سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :12

اهڙي مئل لاءِ چون ته ” قبر ۾ ڪفن ٿو کا.ئي، جي سوڻ نه ڪبا ته هڙئي گهر جا ڀاتي کائي ڇڏيندو يعني مري ويندا.“

پنجڪين بابت سوڻ: هر هڪ مهيني جي پنجين، پندرهين ۽ پنجويهين تاريخ کي ُ پنجڪيون“ ڪوٺين. انهن تاريخن تي جيڪو ماڻهو مرندو، تنهن سان به تيرهن تيزين ۾ مئل ماڻهو جهڙا سوڻ ڪن. پنجڪين يا تيرهن تيزين ۾ گذريل ماڻهوءَ  جي ڳالهه نڪتي ته زالون چونديون ته ” شل قبر ڏي ڪَنَ هجنس.“

صفر مهيني جي پوري ٿيڻ تي، هڪڙي دٻي ۾ پئسو وجهي اهو ٻاهر وڃي ڀڃي ڇڏين صفر مهيني ۾ نه ڪنهن کي اوڌارو ڏين نه اُڌار وٺن. صفر مهيني ۾ تمام گهڻو لوڻ وٺي رکن.

موت واري جون نياريون حالتون: ڌن واري ماڻهوءَ جي سڪرات سولي ٿيڻ لاءِ رپيا ڳوٿريءَ ۾ وجهي، سندس ڇاتيءَ وٽ جهلي ڇڻڪائين . ٻي ڌرم واري جو ساهه سولو نه نڪرندو ڏسن ته ان کي چون ته ” پرائي پَرِ ڪر!“ يعني ُ ڪلمو، پڙهه. ڪنوارو مرد مري ته  ان جي هٿن پيرن کي ميندي جو سوڻ ڪن ۽ لاش کي موڙ ٻڌي کڻن ۽ چون ته ” هن جون لانئون قبر سان آهن.

حيلي اچڻ وارا حرف: خاص طرح زالون ڪي حرف سنسي پوڻ سبب ٻيءَ طرح ڳالهائينديون آهن: رات جو ميٽ کي چون ُ اڇڙو، لوڻ کي چون ُ مِٺو، ٽانڊي کي چون ُ جاڳتو، سُئي کي چون ُسبڻي، بيمار کي چون ُ سُکالو، يا  ُسدا خوش، يا ُ بي مزي، مار کي چون ُ ڊينب ، ياسين سورت جو نالو ڪونه وٺن چون  ”جنهن جو نالو نه وٺجي“ ٻار پيٽا ڪري پوي ته چون ڪهائي ڏيئي وسائڻ کي چون،  ُ گل ڪر!، گهر ۾ ڪير نه هجي ته چون  ُ خير ڪو آهي، گهر مان ڪو نڪري وڃي ته چون  ُ اسهيو آهي، تپ کي کي چون  ُڪوسو، ڪَڻس، لڱ سڄر، يا لڱ ُ ٿيا اٿس، يا تؤنس ، سڏين. کير هارڻ کي چوڻ  ُ کير وڌاءَ!، پُٽ کي پٽن ته چون ُ ”دشمني ڪنڌ ڀڄئي“، چڱي چال واري کي  ُڇٽيهه لکڻو، يا ُ ماءُ کير پيءَ ڄائو، مئل ٻار جي نالي چون ٿڌو ٻار يا وري آيو، يا ”کير ڇٽو“ ۽ سرکتو ويامڻ کي چون پاسا آجا ڪرڻ ، هٿ پير لهڻ يا ڇُٽڻ. پيٽ واري زال کي چون ُ ڳرَ کري، يا ڳورهاري ۽ ُ ٻه – جيئي، (ٻن ساهن سان)،  ُ اميد واري، ۽ پيٽ سان.

ڪنهن جاءِ، مقام مسيت ۽ وڻ جي نالي چون ُ ڏاڍو ، ۽ ڳرَو ، آهي، يعني منجهس جنن جو واسو آهي. جنهن زال جو مڙس جيئرو هجي ۽ڪجهه وقت اولاد نه ٿيو هجيس ته ان زال کي ڪوٺين ُ ورسهاڳڻ، هميشه لاءَ اولاد نه ٿئيس ته سَنڍ چون، ورسهاڳڻ کي ڪو ڪپڙو يا ڳهڻو لاهڻو هجي ته چون ُ وڌاءَ رک! ، هلندي ٻار ڪِريو يا ڌڪو کاڌائين ته چونديون مريس ماءُ!  اٿي وڏو ٿيءَ ، يا چونديون ته ڇوڪر ويچارو وڌي پيو آهي، ٻار ڪري پوي ته چونس اٿ ماڪوڙي ماري وڌءِ! ڪو ماڻهو سڙيو ته چوندا ٺريو آهي، انڌي کي چون ُ اکين کان وڏو، يا ُ حافظ، ٻوڙي کي چون ڪنن کان ڳرو يا ڳهرو يا ڍيرو، چوري ڪندڙ ٻار کي چون پردي ۾ ڄاول، ڪفن کي چون  ُ جوڙي،  گهر سُڃي ٿيڻ کي چون ُ گهر مسيت، ٿُلهي کي چون ُ سڳا وڌا اٿس، اَڀري لاءِ چون ُ سنڍي ماس جي ڪانهيس، مري ويل لاءَ چون:  ُچولو مٽايائين ، اک پوريائين، جهان ڇڏيائين ،پيالو پيتائين ۽ بهشت گهڙيو، ٿڃ ڇڏائڻ کي چون ُ ٿڃ مِٺي ڪرائڻ ، سڪرات واري لاءِ چون ُ الله سان ڳالهيون اٿس، ، مئو جو پيرڏيندڙ زالون چون ” وڃو ٿيون فلاڻي جي سُک تي “ ماڻهو ڪو جيل ۾ ويو ته چون ُ ڍڪجي پيو، پوڙهي يا پيرسن ماڻهوءَ جي نالي چون ُ قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺو آهي، يا مانا کائي مٿي آيو!، يا ڀڳيءَ ڀرتي آهي!، ڊپ ڏيارڻ لاءِ چون ته ” مري، ٻه –ٺپيءَ، (قبر) ۾ پوندين!“ دعا ڪندي، زالن کي چون ته چوٽي ٿڌي هوندءِ، يعني مڙس جيئرو هوندءِ  سدائين پئي وهجندينءِ . ٻار ۾ ڪا وِڏَ يا عيب ٿيو چون ُ چنڊ گرهڻ ٿيو اٿس ، يا  ُپرين، جوپاڇو پيو اٿس.

ڪئن کي چون گهر ڌڻي ياٺٺڙيا، يا ڊُ ڊڙيا، . پوڙهي ماڻهوءَ کي چون ڀڳيءَ ڀَرتي ، بيماريءَ مان اٿيل ماڻهوءَ جي نالي چون ُ هاڻ مٿي تي پاڻي وڌو اٿس ، يعني پهريون ڀيرو وهنتو آهي، سنئين لڱين يا پاڻ ڀرو ٿيو آهي.

ڀرمن جون بيماريون

علاجن جا نمونا: لڳت جي حساب لاءِ، ميانوال فقيرن ياجنائي فقيرن کان جنّ ڪڍائين. بيمار لاءِ ڪامڻ، پڙهيا ۽ ڊوهه ڪڍائين. بلا جي چڪ لاءِ مانڊو ويهارين ۽ پاڻي پڙهائي پيارين. وڇونءَ جي ڏنگ جي سور لاءِ، جهاڙ وجهائين. اک ڪڻ ۽ ڏاٺ جي سور لاءِ ڪينئان ڪڍائين. بيماريءَ واري کي ڪنهن اولياءَ  جي مٽيءَ جو پاڻي پيارين ۽ خاڪ کارائين. عام بيمارين لاءِ فال وجهائين، تائيٿ لکائين، ڌاڳو ڦيڻو ڪرائن. پاڻي پڙهائي ڪم آڻين . ڪنهن مسيت جي ڀِت يا قبر تان هٿ ڦيرائي بُت کي مکين ڇتي ڪُتي جي چڪ لاءِ شيخ ريحاڻ تان شيخن کان پاڻي پڙهائي مکين ۽ پيارين. سنڌن جي سور پيٽ جي سور ۽ ڪن بيمارين لاءِ ڏنڀ ڏيارين ۽ نجومين کي هٿ ڏيکارين.

ٻارڙن جي بيمارين بابت: ڪنگيءَ يا ٻارن جي سيلهه بابت چون ته ” ٻار کي ٻلي ٿي اورانگهي. تنهنڪري اها بيماري ٿئي ٿي“ ٻار کي نڙ اُلاربو ته ٻار سنهڙو ٿيندو.تنهنڪري اُلاريل نڙ کي چڪُ هڻي پوءَ پٽ تي ڇڏجي. مئل ماڻهوءَ جي جنازي نماز جو سايو پوندو ته به ڪنگيءَ ٿيندي. ڪنگيءَ واري ٻار کي، آچرجي ڏينهن، ڪوريءَ جي آڏاڻي جي تُر هيٺان ٽي گهمرا مٽائجي.

        ڪنگيءَ واري ٻار کي، آچر ڏينهن ٻين گهرن مان ڪُٽ جا ٿانءَ آڻي انهن ۾ تورجي، ائين ٽي آچر ڏينهن ڪجن. ڪنگي واري ٻار کي چڻن ۾ توري، اهي چڻا واهه يا کوهه ۾ڦٽاڪجن، جيئن چڻو پاڻيءَ ۾ ڦنڊندو تيئن ٻار متارو ٿيندو ويندو، ٻلي جهلي، ڪنگي واري ٻار کي ان جي مٿان وهنجاري، انهي ٻار کي جمعي ڏينهن مسيت ۾ آيل جماعتن جي جُتين سان تورين ۽ ٽي ڀيرا اُهي تورَ ڪن. سُهائي سومر يا اَچر ڏينهن تي ڪڻڪ چورائي سا پسائي، ڌاڳن ۾ پوئي، ٻار جي هٿن جي ڪراين ۽ پيرن جي مُرين ۾ ٻڌن. چانديءَ ۾ تورين، ڪي نمازين جي موچڙن ۾ به تورين. سهائي آچر يا سومر ڏينهن تي ڪُتي جي سسيءَ مٿان ٻار جهلي وهنجارين، پسيءَ جي وٽن ۾ تورين، عاج جا ٻه چوڙا ٻنهي ٻانهن ۾ وجهي ڇڏين. سهائي آچر ڏينهن، موچيءَ کان چمڙي جون وڍيون چپرائي، ٻار جي ٻانهن ۽ ٽنگن کي ٻڌن. ان ٻار کي ٻوڪي ۾ وجهي کوهه ۾ ڍارين.

ڪنگيءَ لاءِ کرمٽ: ٻار کي سج سامهون جهلين، ان ٻار جو جيترو پاڇولو تي پوي، انهيءَ پاڇولي جي قد جيترو ڀت تي ڇيڻو ٿڦي، ٻار جو بوتو ٺاهين، ۽ چوڻ ته ” جيئن ڇيڻو سُڪندو تيئن ٻار سڌرندو ويندو. “

ام الصبيان يعني ٻارن جو ڊيڄڙو: هن کي ٻارن جي سُهڪُريءَ جي بيماري يا ٻاراڻو چون هن ۾ ٻار کي ڳڍڙيون پيون پونديون آهن. ۽ ساهه پيو اُهمُو ٿيندو، منُجهندو ۽ ماندو ٿيندو آهي. اها بيماري جلاب ڏيڻ سان ڇڏي ويندي آهي، پر اُن لاءِ گهڙيالو ڪن.

گهڙيالي جو کرمٽ: پاُٽ يا ٿالهه ۾ جهنگ جو سڪل ڇيڻو دکائي رکن، يا ڊڀن جي نوڙي جو موئرو ٺاهي دکائي ٿالهه ۾ رکن. پوءِ ٽواٽي جي مِٽي، ست ڳڙيون لوڻ، ۽ ست اڱار۽ ست مرچ، ٻار تان گهوري پاڻيءَ ۾ وجهي رکن. پوءِ دکيل ڇيڻي مٿان خالي گهڙو انڌو ڪري رکي، مٿان موچڙو ۽ ان جي مٿان چمٽو رکن. پوءِ گهوريل شين وارو پاڻي ٿالهه ۾ وجهن، جي گهڙي ” گهُٽ گهُٽ“ جو آواز ڪيو ته چئبو ته ٻاراڻو آهي ۽ گهٽڪا نه ٿيا ته بيماري ڪانهي. ٻاراڻي لاءِ ٻار کي نرڙ تي ڏنڀ ڏيارين. ٻارجو چولو ابتو ڪري سندس سيراندي کان ڪلِيءَ ۾ ٽنگين يا ُ منهن رکڻيءَ، تي ابتو ڪري وجهن. ٻار کي ماڻس جي ابتي چولي ۾ ويڙهي سمهارين. ڳاڙهو بصر گهوٽي پيارين ۽ اُنّ جو پاڻي ڪڍي ڪڇُن ۽ چڏي کي زور سان مکين. هڱ به سونگهائين. ڪڻڪ جي اٽي جا ست گلولا ٺاهي، ٻار تان گهوري، رات جو باهه ۾ وجهن؛ صبح جو اهي سڙيل گلولا ڪڍي ٻار کي ڏيکاري، کُڏ تي اُڇلي ڇڏين. اَڌوڙ يا مارِ  جو پاڻي ٻٻرن کي مکين يا اُن مارِ جي پاڻيءَ سان وهنجارين.

مارِ ڇا آهي: مينگهواڙ، چمڙي کي رڱڻ لاءِ وهٽن جي ڇوڙي ۾ ٻٻر جي ڇوڏي ، هريڙون ۽ ٻيا مسالا ۽ پاڻي وجهي ست ڏينهن اُس ۾ اهو اڌوڙ ٽنگي ڇڏيندا آهن. جڏهن اهو پاڻي اُس تي مچندو آهي ۽ ڌپ ڪندو آهي، تڏهن ان کي ُ مار، ڪوٺين، ۽ ڊيڄڙو، ڪنهن ڍيڍ، چُهڙي يا ڀنگيءَ کان پڙهائين. انهيءَ ٻار  کي ٽِواٽي تي سمهاري،پيٽ مٿان پادر گهمائين. اُٺ جي پيٽ هيٺان لنگائين. ڪنهن ڍڳي جي ڪَن کي ٽڪو ڏيئي، تازو رت ڪڍي، ٻار جي پيٽ کي ملين.

ماتا ۽ علاج: هن کي ٿرمائيءَ، سيتلا، لاکڙو، همبسرا، اورڙي، کُهنبڙي، ان لاءِ وغيره نالن سان سڏين. هيءَ وچڙندڙ ۽ نُگري بيماري آهي، سوڻ ڪن ۽ علاج ڪونه ڪرائين.

ماتا واري جي اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهن، جيڪي گُهري سو آڻي حاضر ڪن. ماتا کي هندوديوي سمجهي ڌوپ واس ڪن ۽ ڇُوت ڇات کان پري رکن. ڪا هندو زال وڃاڻي، گهرائي اُن کان لولي ڏيارين. ماتا واري وٽ پيٽ واريءَ زال کي اچڻ ڪونه ڏين. ماتا واري کي اکين ۾ سوئيرو پارائين ۽ بت تي ڇڙڪائين، جيئن ان جون اکيون خراب نه ٿين. هن بيماريءَ کي  ُهڏڦوڙ، بيماري سڏين ۽ چون ته ” هي ءَ قبر ۾ به نڪرندي آهي . “ نئون ڪپڙو گهر جا ڀاتي ڪين ڍڪين. گهر ۾ ڀَت يا ٻوڙ کي داغ ڪونه ڏين. ڪي ٻارهين ڏينهن ٿڌو ڪن، يعني ڇنڊي هڻڻ کان پوءِ  مِٺا لولا ورهائين، اڳينءِ رات تي پچائي رکي ڇڏيا هوندائون. ڪي پندرهين ڏينهن، ماتا جي ڪڙين لهڻ تي مريض جي مٿي تان پاڻي نائين، پوءِ ڇِلو ، ڪِرو، ڪَجَ يا پرهيز ختم ٿي. ان ڏينهن ڦڪا ، يعني الوڻا چڻا رڌي ورهائين. چلهه ۾ پاڻي وجهي، اُجهايل ڪاٺيون، اڱر، ڪيري، رک يا ڦلهير کڻي وڃي واهه ۾ يا درياءَ ۾ اڇلائين ۽ چون ته ” ٺريءَ پنهنجو ٺار ڪيو“ اُن چُلهه تي وري رڌ پچاءَ ڪونه ڪن. زالون جيڪي واهه يا درياءَ تي رک ڇڏڻ وڃن، سي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي ٿڌيون ٿين. جڏهن گيدوڙيءَ وڻ جي پنن تي ماتا وانگي ٿيل گُهٻ ڏسن ته چون ” هاڻ ماڻهن مان نڪري، ماتا وڃي وڻن تي چڙهي آهي.“ ماتا لاءِ اوراڻا چون.

ماتا جا اوراڻا:

پيو ته اٿئي امانُ، ننڍڙو ٻار،
تنهن جي مٿان رکجان هلڪڙو بار.

(ماتا) دهل دماما واڄي ڇير، سيتلا آيم سولي پير.
(ماتا) پهرين ڏهاڙي پُرگهٽي، ماتا ڏوجهي ڏينهن ڏاتار
(ماتا) ٽيجهي ڏهاڙي ُ مائي، منائي، چوٿين ڏهاڙي چاڙهه.
(ماتا) پنجين ڏهاڙي وسي جا بيٺم، پاڻيءَ  تي ٿي مٿيار
(ماتا) ڇهين ڏهاڙي ڇلڙو ڇڏايم، ٿي لاڻن کان هشيار.

گهوٻي يا کرٽي ٻي جا سوڻ:  هن ۾کنگهه کان نڙي ويهي رهندي آهي ۽ آواز گِگهو ٿي پوندو آهي. بعضي کنگهندي کنگهندي ُ هُوڪ، ٿي پوندي آهي ۽ دم چڙهي ويندوآهي.

کنگهه لاءِ کرمٽ: سَرَ جا ٻُوڙو ڪپي،رسو ڪري، يا مُٺ ڀري، کرٽيي واري جي ڳچيءَ جي چوڌاري ڦيرائي، پوءِ ڏانٽو کڻي ٻوُڙو ڪپيندا ويندا ۽ چوندا ويندا” گهٻو ڪپيان؟“ ٻيو ڪو ٻيٺل جواب ڏيندو ” ڪپ ڀلي ڪپ. اهو کرمٽ صبح شام ڏينهن ۾ ٽي دفعا ڪندا آهن.

ننڍو ٻار هوندو آهي ته اُن جو مامو، ڊڀن جي نوڙي ٻار جي ڳچيءَ  ۾ وجهي، اُن نوڙيءَ ۾ ابتو ڏانٽو ۽ سُبتي ڪاتي وجهي چوندو ته ” ڀاڻيجي جو گهٻو وڍيان؟“ هوُ يا ڪو ٻيو ماڻهو چوندو ته ” وڍ، وڍ!ائين ٽي دفعا چوندو؛ وري سبتو ڏانٽو، ابتي ڪاتي وجهي چوندو”مامو گهَٻو وڍي؟“ هُو يا ٻيو ڪوچوندو ته ” وڍ، وڍ“ ائين ٽي لڱا ڪندو. اهو کِرمٽ ٻه-ٽي ڏينهن هلندو آهي.

      گهوٻي واري جي ڳچيءَ تي ناناڻي گهر جي دانگيءَ جي ڪارنهن يا ڪاراٺ کڻي مکين ٽِواٽي تي مٽيءَ جون ٽي ڍڳيون ٺاهي، انهن جي مٿان گهوٻي واري کي لنگهائين. کِرٽيي جو علاج ڪونه ڪرائين. زميندار کان سڳو وٽائي ٻڌن. لال ڪَٻر (مئينا) جهلي، پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي اهو پاڻي پيارين. مامي هٿان ٽَلي يا مَٽر گهرائي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. نينڻ ٻُوٽي جا ڏينا ڇَني ڳچيءَ ۾ ٻڌن . چون ته ” ڪنهن ساهواري يا جانور کي لوهه اُلاربو ته کنگهه ٿينديس.

نڙي ۾ سور پوڻ ياڪليون ( ڪوئليون)ڳلاڦن ڀرجڻ بابت سوڻ:  ڪاڪوس ۾ ٿُڪ اڇلبي ته نڙيءَ ۾ سور پوندو. نڙيءَ جي ڳوڙهين يا ڳلڦڙن لاءِ چون ته ” اهي تڏهن ٿيون ٿين، جڏهن ماڻهو ڪنهن جي پيشاب مٿان پيشاب ڪندو، ڪنهن ٻئي جي پائخاني مٿان ويهندو.“ ان لاءِ ٽِواٽي تي ويهي ناناڻي گهر جي چُلهه جي ڇار نڙيءَ تي ملين. لوڻ، ڇيڻي جي ڇار سان ملائي، ڪنهن عورت کان ڪليون (ڪوئليون) ڀڃائين. نڙيءَ ۾ پَٽَ (پردو) پئجي وڃي، ته به ساٽ ڪرائين ۽ لڪڇپ ۾ ناناڻي گهر جي دانگيءَ جي ڪارنهن نڙيءَ کي مکين.

        ڪوئيلن يا پَٽَ ڀڃڻ جو کِرمٽ: ڪوئيلن ڀڃندڙ زال ، اشهد آڱرلوڻ ڇار مان ڀري اندر وات ۾  وجهي، نڙيءَ جي پاسن تي زور ڏيئي چوندي ته” ڪَليون يا پَٽُ ڀڃان؟“ سُور وارو چوندو ته ” ڀڃ ، ڀڃ!“ اهو کرمٽ ٽي گهمرا ڪندي.

اک کي لاڻ لڳڻ جو کرمٽ: بعضي اوچتو اک ۾ ڪٽر،ڪک، مٽي يا ڪو سنهڙو جيت پئجي ويندو آهي، ان کي ڪي ُهرٽ يا ڪي سَرٽ چون انهيءَ کان سواءِ اوچڙ، گهوتڙ، ماهيڙ، ۽ موريسر به اکين جي لاڻ لڳڻ واري بيماريءَ ۾شامل آهن. ان جو کرمٽ هن نموني ڪن: عورت ، ڪن جو والو، جو چانديءَ يا سون جو هوندو يا منڊيءَ جو ڳن هٿ ۾ جهلي، پاڻيءَ مان ڀڄائي اک ۾ سرمي جي ڪانيءَ وانگي گهمائي، چوندي ته ” هُرٽ يا سَرٽ ڀڃان؟“  اڳلو چوندس ته ” ڀڃ ، ڀڃ“ ائين ٽي دفعا ڪندي.

ڪي وري اک تي ڪپڙو رکي ڦوڪ ڏيئي چون ” ڪک هجي ته تَري وڃي، ڀتِر هجي ته ڀُري وڃي!، اک کي هٿ لڳي ته ڪپرو رکي ڦوڪ ڏين ۽ ڪنهن جهرڪيءَ کي ڀونڊو ڏين.

اک جي آنڙي جا سوڻ: ڪنهن جو پائخانو ڪيل تڪبو يعني چئبو ته ” هڻ، هيڏو سارو لنڊ“ ان لاءِ عام ماڻهن جو خيال آهي ، ته آنڙي نڪرندي يعني اک جي وٽ لڳ رتائتي ڳوڙهي ٿيندي هڪٻئي جي ڀر ۾ پاخانو ڪبو ته به ٿيندي ان لاءِ  پاخاني ۾ ڪاٽي هڻي چئبو ته آنڙي گو... ڪانڙي، اڄ مون کي سڀاڻي توکي.“ ته ڇڏي ويندي. ست پن ٻير جا اک تان ست ڀيرا گهمائي، ٻير جي ڪنڊي سان ڀت ۾ ٽنبي ڇڏجن. پن سُڪندا ويندا، آنڙي ڇُٽندي ويندي. ڀت مان پراڻو اڱر ڳولي ڪڍي، گَهِي اک جي آنڙيءَ تي مکين.

اکين اٿڻ بابت: پيرن جا اڱوٺا ٻڌي ڇڏجن. اکين اُٿيل ماڻهو، آرسي نه ڏسي، مکڻ نه کائي

بيمار ٿيڻ بابت: ڪنهن گهر تي چٻرو ويهندو ته گهر وارا بيمار ٿيندا ڳئون جو مُٽانگو کڻي ڪنهن جي در اڳيان اڇلبو ته جيڪو پهرين لنگهندو سو بيمار ٿيندو. جنهن گهر جي چلُهه ۾ ڪارا مرچ سڙندا ته ان گهر وارا بيمار ٿيندا.

مُٽڻ جي بيماري بابت: آرانڀي يا اُماڙي هٿ ۾ کڻي ڦيرائبي ته رات جو اهو مُٽي هنڌ پُسائيندو. يا چُوانتي کڻي هلندو ته به مُٽي هنڌ ڀڄائيندو.

ڪَک يا ننڍڙين ڦُرڙين واري بيماريءَ بابت: هن بيماريءَ ۾ چيلهه ۽ پيٽ جي چوڌاري ڏڍ جهڙيون ڦرڙيون ٿينديون آهن. جن مان ريشو پيو ڳڙندو آهي. انهيءَ ريشي جي سُو گراڻ تي ٻيون ڦرڙيون پيدا ٿينديون آهن ان لاءِ چون ته: ٻهاريءَ جو ڪک بدن کي لڳندو ته اها بيماري ٿيندي، تنهنڪري ٻهاريءَ مان ڪک ڇني ان کي ٿُڪ هڻي اُڇلين. خونيءَ ياخونيءَ جي مائٽ کان پاڻي ڦوُڪارائي اُن جا ڇنڊا هڻن. خوني کوهه، خوني موري، خوني واهه ۽ خوني گهيڙ(جتي ڪو ماڻهو ٻڏي مئو هجي) ان هنڌ جي مِٽي کڻي، ڦرڙين واري جاءِ تي ٿڦين. ميٽ پڙهائي، پاڻيءَ ۾ گهاٽو ڪري پُسائي اهو به ان جاءِ تي مکين.

ڇڪي پوڻ بابت:  هن لاءِ چون ته بار کڻڻ ، ڪسي يا اڏ ٽپڻ وڏي ٻرانگهه ڀرڻ ۽ ٽپ ڏيڻ سان اها بيماري ٿيندي آهي، ان لاءِ پيٽ آڍائين ۽ پنُيون يا بُڪيون ٻڌائي ڇڏين.

وائي سور بابت: سچيون ڪوڏيون ست داڻا پوئائي، کٻي پير ۾ ٻڌن.

پِت نڪرڻ بابت: مٿي ۾ ڦٽ ٿي پون ته ان کي پِت چون ان لاءِ بيان ڪن ته مٿو ڪوڙائي يڪدم نه ڌوئي بو ۽ ڪنهن ڪُتي جي نگاهه ان روڏ تي پئجي ويئي ته پِتَ نڪرندا.

چُڪ پوڻ بابت: مُهري اورانگهبي ته چُڪ پوندي. تنهنڪري مُهري چيلهه هيٺان رکن. جاڙي ڄاول ماڻهوءَ کان يا پيرڙئي ڄاول ماڻهوءَ کان، ٽامي جو ٽڪو دُڏ تي رکائي  لت ڏيارڻ جو ساٽ ڪرائين.ٽن مڙسن واري زال يا ٽن زالن واري مڙس کان ، چيلهه تي لت ڏيارين ۽ کرمٽ ڪرائين.

چُڪ جو کرمٽ: کرمٽ ڪندڙ زال، ست ڀتر ننڍڙا کڻي لِڪي بيهي سڏ ڪندي: ” ڀَلُو پٽ ڀاڳُل جا، ڪو آهين؟“ چُڪ ڀڃائيندڙ چوندو ته ” هائو.“ چُڪ ڀڃيندڙ زال پڇنديس ته ” تون ڪير؟“ چُڪ ڀڃيندڙ چوندو ته ” آئون چُڪ“ چُڪ ڀڃيندڙ زال ڀِتر اڇلي چوندي ته ” ڀڄ ڙي چُڪ، ڀڳو اٿمانئين چُڪ .“ ائين ست سوال ڪري ست ئي ڀتر چُڪ واري کي پٺيان اڇلي هڻندي.

مٿيان ٻه ڏند، پهرين اچڻ بابت: اهي ناناڻن کي چڱا نه آهن. تنهن ڪري ٽامي يا ڪنجهي جي وٽي ٺهرائي اُن ۾ ڪُٽي مهٽي وجهي، پري پري پنڌ تي وڃي پورين يا گهٽ ۾ گهٽ ته به ٻنيءَ جا ٽي ٻارا اُڪري پوءَ ڪنهن ٻني ۾ کڏ کوٽي پورين يا اُڇلي ڇڏين.

ڏندن ڪرٽڻ بابت: پُٽ ڪَرٽي ته سڀاڳ، ڌيءَ ڪرٽي ته نڀاڳ، ڏند ڪَرٽڻ واري جي وات ۾ ، سُتي واري يا لوڻ وجهن.

ڏند ڪرٽيندڙ ٻارن کي ننڊ ۾ ڏند ڪَرٽيندي، ڪنهن چڙي ڌڪ هنيو ۽ ٻار ڇرڪ ڀري اُٿي روئي اما يا بابا جو نالو ورتو ته اهوجلد گذاري ويندو.

هِڏڪي ٿيڻ بابت: ڪي چون ته آنڊو وڌي ٿو، ڪي چون ڪنهن ياد ڪيو ته هڏڪي ٿيندي، ان لاءِ واقفن ۽ مائٽن جا نالا وٺڻ شروع ڪن . چيچ ۾ سڳو ٻڌن. سَت ڍُڪ پاڻي جا پيئن. اوچتو ڊپ ڏيارين. ڍڳي جو رت نڙيءَ کي مکين. ُ خيالَ مٽَ ، ڪرائين ٻارن کي هڏڪي يا وڌڻي ٿئي ته چون ” وڌڻِي وڌي کير ڀَت لاءِ، فلاڻو يا فلاڻي وڌي مائٽن لاءِ،“

منهن تي چٽي ( اڇاڻ جا داغ) ٿيڻ بابت: ڪنهن ڀنگي کي پٺيان اوچتو وڃي ڀاڪر پائبو ته ڇڏي ويندي. نيراني مٿس ٿُڪَ مکبي ته به ڇڏي ويندي.

مرگهي ٿيڻ بابت: ڇڄ يا سُپ مٿان نڇ يا ڇِڪ ڏبي  ته مرگهي ٿيندي. ان لاءِ مرگهيءَ واري کي پراڻو پادر سونگهائين.

ڪَرائي جي سور يعني ٻانهن ۾ ڳانو پوڻ بابت: ڪو مرد يا زال اڌورور ڪم ڇڏي ويندو، مثال جنڊ، اُڍاڻڻ کان اڳ زال هلي وڃي، ٻي اچي باقي اٽو پيهي پورو ڪري ته اُن کي ڳانو پوندو؛ ڪا زال ، دانگي يا تئو يا ٿوٻي چاڙهي ماني پچائڻ ويهي، وچ ۾ ڪنهن ڪم سببان اٿي وڃي ۽ ٻي اچي اهوڪم پورو ڪري ته اُن کي ڳانو پوندو؛ مردن ۾ وري لوهار يا هاريءَ ڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ۽ ٻئي اچي پورو ڪيو ته اُن کي ڪَرائيءَ ۾ سور يعني ڳانو پوندو. ڳاني لاءِ اُها ڇوڪري يا ڇوڪرو، جنهن جو ماءُ- پيءُ سس-سهرو جيئرو هوندو اُن کان سُرمائي سڳي کي يڪساهيءَ ست ڳنڍيون ڏياري ٻانهن ۾ ٻڌن. جنڊن جي  ڳاريءَ مان، ٽي- ٽي داڻا اناج  جا کڻي سُرمائي اڳڙيءَ مان ڳوٿري ٺاهي ان ۾ وجهي، اها ڳوٿريءَ ٻانهن ۾ ٻڌن. ٽوِاٽي تي ويهي، سڀ ڪنهن واٽ ڏانهن ويندڙ ماڻهوءَ کان ڦيڻي مکارائين. کِپَ، ٻوُهه ۽ ڪِرڙ جا گُل پٽي ٻانهن ۾ ٻڌن. ٻهاريءَ جو ڪک ڇني آلو ڪري ٻانهن ۾ ٻڌن.

ويلڻ چڙهڻ بابت: ڪنهن به ٽنگ جي ڦَٽ جو سور يا آڪيڙ کان چڏن وٽ ڳوڙهي ٿيندي آهي، جنهن کي ويلڻ چون ۽ ڏاڍو سور ڪندي آهي ان لاءِ پيررين ڄاول ٻار کان ويلڻ تي رپيو يا ٽّڪو رکي، مٿان کُڙيءَ جو زور ڏيارين. ٽي دفعا اهو زور ڏيارين.

ٻرهال يا هيانچي بابت کرمٽ: تلي وڌي ويندي آهي ته سور ڪند ي آهي. ان لاءِ مٽِيءَ جي مانيءَ پچائي، هيانچي جي مٿان رکي، ان مانيءَ کي ڪاتيءَ سان وڍين ۽ چون ” هينچو يا ٻرهال وڍيان ؟“ اڳلو ماڻهو چوندو ” وڍ“.

پيٽ جي سور بابت: چون ته ڪا شيءَ کائيندي، ڪنهن جي بد نظر لڳي هوندي. ماني گڏجي کائڻ ۾ سڀني کان اڳ اٿڻ واري، کي، ۽ سڀني کان پوءِ اُٿڻ واري کي پيٽ ۾ سور پوندو. ان لاءِ ڪُتي کي مانيءَ ڳڀو ڀڃي ڏجي. چيچ ۽ شاهد اَڱر، جنهن جون ابتيون پٺيريون گڏجي سگهن، اهي ٻئي ملائي، پيٽ تان ابتيون، سبتيون، ڦيرائي.

ننڍڙي ٻار جي پيٽ سور لاءِ: ٻار جو پيٽ لوڻ سان چَٽين. ڪنهن ٽِواٽي تي تيل رکي ڇڏين. جڏهن اُن ٽَوانٽي تان ٽنهي طرفان ماڻهو لنگي وڃن، تڏهن اهو تيل کڻي وڃي پيٽ کي ان سان اَڍين.

موهيڙن بابت:  نيراني پيشاب ڪري اُن ۾ ٿُڪ اوجهجي ته مهيڙا ڇڏي ويندا

ڀنوائي يا بيهوشيءَ بابت: هي بيماري، مغز جي ڪمزوريءَ ڪري ٿيندي آهي. ان لاءِ چون ” جيڪو، مئل ٻار مٿان ٻيو ٻار ڄمندو تنهن کي وڏي هوندي ضرور ٿيندي.“

ان لاءِ تيل گهوري سائي ٻوٽي تي هارين. ڪڪڙ گهوري، کڏ کوٽي جيئرو پوري ڇڏين. ماني گهڙي، ڪچئي ڪَچي، بيمار هٿان ٽِواٽي تي رکائين. چون ته ” بيماري پاڻهي واٽ وٺي هلي ويندي.“

سائِي يا يرقان بابت:  اڪجون چوٽيون يا ڦُلڙيون، ڌاڳي ۾ پوئي هار ٺاهي پائين. ڪَنَ مٿان ٽُڪو ڏئي رت ڪڍائين. واهي جون پاڙون  ڳُريون ڪري پڙهائي ڳچيءَ ۾ ڪَنڍلي ڪري وجهن کرمٽ به ڪن.

يرقان جو کرمٽ: بيمار کي ٽِواٽي تي اوڪڙو ويهاري، اُڀن گوڏن تي تيل جو ٿانءَ رکي، کِپ يا سائي نم جا ٽارا کڻي، ان تيل ۾ گهمائين. ٽي آچر ائين ڪن.

ويلڙي بابت: هن کي سِدپاڪ  يا سدِڪاڪا، سڏِڪار چون. پيٽ ۾ پيچش، وٽ مروٽا ٿيندا آهن. سڻڀي شئي يا کير کائي مٿان پاڻي پيئبو آهي ته ٿيندو آهي. گوشت کائي مٿان کير پئبو، تڏهن به ٿيندو: بعضي اُس يا ڪاڙهي مان ڊوڙي ڊوڙي اچي پاڻي پئبو آهي ته الٽيون ۽ دست ٿيو پون. ان لاءِ کرمٽ ڪن.

ويلڙي جوکرمٽ: ڪا زال، پادر جي پُٺ تي گول چڪر ( دائرو) ڪڍي، ان جي وچ تي آرپار ست ليڪا اڱار سان ڪڍي، اهو پادر، نرڙ تي، ڪُلهن تي، ٻانهن تي، پيٽ تي، پٺيءَ تي، ٽنگن تي،هٿن پيرن جي ترين تي زور ڏيئي هڻي چوندي ته ” ايلڙو ويلڙو ڀڃان؟ “ اڳلو چوندو ته ” ڀڃ!“ ائين هر هڪ عضوي تي، ٽي دفعا پادر گهَي چوندي. کرمٽ پوري ٿيڻ تي پاڻيءَ جو ڇنڊو منهن تي هڻي، ڪلمو پڙهائيندي ۽ چوندي ته ” ٻاهر وڃي ڪاري ڪُتي جو منهن ڏس.“

پاڻي ڏنڀي پيارين. يعني باهه ۾ ٽڦڻي يا چمٽو ڪوسو ڪري، اهو پاڻيءَ ۾ ٺاري، اهو پاڻي مريض کي پيئڻ لاءِ ڏين. ڪي ٻريل ڪاٺي، يعني اُماڙي پاڻي ۾ اُجهائي، اهو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏين. تئي يا دانگيءَ تان آڱريون ڀري سنڌن تي زور سان ملين. لوڻ ۽ ڇاريءَ سان سنڌن تي ساٽ ڪن.

مٿي جو سور يا سج اوتي جي سور بابت: هن کي ُ سج ُاڀارو، سور به چون . ان لاءِ ٻنگاريءَ ۾ پاڻي وجهي، اُنّ ۾ جوئر جا داڻا وجهي، سور واري کي اُن پاڻي ۾ سج ڏيکارين سج  ڏيکارڻ مهل چوائين.

” سج سورج تون، مٿي جو لاهه سور تون،

ٻنيون گهُرن بج، هاري کيڙين هَرَ، مون سين رضا، توسين قضا.“

سج سامهون بيمار کي  بيهاري، منهن تي پرڻ رکي پوءِ ڇنڊا هڻن چون:

”سج اوڀارا، هڻ سور کي ٻهارا!“

سج اڀرئي کان اڳ انّ جا داڻا کڻي، کوهه ۾ نهاري، مريض،پنهنجي اولڙي کي اهي داڻا اڇلي هڻي. چئي”سوُرُ ٿو اچئي“  اڌ رات کان پوءِ  ڪنهن کان سجاتي جو سڳووٽائي  ٻڌجي . پاڻيءَ  جو ٿالهه  ڀري ان ۾ سج جي اولڙي کي ڏسي چيٻارا ڏجن. سج اڀرڻ کان اڳ اڀرندي طرف منهن ڪري بيهجي، جيستائين سج اڀري.

مٿي وڌي پوڻ بابت:  اڌ مٿي جي سور کي چون ته” مٿو وڌي پيو آهي“  ان لاءِ هڪ پير اُڀو جهلي، اُن پير جي چوڌاري  ڌاڳو ڦيرائي، پوءِ ان ڌاڳي سان بيمار جو مٿو ڪڇين. ڌاڳو گهٽ بيٺو ته چون ته ”مٿو وڌي ويو آهي.“ ڪي وري هن کي ُلُوطي“ سور چون.: کٻي اک کان ڪياڙيءَ  جي اڌ تائين يعني اڌ مٿي ۾ اهو سور هوندو آهي.

لُوطي سور جو کرمٽ: بيمار کي ٽِواٽي  تي ويهاري، ڏاس  جو ڪارو رسو کڻي، اهو مٿي جي چوڌاري ڦيرائي، ان کي ڏوئي سان آڪيڙو ڏيئي، کرمٽ ڪندڙ چوندو ته” مٿو کُٽائي ننڍو ڪريان؟“  بيمار چوندو ته ”ڪر“ ائين ٽي ڀيرا ڪندو آهي.

ڇاپاڪي يا شُفقي بابت: هن بيماريءَ جو صحيح  نالو شُفقو آهي، هن ۾ سڄو بت ڳاڙهو ۽ ڊٻڙ ڊبڙ آسماني شفق وانگي ٿي پوندو آهي، تنهن ڪري خارش سُرڻو ۽ سوڄ ٿي پوندي آهي. ان لاءِ ڇاپاڪو پکي ماري  اُن جو رت بدن کي مکين ( ڇاپاڪا، هڪڙو ميرانجهڙي رنگ جوننڍڙو پکي آهي، جو رات جو اُڏامندو آهي) يا جنهن اهو پکي ماريو هوندو، ان جا هٿ ڌئارائي، اهو پاڻي بيمار کي پيارين يا  اُن جا هٿ تيل ۾ مَهٽرائي، يا تيل ۾ ٻوڙائي، اهو تيل بيمار جي بدن کي مکين. ڪلاڪ-ٻه  بيمار کي بدن تي تيل مکائي  ڪنهن کٿيءَ ويڙهي ويهارين.

خاص سُرڻي لاءِ، سَرِ يا ڪَنڊلي ڳچيءَ  ۾ پارائين. ٽِواٽي تي تيل رکي پڙهائي بدن کي مکائين. تيل  لوڻ گڏي بدن کي مالش ڪرائين نارنگين  جون کلون بت تي گَهي ان جو پاڻي لائين.

ڏاٺ جي سور بابت:  ڏاٺ مان ڪينئان ڪڍائين. مُلين کان تائيٿ لکائي، اهو ڪنهن ٿنڀ ۾ ڪوڪي سان ٺوڪي ڇڏين.

کونگهرن يا گوگهرن هڻڻ بابت:  کونگهرن واري جي جُتيءَ جو هڪڙو پادر  کڻي آهستي ڪري، سندس وهاڻي هيٺان اونڌو ڪري رکجي. ٽِواٽي جي مِٽي کڻي، سُتي سندس مٿي ۾ وجهجي.

سييي تپ يعني مليريا بابت: کنڊ جو واس ڏين. هاٿيءَ  جي لِڏ  جو واس ڏين. اهي واس اهڙيءَ  طرح ڏين، جيئن مليريا واري کي خبر نه پوي. تپ واري جي ٻاهرنڪرڻ تي، ان جي هنڌ تي ڏاس جي کرڙي وڇائي مٿان ٻهارو رکي ڇڏين. ڪڙي تيل جو به واس ڏين.  تپ واري جي سيرانديءَ  سندس پادر اونڌو ڪري رکن ۽ پيرانديءَ  کان ٻهارو رکن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com