سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :5

ماخذات

مولانا روم _ علامه شبلي

فيه مافيه _ عبدالماجد دريا آبادي

مولانا رومي_ علامه عرشي امرتسري

ڪلام اقبال _ علامه اقبال

مرحوم ضياءَ الدين. ايس. بلبل

مهراڻ جا اوائلي ملاح

( شاهه لطيف جي فلسفه عه حيات جي نسبت ۾ )

سامونڊين ۽ وڻجارن يعني مهراڻ جي ملاحن جو ذڪر خير، شاهه جي رسالي ۾ پيس ٿيل فلاسافي ۽ تصوف جي گڏيل نظريي ۾ خاص اهميت رکي ٿو.

        انهن جي اپٽار، لطيف، سُر سامونڊي ۾ خاص طرح ڪرڻ فرمائي آهي ، پر غور سان ڏسبو ته انهن جو ذڪر سُر سريراڳ، سُر سهڻي سرگهاتو، سرڏهر، (پهرين داستان)، سر ڪاموڏ ، سر آسا( ڪجهه حصو) ۽ سر رامڪلي ۾ به آندل آهي. سرکاهوڙي ۾ انهن مهراڻ جي مانجهين جو مامرو آندل آهي، جي ڪنهن سبب کان سمنڊ کان منهن موڙ ڪري، سُڪي ۾ پاڻ کي ڦاسائي ويٺا آهن ۽ سر برووسنڌي ۾ سامونڊي سڄڻ جي ٻيلپ ۽ نوڪريءَ جي واکاڻ ڪيل آهي. تنهنڪري منهنجي ناچيز راءِ ۾، شاهه جي شآن ۽ مسلڪ جو صحيح اندازو رڳو انهيءَ اهم باب ۾ اونهي وڃڻ کان پوءِئي نصيب ٿيندو ۽ انهيءَ تبصري کان پوءِ ئي کُڙڪ پوندي ته شاهه هروڀرو شاعر نه آهي ۽ نه وري اهو صوفي ئي آهي، جنهن، بقول ڊاڪٽر سورلي، پنهنجو اڀياس ۽ اتهاس افلاطوني حڪمت يا جديد افلاطوني تصوف، پارسين جي فلسفي يا تخيل يا هندستاني ٻُڌيءَ مان حاصل ڪيو هجي.

        ائين برابر آهي، علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي سمجهاڻيءَ موجب ته هڪ شاعر لاءِ جيڪا ڪسوٽي ڪارلائيل مقرر ڪئي آهي، تنهن موجب شاهه جو شعر پورو ثابت پوي ٿو، پر ان جي باوجود هن کي خالص ۽ محض شاعر سڏڻ روا نه آهي ۽ نه ان تي حافظ جي رومانويت مڙهڻ درست آهي. جيڪڏهن شاهه تي حافظ جي غزل ۽ روميءَ مثنويءَ جو اهڙو گهرو اثر هجي ها، يا جيڪڏهن هن جي امنگ پارسي صوفين يا عربي فلسفين مان اٿيل هجي ها، ته پوءِ هو ضرور پنهنجي طرز ڪلام لاءِ دنيا جو اهو بهترين ۽ مڪمل ترين وزن،بحر، قافيو ۽ رديف اختيار ڪري ها، جو پارسين ۽ عربن اپنايو ۽ جنهن کان شاهه بخوبي واقف هو. پر ان جي بر خلاف شاهه دوهي سان دل لاتي، جو مثنويءَ يا غزل جي مقابلي ۾ شاعرانه اظهار خيال لاءِ ڏکيي ۾ ڏکيو ۽ ناڪافي وسيلو آهي، ڇاڪاڻ ته دوهي جي ٻن سيٽن ۾ سڄو ُنڪتو ۽ خيال پلٽڻو پوي ٿو ۽ ان ۾ پورو ڪرڻو پوي ٿو. هڪ شاعر ته اصولي طرح حقيقت ۾ رڳو داخلي ۽ شخصي طور دلچسپي وٺندڙ هوندو آهي ۽ اهو رڳو هڪ فروعي امر هوندو آهي، جو هُو جوش ۽ بيخوديءَ ۾ اچي اظهار خيال ۽ اظهار جذبات ڪري وجهندو آهي. ٻيا انهن خيالن ۽ جذبات کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪن ٿا يا نه، تنهن سان شاعر جو واسطو نه هوندو آهي. وڏا شاعر جهڙوڪ حافظ، غالب، ۽ اقبال عوام جي سمجهه جي سطح کان مٿي اسلوب بيان رکن ٿا. رومي، مثنويءَ کي فرضي آکاڻين، قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جي مثالن سان منجهداربنائي وڌو آهي. سواءِ سالڪن جي ٻيو هن کي ڪونه ٿو سمجهي. مگر انهيءَ جي برعڪس، شاهه جو پيغام پڙهيلن خواهه اڻپڙهيلن ٻنهي لاءِ هڪ جهڙو آهي. جهڙو ايلپنو هار ان کي ڳائي وڄائي ۽ ڄاڻي ٿو، تهڙو هڪ اڪمل عالم. شاهه جون آکاڻيون سچيون ۽ مڪاني آهن. هن ۾ جيڪو خارجيت، سلاست ۽ قدرتي نظارن ۽ تاريخي واقعن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو زبر دست عنصر آهي، سو هن کي شاعرن جي صف مان ڪڍي وڃيو فردوسيءَ جي تواريخي شاعريءَ جي جنس ۾ بيهاري ٿو. پر اتي به فرق هي آهي، جو فردوسي فقط ايران جي شاهن کي انعام جي خاطر ڳايو ۽ چمڪايو ۽ شاهه ڀٽائيءَ ،پيغمبرن، شاهن، اميرن، فقيرن، معذورن، داغدارن، مرشدن، درويشن ۽ مڙين کي هڪ هار ۾ پوئي بيهاريو ۽ بنا ڪنهن لالچ جي، محض محبت خاطر ۽ حق جي راهه ۾.

        شاهه ڀٽائي ائين خاص انهيءَ مقصد سان ڪيو، جو هن کي فلسفه عه حيات ۽ ڪائنات جو خاص نظريو اهڙي نموني ۾ پيش ڪرڻو هو، جنهن کان هر ڪو خبردار ٿي وڃي. هن نه رڳو اوچ ۽ نيچ ماڻهو هڪ صف ۾ آندا، پر انهن جي معاملن،عورتن ، هٿيارن، جانورن مطلب ته جنهن به چيز سان هنن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ڪو واسطو هو، تن سڀني کي هن هڪ ڀاڪر ۾ جهلي ورتو. هن خلوق ۽ زندگيءَ جي اها سالميت ۽ سچائي پيش ڪئي، جنهن کي پوءِ جرمن فيلسوفن _ هيڪل  ((Haeckel ۽ پائوليسن( Paulsen) _ پختو ڪري اهو فلسفو پيش ڪيو، جنهن کي (خدائي انساني الوهيت) (Homo_Theism) يا ُ ڪل ڪائنات جي شهودي ۽ وجودي يڪجهتي، (Holitic Hylzoism) سڏيو ويو. هن نظريه عه حيات موجب سڄي زندگي گڏيل آهي، جنهن ۾ سڄو عالم جز خواهه ڪل جي اعتبار سان ڄاڻ ۽ روح رکندڙ سمجهيو وڃي ٿو. هن کي ٻين لفظن ۾ ُروح ۽ مادي جي يڪجهتي ( Psychy Fohysieal Monism) به چوندا آهن. حياتيءَ جو هي ڳنڍيل ۽ مسلسل نظريو، غير مطلق اللعناني ۽ ماده پرستيءَ جي خلاف، مايا، نروانا کي مات ڪندڙ آهي ۽ ٻئي طرف،بشپ برڪيلي جي تصوراتي توحيد کي به شهه ڏيندڙ آهي، جنهن موجب ” هر چيز هڪ خيال آهي جو خالق جي دل ۾ آهي“  خدا ٻه آهن يا ٻن کان مٿي، سو خيال به هن نظريي جي خلاف آهي. شاهه جو حياتيءَ لاءِ ارتقائي يڪوجوديءَ، يڪجهتيءَ ۽ انساني مفاد وارو پروگرام آهي. (Evolutionary Pragmatic riew of life as a uniyed whole) هت ڪاٿي ٿو پهچي افلاطوني عشق، ارسطاطاليسي سائنس ۽ منطق!

        پارسين جو خيال ته اوندهه ۽ روشني ٻه اصول آهن، جي هميشه برسر پيڪا ر آهن. سو به هت نٿو پهچي.شاهه ته جرمن فيلسوف ڪانٽ(Kont) جي دنيائي محسوسات  (Phenomena) ۽ ُدنيائي حقيقي، (Naumena) جون حدون ئي اڏائي ڇڏيون ۽ انهيءَ تي پهچي ويو، جنهن کي منجمله کڻي چئجي ”اسلامي توحيد جو شهودي نظريو“ . رسالو هن فلسفي جي پيش ڪرڻ وارو شاعرانه نثر آهي. هن نظريو قلندر لال شهباز جي خوديءَ ۽ مستيءَ واري فلسفي جو انو کو روپ آهي، جو شاهه کان شروع ٿيو ۽شاهه تي ختم ٿيو. هن ۾ وحدت وجود ۽ وحدت شهود، جبر ۽ اختيار، نيڪ ۽ بد، ماده ۽ روح  وغيره اهڙا سلجهايل آهن، جن جهڙو مثال نٿو ملي.

        ارنيسٽ هيمنگوي (Earnest Hemingway) شاهه جو اسلوب بيان (غير مسلسل مختصر عبارت) وٺي، شاهه جي توحيد کي آفريڪا جي شڪاري ڪهاڻيءَ ۾ بند ڪيو ته  ُ شڪار، شڪاري جهنگل ۽  ٽڪريون سڀ هڪ ٿي ويا.، 

راڻو ئي راڻو،ريءَ راڻي ناهه ڪو!،

        هن پس منظر ۾ اچو ته شاهه جي وڻجارن، سامونڊين ۽ ملاحن جي مرڪزي نڪتي کي خالي تاريخي اهميت جي نظر سان توريون . شاهه ۾ جيڪڏهن فطرت نگاريءَ، حقيقت پرستيءَ ۽ تاريخ جو ڪو ٻيو روحاني رمز وارو پهلو آهي به، ته اهو هڪ اتفاقي امر آهي، جو شاهه جي شان کي دوبالا ٿو ڪري، ورنه ظاهرينيءَ جون خوبيون ئي اکٽ ۽ افضل آهن.

        ائين سمجهڻ ته شاهه عام سامونڊين جو ذڪر ڪيو آهي . سو غلط آهي. شاهه جا سامونڊي ، مڪاني سر زمين سنڌ جي ساحل تي رهڻ وار آهن ۽ نه ايراني نار کان ٻيڙا ڪاهي ايندڙ اميران البحر يا عربي واپار ڪندڙ  قديم دور ۾. هندو ته سمنڊ لنگهڻ پاپ سمجهندا هئا، تنهنڪري ان طرف توجه ته وڃڻ ئي نه گهرجي.باقي مهراڻ ۽ عربي سمنڊ خواهه ايراني نار کي شاهه مٿئين فلسفي وانگر هڪ ٿو سڏي . هن کان اڳ ائين ڪرڻ جي مام ڪنهن نٿي ڄاتي. ڪيچ ، مڪران ۽  بلوچستان ويندي ڪڇ جي ساحل تي ڪيترائي بندر هوندا هئا، جن مان ڪي آهن: گوادر، پسني، اورمارا، سون مياڻي ۽ پور بندر. مورڙي جا وڏا اهو واپار ڪندا هئا ۽ انهيءَ واپار جي رستي هنن ٻاهريون مال اندر آندو ۽ اندريون مال ٻاهر پهچايو. وڻجاري کي ماءَ ڏئي،هن جي ٻي پيڙهي پڌري ڪري، هن کي ساحل سان سنٻند ڏنو ويو ۽ انهيءَ ڳالهه کي چٽي  ڪرڻ لاءِ، سندس ماءُ کي خطاب ڪيو ويو، جنهن لاءِ هن کي محبت ۽ عزت هئي. انهن کان اندر سنڌونديءَ جو ڇوڙ کي ” ساموندرا“ سڏيو ويندو هو ۽ ان کان پوءِ ديبل ۽ پٽالا (ٺٽه) هئا. تن کان اندر سيستان (سيوهڻ) هو ۽ پاٽ هئي  ۽ پوءِ مهاڻن جو دڙو ( جنهن کي موهن جو دڙو ٿو سڏجي) هو، ۽ پڇاڙي ۾  دين ٻيلو ۽ شاد ٻيلو سکر جي ڀرسان وارا ٻيٽ هئا. ٻيلو، بلوچڪي ۾ ڳوٺ کي چئبو آهي ۽ انهن جي مناسبت لس ٻيلي سان آهي. شاد ٻيلو کي پوءِ ساڌ ٻيلو بنايو ويو. مهاڻن جي دڙي جي عيشگاهه جي نسبت ۾، مورڙي جي پوئلڳن هندو _ سنڌورڪين، شڪار پور ۾ آرامگاهه بنايو ۽ روايت ۽ ريت سامونڊين جي برقرار رکي.

ايران جي طرف کان ڪلاچيءَ جي نهر، سڌو اچي شڪلوئي لڪ کان کير ٿر کي ڪي نئين گاج بنجي، منڇر ڍنڍ ۾ڇوڙ ڪيو، جتان اڙل جي رستي اچيو سنڌونديءَ ۾ پئبو هو سڪندر اعظم به ان رستي سان آيو ۽ محمد قاسم به؛ لال شهباز قلندر به ان رستي سان سيستان ۾ اچي سهڙيو. بلوچ، جناب شمس العلماعه قليچ بيگ مرزا جي خونوشته نوٽ موجب صلب (Alebbo) مان آيا ۽ اهي به ان واٽ کان وارد ٿيا هوندا سو ميرين تهذيب جي اوڀر ۾ هنن ئي اچي ”دلمن“ (۽ نه دلمون) تهذيب کي کڙو ڪيو هوندو. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي کوجنا موجب ”من“ جو مطلب آهي ”منهنجو“ يا ”مان“ (ڏسجي: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ)

بلوچي شاعريءَ  ۾ خواجا خضر ۽ ٻيڙين کي خاص اهميت آهي. بلوچي عطر اڄ به دنيا جي عطرن کي شهه ڏيندڙ آهي. شاهه ٻڌايو آهي ته مشڪ، عطر، عنبر، ۽ چندن جي درآمد ۽ ٻاهر روانگي هلندڙهئي. انهن کان سواءِ سون ، چاندي،عاج، مورن، مڻين وغيره جو واپار پڻ هلنڊر هو. پنهون ۽ پنهونءَجي ٻارو چي ذات ، هڪ طرف اٺن تي ڀاڙيندا هئا ۽ ٻئي طرف ٻيڙين تي. انهن جو ذڪر خير، رسالي ۾ سررپ، معذوري، بروو سنڌي، سسئي، ديسي، ڪوهياري ۽ ڏهر ۾ ڏنل آهي. انهن لاءِ درويش عبدالرحيم گرهوڙوي فرمائي ٿو:  

آيل ، بلوچن جا اهنج پنج آهين،
آئي اوڇڻ انگڙين، بکيي ماني ڏين،
پاڙو ڊوهين نه پانهنجو، سام سي ڀائين،
ڪاڻ نه ڪڍڻ سکيا، پر ناتو نڀاهين
سخن نه سڪائين، پاڻي وگهي پانهنجو

انهن بلوچين کي ۽ سندن ناماچار ڪڍڻ ۽ واپار آڻڻ نيڻ وارن مهراڻ جي ملاحن کي پراڻيءَ سنڌ جي ٻن مکيه ٽولن جي حيثيت ۾ شاهه ايڏو بيان ڪيو آهي . بلوچين جي ملڪ کي ” وڻڪار“ سڏي ٿو. انهيءَ  جي مقابلي ۾ آريءَ ڄام جي اچڻ کان اڳ واري دور ۾ ، باقي حصي کي شاهه ” هندوڪار“ سڏيو آهي، جنهن ۾ چنا، سما، سومرا، وغيره سمائجي وڃن ٿا. مهاڻا هڪ طرف، ته لوهاڻا ٻئي طرف هئا. پنجان هئا: جوڳي شو شنڪر جا پوڄاري، جن جو مڪوهنگلاج ۾ هو. هيءَ ٽولو تن جوڳين ۽گوساين جو هو، جي نه هئا هندو ۽ نه مسلمان بلوچي، ماءُ کي مڃيندا هئا، ته جوڳي نانيءُ  کي.، جوڳي ساڙيندا نه هئا پر اڀين گوڏين پوريندا هئا ۽ قبر ننڍڙي قبي وانگر ٺاهيندا هئا. رسالي ۾ انهن پنجن ئي ٽولن جولاڳاپو ۽ يڪخيالي وجودي ڏيکاري،شاهه انهن کي هڪ هٿ جون پنج آڱريون، ثابت ڪيو آهي.

عجب ته هي آهي جو سمنڊ ۽ سامونڊي تجارت سان وڌيڪ واسطو رکندڙ انگريز قوم پنهنجي نظم ۾ جيڪا پنهنجن سامونڊين جي تصوير چٽي آهي، سا شاهه جي تخيل اڳيان هيچ آهي انگريزي مقولي موجب، هر خلاصيءَ کي هر بندر ۾ زال هوندي آهي. ليئر بادشاهه جي آکاڻيءَ ۾، شيڪسپيئر، مهاڻن کي ساحل تي چر پر ڪندڙ ” چوها“ ٿو سڏي ۽ سيموئل ٽيلر ڪالرج، پنهنجي مشهور نظم ”قديم سامونڊيءَ“ (Ancient Mariner) ۾ سامونڊيءَ کي ڏڪاريل، عقابي نڪ سان، چنبن جهڙين آڱرين وارو، ڏيکاري ٿو، جو پنهنجون سامونڊي ڳالهيون ۽هرڪس و ناڪس کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ۽ کين زوريءَ جهليو ساڳيون ساڳيون ڪهاڻيون پيو ٻڌائي ۽ هو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ پريشان پيا لڳن. اهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر،ايڇ .ٽي سورلي، انهيءَ تصوير کي اکين اڳيان رکندي، شاهه جي سامونڊين جي اخلاق ۾ ”ٺڳي ۽ ڌوڪي “ جو رنگ ڀري وڃي پار پهتو آهي، حالانڪه شاهه جي سامونڊين ۾ پنهنجي ڌنڌي ۽ مسلڪ جي ڌن ۽ معويت ڀل هجي، هو ساحل وارن پيارن جي ترسائڻ تي ترسي پوڻ وارا ڀل نه هجن پر انهن ۾ ٺڳي ۽ دولاب جي بوءَ به رکايل نه آهي. ڊاڪٽر صاحب،

”پڳهه پاسي گهار آيل سامونڊين جي،
وجهي جيءَ جنجار جم وڃنئي اوهري.“

۾ خواهه مخواهه اهو ترجمو ڪري ويو آهي ته ُماءٌ انهن جي ڀرسان ويهي رهه، متان توکي ڇڏي ترڪي نه وڃنئي ۽ ٺڳي نه وڃنئي!، شاهه جي اصل بيت ۾ ترڪي وڃڻ ۽ ٺڳي وڃڻ جو ڪو قرينو آهي ئي ڪونه.

حقيقت ۾ سُر گهاتوءَ جو هڪ صفحو کڻي،ارنيسٽ هيمنگوي، پنهنجو اهو ڪتاب ” پوڙهو ماڻهو ۽ سمنڊ“ لکيو، جنهن کيس نوبل پرائيز جو مستحق ڪيو . هن تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“، شڪار ڪيل مڇي ٿونن هڻڻ واري مڇ ، مڪڙي ۽ مهاڻي (ڄڻڪ مورڙي جو) جو هوبهو احوال آڻي ، حياتيءَ کي يڪو ٽڪر ثابت ڪيوآهي ۽ دنيائي ادب ۾ نالا ڪڍيو آهي.

ڪيچ ڌڻين ۾مڪڙين جي مالڪن، پنهنجي پنهنجي ڪسب نسب ۾ ڪمال ۽ فخر رکڻ وارن ٻن مکيه ٽولن جو ذڪر ڪري، انهن جو هڪٻئي سان گهرو واسطو ٻڌائي،شاهه سماٽ جو سماءُ لڌو آهي. نوري کي هن ڄام تماچي جي حويليءَ ۾ اوچي ڳاٽ ۽ اول نمبر ڏيکاريو، عمر کي هن جهڪائي مارئيءَ کي کڻي آڻي ڪوٽن ۾ بند ڪرايو، پر انهيءَ لاءِ ته ثابت ڪري ته محل ماڙيون پٽ پٽيهر ڳوٺاڻي صحت ۽ ست جي سٽ جهلي نٿا سگهن . عمر جو مڙي  وڃڻ هن جي سهڻي سرشت ۽ثابت ٿو ڪري. راءِڏياچ جوثابت قدم رهي، فن ۽ هنر جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ ، پورهيي ۽ فن جي سوڀ آهي. ليلا کي ڪئونروءَ جي لت لڳي، تڏهن ليلائڻ سکي ۽ نو لکي هار جي اڳيان سچيءَ محبت جي قيمت جي خبر پيس. مومل جا ول ڇل راڻي جي ثابت قدميءَ اڳيان مات ٿيو پون ۽ هو انجي پٺيان فقيرياڻي ٿي نڪري ٿي. سسئيءَ کي ڏاڍن سان سڱ نه لائڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ پنهنجي پريت جي مچ ۾ پتنگ وانگر پچڻ جي اٽڪل ٿو ڏسي. سهڻيءَ ۽ ميهار جي ميلاپ جو ذريعو مهراڻ ئي بڻجي ٿو. اهڙيءَ طرح اوچ نيچ، ذات ڪذات، بر بحر، روح ۽ ماده ، کي شاهه هڪ چيز ڪري ڏيکاري ٿو.

عالم آءٌ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري،
پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکيڙيو.

هي آهي شاهه جي فلسفي جو نچوڙ. هن ۾ عالم ۽ انسان ، ”مهراڻ“ جي موجن وانگر هڪ آهن. هن هم آهنگيءَ جي لاءِ شعوري ميلاپ لازمي نه آهي، ڇاڪاڻ ته خود عالم جو پکيڙيل منڊ ۽ مانڊاڻ ئي اهڙيءَ يڪجهتيءَ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هن فلسفي موجب اها صلاح نه ڏنل آهي ته ”زمانو توساڻ سازگار نه ٿ.ئي ته تون ان کان ڀڄي پري ٿيءُ“ هت ڀڄڻ جو سوال ئي ڪونه ٿورهي، جو عالم ۽ آءٌ ٻئي گڏ هڪ ازلي ۽ ابدي لاهه ۽ چاڙهه ۾ ڀريا پيا ڀير ڪريون (دريا جي اٿلن وانگر ساڳيا اڍا پيا وٺون) هيءُ سڄو بحث ، رب ۽ عالمين جي ، ۽ رب العالمين جي تشريح آهي. قرآن پاڪ جي ڪنهن به مفسر ” عالمين جي اهڙي شرح ڪئي هجي ته اها اڃا  مون کي ڏسڻي آهي. رڳو ويهه يا پنجويهه سال ٿيندا، جو سائنسدانن کي پتو پيو آهي ته ڪائنات درياءَ جي اٿل وانگر، پنهنجي حدن کان ٻاهر تيزيءَ سان وڌندي رهي ٿي، اها ماجرا ٻه سئو ٻارهن سالن کان به اڳ، شاهه مٿئين بيت ۾ ٻڌائي ويو آهي..

مٿين بحث کان پوءِ، چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته _ سنڌي عمرانيات ۽ سنڌي فلسفه عه تاريخ جوموجد شاهه ئي شمار ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪو اعتراض مصرجي وزير تعليم ڊاڪٽر طهٰ حسين، ابن خلدون جي فلسفه عه تاريخ تي ڪيو آهي ، يعني هيءَ ته”عمرانيات کي پنهنجو موضوع بنائي ابن خلدون زندگيءَ جي پيچيدگين کي حل نه ڪري سگهيو آهي“ ؛ سو شاهه جي پيش ڪيل فلسفه عه تاريخ تي هر گز ٿي نٿو سگهي. شاهه، زندگيءَ جي مسائل ۽ پيچيدگين ۽ تضاد جو اهڙو حل پيش ڪيو آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به ملڪ جي فلسفي ۾ نظر نٿو اچي . سنڌي عمرانيات جو اهوفلسفو سنگ بنياد پڻ بڻجي ٿو. هندي عمرانيات ۾ هيءَ عيب آهي ته چيني ( ڪنفيوشس) عمرانيات وانگر ذات پات، ابن ڏاڏن ۽ گهراڻي جي پرستش ۽ يگانگيءَ جون ورهائيندڙ ڀتيون کڙيون ڪري، انسانذات کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رکيو ويو آهي. يونان وارن به عمرانيات جي تخيل، خاص ڪري سوفسطائي گروهه جي هٿان  پيش ڪيو، پر ان ۾ هڪ ته اخلاقي ۽ روحاني گهرائي موجود ڪانه هئي ۽ رڳو ظاهر داريءَ تي کڙو ڪيل تخيل هو، جنهن جو مقصد طاقت ۽ حڪومت ۽ فوقيت هو ۽ ٻيو ته ان ۾ به رياست ۽ سياست کي بالادستي حاصل ٿيل هئي. انهيءَ عمراني تخيل جي شدت سان مخالفت، سقراط ڪئي ۽ زهر پي سانت ٿي ويو. پر انهيءَ جي بر عڪس، جو خالص سنڌي عمرانيات جو تخيل شاهه پش ڪيو آهي، ان ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪوتاهين مان ڪا هڪ به نه آهي. شاهه وٽ اوچ نيچ، ذات ڪذات، رياست سياست، اخلاق ۽ روحانيت، وڻج ۽ واپار، اوزار ۽ جانور، پکي ۽ مرون، مهراڻ ۽ موج، سُڪي زمين ۽ آسمان، هڪ محبتي سٽاءَ ۾، هڪ مالها وانگر پوتل آهن، جن جو مقصد باهمي، نه  ڳو عارضي ۽ ظاهري ۽ خارجي آهي، پر ان سان گڏو گڏ ازلي، ابدي، حقيقي ۽ بيروني پڻ آهي.

هي آهي شاهه ڀٽائيءَ جي قديم سنڌ ۽ ان جي تاريخ جو تت ۽ ست ، تاريخ جي فلسفي، الهٰيات ۽ تصوف، سائنسي نظريي ۽ عمرانيات جي روشنيءَ ۾

مير محمد بخش خان ٽالپر.

کوسا بلوچ

سنڌ جي آدم ۾ بلوچ، هڪ اڪثريت رکندڙقوم آهي ۽ انگريزن کان اڳ هو سنڌ جا حڪمران هئا.سندن تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ اخلاق، توڙي تاريخ کي اسين فراموش ڪري نٿا سگهون. اڄ هنن صفحن ۾ بلوچ قوم جي هڪ مکيه قبيلي ”کوسا“ جوذڪر ڪري رهيا آهيون.

مون پنهنجي ُبلوچي علم الانساب، جي مضمونن ۾ چڱي طرح ظاهر ڪيو آهي ته: بلوچ قوم ڪيئن وجود ۾ آئي ۽ ڪيئن عربن وانگيان  هڪٻئي جي پناهه ۾ وڃي اها ذات سڏائڻ لڳا ۽ ڪيئن ُبلوچ ڪانفيڊريسي، جو بنياد پيو_ ليڪن هت صرف کوسن جو ذڪر ٿا ڪريون

کوسا،جي بلوچ قوم جو اهم ۽ مکيه جزو آهن،سي چوڻ ۾ اچي ٿو ته روس جي ُڪاسڪ، نسل مان آهن.بلوچن جي قديم بيٺڪ ڪئسپين سمنڊ جي ڀرسان ُايلم محمد گيدان، جي علائقن ۾ هئي. ڪاسڪن جو موجوده ملڪ،ڪئسپين سمنڊ کان ڪو گهڻو پري نه آهي ڪن محققن جو خيال آهي ته کوسا لفظ  ”ڪوه ساره“  يعني جبل جي چوٽين جا رهاڪو تان پيو منهنجي شخصي خيال موجب، کوسن جو اصلي نالو ” خوسع“_ ڪاسڪ لفظ کي گهڻو ويجهو ۽ ان سان مشاهبت رکندڙ آهي، کوسن جا شعره جي ڪري جهونا آهن، انهن ۾وضاحت سان ذڪر ڪيل آهي ته کوسا انهن رندن معنيٰ بلوچ (نڪي رندڪو خاص قبيلا) جو اولاد آهن، جي پهريائين امام حسين عليه السلام سان گڏ استنبول تي ڪاهي ويا ۽ بعد ۾ ڪربلا ۾ امامن جو طرف وٺي يزيد سان لڙيا. استنبول ( قسطنطينه) تي عربن جا اولين حملا35 هجري 60 هجري تائين جاري رهيا. ڪي مورخ پنهنجي تاريخن ۾ ڄاڻائين ٿا ته استنبول تي عربن جي پهرئين حملي جو مهندار يزيد بن اميرمعاويه هو، ۽ يزيد سان وڙهڻ کان پوءِ بلوچ حلب مان هجرت ڪري، ايران جي سيستان علائقي ۾ اچي ويٺا .اتي جو حاڪم شمس الدين، جو سخت ظالم هو، تنهن سان وڙهي کيس قتل ڪري، ڪيچ مڪران ۾ سڪونت پذير ٿيا. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته شمس الدين جي ظلمن کان رعيت (بلوچن) تنگ ٿي، کيس قتل ڪيو. کوسا ٻين بلوچن ”جئان شيهان“ وٽان جدا ٿيا ۽ بلوچستان ۾ آيا.

کوسن جا ڇهه مکيه پاڙا آهن، جن مان ٻه بلوچستان جي جبلن ۾ آباد آهن: اهي آهن هيلتاس ۽ جيجيلاس،. اهي عيسائي پاڙي جي شاخ مان آهن. باقي مکيه پاڙا آهن، بهلاڻي، جگيل، جئنداڻي، جروار ۽مهرواڻي.

 سنڌ ۾ همايون جي مدد جي عيوض ۾، کين جا گير طور زمينون مليون، جنهنڪري اتاهون لڏي ، هت اچي آباد ٿيا ڪيپٽن پوٽنس جي رپورٽ موجب، 1840ع ۾ کوسا، ُروجهاڻ، کان ڪڇ جي رڻ تائين آبادگار به هئا ۽ وقتي ڦرلٽ تي به گذران ڪندا هئا.

ميجر جيڪب جي 1854ع واري رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته هو حالتن موجب ڪڏهن آبادگار ته ڪڏهن ڦورو،ته ڪڏهن ريڍار ته ڪڏهن سپاهي هوندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com