سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :3

مخدوم محمد زمان صاحب”طالب الموليٰ“

هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه صاحبرحه

(تاريخ جي روشنيءَ ۾)

آسائش – دو گيتي تفسير اين دو حرف ست،

با دوستان تلطف با دشمنان مدارا

                                             (حافظ)

     جڏهن کان وٺي شاهه لطيفرحه جي ڪن سوانح عمرين ۾، ”وقت جي ڪن ماڻهن جون  مخالفتون“ عنوان تي نظر پيم، تڏهن کان اهو خيال درپيش هوندو هو ته اسان جي خاندان جي بزرگن ۽ شاهه ڀٽائي رحه جي تعلقات جي باري ۾، جي روايتون غير مستند نموني ۾“ ڪتابن ۾ شايع ڪيون ويون آهن، انهن جي وضاحت تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڪجي، ويتر جو ويجهڙائيءَ ۾ عمويم مرحوم مولوي غلام حيدر صاحب قدس الله سره جو حاشيو، ”لطف اللطيف“ جي اوراق تي پڙهيم ، تنهن هيڪاري منهنجي همت افزائي ڪئي، ۽ منهنجي خيال کي عملي جامو پهرائي، هن موجوده تحقيق جي روپ ۾ آندو.

     عمويم صاحب رحه جن هن طرح رقمطراز ٿيا آهن:  ”مخدوم صاحب هالن وارن جي شاهه صاحب سان اختلافن جو ذڪر، جو ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي، اسان وٽ خانداني روايات ۾ اهڙو مطلق ڪونهي . سروري خاندان ۾ هميشه کان اهلبيت جو ادب اتم در جي جو رهندو آيو آهي. سيد اجن شاهه جي اختلاف بابت به ڪا خانداني روايت ڪانهي.“

     اميد ته هيءَ مختصر وضاحت ،اهڙين غلط روايتن جو ازالو ثابت ٿيندي..

طالب المولي

        تاريخ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن تحقيق ڪبي ته اهو آسانيءَ سان معلوم ٿيندو ته (سروري خاندان)  سر زمين سنڌ تي ابدي سڪون ۽ لافاني محبت جو پيغام آڻي، خدا جي خلق جي خاصي خدمت ڪئي.غوث الحق حضرت مخدوم نوح رحه جا حالات قلمبند ڪندي، محترم جي ايم سيد، پنهنجي تصنيف ”پيغام- لطيف“ جي صفحي 85 ۾ ڄاڻايو آهي ته ” پاڻ وقت جي سياست کان جدا رهي، صرف خلق الله کي روحاني فيض ڏيندا هئا.“

        هاڻي هن فيض ابيض جي سرچشمي مان فيضياب ٿيل به ضرور اهڙي سروري رنگ ۽  اخلاق سان سينگاريل هوندا. ان بعد سروري خاندان جي اولاد امجاد کي اهائي وصيت ڪيل هئي، ته ” اوهان خلق الله جي خدمت ۾ محو ٿيو، ۽ لوڪ جي ٻين لياڪن کي ترڪ ڪري ، پنهنجو روح رحمان سان ريجهايو.“ هن ارشاد تي باعمل ٿيندي، اسان جي دود مان جا دلاور، هميشه صلح پسند ۽ امن خواهه رهيا آهن، پر جا ڳالهه اسلام جي اصولن جي خلاف سمجهيائون، تنهن جي ڏاڍي سهڻي پيرايي ۾ مخالفت ڪيائون، هو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي.

        مخدوم مير محمد ڇهه پاڳيي رحه جي ڏينهن ۾، شاهه عنايت سڳوري، جهوڪ واري جي شهادت واقع ٿي. حڪومت پنهنجي جبر و استبداد جي وسيلي، سنڌ جي سڀني سر بر آورده گادين ۽ علماءَ ڪرام کان، صاف صوفيءَ جي خلاف فتوا ورتي. اها ڳالهه مستند ۽ محقق آهي ۽  جهوڪ شريف وارن صوفي بزرگن ۽ سجاده نشينن وٽ به خانداني روايت طور ثابت ٿيل آهي ته مذڪور مخدوم صاحب، حڪومت جي گماشتي کي هنن نرم لفظن ۾ جواب ڏنو ته ”صوفي صاحب جي پاران ته سر اڏيءَ تي رکڻ گهرجي، مگر جيڪڏهن موجوده ماحول مطابق ائين ٿي نٿو سگهي ته به اسان هن فتوا تي صحيح وجهي، الله اڪبر جو ناراضپو سر تي نه کڻنداسون! “ – سو اهڙي مخدوم صاحب لاءِ ائين لکڻ ته – تاريخ جي ڪتابن ۾ شاهه صاحب سان جيڪي مخالفت جون آکاڻيون اچن ٿيون، سي گهڻو ڪري مخدوم مير محمد صاحب جي زماني جون آهن. اهو بزرگ، حضرت پير مخدوم نوح عليه الرحمته جو چوٿون گادي وارو هو، پر ڪن تاريخ لکندڙن، هن صاحب کي (پنج پاڳ پير) لکيو آهي . هوڏانهن  پنجون پڳدار سندس فرزند مخدوم محمد زمان هو. “ (لطف اللطيف) – حقيقت جي خلاف آهي . خبر ناهي ته لکندڙن، ڪهڙن تاريخ جي ڪتابن تان اهو احوال ورتو آهي: مگر اسان جي تحقيق موجب، اهو سارو احوال، شاهه صاحب جي اڳئين سوانح نگارن تان، تنقيد ۽ تحقيق کان سواءِ ورتو ويو آهي.

        سن 1882ع ۾، ديوان ڏيارام گدومل (سگما) ، پنهنجيءَ ننڍڙيءَ تاليف  بعنوان (سنڌ بابت ٿورو ذڪر) ۾ مخدوم صاحبن ۽ شاهه صاحب جو احوال آندو آهي. مگر هن صاحب ته مخدوم محمد زمان صاحب (ست پاڳيي) کي پنج پاڳيو ڪري ڄاڻايو آهي، جنهن جي مخالفت ديوان ليلا رام وطڻمل لعلواڻيءَ ، پنهنجي معروف انگريزي تصنيف، شاهه لطيف جي حيات مذهب ۽ شعر“ ۾ ڄاڻائي آهي، ۽ هن حقيقت جو انڪشاف ڪري ڇڏيو  اٿس. ديوان صاحب فرمايو آهي ته انهن صاحبن کي، جي شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي حياتين مان واقف، بخوبي معلوم هوندو ته مخدوم نوح ۽شاهه ڪريم جو پاڻ ۾ ڪيترو نه گهاٽو تعلق رهيو آهي . . .(سگما) چونڪ حقيقت تي مبني نه آهي.“ (ص: 15 ۽ 16 ) ان بعد ديوان صاحب، پنهنجي رنگ ۾ثبوت ڏيئي، ۽ پراڻا هالا جي قديم نسخن تان جاچ جوچ ڪري، اهو ڄاڻايوآهي ته مخدوم محمد زمان صاحب ، شاهه لطيف جو پورو همعصر نه آهي، مگر مخدوم مير محمد ” مير پير“ ان جو پورو همعصر آهي.

        ان بعد مرحوم مرزا قليچ بيگ ، پنهنجي سنڌي تصنيف ” احوال شاهه عبداللطيف“، جي ص 22 ۾شاهه صاحب جي مخالفت جو ذڪر ڄاڻايو آهي ۽ لکيو اٿس ته: ”شاهه صاحب جاٽي مخالف هئا.“ جن ۾ اسان جي خاندان ڏانهن به اشارو اٿس. آنجهاني ڊاڪٽر گر بخشاڻيءَ هن ذڪر ۾، مرحوم مرزا صاحب جا هوبهو الفاظ، تمام ٿوري ڦير گهير سان، پنهنجي ”مقدمه لطيفي“ جي ص 39 ۾ آندا آهن.

        مذڪوره سوانح نگارن کان سواءِ، اسان کي اهڙي عنوان جو پرو، ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو معلوم ٿئي. غوث الحق مخدوم نوح رحه کان وٺي لطيف رحه جي وقت تائين، جي دستارون ٻڌايون ويون آهن، سي حسب ذيل آهن:

(1)   دستار پهرين _ غوث الحق مخدوم نوح رحه 911هه_ 998هه

(2)  دستار ٻي_ مخدوم امين محمد اول رحه 952هه _ 1015هه

(3)   دستار ٽين _ مخدوم ابو الخير عرف ابوالمحمد رحه980هه _1050هه

(4)  دستار چوٿين _مخدوم عبدالخالق رحه 1030هه _ 1081هه

(5)  دستار پنجين_ مخدوم محمد زمان رحه اول 1055هه _ 1117هه

(6) دستار ڇهين _ مخدوم مير محمد رحه 1099هه _ 1149هه

(7)  دستار ستين _ مخدوم محمّد زمان رحه دوم 1119هه _ 1184هه

جيئن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه 1102 هه ۾ متوّلد ٿيا، ۽ 1165هه ۾ انتقال ڪيائون، ته پاڻ هن حساب سان اسان جي دستار نمبر ستين جي دور تائين حيات هئا. “ لطف اللطيف“ ڪتاب جي تحقيق موجب _ شاهه صاحب جا همعصر، هڪ مخدوم مير محمد (ولادت 1095 هه وفات 1149هه)، ۽ ٻيو مخدوم محمد زمان اول(ولادت 1119هه _وفات 1184هه) جن هئا“ نه اها تحقيق، تحقيق طلب آهي. هڪ ته مخدوم مير محمد رحه جن جي ولادت جو سن 1099 هه آهي ۽ نه 1095هه جيئن مٿئين ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ٻي جا وڏي غلطي تحقيق ۾ ڪئي ويئي آهي، سان هيءَ آهي ته مخدوم محمد زمان اول ڄاڻايو ويو آهي. مخدوم محمد زمان اول و دوم، جن جي وفات خواهه ولادت جون تاريخون، اوهان کي بخوبي معلوم ٿي ويون هونديون، جي مٿي ڏئي چڪا آهيون.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي (مقدمي) واري احوال ته _ ” شاهه صاحب عبداللطيف جا مريد زياده ٿيندا ويا. اها ڳالهه آسپاس وارن پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي. سندن سيني مان حسد جي باهه ڀڙڪي. انهن مان هڪڙا هئا هالا واري پير مخدوم نوح رحه جو اولاد، جن مان پير پنج پاڳيو، تن ڏينهن ۾ گادينشين هو. “ جنهن جو جواب، جناب مولائي شيدائي، پنهنجي محققانه تفتيش ۾ ائين ڄاڻايو آهي ته مٿيون بيان، ڊاڪٽر صاحب، شاهه عبداللطيف رحه جي زندگيءَ جي ان دور متعلق ڏنو آهي، جڏهن شاهه ڀٽائيءَ رحه مغلن مان شادي ڪئي هئي. اهو بيان غلط آهي. ويهن سالن جي عمر ۾شاهه ڀٽائي رحه ، مرزا مغل بيگ جي ڌيءَ کي ڏسيءَ ، مٿس عاشق ٿئي ٿو، ۽ 1124هه ۾ مغل بيگ، دل قوم هٿان مارجي وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ شاهه سائين ، مغل بيگ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ٿو، ۽ سندس مريدن ۾ واڌارو ٿيڻ لڳي ٿو. هوڏانهن مخدوم محمد زمان، پنج پاڳيو،1117هه ۾ وفات ڪري ٿو، جڏهن شاهه صاحب جي عمر 15 سال هئي.

        _ ” لطف اللطيف“ ڪتاب ۾، مخدوم مير محمد رحه کي چوٿون نمبر پڳدار ڄاڻايو ويو آهي، حالانڪه مخدوم صاحب مذڪور ”ڇهه پاڳيو“هو  ۽ نه چوٿون. ڇوٿين نمبر دستار مخدوم عبدالخالق رحه جي سر تي مزّين هئي.

        نور محمد ڪلهوڙي جي ذڪر ۾ ، ڪتاب لطف اللطيف ۾ اهو به ڄاڻايو ويوآهي ته ” شاهه صاحب کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب جن به ساڻس شامل هئا، ۽ مخدوم عبدالروف ڀٽي بزرگ هلائي جي ذريعي اهو ڪم ڪرايو ويو هو.“ مرحوم محمد صالح ڀٽي، اسان سان روبرو اچي ذڪر ڪيو هو ته ڪتاب لطف اللطيف ۾ اهل الله جا جڙتو قصا پيش ڪيا ويا آهن، انهن جو مان جواب ڏيندس، ۽ اهڙي قسم جي ڳالهه هو پنهنجن ٻين ادبي دوستن سان به ڪندو هو. مخدوم عبدالروف ڀٽيءَ جهڙي بزرگ مداحه رسول،کان اهڙو ڪڌو ڪم ٿيڻ ناممڪن آهي. ايتري تحقيق بعد، اسان به خيال جا آهيون ته اهڙين ڳالهين درج ڪرڻ ۾، شاهه لطيف جي ٻين متقدمين سوانح نگارن وانگر ٻين به افراط کان ڪم ورتو آهي، ۽ نه تاريخي تحقيق کان. مگر شڪر آهي رب جو،جو آنجهاني ديوان ليلا رام، 1890ع ۾ ئي ، انهن روايتن جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. مگر افسوس آهي ته هن ويچاري جي ته قيق ڏي ڪنهن جو به ڌيان مبذول نه ٿيو آهي: ورنه اسانجو رستو، ڀٽائي پيرن سان ائين ئي قرب ۽ محبت وارو رهيو آهي، جيئن مخدوم نوح رحه جي ڏينهن ۾ هو.

        پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ، پنهنجي محقق تصنيف، ”شاهه“ جي ص 30 تي ڄاڻايو آهي ته_ ”شاهه حبيب ، پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو هو ۽ رات_ ڏينهن پيو ڌڻيءَ جي در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ کيس وري سلامت ملي:

                ڪڏهن ڏسنديس روءِ، وري هن اکين سان!، (سر سامونڊي) مخدوم نوح جي درگاهه تي به هر روز اهائي دعا پنندو هو.“ _ اها روايت، ٻين به سڀني لطيف جي سوانح نگارن آندي آهي.

ازان سواءِ اها به تاريخي حقيقت آهي، ته جن درگاهن سان لطيف سائينءَ جي عقيدت زياده هئي، انهن مان هڪ غوث الحق جي به درگاهه آهي، جتي ڪيترا ڀيرا شاهه صاحب اچي چلا ڪڍيا  آهن، ۽ رياضتون ڪيون آهن، ازان سواءِ، شاهه صاحب جي رسالي مان پڻ (سروري خاندان) جي محبت  ۽ پريت جو پرو چڱيءَ طرح پئجي سگهي ٿو. مخدوم نوح رحه جي پوٽي ۽ مخدوم امين محمد رحه اول جي فرزند (لاکي لطف الله) جو نالو، ” لاکي لطف“ ڪري سُر سهڻي، فصل چوٿين، بيت پنجين ۾ آيل آهي. ازان سواءِ، ”لاکي“ جومحض نالو، سُر بسنت بهار، فصل پهرين، بيت ڇهين ۽ ستين ۾ مذڪور آهي. انهن سڀني حقيقتن معلوم ڪرڻ کان پوءِ، قارئين ڪرام کي معلوم ٿيندو ته شاهه ڀٽائي گهوٽ ۽ اسان جي خاندان جو باهمي تعلق ڏاڍو خوشگوار رهيو آهي.

غلام محمد ” گرامي“

مولانا روميءَ جو اڻ ڇپيل ڪلام

 

جلال الدين روميءَ، عشق ۽ عرفان جو پيغامبر، سوز۽ ساز جو عميق بحر،جمال ۽ جلال جو مظهر، خدا شناشيءَ جو مثالي پيڪر آهي، سندس مثنويءَ  کاي قرآن معنوي چيو ويو آهي:

مثنوي، مولوي، معنوي،         هست قرآن، در زبان، پهلوي.

(جامي)

روميءَ جي فيض کان مشرق به مستفيد ٿيو آهي ته مغرب به رڱيو آهي. مثنوي، قرآن جي حقائق جو بحر بي پايان آهي، تصوف جي دقائق جو بحر بي ڪنار آهي، لطائف ۽ نڪات جو گنج گرانمايه آهي. مثنوي، عارفن جو مونس، عالمن لئه حر زجان ، زاهدن جوزادراه، ڪاملين جو آئينو ۽ عاملن جو خزينو آهي.

        دنيا جي سڀني مشهور علمي زبانن ۾ ، سندس نئي نوازي ۽ شعله توائيءَجو غلغلو آهي. سندس عارفاني ڪلام۽ صوفياني پيغام کان هر قوم ۽ هر ملت استفادو ڪيو آهي.

        رومي ءَ جو اهو مقدس ڪلام، پنجاهه سال کن اڳ، محض قصه گو ۽ خوش گلو، واعظن ۽ قوالن جي محفل جي گرميءَ لاءِ تخته عه مشق بنجي چڪو هو، رومي جو  عارفانه ڪلام، ارباب نفس ۽ اولياءِ طاغوت، پنهنجي حلقهء ياران جي سرمستيءَ ۽ عياشيءَ لاءِ ڪنهن مغنيءَ ۽ قوال کان مخصوص لئي ۾ ڳارائينداهئا، ۽ بيروح رقص ۽ بيرنگ وجد ڪندي، پاڻ کي وندرائڻ جي ڪوشش ڪنداهئا!

        تمام ٿورا اهل نظر ۽ اهل دل اهڙا هئا، جي مولانا جي جلال ۽ جمال جا صحيح معنيٰ ۾ پارکو هئا، جي فهم ۽ بصيرت وارا هئا، رڳو رسم پرست ۽ تماشائي نه هئا، جن پروڙي ۽ پرکي ڏٺو ته روميءَ جي نئي نوازي روح آفرين ۽ حيات بخش آهي. سندس عجمي ساز ۽ نغمه عه حجاز موجزن آهي ۽ انسانذات لاءَ آفاقي ۽ جامع پيغام موجود آهي.

        يورپ ۾ سڀ کان اول ، نڪلسن، هن جمال معنويءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي. نڪلسن، تحقيق جي ڇند ڇاڻ ڪرڻ کانپوءَ، علمي مقدمي سان، مولانا جي مثنوي کي مرتب ڪيو آهي، ۽ سندس ڪلام جي باطن ۽ تاويل کي، تصوّف جي عميق فن جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري چڪو آهي. ايشيا ۾ ته هزارها شارح ۽ عالم پيدا ٿيا آهن، جن هن پر جلال ڪلام جي شرح ۽ان جي مطلب جي حل جي سلسلي ۾، علمي ڪاوش ڪندي عمر صرف ڪئي آهي.

        حڪيم الامت مولانا ٿانويءَ، ”ڪليد مثنوي“  لکي، مولانا روميءَ جي عميق ۽ دقيق، مسئلن جو شرح لکيو آهي، ان طرح علامه اقبال،کيس ُمرشد رومي،  ۽ پاڻ کي  ُ مزيد هندي، چوندي، پنهنجي مريدانه عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. ان طرح حضرت لطيف به،  ُسر ڪلياڻ ، ۾ حضرت  ُ روميءَ جي رهاڻ ، پيش ڪئي آهي.

        ان هوندي به جيستائين متن جي جمع ۽ ترتيب ، ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق جو تعلق آهي، ”نڪلسن“ کي وساري نٿو سگهجي. اهوئي ڪارڻ آهي جو مولانا روميءَ جي سلسلي ۾،  ”نڪلسن“ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي. سندس علمي خدمت جواعتراف ، مشرق ۽ مغرب جي سڀني محققن دل کولي ڪيو آهي.

سندس نگاهه نڪته رس ئي آهي، جنهن ”فيه مافيه“ (ملفوظات رومي) سميت، مولانا جو باقي ڪلام به زمين دوز دفينن مان ڳولي ڪڍيو آهي. جنهن جي عالمتاب روحاني ڪرڻن ، ظلمت ڪده عالم کي اوجر ڏنو آهي.

        علمي دنيا اڄ تائين مثنويءَ کي ئي مولانا روميءَ جي شرف۽ مقبوليت جو سبب سمجهندي آئي آهي. ڇا لاءِ ته ان سلسلي ۾ تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته مولانا جي غزليات، جو به ڪو مڪمل ديوان اهي، ۽ سندس ملفوظات ۽ خطن جو ڪو مجموعو آهي.ان طرح مثنوي ۾ڪجهه الحاقي ڪلام پڻ شامل ٿيل آهي.ان ساري ته قيق ۽ کوجنا جو سهرو نڪلسن جي سر تي سونهي ٿو، جنهن مستند۽ مدلل نموني ۾ ثابت ڪيوآهي ته  ُ ديوان شمس تبريزي، جنهن کي (شمس الحقائق، به چئجي ٿو،۽ ُ ڪلّيّات  شمس تبريزي،  اصل ۾ جلال الدين روميءَ جي ڪلام تي مشتمل آهن، ۽ سندس ملفوظات جو ذخيرو ُ فيه مافيه ، ۾ محفوظ آهي، ۽ فلاڻا فلاڻا اشعار ٻين جا الحاقي آهن، جي پوءِ مثنويءَ ۾ ملايا ويا آهن.

        سڀ کان اول نڪلسن ئي ظاهر ڪيو آهي ته، فيه مافيه ، مولانا جي عارفانه ملفوظات جو مجموعو آهي، جنهن ئي سندس فرزند، (سلطان ولد) جمع ڪيو هو . فيه مافيه جي ترتيب تحقيق ، تنقيد ۽ ڇند ڇاڻ جو شرف، وري سڀ کان اول، مشهور عالم، فلسفي ۽ صوفي مولانا عبدالماجد دريا آباديءَ کي مليو! جنهن يورپ، ترڪيءَ ايران، حيدرآباد دکن، ۽ رامپور جي مشهور ڪتبخانن جي ڇند ڇاڻ ڪري، مستند ۽معتبر نسخو تيار ڪيو، پر ڇپائڻ جو مسئلو تڏهن حل ٿيو. جڏهن ان جي تصديق ۽ تائيد استاد نڪلسن لکي موڪلي.

        ان مختصر تمهيد کان پوءِ، اهو عرض ڪرڻ مناسب آهي ته هن مضمون ۾ نه ته مولانا جي مثنويءَ تي بحث ڪرڻو آهي ۽ نڪو سندس غزليات ۽ ملفو ظات لاءِ ڪجهه چوڻو آهي. فقط اهو ظاهر ڪرڻ مقصود آهي، ته مولانا روميءَ جو ڪجهه اهڙو ڪلام به هٿ آيو آهي، جو اڄ تائين ڇپجي نه سگهيو آهي. اهو غير مطبوع ڪلام، نڪتو مثنويءَ ۾آهي، نڪو شمس الحقائق ۾ آهي ۽ نڪو ديوان ۾ نڪو فيه مافيه ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com