مسخري کلائي به ٿي ته ڪئين ڀيرا مارائي
مات به ڪرايو اٿس. چرچي ڪئين ڪهاڙيون ڪيرايون آهن.
نفس ڏنگو آهي لوڙهه سان ٿو وار ڪري. نادانيءَ جا
ٻه رخ آهن. هر ڪو سوڙ پاڻ ڏي ڇڪيندو آهي. ۽ اهڙيءَ
طرح پنهنجي قابليت جو ڌاڪو ڄمائيندو آهي. آخري سوڀ
نيٺ وڃيو سچ جي ٿئي. ڪوڙ سدائين ڪيرائيندڙ آهي.
ان کي چوندا آهن وارا ڄمارا. ڇيڳرائي ڇنندڙ آهي.
سئي سل ڪري سڳو لنگائي سبي ڳنڍيندي آهي، پر جي
بافتو ٿلهو نڪتو ته پاکوئي ڀڃيو وجهي. موٽ ۾ سبڻ
محال ۽ ڳنڍڻ مشڪل. گهاو کليل ۽ وائکا رهجيو وڃن.
تن اگهاڙيوڇڏين انگ بند نه ڪبو ته اڊڙندو ويندو.
ڳنڍڻ لاءِ ته چتيون به لڳائبيون آهن؛ پوءِ پيوند
پورو بيهي يا نه بيهي، ڀاڳ تي مدار ٿو رکي. مقصد
۽نيت ته پاڪ آهن. يعني ته من ڪجهه دير گڏ گذارجي.
تنهنجي قول موجب ته ڌاڳا سڀئي ڪَچا ٿا ٿين جهٽ ٽٽي
پوندا. اهي ئي اٿم، جي آڇيان ٿو. ٻيا ڪٿان آڻيان.
نيت تي ته نظرئي نٿي پوئي: تنهنجي اک ته عرش تي
پئي لڳي. وڃيو مال جو ملهه ڪرين. ڪک به لکن جا ٿا
ٿين. فقير جو تحفو سائو پن ٿو ٿئي. قدرقيمت نٿي
ڪرائي.
کيڏڻ لاءِ ميدان صاف کپي. مان تنهنجي راند
۾ وڏي رڪاوٽ بنجيو پوان. ڀاڙيي ڀيچيءَ کان ائين
ڀلي آهي. منهنجي منشا توکي وندر کان ورائڻ سان
وابسته ناهي. ڏکي راند ۾ ڪِرڻ جو انديشو ٿو رهي.
ڊپ ٿو ٿئيم ته ڪٿي سٽجي هڏ نه ڀڃائي وهين! پوءِ
ٽاڪورن مان ڪي ڪين ورندو. خير منهنجو مطلب مون
تائين محدود آهي، آئون ته تنهنجو گهڻگهرو ۽
خيرخواهه آهيان. تولاءِ ته ڏکيائيءَ جو ڪارڻ ٿيس.
پوءِ چيڪي مٽيءَ وارو ڀتر سمجهي اڇلي ڀڃي ڀوري
ڇڏينم ته آساني ٿيئي ۽ کلي راند کيڏي سگهين. نه
هوندس نه ڏسندس، ”نه رهندو بانس ته نه وڄندي
بانسري“. مڏو ٿڪل ڀيچي ڇڏي تازو توانوهٿ ڪر. ڪڏهن
ڪڏهن پراڻيون رانديون ياد ڪندي، ڪِريل هاريءَ تي
کلندو ڪج. ياد مان مزو به ماڻيندين ۽ سبق به
پرائيندين. انسان ڌڪ کائي ٿو سکي، پوءِ پنهنجا يا
پراوا، منهنجي اوڻاين مٿان مسڪراهٽ جو پردو پکيڙي
کين نظرانداز ڪري ڇڏ، ته احسان. جتي به هجين شل
سدا سوجهرو ۽ آباد هجين. شل ڪوسو واءُ نه لڳئه .شل
ڪنهن جوبه محتاج نه ٿين. آئون دنيا جي مهڻن کي
پيومنهن ڏيندس. مون قسمت جونه شڪوو ڪيو آهي ۽ نه
شڪايت، رضا تي راضي رهندس. ٻيو چاڙهو جو ڪونهي!
هاڻي خدا حافظ، الله نگهبان.
خواب.
ننڊ جي منظر۾ انساني زندگيءَ جي مختلف مسئلن جو
ظهور ۽ ترتيبي هلچل ۽ ڦرڻ گهرڻ کي خواب سڏيو وڃي
ٿو.اها رونق حقيقي آهي يا حقيقت آهي يا حقيقت جو
عڪس، ان باري ۾ هت بحث جي جاءِ ناهي. بهرحال، ننڊ
کي بيهوشي سڏجي يامدهوشي. عالم خودي يا بيخودي پر
يقيناً اهڙي نوعيت سڄاڳيءَ کان ڪئين ڪوهه پري ٿي
گذري.هي چارو نرالو آهي جتان جاڳندن جو گذر سفر
ڪونهي. خواب کي ڪئين لقب مليا آهن مثلاً: وهم،
گمان ۽ خيال. خواب ڇا آهي؟ جيڪي آهي سو هر ڪو
ڄاڻي ٿو. هر ڪنهن وقت آهر عمر ۾ ڪڏهن ڪونه ڪو خواب
ڏٺو هوندو. ڪي خواب ماٺا ته ڪن سان وري و ِڦل
شريڪ. گويا آرام ۾ پڻ ذهن ۽ زبان گڏ جي ڪم ڪن ٿا.
چوندا آهن ته خواب ۾ جيئرا وسوسا شڪل وٺيو اچيو
انسان اڳيان آڏو لهن. گويا خواب انساني سوچ جو عڪس
آهي، ننڊ غفلت جو عالم آهي اتي عقل ماٺو ٿو گذراي
۽ سمجهه سوجهرو نٿي ڏئي. اکين اڳيان اوندهه هوندي
به پاڇا پردي تي پيا پسبا. اهو حال حقيقت کان
خالي، غلطيءَ جي ٽنگن تي بيهي ٿو، پر ايترو ته
مڃبو ته اهو هڪ قسم جو وجود آهي. ڄڻ ته ستي پئي
سئنيما ڏسجي.
خواب عارضي آهي. سندس عمر نهايت ننڍي. جاڳ ٿي خواب
مئو، لاش به نه لڀندس. نشائي ٽٽيو پون. ان ڪري
ننڍا منظر خواب ليکيا ويندا آهن. جي سچائي به ڪا
معمولي جهلڪ ڏيکاري ته وهڃائيندڙ کيس خواب سان
تشبيهه ڏيندو آهي. انسان جي زندگي مختصر آهي ان
ڪري کيس خواب چيو ويندو آهي. يعني ڪوڙ. جتي به
چٽاءُ ناهي اتي حقيقت ڪانهي. خواب هڪ ليڪ آهي جا
پردي تي ايندي ئي ماضيءَ ۾ مٽجيو حياتيءَ جي ايوان
مان نڪريو وڃي. وقت جو اصليت سان رشتو ڪونهي. نقل
پنهنجي جاءِ تي نقل آهي.
گهَرائي اصل جي اندر کي کڻي نه به ڇهي، پر سندس
ٻاهر لڪايو ڇڏي. چرب زبان دلي جذبا رڱيو سندن اصلي
وجود وڃايو وجهي. لباس به ته ڪوڙ مٿان قلعي چئبو.
خدمت بيدلي به ٿئي ٿي. خادم جو خُلق ۽خلوص فريب به
بنجي سگهي ٿو، ڳڀروءَ جي ڳراهٽڙي هروڀرو عاشقانه
انداز ناهي. اگر اکيون باريڪي اختيار ڪن ته عقيدت
۽ الفت ۾ ڪافي، ڦوٽ پئجي وڃي، جيتوڻيڪ ٻنهي
جوساڳيو پڻ آهي ۽ ويجهيون عزيزياڻيون آهن. ظاهر
ٿيو ته هڪ کي ٻيو سمجهڻ سچي پروڙ نه رهي. ميخوار
جي نظر پيالي تي ٿي پوي. پر آبدارجي اک وڃيو
نقديءَ تي ڄمي. ساقي مسڪرائي جام وڌائي ٿو پر ان
ادا ۾ اصليت ڪانهي. ساغر هٿ تي پهچائيندي ئي هٿ
کيسي ڏي کڻندو، وڏي رحمت ٿي ته پني پينسل سان
فورً رسيد حاصل ڪندو. اهو انداز مصنوعي آهي، پر
رقاصه جو رقص ۽ تبسم پڻ ڌنڌو آهي. مغنيه جي مستي
پيشه پروري آهي. طوائف جي طرز تسليم ٿيل ناهي.
ملازم جا گهمرا ڪعبي جا طوائف ٿي نٿا سگهن، ناچوءَ
جون نظرون انجڻ جي هلچل. چمچن جي چلولائي، چبوتڙي
جا چڪر، ملمعو به آهن، جهڙيءَ طرح سياهه نقاب
سرخيءَ تي مذاق. مطلب ته صفائي سادگي ناهي. ٿڙِندڙ
نشئيءَ کي ساقي ساٿ ٿو ڏئي ته ميخانو خوار
ٿئي،گراهڪي نه گهٽجي. عاشقي لاطمع ۽ بيمقصد آهي.
بزار پرست کان پري. عشق اتاهون۽ اونچو آهي. سودگر
ساقيءَ وٽ مدهوش جي طلب بي وزن ٿي رهي. مراد
بيتوجهي نه، پر مقصد رسوائي روڪڻ آهي، ان امداد جو
آسرو پڻ پيدائش. اهڙيون لطيف وزنداريون صنعت کي
ترقي ڏياريندڙ آهن. انهيءَ ڪري آغوش ۾ اچن ٿيون
انجمن جو آداب هڪ ناقص جزوآهي. اهو طريقو محفل جو
شان ۽ عزت آب رهيا پر الفت نه. پيارمعصوم ۽ البيلو
نظر ايندو، ڌنڌي ۾ طَمع جا خيما کتل آهن. عشق
هرحال آجو آهي. عشق جي سلي کي سوز جو ڪيڙو کايوناس
ڪريوڇڏي، عشق ۽ عاشق ئي خواب. دنياداري سجاڳي.
آزمائش ڇا جي ۽ڪنهن جي؟ خواب سدائين خواب.
”مهراڻ“ جا موتي
·
سلطان سلجوقيءَ هڪ گورنر کي لکيو: ”معلوم ٿيو آهي
ته تنهنجي مجلس علم وارن ۽ دانشمندن کان خالي ٿي
چڪي آهي. تنهنجا خادم ۽ ڪارڪن توڙي نوڪر چاڪر،
بدچال ۽ بي ايمان آهن، حاجتمند تو کان مايوس ٿي
چڪا آهن. تنهنجي دولت وڌي وڌي انبار ٿي چڪي آهي.
ان مان هڪ پائي به ڪنهن سائل کي نه ملي آهي. توتي
تنقيد ڪندڙ جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، تنهنڪري توکي
معزول ڪجي ٿو.“
·
امير معاويه، پنهنجي زماني جي هڪ عالم، احنف بن
قيس کان پڇو ته زماني جو ڪهڙو حال آهي؟ فرمايائين؛
” زمانو تون پاڻ آهين، تون درست آهين ته زمانو به
درست آهي، تو ۾ بگاڙو آيو ته پوءِ زماني جي خدا
حافظ!“
·
حضرت عمر فاروق کي ڪنهن چيو” اوهان پنهنجي حفاظت
لاءِ ڪو دستو ڇو نٿا رکو؟ فرمايائين: عوام تي
اهوفرض ناهي ته هو منهنجي حفاظت ڪن، بلڪ مون تي
فرض آهي ته مان ماڻهن جي حفاظت ڪريان.“
·
هارون رشيد جي دور ۾ عبدالله بن مبارڪ هڪ مشهور
فقيهه ۽ محدث ٿي گذريو آهي، هڪ ڀيري،عراق جي شهر
رقهّ ويو، ته سندس آجيان لاءِ لکها ماڻهو اچي گڏ
ٿيا.اهو منظر ڏسي، هارون رشيد جي راڻيءَ، هارون کي
چيو: هي آهي حقيقي حڪومت ۽ خلافت جنهن کي ڏسڻ لاءِ
ساري دنيا اچي گڏ ٿي آهي. تنهنجي خلافت به ڪا
خلافت آهي، جو جيستائين تنهنجي پوليس، ماڻهن کي
ڏنڊا وسائي، سندن مٿو نٿي ڦاڙي، تيستائين ڪوهڪ
ماڻهو به تنهنجي استقبال لاءِ نٿو اچي!“
·
علامه تفتا زانيءَ متعلق، شڪايت ٻڌي، امير تيمور،
قاصد کي چيو: ” ته مان ان شخص لاءِ ڇا ٿو ڪري
سگهان، جنهن جو علم۽ قلم، هر شهر کي منهنجي تلوار
کان اڳ فتح ڪري چڪو آهي!“
·
امام ابو حنيفه، ڏٺو ته هڪ شخص برسات ۾ تيز ڊوڙندو
ٿي ويو، فرمايائونس ته بابا، سنڀالي هل ته پير َ
نه ترڪي وڃنئي! – جواب ۾ وراڻايائين: ” امام صاحب،
منهنجا پير ترڪيا ته ان کان ڌڪ رڳو مون هڪ کي
ايندو. اوهان علم جي گپ ۽ ترڪڻ تي هلي رهيا آهيو،
اوهان سنڀالي قدم کڻو، اوهان جي ڪرڻ ۽ ترڪڻ سان
دنيا کي نقصان پهچندو، احتياط اوهان کي ڪرڻ گهرجي.
·
يزيد بن عبدالملڪ جي گورنر، عمر، هڪ ڏينهن، حسن
بصريءَ کي چيو ته مون کي ڪا نصيحت ڪريو.
فرمايائون؛ ” يزيد حاڪم جي معاملن ۾ خدا جو خوف
رکجانءِ، پر خدا جي معاملي ۾ يزيد جو خوف نه
رکجانءِ“
·
هارون رشيد ۽ سفيان ثوري ننڍي عمر کان هڪٻئ جا
دوست هئا، بادشاهه ٿيڻ تي حضرت سفيان ثوري، دربار
کان ڪناره ڪش ٿي ويو، هارون رشيد کي خط لکي، دربار
۾ اچڻ جي دعوت ڏني ته مان” اوهان لاءِ منتظر
آهيان“ . جواب ۾ لکي موڪليائون: ” تون شاهانه شوڪت
سان رهين ٿو، بيت المال ۾ خيانت ڪرين ٿو. تنهنجا
امير ۽وزير شرابي آهن، اهي پاڻ چوري ڪن ٿا، پر ٻين
جا ٿا هٿ وڍائين. تون چاهين ٿو ته مان تو وٽ اچان
۽ اهو سڀڪجهه اچي پنهنجي اکين سان ڏسان ۽ تنهنجي
خلاف قيامت تي شاهدي ڏيان. ياد رک، حساب جي ڏينهن
توکي رسن سان ٻڌي، ذليل ڪري گهلي آڻيندا، تون سڀني
جي اڳيان هوندين ۽ تنهنجا امير ۽ وزير تنهنجي
پٺيان هوندا. آينده مونکي ڪوبه خط نه لکجانءِ“
·
منصور عباسيءَ، هڪ ڀيري امام جعفر صادق کي دربار ۾
طلب ڪري، کين نهايت احترام سان پنهنجي تخت تي
ويهاريو ۽ عرض ڪيو، ڪا ضرورت هجي ته مون کي ٻڌايو؟
فرمايائون: ها منهنجي فقط هڪ خواهش آهي ته مون کي
يهر ڪڏهن به ياد نه ڪيو وڃي“ ائين چئي پاڻ تخت
تان لهي هليا ويا.
·
هڪ ڀيري روزي ڇوڙڻ وقت حضرت عليءَ وٽ، مهر ٿيل
ٿيلهيون آنديون ويون. هڪ شخص پڇا ڪئي ته کاڌي پيتي
جي چيزن کي هن طرح ٿيلهيءَ ۾ ڇو بند ڪيو ويو آهي،
۽ انهن تي مهرون ڇو هنيون ويون آهن؟
فرمايائون:” انهن ٿيلهن ۾ جَونَ جا سَتو پيل آهن،
انهن تي مون مهر ان ڪري هڻائي آهي، جيئن منهنجي
فرزندن مان، يا ڪو ٻيو بيت المال جو ملازم، انهن ۾
گيهه ۽ مٺاڻ نه ملائي ڇڏي! ان احتياط جي ڪري
مهرون هڻندو آهيان.“
علمي خط
مستعار خيالات
گرامي قدر گرامي صاحب
انهيءَ ڏينهن اوهان فرمايو هو ته مستعار
خيالات وارو منهنجو ڪو اڳ ۾ ڇپيل مضمون اوهان کي
پسند آيو هو ۽ اوهان اهڙا مضمون مهراڻ ۾ شايع ڪرڻ
گهرو ٿا. مون واعدو ڪيو هو سو اڄ پورو ڪريان ٿو.
انسان جو ذهن ساڳيو آهي. ڌرتيءَ جي ڪنهن
به ڀاڱي ۾ رهي ان جا جذبات ۽ احساسات بنيادي طور
تي ساڳيا هوندا آهن. انساني فڪر جي ڪا انتها
ناهي، پر تنهن هوندي به ڪن ڪن حالتن ۾ دنيا جا
اديب، شاعر ۽ مفڪر هزارن ڪوهن جي مفاصلي تي، هڪ
ٻئي جي ٻوليءَ ۽ خيالات کان بي خبر هوندي به،
ساڳئي نموني سوچيندا آهن ۽ ساڳي ڳالهه ڪندا آهن.
مختلف ٻولين جا شاعر ساڳيو خيال، ساڳيوجذبو ۽
ساڳيو احساس پنهنجي شاعريءَ ۾ ساڳي ئي نموني ۾
بيان ڪري ويا آهن.
مشرقي شاعريءَ ۾ اها خاصيت وڌيڪ نمايان
آهي. انهيءَ ڪري اسانجي جهوني تنقيد ۾ سرقه،
توارد، استفاده، ۽ استحصال بالجبر جهڙا اصطلاح ملن
ٿا. انهن سڀني اصطلاحن کي ڇڏي، هن سلسلي ۾ اسان کي
ڏسڻو آهي ته مختلف ٻولين ۾ ساڳيا خيال، ڪهڙن ڪهڙن
نمونن ۾ لکيا ويا آهن. شاگرديءَ واري زماني ۾ اهڙن
قصن سان وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي، جي ڪنهن شعر سان
تعلق رکن ٿا. اهڙن قصن ۽ واقعن جي تاريخي پهلوءَ
کان پاسو ڪري رڳو شاعريءَ واري پهلوءَ تي ويچار
ڪرڻ کپي ۽ اهڙن واقعن سان واسطو رکندڙ شاعريءَ کي
شاعريءَ جي معيار تي پرکي نتيجو ڪڍڻ کپي.
اهڙوئي هڪ واقعو روايتن ۾ آيل آهي ته هڪڙي
ڀيري جهانگير ۽نورجهان ڪجهه وقت تائين هڪ ٻئي کان
جدا جدا رهيا. پاڻ ۾ محبت وڌيڪ هئن. جڏهن جهانگير
موٽي آيو تڏهن ڏسڻ شرط نورجهان جي اکين ۾ لڙڪ اچي
ويا. اهو ڏسي جهانگير جي واتان جيڪي لفظ نڪتا سي
هڪڙي مصرعي جي صورت ۾ هئا:
گوهر ز اشِڪ چشم تو غلطيده مي رود
(تنهنجي اکين مان لڙڪ ڪهڙي چمڪ سان وهن ٿا)
نور جهان جي حاضر جوابي پڻ مشهور آهي. انهيءَ فورً
مصرعي جو جواب ڏيئي شعر کي پورو ڪيو، هن طرح:
آبي ڪه بي تو خوردهه ام ازديدهه مي رود
(جيڪو پاڻي توکان جدا رهي پيتو اٿم، سو هينئر
منهنجي اکين کان وهي رهيو آهي.)
ڪيترو نه نازڪ احساس آهي انهيءَ شعر۾. ڪجهه عرصي
کان پوءِ احمد نديم قاسميءَ جو هڪ قطعونظر مان
گذريو ۽ ڏاڍو وڻيم- اهو هي هو:
رونا مرا ڪچهه بُرا نهين هي
شايد ترا راز
مجهه په کهل جائي
روتا هون ڪه شايد آنسوؤن سي
آنکهون ڪا
مري غبار دهل جائي
قطعوپڙهيم ته نورجهان واري شعر کان وڌيڪ
لطف آيو، پر اهو لطف گهڻي وقت تائيين قائم نه
رهيو. ٿيو ائين جو هڪ ڏينهن غلام علي (آزاد)
بلگراميءَ جو مشهور تذڪرو ” سروِ آزاد“ پڙهي رهيو
هوس، تڏهن هن جي هندي شاعريءَ واري ڀاڱي ۾ هڪڙي
روايت تي نظر پئي- لکيو ويو هو ته اورنگزيب جي
زماني ۾ حصار جو حاڪم شيخ محمد فراملي هو، جو
هنديءَ جو شاعر هو ۽ جنهن چمپا نالي هڪ عورت سان
ان جي حاضر جوابيءَ جي ڪري شادي ڪئي هئي ۽ ٻئي گڏ
شاعري ڪندا هئا، ۽ پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئن. اتفاق سان
هڪ ڀيري جداٿيا ۽ ڪجهه زماني بعد گڏيا ته چمپا جي
اکين مان لڙڪ وهي پيا. چمپا جي اهڙي حالت ڏسي،
شيخ فراملي جي واتان جيڪي لفظ نڪتا سي سورٺي جي هڪ
مصرع هئي:
ڪمي درگ ڏهري سُنار، مم آيو ڀايو نهنين
(اي سونهن ڀري عورت، تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها سٺا نه
ٿا لڳن)
چمپا يڪدم سورٺي کي مڪمل ڪري جواب ڏنو ته :
لنيمين نين پڪار، مَلِن هتي تو درس بن
(منهنجون اکيون ميريون هيون، تنهنجي ڏسڻ لاءِ ڌوئي
صاف ڪيم)
هن واقعي جي پڙهڻ بعد مون کي خبر پئي ته
احمد نديم قاسميءَ جو قطعو ڪيئن ۽ ڪٿان اُسريو
آهي.
مشرقي شاعريءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي. هڪ
مضمون مختلف زمانن ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾
آندو آهي. ۽ جڏهن ته مضمون جو حق ادا ڪيو اٿن،
تڏهن اهڙن شعرن کي سرقو نه سمجهيو ويو آهي، بلڪ
ڪڏهن استفادو ۽ ڪڏهن استحصال بالجبر سڏيو ويو
آهي. ساڳئي مضمون جا ٻيا به ڪيترائي شعر آهن، جي
مان بنا ڪنهن ترجمي جي لکان ٿو . ” سروِ آزاد“ ۾
ضيا بلگراميءَ جوشعر آهي:
قطره مئي ڪہ لبي، بي تو چشيدن گيرد،
به گلونا شدهه از چشم چڪيدن گيرد
حافظ جو مشهور شعر ته اوهان ٻڌو هوندو. مضمون
ساڳيو آهي.
غسل از اشڪ زدم ڪ اهل طريقت گويند،
پاڪ شو اول و پس ديدہ برآن پاڪ انداز.
اقبال به انهي مضمون کي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي:
برائي ديدن روئي تو مي ڪنم پاڪش،
نگاه شوق بَه جوئي سرشڪ مي شويم.
انهيءَ موقعي تي هڪڙو ٻيو شعر ياد پيو
اچي. مضمون ٿورو ڦريل آهي، پر تاثر ۾ ڪوبه فرق
ڪونهي:
چشم مخمور تو گويا ست ڪر صهبازده،
نوش جان باد دلي حيف ڪ بي مازده،
جوش مليح آباديءَ جي اوائلي دور واري هڪ
نظم” اشڪِ مسرت“ آهي، جو ان جي پهرئين مجموعي ”
روحِ ادب“ ۾ شامل آهي. برسات جي مند ۾ هڪڙي عورت
پنهنجي مڙس جي انتظار ۾ در وٽ ويٺي نهاري، نا
اميديءَ جي حالت آهي، ته اوچتو انهيءَ ڪيفيت ۾ مڙس
اچي وڃي ٿو، ان کي ڏسي ( نورجهان وانگر) ان جي
اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا، مڙس پڇي ٿو ته هي ته
خوشيءَ جوموقعو آهي تون روئين ڇو ٿي؟ تڏهن هن جواب
ڏنو ته:
پرده اشڪ ۾ مسرّت هئي _ آج انکهون ڪا غسل ِ صحّت
هئي
اوهان ڏٺو ته ڪيئن هر شاعر پنهنجي انداز، پنهنجي
نموني پنهنجي حال ۽ جذبي مطابق ساڳئي مضمون کي
نباهيو آهي. اميد ته اوهان کي هي شعر ضرور وڻندا.
اوهان جو
- الياس عشقي ، حيدرآباد
قديم ڪتبخانه
اڄ اسان سمورن قصن ڪهاڻين،شڪايتن ۽ حڪايتن
کي ڀرپور ۽ پاسيرو رکي، صرف سرسبز سنڌ جي قديمي
ڪتبخانن متعلق گذارش ڪرڻ گهرون ٿا.
اسان جي سنڌ جا وهندڙ، علمي ۽ ادبي چشما،
جيڪي اڄڪلهه جاهليت جي دز سان آهستي آهستي ڍڪجي
رهيا آهن، تن جا سوين سبب آهن: هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا
لکجن؛ ڪنهن کي ڏوهه ڏيئي ڪنهن کي ڏجي. ملڪ ۾ مومل
جي ماڙيءَ وارو معاملو متل آهي، ڪيئي راڻا راهه ۾
رلندا وتن ٿا!
هونءَ به اسان جي ملڪ ۾، علمي ۽ ادبي دنيا سان
ماڻهن جو تعلق گهٽ آهي. ڇو ته اسان جي عوام جي
جهالت، اهل ذوق جي قلت، قدردانن جي ڪميءَ ۽
سرمايدارن جي بي توجهيءَ ڪري، علمي دنيا کي ڪاپاري
ڌڪ لڳو آهي!
سنڌ جي سرزمين، اسلامي تاريخ ۾ باب
الاسلام جي نالي سان ياد ڪبي آهي، ۽ اها حقيقت
آهي ته سنڌ، علم ۽ فضل، تعليم ۽ تبليغ، ارشاد ۽
هدايت جي معاملي ۾ هميشہ سرفهرست رهي آهي. هن ملڪ،
ماضي بعيد يا ماضي قريب ۾، ايڏيون هم گير هستيون
پيدا ڪيون آهن، جن جو مثال ٻيو ڪوبه ملڪ مشڪل سان
پيش ڪري سگهي ٿو.
مگر اڄ جڏهن سنڌ، جي تابناڪ ماضيءَ ۽ حيرت
انگيز علمي ۽ تبليغي سر گرمين ڏانهن نظر ڪندي،
موجوده حالت ڏانهن توجهه ڪجي ٿو ۽ اڄوڪو افسرده ۽
علم کان بيگانو ماحول ڏسجي ٿو، تڏهن بي اختيار دل
مان دانهن نڪريو وڃي. اڄ سنڌ جا ديني مدرسا، ديني
ڪتبخانه ۽ ديني آستانه انتهائي سقيم حالت ۾ آهن.
اها سنڌ، جيڪا ڪتبخانن جي اعتبار سان به
دنيا ۾ مشهور ۽ معروف هئي، انهن جا ڪتاب، زماني جي
دستبرد ۽ پونين جي غفلت ۽ بي توجهيءَ جي ڪري تباهه
ٿي رهيا آهن. ڪتبخانن جي اعتبار سان ٺٽو، سجاول،
بٺورو، سکر، کهڙا، شڪارپور، ولهاري، دادو،سيوهڻ،
پيرجهنڊو ۽ لاڙڪاڻو شهرت جي آسمان تي هئا. اڄ خبر
ناهي ته انهن ڪتبخانن جي وارثن انهن سان ڪهڙو سلوڪ
ڪيو هوندو.
پير جهنڊي جي ڪتخاني جيُ اها شهرت هئي، جو
ماڻهو پري پري کان ان جي معائني لاءِ ايندا هئا ۽
ڪتابن جي انهيءَ روح پرور ذخيري مان دل ۽ دماغ کي
تازگي ۽ طراوت ڏيندا هئا. انهيءَ ڪتبخاني ۾ مولانا
عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق، والد سائين
مرحوم ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جااڪابر اچي مستفيض ٿيندا
هئا. امام الهند مولانا . ابوالڪلام” آزاد“ جهڙي
جليل القدر عالم به انهيءَ ڪتبخاني کي خراج عقيدت
پيش ڪيو آهي، مگر افسوس جو اهو ڪتبخانو به اڄ
پنهنجي رواجي آب وتاب سان نه رهيو آهي. ظاهر آهي
ته اهڙو عظيم الشان ڪتبخانو به جڏهن پنهنجي اصلي
صورت قائم نه رکي سگهيو ، ته پوءِ باقي ٻين شهرن
جا ڪتبخانه جتي ڪونه اهل علم يا اهل قلم نٿو
ٻُڌجي، انهن جو ڇا حال ۽ حشر هوندو؟
اهڙيءَ طرح مدرسي مظهرالعلوم کڏه جو
ڪتبخانو پڻ امتيازي حيثيت رکي ٿو. مولاناالهورائي
بروهي جي هڪ مضمون مان معلوم ٿيو آهي ته اتي به
قلمي ڪتابن جو خاطر خواهه ذخيرو موجود آهي.
ڪاش! مدرسي جو جوانساله مهتمم، مولانا
حافظ محمد اسماعيل ۽ مدرسي ڄو اهل قلم ناظم
مولانا الهورايو بروهيءَ، توجهه ڏيئي، انهيءَ
ڪتبخاني کي جديد دور جي تقاضائن جي پيش نظر
سنوارين ۽ سينگارين.----- علي نواز (وفائي) ايڊيٽر
(آزاد) ڪراچي.
پاتال جو تاريخي شهر
325ق. م جي زماني ۾، سڪندر اعظم، پنجاب مان ٿيندو،
سنڌ ۾ پهتو. سنڌونديءَ جي دوآبي واري هڪ شهر ۾ به
آيو، جنهن جو نالو، يوناني تاريخ نويسن، ” پٽالين“
ڪري لکيو آهي. ان مان مراد لاڙ جو هڪ شهر آهي.
شاهه لطيف جي رسالي جي ڏهر ۾ هيٺيون (شهر) موجود
آهي:
صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون،
پن ٻوڙين ’پاتال‘ ۾، پهڻ تارين تون،
جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان!
ان شهر لاءِ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”عشقيه داستان“ جي ص 4 ۽
19 تي لکيل آهي ته ”پاتال، لاڙ جو هڪ تاريخي شهر
آهي، جو تحقيق طلب آهي.“
تاريخ ”قديم سنڌ“ ___ ڀيرومل مهرچند- ص
169موجب، ” پاتال“ سنڌ جو قديم زماني ۾ ناميارو
بندر هو. سڪندر جي وقت ۾ به بندر هو. يوناني مورخن
” پاتال“ ڪري ڄاڻايو آهي، اهو بندر ڪراچي ضلعي
واري لاڙ ۾ هو.
ميجر جنرل هيگ، پنهنجي ڪتاب ” انڊس ڊيلٽا
ڪنٽري“ جي صفحي 20 ۾ انهيءَ پاتال بندر جو ذڪر ڪيو
آهي.
وڏيرو محمد قاسم پتاڻي، جنهن جي عمر 100
سالن کان مٿي هئي، تنهن ٻڌايو ته بابا، ٻي ڪا خبر
اٿيئي: جتي ڪچهري ڪري رهيا آهيون ، اتي ڪنهن زماني
۾ وڏو بندر هو!“ وڏا چوندا آيا آهن ته سڪندر به هت
آيو هو. ان ڳالهه ان شهر لاءِ توجهه ڇڪايو. اتي
ڏٺو ويو ته قبرستان آهي، جو زير آب آهي ۽ صرف هڪ
قبر ظاهر آهي، جنهن تي يوناني سپاهي، تلوار ڀالي ۽
ڍال سان تيار بيٺو آهي. اهو مڪان ديري مير جو آهي.
سيد بچل شاهه زميندار، ديهه مير بحر، نزد سونڊا
واري جو ڳُوٺ آهي. ان قبر وٽ ڪيترن ماڻهن سِڪا لڌا
آهن.
حضرت سيد بچل شاهه زميندار، جنهن جي عمر80
ورهين کان مٿي آهي، هو حافظ، قاري، ۽ عامل قرآن
آهي. شاهه صاحب جي ڀائٽي کان هڪ سڪو مليو آهي،
جنهن تي يونانيءَ جي تلوار، ڀالو ۽ ڍال ڏنل آهي،
ٻئي پاسي يوناني ٻولي ڏنل اٿس. شاهه صاحب ڳالهه
ڪئي ته ڪنهن زماني ۾ هت بندر هو. سِڪو بنده وٽ
محفوظ آهي.
شاهه عبداللطيف جو رسالو، سنڌي ٻولي ۾ هڪ
دستاويز آهي. ان جو __ سر ڏهر، ڪارايل، ڪاموڏ،__
نوريءَ جا سر آهن. يونانيءَ جي قبر ۽ سڪو، شاهه
صاحب جو رسالو، ۽ مذڪور تاريخون ثابت ڪن ٿيون ته
اهو ” پاتال“ ، لاڙ جو شهر آهي.
وڌيڪ تاريخ جي محققن کي عرض آهي ته تحقيق ڪن ته
جاءِ اها آهي يا ٻي.
عبدالله (عبد)، سونڊا |