سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :7

ليفٽيننٽ ڪرنل ڪي. اي رشيد

مترجم: شمس الدين عرساڻي

رني ڪوٽ

( دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو)

پاڪستان ۾، سنڌ جي اتر_ الهندي واري ڪنڊ ڏانهن کير ٿر ٽڪرين جي قطار موجود آهي. اُها قطار اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 55_ 27 درجن درميان پکڙيل آهي، جا مسلسل ڏکڻ جي طرف ۽ صوبي جي الهندي سرحد سان لڳو لڳ ويڪرائي ڦاڪ جي 15_ 26 درجن تائين هلندي رهي ٿي ۽ محال ڪوهستان ۾ تقريباً ويڪرائي ڦاڪ جي 43_25 درجن وٽ پهچي ختم ٿئي ٿي ٽڪرين جي قطار جي ڪل ڊيگهه 150 ميل آهي ۽ ان جي مجموعي اوچائي، مختلف جاين تي، سمنڊ جي سطح کان چئن هزارن کان پنجن هزارن فٽ تائين بلند آهي. انهن ٽڪرين سان گهڻو ڪري چن جو پٿر ٻه شامل آهي،مگر ريتي ۽ ڪڪري گهڻي انداز ۾ لڀي ٿي. اندازو لڳايو ويو آهي ته آهي جبل، ارضياتي فرهنگ (Geological_ Nomenclature) موجب زمين جي ٽئين ته واري ترڪيب، (Tertiary System) سان واسطو رکن ٿا(1) سموري ايراضي معدنيات سان ڀرپور آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين ان جي مڪمل طور تي جاچ ۽ شيرازه بندي نه ڪئي وئي آهي.

        انهن ٽڪرين جي قطار تي دنيا جو هڪ وسيع ۽ عظيم قلعو، جنگي فن ۽ فوجي اهميت جي لحاظ کان جڙيل اهي. انهيءَ کي، ُ رني ڪوٽ ، سڏجي ٿو. ان کي چند ٻين نالن سان پڻ سڏجي ٿو، جهڙيءَ طرح رني ڪوٽ، رنيڪا ڪوٽ ۽ ميهن ڪوٽ(1) وغيره . اهو دادو تعلقي ۾، سن شهر کان ارڙهن ميل پري ڏکڻ _ اولهه طرف آهي. سن جو شهر، سابق صوبي سنڌ ۾ حيدرآباد کان ڇاونجاهه ميل پري اتر ڏي آهي.

        قلعو، ٽڪرين جي بلند ترين چوٽين تي قائم ٿيل آهي ۽ انهن مان آرپار لنگهندو ارڙهن ميلن جي گهيري مٿان ڦري اچي ٿو. ڏورانهين مفاصلي کان چين جي  ُ عظيم ديوار ، وانگر نظر اچي ٿو ۽ مسلسل پيچدار ۽وروڪڙ وارن لنگهن ۽ رستن، ٽڪرين ماٿرين، پهاڙي نالن تمام انانگين جڳهين ۽ پيچيده مقامن تان لنگهندو اچي ٿو. سندس لنگهه ڪٿي ڪٿي ته بلند ۽ مٿاهان ٿيندا وڃن ٿا، ته ڪٿي وري هيٺاهان ۽ لاهيءَ وارا آهن. بيشڪ هيءُ قلعو ملٽري انجنيئرنگ جو هنر مندانه تعميري ڪم آهي.

هن قلعي تائين رسڻ به تمام ڏکيو ڪم آهي. سن کان جيڪو رستو ان طرف وڃي ٿو سو تمام خراب حالت ۾ آهي. اهو رستو سن ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ _ اولهه ڏانهن وڃي ٿو. ٻيو ڪوبه اهڙو چڱو رستو ڪونهي جنهنجو ذڪر ڪجي. جيڪڏهن جيپ ۾ وڃبو ته پوءِ ارڙهن ميلن جي انهيءَ سموري مفاصلي کي طيءَ ڪرڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو. اهو رستو ( جيڪڏهين ان کي رستو چئجي) قلعي وٽ هلي ختم ٿئي ٿو. جڏهن ماڻهو قلعي وٽ پهچندو تڏهن ان جون اوکيون اڻانگيون مگر مضبوط ساخت واريون ديوارون صاف نظر اينديون، جي ٽڪريءَ جي اُ ڀريل سطح تي لڳو لڳ ڦرنديون ۽ چڪر ڪاٽينديون وڃن ٿيون. ديوارن جي وچ ۾ وري گول ۽ ٽي نڪنڊا منارا نظر ايندا، جي سڪي ويل نهر جي ساڄي ۽ کاٻي قائم ٿيل آهن قلعي ۾ اندر وڃڻ لاءَ هڪ گذرگاهه يا لنگهه  (جيڪڏهن ان کي لنگهه ڪوٺجي) موجود آهي. انهيءَ لنگهه ۾ هڪ ڦاٽڪ يا دروازي Gate of Entry جون مثالي خاصيتون موجود آهن هڪ ڪلدارپل Draw Bridge ۽ ڊيم Dam (جي هاڻي سالم حالت ۾ نه آهن) ڏسڻ ۾ اچن ٿا. قلعي جي اندرئين حصي ۾هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، گهمڻ بعد ڏسندڙ کي، لشڪر ڪشي ۽ جنگي فن جي مصلحت مطابق جو ميدان هموار ڪيل آهي، تنهن بابت اندازو ٿي سگهي ٿو . ميدان به حيرت انگيز آهي.

        گهڻو زمانو اڳ، جڏهن قلعو ٺهيو هو تڏهن هيءَ ايراضي هڪ زرخيز ماٿري هئي،، جنهن مان تازي پاڻيءَ جي نهر وهندي هئي. ان وقت هيءَ ماٿري گنجان آباديءَ سان ڀريل هئي سروليم نيپئر، پنهنجي سنڌ جي انتظامي رپورٽ ۾ چوي ٿو ته ” هيءُ وسيع ۽ زرخيز خطو، هن وقت بلڪل غير آباد  زمين بنجي چڪي آهي . ان ۾ قديم بستيءَ جا اهڃاڻ ۽ اڳوڻن ماڻهن جون جايون به معلوم ٿين ٿيون جن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ متعلق جيڪي شاهوڪاريءَ ۽ عظمت جون ڳالهيون بيان ڪيون ويو ن آهن، سي ڪي مبالغه  آميز ڪين آهن. قديم مقامات مان هيءُ قلعو هڪ نهايت قابل يادگار جڳهه آهي، جا نقشي ۾ ُ ميهن ڪوٽ، جي نالي سان نشان ٿيل آهي . سراليگزينڊر برنيس، ان کي ُ قلعي بند ٽڪري،  Fartifled hill سڏيو آهي ملڪي ماڻهو ، ان کي  ُرني ڪوٽ جي نالي سان سڏين ٿا؛ جنهن کي چوڌاري هڪ تراشيل پٿرن۽ چن جي گاري سان جڙيل ديوار ڏنل آهي، جا هڪ نه بلڪه گهڻن ٽڪرين جي چوگرد ڦري اچي ٿي . ان جو سمورو گهيرو پندرهن ميلن ۾ ٿيندو. ان کان سواءِ ديوار جي اندر، ان زماني ۾ هڪ دائمي وهندڙ صاف پاڻيءَ جي نهر، جبل مان ڦوٽ کائي پڻ وهندي هئي، جا ظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن قلعي کي ان وقت يوناني اڏاوت سمجهيو ويندو هو،مگر هن وقت تائين اتي يوناني فن تعميرات جا ڪي به نشان يا ڦٽل آثار ملي نه سگهيا آهن. ڇو ته سنڌ جي حاڪمن، وقت بوقت ان جي ديوارن جي مرمت پئي ڪرائي آهي، تنهنڪري عمار تسازيءَ جي سموري جس انهن کي ئي حاصل ٿئي ٿي.“ 

         شفاف پاڻيءَ جي نهر هئڻ ڪري، يقيناً اتي انساني آبادي ۾واڌ ويجهه ٿي هوندي. ان کان علاوه پاڻيءَ کي بند ٻڌي، ڊيم  Dams  جي صورت ۾ آڻڻ سان به نهر کي قوت ملي هوندي. جن بندن جي مٿان ڪلدار پليون ٻڌل هيون، اهي پليون دروازن وٽ نصب ٿيل هيون، جن مان هر هڪ ترتيب وار ُسن، ۽ ُ آمري، سڏجي ٿو. پاڻيءَ جي بندن   Dams  مان ٻٽو مقصد بر صواب ٿيو ٿي. پهريون ته ماٿريءَ جي پوري ڦهلاءَ طول ۽ عرض ۾ هڪ آرپار پکڙيل ڍنڍ بنجي پئي ٿي، جنهنڪري ان مان ماٿريءَ کي ملندڙ پاڻيءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو ٿئي؛ ٻيو ته ان مان دفاع جي هڪ اهم صورت پڻ پيدا ٿيندي هئي.هن وقت به جيڪڏهن ڪوشش وٺجي، ته شايد ساڳين هنڌن تي پاڻيءَ جي بندن کي دوباره تعمير ڪرڻ سان، هن ماٿريءَ ۾ شادابي ۽ زرخيزي بحال ڪري سگهجي ٿي. گذريل دور ۾ هي شاداب ۽ زرخيز علائقو،حمله آور فوجن لاءِ ضرور  وڏي ڪشش رکندو هوندو. اهوئي سبب هوندو جو انوقت جي حڪمرانن ( جي ڪير به کڻي هجن ) ڌارين حملن کان، پنهنجي علائقي جي حفاظت واسطي، اهڙي بيمثال رقبي ۾ اهڙو مضبوط ڪوٽ اڏايو هوندو.زماني جي لحاظ سان، اهو ڪيترو زمانو اڳ ۾ ٿيو هوندو، تنهن بابت آءُ ڪوبه تخمينو لڳايان، سو هن وقت مناسب نه آهي، بهرحال قلعي اڏاوت واري زماني متعلق آئون ضرور بحث ڪندس ۽ ان جا سڀئي پهلو غور ويچار هيٺ آڻي، پنهنجا رايا پڙهندڙن اڳيان پيش ڪندس. انهيءَ بحث ڪرڻ کان اڳ، آءُ پنهنجي ٻين مشاهدن کي تفصيلوار بيان ڪندس.

قلعي جا دروازا The Gates

        هن قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي دروازا ٺهيل آهن، سي اهڙا رواجي نه آهن جيئن عام قلعن ۾ ٻاهران ئي نمايان  ڏسڻ ۾ ايندا آهن، بلڪ هي  هڪ قسم جا رڳو لنگهه    Entrance  آهن. هن قلعي کي اهڙا چار لنگهه يا گذرگاهه آهن، جن جا نالا هي آهن: (1) سن يا اڀرندو دروازو(2) آمري يا اتر_ اڀرندو دروازو (3) شاهه پير يا ڏکڻ دروازو ۽ (4) الهندو يا مٿانهون دروازو ( ميهن دروازو)

        اڀرندي وارو  ُسن دروازو، هڪڙي ننڍڙي ديهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جا قلعي کان اٺ ميل اڀرندي طرف آهي. ُ آمري دروازو، آمري جي نالي پويان سڏجي ٿو، جو آثارقديمه جو هڪ نهايت مشهور ۽ تاريخي مقام آهي. ان جي کوٽائي آثارقديمه جي ماهرن طرفان ٻه دفعا ٿي چڪي آهي. سندس ُ پراڻي تهذيب، ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي. آمري سن کان پندرهن ميل پري اتر ۾، لاڙڪاڻي ڏانهن ويندڙ مکيه رستي تي سنڌونديءَ سان لڳو لڳ آهي.هن کي ڏسڻ سان، قلعي جي عظيم آثارن بابت پڻ دل ۾ ڪيترائي خيال پيدا ٿين ٿا. شايد هيءَ قلعو تڏهن ٺهيو ٿوڏسجي، جڏهن آمري شهر اڃا سرسبز ۽ آباد هو. اهوئي سبب آهي، جو اتر_الهندي دروازي کي هن ئي مشهور شهر جي پويان نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته انهن ڏينهن ۾ شهرن، ڳوٺن،توڙي قلعن جي دروازن کي، مشهور آبادين ۽ بستين جي نالن پويان سڏجڻ جو رواج عام هوندو هو.

        ڏاکڻو گذرگاهه يا ُ شاهه پير دروازو، آمري دروازي کان البت هيٺائين سطح تي آهي. اڀرندي وارو دروازو يا ُ سن دروازو، تمام گهڻو نشيب ۾ آهي. هن مان ڏسبو ته بالا آخر الهندو دروازو ئي واحد مٿانهون دروازو آهي (منهن دروازو)، جو اتي بيٺل اتاهين ڪوٽ کي ويجهو آهي.

        ازان سواءِ ٻه ٻيون خاص اڏاوتون به قلعي جي ديوارن جي وچ ۾ موجود آهن جن مان هيٺين اڏاوت کي ُميري، سڏيو وڃي ٿو۽ مٿينءَ  اڏاوت کي ُشيرڳڙهه،قلعو سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻئي رهائشي قلعا آهن ۽ يقيناً والي رياست جا اڏايل هئا. ُميري ،قلعو، هن قلعي بنديءَ جي قريب قريب مرڪز ۾ آهي، هو سن واري دروازي کان اٽڪل ٽن ميلن تي ٿيندو ۽ اتان الهندو دروازو وري تقريباً ٻيا ٻه ميل مفاصلو ٿيندو. اهو مفاصلو ماپ ڪيل نه آهي، پر جيڪو وقت مسافريءَ ۾ لڳو، تنهن مان اندازو لڳائي بيان ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان اندروني ايراضيءَ جو قطر پنج ميل ٿيندو. سموري ايراضيءَ جو تخمينو جدا جدا لڳايو ويو آهي، جو پندرهن کان ارڙهن ميلن تائين چئبو. انهيءَ ماپ کي به آخري طور تڪميل شده نه سمجهيو وڃي ،ڇاڪاڻ جو ان جو دائرو سڌيءَ ليڪ ۾ نه آهي، ديوارون ور وڪڙکائينديون، ٽڪرين جي مٿان ۽ هيٺان، پيچ درپيچ مڙنديون وڌنديون هلن ٿيون. هيوگز جو انداو پندرهن ميل آهي. مسٽر جي. ايم سيد جي خيال ۾ پکيڙ ارڙهن ميل ٿيندي.نقشي ۾ وري دائري جي ماپ تيرهن ميل ڏيکاريل آهي. ماٿريءَ جي هيٺ ۽مٿي ۽ آسپاس جي سموري پکيڙ اٽڪل سورهن_ سترهن ميل ٿيندي. ٻه ڪوٽ، جن جو اڃا هاڻي ذڪر ڪيو ويو آهي ، سي به ڪن اهم عملي مقصدن جي لاءِ تيار ڪيا ويا آهن. اهي به انهيءَ مقرر ڪيل ايراضيءَ جي اٽڪل روءَمرڪز ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هن ايراضيءَ جي هڪ اهم ۽ پيچيده جڳهه والارين ٿا. انهن ٻن قلعن جوآءُ ، هن وقت تفصيل سان ذڪر ڪندس، جڏهن انهن جي اڏاوت جي سوال تي ايندس، سڄي اندروني ماٿري جو نظارو انهن ٻن قلعن مان صاف طرح سان نظر اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته فوجي اسبابن ۽ ذريعن جي استعمال وقت، دفاع جي سلسلي ۾ هي ٻئي قلعا، ٻئي ۽ ٽئين دفاعي محاذ ۽ ڪارروائي ۾ چڱيءَ طرح سان ڪم آيا هوندا. انهن ٻن ڪوٽن ۾ اضافي طور ٻيون به قلعي جهڙيون اڏاوتون لڌيون ويون آهن. هڪڙي الهندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ قريب قريب ديوار سان متصل آهي ۽ ٻي اڏاوت اڀرندي دروازي جي نزديڪ آهي ۽ ٽڪريءَ جي مٿانهين هنڌ تي ٻڌل آهي. ٻنهي اڏاوتن تي ڪشادا مستطيل منارا ٺهيل آهن. پهرين کي ُچن ياري، سڏيو وڃي ٿو.

صدر قلعو( قلعي جو وڏو حصو) يا ٻاهرين قلعبندي.

        پري کان نظر ڪبي ته صدر قلعي جي ديوار ڀاڱن ڀاڱن ۾، ٽڪريءَ مٿان هلندي، هيٺ ماٿريءَ ۾ لهندي نظر ايندي. جيئن ڪو ماڻهو سن دروازي وٽ رسندو ته نه سندس ڌيان سڪل نهر ڏانهن ڇڪجي ويندو، جا ان جي وچ مان آرپار گهاءُ وجهندي لنگهندي وڃي ٿي. ڪن هنڌن تي اڃا به ان ۾ ٿوري مقدار ۾ پاڻي موجود آهي، جو صاف ۽ سوادي آهي. نهر جي ٻنهي پاسن کان ٻه گول برج آهن، جن منجهان ڏاڪن جا پيچ و خم اندرئين طرف ۽ڪجهه مٿي ٿيندا وڃن ٿا. نهر جي سڪل پيٽ جي وچ ۾ بيضوي شڪل جا ٿنڀا کتل آهن، جن مان هڪ پنهنجي اصلي حالت ۾ اڃا تائين قائم آهي ۽ ٻنهي جو ڪجهه حصو ڀڳل آهي ،جنهن کي پنهنجي مقرر جاءِ تان کڻي ٻئي هنڌ رکيو ويو آهي. انهن ٿنڀن ۾ پاسن کان سوراخ آهن، جي مٿان کان هيٺ تائين قطار ۾ مسلسل هلندا اچن ٿا. انهن سوراخن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٿنڀن جي وچ ۾ نهريون سيخون وڌيون ويو ن هيون، جن سان ڪاٺ يا ڌاتوءَ جي تختن کي قابو ڪري، پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ٻڌو ويو هو. اهڙيءَ طرح سان ماٿريءَ ۾ هڪ ڍنڍ بنجي پئي هئي،جنهن جا نشان اڄ به ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا ٿنڀن جي انتهائي بلنديءَ تي ڪاٺ  جا سڌا تختا رکي ُ ڪلدار پل ، بنائي وئي هئي، جنهن ماڻهن کي هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين ، يعني قلعي جي پار پهچڻ جي قابل بنايو ٿي.پل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ، سڪل نهر ( جا ڪنهن زماني ۾ تار وهندي هئي) جي پيٽ جي ٻنهي پاسن تي ٻه گول منارا ٺاهيا ويا هئا،جن تي پل کي بيهاريو ويو هو. اهڙيءَ طرح سان آسپاس جي ميدان کي بلڪل ان جي فطري خصوصيتن جي مطابق، وڏي مهارت سان استعمال ڪيو ويو آهي. ڊيم ۽ ڪلدارپل جو نمونو، اتر_ اڀرندي دروازي يا آمري دروازي وٽ پڻ لڌو ويو آهي.

        انهيءَڇيڙي کان قلعي جو لنگهه پڻ هڪ گول مول نموني جو ٺهيل آهي. اندر وڃڻ لاءِ کٻي پاسي واري گول برج جي چوڌاري اوچتو اوچتو تڪڙو ڦيرو کائڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح اهو لنگهه عام ماڻهن کان لڪل هو ۽ جيستائين ڪنهن کي ان جي صحيح ڄاڻ نه هوندي هئي، تيستائين انجو هٿ اچڻ مشڪل هو. پل جي ٻنهي پاسن تي، ٻه _ٻه گول برج يا منارا بيٺل آهن. ازان سواءِ ٻيا وري انهن جي پٺيان قائم ڪيا ويا آهن، انهن کي وري مستطيل منارن مان ڦيرائي گول منارا ڪيو ويو آهي. جنگي اسباب کي صحيح پوزيشن ۾ رکڻ لاءِ ، انهن جو بعد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. دراصل مون کي ته ائين ٿو معلوم ٿئي ته گول منارا اصل هئائي ڪين. اها هڪ وڏي  امتيازي خصوصيت آهي، جا قلعي جي تعمير ٿيڻ واري وقت کي متعين ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. اهو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي جيڪي گول برجن جا بعد ۾ اضافا ٿيا آهن، سي اصلي چن جي پٿر( Lime Stone) مان ٺهيل نه آهن، جن مان اندريون قلعو جڙيو آهي، مگر اهي وارياسي پٿر Sand stone مان ٺهيل آهن. اهي گول برج ، ديوارن سان گڏ باقاعدي ترتيبوار قائم ٿيل نه آهن، اهي تعداد ۾ بلڪل ٿورا آهن ۽ فقط وڏن دروازن وٽ يا ننڍن ڪوٽن جي چئن ڪنڊن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. باقي جيڪي اصلي منارا يا برج آهن سي سڀئي مستطيل شڪل جا آهن ۽ باترتيب ديوارن سان گڏ بيٺل آهن. انهيءَ گول تعمير نموني، قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاء ٻن دروازن جي سهولت پيدا ڪئي آهي. اهو ٻٽي دروازي وارو عمارتي نظام ، مسلمانن جي ايجاد ڪيل آهي. اها ايجاد، صليبي جنگين ۾ لڙندڙ مسيحي سپاهين يورپ ۾ آندي، جن شام ۾ اهڙي تعمير جو نمونو ڏٺو هو. ٻٽي دروازي جي تعمير جو جيڪو سبب ڏنو وڃي ٿو، سو هيءُ آهي ته قلعي اندر داخل ٿيڻ ۾ هڪ زائد دروازي جي رڪاوٽ پيدا ڪئي وڃي. مستطيل منارن قائم ڪرڻ سان رڳو هڪ ئي سڌو سنئون دروازو ٺهي سگهيو ٿي.

        جيڪڏهن اوهان کاٻي پاسي کان قلعي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪندا، ته اوهان کي ٻن جدا جدا دروازن کان اندر وڃڻ جي جاءِ معلوم ٿيندي. ان سان گڏ هيٺان ڀت ۾ هڪ ٻيو چورس سوراخ پڻ نظر اچي ٿو، جو سيخن جي استعمال لاءِ آهي، ته جيئن دروازن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي. ڪنهن وقت هڪ ڳري زنجير پڻ ان ۾ ساڳئي مقصد لاءِ وڌي وئي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ مون کي شڪ آهي ته ان وقت زنجيرن  جو رواج هو، ڇاڪاڻ جو هڪ پاسي سوراخ ڪي قدر ڊگهو آهي. جيئن جنهن وقت دروازي کي کولڻ جي ضرورت پوي ته زنجير کي ڇڪڻ سان اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهجي. ٻن دروازن جي وچ ۾هڪ مستطيل حجرو ٺهيل آهي. سنتريءَ جي پهري جي جڳهه ( Sentry Post) ۽ ٿورو اڳڀرو ٻه گارڊ روم پڻ ڏسجن ٿا. جيئن اوهين ٻئي دروازي مان لنگهي اڳتي ويندو ته اوهين هڪ کليل ميدان ۾ پهچندو، جو ڪلدار پل طرف وڃي ٿو.

        انهيءَ کليل ميدان جي کاٻي پاسي، اڀريل ٽڪرين ڏانهن، ڏهن چورس فوٽن جي ايراضيءَ تي هڪ گنبذ يا قبي سان مزين اڏاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ اندر وڃڻ لاءِ هڪ در به آهي جنهن کي ڏسندڙ جو ڌيان انهيءَ اڏاوت ڏانهن هڪدم ڇڪجي ويندو. دروازي واري گنبذ ۽ ڪمان جي ڊزائين هڪ غير معمولي ڊزائين آهي. منهنجو اهو پڪو خيال آهي ته انهيءَ ڊزائين جي، ساسانين جي محلاتن وارين اڏاوتن سان گهڻي قدر هڪجهڙائي آهي، ليڪن اها ڊزائين تغلق گهراڻي جي ڪن اڏاوتن سان پڻ مشابهت رکي ٿي. اها اڏاوت صرف هڪ ڪمرو آهي. اهو ڪمرو ڪهڙي ڪم لاءِ استعمال ٿي سگهيو ٿي؟ ان لاءِ چئي نٿو سگهجي . اهو بارود يا اسلحخاني لاءِ به ڪارگرڪين آهي، ٻيو ته انهن ڏينهن ۾بارود جو به ڪو وجود ڪونه هو.ته پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪنهن اهڙي سورمي جو مقبروهوندو، جو جنگ ۾ سورهيائيءَ سان وڙهي شهيد ٿيو هجي ۽ کيس اتي دفن ڪيو ويو هجي؟ سوال هي آهي ته هتي ته ڪو قبر جو نشان به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اهو ڪمرو اهڙو آهي جنهن کي هر طرف چار چار آسڻ آهن. منهنجو خيال آهي ته اهو ڪمروڪنهن اهڙي ماڻهو ءَ جي رهڻ جي جاءِ هئي،جو ڪلدار پل تي ڪم ڪندو هوندو. بهرحال، اهو ڪمرو ڪهڙي به ڪم ايندو هجي، ان جي تعمير جو وقت يقيناً ساڳيو اهو وقت آهي، جو اصلوڪي قلعي جي ٺهڻ جو هو.


(1)  اي. ايڇ الٽڪين، گزيٽيئر آف سنڌ پراونس، ڪراچي 1907ع مون کي اوچائي متعلق شڪ آهي پاڪستان سروي جي نقشي نمبر 13/0/35 ۾ 2000 ۽ 500 جي وچ ۾ اوچائي ڏيکاريل آهي

(1) اي .ڊبليو. هيگهيز، گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ لندن. 1876ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com