سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :9

هاڻي آءُ قلعي جي بنيادي تعمير جو جيڪو صحيح وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو، سو وڌيڪ دليلن ڏيڻ سان مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. منهنجي راءِ ۾ ان دور جي ماڻهن کي بيشڪ هڪ قلعي جي ضرورت هئي، جنهن جو نتيجو ان جي تعمير ۾ ظاهر ٿيو. هن زرخيز ماٿريءَ ۾ جتي هن وقت قلعو آهي اهي ماڻهو خوشحال زندگي بسر ڪندا هئا. حقيقت ۾ هن ماٿريءَ اندر تمام قديم زماني کان انساني آبادي هوندي هئي، ۽ جيئن ته ماٿري زرخيز هئي ان ڪري هر ڪنهن لاءِ ڪشش رکندي هئي. تنهنڪري تاريخ جي ڪنهن دور ۾ اهي حڪمران، جي مستقل طور هتي قيام پذير ٿيا، تن هن مقام جي سلامتي ۽ حفاظت خاطر اتي ننڍن ڪوٽن سان هڪ قلعو تعمير ڪرايو، جو هن ماٿريءَ جي وچ ۾، جنگي فن جي مصلحت مطابق چئي سگهجي ٿو.انهن ننڍن قلعن يا ڪوٽن پڻ ڌارين جي حملي وقت لازمي طور تي ٻئي يا ٽئين درجي جي دفاعي ڪارروائي جو ڪم ڏنو هوندو، جهڙيءَ طرح سان مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي. قلعي جي تعمير واسطي ٻاهران ماڻهن آڻڻ ۾ تمام گهڻي خرچ جو انديشو هو، تنهنڪري ضرور ڪي قيدي آندا ويا هوندا، جن سندن مدد ڪئي هوندي ۽ ان سان گڏ ڪي هنر مند ڪاريگر پڻ گهرايا ويا هوندا.

        شيرڳڙهه جي مٿانهين ڪوٽ جي هيٺان پڻ انساني بستيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، ڇاڪاڻ ته اتي هڪ وڏو قبرستان موجود آهي. ڪن مقبرن تي پٿر نصب ڪيل آهن، جن تي ڪتبا لکيل آهن ۽ ڪي رواجي قبرون پڻ آهن. انهيءَ ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته هن ماٿريءَ ۾ انسان رهندا هئا. جيتوڻيڪ هن وقت انساني رهائش بابت ڪي به نشان ملي نٿا سگهن، پر ٿي سگهي ٿو، ته سندن گهر سخت برساتن ۾ لڙهي ويا هجن ، ان ڪري اڄ انهن جو ڪوبه نشان نه آهي. جيڪڏهن ڪي کوٽايون ڪيون وڃن، ته اڳوڻي انساني بستيءَ جا ڪي هنڌ ممڪن آهي.ته ظاهر ٿي پون. منهنجي سمجهه ۾ائين ٿو اچي ته هيءَ وادي، هيوگز ۽ ڊلهائوسي جي دور کان گهڻو اڳ ويران بنجي چڪي هئي، بلڪ ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽالپر ۽ ڪلهوڙن جي دور کان به اڳ برباد ٿي چڪي هجي. جيئن جيئن پنهنجي ذهن ۾ گذريل تاريخ جي تصوير قائم ڪريان ٿو، تيئن تيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تمام گهڻو زمانو اڳ، سن ۽ آمري دروازي واريون پليون يا ته سخت برساتن يا فوجي حملن جي ڪري تباهه ٿي چڪيون هيون ۽ اهوئي سبب هو جوپاڻي ٻاهر وهي ويو هو، جنهنڪري سڄي ايراضي خشڪ بنجي ويئي هئي. اهڙيءَ طرح اتي جا باشندا انهيءَ مقام کي ترڪ ڪرڻ تي مجبور ٿيا. پاڻيءَ جي نهر جيڪا هن وقت ڪن هنڌن تي قائم ٿيل آهي، سا ڏيکاري ٿي ته اها ظاهر ظهور هڪ صاف شفاف پاڻيءَ جي ندي هئي، ۽ الهندي دروازي جي قريب ننڍڙي آبشار کان شروع ٿي ٿي . پراڻي زماني ۾ اها ندي تمام گهڻو وڏي هئي، جنهن مان ڪلدار پلين مٿان ٺهيل ڊيم جي ڪري پاڻي تمام زور سان وهي، هڪ ڍنڍ جي صورت ۾ گڏ ٿيندو هو. جيئن اهو پاڻي ڍنڍ  مان تيز وهڪري سان وهندو ويو هوندو، تيئن ئي پاڻ سان گهڻو لٽ کڻي ويو هوندو۽ جيڪو بچيو هوندو سو وهندو ويو هوندو، سو وري برساتون گهلي ويون هونديون. اهڙيءَ طرح سان هيءَ ماٿري بلڪل ويران بنجي ويئي هوندي ۽ ان جو مٿاڇرو هڪ سنوت ۾ نه رهيو هوندو. ان طرح منجهس کڏون کوٻا پڻ ٿي پيا هوندا، جنهنڪري ان ۾ سواءِ جهنگلي ٻوٽن جي ٻيو ڪجهه به اڀري نٿي سگهيو.

        اچو ته هاڻي حقيقي سوال تي اچون ته هيءُ قلعو ڪنهن تعميرڪرايو؟ هن باري ۾ مان پنهنجي بيوسيءَ جو اعتراف ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته مان ڪنهن به قطعي فيصلي تي پهچي نه سگهيو آهيان تنهن هوندي به ڪيتريون ممڪن صورتون آهن، جي منهنجي دل ۾ اچن ٿيون قلعي جي قدامت متعلق مون مٿي ڪن دليلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ليڪن جيئن ته ان جي تعميري دور جي ذري پرزي جو احوال ڏيڻو آهي، ان ڪري اسان کي تاريخ جي مختلف دورن بابت، هڪ هڪ ڪري بحث ڪرڻو پوندو. اچو ته سڀني دورن کي هڪٻئي پٺيان سلسليوار ٺاهي رکون جنهن کان پوءِ پتو پوندو ته هر هڪ دور ۾ قلعي جي تعمير جو ڪيترو امڪان ممڪن ٿي سگهي ٿو. اُهي دور هيٺئين طرح آهن:

(1)  برٽش دور    1887_1947      عيسوي سن تائين

(2) ٽالپر         1783_ 1857            ”

(3) ڪلهوڙا      1700_1783             ”

(4) مغل         1500_ 1700            ”

(5) ترخان        1450_ 1550             

(6) ارغون        1350_1450                   

(7) سما          1325_ 1350                  

(8) تغلق         1310_ 1325                   

(9) سومرا        1225_1310                    

(10)              تاتاري       1000_1225      ”

(11)              سٿين         200_  100      ”

(12)              پارٿين          100_  50      ”

(13)               ساساني         325_ 50      ”

(14)              يوناني                 325      ”

انهيءَ فهرست مان مون پهرين ٻن يعني ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن کي ته شروع کان ئي قابل غور نه سمجهيو آهي. انگريزن جو به ذڪر نه ڪيو اٿم،ڇو ته انهن برصغير ۾ ڪي به قلعا تعمير نه ڪرايا هئا. مغلن کي به آسانيءَ سان درگذر ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن قلعي جي تعميراتي فن جو نمونو ڪنهن به صورت ۾ مغل تعميرات جو نمونو نه آهي. ترخان، ارغون ۽ سما سنڌ جي ڊيلٽا ۾ ئي هئا ۽ننڍين جاگيرن جا رئيس هئا، سي به ڪا تعميراتي چيز صرف ٺٽي جي چوڌاري ڪري سگهيا ٿي. ان بعد سڌو سنئون تاتاري تي اچجي ٿو، جن هتي عارضي  طور قيام ڪيو هو، جو پڻ اچ وڃ ۾ گذري ويو. فيروز شاهه تغلق جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته: هو ڪيئي ڀيرا هن خطي ۾ آيو هو ۽ سانڱر ڍنڍ به پاڻ ٺهرائي هئائين. هن پنهنجي دور جي مشهور درويش قلندر لال شهباز جي مزار جي زيارت به ڪئي هئي. مون کي ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته تغلق دور جا، هندستان ۾ جيڪي پراڻا قلعا تعمير ٿيل آهن، تن سان رني ڪوٽ جي فن تعميرات جي ڪجهه نه ڪجهه مشابهت  ضرور آهي. ان سلسلي ۾، هندن کي پڻ نهايت آسانيءَ سان نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته مسلمانن کان اڳئين دور ۾ هنن کي قلعن جي عمارتسازيءَ جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي. اڳتي هلڻ سان سٿين جو نالو ملي ٿو، جي حقيقت ۾ حمله آور نه هئا، بلڪه هميشه لاءِ آباد ٿيڻ آيا هئا. انهن جو هڪ ٽولو سڌو سنئون اتر کان ڏکڻ ڏي، سنڌو نديءَ جو ڪناروڏئي پهتوهو ۽ مستقل طرح سان سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائون. اُهي ماڻهو تاريخ ۾ ُهند_ سٿين، جي نالي سان ڄاڻايل آهن. سٿين وچ ايشيا مان آيا ۽ آرين جي شاخ هئا. ممڪن آهي ته هنن پاڻ سان گڏ چين جي عظيم ديوار جو هنر ۽ فن به آندو هجي. اهو ٻڌائڻ دلچسپيءَ کان خالي نه رهندو ته ڀنڀور ۾ به ڪيترائي ُ سٿيو پارٿين،  آثار لڌا ويا آهن. ڀنڀور جي ٻارين قلعبندي، هڪٻئي جي مٿان قطار در قطار ٽن بنيادن تي ڪيل آهي. قلعي جو ديوارون گول ۽ مستطيل منارن سان ٺهيل آهن ۽ واري واري سان هڪ گول ۽ هڪ مستطيل منارو ٺاهيا ويا آهن. ڀنڀور جي تعميرات به رني ڪوٽ جي دور جي آهي،ڇو ته محمد بن قاسم جي حملي تائين، مسلمان ڪنهن به دفاعي عمار تسازيءَ جي فن کان بيخبر هئا. مسلمان اول اول جڏهن صليبي جنگيون لڙيا ۽ دشمنن سان سندن عراق ۽ شام جي سرحدن وٽ مقابلوٿيو، تڏهن ئي هو رومي قلعن سان روشناس ٿيا. مون کي ان تي به اعتبار ڪرڻو پوي ٿو ته ڀنڀور جي قلعبندي به رني ڪوٽ جي قلعي وانگر سٿين اڏاوت آهي. اڄ به سنڌ جي آدمشماريءَ جووڏو حصو سٿين آهي ۽ باقي ٿورو حصو سامي نسل مان آهي.

يونانين کي به قابل غور نه سمجهي ڇڏي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هنن جو قيام هتي بلڪل مختصر طور ٿيو.  سڪندر اعظم خود هن برصغير ۾ چئن سالن کان وڌيڪ وقت صرف نه ڪيو، جنهنڪري کيس تعميراتي ڪم لاءِ ڪوبه وقت نه ملي سگهيو. ٻيو ته سڪندر اعظم فقط هڪ حمله آور هو، جو جلدي پنهنجي حمله آور فوج سان، جا وطن لاءِ نهايت بيتاب هئي، واپس وطن موٽي ويو. 

اظهار تشڪر: آءُ هيٺ ڄاڻايل شخصيتن جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي رني ڪوٽ جي مسافريءَ ۾ مددڪئي ۽ هن مقالي لکڻ لاءِ مواد هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. سڀ کان پهرين يوسيڊ ( Usaid) (سينٽو گروپ) جي وليم ايبي جو شڪريو بجا آڻڻ منهنجو فرض آهي، جنهن مون کي مسافريءَ جي قصد ڪرڻ تي همتايو ۽ مهرباني فرمائي ڪي فوٽا به ڏنا، جن مان ٿورا هتي پيش ڪيا ويا آهن. ٻيوپنهنجي عالم ۽ فاضل دوست پير حسام الدين راشديءَ جا ٿورا مڃڻ به مون تي واجب آهي، جنهن نه رڳو مون سان سڄيءَ مسافريءَ ۾ ساٿ ڏنو ، بلڪه اسان کي منزل مقصود تائين رسائڻ لاءِ سواريءَ جو بندوبست به ڪيو ۽ ان سان گڏ هن پنهنجي لئبريريءَ مان مون کي ڪي ڪتاب پڻ مقالي لکڻ لاءِ ڏنا. مسٽر جي ايم. سيد سان منهنجو تعارف به سندن معرفت ٿيو، جنهن جي مهماننوازيءَ جو سن ۾ اسان ٻه ڏينهن لطف ورتو. آئون ڊاڪٽر  ايف. اي .خان ڊئريڪٽر آف آرڪيالاجيءَ جو به شڪر گذار آهيان، جنهن مون کي ڊئريڪٽوريٽ جي لئبريريءَ مان ڪتابن جي استعمال ڪرڻ جي اجازت  ڏني. آئون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،ڊين آَف فيڪلٽي  آَف آرٽس ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي ڪجهه معلومات فراهم ڪري ڏني،جا هتي پيش ڪئي اٿم. آئون مسٽر جي. احمد مفتيءَ جو به شڪر گذار آهيان، جنهن مون کي هن مقالي جو مسودو ٽائيپ ڪري ڏنو.

ڪتابيات

(1) ” گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“ اي .ايڇ الٽڪن، مرڪنٽائيل اسٽيم پريس ڪراچي 1907ع.

(2)” گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ“ اي ڊبليو. هيوگز،جارج بيل ائنڊ سنس، لنڊن 1876ع.

(3)”جنرل سرچارلس نيپير جي سنڌ ۾ انتظام جي تاريخ ۽ڪڇ جي ٽڪرين جي جدوجهد“ ليفٽيننٽ جنرل سر وليم نيپير، چئپمن ۽ هال، لندن، 1851ع.

(4) ”هندستان جا قلعا“ ،مصنف: سڊني ٽاءِ، وليم هينيمن لميٽيڊ لنڊن، 1955ع.

(5) ” قلعبنديءَ جي تاريخ“ ، مصنف: سڊني ٽاءِ وليم هينيمن لميٽيڊ لنڊن، 1955ع.

(6) ”تاريخي مقالا“ ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي رشيد، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي (باب، پاڪستان ۾ فوجي تعميرات) ، ڪراچي 1962ع.

(7) ”سنڌ جو عام تعارف“ مصنف : ايڇ .ٽي. لئمبرڪ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1964ع.

(8) ؟ستين عظيم مشرقي مطلق العنان حڪومت“، مصنف: جارج رالنسن، ڊاڊ ميڊ ائنڊ ڪمپني، نيو يارڪ 1875ع.

(9) ” اينسا ئيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا“ جلد 9، يونيورسٽي آف شڪاگو 1949ع.

(10) ”هندستاني تعميرات“ (اسلامي دور) پرسي برائون تاراپوروالا، بمبئي 1942ع.

(11) ”اسلامي قلعبندي 1250ع کان اڳ“ ڪي. اي سي. ڪريسويل (برٽش ائڪيڊمي جون ڪاروايون بابت ڇپايل مقالو) 1952ع.

انگريزي لفظن جا متبادل لفظ

دروازو                         Gate

قلعو                          Fort

قلعبندي            Fortification

ڪوٽ (ننڍو قلعو)       Citadel

برج                      Bastion

منارو                        Tower

فصيل ( ٻاهرين ديوار)  Rampart

ڪلدار پل           Draw-Bridge

) بشڪريه: ”اقبال رويو“ ڪراچي اپريل- 1965ع. (

ولي محمد طاهرزادو

ڀرم ڇا آهي؟

 

     ڀرمِ،وهم ۽ سنسو ڇا آهي؟ ڳالهه هجيئي نه، ماڻهووسهي ته ڪجهه آهي، تنهن کي ڀرم ٿو چئجي!ڪي ماڻهو ،هِن کي شِرڪُ ۽ وسِوسِو به سڏيندا آهن اهي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن. عربيءَ ۾ سندن معنيٰ ٻيءَ طرح ڪيل آهي جنهنجو هتي بيان ڪرڻ ڇڏي ڏجي ٿو. اسان وٽ اهي لفظ پڻ ڀِرم جي مطلب ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

         ڀِر من جي تاريخ تمام پراڻي آهي. چون ٿا ته جڏهن حضرت آدم کي بهشت جي ميون مان هڪ شجر کي ويجهي وڃڻ جي منع ڪئي ويئي ، تڏهن شيطان، بيبي حوا کي انهيءَ شجر جي ميوي کائڻ لاءِ ڀرمايو هو ۽ حوا جي دل ۾ چورا کورا يعني سنسو پيدا ٿيو.

        ان ڏينهن کان معلوم ٿيو ته انسان جي سرشت ۾ ڀرم ۽ وهم به سمايل آهن جيتوڻيڪ ايامن گذرن بعد، ڀرمن ۽ سنسن جا به ڪئين ۽ ڪيترائي نمونا پيدا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، جن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ محال آهي، تاهم ڀرمن جي متن پڙهڻ سان اهو راز کلي پوي ٿو.

       اوائل ۾ ڪيترن ماڻهن جو روزگار خود ڀرمن جا طريقا هئا، جنهنڪري انهن پنهنجي ڌنڌي کي چمڪائڻ ۽ اٻوجهن کي ڦاسائڻ لاءِ اٽڪلون ويڙهايون، ٽيڪڙڪيا ۽ حرفتون هلايون مثلا جي ڪنهن ماڻهوءَ ۾ مرشد بنجندي به،ڪا ڪاني ڪرامت، ڪانه هئي، پر پنهنجي مريدن جي دائري کي ڪشادي ڪرڻ ۽ عياشي زندگي گذارڻ لاءِ ڪن چالاڪ ماڻهنکي هٿ وس رکي، انهن کي ُ فاسفورس، ڏيئي سمجهائي، ڪنهن غريب يا نه مڃيندڙ جي لوڙهي کي باهه ڏياري، ثابت ڪري ڏيکاريائين  ته آئون به ڪي ڪجهه آهيان!_ پوءِ جن منجهس اعتقاد رکيو، تن لاءِ چند سڳڻ مقرر ڪري ڇڏيائين : سائي سومار جي ڏينهن  تي سهاڳڻ زال تيل ميٽ سان نه وهنجي، ٽي شيون ڪنهن کي به نه ڏجن، ڌيءَ ڏند ڪرٽي ته نڀاڳ، پُٽ ڪرٽي ته سڀاڳ وغيره

      ڪن ڪارخانيدارن يا زميندارن، ماڻهن جي اڻاٺ ۽ ڪم جي زيادتي ڏسي، يا ٻين چالاڪ ماڻهن ڪن ٻين سببن ڪري جاهل مزورن ۽ هارين نارين ۾ مشتهر ڪيو: هڪڙا ڏينهن ُ سعد، يعني سڀاڳا، ۽ ٻيا ڏينهن ُ نحس، يعني نڀاڳا آهن، تنهنڪري جمعي جي ڏينهن تي ڏکڻ طرف يا ُ منهن ڪاڻ، تي نه وڃجي؛ اربع ڏينهن اتر طرف نه وڃجي، نه ته وڏو ڇيهو رسندو، وغيره

        ساڳيءَ طرح ڪن حرفتي زالن به پنهنجي ٽوٽڪن، تائيٿن ۽ ڳنڍن تي اعتبار رکائڻ خاطر ٻارن لاءِ چيو ته ”نظر لڳي اٿس، ”ديون پرين جو ڇانوَلو پيو اٿس، ”ٻاراڻو ٿيواٿس، وغيره.

        وهمن جو زور شور ڏسي، ماڻهن جو حرص وڌڻ لڳوِ ڪن منڍين جي ٻُڙن لاءِ مشهور ڪيو ته ”هنن سان مانهن جون قسمتون  ڳنڍيل آهن!“

        ڪن وري بيمارين ۽ خوابن جا چڱا ۽ بچڙا وهڃاڻا ڪري چيو ته ”ڪڪڙ يا ڇيلو ڪاڍاڻو ڪڍو، ٽِواٽي تي تيل هاريو ۽ پڙهيا ڪڍرايو“. وغيره.

        ملن وري بيمارن جي علاج ڪرائڻ عيوص ”تپ ٻڌڻ“ ۽ ”فال وجهڻ“ جا طريقا ايجاد ڪيا، ڪي رمال ۽ نجومي پيدا ٿيا، جن سيارن يا گرهن جي اڳيان پويان هجڻ جا عام ماڻهن کي ڊپ ڏنا.

        هنن مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي ماڻهو عيش آرام جي حياتي گذارڻ لاءِ آتا هئا، تن هميشه اٻوجهه ماڻهن کي پئي منجهايو ۽ ڀرمايو آهي، اهڙين اٽڪلن ۽ ڪوششن سان ڀرم ۽ سنسا ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ واسو ڪندا ويا، جن جي اهڙي ته پختي پيڙهه ٿي ويئي آهي، جو انهن جو هاڻ علاج ڪرڻ مشڪل نه ، پر محال ٿي پيو آهي.

چي؛”هي جاءِ يا هو وڻ ڏاڍو آهي!“

        پر ميان ، ڏاڍو ڇاکي ٿا چئو؟ چي: منجهس جن آهن، چڱو، جي جن آهن ته ڪيرائي يا وڍائي ڇڏيوس، ته بس ڊپ ۽ الڪو لهي وڃي، حجت ته: ڏاڍي جاءِ يا وڻ کي ڪيئن ڪيرائبو يا وڍائبو! جن ماري رکن! اڙي ڀائي، انسانن کي ته الله سائين سڀ ڪنهن شي تي غالب ۽ قادر ڪيو آهي، پوءِ جنن کي ڪهڙي طاقت آهي انسانن کي مارڻ جي؟ جڏهن مرڻ جو هڪڙو ئي ڏينهن مقرر ٿيل آهي، اهو ڪو نه ٻڌو اٿوَ ته ” موچڙن کان ته جن“ ئي ڀڄيو وڃن؟ تنهن هوندي به همت هاريو ٿا ويهو!“.

        هن سلسلي ۾ هڪڙي ڳالهه ياد آئي اٿم، جا پڙهندڙن جي دلچسپي  جو باعث ٿيندي، هڪري ماڻهو کي رات جو مقام وٽان لنگهندي، هڪڙي قبر مان باهه جي لاٽ نڪرندي نظر چڙهي، اها ڳالهه هن ڳوٺ وارن سان ڪئي، وهمي ماڻهو، ان مقام کي ڏاڍو قبرستان، چوڻ لڳا، ٻئي ڏينهن، ان لاٽ جي ڏسڻ لاءِ هڪڙي ڊاڪٽر کي سڌ ڏنائون، جنهن چيو ته آئون اها لاٽ روبرو هلي ڏسندس، هن کي خبر هئي ته انسان جي ڍانچي ۾ ٿوري گهڻي مقدار ۾ فاسفورس جا حصا هوندا آهن، امڪان آهي ته قبر کي اهڙي جاءِ وٽان ڪو ڳاڙک ٿيو هجي ۽ هوا جو جهٽڪو، فاسفورس تي وڃي پيو هجي، جنهن جي داٻ کان ٻري روشنائي ڪئي هجيس، ڊاڪٽر قبر تي پهچي، قبر کوٽائي ڏٺي ته سندس گمان سورهن آنا صحيح نڪتو ۽ هن، ماڻهن کي اها حقيقت سمجهائي پر منجهانئن جيڪي پورا پورا ڀرمي هئا، اهي ڦيرو کائي چوڻ لڳا ته ”اهو ضرور گنهگار بندو هوندو، کيس خدا دوزخ مان دري ڪري ڏني هوندي،  تنهن ڪري دوزخ جي باهه ۾ سڙي پچي رهيو آهي!“ مطلب ته ڪيترين حالتن ۾ ڀرمي ماڻهو يا وسنو هر عقل جي ڳالهه مڃڻ جي اهليت وڃائي ٿا ويهن.

        وهمي ماڻهو کان دنيا جو ڪو به ڪم ڪار ڪو نه پڄندو آهي، ٿوري گهڻي ڏينهن، سندس وهم وڌي وڃي سوداءَ جي درجي کي پهچندو آهي، اهو ماڻهو گهر ۾ ويٺي ويٺي پاڻهي پاڻ کي ڊيڄاري، بيمار ۽ بيڪار بنائي رکندو آهي، هو ويهي پور پچائيندو آهي ته جي گهر جي ڇت منهنجي مٿان ڪري پوي ته پوءِ آئون ڪيڏي ويندس ۽ ڪيئن ڪندس؟، هٿ ۾ کليل چاقون ، ڇري يا ڪاتي جهلي چوندو، ته ” جي هي منهنجي پيٽ ۾ گهڙي وڃي ته پوءِ آئون اڦٽ مري ويندس!، سامهين ڀت ڏانهن ڏسندي ڏسندي چوندو ته ”اها ڀت هاڻي ڦاٽي پوندي ۽ منجهانئس ٻه ٻرندڙ مشعال وانگر اکيون ڏسڻ ۾ اينديون!، وغيره، ڏسو ته اهڙو ماڻهو، ڪهڙي نه خوفناڪ قسم جا اُڊڪا اندر ۾سانڍيندو ٿو رهي! انهن وسوسن کان گيدي، ڪانئر ۽ بزدل ٿي، پاڻ ته ضعيف نحيف ٿيو پيو گذاري، پر سڄو گهر ئي سورن ۾ وجهي ٿو ڇڏي، ڪو به ماڻهو هن سان ڳالهائي ساءُ نه وٺندو، ڇو ته وهمي ماڻهو، هر ڳالهه ۾ هر ڪم ڪار ۾ ۽ هر وهنوار ۾ وهم ئي وهم پيو سمجهندو: تنهن ڪري ان جي دل توڙي دماغ جو مڪمل علاج ذري گهٽ ناممڪن ٿي پوي ٿو، توهان سندس ٻڪي ڦڪي ڪنهن ويڄ ويد کان ڪرائي ڏسندا ته يڪدم چئي ڏيندو ته انهي دوا ۾ زهر مليل هجي ته پوءِ؟ حڪيم منهنجو دشمن هجي ته پوءِ؟ توهان مون مان بيزار ۽ کٽا ٿيا هجو ته .....؟ ان نموني سان، اٽلو علاج ڪرائيندڙن جي به دل سست ڪري وجهندو آهي.

        وهم ۾ ورتل ماڻهن جو مسئلو هميشه کان منجهائيندڙ پئي رهيو آهي: پوءِ جي انهن کي ڪنهن ٽوڻائي ڦيڻائي، لوڀي ٺوڳي، نجومي، رمال، ٽوٽڪائي ڀوپي، ملين ميانوال حوالي ٿو ڪجي ، ته هو يڪدم پنهنجي چالاڪي ۽ تجربي جي زور تي سڀني جي مٿي ڪوڙڻ ۾ ويرم ئي نٿو ڪري! تنهن ڪري ماڻهن کي ماڻهپي سيکارڻ، موحد بنائڻ ۽ خود اعتمادي سيکاري باهمت، بيخوف ۽ حوصله مند زندگي گذارڻ جي موقعي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، ته سندن دلين مان هر قسم جي ڀرم، سنسي ۽ وهم جي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

        هر قسم جو ڀرم ۽ سنسو، اڻڄاڻائي ۽ جهالت جو نتيجو آهي، علم ۽ ڄاڻ جي روشني ۾ جهالت جي اونداهي جا سڀ نشان هڪدم غائب ٿي وڃن ٿا، جيڪڏهن هن منهنجي ڪاوش وسيلي، جنهن ۾ مون سنڌي سماج ۾ ڪن عام مروج ڀرمن ۽ سنسن کي پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهيءَ عام جهالت جي اونداهي ۾ روشني جو هڪ ڪرڻو به داخل ڪيو ته آئون پنهنجي محنت کي ڪامياب سمجهندس ۽ پڻ ائين سمجهندس ته مون مون کي پنهنجي پورهئي جو صلو ملي چڪو.

وهمن جا وسيلا:

عام وهمن جو وستارِ؛ ڪنهن به اميدپوري ٿيڻ تي، جنهن ۾ شادي ٿيڻ، پٽ ڄمڻ، بيماري ڇڏي وڃڻ لاءِ، پيرن فقيرن جي قبرن مقبرن، وڻن ٽڻن، دريائن تي مڃتائون مڃين ، ڀيٽائون ڀيٽين ۽ سکائون باسين!

امام ضامن جو سوا رپيو، پنج آنا يا پنج پئسا تائيٿ ڪري ٻانهن جي ڏوري ۾ ٻڌن، جڏهن مطلب پورو ٿئي ته ان رقم جي مٺائي وٺي ورهائي ڇڏين!

جيڪي سکائون باسين، تنهن ۾ ڦنڊر، پڙ، جهنڊ (جاد) ديڳ ڀت جي،مٺائي ۽ روٽ به ڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com