سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :2

انهن ٻن_ ٽن سالن جي ان قسم جي، سرڪاري ۽ قومي زبانن تائين محدود رکڻ واريءَ پاليسيءَ هوندي، جڏهن ”سنڌي زبان“ جي سلسلي ۾، ان مذڪور ’سينٽر‘ جي دفتر کي توجهه ڏياريو ويو، تڏهن فراخدليءَ سان ٻڌايو ويو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن جو مسئلو زير غور آهي!“ آخر ان زير غور کي به هڪ سال گذري ويو! وري ٻئي سال تي، جڏهن ’سينٽر‘ جي دفتر مان رسمي طرح سان ”سنڌي ڪتابن“ جي شرڪت جو دعوتنامو ۽ اطلاع پهتو، تڏهن ٻئي ڀيري به احترام ۽ ادب سان، اڳئين سال واري عرضداشت ڏانهن توجهه ڏياريو ويو. ان جو جواب لفظي حدن تائين ”تسلي بخش“ ته ڏنو ويو، پر وري به ”زيرغور“ کي دهرايو ويو!

ان تي کين عرض ڪيو ويو ته، ”سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن جي شرڪت“ جو مسئلو، مهرباني ڪري سينٽر جي ’بورڊ‘ تي رکيو وڃي، ۽ ان جي فيصلي کان آگاهه ڪيو وڃي. ان تقاضا جو جواب به اهوئي ”تسلي بخش“ ڏنو ويو ته ”ائين ڪيو ويندو!“ ان کي به خير سان سال گذري ويو!

تازو هن سال ’ڊسمبر‘ ۾ ٿيندڙ سالياني انعامي ميڙ جي سلسلي ۾، اهوئي دستوري ۽ رسمي اطلاع ۽ دعوتنامو سنڌي ڪتابن جي حوصله افزائيءَ متعلق پهتو؛ ۽ ان سان گڏ، اخبارن ۾ هيٺين لفظن ۾ خبرون شايع ٿيون. انهن جو عنوان آهي، ”سنڌي ڪتابن سان ٻه_ اکيائي!“ (نواءِ سنڌ)_ ”نيشنل بوڪ سينٽر، سنڌي ڪتابن کي انعام نه ڏيندو!“ (عبرت)_ ”نيشنل بوڪ سينٽر آف پاڪستان، سنڌي ڪتابن کي انعام نه ڏيندو!“ (خادم وطن ۽ هلال پاڪستان) اصل خبرن جو متن هيءُ آهي:

”معلوم ٿيو آهي ته حڪومت پاڪستان طرفان، ملڪ ۾ ڪتابن جي اشاعت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ قائم ڪيل اداري، ’نيشنل بوڪ سينٽر آف پاڪستان ڪراچي‘ جي اراڪين فيصلو ڪيو آهي ته، انهيءَ اداري طرفان سال بسال بهترين ڇپيل ڪتابن تي جيڪي انعام ڏنا ويندا آهن، ’تن ۾ سنڌي ڪتاب شامل نه ڪيا وڃن.‘

ياد رهي ته اداري کي سال به سال، حڪومت ’پاڪستان‘ ۽ ’يونيسڪو‘ طرفان امداد ڏني ويندي آهي، جنهن مان اهو ادارو، ’ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ‘ جي خوبصورتيءَ جي اعليٰ معيار وارن ڪتابن ۽ انهن جي ناشرن ۽ آرٽسٽن کي هر سال، هزار هزار ۽ پنجن پنجن سون رپين جا ڪيترائي انعام همت افزائيءَ خاطر ڏيندو آهي. ٻارن جي ڪتابن لاءِ انهيءَ اداري جي جدا انعام مقرر ٿيل آهن، پر انهن ۾ پڻ انهيءَ اداري، سنڌي زبان ۽ ٻارن جي ڪتابن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.“

Text Box: 18

(عبرت، نواءِ سنڌ، خادم وطن، هلال پاڪستان_ 16، 17 نومبر 1966ع).

مٿينءَ خبر جي متن ۾، صاف طرح سان، ”سنڌي ڪتابن“ جي شرڪت کان انڪار ڪيو ويو آهي. پوءِ اهي ڪتاب جوانن ۽ ٻڍن ۽ ٻارن جا هجن، توڙي ذاتي طرح سان يا ادارن طرفان شايع ٿيل هجن! ان خبر ۾ ڪوبه ابهام ڪونه آهي، جنهن کي توضيح ۽ تاويل جو محتاج قرار ڏيئي سگهجي!

اسان ان ’خبر‘ کي پڙهي ’حيران‘ آهيون ته آخر رڳو ”سنڌي ڪتابن“ جي عدم شرڪت جي واضح حڪمنامي ۽ اعلان ڪڍڻ ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟ ان ۾ ادب جي خدمت جو ڪهڙو معيار سمايل آهي؟ ان ۾ پاڪستان جي علاقائي ادب جي فروغ جي ڪهڙي صورت پوشيده آهي؟

ان منجهيل مسئلي تي تبصري ۽ جائزي لکندي، روزانه ’عبرت‘ حيدرآباد ۽ روزانه ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد جي قابل قدر ايڊيٽرن، ايڊيٽوريل لکي احتجاج بلند ڪيو آهي، ۽ سنڌي ڪتابن ۽ ناشرن جي حقن جي ترجماني ڪئي آهي.

فاضل ايڊيٽر روزانه ”عبرت“ لکيو آهي:

”نيشنل بوڪ سينٽر طرفان، ’سنڌي زبان‘ جي ڪتابن کي انعامن ۾ شامل نه ڪرڻ لاءِ ڪهڙا سبب آهن، اسان کي معلوم ناهن. مگر هڪ مکيه ’علاقائي زبان‘ جي ڪتابن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ، ڪنهن به حالت ۾ درست نه آهي.

”اهي انعام، سٺن ڪتابن تي ڏنا وڃن ٿا. سٺا ۽ سهڻا ڪتاب پاڪستان جي ڪهڙي به زبان ۾ هجن، اهڙي انعام جا مستحق آهن. خاص ڪري اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن حڪومت طرفان، مختلف علاقائي زبانن جي ادارن کي هر سال وڏيون رقمون بطور گرانٽ ڏنيون وڃن ٿيون.

”نيشنل بوڪ سينٽر خود ڪتابن جي تحفظ ۽ همت افزائيءَ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ بوڪ سينٽر تي لازم ٿي وڃي ٿو ته هو هر سٺي ڪتاب کي انعام ڏئي، پوءِ اهو ڀلي ته ڪهڙي به ملڪي زبان ۾ هجي. اهو ضروري نه هئڻ گهرجي ته اهي انعام، صرف اردو ۽ بنگالي ڪتابن تي ڏنا وڃن. ’بوڪ سينٽر‘ کي ’مرڪزي‘ رائٽرس گلڊ جو مثال وٺڻ گهرجي، جنهن طرفان تمام زبانن جي بهترين ڪتابن تي انعام ڏنا ويندا آهن. اسان نيشنل بوڪ سينٽر جي اختياري وارن کي مشورو ڏينداسين ته هو انهيءَ فيصلي تي نظرثاني ڪن ۽ هر ڪتاب کي ڪتاب ڪري سمجهن، پوءِ اهو ڀلي ته ڪهڙي زبان ۾ هجي. ان کي سٺي ڇپائيءَ ۽ سهڻي گيٽ_ اپ جي روشنيءَ ۾ اهڙا انعام ڏنا وڃن.“ (عبرت 18 نومبر 1966ع)

Text Box: 20

ان سلسلي ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ حيدرآباد جي فاضل ايڊيٽر لکيو آهي:

”...... هن اداري جي ڪيل فيصلي سان، هر ڪوئي منصف مزاج ۽ فراخ دل ماڻهو سوچڻ لڳندو ته جڏهن ’يونيسڪو‘ محض ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ گيٽ_ اپ جي خوبصورتيءَ جي اعليٰ معيار تي ڪتابن جي ناشرن ۽ آرٽسٽن کي انعام ڏئي ٿو، ۽ انهيءَ نوعيت جي فني صلاحيتن جي حوصله افزائي ڪري ٿو، جنهن جو بنيادي مقصد سواءِ هن جي ٻيو نه آهي ته_ دنيا جي هر ملڪ ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب شايع ٿين، تان ته بي علمي ۽ جهالت جي اوندهه ختم ٿي وڃي ۽ ماڻهو علم جي روشنيءَ ۾ سولائيءَ سان پنهنجو بهتر مستقبل تلاش ڪري سگهن، مهذب بنجن، تهذيب، اخلاق ۽ انسانيت جو دور عروج تي پهچي_ تڏهن نيشنل بوڪ سينٽر جي ڪارڪنن جيڪو فيصلو ڪيو آهي، سو سراسر غلط آهي. ......اسين احتجاج ڪريون ٿا ۽ اسين حڪومتِ پاڪستان جو توجهه ڏياريندي گذارش ڪريون ٿا، ته نيشنل بوڪ سينٽر جي ڪيل فيصلي کي بدلائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪري.“ (هلال پاڪستان 18 نومبر 1966ع)

سنڌ جي ٻن روزانه اخبارن جي معقول استدلال جي موجودگيءَ ۾، اسان ڪنهن به طول طويل بحث ڪرڻ کي مناسب نه ٿا سمجهون. جو ڪجهه به چيو ويو آهي، اهو نهايت مناسب ۽ قدر جي لائق آهي. ان سلسلي ۾ اخبارن ۾ ڪي مراسلا به شايع ٿيا آهن. هڪ مراسله نگار، لکيو آهي ته:

”مان سمجهان ٿو ته اردو وارن کي، ڪتابن جي خوبصورتيءَ جي معاملي ۾ ڪافيءَ کان زياده ڪمتريءَ جو احساس آهي. ٽائيپ جي مقبول نه هئڻ ڪري، هنن جا ليٿو ۾ ڇپيل ڪتاب بدزيبا ۽ بدنما ٿين ٿا، پر، سنڌي ٽائپ سهڻي ۽ من_ موهيندڙ آهي. ڪم از ڪم پاڪستان جي ڪابه ٻولي، ان ڏس ۾، سنڌيءَ جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. ادبي بورڊ جا ڪتاب، دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهجن ٿا.“

ممڪن آهي ته ’اي روشني طبع تو برمن بلاشدي‘ جي مصداق، اهو قياس به درست هجي ۽ اهوئي سبب هجي. اگر ائين ئي آهي ته پوءِ اهو نهايت نامناسب سبب چئبو.

جيسين خود نيشنل بوڪ سينٽر وارن وٽان ڪا تفصيلي راءِ پيدا ٿئي، تيستائين ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به واجبي ۽ معقول سبب کان سواءِ، ساري علاقائي ادب ۽ سنڌي ادب ۽ زبان جي ادارن ۽ سڀني ناشرن ۽ مصورن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾، سنڌي ادبي بورڊ کان سواءِ، ٻيا به ڪيئي ادارا آهن، جي وڻندڙ ۽ سهڻا ڪتاب ڇپائي چڪا آهن. ان طرح ذاتي ۽ انفرادي طور تي به ڪيترا اهل ذوق مولف اهڙا سهڻا ۽ دلڪش ڪتاب شايع ڪري چڪا آهن، جن کي مقابلي ۾ آڻي سگهجي ها!

پر جي سرڪاري ۽ قومي زبان جي خيال سان، ٻين علاقائي زبانن جي خيال کان علاوه، علاقائي سنڌيءَ ٻوليءَ جي روزافزون ڇپائيءَ جي ترقي ۽ معيار سان برميچي نه ٿو سگهجي، ۽ هونءَ به سنڌي ادبي بورڊ جي حسن زيبائش ۽ دلڪشيءَ سان ته ڪنهن کي نه ريس آهي ۽ نه مقابلي جي همت آهي، پوءِ به مصلحت جي تقاضا اها هئي ته جند ڇڏائڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو وڃي ها ته سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا، هن مقابلي ۾ حصو وٺي نه ٿا سگهن، باقي ڪم سرمايه ناشر يا ذاتي ذوق وارا پبلشر، حصو وٺي سگهن ٿا. ان صلح آميز ۽ محبت انگيز، اعتدال واريءَ راهه کي اورانگهي، انتها پسندانه فيصلي کي اڳيان رکي، ٻين علاقائي زبانن سان گڏ، سنڌي ادب ۽ زبان جي سڀني ناشرن، ادارن ۽ فنڪارن کي نظرانداز ڪرڻ، مصلحت ۽ افاديت جي خلاف آهي.

اهو ياد رهي ته هي سوال، رڳو سنڌي ادبي بورڊ جو نه آهي. هن فيصلي ته مورڳو، هميشه لاءِ علاقائي ادب، بالخصوص سنڌي ڪتابن جي شرڪت جي گنجائش ئي ختم ڪري ڇڏي آهي!

بهرحال ڪهڙا به سبب هجن، اهو فيصلو ڪڏهن به تعميري ۽ صحتمند نٿو چئي سگهجي.

اهڙي فيصلي تي، اخبارن طرفان غم ۽ غصي جو جيڪو اظهار ڪيو ويو آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ، نيشنل بوڪ سينٽر جي وري ٻي غلطي ٿيندي. مناسب ائين آهي ته بوڪ سينٽر وارا بزرگ ان فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي مهرباني ڪن. اسان ته ائين چونداسون:

گلهء جفا، وفا نما، جو حرم .کو اهل_ حرم سي هئي،

وه جو بت کده مين بيان کرون، تو کهينگي بت بهي هري هري!

                                         (اقبال)

تاريخي شين جي حفاظت

صدر مملڪت فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي تاريخي شين جي حفاظت متعلق هڪ اپيل شايع ٿي آهي؛ جنهن ۾ چيل آهي ته، ملڪ ۾ جي به تاريخي نوادرات ٽڙيل پکڙيل موجود آهن، اهي ”قومي عجائب گهر“ اسلام آباد ۾ نمائش ۽ حفاظت لاءِ رکيا وڃن. ان سلسلي ۾، اهم ۽ تاريخي دستاويز، عهدناما، حڪمناما، عالمن ۽ محققن جا بياض ۽ مسودا، ۽ ٻيا تاريخي يادگار گڏ ڪرڻا آهن. اها حقيت آهي ته اهڙا تاريخي نوادر، جن خاندانن وٽ موجود آهن، اهي انهن کي سنڀالڻ کان قاصر آهن، ٻيو ته انهن ان استفادي جي گنجائش به گهٽ آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو حفاظت ۽ نگرانيءَ جي نه هئڻ ڪري، اهي بوسيده ۽ڪرم خورده مسودا ڳري_ جهري مٽي ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن به ڪم جا نٿا رهن! يقين آهي ته انهن جي نگراني حڪومت ۽ ان جا وسيع اخراجات ئي برداشت ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ مالڪن لاءِ اها سهولت به رکي ويئي آهي ته کين سندن طلب تي، فوٽو ۽ مائڪرو فلم به سرڪاري خرچ تي ڏني ويندا.

تاريخي نوادر جي حفاظت ۽ اهميت متعلق صدر مملڪت چيو آهي:

”قديم  نادر چيزون، قلمي نسخا، دستاويز، فن ۽ تاريخ سان تعلق رکندڙ اهميت واريون شيون، هڪ زندهه قوم لاءِ، اهم ۽ ثقافتي سرمائي جي حيثيت رکن ٿيون. اهڙين نادر چيزن سان ملڪ ۽ قوم جي تاريخ، زندگي، تهذيب ۽ ثقافت جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿو. ٻيو ته ان جي تحقيق توڙي ڇنڊڇاڻ جي پس منظر ۽ تسلسل جي باري ۾، اهي تاريخي نادر چيزون ضمانت جو درجو رکن ٿيون. ان لاءِ اهڙين چيزن جي حفاظت ڪرڻ نهايت ضروري آهي، جيئن پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ اسان جو علم وسيع ٿيندو رهي.“

Text Box: 24

نوادرات جي سنڀال پنهنجي مٿي هڪ فني ڪم به آهي، ان لاءِ صدر مملڪت جو چوڻ آهي:

”اهڙن قلمي نسخن ۽ تاريخي يادگارن جي حفاظت توڙي انهن کي منظرِ عام تي آڻڻ، پنهنجي جاءِ تي هڪ مشڪل ۽ فني ڪم آهي. ان سلسلي م تجربي، مشق، مهارت ۽ فني ڄاڻ سان گڏ، مناسب ۽ ضروري ساز_ سامان جي به ضرورت آهي.“

صدرِ مملڪت جي اپيل جي تائيد ڪندي، جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، ميمبر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، فرمايو آهي:

”سنڌ ۾ ايامن کان، يگانه روزگار، عالم ۽ اديب، فقيـﮧ ۽ محدث، مورخ ۽ شاعر، صاحب طريقت ۽ اهل دل بزرگ گذريا آهن، جن پنهنجي ساري عمر، تعليم تدريس ۽ اصلاح امت سان گڏ، تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاري آهي. ان سلسلي ۾ چوٽياريون، نصرپور، ٺٽو، سيوهڻ، بوبڪ، لواري شريف، هالا، ٽلٽي، ٽپٽائي، اگهم ڪوٽ، بکر، روهڙي، اروڙ، جهوڪ شريف، کهڙا ۽ گمبٽ قديم علمي مرڪز رهندا آيا آهن. انهن جا مسودا ۽ بياض سندن اولاد ۾ اڄ به موجود آهن. اسان جي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي موجب، جتي به اهڙن قديم علمي مرڪزن کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، اتي ڪتبخانن جا ڪتبخانا، نهايت بوسيده ۽ ڪِرم خورده نموني ۾ مليا آهن. انهن کي ڇنڊي ڦوڪي، صاف ڪري، مٽيءَ ۽ ڪچري کان بچائي، سليقي ۽ فني ترتيب سان رکڻ وارو ڪوبه معقول انتظام نظر نه آيو آهي.“

ان سلسلي م سنڌ جي نوادرات جي مالڪن ۽ عالمن کي گذارش آهي ته هو ان تاريخي سرمايي جي حفاظت جي ڪم ۾ سرڪاري انتطام سان تعاون ڪن ۽ صدر مملڪت جي پيشڪش تي عملي طرح سان قدم وڌائين.

ورسيون

دستور موجب هن سال مختلف هنڌن تي، سنڌي ادب جي مشهور عالمن ۽ فاضلن جي ياد کي تازي رکڻ جي سلسلي ۾، جن عالمن جون ورسيون ملهايون ويون آهن، تن ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم نور محمد وڪيل، ميران محمد شاهه مرحوم، آغا تاج محمد مرحوم، عثمان علي انصاري مرحوم ۽ احسان بدوي ۽ جهامنداس ڀاٽيا جا نالا ذڪر جي قابل آهن. مٿين بزرگن جي ادبي، علمي ۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ، هر طبقهء خيال وارن لاءِ فرض جي حيثيت رکي ٿو. انهن پنهنجي ساري حياتي، علم ۽ تعليم جي خدمت ڪندي، سجائي گذاري آهي. اڄ اسان وٽ اهي ڪين آهن، پر سندن ڪتابن ۽ تحريرن، مقالن ۽ شعر و شاعريءَ جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن تي اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ کي فخر حاصل آهي. اسان جي نون نسلن تي اهو واجب آهي ته هو، انهن جي پوري تصنيفات کي گڏ ڪن، پڙهن ۽ انهن جي اسلوب ۽ معيار تي لکڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ پوءِ اڳتي هلي، سنڌي ادب ۾ مفيد اضافو ڪن. افسوس ته اهو آهي ته چند بخت وارن کان سواءِ، ڪيترن عالمن جا اڻڇپيل مسودا به اڃا تائين قلمي صورت ۾ رهيا پيا آهن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو انهن جا لائق پونير ۽ شاگرد، انهن جي مواد کي سهيڙي ۽ ترتيب ڏئي، پاڻ ڇپائين. ٻيو نه ته به سنڌي ادبي بورڊ کي ئي ڏين. 

ان سلسلي ۾، اهي لائق ۽ جليل القدر، محب وطن ۽ آزاديءَ جا علمبردار به قابلِ ذڪر آهن، جن جي علمي ۽ عملي ڪاوشن ۽ قربانين، هند_ پاڪ کي آزادي وٺي ڏني.

هن سال اسان وٽ قائداعظم، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، حسرت موهاني، علامه اقبال، بهادر يار جنگ ۽ علامه مشرقيءَ جون پڻ ورسيون ملهايون ويون آهن. ملڪ جي مشهور اردو ۽ انگريزي، سنڌي ۽ گجراتي اخبارن خاص نمبر شايع ڪيا آهن، جن ۾ ملڪ جي حاڪمن، صدر مملڪت، گورنر، وزيرن، اديبن ۽ شاعرن پاران، تهنيت ۽ اعتراف جا پيغام شايع ٿيا آهن.

ان طرح نشتر، خواجه ناطم الدين، مولوي فضل حق ۽ مولوي تميزالدين ۽ سهرورديءَ جي سياسي خدمتن جو اعتراف پڻ ڪيو ويو ۽ هر هنڌ ورسيون ملهايون ويون آهن.

اديبن ۽ دانشورن مان مرحوم جسٽس ڪيانيءَ جي جرات آميز ۽ حق گو شخصيت کي به نه وساريو ويو آهي. سندن حالات ۽ تقريرن جي انتخاب تي مشتمل اخبارن جا ڪيئي خاص نمبر شايع ٿيا آهن. اسان پنهنجي پاران انهن سڀني جي ياد کي، ايندڙ نسلن جي ذهني ۽ فڪري، اصلاحي ۽ انقلابي تشڪيل ۽ تعمير لاءِ ضروري ٿا سمجهون.

آخر ۾ اها صلاح ٿا ڏيون ته اهڙن جليل القدر عالمن ۽ محققن جي علمي ۽ وطني ڪمن ۽ ڪارنامن تي، هڪ معياري ۽ محققانه سلسلو هئڻ گهرجي، جنهن جي مطالع سان انهن جي سيرت ۽ حالات سان گڏ عملي جدوجهد جي تاريخ مرتب ٿي سگهي. اهو سلسلو سڀني زبانن ۾ هئڻ گهرجي. اهو ڪم انفرادي طرح سان، يا ڪنهن اداري جي ڪوشش سان پايهء تڪميل تي پهچي سگهي ٿو. ”نام نيڪو رفتگان ضايع مَ ڪُن“ تي عمل ڪرڻ جي اهائي صورت آهي.

مهراڻ جو مواد

مهراڻ 3-4/1966ع، گڏيل پرچو، علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالات تي مشتمل پيش ڪندي، دلي مسرت ٿي حاصل ٿئي، ڇالاءِ جو سارو مواد نهايت معياري ۽ تحقيقي آهي. مهراڻ سان تعاون ڪندڙ اهل قلم، جنهن تحقيق ۽ ڪاوش سان مطالع ۽ ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا، تنهن کي اڳيان رکي ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته ان قسم جا شاهڪار اسان جي سنڌي عالمن جا مرهون منت آهن. ٻين زبانن جي رسالن ۾ به اهڙو مواد مشڪل سان ڇپجي ٿو.

سڀ کان اول صدرِ مملڪت پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي هڪ فڪر انگيز تقرير، ”معاشري جي اصلاح جا غير متبدل اصول“ آيل آهي. ان تقرير ۾ صدرِ مملڪت، موجوده تعليمي نظام سان گڏ روايت جي اهميت ۽ افاديت متعلق جو ڪجهه چيو آهي، اهو اصلاح پسند ۽ ترقي پسند حلقن لاءِ مسرت انگيز آهي. ان سان گڏ، اسان جي قدامت پسند ۽ روايت پرست دوستن لاءِ دعوت فڪر پڻ آهي.

هڪ هنڌ چيو ويو آهي:

”تعليم جو نظام اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن جي تحصيل کان پوءِ انسان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. هو پنهنجي دور جي معاشي ۽ اقتصادي، سائنسي ۽ عملي پيچيدگين کي جديد علم ۽ فن جي روشنيءَ ۾، معاشري جي تقاضائن آهر حل ڪري سگهي.“

صدرِ مملڪت جو ائين چوڻ سورهن آنا درست آهي. آخر اهو علم ۽ فن ڪهڙي ڪم جو، جنهن جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ شاگرد ۾ غور ۽ فڪر جي صلاحيت ئي پيدا نه ٿئي، ۽ هو پنهنجي دور جي مسئلن کي جديد تقاضائن جي روشنيءَ ۾ نه سمجهي سگهي ۽ نه حل ئي ڪري سگهي. سچي ڳالهه ته اها آهي ته اسان جي تعليمي نظام جي بنيادي فروگذاشت اهائي آهي.

روايت جي حيثيت متعلق چيو ويو آهي:

”اهڙن باشعور فردن لاءِ مقدس روايتن جا حوالا پيش ڪرڻ، ڪافي نه ٿيندا. نه فقط مذهب، پر ان جي فلسفي ۽ حڪمت کي پيش ڪرڻ جي اصولن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ اهڙي زبان استعمال ڪرڻي پوندي جا سوچيندڙ ۽ ذهين انسان سمجهي سگهن. قديم روايتون بيشڪ احترام جي لائق آهن، اهي بيشڪ، پنهنجي ماحول ۽ ان جي تقاضائن لاءِ ڪنهن حد تائين مفيد مڃي سگهجن ٿيون، پر اهو مناسب ڪين آهي ته هن ايٽمي دور ۾، انهن روايتن تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهجي. زمانو ڪڏهن به اسان جو انتظار نٿو ڪري، هو اسان کي پوئتي ڇڏي پنهنجي تيز رفتار ڊوڙ سان اڳتي وڌي ويندو.“

ان کان پوءِ، حضرت علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب جن جي تقرير، ”اسلامي تعليم ڇاکي چئجي؟“ آيل آهي، ان ۾ مذهب جي فڪري ارتقا سان گڏ، جديد مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي.

هڪ هنڌ فرمائن ٿا:

”دنيا جي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ قرآن جي اها نهايت ئي غيرمعمولي خصوصيت آهي، جو ان، انهن سڀني ماڻهن لاءِ، جن هي ڄاڻڻ گهريو ٿي ته مذهب جو مقصد ڇا آهي؟ هي لازمي قرار ڏنو ته اهي ٻين مذهبي ڪتابن ۽ پيغمبرن جو مطالعو ڪن. بلڪ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته نه رڳو انسانذات جو، بلڪ پوري ڪائنات جو گهڻن بدران هڪ ئي خدا آهي. انهيءَ تي جهيڙو فساد ٻاراڻي ڳالهه آهي. دين جي معاملي ۾ زوري ڪم نٿي اچي سگهي، پرامن ۽ غيرمعاندانه بقاء باهمي ئي زندگيءَ جو واحد طريقو آهي. ڏٺو ويو آهي ته سڀئي مذهب ۽ فلسفا هڪ ئي سلسلي جون مختلف ڪڙيون آهن. اهڙيءَ طرح ورهاڱو ختم ٿي ويو ۽ اتحاد ۽ توازن پيدا ٿي ويو. اهائي پڇاڙي هئي، جا قدرت، انسانذات لاءِ مقرر ڪئي هئي، تنهنڪري اسلام توحيد جو قائل آهي.“

ان کان پوءِ تاريخي ۽ تحقيقي مقالن ۾ ”ڄام نظام الدين سمو“، جناب پير حسام الدين راشدي، اسلامي تصوف سنڌ ۾، لطف الله بدوي، ’سنڌي علماءَ ۽ سندن عربي تصنيفات‘، مولانا مخدوم امير احمد، ’بلوچ قوم جي تاريخ جو سوال‘ نواب جان علي خان لغاري، ’ابونصر فارابي‘ راڄ محمد پلي، شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. انهن مختلف تحقيقي مقالن ۾، جنهن تحقيق ۽ ڪاوش کان ڪم ورتو ويو آهي، اها قدر جي لائق آهي. هر مقالو پنهنجي افاديت جي لحاظ سان معلومات اقزا به آهي ۽ فڪرانگيز به آهي.

سنڌي ادب، لسانيات ۽ شاعريءَ تي چئن مقالن کان سواءِ، جڳ_ مشهور فلسفي ۽ شاعر، عمرخيام جي فن ۽ رباعين تي، هڪ تحقيقي مقالو جناب الياس عشقي جو لکيل ۽ اختر مرزا جو ترجمو ڪيل ڏنل آهي. ان مقالي ۾ عربي، اردو، هندي ۽ فارسي، رباعي گو شاعرن، بالخصوص خيام جي ترجمن جو، مرحوم مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ترجمي سان تقابلي مطالعو پيش ڪري، واضح ڪيو ويو آهي ته مرزا صاحب مرحوم جو سنڌي ترجمو، ٻين سڀني ترجمن کان وڌيڪ فنڪارانه، جاذب نظر ۽ اصليت کي قريب آهي. ايتريقدر جو ان تي ترجمي جو خيال ئي نٿو ٿئي، ڄڻ ته ڪي اصلي رباعيون چيون ويون آهن. ان مان نه فقط سنڌي زبان جي وسعت ۽ افضليت جو پتو پوي ٿو، پر ان سان گڏ، حضرت مرزا صاحب مرحوم جي فضل ۽ ڪمال جو اعتراف به ڪرڻو پوي ٿو.

’لسانيات‘ جي مختلف مسئلن مان ”سَنڌِي“، پروفسر الانا جو لکيل آهي. اهو ٺيٺ لساني مسئلو آهي، جنهن ۾ صرفي ۽ نحوي تبديل جي اصولن جي روشنيءَ ۾، حرفن جي صوتي اثرات ۽ تبديلين کي، مثالن سان بحث ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بنيادي خصوصيت کي نمايان ڪيو ويو آهي. اهو ايتريقدر ته بنيادي اصول آهي، جو ان کي مغرب جي محققن به ”سَنڌي“ ڪري قبول ڪيو آهي، هو پنهنجي ٻولين ۾ به ان طرح سان تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري چڪا آهن. اهڙي فني مسئلي کي نباهڻ تي، الانا صاحب مبارڪ جو مستحق آهي.

’رسم الخط جي تاريخ‘ جناب واءِ. ايس. طاهر عليءَ جي وسيع مطالع جو شاهڪار آهي. ان ۾ رسم الخط جي اوائلي پيدائش کان وٺي، موجوده دور تائين مختلف دورن ۾ ڪيل ارتقا، ان جي ردوبدل، ان ۾ پيدا ڪيل اضافن ۽ اصلاح جي پوري ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي. ان طرح ان فن جي ڄاڻن جي ڪيترين غلطين جي پڻ اصلاح ڪئي وئي آهي.

”قديم سنڌي شعر و شاعريءَ“ تي محترم محرم خان، نهايت شرح ۽ بسط سان تفصيلي ۽ تحقيقي بحث ڪيو آهي. هن علمي بحث ۾ فاضل مضمون نگار، اسلام جي دور کان گهڻو اڳ کان وٺي، ويندي سومرن جي پڄاڻيءَ تائين، سنڌي شاعريءَ جو جائزو تاريخي پس منظر سميت پيش ڪيو آهي. ايتري طول طويل دور ۾، سنڌي شاعريءَ جا جي اوائلي ۽ انوکا نمونا پيدا ٿيا هوندا، ان متعلق به مثالن سان بحث پيش ڪرڻ جي دلپذير ڪوشش ڪئي وئي آهي. بحث جو آغاز، راءِ گهراڻي جي ابتدا، يعني پنجين صدي عيسويءَ کان ڪري، عرب حڪومت (712ع) کان هلندي، سومرن جي دور جي پنجن صدين جي جائزي وٺندي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جو تاريخي جائزو ورتو ويو آهي. ان بحث ۾ تاريخي خيال کان، مختلف حڪومتن ۽ حاڪمن جي حسب نسب تي به ڪافي لکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ان دور ۾ پيدا ٿيل شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئت ۽ فن تي به بحث ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ مثال طور، هر هڪ بحث ۾، پراڻي شاعريءَ جا انوکا ۽ اوائلي نمونا، شاعرن ۽ سگهڙن جي تعارف سميت پڻ ڏنا ويا آهن. سچي ڳالهه اها آهي ته هن قسم جا مفصل ۽ جامع مقالا، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ جي مطالع جي سلسلي م وڏي اهميت ۽ افاديت رکن ٿا. اسان محترم محرم خان جي هن علمي پيشڪش تي خوشيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، اميد ته هن سلسلي جون باقي علمي ۽ تاريخي ڪڙيون به ’مهراڻ‘ جي واسطي سان شايع ٿينديون.

Text Box: 32

آخر ۾ ’آکا‘، جي عنوان هيٺ جناب فضل الاهي انصاريءَ، سيشن جج جو فڪرانگيز ۽ دلنشين پيرايي ۾، منتخب عنوانن تي مشتمل مضمون آيل آهي. اهو اسلوب بيان، جليل جبران ۽ ٽيگور جي رنگ وانگر آهي. هن ۾ جا اصليت ۽ جاذبيت آهي، ان کي هڪ فني اضافو چئي سگهجي ٿو. هي خيالات وسيع مطالع ۽ فڪر جي پيداوار آهن.

علمي مقالن کان پوءِ، ’مهراڻ جا موتي‘، ’سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا‘، ’علمي ۽ ادبي خط‘، ’پڙهندڙن جا پيغام‘، ’آديسي اُٿي ويا‘ ۽ ’علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون‘ وارا سڀ دستوري ڪلام پيش ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾، ’تاريخي شين جي حفاظت‘ متعلق ٻه اپيلون پڻ ڏئي چڪا آهيون. اميد آهي ته اسان جي ڪاوش ۽ انتخاب کي نه فقط ’مهراڻ‘ جا خريدار ۽ ادب نواز دوست پسند ڪندا، پر ان سان گڏ پنهنجي دلي تعاون سان به ’مهراڻ‘ کي نوازيندا رهندا.

هن پرچي جي مواد جي انتخاب ۽ ترتيب لاءِ محترم جويي صاحب (اعزازي سيڪريٽري)، محترم شيخ علي محمد صاحب، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ان جي طباعتي حسن ۽ زيبائش لاءِ محترم رباني اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ مسٽر علي بخش احمد زئي جو شڪرگذار آهيان، جن جي تعاون سان هي معياري پرچو تڪميل تي پهتو آهي.

شمشير الحيدري ايڊيٽر ”نئين زندگي“

سنڌي ادب سان واسطيدار اديبن ۽ علمي حلقن لاءِ، هيءَ خبر مسرت جو سبب ثابت ٿي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي لائق ڪارڪن، رسالي ’مهراڻ‘ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر، ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي اڳئين جنرل سيڪريٽريءَ، محترم حيدري صاحب کي، رسالي ’نيئن زندگيءَ‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.

حيدريءَ، سنڌي ادبي بورڊ ۾، ڏهن سالن جي عرصي ۾ ’مهراڻ‘ ۽ ڪتابن جي طباعت، مواد جي ترتيب ۽ اصلاح جي فن ۽ ڪم ڪار ۾ جيڪا مهارت ۽ ڄاڻ سڃاڻ حاصل ڪئي آهي، اها تحسين جي لائق آهي.

ايمد ته حيدري، هڪ صاحبِ طرز شاعر، اهل قلم ۽ فنڪار جي حيثيت سان، نئين زندگيءَ کي معياري ۽ مثالي پرچو ڪري، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جهڙي ڪهنه مشق ۽ تجربيڪار ايڊيٽر جوسچو جانشين ثابت ٿيندو، جو رٽائرڊ ٿي چڪو آهي. اسان کيس هن نئين عهدي تي فائز ٿيڻ تي، دلي مبارڪ ٿا پيش ڪريون.             _ غ.م.گ

فيلڊ مارشل، محمد ايوب خان، صدر مملڪت پاڪستان

معاشري جي اصلاح جا غير متبدل اصول

]ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي ’سؤ ساله جشن‘ جي هڪ علمي ۽ تعليمي تقريب (30- جولاءِ 1961ع) تي صدر محترم جا تقرير ڪئي هئي، اها پنهنجي افاديت جي لحاظ سان ملڪ ۽ قوم جي باشعور طبقن لاءِ، توجهه جي لائق آهي: ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ”اسان کي پنهنجي روايات جي پابندي شدت سان ڪرڻ جڳائي.“ صدر صاحب روايات ۽ انهن جي اهميت ۽ افاديت متعلق جوابي تقرير ۾ جو ڪجهه فرمايوآهي، ان جو مرڪزي خيال اهو آهي ته ”تعليم جو نظام اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن جي تحصيل کان پوءِ انسان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي. هو پنهنجي دور جي معاشي ۽ اقتصادي، سائنسي ۽ علمي پيچيدگين کي جديد علم ۽ فن جي روشنيءَ ۾، معاشري جي تقاضائن آهر، حل ڪري سگهي. اهڙن باشعور فردن جي لاءِ، مقدس روايتن جا حوالا پيش ڪرڻ ڪافي نه ٿيندا، نه فقط مذهب پر ان جي فلسفي ۽ حڪمت کي پيش ڪرڻ جي اصولن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ، اهڙي زبان استعمال ڪرڻي پوندي، جا سوچيندڙ ۽ ذهين انسان سمجهي سگهن. قديم روايتون بيشڪ احترام ڪرڻ جي لائق آهن، اهي بيشڪ پنهنجي پنهنجي خاص ماحول ۽ ان جي تقاضائن لاءِ ڪنهن حد تائين مفيد مڃي سگهجن ٿيون، پر اهو مناسب ڪين آهي ته هن ايٽمي دؤر ۾ به انهن روايتن تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهجي. زمانو ڪڏهن به اسان جو انتظار نٿو ڪري، هو اسان کي پوئتي ڇڏي، پنهنجي تيز رفتار ڊوڙ سان اڳتي وڌي ويندو. سوچڻ گهرجي ته اڄ جي نفسياتي، ذهين ۽ روحاني تقاضائن جي تسڪين لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ان طرح اهڙا ٻيا به ڪيئي مسئلا بحث ۾ آندا ويا آهن.

صدر محترم انهن سوالن جا جواب به ڏنا آهن، ان ڪري اها تقرير هن دؤر جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي سمجهڻ لاءِ نه فقط مفيد چئي سگهجي ٿي، پر ان سان گڏ اڄوڪن مسئلن جي حل سوچڻ جي سلسلي ۾ فڪر وارن صاحبن کي ڪنهن مڪزي اصول ڏانهن وک وڌائڻ جي پڻ ترغيب ڏئي ٿي. ان خيال سان هيءَ تقرير ’مهراڻ‘ ۾ پيش ڪري رهيا آهيون.    _ غ.م.گ[

السلام عليڪم:

واجب الاحترام پرنسپال صاحبَ پنهنجي تقرير ۾ هڪ اهڙو اصولي بحث آندو آهي جنهن جي متعلق ڪجهه گذارش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.

      پرنسپل صاحب چيو آهي :”اسان کي روايات(Troditions) جو تمام گهڻو احترام ڪرڻ گهرجي. مستقبل جي خاطر، پنهنجي ماضيءَ کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. اڄڪلهه اهو خيال عام طرح سان پيدا ٿي چڪو آهي، جو ماڻهو زماني جي  تقاضائن جي بيان ڪندي، پنهنجي ماضيءَ جي توهين به ڪن ٿا ته ان سان گڏ ان تي مذاق ۽ مسخري به ڪن ٿا. حالانڪ کين اها به خبر ڪانه ٿي رهي، ته هو مستقبل ۾ اخلاق ۽ روحاني بنيادن جو مطلب ڪهڙو ٿا وٺن!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com