳيچن جي قديم هجڻ جي چٽي پڌري ثابتي آهي. ڳيچن جي گهري مطالعي مان به معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني جون مذهبي ۽ معاشرتي  حالتون، سماجي لاڙا، ذهني ڪيفيتون ۽ نفسياتي رجحان ، عقيدا ۽ عادتون، رسمون ۽ رواج. وهم ۽ وسوسا، ڀرم ۽ سنسا ۽ انهيءَ  قسم جا ٻيا ڪئين ڪهنا تاريخي يادگار ۽ قديم آثار ڳيتن جي مضمونن ۾ محفوظ آهن. اڄڪلهه رواجي طرح شادين مرادين ۾ اهي ڳيت محض وڏن جي پر ۽ ابن ڏاڏن جي پيرويءَ (Tradition) ۾ يارسمي طرح خوشيءَ ۽ وندر خاطر ڳايا وڃن ٿا. پر اڳئين جُڳ ۾ اهي هڪ قسم جا بامعنيٰ ۽ بامقصد منتر جنتر، دعائون ۽ ڦيڻا يا منڊ ۽ ڪامڻ مڃيا ويندا هئا. ’ڪامڻ‘ لفظ ته اڄ به انهيءَ  ساڳيءَ معنيَ سان ئي، ساٺ _ ڳَين جو خاص نالو آهي.

ڪامڻ ٻولان ٻول لــــڳي، ڪامڻ زوران زور لڳـــــي،

رتڙيءَ مينديءَ وانگ لڳي،چُوئي چندن وانگ لڳي.

وهانءَ ۾ سوڻ ساٺ، ٽوڻا ٽيڪڙ، سڳا ڌاڳا ۽ واس ڌوپ اهي سڀ لازمي عمل يا ضروري ’پرڀ‘ مڃيا ويندا هئا.

ويهي ڏيوس لانئون، هيءَ ’پَرڀ‘ سڳورو،

ويهي ڏيوس لانئون، ڙي، نکٽ سـدورو.

هي سڀ قديم زماني جي ٻالن ڀولن انسانن جا حيلا وسيلا، هنر ۽ حرفتون آهن، جن مان ڪي اڄ تائين ’مائٽاڻيءَ پر‘ جي نالي سان باقي آهن. انهن مان گهڻا ساٺ سوڻ جيتوڻيڪ هاڻي رواج ۾ نه آهن، ته به انهن جون يادگيريون ۽ ثابتيون اڄ به سنڌي ڳيتن ۾ محفوظ ۽ جيئريون جاڳنديون موجود آهن. ”لاڏل ڪر کهنبڙو ويس، ٻڌ کهنبڙي پاڳ“، اڄڪلهه گهوٽ، زنانا (ڳاڙها) ڪپڙا پائي ۽ کهنبو مٿي سان ٻڌي، ته اسان کي اها جيڪر ڏاڍي عجيب ڳالهه لڳي، پر انهيءَ وقت ۾ اها وڏي فخر ۽ شان واري پر هئي. اڄ به  اڪثر سماٽ قبيلن ۾ ، لانئن مهل گهوٽ کي کهنبو يا ريٽو  ڍڪائي، مٿان موڙ  ٻڌايا ويندا آهن. پپر_ پوجا جو پرڀ ، هند_ سنڌ جي تمام جهوني ۾ جهوني چلت آهي، جيتوڻيڪ، اڄڪلهه خود هندستان ۾ به انهيءَ کي ڪا اهميت نه  رهي آهي، ليڪن پراڻن سنڌي ڳيتن ۾ هيءَ ”ڪَليِ“ (ڳيچ جي مصرع) وري وري ڳائبي آهي ته

”پپر تنهنجا پن، وري  پپر تنهنجا پن،

آءُ سڀئي مڙهـــــــايان ســـــون ۾ ........1“.

اهڙيءَ  طرح قديم عقيدو ته ڪي پکي مثلاَ ڪانءُ، ڪٻر، طوطو، تتر ۽ مئنا وغيره سڀاڳا يا نڀاڳا آهن ۽ اهي پنهنجيءَ پر ۾ ڪنهن نحس ساعت يا شڀ ساوڻ جي ڏانهي ڏين ٿا وغيره. اهي ڪسابن جا ڪهنا وهم ۽ وسوسا، ڀرم ۽ سنسا به ڳيچن ۾ موجود آهن_ ”امڙ ! بس ته ڪريو، ڪانگل ڇا ٿو چئي !“.

ٻيو ڳيچ... وراڻي :- اديون ! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ ڪانگ لنوي،

Text Box: 227

ڪَلي: ٻن درياهن وچ ۾، تتر تنواري، اديون ڪالهونڪر،

    پوڃاڙيءَ ڪانگ لنوي1.

ڳيچ جي وصفن ۾ هيءَ هڪڙي مُک وصف آهي ته هر زماني ۾ ان جو ڪو نه ڪو لفظ مٽجي نئون ٿيندو پئي آيو  آهي. هاڻوڪن چاهي اڳين ڳيچن  جو  عام  مضمون آهي،  گهوٽ  توڙي  ڪنوار  جي  ويس  وڳن،  ڳهڻن  زيورن ،  سندن  لڇڻن  توڙي  سونهن  سوڀيا  ۽  شاديءَ  جي  ٻئي  سامان  ۽  انتظام  وغيره  جو  فخر  سان  اعلان  ڪرڻ، ۽  جنهن نموني  سان  ٽپڙن  ٽاڙين  جو  بندوبست  ڪيو ويو  هوندو  آهي،  ان  کي  تفصيل  سان ڳائي  ٻڌائڻ ، ۽  گهوٽ  ڪنوار کي  اَسيسون  ۽  دعائون ڪرڻ ،  وغيره.  ڳيچن  جو  اِهو  مک  مقصد  هوندو  آهي. جيئن  اڄڪلهه  ڳائين  ته

دُهريءَ  ديرم  لاءِ،  سونارل !  دهريء دير مَ لاءِ،

هيءَ ويل لاڏي اچڻ جي،.....................................2.

يا

بينسر گهڙي ڏي، ادا ڙي سونارا،

گهوٽ سودا گر............................3.

پراڻن ڳيچن ۾ ان جي بجاءِ چئبو هو ته ،

”آڻ ، آڻ، ڪوري ! سهاڳــــــــــڻ چُنڙي 4.“

اهي ڳيچ انهيءَ زماني جا اهڃاڻ آهن، جڏهن اڳواٽ سوٿي ڏيئي، پوءِ مهينن جا مهينا ڪورين وٽ پنڌ ڪيا هئا  ۽  مهل سرچُني آڻي ڏيڻ لاءِ کين منٿون ايلاز ڪبا هئا. ڪوريءَ جي ڪاڻ مان مس جندُ ڇٽندي هِئي، ته وري ’ٻانڌڻ‘ ٻڌائڻ لاءِ ’ٻانڌاري‘ کي ڳولي گهر وٺي اچبو هو، ڇو ته شاديءَ رات گهوٽ به  ٻانڌڻ ڪلهن تي ٽِلا ئيندو، انهيءَ ڪري ٻانڌاري جي به خوشامد ڪري کيس ماهيا کير پياربا هئا، يا مينهن ڪاهي ڏبي هئي.

ٻانـــــڌڻ  ٻڌائيــــــــندو ، ســــــي تـــــه ٽلائيــندو،

ٻانڌارو گهر آيوڙي، مينهڙو کير پياريوس1.

۽ هي وري اهڙي ڪنهن قديم زماني جا اهڃاڻ آهن، جڏهن جُتي گهڙائي پائڻ به ڪو راجائي ٺاٺ کان گهٽ ڪارنامو نه هو.

”جُتيءَ وارو لاڏو، منهنجو ڀاءُ، ساهرين گهر آيو2.“

”مون ته جُتي گهڙائي سيم سان، ڙي لاڏل............3.“

انهيءَ قسم جا ڪوڙئين ڪهنا آثار ڳيچن ۾ ڳالهائي رهيا آهن. خود ڳيچن ڳائڻ جو  نمونو به اهڙي ساک ڀري رهيو آهي ته هي سنڌي تهذيب جو قديم يادگار آهن، جڏهن شادي وهانءُ جو سعيو ٿيندو آهي ۽ ٻه _ چار ساهيٽيون پاڻ ۾  جوڙ  ڪري، ٺهي جڙي ڳائڻ  وينهن، تڏهن ’ٿالهي‘ وڄائينديون آهن ۽ انهيءَ جي ڇرڻاٽ تي ئي مگهن ٿيو وڃن. سگهڙين جي اهڙي  وڏي انبوهه ۾ بعضي وڏو ’ ٿالهه‘ به  ڀير وانگر ٻُرندو آهي.

 

”وڄن ٿالهه گهڙيـــــــــال، اچي ڏسو راڻـــــل جا،

وڄن ڀيريون، ڇمڪن ڇيريون، هلي ڏسو....

داصل اهو ’ٿالهه گهڙيال‘ ئي ڳانچ جي سنگت لاءِ بنيادي ۽  مڪمل سازينه Orchestra آهي. ڍولڪ (دهلڙي) پوءِ جي پيشيور ڳائڻين جي ايجاد آهي، نه ته ’ٿالهي‘ ئي ڳانچ جو شروعاتي ساز آهي. مطلب ته ڳانچ ڪنهن اهڙي پراڻي زماني جو يادگار آهن، جڏهن ٿالهيءَ يا جهابجهه کان سواءِ ٻيو ڪو ساز ئي اڃا ايجاد نه ٿيو هو.

مٿين ڳيچن جي ٻوليءَ جي اپڀرنش سان قريبي مناسبت؛ مضمون ۾ منتر، ڪامڻ، پرڀ ۽  نکٽ؛ وڻن ۽ پکين جي طلسمي حيثيت؛ گهوٽ کي زالاڻو ويس ۽ ڪائڻ ۽ ٿالهيون وڄائڻ؛ ۽ ٻيا اهڙا اٻو جهائيءَ واري دؤر جا اهڃاڻ ۽ بدويا نه قبائلي زندگيءَ جا آثار، تمام ڪنهن قديم زماني ڏانهن اسان جي تصور کي اڏائي رهيا آهن. پر وري به سوال اٿي ٿو ته آخر ڳيچن جي قدامت ڪڏهن کان ڪٿڻ کپي؟ جيتوڻيڪ ”ڳيا“ لفظ ته پراڻن هندو شاسترن ۾ به ملي ٿو، پر راءِ گهراڻي کان اڳ جي ته اسان وٽ تاريخ ئي ڪانهي ! ڊنڊڻ جي اشاري مان به ان کان پوءِ ئي اهڙو سلسلو شمار ڪري سگهجي ٿو. ڀلا راءِ گهراڻي جو ڪو ڳيت جي هوندو به کڻي، ته به اهو هن وقت تائين نانگ وانگر ست کلون مٽائي، جديد بڻجي چڪو هوندو. تنهن هوندي به ’راءِ‘ جي نسبت وارو هڪ_ اڌ ڳاچ اڃا باقي آهي، شاديءَ رات گهوٽ کي جيڪي اعزازي لقب ڏنا ويندا آهن، تن ۾ اڳي راجائي نسبت واريون تشبيهون اينديون هيون. اهڙي هڪ ڳيچ جي وراڻي اڃا تائين سالم  حالت ۾ تڳندي اچي: ”راءَ رُتو‘ راءُ رُتو، راول رات،“ (ج1، ص 378ع).(جديد ڳچين ۾ ’سنڌ جو صاحب‘ ’ناري جو نواب‘ ۽ ’ولات جو وزير‘ وغيره گهوٽ جا نقب هوندا آهن.) مٿيون ”راءِ“ جيڪڏهن راءِ ديو جي (495ع) يا ستين صديءَ وارو راءِ سهاسي راءِ (632ع) نه آهي، ته انهن مان ڪنهن جو يا پڙاڏو ضرور آهي. انهيءَ کان پوءِ ’سوم راءِ‘ يعني سوُمرا پڳدارن جو به لقب ’راءِ‘ هو، جو راجا جو مخفف آهي. گهوٽ کي مانَ ڏيڻ لاءِ اڄ تائين ’گهوٽ راجا‘ چئي خطاب ڪيو آهي .  بهرحال، ڳيچن کي لٿي پٿي به سومرن جي بلڪل شروعاتي وقت کان ته اڻپڇو شمار ڪري سگهجي ٿو. مٿي سومرا حڪومت جو آغاز اٺين صديءَ جي شروعات (723ع) کان ثابت ڪيو ويو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي سومرن راجائن جا نالا نشان، لقب ۽ ٻيا تاريخي آثار ڳيچن ۾ ملڻ شروع ٿين ٿا. هيٺين ڳيچ ۾ ڪنهن اوائلي سومري سردار جي عام رواجي ماڻهن جي گهران پرڻجڻ وارو موقعو هڪ تاريخي يادگار بڻجي ويو آهي.

سنگهارن گهر سومرو ڙي، موتي پائي ٿار ۾،

 ساٺ سنگهاريون ڪن، موتي پايــــــــــــو ٿار ۾.

اٺينءَ_ نائينءَ صديءَ کان اڳ، توڻي پوءِ، همير نالي سان سومرن ۾ ڪي ناليرا راوَ ٿيا آهن. هيٺيون ڳيچ انهن مان ئي ڪنهن همير جي نسبت سان شروع ٿيو آهي.”پُڙو همير هلائيو، جنهن تي لڳڙو لک سوا“ (ص 215). سومرن ۾ دودو پهريون ’نهري دودو‘ دودو ٻيو توڙي ٽيون، پنهنجن امتيازي ڪارنامن کان نمايان آهن. ’دودو ۽ چنيسر‘ ته تمام مشهور آهن. انهن ۽ ڪن ٻين سومرن جي نالي سان به گهڻا ڳيچ شروع ٿيا آهن.

(الف) سردار سومرن جوڙي ! اڳ ۾ ٿي آيـــــــــو،

ڪَلِي: گهوڙو دودل گهوٽ جو، آهي گهڻو اڙٻنگ،

     سردار سومرن جو ڙي !....1.

(ب) مالها گهڙائج لهري، ونهيان دودل ڙي !

ليلا ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي.

وڏڙي راڄ منجهان، سُرهي راج منجهــــان،

ليلاماڻڻ ڀلي چنيسر اچي2.

(ث): بچيَن ليلان جا وَرَ، سونن ڦلن وارو ڪنجرو،

           وينڊو گهڙائي آڻ چنيسر3.

جن ڳيچن ۾ ’ڄام سمون‘ يا ڄام جراڙ‘ وغيره جي ساراهه آهي، سي يقيناً سمن جي اقتدار جي پيدوار آهن ۽ سندن رسوخ واري دائري (لاڙ) ۾ مقامي طرح رائج ٿيا. بدين پاسي جي هڪ ڳيچ جي وراڻي آهي ته ”توکي نکڙيو ڄام جراڙ“(ج 2 ص 159) يا ’سمون ڄام جهلو، ڙي سمون ڄام جهلو‘ (ج1ص 222). اهڙا ڳيچ به سومرن جي ئي پوئين دؤر (1351-1500ع) ۾  شمار ٿي سگهندا. مطلب ته سومرن جي زوال تائين ڪجهه ڦير گهير سان نوان ڳيچ ٺهندا رهيا آهن.

ڳيچن جي قدامت ۽ انهن جي دؤر دريافت ڪرڻ کان پوءِ، وري هيءَ سوال ٿو اٿي ته اهي ڪيئن ٺهيا ۽ ڪنهن ٺاهيا؟ انهيءَ جو صاف جواب هيءَ آهي ته اهي ڪنهن به سڄاڻ سگهڙ يا ڪنهن  ڳهير مائيءَ هاسيڪار ڪونه ويهي جوڙيا آهن. اصل ڳالهه هيئن آهي ته اڳئين زماني جا انسان، مرد توڙي زالون، پنهنجيءَ موج جي حالت ۾، يا ڪنهن خاص خوشيءَ جي موقعي تي، پنهنجيءَ  دل جون اَسون ۽ اَمنگ، وهم ۽ وسوسا، ۽ ان جي عمل يا رد عمل ۾ ، منتر ۽ دعائون اڪيلي سر توڙي گڏ جي الاپيندا ۽ ڳائيندا آيا آهن؛ ۽ ڪافي ڊگهيءَ مدت تائين لاڳيتو ڳائبي رهڻ سان انهن باقاعدي ڳيچن جي شڪل ورتي آهي. انهيءَ ڪري، ڳيچن ٺاهڻ ۾ مردن توڙي زالن جو هڪجيترو حصو آهي، ڇاڪاڻ ته هي جماعتي نوعيت جا راڳ آهن، ۽ اوائل ۾ نه رڳو زالون، پر انهن سان مرد به انهيءَ خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا هئا، اهڙي  ثابتي خود ڳيچن مان به ملي ٿي. ”ڀائر چون ٿا ڳيچ ڳايو هر هر !“(ج1 ص 119) ظاهر آهي ته گهوٽ جا ويجها عزيز اهڙي خوشي ڪندا هوندا، منگتا ۽ مڱڻهار ته اڄ به ڳيچ ڳائي’ لاڳ‘ گهرندا آهن.” منگتا مڱن لاڳ، مر ٻانهن لوڏي“ (ص 374).

مرد ماڻهن کي جيئن ته ٻاهرينءَ دنيا جي هوا لڳندي رهي آهي ۽ ان جو اثر به فوري طرح ٿيندو رهي ٿو، انهيءَ ڪري ڳيچ ڳائڻ ته ڇا، پر ٻيون به ڪيتريون ئي تهذيبي  ڳالهيون منجهانئن اڄ حرف غلط وانگر مٽجي چڪيون آهن. اهي اسان جون مائون ڏاڏيون آهن، جي اسان کي اڳئين جُڳ جون آکاڻيون ۽ ڳيت ٻڌائينديون اچن، ۽ اصل ’مادري ٻوليءَ‘ جو وجود ۽ سلسلو سلامت رکنديون اچن ؛ اهي اسان جون مائرون ئي آهن، جن ڪنهن به ڌاريءَ پچار کي چانئٺ جي اندر اچڻ نه ڏنو آهي. (هينئر ڳيچن جا جلد ڇپجي رهيا آهن، سي به انهن سڳورين جي ميڙيل ميراث آهن.)

”ڳيچ“ لفظ، جيئن هن وقت مروج آهي، معنيٰ شاديءَ جا ’لاڏا‘. پر اهو لفظ ڪنهن پراڻيءَ زبان پالي، پراڪرت، اپڀرنش يا ماڳهين ’زند‘ ٻوليءَ جو لفظ گاٿا (گيتا) آهي. حضرت مسيح کان اڳ، ٻڌ مذهب جي عروج واري زماني ۾، ٻوڌي ڀڪشو گاٿائون ڳائيندا هئا، جن ۾ ’ساڪيامنيءَ‘ جي مهما ڪيل هوندي هئي. اُهي گاٿائون ٻوڌي ڪتابن ۾ اڄ به موجود آهن. ان کان ڪجهه پوءِ ڀَرو ’اوستا‘جون گاٿائون وجود ۾ آيون، سي به عيسوي سن کان اڳ جون ئي آهن. ايراني مجوسين جون  اهي گاٿا، توڙي ٻڌ مذهب جون  گاٿائون، سنڌ ۾ به ڳايون ويون آهن. ٻنهي جو مک مضمون آهي، بزرگن جون تعريفون نصيحتون ۽ هدايتون، انهيءَ گاٿا جو اُچار، سنڌي ”ڳاهه“ ۽ ”ڳيچ“ ۾ موجود آهي. سنڌ ڳيچ اسان وٽ پراڻي ۾ پراڻي شاعراڻي صنف آهي، ۽ ”ڳاهه“ ان کان جان تان صدي_ ٻه صديون پوءِ پيدا ٿي آهي، ڳيچن ۽ ڳاهن جي ڀيٽ ڪرڻ مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٻنهي جي وچ تي هڪ اهڙو دؤر اچي ٿو، جڏهن ڳيچ اوائلي ٻه _ ٽي صديون گذارڻ کان پوءِ پخته  ڄمار بنجي  وڃي ٿو ۽ ڳاهه اتان ئي ڦُٽي پنهنجي ٻالجتيءَ جي واٽ تي اڃا ابتدا ڪري رهي آهي، ان کان پوءِ ڳاهون ۽ ڳيچ ٻه _ چار صديون گڏوگڏ هلندا رهيا آهن. انهيءَ وچ واري مخلوط دؤر جون ڳاهون به ڳيچن جهڙيون آهن. ’نيرل راڻيءَ‘ جي اَکاڻيءَ ۾ هيءَ ڳاهه انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ آهي_

اچي مڙو ڏاڍي پوٽيون، ساٺ ڪريو ساري،

ليرل وڃــــــــي ٿي ساهرين، عمـــــــــــر اَڌاري.

ڳيچ جي مختلف صنفن ۾ جيئن ڪامڻ، ساٺ ڳيا ۽ لاڏا وغيره ٿين ٿا، تيئن ”هيرا“به ٿيندا آهن، جي شاديءَ ۾ خوشطبعيءَ خاطر ڳايا وڃن ٿا. پر انتهائي خوشيءَ جي ڪري هيرن ۾ ڇڙواڳي ۽ ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون به اچيو وڃن، جيئن  فارسي ’هزل‘ ۾ . ڳاهن ۽ ڳيچن جي مشترڪ دؤر ۾ هيري جهڙيون ڳاهيون به ملن ٿيون، مثال وير ويهاس کي همير سومري، ان لڙائي ۾ ماريو، جنهن لاءِ ڄام پونئري سڱ ڏيڻو ڪيو هوس، پر لڙائيءَ ۾ سندس ڏند به ڀڄي پيو. شاديءَ ۾ جڏهن راجڪماري ۽ سندس ماءُ سينگارجي آيون، تڏهن هڪڙي مڱڻهار، گهوٽ جو ڏند ڀڳل ڏسي، هيرو ڳايو ته

جيــــــڙو اڻَهــــــر ڦُٽـــــــرو، تهـــــڙو جــــــــي ور هــــوءِ،

ته ڪَچو نه ڪري ڪوءِ، سس ڀلين سينگار ڪري2.

مٿيون مثال انهيءَ جو ثبوت آهي ته انهيءَ عبوري دؤر واريون ڳاهون، ڳيچن جي مطلب واريون آهن، اهڙيءَ طرح ڪن ڳيچن ۾ پڻ  ڳاهن وارو رجحان ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو مثال ڳاهن جي اَپٽار سان اڳتي  ايندو.

آکاڻيون ڳاهن جو بنياد  آهن، ۽ ڳاهون آکاڻين جا اهم جُز آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ ڳاهه کي پنهنجو پنهنجو پس منظر ٿيندو  آهي. انهيءَ پس منظر جي پچار سان ئي ڳاهه جو ڳجهه صاف طرح سمجهه ۾ ايندو آهي. جيئن مٿين ڳاهن جو مثال ڏنو ويو آهي. ”ڳاهه“ لفظ جي معنيٰ آهي ڳائڻ، ڳيچن وانگر ڳاهون به ڳائبيون آيون آهن، پر ڳاهن جي لفظي جوڙ جڪ، تُڪن جي ٻڌڻيءَ، توڙي ڳائڻ جي ڍنگ  ۾ فرق آهي، ڳيچن ۾ لفظي تڪرار يعني دُهر (Repetition) لازمي يا بنيادي شرط آهي: ان جي ڀيٽ ۾ ڳاهه جي رڳو پچاڙيءَ ۾ ٽيڪ يا وراڻيءَ جي هڪ فالتو’لُنڊي تڪ‘ هوندي آهي، سائي جهيل خاطر ورائي ورائي ڳائبي آهي. انهيءَ ٽيڪ کي ڇڏي ڪري، خود ڳاهه هڪ سٽ کان وٺي، ٻن _ ٽن(يا ان کان وڌيڪ )سٽن جي به ٿئي. وير ڳاهون ته خاص طرح ڊگهيون آهن، جي ’تڪميل‘ واري دؤر ۾ جڙي راس ٿيون آهن، ڳاهن جو واسطو اَکاڻين سان آهي.

Text Box: 235

 

جهوني جُڳ ۾ ڪن اکئين ڏٺل واقعن يا ڪنين ٻُڌل ڪهاوتن ۽ ڪهاڻين  جا اهم پهلو، اول  عام گفگتو جو دلچسپ عنوان بڻيا. انهن مان ڪي خاص فقرا ۽ ٻول زبان زد  عام ٿيا ۽ انهن تي تُڪون ٻڌي، انهن کي اَلاپيو ۽ جهونگاريو ويو، پوءِ اهي تڪون ۽  ٻول آکاڻين جي وچ ۾ ڳائجڻ لڳا، اهڙيءَ طرح ڳاهو رچي راس ٿيون آهن. آکاڻين ۾ ڳاهون واقعات کي چٽو ڪرڻ، ڪردارن کي سنوارڻ، ڳجهيون ڏانهيون ڏيڻ ۽ سوال_ جواب ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آيو آهن. ٻهراڙيءَ ۾ ڳاهن سان ڳالهيون کڻڻ وارا ڳهير به، ٿالهيءَ جي وڄت تي ئي ڳاهون ڳائيندا آهن. ۽ اهو اهڃاڻ، ڳيچن وانگر ڳاهن جي پڻ قديم هجڻ لاءِ وڏي سند آهي. ڳاهن جو رواج لاڙ ۽ ٿر ڏانهن اڄ به عام آهي. اڀرندي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ قصا ٻڌائڻ ۽ ڳاهون ڳائڻ وارا اڪثر ڀَٽ ۽ چارڻ (Bards)هوندا آهن، انهيءَ ڪري راجسٿان طرف ڳاهن کي ’چارڻي لوڪ گاٿا‘ (Traditional ballads) چوندا آهن.

 

جهوني ۾ جهونيون آکاڻيون توڙي انهن ۾ آيل ڳاهون تمام ساديون آهن. اوائلي ڳاهون ته بلڪل ننڊڙين تڪن واريون آهن، جيئن ”ناني ڙي ناني ! مون کي ديو جهلي ڏي.“ قديم ترين ڪهاڻين مان ڪي ته ڏند ڪٿائن وانگر به آهن، جن جا ڪردار به ديو، راڪاس ۽ ڀوت وغيره آهن. پراڻين آکاڻين مان، انسانن جي اٻوجهه هئڻ واري زماني جون ثابتيونبه ڳاهن ۾ ملن ٿيون، هن ۾ مبالغي آميز واقعا، ڪائنات جا اڻٿيڻا ڪرشما، جادوءَ جا جڙتو ڪرتب، توڙي ديوتائن ۽ جوڳين جا پِرتا وغيره ڳاهن جي مک مراد آهي، سونل جي هڪ مقبول عام گهريلو آکاڻيءَ ۾ ، وڏو ڀاءُ شام جو گهر موٽي ٿو ته ديو اڳي ئي ويچاريءَ ننڍڙيءَ ڀيڻ کي قيد ڪري چڪو آهي. ڀاءُ ٻاهران سڏي ٿو :”ادي سونل، ادي سونل! درلاهه، ڏيو ٻار!“ ڀيڻ اندران جواب ڏئي ٿي ته ”ادا، ڙي ادا؛ اکيون سُئيءَ سبيون، چوٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو!“ (جيڪڏهن ڪَنُ ڏيئي ٻڌندا ته انهن ڇوٽڙين ڳاهن مان به جهيل۽ تنوار ٻڌڻ ۾ ايندي.) ٻي به هڪ فرضي آکاڻي ، جنهن جي سورمي پڻ سونل نالي آهي، جا مائٽن کان رُسي اڱڻ واري وڻ تي چڙهي ويئي آهي، ننڍڙو ڀاءُ هيٺان بيهي سڏيس ٿو_

ادي سونل، ادي سونل ! لهي آءُ، لهي آءُ انهيءَ وڻ تان لهي آءُ،

پنهنجي گهرد هل وڄن، ڌمر وڄن، وينڊن وارا گهوٽ نچن!

لهـــــــي آءُ، لهـــــــي آءُ، انهـــــــــيءَ وڻ تـــــــــــــــان لهــــــــــــــــي آءُ1.

مٿينءَ ڳاهه ۾ به ’دهل‘ ڌمر، وينڊو، گهوٽ‘ڳيچن جائي پڙلاءَ آهن، ڇو ته هيءَ ڳيچن ۽ ڳاهن واري عبوري دؤر جي ڳاهه آهي.

تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ۽ انهن سان ملحق ڳاهون اندازاً نائين صديءَ کان شروع ٿين ٿيون، جن ۾ راجائن، مهاراجائن جا خدائي اختيارات، وزيرن جا ڊوهه ۽ نمڪحراميون، ڌوتين جي مڪاري ۽ ٻانهين جي چالاڪي، ڍاري ۽ ٽپڻي جي مڃتا ۽ انهيءَ جو پروليءَ ۾ مهم جواب، عاشقن ۽ معشوقن جا تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽڻ، مندرن ۽ مڙهين ۾ ملاقاتون ۽ اتي رمز سان سوال جواب ڪرڻ_ اِهي هن دؤر جي ڳاهن جا مک مضمون آهن.هتي مجبوريءَ سبب انهن مان ڪي ٿورا ئي مثال پيش ڪري سگهبا_

ٽپڻو ٽپڻيدار هنيو، ٻانڀڻ پوٿيءَ دان،

ڌيءَ دلوراءِ جي، لکڙيو مسلمـــــــــــان،

من موهيو ڙي، موهيو ســــــــــونارن[1]

راجا دلوراءِ اول (؟)(723-729ع) ڌيءَ ڄمڻ وقت، پنڊت گهرائي ڍارو وجهرايو ؛ تنهن چيو ته ”ڏومڻ سوناري، جي پٽ سان لکيو اٿس“ تنهن تي راجا، سوناري جا ڇهه ئي پٽ مارائي ڇڏيا؛ ستون ’سُهائيءَ‘ جو سهاڳ پوءِ  ڄائو، جنهن کي پڻس سمجهاڻي ڏني_

اڪ نه ڪجي ڏندڻو، سَڀ نه کائجي ماس،

اتي نه لائجي نينهڙو، جتي ٿئي جيءَ وڻاس،

تن سونارن ڙي، سونارن...الا.

سُهائي، مڙساڻي ويس ۾ اُٺ تي چڙهي، رات جو ڏومڻ جي پٽ سان  ملڻ ويندي هئي، ته واٽ تي’ٽيڏو‘ (رقيب) ٽيٽ رکڻ ۽ حجائتو ٿيڻ لڳو، پر ڪماريءَ ٺڙڪ جواب ڏنس ته

بابي سندا واڻيا، تون ويڻ نه اولو اَل،

سج اڀري سنئون ٿئي، تنهنجي بُهه ڀرايان کل،

مون من موهيو، وي سونارن

سهائيءَ جو مڱڻو ڪاڻي سان ٿيو، جنهن گهڻائي ٺڪر ڀڳا ۽ وڙ وڃايا، پرسهائي چوي ته ’صفا راند سوُنٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي‘_

‎سچ ته ٻيٺو نچ ڪاڻا، ڪارو منهن آهي ڪوڙ،

سچن ملندو سچ سگهو، ڪوڙن پوندي ڌوڙ،

مـــــــــون موهيو، مـــــــن ڙي ســـــــــــونــــــــــــارن.

اهڙين ڳاهن ڏيڻ لاءِ هيءَ مجبوري آهي ته ڪهاڻيءَ جو اختصار ۽ هر ڳاهه جو پس منظر به ڏيڻو پوي ٿو، نه ته هر ڳاهه جو مطلب سمجهه ۾ ئي نه ايندو : ڇو ته ڳاهن ۾ ٻي  ته ڪابه اونهي فلاسافي يا طريقت جي رمز  رچيل آهي ئي ڪانه، پر تنهن هوندي به ٻه _ٽي تاريخي ڳاهون اشاري ۾ ڏجن ٿيون، ڪاٺياواڙ جي مهاراجا پوناراءِ (نائين صديءَ) ۽ ڍٽ جي سندري ليلا ديويءَ جي ڳالهه ۾ ’مڱڌر‘ منتري جي ويساهه گهاتي، نوڪرياڻيءَ جي نمڪحرامي ۽ ڌوتين جي دولاب جي نندا ڳايل آهي. ڪنهن پر همڻ ڀوپي پَٽَ تي ليڪا ڪڍي ليکو پئي جوڙيو، ته مٿان راجا اچي نڪتو. ٻانڀڻ ڍارو هڻندي ئي ڦاٽ کاڌو ته،

ويري ڀانئين واهرو، ڪلر کاڌيءَ ڪوٽ،

جوٺو کايو جکون هڻين، اڃا تون اٻوٽ !

                   ڍر ڍارا، پئون ٻارهن ...1

اتي راجا کي به ڪو پسڻ پيو، سو هڪدم ڪوٽ ڏي موٽ کاڌائين. هڪ چنڊالڻ، جيڪا چاري بيٺل هئي، تنهن راجا کي اوچتو ايندو ڏسي ڳاهه ڳائي ته

پـــــوناراءَ پلٽيو، آيو پنهنجــــــــــــي  ديس،

مڱڌرليلا ڇڏ کڻي، متان ڪات ڪٽيس،

       اومتان ڪات...2

جيسلمير جي پدمڻيءَ آڀل ڪماريءَ تي کنراءِ موهت ٿي ، رڻ جهاڳيندو اچي انهيءَ کوهه تي پهتو، جتان آڀل جون سهيليون ۽ ٻانهيون ۽ گوليون راند رونشا ڪنديون ۽ گهٽ_ وڌ پاڻي به ڀرينديون رهيون. کنراءِ سڀ ساڳئي نظاري ۾ ڏسي، منجهي پيو. سو سڀني جي هڪجهڙي خوشامد ڪندي، پدمڻيءَ پڇڻ لاءِ ڳاهه ڳايائين ته

گهاٽي گهاٽي جل ڀريـــــــــــــو ۽ آهيو به هڪڙيءَ نهــــــــا!

پوءِ ڪهڙي اَڀل جي ٻانهي اَن ۾، ڪهڙي لال ڪنوار؟

                             اوڀئي، ڪهڙي آهه ڪــنوار3.

مٿي جن ڳاهن جا مثال ڏنا ويا آهن. تن جو دائرو اٺين_ ڏهين صديءَ جي درميان آهي. ڳاهن جو تاريخي دؤر يارهين صدي عيسويءَ کان شروع ٿئي ٿو، جو ٻه _ ٽي صديون اڳتي هلي ٿو. هن زماني کي سورهيائيءَ جو عهد سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کان پوءِ ٻه _ چار صديون لاڳيتو لڙاين جو سلسلو جاري رهيو آهي، جن ۾ اهي  وير جيڪي ميدان ملهائي ويا، يا جن ويرن پاڻ موکيو، تن کي سنڌ جي ڀٽَن اُڀاري اُڀاري  آڻي  آسمان تي چمڪايو آهي راجسٿان ۾ هن جڳ کي ’وير گاٿا ڪال‘ يعني ’سورمن جي سوڀ وارو سمون‘(Minstrel ballad age) قرار ڏنو ويو آهي، ”وير رس ڪَوَت“ جي شروعات راجسٿان جي ’پنگل‘شاعريءَ کان ٿي آھي. وير ڳاھن جا وري ٻه جدا جدا نمونا آھن. پھريون، ڇوٽيون ۽ منتشر ڳاھون، جيئن ’آلھا اودل‘جي بھادريءَ جا ڳيت، (ھي ڳاھون سنڌي ڳيچن جھڙيون آھن.) ٻيو قسم ڊگهين ڳاھن جو آھي. جن جو مثال ’پرٿويراج راسو‘ آھي، جنھن جا ستر (70) باب آھن. محقق چون ٿا ته ھيءُ چندربردئي ڀاٽ (1191-1196ع) ڏانھن منسوب آھي. اھڙا ٻيا به جنگناما آھن، جي سڀ ’راسو‘ڪوٺجن ٿا. ”راسانيه“معنيٰ جنگي نظم ۽ ”راھسه“معني جنگي واقعات. (”ھندي ادب“ص 33.) سنڌي ۾ دودي چنسير جو ڪيڏارو ”دودل-راسو“ به انھيءَ ٻئي قسم (Form)جو مثال آھي. ويرڳاھن جي پڇڙيءَ ۾ فالتو تڪ (Coda)چھٽل نه ھوندي آھي. يارھين صديءَ جي ھن تاريخي دور کان راجائي گهراڻن ۾ سڱن-بندن جي ڇڪتاڻ، لڙاين جا تفصيل، بھادرن جي تعريف ۽ سخين جي ساراھ، ڪانئرن ۽ ڪنجوسن لاءِ ڪُوار ۽ سِٺون، شھيدن جا پار ۽ اوسارا، منگتن ۽ مڱڻھارن جي ڊگهي پھچ ۽ ھلندي وغيره، انھيءَ زماني جي ڳاھن جا نمائندا موضوع آھن. ھن دور ۾ سنڌ ۽ راجسٿان جا پاڻ ۾ سياسي ۽ سماجي توڙي تمدني ۽ تاريخي تعلقا تمام گهرا ۽ گهاٽا آھن، جنھن جو اثر سنڌ جي گهريلو زندگيءَ تائين به پھتوآھي. ڌارين جي آڻ نه مڃڻ، پنھنجي خودداري قائم رکڻ جو جذبو نياڻين ۾ به اتم درجي تي پھتل ھو. ”منھنجي ٻاٻل ٻول ٻڌا،سڱ ڌارين کي نه ڏيندو“ (ڳيچ ص 395.)ھن دليريءَ جي دور جو اثر عورتن ۾ به عام طرح نظر اچي ٿو. ھن دؤر جي ڳيچن ۾ ’وير ڳاھن‘جو روح متحرڪ آھي –

سرويچ لشڪر ۾ ،آءُ دودا راءَ،

          سو ته سونھي لاڏل امر سان.

جوھردار تراڙ سان، آءُ دودل ڄام،

            سا ته سونھي لاڏل ھٿ ۾.

سونيءَ مُٺ ڪاتيءَ، آءُ دودا راءَ،

          سان ته سونھي لاڏل بيٺ سان.

ورائي: دودل دودل ڪن، آءُ دودا ڄام،

         اسان جو دودل وڏڙيءَ ڄمار!1.

’ڇوٽيون ويرڳاھون ‘به سنڌيءَ ۾ سوين ٽڙيل پکڙيل ملنديون. ھتي انھن سڀني جا مثال ماپي سگهن، سو ممڪن نه آھي، البت ڪجھه نمونا پيش ڪري سگهجن ٿا. تيرھين صديءَ ڌاري، ابڙو ’اجيت‘وڏسر جو والي ھو، جو جنگ ۾ شھيد ٿيو. سندس لاش لڪائي اچي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائون. ويري سندس سر وڍڻ لاءِ آيا ته ڏٺائون ته ’ابڙي اباڻيءَ‘جو ننڍو  پٽ، ڏھن سالن جو ’ڏونگر راءُ‘ڀالا ڀڙڇيون کنيو، پڻس تي پھرو بيٺو ڏئي. سندس ڏَيا ڏسي دشمن دھلجي ويا. ھڪڙي ٻارٽ منگتي پريان ئي پڪاري چين ته،

ڏوران ڏونگـــــــر ننڍڙو، اوران ٿئــــــــــي آفت،

ھيءُ پھاڙيءَ پيٽان ڄڻيو، پيءُ جنھين پربت1.

ھمير سومرو (عرف خفيف) جنھن 1043ع ۾ منصوره مان چڙھائي ڪري، پنڳل جي راءِ دوساجيءَ کان عمرڪوٽ ھٿ ڪيو، تنھن جو ھمعصرڄام پونئرو سمون ڪڇ جي پڌر ڳڙھ ۾ رھندو ھو. انھيءَ سمي ڄام کي ڪير تي ڳڙھ جي ماڪواڻي راءِ، وير ويھاس (گجر)، اھڙو ته اچي سوڙھو گهُٽيو، جو ان کان جند ڇڏائڻ لاءِ، انھيءَ (مٿي ڪيل ذڪر) راجڪماريءَ جو سڱ ھمير کي ئي ڏيڻو پيس. سومري ڏانھن اھڙو سنيھو  پڻ موڪليائين-

ماڙھو ھلائين متر، ڪوٺيئين سنڌ ھمير،

سڱ ڏيانءِ سومرا، ٻيو پڌر ڏيانءِ وير2.

پيائيءَپيائيءَ لک ڏيان، گهوڙا ڏياـــــن ڳچ،

سَھي ڪارڻ سومرا، تون تان وھلــــــو اچ(3).

 ھمير رئي لَٽ اُڏائيندو اچي اوڏو ٿيو. راڻِي جا اَن اوسيڙي ۾، اَڪنڊيون اکيون ڳڙکيءَ ۾ وجھيوويٺي ھئي، تنھن جڏھين لٽ اڏامندي ڏٺي،تڏھن پيٽ ۾ ساھ پيس.

اچــــــــــي ســــــــان اَلٽــــــيو، اڏاڻـــــي پَڻـــــــــي،

راجئين نھاري ڳوک مان، آيو سنڌ ڌڻي (3).

ھمير سومرو ستت ئي اچي سھڙيو. پونئرو ڄام آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيو ۽ کيس ڪوٽ اندر حفاظت سان رات رھائڻ جي آڇ ڪيائين، پر سنڌ جي سومري جواب ڏنو ته،

Text Box: 243

واڙي وڇون پورجن، پاڏانه پورجن پاءَ،

اسين پڌر جا بادشاھ، ڊڄون نه ڪنھن جي ڊاءَ.

ٻئي صبح، ھمير پڙ ۾ پھريائين وير ويھاس کي وارو ڏنو. جنھن گرز سان ھمير جي سر تي گهاءُ ھنيو. راڻيءَ سمجھيو ته ھمير پورو ٿي ويو، پر ھو ڌڪ پچائي  اَٿي کڙو ٿيو-

گهاءُ لڳو گهڻج جو، ڇڻيو ڇٽ مٿـــــــان،

راڻيءَ ائين پڪاريو، ته ھمير ويو ھٿان).

آخر ھمير سوڀ کٽي، سڱ کٽيو ۽ ڪڇ جو ملڪ کٽيو. ’اگهاٽ ھمير وارا‘جو ٺپو تڏھن کان ڪڇ جي سرڪاري ڪاغذن تي لڳڻ شروع ٿيو. (چيو وڃي ٿو ته مٿيون ھيرو انھيءَ ھمير جي شاديءَ ۾ مڱڻھار ڳايو ھو.) اھي جنگي ڳاھون ترقي ڪندي، دودي-چنيسر جي عھد ۾ اچي عروج تي پھتيون، جي موقعي سر اينديون.

ڳاھن جو آخري دور (1300_1500ع): ھيءُ ڳاھن جو تڪميلي زمانو آھي، جنھن کي ڳاھن جو ’ادبي دور ‘يا (Literary ballad age) چوڻ کپي .ڇو ته ھيل تائين جيڪي ڳيت ۽ ڳاھون مٿي اچي چڪيون آھن، تن ۾ ڪنھن به سگهڙ جو نالو نه آھي: جيڪڏھن ڪنھن جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو به آھي، ته ان جا ٻول موجود نه آھن،۽جي ڪي ڳيت مليا آھن ته انھن جا ٺاهيندڙ معلوم نه آھن. ھينئر تاريخ ۾ پھريون ئي دفعو اھڙن سگهڙن جو تذڪرو ھلندو، جي ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل ادبي شخصيتون آھن. اھڙن سڄاڻن جا سرواڻ، سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳوڀان ئي آھن. انھن کان پوءِ سلسليوار پير پٺو ديبلي (شاھ حسين اپلاڻي)، درويش نوح ھو ٿياڻي (کيبرن وارو)، شيخ حماد جمالي (گجي وارو) ۽ اسماعيلي تحريڪ جا پرچارڪ ۽ داعي ستگرنور، صدرالدين وغيره جا نالا قابل ذڪر آھن، جيڪي ڳاھن جي ھن سلسلي تي آخري مھر لڳائي ويا آھن. مٿين سگهڙن يا ڳھيرن جي تذڪري کان پوءِ، قديم سنڌي شاعريءَ جو تذڪرو به پورو ٿيو. مٿئين روشن زماني جا اھي املھه رتن، نمبروار ھيٺ ڏجن ٿا. سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳوڀان جي احوال ڏيڻ کان اڳ ھيءَ پڌرائي ضروري آھي ته جھڙيءَ طرح سما ۽ سومرا ھڪٻئي جا حريف رھيا آھن تھڙيءَ طرح ڀٽ1 ۽ چارڻ به فريقين جي حمايت ۾ ھڪٻئي جا مخالف بڻيا رھيا. چارڻ سمن جي سخا جا ثناخوان رھيا آھن، ۽ ڀٽ سومرن جي سورھيائيءَ کي ساراھيندا آيا آھن. سومرن جي سورھيائيءَ کي چارڻن ڏاڍ مڙسيءَ ۽ ارھ زورائيءَ سان تعبير ڪيو آھي، ته سمن جي سخا کي ڀٽن وري ڍانڍين کي لبڻ جي رمز ڪوٺيو آھي .انھيءَ ڪري چارڻ ھروڀرو به سومرن جي نندا ڪندا آيا ۽ ڀٽ بيگناھ به سمن جي نلائي ڪندا رھيا آھن.انھيءَ مختصر سمجھاڻيءَ مان اڳواٽ پتو پئجي ويندو ته سمنگ ڪھڙا ٻول ٻڌايا ھوندا ۽ ڀاڳ فقير ڪھڙي باب بيان ڪئي ھوندي.

(1) سمنگ چارڻ (اندازاً 1200-1300ع) جي حياتيءَ ۽ سندس ڪلام تي اڳي ئي تفصيلي مضمون، ”مهراڻ“ (1-2-1966ع) ۾ ڇپجي چڪو آهي تنهنڪري هتي سندس ڳالهه اشاري ۾ ڪجي ٿي ته سمن جي ٽيهن گهراڻن مان چتايل مڙس چونڊي، انهن مان ’ڏههَ ڏاتار‘ ۽’ست سورهيه‘ مقرر ڪيا، ۽ هر هڪ تي هڪڙي ڳاهه ٻڌائين. اهي ڳاهون سر ۽ تار ۾ ويهاري، هليو همير سومري کي ويٺي ٻڌائڻ، جنهن ٺوڪي هنيس ڪاٺ ۾. چي ’سورمن جي صف ۾ اڳواٽ منهنجو نالو آڻي، انهن جو انداز اٺن تي بيهار، يا ڏهن ڏاتارن ۾ مون کي به ڳڻي يڪا يارهن ڳائي ٻڌاءِ، نه ته نه ڇڏيندوسانءِ‘ حيلن حرفتن سان جند ڇڏائي ڀڳو، ۽ پوءِ ساري ڄمار سومرن تي سِٺون جوڙيندو رهيو.

Text Box: 245

سٻر ٿيا سومرا، ڏٻر تن پرچاءَ،

همير جس ماتاءَ، چارڻ چوندو ايترو.

انهن سٺن کان سواءِ، سمن جي ساراهه ۾ سندس سترهن ڳاهون اڄ به سنڌ ۾ عام طرح هلندڙ آهن.(سندس زمانو لاکي ڦلاڻي، وڪئي ڏاتار ۽ همير سومري وارو آهي، جو اٽڪل ٻارهين صدي عيسويءَ کان آهي..)

(2)             ڀاڳوڀان (1300ع) ”ڀانڊ“ لفظ ”پانڊو“ جو بدل آهي. هيءُ گروهه منڍ کان ئي راجائي درٻارن سان وابسته آهي، تنهنڪري شاهي شجرن ۽ نسبنامن تي سَند آهي.راجائن جا وفادار  ثابت ٿيڻ ڪري، سندن وڏي هلندي ٿي، ۽ سفارت، سڱاوبندي، ۽ سياسي معاملن تي مامور رهيا. سومرن جا به خاص معتمد ڀانڊ ئي هئا. ڀاڳوڀان ته سندن ست پيڙهيو گهرڄائو ڀاٽ هو، جو سنگيت ۽ راڄنيتيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. علاوالدين، گجرات کان ڪڇ جي وڳهه ڪوٽ (روپاهه)تي وار ڪيو، قيامت خيز جنگ لڳي،جنھن ۾ سومرن جي سورھائي توڙي ڀاڳوڀٽ جو ڪردار لاثاني آھن. ڀاڳ فقير ھت چندبردئي جي ’ٻي جوڻ‘يا نئون روپ لڳي ٿو. دودل وير جي شان ۾، ’پرٿويراج راسا‘جي نموني تي ئي ’دودل راسو‘ڳايائين، جو ھڪ وڏو جنگي داستان آھي. غالباً پاڻ ھن کي اڌورو ئي ڇڏي ويو، جو سندس پٽن پورو ڪيو ھجي؛پر سندس ڳاھن ۽ پوين جي ملايل ڳاھن ۾ سنڌو ڪڍڻ مشڪل آھي. سومرا درٻارن ۾ ھيءُ ڪيڏارو، چوڏھين-پندرھين صديءَ تائين سنڌ جا ڀٽ ڳائيندا رھيا آھن، جو سورھين صديءَ کان بند ٿي ويو. ھن ۾ ڊگهيون ڳاھون آھن، جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنيون وينديون .

(3)             شاھ حسين اپلاڻي (عرف پير پٺو ديبلي ) ھيءُ ملتان واري غوث بھاوالحق زڪريا (1267ع)جو خليفو ھو. نؤرسيَن ۽ لاکاٽيا قوم وارن گڏجي، غوث جو پيارو مريد شيخ جيو شھيد ڪري وڌو. پير پٺي انھن جي نندا ڳائي ته

نورسيا نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽيـــن،

مَدي رکي من ۾، جيئو ڪُٺـــــو جن،

بُجو بھاؤالدين جو، توڙئون لڳو تن1.

ھيٺئنءَ ڳاھ ۾ ديبل تي وير چڙھڻ ۽ ماڻھن جو مڪليءَ مٿان پکڙجڻ وارو واقعو ڳايو اٿس :

ديبل پاس ڌڪيلجــــــــي، آيـــــــو آب اپـــــــار،

مڪليءَ ماڳ مٿاھينءَ، ٿياسون ڌارو ڌار 2.

     (4) مخدوم نوح ھوٿياڻي (کيبرن وارو): 1388ع ۾ جوڻي ڄام جي خلاف ۽ تماچيءَ جي حق ۾ ھوڪــو ڏنائين تـــه،

جوڻو وڃي جھوري ماريو، ڄام تماچي تختين چاڙھيو1.

     (5) شيخ حماد: (1388ع) مٿئين تماچي ڄام جي والده کيس روئي دانھن ڏني ۽ کائنس دعا گهريائين. مائيءَ جي حال تي کيس رحم آيو ۽ بلند آواز سان ھيٺيون ڳاھون آلاپيائين:

تماچي صلاح الدين، ايندا سيگهه سِري،

جوڻو جھُڙ جپيو، پيس ڪوٽ ڪِري 2.

                                         -

جوڻـــــو مت اوڻو، ڄـــــــــام تماچــــــــي آءُ،

سٻاجھي ٻاجھه پئِي، تو سين ريڌو راءُ3.

6 کان 9 تائين اسماعيلي تحريڪ جا داعي ۽ پارٽيءَ جا پرچارڪ.

اسماعيلي تحريڪ جا داعي:

(الف) ’ستگر نور‘1079ع ۾ ھندستان آيو ۽ سنڌ ۾ اچي پنھنجو ’ستپنٽ‘جاري ڪيائين. (ب) پير شمس (سبزواري) اسماعيلي فرقي جي اڻٽيھين گادي نشين، امام شاھ قاسم جي زماني (1310--1337ع)۾ پرچار ڪرڻ آيو. سندس ٻول غنائي نوعيت جا آھن، جي ڇند جي جھنجھٽ کان آزاد آھن.

ھمه دل خالق الله سوئي وسي،

جتي قائم قدرت چلائي؛

حق تون، پاڪ تون بادشاھ،

مھربان ڀي يا علي تون ئي تون؛

رب تون رحمان تون؛

ياعلي اول آخر قاضي تون ئي تون1.

(ج) پير صدرالدين عرف ’ٻارگر‘1409ع جا ٺاھيل ”گنان“ اڄ تائين ڳائبا اچن، جن ۾ عروضي تڪلف ۽ تصنع کان وڌيڪ موسيقيءَ جي ’غنا‘موجود آھي ۽ جن جو مضمون ھدايت ۽ نصيحت وارو آھي. ڪي ٻول ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪيڙيون اڏائيين گَڊ ماڙيون، تين تي ڪپڙا رکائين چٽ،

نيھي نيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ؛

سڻ وڻجارا، ھو يار! من ھروئڙو ٿو جھولي .

ھتي ’وڻجار اھو يار‘وراڻي (Burden) آھي، جا لئه ۽ سُر جي ڍار لاءِ ھڪ ضروري ٽيڪ آھي.

(د) ان بعد پير حسن ڪبير (49-1450ع)پڻ مٿئين قسم جا گنان چيا آھن. اھي به اڄ تائين بدستور جھونگاريا ۽ آلاپيا وڃن ٿا. مطلب ته پندرھين صديءَ جي پڇاڙيءَ سوڌو، ڪن شاعرن جو اھڙو ڪلام ملندو رھي ٿو، جنھن جو مضمون مذھبي، سياسي ۽ تبليغي وغيره آھي. پڇاڙيءَ جو دودي –چنيسر جون ڳاھون، ڀاڳوڀان  جي زبانيءَ ڏجن ٿيون. ھي ڳاھون ’ڪبت‘جي ھيئت (Form) ۾ آھن، جي راڳ ھمير (۽ ڪيڏاري يا سورٺ) ۾ ڳائبيون آھن.ڳاھن جو انداز به گهڻو آھي، ۽ انھن مان ڪھڙي موقعي جون ڳاھون ڏجن ۽ ڪھڙي موقعي کي نظرانداز ڪجي، سو به ھڪ مسئلو آھي. تنھنڪري قصي جي منڊ کان کڻي، وچان وچان ٻه-ٽي ڳاھون ڏجن ٿيون:

(1) ڀونگر جي وفات،۽ پڳ لاءِ ڇڪتاڻ :

ٻاٽي ٻاٽي ڏينھڙا،لڳا ڀونگر راوَ سُتي،

مڙدن اچي مامرو ٻڌڙو پڳ مٿــــــي 1.

(2) چنيسر جو پڳ تان بگڙڻ :

ڪاوڙ جي ڪارو ٿيو، وري چڙيو چنيسر راءَ،

بگڙيو ديو وڳهه سندو، جو جهليو اچي نا جاءَ.

هول ڪنگول به ٿو وجهي ۽ زرهه  وجهي چولا،

سوني سيڱَ ڪماگري، بَٿيِ ڪانن هٿ وچا.

(3) علاوُالدين جي لشڪر جو ’ويرا وارهه‘ تي پهچڻ، نوجوان ننگر راءِ جو غنيم تي چوڪسي رکڻ لاءِ مقرر ٿيڻ، (ويرا راهه، ننگر پارڪر ۽ ڏيپلي جي پريان آهي):

اَلادين به آئيو، جت اَلا ڪاٺ ٻرن،

پوربي ۽ پڇمي آهي انت نه امرائن،

ڪارا، ڪڪا، ڪابلي ، ڪوهستاني، نه ڪُڏن،

ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري جيئن چيلا ٽا چهٽن،

ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن،

(ادا) نولَک ڏهه ڇليون (وو)، اچي سنڌ وڪوڙي تن.

(4)ننگر راو جو ڪٽڪ کي آڏو روڪڻ، ۽ پٺاڻن جي ساڻس کؤنس ڪرڻ:

ماڪڙ وانگي مِينهن جي، اُت اچيو ڪانَ ڪرن،

مردن مٿان رڪ جون، ٿيون تاَو تراڙيو ڪــــــن،

ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، سڀ للهنگ پيا ليٽن،

مرسي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو به اچـن،

(اداڙي !) سان وڙهن ائين سومرا، جيئن ڳوڌا ڳاهه وهن

(5) ننگر نوجوان جي ثابت قدمي:

اُت ارڙهن ڌڪ تراڙ جا، لڳا ننگر مٿڙي تان،

ته به ٽَڪر ٽريو ڪينڪي، پيو  جبل ڪونه سماءُ

ڀاڳو ڀان جي واتان وير رس اڃا به ان وقت اُڌ ميو ڌڌڪا ڪري، جڏهن دودو راءَ پاڻ سر پڙ تي پلٽيو آهه_ ”اَت ڌرتي ٿي ڌان ڌان ڪري !“ افغان اکئين دوزخ ڏسن ٿا، جن لاءِ دودي قيات ڪري ڇڏي. مسو ڀرڳڙيءَ جا ميراثي، هيءَ ڳالهه سُر حسينيءَ ۾ کڻندا آهن، ۽ ٻڌندي، حساس طبع وارن کي آسمان لرزندي محسوس ٿئي ٿو. جن به هيءَ رزم ڳائيندي ٻڌي هوندي، تن کي لکيل ڳاهون ڪجهه بيجان ۽ ڦڪيون لڳنديون.

هن سربستي ڪيڏاري ٻڌڻ کان پوءِ، اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته ڀانَ جو گهر هن سڄي دؤر جي سگهڙن (توڙي پوءِ جي ڪن رزم گو شاعرن) ۾ اتانهون آهي. سندس ڪئين تڪون، جن ۾ جنگي محاورا ۽ رزمنامي جا اصطلاح آهن، پوءِ جي شاعرن وٽ ضرب المثل آهن. مطلب ته ’ ڀاڳو‘ سومرن جي دؤر ۾ عظيم الشان هستي آهي.

پڄاڻي.

پندرهين صديءَ جي خاتمي سان گڏوگڏ، سومرن جي ستن_ اٺن صدين جي ڊگهي حڪومت به ختم ٿي، ۽ انهيءَ سان گڏئي ”قديم سنڌي شاعري“ جو لڳ ڀڳ هزار سالن جو پراڻو عهد پڻ پورو ٿيو.

سنڌي شاعريءَ جو هيءُ اوائلي دؤر، موضوع توڙي مفهوم جي لحاظ کان، سڌو سنئون ۽ سادگيءَ وارو دؤر آهي. هن ۾ نه الاهي راز آهن، ۽ نه باطني رمزون؛ نه عشق مجازيءَ ۽ حقيقيءَ جي ڇڪتاڻ، ۽ نه وري شريعت ۽ طريقت جو بحث. هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون ڳولڻ ئي اجائي خوشفهمي آهي، هن دؤر بابت ٻي ڳالهه هيءَ به ڌيان ۾ رکڻ کپي، ته پراڻي سنڌي شاعري ’سنگيت رس‘ جي ئي اصولن تي بيٺل آهي، ڪيترا ڳيت جڙيل ئي ائين آهن، جيڪي گائن وديا جي لئي تال ۾ بلڪل پورا ٺهڪي اچن ٿا، هن ۾ ڇند وديا کي به ڪو دخل ڪونهي، تنهنڪري هتي ڇند جا اصول آزمائڻ ۾ ماترائون ڳڻي ليکو ٻڌڻ، سکڻي سوداءُ  پچائڻي آهي. ڇند جو پنهنجو الڳ دؤر آهي، جنهن ۾ ئي اهي قاعدا قانون ۽ پابنديون عائد ٿين ٿيون. اڃا هيءَ راڳ رس جوئي دؤر آهي. جنهن ۾ شاعريءَ کي پنهنجي آزاد حثيت آهي، ۽ اهڙي آزاد ئي  پندرهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين قائم رهي آهي.

سورهين صدي عيسويءَ جي شروع ٿيڻ سان ئي، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪدم ڦيرو اچڻ شروع ٿيو آهي، سادن ۽ بيترتيب ڳيچن ۽ ڳاهن جي جڳهه تي دوهي ۽ سورٺي جهڙيون ماپيل ۽ تُريل پڪيون پختيون صنفون اڀري آيون ۽ نڪري نروار ٿيون، جن ۾ پوريءَ طرح ڇند جا نيم نڀايل آهن. هن دؤر جي موضوع ۽ مضمون تي، سينگار رس يا عشقيه شاعري (تغزل) جو رنگ غالب آهي. سنڌي شاعريءَ جو هيءَ ”ٻيو“دؤر شروع ٿيو آهي، جنهن کي دِل جي سجاڳيءَ‘ يا ’روحاني بيداريءَ‘ وارو دؤر چئي سگهجي ٿو_ ”جوڳيءَ جاڳايو، ستو هوس ننڊ ۾ !“ انهيءَ جُڳ جا جوڳي آهن: سئد نو سالڪ (سيوهڻ طرف جو) ، اسحاق آهنگر _(لُهار)، درويش راڄو  ’دلُ‘ ڪامل مجذوب، سيد علي ٺٽوي، قاضي قاضن، وغيره. اهي صاحب سڀ پندرهين صديءَ کان پوءِ جا آهن: هنن کان اڳ مٿئين مضمون جو دائرو محدود ٿي چڪو آهي، تنهنڪري هي سالڪ ۽ تارڪ پنهنجي علحده روحاني دؤر جوئي افتتاح فرمائيندا.

هيڪيو جو اکر ونگڙو، جو گر تُسي ڏي،

انڌاري گهر ڏيولا، ڦرڦر جوت ڪري.


1  ڪيڏارو، داستان 3.

2  لوڪ ادب سلسلي يج سورهين ڪتاب ”ڳيچ“ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مان سڀ مثال ورتل آهن.

1  ”ڳيچ“، مرتب ڊاڪٽر بلوچ، جلد 1_ باب 5 ص 321.

1  ”ڳيچ“: مقدمو، ڊاڪٽر بلوچ، ص 17.

2  ”ڳيچ“: جلد 1 ص 315.

1  ”ڳيچ“: جلد 2 ص 21.

1  ”ڳيچ“: جلد 1 باب 6 ڳيچ نمبر 135.

2  ”ڳيچ“: جلد 1 باب 5 ص 282

3  ”ڳيچ“: جلد 1 باب 2 ص 77.

4  ”ڳيچ“: جلد 2 ص 13.

1  ”ڳيچ“: جلد 1 ڳيچ نمبر 50 ص 16.

2  ”ڳيچ“: جلد 1 باب 3 ص 158.

3  ”ڳيچ“: جلد 2 ڀاڱو 1 باب 8 ص 107.

1  ”ڳيچ“: جلد 1 ص 72.

1  ”ڳيچ“: ج 1، باب 4، ص 219.

1  ”ڳيچ“: جلد جدل 2 ڀاڱو 1 باب 9 ص 160.

2  ”ڳيچ“: جلد 1 باب 3 ص 176.

3  ”ڳيچ“: ج 1، ص 253.

1  ”لوڪ ڪهاڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون) جلد 7 ص 289.

2  ”لوڪ ڪهاڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون) ص 116.

1  ”لوڪ ڪهاڻيون“ ص 24.

[1]  ”لوڪ ڪهاڻيون“ جلد 7 صفحه 5 کان 12 تائين.

1  ”لوڪ ڪهاڻيون“: جدل 7، ص 5 کان 12 تائين.

1  (ڳاهن سان ڳالهيون) ص 60.

2  ”لوڪ ڪهڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون) ص 62.

3  ”لوڪ ڪهاڻيون“: ص 149.

1  ”ڳيچ“ جدل 2 ڀاڱو 1، باب 9، (ڳيچ نمبر 83) ص 159..

1  (سگهڙن کان ٻُڌل)

2  ”لوڪ ڪهاڻيون“ (ڳاهن سان ڳالهيون) ص 114.

1  ”لوڪ ڪهاڻيون“ (ڳاهن سان ڳالهيون) ص 115.

1  ڀانڊ، ڀنڊ، ڀاٽ، ٻاٽ.

1  ۽ 2 ”قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا“ (مضمون): محمد خان غني: سماهي مهراڻ جلد 11 نمبر 4- آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر- 1962ع، ص 95.

1  ۽ 2 ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“: ڊاڪٽر بلوچ، ص 106 ۽ 104.

3  سماهي ”مهراڻ“: محمد خان غنيءَ جو مضمون، ص 95.

1  ”سومرن جي دور  جي سنڌي شاعري“_ (مقالو): خواجا غلام عيل الانا، رسالو مهراڻ جلد 9، نمبر 1 ۽ 2، سال 1960ع، ص 148 کان 151 تائين.

1  ميراثي فقير نواز علي ۽ دوست علي جي زباني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com