سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :18

فضل الاهه، انصاري

اَکــــا

درياهه شاهه ۾ اَکن جو اڇلائڻ، جَل جيوَن جي آجيان ليکي ويئي آهي. اسان جي دنيا بي انت ساگر سمان آهي. علمي اٿلن مان ماڻڪ ٿا ميڙجن. انسان جو ڳولا ۾ رهڻ وڏي وٿ آهي.ڀيٽا وڏي عبادت آهي. مسٽر فضل الاهي انصاري، سيشن جج، ’مهراڻ‘ ۾ پيار جا ’اَکا‘ ڀيٽ ڪيا آهن. پيارن لاءِ انهن ۾ ورونهن  جو وکر آهي. سڪ ۽ ساڃاهه جا اهي اَکا، شال قبول پون!           ._غ.م.گ

شعر.

شعر هڪ آزاد روح جو نغمو آهي، جنهن کي راڳ جي پڃري ۾ قابو ڪيو ويندو آهي. جڏهن به هن يتيم جسم کي لوهه جون تارون وڪوڙينديون آهن، ۽ سازندو انهن کي ڀيڙ ڏيندو آهي، تنهن مهل ويچارو پروسَ پکيئڙو هڪ آه ڪڍي ٿو، جا موسيقيءَ جي محفل ۾ ’ اَ‘ جي صورت اختيار ڪري ٿي، اهڙو اَلاپ نهايت دوديلو ٿئي ٿو ۽ بي انت جذبات کي اڀاري ٿو.

انسان، هر ناانصافيءَ تي اعتراض ڪرڻ جو عادي ٿي چڪو آهي. ’رڙ‘ بزدلي نه آهي، پر ظلم ۽ تشدد جي خلاف، نفرت ۽ بغاوت جو اظهار آهي. رڙ، نه هجي ته هوند اها ڪَل ئي نه پوي، ته ڪو ظلم ٿي رهيو آهي ! اهو اظهار، آدم ذات کي چتائي  ٿو ته اي انسان ! تون ڏس ته سهي، تون پنهنجي پاڻ سان ڇا ڪري رهيو آهين؟ تنهنجو وجود هڪ آهي، پر بازو جدا جدا آهن، پوءِ تون پنهنجي ئي هٿن سان، پاڻ کي ڇو ٿو چيرين ۽ لوڻين !

جيئن تارُن کي گز رئاري ٿو، تيئن ماڻهو،  ماڻهوءَ کي چيري ۽ ڦاڙي کائي ٿو. انسان،  نٺر به آهي ته ساڳئي وقت ساڃهه به رکي ٿو.ڪن وقتن تي اهڙو ته ٻي اثر ۽ نٺر ٿيو پوي جو؛

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي تو کي لڳي!

جو لطيفي سبق وساريو ويهي.

پڪار.

معصوم روح، هِنيون ڦاڙي، ڏيل ڏاري، پنهنجي گگدام پڪار، اَڪاش مٿان اڏائيندو، پر ميشور تائين پهچائي ٿو. اها درديلي دانهن، ويچاري انسان کي ته گهائل ڪري، چڪناچور ڪريو ڇڏي، پر ايشور نه ٻڌي ٿو ۽ نه مٿس اثر ٿو ٿئي. سندس اک نڪا ٿي کُلي ۽ نڪا ٿي ڀِڄي ! ڄڻ دڦ ماريو ويٺو آهي. بيشڪ انسان، ويچارو، مجبور ۽ معذور آهي؛ ڏاتار ڏاڍو به آهي ۽ ڏاهو به آهي، ان جي مقابلي ۾ دانهن ۽ ڪوڪ ، رڙ ۽ واڪو، سگهه ۽ سياڻپ، سڀ بي تاثير آهن؛ تڏهن ته انسان جون آهون ۽ دانهون، بي اثر ٿي ، هن آڪاش جي محلات ۾ پڙاڏي وانگر وتن (رنڀديون ۽ رلنديون !

دل.

بيشڪ دل آهي هڪ گوشت جو ٽڪرو، پر آهي ڏاڍي نازڪ ۽ نفيس ! سندس حفاظت لاءِ انسان جو سينو به سخت ٺاهيو ويو آهي، قدرت کيس ڄڻ نوَن ڪوٽن ۾ قابو رکيو آهي، پر اتي به حملن کان بچي نٿي سگهي، الفت جا تير، اهي لوها ڪوٽَ ڀڃيو، وڃي وٺنس! بس ڦاٿي ته پوءِ  ڦٿڪڻ ڪونهين! ڳالهه اها آهي ته دل آهي انساني جذبن جي کاڻ، ۽ نه رڳو گوشت ٽڪر! دل طاقت به  آهي، ۽ عظيم دولت به آهي. پرکي به ٿي  ۽ پرکجي به ٿي. پر جي وئي ته وٺڻ جي ناهي!

شمع.

شمع جي نسبت سڙڻ سان آهي، اهوئي سندس وجود جو بهانو آهي. هن جي زندگيءَ جو اهم راز آهي ٻرڻ! هن جي جلڻ سان روشني ٿي پيدا ٿئي، جا جلائيندڙ لاءِ سهارو ٿي بنجي. هن جو موت سوجهرو آهي. هن جو ڳرڻ، سندس ڳاريندڙ ۽ قاتل لاءِ اجالو ٿو بنجي، پنهنجو آشيانو جلائي، رک ڪري، غير جي محفل کي رونق ٿي بخشي_ تڏهن ته پارکو پروانو مٿس فدا آهي. اوندهه، دنيا جي بدترين لعنت آهي. مظلوم ۽ معصوم شمع پنهنجي جان جلائي، پنهنجي سڳي دشمن کي نجات ڏياري  ٿي. عجيب ڳالهه آهي، جو هڪ جي تباهي، ٻئي جي حياتي بڻجيو وڃي ! دنيا جا رنگ عجيب ۽ نرالا آهن. ڇا موت ڇا روشني ! ڇا تباهي ڇا حياتي ! ظاهر ٿيو ته ’موت‘ به بي معنيٰ فعل نه آهي. ’موت‘ جي خواهش به هر هنڌ تي بزدلي نه آهي. پنهنجي خوديءَ کي ميسارڻ، بهادريءَ جو نادر نمونو آهي. جراتمندانه قدم آهي. هونءَ به وڏڙن جو ويچار آهي، ته انساني حياتيءَ ۾ ’صدقو‘ به وڏي اهميت رکي ٿو. ان بنا‘ آدم جو جيئڻ جنجال ۽ بيمقصد آهي. شمع جي جيوَن، جوت جاڳائي، روشني ٿي ڦهلائي، تان ته سوڀيا قائم ۽ دائم رهي.

شمع جي اها جوت هر جاءِ تي آهي: مسجد هجي يا مندر، بتخانو هجي يا ميخانو ! منجهانئس ڪافر ۽ گنهگار به حصو پيا وٺن. ته پرهيزگار ۽ نيڪوڪار به فيض پيا پرائين.

ڀيٽ.

هيرو، جيترو صاف ڪيو، اوترو چمڪندو ؛ پر هڪ اڻلکي ۽ معمولي رَهَڙَ، لکن جي لعل کي بلڪل بيڪار بنايو ڇڏي. انسان جي دل به هڪ املهه ماڻڪ جي مثال آهي. ان جي بيقدري، رَهڙَ آهي، جا کيس ٽوڙيو وجهي! محبت چمڪ آهي، جنهن سان مٿس اوجر ٿو اچي، زمرد، پهاڙ جي گود پلجي ٿو ؛ دل، سيني ۾ سانڍجي ٿي. ٻيئي نازڪ به آهن ته سخت به آهن. نازڪ آهن ته شيشي کان به سَرسُ، ۽ سخت آهن ته پٿر کان به وڌيڪ ! انسان، انسان کي تباهه ڪري رهيو آهي؛ جهڙيءَ ريت، هيرو، هيري کي ٿو ڪاٽي، ۽ زهر، زهر، کي ٿو ماري !

سونهن.

’سونهن‘ جي سوڀياوان ’سُندري‘، هرهنڌ حاضر ناظر آهي. پردي ۾ پياري آهي، پر ڳُجهه ۾ ڳاريندڙ آهي. پيار سندس وندر، آرس ۽ انگڙائي سندس آدا ، سچائي سندس صفت، ۽ جلوو سندس جَلال . جت ڪِٿ بَلَڪ پُسائيندي وتي! ڀَلن کان ڀَلا، وٽس اچيو سيس نوائن ! سمهندي آهي ته حُسَن ۽ جمال مٿس پهرو ڏيندا آهن، دلير ۽ داناءُ به . کيس ويجهي اچڻ کان پيا ڪنبندا آهن. پري کان پيا اونائيندا، پر رڙهي ويجهي اچڻ جي منجهن طاقت به ڪانه آهي.سندس ٻَل به عجب جهڙو آهي. سندس نگاهه ۾ جادو آهي. ڏنگا ۽ ڏاڍا مڙس، ڏهيسر ۽ جوڌا جوان به ڪنڌ نمايو بيٺا آهن. ڪڏهن به هارَ ڪانه کاڌي اٿس، جَڳُ موهيو اٿس. سندس پاڇو به سوجهرو آهي! سندس نغمو نوازيندڙ به آهي، ته ڏنگيندڙ به آهي!

Text Box: 257

ٻه پاسا.

ڪاراڻ جي هرهنڌ ڪمي ڪانهي. ڪاري اک، ڪارا وارَ، ڪارا ابرو، ڪافي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن، ڪاري مَسُ ڪاڳر ڪارا ڪري ، انسان سان رس رهاڻ ڪري ٿي. ڪاري چادري، حسن کي چشم_ بد کان بچائي ٿي. ڪارو ويسُ وري ماتم جو نشان، ڪاريءَ رات ۾، ڪاريهر کان ڪنبڻي وٺيو وڃي. دانگي ڪاري به ته ڪوجهي به ڪارو ڪڪر، اوندهه ۽ انڌوڪار، وحشت ۽ دهشت ٿو ڦهلائي !

سهاڳ رات، ڪنوار ڳاڙهو وڳو ڍڪيندي آهي. ان لاءِ ته کيس ’لال ڪنوار‘ جو درجو حاصل ٿيندو آهي! گهوٽ ۽ ڪنوار کي ميلاپ لاءِ ، ڳاڙهي ميندي مکيندا آهن. شاديءَ جو هي به هڪ اهم ساٺُ آهي. هي سُڳڻَ  سڀاڳو سمجهيو وڃي ٿو، ميندي هٿ پير ڳاڙها ڪري ٿي. لال لبن تان ڪيئي، اڇا ۽ ڪارا، پاڻ کي گهوري چڪا آهن. ”لال پُٿر“نٿ ۾ ، اصل موتين جي ميڙي ۾ ، امير ٿي گذاري  ٿو. گهنبا به ڳاڙها، ته هوڏانهن وري رَتُ به ڳاڙهو! خوف جي نشاني به ڳاڙهي! چِڙَ جو تاثير لالائي! عام چئبو آهي: ’تپي تپي لالا ٿي ويو!‘ باهه به گاڙهي ۽ اَلا ۽ ٽانڊا به ڳاڙها؛ يارَ جو خَدُ به ڳاڙهو ته معشوق جي اک به ڪَڪڙي!

قرآن جو جُلد ڳاڙهو ته اکر ڪارا. ڪعبي جي غلاف جو رنگ ڪارو ته جلال ۽ جمال ڳاڙهو. معشوق جا ويس ۽ ڪيسَ ڪارا، ته خَدَ ۽ اک ڳاڙها! فرشتي جو لباس اڇو ته ڪفن به اڇو! گلاب جو ڦول ڳاڙهو ته ڀونئر جو  رنگ ڪارو! مرجان ڳاڙهي ۽ موتي اڇو! مشڪ ڪارو ته زعفران پيلي! شراب ارغواني ته ڀنگ سائي، آسمان نيرو ته سج سهائو ! ماڪَ اڇي  ته مينهن ميرو ! بَلي! ائين ته نه آهي ته هت هرشئي آهي ئي ٻهَروپي !

احسان فراموشي.

احسان فراموشي، وڏو گناهه ٿو ليکجي. ڏي_وٺ جو مسئلو نهايت پراڻو آهي، اَد جڳاد کان پيو هلي، دستور آهي، قربائتي قدم جي جواب ۾ ڀلائيءَ جو ڀيرو ڀربو آهي. ان قسم جي سچائي، ڏاڍا پيارا امنگ اُڀاري ٿي ، جي روح کي تسڪين بخشين ٿا. انسان جي اها فطرت ڏاڍي ڪارائتي آهي. اهڙو احساس، اسرار خوديءَ کي رموز بيخودي بنايو ڇڏي ! هن جذبي جو بنياد، حقيقت تي بيٺل آهي. ڪئين الله جا سنواريا، هن راز کي محسوس ته ڪن ٿا، پر ان کي عملي ويس نٿا ڍڪائي سگهن. اهڙن موقعن تي ئي ’شناس‘ پرکجي ٿي . هونءَ ته گڏ هلڻ ۽ گڏ کائڻ، سڀني جاندارن جو شيوو آهي؛ پر قدرداني ڪرڻ، موٽ ۾ تيز رفتار پير ڀرڻ، انسان جو پيشو آهي.

Text Box: 259

 

’امتياز‘، ماڻهپو آهي. معشوق جي بيدرديءَ واريءَ  نشتر هيٺان عاشق جو نچڻ به مجذو بي آهي، پر ٻئي فعل آهن انسان جا.

 

فرق فقط ناز ۽ نياز جو آهي. ٻئي رخ هڪٻئي جو ضد آهن. منجهن فرق وڏو آهي ۽ اهو ظاهر آهي. هڪ کي شوخي ته ٻئي کي وفا ٿو ڪوٺجي ، شوخيءَ جو ٻيو نالو جفا آهي. وفا‘ جفا ۾ جذب ٿيو وڃي، ائين جيئن کنڊ کير ۾.

سختيءَ جو ٻيو پاسو صدقو آهي. مقصد نڪتو ته جو به قدر، اثر ٿو پيدا ڪرائي، ان کي ئي اهميت ۽ عزت حاصل آهي. طالب جو جواب حجاب آهي، ته ليزي جو جواب گهاءُ پڻ. طالب جي منشا، صدا جي آواز رسائڻ تائين آهي، ۽ نه تاثير پيدا ڪرڻ، ان موجب، جو به عمل، سوز ٿو پيدا ڪري، اهو دلڪش ۽ نظير ٿو بنجي، مامَ ۽ نانءَ ۾ فرق آهي ڪونه ! مون کي ماري ٿي مُٺي ماٺِ !‘

هڪ نظر.

بيوفائيءَ، يعني ستم ظريفيءَ کي لاکيڻي لطيف، ڪيئن نه بي نقاب ڪيو آهي. چوي ٿو : ’جنين ڪاڻِ مياس، سي ڪانڌي ڪيچ نه هليا!، هاءِ بيدردي ! ’ات ٿو رکان اميد، جت نالو محبت ناهه ڪو !‘

موٽَ ممنون آهي، تلاش زندگي آهي_ اهو سبق پڻ لطيف سيکاريو آهي. چوي ٿو :’جي ليلائي نه لهين‘ تان پڻ ليلائيج‘. پرچائڻ ۽ پريت، انساني ڏاتيون آهن، جي امڙ حَوا کي ڏاجي ۾، ڏاڏي اَدم کي پُوئي ۾ مليون آهن.

جوڳي، پنهنجي مرليءَ سان نانگ ريجهائي ٿو. لطيف ٿو چوي : ”تتيءَ ٿڏيءَ ڪاههِ ، ڪانهي ويلَ وهڻ جي.“ ڳوليندو  وَتُ، هلندو رهه، ’جوڳي رمتا ڀَلا!‘ حرڪت ثواب، غفلت عذاب جستجو اها حقيقت آهي جا تڙپ کي ماٺو ڪريو ڇڏي. تڏهن ته لطيف ڳايو:

ڏوريان ڏوريان مَ لَهان، شال مَ ملان هوت،

من اندر جي لوڇ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.

هاڻي وري آرزوءَ جي آه به لطيف جي واتان ٻڌون:

آءُ نه گڏيس پرينءَ کي، پويون ٿيم پساهه،

سڪان پئي سڪرات ۾، رويو پڇان راهه،

شال مَ وڃين ساهه، پڻ ڌاران پرينءَ جي.

سِڪَ کي ڪيئن نه بي نقاب ڪيو اٿس. نقلي پوش لهڻ سان ، وڃيو اصل آشڪار ٿئي. پوءِ ٿي پروڙ پوي ته هوش ڪٿي، ۽ بيهوشي ڪنهن جاءِ ؟

ازل اچي ٿو ته گهڙي پڻ گهايو وجهي. ’رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَتَ سين !‘ هڪ لحظو، ساريءَ زندگيءَ تي غالب ٿي، انسان جو قالب ئي بدلايو ڇڏي. پلڪ جو سهاڳُ، عمر ڀر جو ڏهاڳ بنجيو پوي ! پر اهو نشو نينهن وارو به ڏاڍو مِٺو آهي، سُرورَ ۾ اچڻ سان ، سورَ سنڌا ڪيو وڃن !

تون.

تون سٻاجهو سائين، احسان ڀريو تاج، هڪ انسان آهين. تو ۾ احساس جي جوت دائما ٻرندي رهي ٿي. اخلاق جو باني، حسن ۽ پيار جي خوشنما مکڙي آهين. جا پنهنجي سڳنڌ سان دل ۽ دماغ معطر ڪريو ڇڏي: تنهنجو هر ڪم حسين Text Box: 261

 

آهي، تنهنجي هر ادا رنگين آهي! خوبصورت، خوشخلق، خوشفهم، توکي ڇا چوان! سنگتراش تو  وٽ سَر نمائين ٿا. گلفروش تو اڳيان دامن وڇائين ٿا. چاهه مان جهوليون ڀريندو رهين، چاهين ته ڇَٽ به ڪيرائي ڇڏين، پرتون ته هميشه پناهه جو پاند پکيڙيندو رهين ٿو. سچ پڇين ته حاتم کي پڻ لڄائي ڇڏيو اٿئي: تنهنجي ته اها منشا ٿي رهي ته پريميءَ جي پوتي پالهي نه ڇڏيان، ڪو پاند خالي نه وڃي، اهائي خواهش ٿو رکين ته بنا ڏيکاءَ جي طالب جي طلب پوري ڪري، مطلوب جو منهن مٿي ڪريان، پر افسوس خالي پلاند حسرت ڀريا هٿ مهٽيندو، ارمانن جون آهون اڏائيندو، لَٽَ ۾ لڙهندو وڃي! تنهنجي معصوم دل الفت کان اڪيلي آهي. هيءَ سوغات تون اڳيئي ورهائي چڪو آهين. هن مهل تنهنجي دامن واندي آهي، پالهي آهي، تون خود گهر جائو آهين. ڏين ته ڏين به ڇا مان ! پاڇاٽي پيدائش، ڪيڏي نه رڪاوٽ ٿي پيدا ڪري. جذبو پاسيرو رکي نيڻ نوايو ڇڏين. تنهنجي سخا جا در سدائين کليل رهيا، سي منهنجي اچڻ کان گهڻو اڳ پالها ٿي ويا. مون کان اڳي ئي سڀڪجهه لٽجي چڪو هو. منهنجي اکين اڳيان ڪارا ڪک وڇايل آهن. صدا ٻڌي ڪوڙا ڪاغذ ڪڍين ٿو، اڻاوا نقش چٽين ٿو، سيني کي پٿر جي پيڙا ۾  پيڙين ٿو،  پر ولوڙ واهر نٿي ڪري. تنهنجو مقصد اعليَ آهي. مون کي خالي  هٿين ۽ اگهاڙي لڱين موٽائڻ نٿو گهرين. تنهنجي احسانمندي بجاءِ خود پر عمل بي تاثير رهجيو وڃي. بناوٽ ڪنهن به  روپ ۾ اصليت جي جاءِ والاري نٿي سگهي، تنهنجي قربانيءَ قدر لهڻون، پر رسمي نوازش پيار جو پيالو بڻجي نٿي سگهي. منهنجون اوڻايون اگهاڙين ته نٿو، پاڻ ڍڪيو ڇڏين، ته متان ڏنگو ڏيهه مهڻو نه ڏئيم. سوين عيب مون ۾ مگر وا سهڻا، وجهي پاند تن تي لڪائي ڇڏيو اٿئي! اکين مان نڪتل انگوري رس هر شراب کان مٿي، پنبڻين ۾ پوتل موتي هر خوراڪ ۾  مڪمل، اهو اڻميو آب ڪو بختاور ئي پيِ سُرور وٺي، باقي سڌڙين لاءِ ته اهو دونهي  جو دولاب ٿو رهي. احسان درياهه آهي ۽ انهن هڪ جي انت ساگز محبت ميحنا کي جذب ڪري سگهي ٿي، ليڪن احسان پيار کي پي ڪين سگهندو. بناوٽ هر حال ۾ ڏکو ئيندڙ ٿي ٿئي. تنهنجون نقلي ڪروٽون، تهنهنجي زبان تي قلف ۽ ڪڙا چاڙهيو ڇڏين. ويچاري ٻورڻ کان  محتاج ٿيو پوي، اکيون ڌوڪو ڏيو وجهنس، تنهنجون مصنوعي انگڙايون بي نقاب ٿيو پون، هيري ۽ شيشي جو فرق ظاهر نڪريو اچي. نتيجي ۾ سائل ڏکو ئجيو پوي. جنسيات روح جي غذا ناهي، جيتوڻيڪ پنهنجي جاءِ تي نفس پڻ هڪ اهميت رکي ٿو. روح ۽ نفس ٻئي هڪ سانچي ۾ ڍليل آهن. انهيءَ مرڪب کي انسان جو لقب مليل آهي. هڪ جو وجود ٻئي بنا بيڪار ۽ اجايو آهي. هنن جو ميلاپ ايئن آهي جيئن ساز جو،  ڳائڻي جو پيڇو ڪرڻ، اصلي اَلاپ پيدا ڪرائڻ، يا جذبه ۽ دل جي رهنمائي ڪرڻ. جڙتو جڙاءُ پاسيرو رکي، صاف ۽ شفاف پهراڻ پائڻ سان انسان پنهنجي مقبوليت ۾ اضافو ٿو آڻي. ملائم ململ. کهري کاڌيءَ جي جاءِ وٺي، ته جيڪر زخم عذاب کان عاجز ٿيڻ بجاءِ  اَجو ٿي پوي. انسان اورچ آهي، ڪوشش کي ڪاميابي سمجهي ٿو. کيس اهو سبق پينگهي ۾ پڙهايو ويو آهي، ان کي ڪيئن ٿو وساري يا مٽائي سگهي. ڪشش ۽ ڪوشش ٻه جدا گانه شيون آهن، هر هڪ جو معيار پنهنجو آهي، ٻه _ روپي روش اعتقاد ٽوڙيو وجهي، ايمان ڪمزور ڪيو ڇڏي. انسان جون اکيون آهن ننڍڙيون، پر نهايت تيز ۽ تمام اونهين گهرائين تائين وڃيو رسن. وري جو اٿل کائين ته سڌو سطح تي. فرق جو امتياز انڌير مچايو وجهي. بس دل ۾ ماتم مچيو وڃي ! مڃان ٿو ته تون ڪنڊا ڪين ٿو  اڇلين، تون ته ڪک ڪِنِ پاسيرا ڪيو، راهه ٻهاريندو ٿو وتين، ته رستو اوجر رهي. تاهم اهي پاسيرا سڪل پن ڀنڀٽ ٻاريو وجهن، جن جي ڄڀي ساري جسم کي آلاٽيو ڪارو ڪيو ڇڏي. لڱ سڙيو خاڪ ٿيو وڃن. دونهون اکين جي آلاڻ ۽ بينائيءَ کي سُڪايو ڇڏي. تنهنجي دلجوئيءَ ۽ دستگيريءَ کيرون لهڻيون، پر اهو عمل درد جو دارون نٿو بنجي سگهي. منهنجي سِڪ جي اڃ اُجهائي ڪين سگهندو. تون مٺو ”مهراڻ“ آهين، جنهن جي لِٽ پنهنجي معنيَ خيز وهڪري سان، پر خواهش جي خلاف زندگي ختم ڪيو ڇڏي. هي سلاب عاشقن کي لوڙهيو ڇڏي، ويچارا وڃيو ڌٻڻ ۾ دسجن. انجام بي ڪفن موت ٿو بنجي. محبت جي واهڙ ۾ ڪوڙ ۽ ڪلفت جا ”اکا“ نه اڇلاءَ . ڪوڙ ويري آهي. دوکي ڏيندي ويرم ڪين ڪندو ! ان مطلب پرست امير تي اعتبار نه  ڪر ۽ نه ڀروسو رک، ڪڏهن ساٿ ڪين ڏيندءَ. ڪوڙ جي قلعي نهايت تيز ۽ تکو زهر آهي، کيس اجل سڏيندا آهن. دل جا داغ سچ جي صابڻ سان صاف ٿي سگهن ٿا، ۽ نه رمزن جي رهڙن سان . الفت ۽ احسان هڪ ناهن: ٿورائتو ٿيڻ ويڇي وسارڻ جي برابر ناهي. احسان ته فرق جي ديوار ۾ دروازا بنائي اجورو رسائڻ گهرندو آهي. عشق سڀ در ديوارون ٽوڙي هڪ هيڪڙائي ٿو ڪري. اصليت اختيار ڪر ته نراسائي نابود ٿئي !

مان.

مان مجبور ۽ محتاج، هڪ ويران، تاراج، ڦٽل ۽ ڊٺل واهڙ آهيان، جو ڪڏهن آباد هو، جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ زندگيءَ جو لهرون لڙهنديون هيون، جنهن ڪجهه گلشن آباد به ڪيا آهن. اڄ دنيا اهو وهڪرو بند ڪري، مون کي سڪائي ڇڏيو آهي. هينئر منهنجا اڻڀا، سڪل، سيرون ٿيل چپ، ڏورانهينءَ کان ساوڪ ۽ سيڪ کي مغموم نگاهن سان ڏسندا رهن ٿا! ماضيءَ جي گلشن جي ويراني ڏسي آبادي پَسي نراس نغما ڳائي، پنهنجو پراڻو وجود ياد ڪري ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ هنجون هارڻ گهري ٿو، پر ويچارين اکڙين ۾ آب ڪونهي، واجهائيندي ولوڙجي وڃن. منهنجي سوز جو چشمو سڪل، منهنجو ساز بي آواز، منهنجو نغمو بي اثر: زمانو منهنجي بيڪسيءَ تي مُرڪي ٿو، دنيا منهنجي عاجزيءَ  تي چٿرون ڪري ٿي، پر تون منهنجي مشڪل تي پشيمان آهين! همدرديءَ ڪري پنهنجو هٿ حيا سان، مون ڏانهن احساس جي اظهار لاءِ وڌائين ٿو. سڪ جي ساڻائيءَ ۽ بدَني هيڻائيءَ منهنجا بازو بيزور ڪري ڇڏيا آهن. تنهنجي ٻانهن منهنجو هٿ وٺي نٿي سگهي. تون تعجب ۾، آءُ غم ۾ _ هڪٻئي جي ويجهي هوندي به هڪٻئي کان پري پيا لڳون ! ويجهن کان وڇڙڻ جلائي ٿو، جيءَ کي ! پنهجو نستو هٿ ڊگهيري تنهنجي دامن ڇُهي  نٿو سگهان، تون گهڻوئي  همتائين ٿو، پر تنهنجي شفقت اڻڀي آهي. بهرحال، تنهنجي غمخواريءَ کان اَشنا آهيان، عاجز پر احسانمند آهيان، تون اڃا منهنجي سڪل ڪناري تي ٻيٺو هئين، ته توکي پنهنجي پانڌيئڙن پڪاريو. تو ڪن ڦڙڪايا، اچانڪ تنهنجا پير ترڪڻ لڳا تنهنجي دل جا اڳي ئي انهن جي دست چڙهي چڪي هئي، اوڏانهن سرڪڻ، لڳي، ۽ توکي به سَريو ته تون اوڏانهن ڇڪجي وئين. اڻڄاڻائيءَ ۾ تنهنجي پيرن پنڌ پَٽيو. اداسي وڃائي تڪڙا تڪڙا پير کڻندو پنهنجي ماڳ موٽئين، تان جو مفاصلي تو کي منهنجي قرب ڀريل نگاهن کان لڪائي، پري ڪري ڇڏيو، زمانو ڪيڏو نه ستم ظريف آهي ! تنهائي منهنجي دل ۾ خوف پيدا ٿي ڪري. مون کي ڊيڄڙو ٿي پيو آهي. دماغ تي دهشت ڇانئجو وڃي، من ته اڳي ئي ٻاروچل پٺيان دشت ۽ صحرا جها ڳيندو وتي، اٻاڻڪو آهيان، چپ ڦٿڪن ٿا، ڏند ڏڪن ٿا، لُنءَ لُنءَ ڪانڊارجيو وڃي. ڀانيان ته رڙ ڪريان، پر دانهن نڙيءَ ۾ ئي گُهٽجيو وڃي. ويچارو آدم جو اولاد ڪيڏو نه بيوس آهي ! اوندهه انڌوڪار اندر اوچتو بيهوش بيوس ترڪيو، وڃيو حسد جي ڪُن ۾ ڪران، اتان اٿل کائي اچي ڌٻڻ ۾ دسيو آهيان، حسد ته پٿر جي حصي ۾ به رهيو آهي، نُور موسيٰ ڏٺو، سڙي طور ويو ! جيئري ٿو جند ڇڏائڻ جي ڪريان، اوترو ٿو اونهون گهيرجان، سارو جسم وڪوڙ جي چڪو آهي. سِسي آهي، جا ساهه کڻڻ لاءِ ٻاهر رهجي ويئي آهي. حياتيءَ جو حرص ۽ هوسَ تو کي ٿو سڏ ڪرائي، ٻاڏايان ٿو، پڪاريان ٿو: سڻ سهڻيءَ جا سڏڙا ! منهنجون ڪوڪون ٻڌي ڪَن ورائين ٿو، نظرون ڊوڙائين ٿو، مگر توکي ڏيکائي نٿو ڏيان. گپ ۾ گتل ڀلا ڪيئن ڏسين ! جواب ۾ دلداريءَ جا جملا اڇلين ٿو. تنهنجن لفظن جو پڙلاءُ فقط ڪَنن کي ڇُهيو واپس وريو وڃي . هاڻي ته ڪو وسيلو ڪونه رهيو آهي. مهر ڀريون نگاهون اڇلائيندو ٿو رهين، پنبڻيون ڦڙڪائيندو ٿو وڃين. مهر خاطر، پر تنهنجون نظرون مون تائين نٿيون رسن، نراس ٿي مادي ۾ جذب ٿيو وڃن، مون کي غائب سمجهي موٽ کائين ٿو.تنهنجو  پيچرو مون کان  پري  ٿيندو وڃي. تون پيار جي وهڪري مان تار تري، مهر واري ڀِڪ وٺي، وطن ورين ٿو. پرديسي آهين نه ! عشق جي راهه ڏاڍي اڙانگي ۽ ڪٺن آهي، تنهنجو هيڏانهن لاڙو ٿي نٿو سگهي، تنهنجو مڪان ٻئي پاسي ۽ پري. هيڏانهن هيبتناڪ اٿل ڪانا ۽ ڪنڊا، اچين به ڇو؟ ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي، واجهائيندو وتان. جو به  واٽهڙو ملي ٿو ، ان جي دامن پڪڙيان ٿو، جهوري جهليان ٿو،ڪو سٽ ڏيئي ڇنايو وڃي، ڪو سرڪ پياري اُڃ اجھائي، دعائون وٺندو رھندو رھي، ٻڏندڙ کي ته ڪک به ٿو جھلي. آخر مان به ته آدم جي اولاد مان آھيان ۽ اھائي نسبت رکان ٿو، تون چِڙين  ٿو مان مران ٿو، ڏيِو ٻري ٿو، تيل سڙي ٿو، ۽ وٽ جلي ٿي . تيل کَتو وَٽ اجھامي ويئي. جسم ديپ آھي، پيار تيل آھي، ان بنا وَٽ، جا زندگي جو روح آھي، بيڪار ۽ اوندھ دور ڪرڻ ۾ قاصر ٿيو  پوي. تنھنجي پيار جو نالو ڀرپور، منجھس رتيءَ جي جاءِ به خالي ڪانھي. گل ته نه آھيان، جو سڀ تي ترندو وتان . مان ھڪ بيقصد طوفاني لھرن، ۽ زھريلي پاڻيءَ اندر اڇلون کائيندو ٿو رھان. ويرن وسيلي وڪاريندو وتان! ڇولي ڪناري لڳي ٽُڪر کائي، ڀيچي وڃائي، بازي ھارائيندي موٽندي چوي ٿو ته : ساحل وٽ سڪ ناھي ! غلطفھميءَ ۾ مبتلا نه ٿي . اميد وڏو دوکو آھي، تاھم وک گهلبي ٿي رھي. جذبات جنون آھي. مجنون بي معيار آھي. عشق، خودڪشي آھي . خودڪشي، عالم بيخوديءَ ۾ ڪِري، پاڻ گهوري ، فنا ٿي، نجات حاصل ڪرڻ آھي، يعني پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻو آھي. اُڪير سان رشتو قائم ٿئي يا نه ٿئي، پر اھو پراڻو رواج سدائين جاري رھي ٿو.

”مھراڻ “جا موتي

·       الله سڀ کان بھتر رزاق آھي. –  قرآن

·       جو الله کان ڊڄي ٿو، خدا ان جي رزق جو سامان پيدا ڪري ٿو، ۽ کيس اھڙي ھنڌان رزق پھچائي ٿو، جو سندس خواب-خيال ۾ به نه آيو ھوندو. – قرآن

·       کائو- پيئو، ۽ چوڙيو- ماڻيو، پر فضول خرچي ۽ تڪبر کان پاسو ڪريو. -سرور ڪائنات

·       فريب ۽ دوکي سان حاصل ڪيل ماني، ماڻھوءَ کي مٺِي ٿي لڳي، پر آخرڪار سندس منھن مِٽيءَ سان ڀريو وڃي ٿو.   – حضرت سليمان

·       کائڻ، پيئڻ ۽ پھرڻ جو ھرو ڀرو ايترو فڪر ڪرڻ نه گهرجي .ھوا ۾ اڏامندڙ پکين کي ڏسو، جي نڪو ڳالھائين ٿا، نڪو ٻج ڇٽين ٿا، نڪي ھَرَ ھڻن ٿا، نڪي لابارو ڪن ٿا، ۽ نڪي اناج کي ڪوٺين ۾ گڏ ڪن ٿا، تنھن ھوندي به خدا کين رزق رسائي ٿو. _ حضرت عيسيٰ

·       تون دنيا ۾ ھميشه رھڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ڳري رھيو آھين، پر دنيا توکي لوڌڻ ۽ تڙڻ جي فڪر ۾ آھي!   - ابوبڪر صديق

·       اُچو طعام ۽ لذيذ کاڌو کائڻ به ھڪ قسم جو اسراف آھي. ممڪن آھي ته ان قيمت جي سادي کاڌي مان، ڪنھن ٻئي بکئي  جو پيٽ ڀرجي سگهي ھا! - حضرت عمر

·       مال ۽ دولت فتني جو ڪارڻ، حادثن جو ذريعو، تڪليف جو سبب ۽ رنج ۽ ملال جو موجب آھي_ حضرت علي

·       زياده پيٽ ڀرڻ، عبادت کان دور ٿو رکي . –حضرت جعفر صادق

·       اگر فرعون بکيو ھجي ھا ته ائين نه چوي ھا ته، مان اوھان جو وڏو رب آھيان! -   بايزيد بسطامي 

·       دنيادار وڏي مصيبت ۾ گرفتار آھن. ھو دنيا جي عارضي خوشيءَ کي ته ڏسن ٿا، پر دنيا جا دائمي رنج ۽ عذاب سندن نظرن کان لڪل آھن.   – مجدد الف ثاني

·       دولت جي بکئي انسان کي، ڪڏھن به حقيقي راحت نصيب نٿي ٿئي. –معروف ڪرخي

·       خدا رزاق آھي ۽ بندو قزاق (چور ) آھي.   – فيثاغورث

·       جڏھن تنھنجي روزي، ٻين جي رزق کان جدا آھي ته پوءِ اجائي ڳڻتي ڇو؟ - اقليدس

·       ھر حال ۾ خوش رھڻ تونگري آھي، ۽ زياده طلب نه ڪرڻ درويشي آھي. ھرحال ۾ خوش رھڻ وارو، غربت ۽ مسڪينيءَ ۾ به تونگر آھي؛ پر زياده طلب ڪرڻ وارو ماڻھو، ساري دنيا تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سڃو ۽ سکڻو آھي.   – مامون رشيد

·       اگرماڻھو پنھنجي پنھنجي حق تي راضي رھن، ۽ انصاف سان وقت گذارين ته پوءِ ڪنھن به ’مُلڪ‘کي ’مَلڪ‘(بادشاھ) جي ضرورت ئي نه ٿيندي.  –ڪيخسرو

·       نھايت خوشحالي ۽ نھايت بدحالي، ٻئي بُرائيءَ ڏانھن واٽ ٿيون وٺائين. –  بو علي سينا

·       کائڻ ايترو گهرجي، جيترو ھضم ٿي سگهي: پڙھڻ ايترو گهرجي، جيترو جذب ڪري سگهجي. – بو علي سينا

·       غريب ماڻھو اگر دولتمند بڻجڻ گهري، ته پوءِ ان لاءِ سچائي ۽ سادگي، ايمانداري ۽ حق پسندي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه سولو ۽ سھڻو ذريعو ڪين آھي.   – فرينڪلن

·       جڏھن ڪو جاھل، عمدو لباس ٿو پھري، تڏھن لباس خود شرمسار ٿو ٿئي. – غزالي

·       امير کي ان وقت کائڻ گهرجي، جڏھن کيس گهرج محسوس ٿئي. پر غريب ان وقت کائي ، جڏھن کيس ملي.  – جينز

·       بيوقوف ماڻھو دعوتون ٿا ڏين، ۽ عقلمند انھن کي کائين ٿا!  -  فرينڪلن

·       ماڻھن جو چوڻ آھي ته’بادشاھه‘الله جو پاڇو آھن. اگر سچ پچ ڳالھه ائين ئي آھي ته پوءِ الله جي حالت رحم جوڳي سمجھڻ گهرجي:جنھن جا ’پاڇا‘ظالم به آھن، فاسق به آھن ۽ منافق به آھن!   - فريڊرڪ اعظم

·       مان سولائيءَ سان، ’سقراط‘کي ’سڪندر‘ تصور ڪري سگهان ٿو، پر ’سڪندر‘ کي ’سقراط‘ سمجھڻ ناممڪن ٿو سمجھان.   -  يوناني چَوڻي

·       جو بادشاھ عاليجاھ، ڪالھه دنيا جي وسعتن ۾ نٿي ماپي سگهيو، سو اڄ ’قبر‘ جي سوڙھي ڪوٺڙيءَ ۾ آرامي آھي.  -  يوناني چَوڻي

·       مان آزاد ٿي ڪري، اَن جي کُھري کٿي کي پھري، گهمڻ پسند ٿو ڪريان ؛ پر ان جي مقابلي ۾، زربفت ۽ قيمتي ڪيمخواب جي وڳي کي پھري، غلام رھڻ نٿو گهران! - ٿوريو

·       برداشت ۽ محنت، انسان جي دکن جي دوا آھي. ڪم ڪرڻ سان بک وڌي ٿي، ۽ برداشت ڪرڻ سان ڏکن ۽ ڏولاون تي غالب پوڻ جي قوت پيدا ٿئي ٿي .  – روسو

·       بي خلوص ماڻھو ئي، ظاھري عظمت ۽ شھرت حاصل ڪري سگهي ٿو. – آسڪروائلڊ

·       عظمت جي صحيح نشاني، گمنامي آھي. مِينھن جو ڦُڙو، سِپَ ۾ گم ٿي موتي بڻجي ٿو! - غزالي

·       دنيا ۾ جيتري جڳھه ترقيءَ لاءِ آھي، اوتري ٻي ڪنھن به چيز لاءِ ناھي.   -   اَلبرٽ

·       ھر ڊگهي ۽ منجھائيندڙ دليل جي پردي ۾، ڪنھن نه ڪنھن جي جھالت لڪل رھي ٿي.  – جونس

·       مون کي اھا شڪايت ناھي ته ماڻھو اڪثر ڪري چيزن کي ڇونٿا سمجھن،پر شڪايت اھا اٿم ته ھو جن چيزن کي ڄاڻڻ جا دعويد ’آهن‘ انهن کي به غلط نموني ۾ ڄاڻن ٿا.  –جوس بلنگز

·       Text Box: 271

 

جاهل اُهو آهي جو انهن چيزن جو علم نٿو رکي جن جي ڄاڻ اوهان کي آهي، ۽ جاهل انهن چيزن جو علم ٿو رکي، جن جو علم اوھان کي ناھي. - برنارڊشا

 

·       پڙھيل- لکيل بيوقوف، پنھنجي حماقت ۽ جھالت کي سھڻن لفظن جي پردي ۾ ته لڪائي ٿو سگهي، ته به آخرڪار احمق۽ جاھل ئي رھجي ٿو وڃي.  – غزالي

·       جھالت تي ھرڪو حملو ناڪامياب ثابت ٿيو آھي: ڇو ته ماڻھو، پنھنجي ان قيمتي ۽ پياري خزاني کي حفاظت سان سانڍڻ ۾ ھر وقت ھوشيار رھن ٿا.  – جيفرسن

·       ڪو ماڻھو جاھليت ۽ جھالت، کان مطمئن رھيو ھجي، اسان ڪو نه ٻڌو آھي_ - ڊسرائيلي

·       اگر اوھان غور ڪريو، ته پوءِ اوھان کي پتو پئجي ويندو، ته سَوَ تي پنجھتر ماڻھن کي اھو به پتو نه آھي، ته سندن وقت جو گهڻو حصو ڪٿي ٿو گذري ۽ ڪيئن ٿو گذري ۽ ڪنھن سان ٿو گذري؟   - برگس

·       پنھنجي جھالت کان بيخبري، جاھل لاءِ لاعلاج بيماري آھي.   -     اسڪاٽ

·       رڳو جاھلن کي ئي علم کان نفرت آھي.  -   ليرس

·       علمي جھالت، سڀ کان خطرناڪ فتنو آھي -  - گوئٽي

·       جي جھالت کان خوشي ٿي حاصل ٿئي، ته پوءِ سڀ کان بڇڙا ماڻھو عقلمند چئبا.- پرائر

·       تخيل جو پکي، جڏھن آسماني خلائن ۾ پرواز ڪري، زمين تي لھي ٿو، تڏھن مايوس به ٿئي ٿو ۽ شرمسار به! - ھربرٽ

·       ناقص انسانن جو تخيل، شتر مرغ وانگر آھي: جو ڊڪي ڊوڙي ته سگهي ٿو، پر اڏري نٿو سگهي.                 – ميڪاري

·       علم کان سواءِ، تخيل اھڙو آھي، جيئن پکيءَ کي پَرَ ته ھجن، پر کيس ٽنگون نه ھجن.                – جو زف

·       زندگيءَ ۾ ٻن قسمن جي ماڻھن سان پلوَ اٽڪي ٿو: پھريان اھي جن جو انتظار ٻين ھنڌن تي ڪيو ٿو وڃي، ۽ ٻيا اھي جيڪي سندن انتظار ٿا ڪن.  – بھرام

·       قبرستان به ماڻھن سان ڀريا پيا آھن. انھن کان سواءِ ھوند دنيا جو انتظام ھلي چلي ئي نه سگهي ھا.       – جان ڊيوي

·       افسوس اھو آھي ته اسان ھن دنيا جي مختصر زندگيءَ کي ئي صحيح طور استعمال ڪرڻ نه ٿا ڄاڻون . باوجود ان جي ھڪ اھڙي زندگيءَ جي سَڌَ ۽ تمنا ٿا رکون، جا غير فاني ۽ دائمي به آھي، رنگين ۽ لذيذ به آھي. – ايناٽول

·       ايترو ڪوڙُ ۽ فريب، سونَ ۽ چانديءَ کان پيدا نه ٿيو آھي، جيترو انڪم ٽئڪس کان پيدا ٿيو آھي . - راجرز

·       ٻن قسمن جا ماڻھو نظر آيا آھن: ھڪڙا اھي جي يقين نه ڪرڻ جھڙن مسئلن تي يقين ٿا رکن، ۽ ٻيا اھي جي ناممڪن کي ممڪن ٿا ڄاڻن. – آسڪروائلڊ

·       Text Box: 273

 

مؤرخ ھڪ اھڙو قاصد آھي، جنھن جون نگاھون ماضيءَ ۾ کُتل آھن. - آگسٽ ڪومل

 

·       مؤرخ جڏھن جنگ جا اسباب ٿو لکڻ ويھي، تڏھن سڀ کان وڏي سبب کي نظرانداز ٿو ڪري. اھو سبب، سندس اھو يقين آھي ته پاڻ، پنھنجي قلم ساڻ، ٻين کي ذليل ڪري سگهي ٿو.  – ھربرٽ

·       مون کي وڻ جي ڇانوَ ھيٺ، نھر جي ڪناري تي ، سادو اوڇڻ، ۽ ھڪ ڪتاب ڏيو، آءُ ھرطرح خوش رھندس! - سمٿ

·       اوھان خوش ھجو يا رنج، ٻنھي حالتن ۾ اھو ڏسڻ گهرجي ته اوھان جو وقت اجايو ۽ بيڪار نه گذرڻ گهرجي. – ڊگلس

·       مسرت ۽ روحاني خوشي ڪا اھڙي وَٿُ ناھي، جا دڪانن تان خريد ڪجي. اھا ته پنھنجي محنت سان حاصل ٿيندي آھي.  – ابن رشد

·       موجود چيزن ۾ رغبت رکڻ کان چڱو آھي، ته انھن چيزن لاءِ محنت ڪئي وڃي، جيڪي پاڻ وٽ ڪين آھن. – ھينري

·       ماڻھن سان نفرت ڪرڻ ائين آھي، جيئن ڪو جاھل ماڻھو، ڪوئن کان بچڻ لاءِ گهرَ کي جلائي ڇڏي. – ايمرسن

·       جاھل جي زبان ٻٽيھه ڏندن جي وچ ۾ آھي، پر عالم جي زبان، سندس دل جي ھيٺان آھي.                             – حضرت علي

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

ڪفر، اسلام جي جھيڙن کان ڇٽاسين وه واه!

قيد مذھب جي کان ڪيو، عشق اسان کي آزاد.

سچل فقير به چوي ٿو ته:

ڏسو عشق جو انصاف، مڙئي مذھب ڪَيئَيِن معاف !

ھاڻي اھا ڪھڙي عشق ۽ڪھڙي مذھب جي تعريف آھي ؟ اھو عشق به حق جو ۽ اھو مذھب به حق جو. لکيل آھي ته:

”از شيخ منصور حلاج پر سيدند ڪ درمذھب ڪيستي؟ گفت ڪه درمذھب – حق.“

انھيءَ حقيقي عشق ۽ حقيقي مذھب جو ضد آھي مجازي يا دنيائي عشق، ريائي يا رواجي مذھب. ھي ٻه مخالف شيون ٿيون. ھڪڙي خود پرستي، ٻي خداپرستي ؛ ھڪڙي حق پرستي يا حقيقت پرستي، ٻي صورت پرستي يا ظاھرپرستي. حافظ جي بيت ۾ انھيءَ جو اشارو آھي :

زاھد-ظاھر پرست ازحال – ما آَگاه نيست،

درحق – ما ھرچه گويد، جائه ھيچ اڪراه نيست .

ھڪڙي جي ڪوشش وصل لاءِ ۽ ٻئي جي فصل لاءِ؛ھڪڙي جي خواھش ته محبوب جھڙو ٿجي ۽ ان کي ويجھو ٿجي ۽ انھيءَ ۾ محو ٿجي، ٻئي جي خواھش ته انھيءَ کان پري رھجي .

امام احمد غزاليءَ جو قول آھي ته:

’فريضهء ماخدا بودن است وسنت ما رسول بودن؛

سچل فقير جي به ھڪڙي ڪافيءَ جو ٿل آھي :

ايجھا ڪم ڪريجي، جنھن وچ الله آپ بڻيجي !

اھڙيون ٻه ضد ۽ مخالف شيون، ھڪ ھنڌ ڪيئن گڏ رھي سگهنديون ؟ ھڪڙي ھٿ ڪبي ته ٻي ڇڏي ڏيڻي ٿيندي :

دنيا عقبيٰ جي آھي ڀيڻ سڳي،

شرع ۾ گڏ رکڻ، ٻنھي جو، غلط.

خوديءَ جي ڪري، خدائيءَ کان جدائي ٿيندي :

ڏسين جيسين خوديءَ کان پنھنجو مُنھن،

نه ڏسين تون خدا، خدا جو سُنھن؛

جڏھن پردو کڄي جدائيءَ جو،

حال تڏھين کُلي، خدائيءَ جو،

(شمس العلماء مرزاقليچ بيگ: ”جپ صاحب“ جي ترجمي: ”ستنام سوکڙيءَ“ جي تقريظ، 15- مارچ 1915ع.)

ذوالنون مصريءَ لاءِ، چون ٿا ته چاليھه ورھيه، ٽيڪَ نه ڏنائين، ھميشه گوڏن ڀَرِويھندو ھو ۽ چوندو ھو ته خدا تعاليٰ جي روبرو، ٻانَھن وانگر نه ويھڻ کان مون کي شرم ٿو اچي !

جيسين جيئرو ھو، تيسين مصر جا ماڻھو، کيس ”زنديق ۽ ڪافر“ ڄاڻندا ھئا. ’متوڪل‘ خليفي جي وقت ۾، سندس حڪم سان ، کيس قيد ڪري، زنجير وجھي، بغداد ۾ وٺي آيا. چاليھه ڏينھن قيد ۾ ھو. ڀيڻس، مانيءَ جي ٽِڪِي آڻي ، ڏيندي ھيس. جڏھن قيد مان ٻاھر ڪڍيائونس ، تڏھن چاليھه ئي مانيون نڪتيون !

موت جي وقت پڇيائونس، ڪنھن شيءِ تي سَڌَ اٿيئي ؟ چيائين ھائو، مَنَ مرڻ کان اڳ، ”ھُنَ“کي ھڪڙو لحظو سڃاڻي وٺان ! پوءِ شعر چيائين:”خوف مون کي بيمار ڪيو،شوق مون کي جَلايو، محبت مون کي ڏٻرو ڪيو ۽ خدا مون کي جيئرو ڪيو!“

وصيت کان انڪار ڪندي چيائين:”مون کي نه چئو، مان سندس احسان ۾ حيران آھيان!“

(شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب، ”حالات اولياءَ“- شيخ ذوالنون مصري ص 20،                                                                                                     چونڊيندڙ نواب نور احمد خان لغاري، خانپور)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com