سکائن ۾ مشڪلڪشا(علي رضه) جو سوا پهري روزو رکن؛
اهو روزو رات جو رکي صبح جو ڪاري ڊاک ۽ ڀڳڙن تي
ڇوڙي ڇڏين.
ڌيءَ يا پٽ جا سوڻ:
پيٽ ساڻ زال، ٻار جا رلڪا اڳواٽ سبندي آهي، جي
رلڪو ڇوٽو ۽ چورس ٿيو ته ڌيءَ ڄمندي: پر جي ڊگهو ۽
مستطيل ٿيو ته پٽ ڄڻيندي.
رلڪن پٿريندي، جي اوچتو ڪو ڇوڪر، گهر اندر لنگهي
آيو ته پٽ ڄڻيندي، جي ڪا ڇوڪري لنگهي آئي ته ڌيءَ
ڄمندي.
پيٽ واري زال، جي اٿي هلڻ مهل پهريائين
جيئڻو(ساڄو) پير کنيو ته پٽ، پر جي ميئڻو(کاٻو)
پير کنيائين ته ڌيءَ ڄمندي.
هلڻ مهل اڇت پير کيائين ته پٽ ، پر گهلجي پير
کنيائين ته ڌي ڄڻيدي.
پيٽ سان زال، جي سونهن ڪڍي ته ڌيءَ ۽ جي ڪوجهي ٿي
۽ بدن ۾ لڙهي وئي ته پٽ ڄڻيندي.
ڪي زالون آزمودي لاءِ ڳَر کريءَ زال جي مٿي تي
ڪپهه جو ٻڙو يا ڪک اهڙي طرح رکنديون آهن، جيئن کيس
خبر نه پوي، پوءِ جي سينڌ مٿان هٿ ڦيرايائين ته
ڌيءَ ڄمنديس؛ پر جي نڪ ۽ مٿئين چپ جي وچ تي هٿ
لڳيس ته پٽ ڄمندس.
هڪڙي ٿانءَ هيٺ ڪئنچي ۽ ٻئي ٿانءَ هيٺ چاقون يا ڪپ
ڍڪي رکي، حامله کي چونديون ته ” هنن ٻنهي مان هڪڙو
ٿانءُ کڻي سنئون ڪر!“ جي ڪپ وارو ٿانءُ وڃي
کنيائين ته پٽ: جي ڪئنچيءَ وارو ٿانءُ سنئون
ڪيائين ته ڌيءَ ڄڻيندي.
گرڀڻي زال جي اوائلي ٿڃ مان ٻه ڪپهه جا ٻڙا ڀري،
پاڻي سان ڀريل ٿانءَ ۾ وجهن، جي ٻڏي ويا ته پٽ؛ جي
تري بيٺا ته ڌيءَ، ڳورهاري زال جي ٿڃ جو گوهو ڀت
تي هڻائي، ان جي مٿان پاڻي نائي ڏسن؛ جي ٿڃ ڀت تان
لهي وئي ته ڌيءَ، پر جي بيٺي رهي ته پٽ،
ٻه – جيئي زال جي ٿڃ، تري تي چڍو ڪن ۽ پوءِ ان جي
وچ ۾ ماڪوڙي کي وجهي ڏسن؛ جي ماڪوڙي تري نڪري وئي
ته ڌيءَ اٿس، جي ڦٿڪي ٻڏي وئي ته پٽ اٿس.
اهي آزمودا انهيءَ لاءَ وٺنديون آهن، جو چونديون
آهن ته:
پٽ_ماءُ جي ٿڃ ڳري ۽ گهاٽي ۽ ڌي_ ماءُ جي ٿڃ هلڪي
۽ ڇڊي ٿيندي آهي.
گرڀونتي زال جي ٿڃ ڏُهي، وٽيءَ ۾ وجهي، ٽِه _ واٽي
تي رکن. جي پهريائين ڪو مرد يا ڇوڪر اچي لنگيو ته
پٽ ڄڻيندي، پر جي ڪا زال يا ڇوڪري اچي لنگهي ته
ڌيءَ ڄڻيندي.
رات جو جيڪو مرد، کٽن جي واڏڻ يا تانگهه ڇڪيندو،
تنهن کي رڳو ڌيئون ڄمنديون.
ٻار صفا نه ڄمي ان جا سوڻ :
ڪنهن ويائل زال جي ڪوسيءَ اور (ڄرِ) تي سيڪڙيات
زال، چڙهي ويهندي ته ٻار ٿيندس.
خاص پٽ ڄڻڻ جا سوڻ:
پيٽ واري زال، نئون ڪپڙو، ٽئين، پنجين، ستين ۽
نائين يعني اڪي انگ وارن مهينن ۾ اوڍيندي ته پٽ
ڄڻيندي. سج اُلهي کان پوءِ دُ- پستي زال ڪنهن به
تڙ تي نه وڃي، نڪي پاڻي پِرڀ وڃي ڀري.
قبرستان يا مُئي ماڻهوءَ جي جنازي تي نه وڃي، نڪي
رات جو مقام وٽان لنگهي. ڳورهاري زال جي اوچتي ميت
تي ويئي ته جوڙي جو ڌاڳو ڪڍي چيچ ۾ ٻڌي ڇڏيندا
آهن. ٻار جو ڀڳل ڏند کڻي ڪپهه ۾ ويڙهي، ٽي ڀيرا
چون ته ” فلاڻي زال پٽ تي ڄڻي يا ڏند ٿو ڄمي“
حامله جي سوانجهڙي يعني ويم جون شيون، اڪي وارن
مهينن ۾ وٺي رکن.
ويِم ۾ دير پوڻ جا سوڻ:
گل مريم، جنهن کي ُشرم ٻوٽي، چوندا آهن جا هٿ لڳڻ
سان ڪومائجي ويندي آهي. (عرب مان حاجي آڻيندا آهن)
پاڻيءَ ۾ وجهي، سُور يتي زال جي سيرانديءَ کان
رکن؛ چون ته گل ڦنڊندو ته زال ڇٽندي. سُوريتيءَ
زال جي کٽ وٽان سندس مڙس، اڍائي ٻرانگهون سامهون
هلي، وري اڍائي ٻرانگهون پوئتي هٽي، سهنجي ڇٽڻ جي
دعا گهرندو ته سوريتي جهٽ ڇٽي پوندي.
ويم جي تڪليف وقت حلال جانور ڪُهائي، اُن جو رت
سوريتيءَ جي نراڙ ۽ دروازي جي ٻاهراين ڇنڊا هڻائي
ڇڏين.
جنهن جاءِ تي سوريتي کي ويامڻو هوندو، اُن جي چئني
ڪنڊن ۾ ڪارا مرچ ڇٽي ڇڏين. هڪڙي هٿ ۾ ستن گهرن مان
ان جا دانا پني، اهو انّ هڪ هٿ سان پيهي، انّ جي
ماني پچائي ،سوريتيءَ کي کارائين ته جلد پاسا آجا
ڪندي!
ستن قِسمن جا انّ گڏي،جهوليءَ ۾ وجهي، ڪنهن مادي
گڏهه جي اڳيان جهولي جهلي بيهن. گڏههِ کائي جڏهن
ڦونگهارو هڻي، ته باقي بچيل انّ جا داڻا ڳڻين.
جيترا داڻا جنهن جنس جا گهٽ بچندا، اوترا ڏينهن
ويم ۾ دير لڳندي.
پسيءَ جو وٽو، منجيءَ هيٺان رکي، اُن منجيءَ تي
سرويتيءَ زال کي ويهاري، ستن کوهن جوپاڻي ملائي،
اُن سان وهنجارين ته جلد پاسا اجا ڪري.
ويم ۾ دير پوي چون ته ”ڳرکُري، ڪنهن گهوڙيءَ جي
پڇاڙيءَ واري رسي اورانگهي يا لتاڙي آهي.“
ويم جي سوکائي لاءِ:
ويم وقت، ٻاهر زالون گول چڪر ٺاهي بيهنديون آهن.
ستين، سترهين ۽ ستاويهينءَ تاريخن تي ويم سڻائو
ٿيندو.
حامله زال مينديءِ ۾ هٿ وجهندي ته ٻار گونگو
ڄمندو.
ڄم بابت چوڻيون:
ڌيءَ سنئين پيرين ڄمندي، پر پٽ اونڌو ڄمندو، ڌيءَ
جو ڄمڻ نڀاڳ ۽ پٽ جو ڄمڻ سڀاڳ.
پوڻيٺڙيءِ يعني پهرياتيءِ جي پٽ ڄمڻ تي، ماءُ کي
ٻڌائين ته ” ڌيءَ ڄائي اٿئي!“ (جيئن خوشيءَ کان
دماغ خراب نه ٿي وڃيس!)
ڪنهن سڪڙيات کي، جا پُٽ جي مِٽيءَ جي پنوڙي لاءِ
سڪايل هوندي، ان جي ڌيءَ ڄائي ته به چوندس ته ” پٽ
ڄائو اٿئي“ (جيئن دل هول نه ٿئيس)
ٻار ڄمڻ کان پوءِ جا سوڻ:
ڪي قومون، نئين ڄاول ٻار کي، پاڻيءَ ۾ گڏهه جي لِڏ
وجهي، پوءِ وهنجارين.
ڪي سون يا چاندي پاڻيءَ ۾ ڌوئي، اهوپاڻي ٻار مٿان
هارين ۽ بُبا به اُن پاڻيءَ سان ڌئاري، پوءَ ٻار
کي ٿڃ ڏيارين.
ٻار جو سوني منڊيءَ يا ڇلٻي سان وات ڪڇين ته ننڍو
ٿئي.
پٽ ڄمڻ تي، دروازي جي سردري ۾ نم جي ٽاري ۽ بصر جي
ڳنڍ ڪڄ کان ٻڌي ڇڏين چانئٺ وٽ ننڍڙي کڏ کوٽي، ان ۾
پاڻي،ڪارن مرچن سان ملائي ڀري ڇڏين ته ُ لاڻ نه
لڳي، جيڪو اوٺو سوٺو يعني مٿي ميرو ماڻهو اچي، ته
اُن پاڻيءَ مان پير پسائي پوءِ اندر گهڙي.
ڌيءَ جي اور چلهه يا دليءَ هيٺان ۽ پٽ جي اور
گهڙامنجيءَ هيٺان يا ٽواٽي تي کڏ کوٽي پورين. ويم
واري گهر ۾ مڻڪن يامالها وارو ماڻهواچڻ ڪونه ڏين.
نڪي اوٺو سوٺو يعني مٿي ميرو مرد يا حيض واري زال
اندر لنگهي وڃي. نڪي گهوڙيءَ جا سنج به اندر رکن،
جيستائين چلو(چاليهو) پورو ٿئي. ڪي ماڻهو ويائل
زال ۽ اُن جي ٻار کي، گڏهن جو ليڏوڻو نپوڙي اُن ۾
تلوار جي ڌار گهي، پاڻيءَ سان پيارين. سندن مقصد
هوندو آهي ته ماءُ کي اهو پاڻي پيارڻ ڪري، ٿڃ
رستي ٻار جي پيٽ ۾ پيو ويندو. اهو ٻار گڏهه جهڙو
نٺر ٿيندو ۽ تلوارن جي پرواهه نه ڪندو.
ٻار جونالو رکڻ:
ڪي بروقت رکن، ڪي ٽئين ڏينهن ۽ ڪي ڇٺيءَ تي. (پُٽ
جي حالت ۾ ڇٽيءَ تي نالو رکندا آهن).
آچر ڏينهن ڄاول ٻار جو نالو، آچار يا آچر؛ سومر
ڏينهن، سومار يا سومر، اڱاري ڏينهن، اڱڻ يا
اڱاريو؛ اربع ڏينهن، اربو يا ارباب؛ خميس ڏينهن
خميسو؛ جمعي ڏينهن جمعو نالو رکن. هندو ماڻهو،
ڏينهن جي نالن تي منگل مل، ٻُڌرمل ۽ جمڙومل نالا
رکندا آهن.
محرم واري مهيني ۾ ڄاول ٻار جو نالو :محرم صفر
واري مهيني ۾، صفر؛ ربيع الاول واري مهيني، عرس، (
هن مهيني کي عرس به سڏيندا آهن)؛ ربيع الا آخر
واري مهيني ۾، يارو يا يار محمد ( هن مهيني کي
يارهينءَ وارو مهينو به ڪري ڪوٺيندا آهن)؛ رجب
واري مهيني ۾، رجب، رجُو يا رجب علي، يا لکانو،
لکيءَ ڏنو (رجب واري مهيني کي لکانو به چون)؛
شعبان واري مهيني ۾ شعبان ۽ شعبان بخت، برادي ۽
شبراتي (شعبان جي مهيني کي براد جو مهينو به شمار
ڪن)؛ رمضان واري مهيني ۾، رمضان؛ شوال جي مهيني ۾،
شوالو؛ ذوالحج واري مهيني ۾ ڄاول پٽ جو نالو حاجي
۽ ڌيءَ جو نالو حاجاڻي؛ عيد رات يا ڏينهن تي ڄاول
پٽ جو نالو عيدو ۽ ڌيءَ جو نالو عيد رکن. ڪي وري
موسمن موجب نالا رکن:بادل، سارنگ، سانوڻ، ملهار.
باس باسيلن ٻارن جا نالا:
پيراڻو، پيرو، پيرانڏتو، پير بخش، پيرڏنو،شاهڏنو،
شاهو، شاهن، فقير، فقير بخش، قلندر
بخش،شهبازي،لالڏنو، سڪيلڌو، پنيلڌو، سڪُو، مڱڻ،
مڱيو، پِنيو؛ هندن ۾ دولهڏنو دريانو وغيره
اميدن ڀريا نالا:
تُور پيو، اوڀايو، الهه بچايو، نيڀندو، جيئندو،
سگهو، حيات وسايو، جِيئو، جُڙيو، بنرو، سُکيو،
ستابو، پوڙهو، پريو، ڇُٽو، متارو، ساهُو، سڀاڳو،
مچندو،ماڪرپيو، نالا رکندا آهن.
اهي نالا جي رکڻ اگرا ٿا لڳن:
ڪي ماڻهو وڏن مائٽن جا نالا ڪونه رکن. چون ته” ٻار
کي جٺ ڦٽ ڪندي، وڏن جي نالن جي بيحرمتي ٿيندي.“ ڪي
چون ته ” انهن جا نالا ڳرا آهن، ٻار بيمار
گذاريندو“ جي اُهي نالا رکن، ته ان سان گڏ ضرور ڪو
ٻيو نالو لاڏ ڪوڏ جوبه رکن. ڪنهن بيمار ماڻهوءَ جو
نالو ڪونه رکن، سوس ٿئين ته متان اسان جو ٻچو به
بيمار نه گذاري؛ ڪنهن بخيل ڪنجوس ۽ بدنام ماڻهوءَ
جو نالو ڪونه رکن؛ ڪنهن نپٽي يعني جنهن کي اولاد
نه ٿئي، ان جو نالو ڪونه رکن؛ جنهن کي گهڻيون ڌيون
هجن،ان جو نالو ڪونه رکن؛ جنهن ماڻهوءَ جو اڳهين
ڪٽنب، راڄ، ڳوٺ ۾ نالو مشهور آهي، اهڙو نالو به
ڪونه رکن. چون ته ” جيئرن جا نالا رکبا ڇا؟“ جيڪو
جوانيءَ ۾ مري وڃي تنهن جو به نالو ڪونه رکن اهي
نڀاڳا سمجهن.
ٻار جي حفاظت جا سنوڻ:
ٻار جو هنڌ اگهاڙو ڪونه ڇڏين ٻار هنڌ تي سمهارين
ته هنڌ کي ٽي ڌڪ يا ٽي ٿُڪون هڻي پوءِ بار کي
سمهارين.
ستل ٻار جي سيرانديءَ ڪپ، ڪاتي، ڏوئي، شيخ يا
ڪولوهه جو ٽُڪر ضرور رکن، جيئن ٻار تي غيبات جو
اثر نه ٿئي.
هنڌ تان ٻار کي کڻن ته:
وچ ۾ وهاڻو وجهي، مٿان اوڇڻ وجهي ڍڪي ڇڏين. ڪاٺ جي
پٽي يا فرحيءَ تي ُياسين، جي سورت لکائي، پينگهي
جي سرائيءَ ۾ سيراندي کان لڙڪائي ڇڏين.ڪي ڄاهي جي
سُڪل کل جو ٽُڪرو پينگهي جي سرائيءَ ۾ ٽنگين يا
بگهڙ جي کّل جو ٽڪر ٻار جي ڳچيءَ ۾ تائيٿ ڪري ٻڌن.
ٻارکي چانڊوڪي ۾ يا هونءَ به، اڪيلو ڪين ڇڏين،
مٿان پرين جوپاڇولو نه پويس.
ٻار جي روڄ راڙي جا سوڻ:
رات رُوئڻيِ جيت ، جيئرو جهلي، سُڪائي، اڳڙيءَ ۾
ويڙهي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏين. ست اڱر ، پاڻي جي
لوٽي ۾ وجهي، ٽِڪار مهل يعني سانجهيءَ جو ٻار مٿان
گهوري، اهو پاڻي ٽِه _واٽي تي گول چڪر ۾ ڪري هارين
۽ ٽه واٽي جي وچ مان مٽي کڻي، اُن ۾ ست ڳڙيون ڦٽڪي
يا ست ڪڻا لون ۽ٽي ڳاڙها مرچ ملائي، وري به ٻار
مٿان ست ابتا، ست سبتاڦيرا ڏيئي، گهوري، اها باهه
۾ ساڙين؛ صبح جو اهو ساڙ ۽ ڦٽڪي ڪڍي، ٽه _واٽي تي
وڃي ڦٽيڪن. مهاڻن وارو مڇي ڦسائڻ وارو ڄارو، ستل
ٻار جي مٿان وجهن. ٻار جي سيرانديءَ هيٺان، ڏينهن
جو ڏيئو ٻاري رکن؛ رات جو اهوڏيئو، ڪاڪوس ۾ وڃي
وسائين ۽ چون ” ٻار نه روئي ڏيئو ٻري“ ٽِڪار ٽاڻي
يعني نماشام مهل، آڱر، دانگيءَ جي پٺ تان ڪاري
ڪري، ٻار جي منهن تي مکين. ٻار جا رلڪا، اُس ۾
سُڪندي، سج اورانگهي وڃي ۽ کين کڻڻ وسري ويا ته
اُهي کڻي، شام جو ورندڙ چوپائي مال خاص طرح ٻڪرين
جي پيرن ۾ اڇلي وجهن، جيئن هو انهن مٿان اُڪري،
رلڪن کي اورانگهين ته ٻارجي راڙ بند ٿي ويندي.
ڪُهائي ڇا آهي:
ڪُ+ويائي- خراب ويم.جيڪو ٻار نو مهينا ماءُ جي پيٽ
۾ روڪجي نه سگهي. ۽ اڳواٽ ڪِري پوي، ان کي ” اسقاط
حمل“ به چون.
اهڙي ٻار ڪيرائيندڙ ماءُ لاءِ چون ته ” ڦسِڪڻي روح
واري آهي.“ يعني ڪنهن خسيس کاڌي جي شئي تي سڌ ڪري
ٻار ڪيرائيندڙ زال.
ڪُهائي جا جتن:
خچرجي ڳچيءَ ۽ پڇ جا وار ڪتري، وٽي سڳو ڪري چيلهه
۾ ٻڏن. ٽامي جا سڪّا نو يا يارهن پوُئي يا ڳوٿريءَ
۾ وجهي چيلهه سان ٻڌي ڇڏين.
گهوڙيءَ جي اڳيان ٻه ٽويا ڪوبه اناج رکجي. کائي
جڏهن اڌ تي پهچي ته اهوانّ کڻي وٺجي.وري پاڻي جو
ڏول يا بالٽي ڀري اڳيان رکجيس. پاڻي پي جيڪو
بچائي، تنهن اوباري پاڻيءَ ۾ اهو اناج
پُسائي،سُڪائي پوءِ اها زال خود پنهنجن هٿن سان
پيهي اٽو ڪري؛ اُن پيٺل اٽي جي چپٽي، ٻئي کاڄرو
اٽي سان ملائي، ٻار سِرجڻ واري ڏينهن کان وٺي،
ويامڻ تائين کائيندي رهي. اُها زال، صابڻ سان نه
وهنجي، نه ڪپڙا ڌوئي. مکڻ کي نه کائي نه هٿ لائي.
ڪنهن به جانور يا عورت جو ويم نه ڏسي. گهڻو نه
گهمي، ريشمي ڪپڙا نه پائي، لوهه جي ڪڙي ٺهرائي،
ڏائي پير ۾ پائي.
ٻار نه بچي تنهن جا سوڻ:
جڏهن ڪوڪاڄ ٿئي ته سيڪڙيات ٻار جي ماءُ، مردن جي
ڇني، ۾ اچي گونگي ٿي هٿ ٽنگي پني پوءَ جيڪي مليس
يا عيد ڏينهن عيد گاهه جي در اڳيان بيهي پني.
جيڪي مليس انهن پئسن سان ٻيا پنهنجا هڙئون پئسا
وجهي، سونو جيئندڙو (ڪَنَ جو ڳَهُه) ٺهرائي ڪن ۾
وجهي.
`
جيڪا زال، پاڻ ڇَنو يا عيد گاهه پني چُڪي هجي، سا
پاڻ ڪنهن ٻيءَ اهڙي سيڪڙيات کي ڪجهه به نه ڏئي.
سيڪڙيات، مئل ماڻهوءَ جي گهر نه وڃي، جيستائين
جنازو رکيل هجي. ڪَڙي ڪُني يعني مئي ماڻهوءَ جو
ڀَت يا ختمو، ٽيجهو وغيره نه کائي.
ٻار جي بچڻ جا سوڻ:
ڪَچو ڪُنو مِٽيءَ جو وٺي، اُن ۾ اورَ وجهي، ڳاڙهي
ڪپڙي سان منهن ٻڌي، ٻن قبرن جي وچ تي يا ٽن آئنٺن
جي پنڌ تي وڃي اهو ڪُنو پوري ڇڏجي ٻڏيءَ ٻيڙي جي
لوهه مان ڪَڙي ٺهرائي، سيڪڙيات ماءٌ ڏائي پير ۾
پائي. وڏي ڪاغذ جي چوڌاري سورت ُ ياسين، لکي، ان
پني جو وچ گولائيءَ ۾ ڪتري، جيئن ٻار ماءُ جي پيٽ
يعني مَنبرَ مان نڪري ته ڪاغذ جي وچ واري خال مان
اُڪاري وٺجي. ڪنڀار کان ڪچَي مٽيِءَ جي گِرڻ
ٺهرائي، ڄمندڙ ٻار ان جي وچ مان لنگهائجي.
بڇڙا نالا، ٻار بچڻ ڪاڻ ٻارن تي رکندا آهن:ٽُوهه،
لٻيڏؤ، کٻڙ، اَڪ،نم، ڪرڙ، ڪنڊو، گهَمڻ، ڪؤڙو،
مرچو، ڪانڊيرو، ٻٻر، لئو، ماڪوڙو، بصر.
ٻار بچڻ خاطر بار جي اورَ باهه ۾ ساڙي ڇڏين، ۽
اورَ مان سُئي ٻوڙي ٻار جو بُو! يعني نڪ جي بيني
جي ڇونٽي ٽوپين. پٽ هجي ته بولو يا ناٿو ۽ ڌيءُ
هجي ته ناٿي يا بوُلي نالو رکن
ڪنهن ٻار جا دُر باسين ته ان جا ڪَنَ ٽوپين. ان کي
دُورو، دُرو ، ڇوڪريءَ کي دُري يا دُريا خاتون
چون.
ٻار بچڻ لاءِ، ٻار وڪڻڻ:
ٻار جي ڄمڻ سان دائي چوندي ته ” آئون هي ٻار وڪڻان
ٿي، ڪو وٺندو؟“ پوءَ پيءُ، چاچو، مامو يا ڪو ٻيو
مائٽ پڇندو ته ” ان جو ملهه ڇا آهي؟“ دائي چوندي
ته ” پاءُ بصرن جو يا لَپَ لوڻ جي يا چپٽي مرچن
جي.“ پوءَ دائي کي اهي پلاند ۾ ڏئي، کائنس ٻار هنج
۾ وٺندا. ان جو نالو، جي پٽ هوندو ته بصر، مرچو ۽
وڪيو رکندا؛ ڌيءَ جو نالو بصران، وِڪائي وغيره.
اهو ٻارڄمڻ وقت، جنهن به شئي تي وڪاڻو هوندو ته
اُها شئي يعني لوڻ، بصر۽ مرچ، گهر جا ڀاتي ڪنهن کي
به گهُرج پوڻ تي نه ڏيندا آهن.
پهرين ٻار، ڌيءَ مٿان پٽ ڄمڻ جا سوڻ:
پهرين ٻار کي، مٿي جي پونئين حصي يا ڪياڙيءَ ۾ گول
گاٺ جو چندو هوندو ته سوڻ ڳنڍيندا ته هن ٻار مٿان
پُٽ ڄمندو ان چندي کي ُ پڳَ ورُ، سڏين.
جنهن کي پهريون ٻار، ڌيءَ هوندي ته سوڻ خاطر
ڇوڪريءَ جون والڙيون ڪونه ٺهرائيندا. چوندس ته ”
سڀاڳي ٿيءُ تنهنجو جڏهن ڀاءُ ڄمندو، تڏهن توکي
والڙيون گهڙائي وجهنداسين.“ ڪي ماڳهين نياڻيءُ جا
ڪَن ئي ڪونه ٽوپائين، جيستائين پُٽ ڄمي. جي ٻيو
ٻار نه پچندو آهي ته ٻئي ٻار جي ڄمڻ شرط ان جي
پٺيءَ تي کنڊ هاري پهرين ٻار کي چٽائين، کيس ٻئي
ڄاول ٻار جو منهن پرڻ مان ڏيکارين. پهرين ٻار کي،
ٻئي ڄاول ٻار جو منهن پرڻ مان انهيءَ ڪري به
ڏيکاريندا آهن ته پاڻ ۾ ريس، حسد ۽ ساڙو نه ٿين.
يا ڄاول جي پٺيءَ مٿان ڏونگهي جهلي هٿن سان ڀورين.
ٻار بابت و ِسوسا:
جي ڪو ٻار سُتي، گهڻو مٿي پيو نهاريندو ته چوندا:
ته سندس ڪپڙا يا رلڪا ڌوئي مٿي ڪنهن هنڌ تي سُڪڻا
وڌا اٿو، تنهنڪري هيٺ ڀرو نٿو نهاري! ٻار آرس پيو
ڀڃيندو يا ڪَر پيو موڙيندو ته چوندا: سندس ڪپڙا
زور سان نپوڙيا اٿوَ، تڏهن پيو وٽ کائي! ٻار، ستي
ننڊ ۾ نڙيءَ مان ڪو چيچاٽ ڪيو يا ساهه کڻندي سنهڙي
سينڍ ٻڌڻ ۾ آئي ته چوندا: ماڻس پيٽ تي( پيٽ واري
مُدي ۾) ڪو پکي رڌل کاڌو آهي، جنهن جو آواز ٿو
نڪري! ٻار پيٽ ۾ هوندي، جي ٻار جي ماءُ کي ڀٽونءَ
يا وڇونءَ ڏنگيو ته چوندا: ٻار ڄمڻ کان پوءِ ان
ٻار تي وڇونءَ جو ڏنگ هر گز اثر نه ڪندو! |