سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 1967ع

مضمون:

صفحو :14

کينوڻ ڪرڻ بابت: چون  ته ” مينهن ۾ مٿو اگهاڙو ڪبو ته مٿان وڄ ڪِرندي. ڪنجهو يا ڪنجهي جو ٿانءُ  مينهن ۾ رکبو ته ان تي وڄ ڪرِندي. ڪُنو اونڌو ڪري رکبو ته کينوڻ ڪِرندي.

چوپائي مال بابت سوڻ: ڍڳي يا ڍڳيءَ، جي خريد ڪرڻ مهل بوسو لاٿو ته چڱو، جي مُٽيائين ته خراب. نئين خريد ڪيل چوپائي مال کي سون ڌوئي ان جا ڇنڊا هڻندا آهن.

چوپائي مال جي سُمهڙي ( بيماري) ٿيڻ جا سوڻ: مال جي لنگهه جي مٿان قرآن شريف  ٻڌي ڇڏين. مَٽر (چنگ) پڙهائي ڳچيءَ  ۾ ٻڌن. ڪنهن اولياءَ  جي مقبري جي چوڌاري  مال کي ڦيرائين. ٻارَ چينگهه ڦيرائين ته ان جي چيچاٽ کان اها بيماري ڀڄي ويندي.

چوپائي مال کي ڪيڙن پوڻ جا سوڻ  چئن ويا جخورن جا نالا لکي ڍورن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن. انهن نالن جي هيٺان ڪيڙن کي لکي خبردار ڪن ته ”جي توهان هن ڍور کي نه ڇڏيندا ته  ڏينهن قيامت جي وياجخورن مان اُٿندا.“ چون ته ”چوپائي يا ڪنهن ساهواري جو اگهه چڙهي اچي ته وڪڻي ڇڏجي نه ته مري ويندو.“

ڌرتيءَ لاءِ چون ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي.

ٻڪري، ڪنهن ڪنجهي  جي ٿانءَ ۾ ڏهبي ته ٿڻن ۾ فِترو  (ڦٽڙو)  ٿيندس.

مکڻ سيٽڻ (غائبانه چورائڻ) بابت:  جنهن جي به ڀلي ڳئون يا مينهن هوندي ته ان جو مکڻ سيٽنديون آهن.  يعني رات جو انهن جي ڍور جو ڇيڻو کڻي اچي ان سان پنهنجي ماٽيءَ  هيٺان پَٽ راڳين. منڌي يا مانڌاڻي کڻي وڃي  انهيءَ مال ۾ ڦيرائين. اُڳيڇڻي اُبتي مٿي تي رکي کير ولوڙين. ڪي هڪڙيءَ بوڇڻيءَ ۾ يا الف  اگهاڙيون ٿي وٿاڻ  مان انهيءَ مال جو ڇيڻو  کڻي پٽ راڳين.  ڪي ابتي سٿن ۽ چولو پائي وڃي ڇيڻو  کڻن . ماٽيءَ  کي منڌيءَ  جا ٽي ڦيرا ابتا سبتا ڏيئي ولوڙو ڪن. کير ولوڙڻ واريءَ  کي ُ سنڀاڻ  يعني کير سنڀڻ لاءِ  ڏڌ ڦڙو ڪونه ڏين.

سيٽڻ کان بچڻ جا سوڻ: موچڙو اونڌو ڪري،ماٽيءَ جي ڀر ۾ رکي ولورو ڪن ڇيڻي جو ڀونڊو، نهيري جي پٺيان ٺاهي ڇڏين.

ڄمار يا عمر وڏي ٿيڻ بابت: کوهه واري چَڪِ جي وچ مان يڪساهي ست ڀيرا اچجي وڃجي، پر هٿ ڪنن ۾ پيل هجن. سُتل  اُٺ جي ڳچيءَ  هيٺان گِسري لنگهجي. ڪنهن ياد ڪيو يا ڳالهه ڪئي، اهو ماڻهو مٿان اچي نڪتو ته عمر وڏي ٿيندس. ڪو ماڻهو جيئرو آهي پر مئل هُلجي ويو ته عمر وڏي ٿيندس. جيئري کي خواب ۾ مئل ڏٺو ويو ته عمر وڏي  ٿيندس. جنهن ڪانگ جي اوڀر کاڌي، ان جي به عمر وڏي ٿيندي.

ڄمار يا عمر ننڍي ٿيڻ بابت: سُتل کي اورانگهبو يا سُتل مٿان کاڌي پيتي جو شيون ٽپائبيون ۽ انهن شين کي جيڪو واپرائيندو، اُن جي عمر گهٽجي ويندي.

اڏاوتن بابت: اربع ڏينهن ڪم شروع ڪرائجي. چَپُ چپُ سان نه لڳي، اُن ڏينهن تي ڪاٺ  وڍائي جاءِ ۾ ڪم آڻجي. جيڪو ڪاٺ اڱاري، ڇنڇر ۽ آَچر تي وڍائبو ته اُ ن کي اُڏوهي نه لڳندي. ۽ نه سُرو وٺندو. جا3 ٺهرائڻ وقت اءِکي پوئتي هٽائي نه ٺهرائجي، نه ته گهر جا ماڻهو کُٽي پوندا.

کوهه جي چَڪ بابت: کوهه جي تري ۾ لاهڻ کان اڳ جُڃُ ڀَت ڪن. چَڪَ کي ڳانا موڙ ٻڌن، کائي رڄ ٿين. خوشيءَ  کان پوءِ سموريءَ چڪ کي ڪپڙي جي چولي، جوڙي (ڪفن) ڪري ڍڪائين. پوءِ کوهه ۾ ڍارين. ان لاءِ چون ته ”وري اها ٻاهر ڪانه نڪرندي، ڄڻ ته مري ويئي“ تنهنڪري ايئن ڪن.

دانگي يا تئي بابت: انهن کي چُلهه تان خالي لاهي هيٺ رکبو ته پٽيندا. تنهنڪري پڇاڙي واريءَ مانيءَ سميت هيٺ لاهي رکي، پوءِ ماني منجهائنس ڪڍن.

ڪپڙن ڌوئڻ بابت: پاڻيءَ  ۾ ٽهڪندڙ  ڪپڙن کي ،لوهه جي سيخ يا چمٽي سان اُٿلائبو ته ڌوتي اڇا ڪين ٿيندا . ٽهڪندڙ ڪپڙن ۾ ٿُڪ وجهبي ته اَڇا ٿيندا.

آچار يا سانڌاڻي بابت:  رات جو بتيءَ  جي سوجهري تي آچار، ٿانءَ مان ڪڍبو ته روشني  پوڻ سان ڪِنو ٿي ويندو.

ويسر بابت: جي وهجندي پيشاب ڪبو ته ويسر ٿيندي. اُٺن جي قطار جي مهارن هيٺان لنگهبو ته به ٿيندي.تربتن تي رکيل  نالي واريون سرون (مُصليٰ ياڪتبا ) گهڻا پڙهبا ته به ويسر ٿيندي.

نقصان يا نڀاڳ واريون حالتون: گوڏا يا جوٽون اونڌيون ڪرڻ. ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي سمهڻ. جوان ماڻهوءَ جو ڪانڀ ڪڍي ويهڻ. رات جو سائو وڻ وڍڻ جُتي پائي سمهڻ هيڪلي وڻ هيٺان ويهي کائڻ سُهائي سومار ڏينهن، سهاڳڻ زال جو تيل ميٽ پائي وهنجڻ. ٽي مانيون يا ڪي به ٽي شيون ڪنهن کي ڏيڻ. پير سان پينگهو لوڏڻ. جُتيءَ سان کٽ ٿر چڙهڻ. آڱرين مان ويهي ٺڪاءِ ڪڍڻ. ڀُوڪر ڪرڻ. پير پير تي، گوڏي تي رکي ويهڻ  ڏند ڇڊا نڪرڻ. ( ننڍڙي ٻار جي مٿي کي ڦڻي ڏبي ته ڏند ڇڊا  نڪرندس) مٿي جي سينڌ  ۾ اُبتي ڀؤنريءَ ( وارن جي چڪري) جو هجڻ . چانئٺ تي ويهڻ .( ان لاءِ  چون ته ” قرض ٿو لهڻين ڇا“) رات جو ڀڳڙا کائڻ. ڪُتي جون اوناڙون ڪرڻ. ( هن لاءِ چون ته ” اُڀ مان آفتون لهنديون ٿو ڏسي.“) رات جو ڪپڙا ڌوئي  سُڪڻا وجهڻ. پنڌ ويندڙ ماڻهوءَ  جي پيرن جي ٺپي تي پير رکي هلڻ. ڪتي جو گيسو ڏيڻ، ( ان جاءِ تي پاڻي هاري ڇڏين) مانيءَ  جو گهڙَيندي ٽُٽي پوڻ. ان لاءِ  چون  ته ( ” بڇڙي خبر ملندي.“)  جنهن کي ڌنڌو  نه لڳي، وهانءُ يا سڱ  نه ملي ان کي به نڀاڳو ليکين .اُبتي هٿ جي ننُهن سان مٿوکنڻ. ماديءَ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ ( ان کي ڪُهي ڇڏيندا آهن) اربع ڏينهن اتر طرف وڃڻ. خميس ڏينهن ڏکڻ، لاڙ يا ڪا ڇيل ڏي وڃڻ. رات جو کٽ اُڀي ڪرڻ. جمعي ڏينهن  واڍي، رازي ۽ موچيءَ  جو ڪم ڪرڻ. رات جو ٽوپو ڏيڻ جهل پوندي به اهو ڪم ڪرڻ. منهن تي باني وارو وهٽ وٺڻ.اڻٽيهين تاريخ نحس تارو زمين تي ٿو  رهي، ان تاريخ ڪو سٺو ڪم ڪرڻ.رات جو ڪانگن جولنوڻ. جُتيءَ جي پادر جو لاهڻ سان اونڌو ٿي پوڻ. خالي ٿانءَ واري جو سامهون گڏجڻ ۽ دڪاندار جو بنا ٻهڻيءَ جي صبح پهر اوڌر ڏيڻ. نڀاڳ جون نشانيون آهن. جيڪا زال، تين تاريخ رات جو اڀ ۾ تارا ڏسندي ته ان تان اهو سڄو مهينو بدنامي، خواري ۽ گلا نه لهندي.

جنهن کي نڀاڳو سمجهجي ان جي کُڙي ڏنڀي ڇڏجي.

ڪم ڪونه ٿيندو، ان بابت حالتون:  ملهاري يعني ملهالي پکيءَ جو آواز صبح جو جيئڻي  طرف ٿيو ته، تتر ساڄي پاسي تنواري ته.نيراني ڪاڻي ماڻهوءَ تي نگاهه پئي ته، ۽ شيرو ماڻهو سامهون مليو ته چون ” ڪاڻي ۽ شيري  کي پٺيان بُجو ڏجي.“ ويندڙ ماڻهوءَ کي پٺيان ڪنهن سڏ ڪيو ته ان لاءِ چون ته ” کيس ترسي پوءِ وڃڻ گهرجي.“  گڏهه هينگ ڪئي ته ڇِڪَ  يا نڇ اَئي  ته. اڳيان ڪاري ٻلي، سهو يا گدڙ لنگهي ويو ته. گدڙ جو نالو وٺندي گدڙ اچي  لنگهيو ته به ڪم ڪونه ٿيندا. 

جي ڪنهن جو ڪم نه ٿيو ته چون” گِرهه اَڏا اَيا اٿس.“

ڪم ٿيڻ بابت حالتون:  ُڏائي ٻولايو، يعني مِيئڻي (کاٻي) پاسي شام جو ملهاري ٿي ته، ۽ تتر تنواريو ته به.

ڪم لاءِ چون:

” ڇنڇر ڏينهن ڇيهه نه ڪجي، اُڀرندي اَچار،
ٻه پهر جمعي جا تون ويهي گهر گذار،
ته قادر تنهنجي ڪار، حاصل ڪندو حاج پئي.“

 

ٻه ڇِڪون يا نڇون گڏ آيون ته. گهوڙي ڦونگهارو هنيو ته . ڳالهه وسريل ياد اَئي ته اهو ڪم پاڻ جلد ٿيندو.

سڀاڳ جا سوڻ: ڏينهن جو گدڙ جي اونائي. سبتي ڀؤنري مٿي جي سينڌ ۾، گنج کُٿل. جمعي جي ڏينهن يا رات جو ڀڳڙا کائڻ. آچر، جمعي، سومر ۽ اڱاري تي نوان ڪپڙا پائڻ. دروازي اڳيان گپ ٿيڻ.. .ٻار کي خميس ڏينهن پڙهڻ ويهارڻ. پوليس کي جاچ لاءِ نڪرندي اڳيان جنازو ملڻ.

مهمان اچڻ جون حالتون: ٻلي پيرچٽي پنهنجي منهن تي گهمائيندي ته. ڪتو گهر اڳيان ليٽاريون پائيندو ته. کيانتو يعني ڪانگ لنوندو ته .گرانه مانيءَ جو هٿ مان ڪِري وڃي مانيءَ  تي پيو ته. مانيءَ گهڙيندي، مانيءَ جو ڪو پاسو وڌي چِٻو ٿيو ته گرانهه کائيندي اڱر ۾ اپاڪي چڪ لڳو ته. ڪڪڙ کنڀ ٽيڙي، اُس تي وڃي ليٽي پئي ته مهمان ايندو.

چون ته ” ڪي به ٽي ڄڻا گڏجي ڪٿي مهمان ٿي نه وڃن، نه ته ان گهر تي مصيبت ايندي؛ ان لاءِ چوٿون ماڻهو ڳوٺ  مان پاڻ سان وٺي وڃي پوءِ  مهمان ٿينِ.“

ڏڪار پوڻ جون حالتون: گهوٽ سيج تي کلندو ته. تئو يا دانگي کلندي، يعني ان جو هيٺيون باهه وارو پاسو چڻگون ڇڏيندو ته. ڪپڙي جي تند ساڙبي ته ان ڪري ڪپڙو مهانگو ٿيندو.

گِلا بابت: مکُ منهن مٿي کي ويٺي ڪُٽندي،ته گلا ٿيندي. زبان ۾ اوچتو چڪ لڳندو ته پير جي پٻ ۾ کَئي ٿيندي ته. باهه ڀڙڪو ڪندي ته به گلا ٿيندي.

مسافري ڪرڻ بابت: جُتيءَ  جو پادر لاهيندي ٻئي پادر تي چڙهي پئي ته. پير جي کُڙيءَ ۾ خارش ٿئي ته. پير جي تريءَ  ۾ تِرُ هوندو ته.

اڳلي جو بکيو يا لنگهڻو هجڻ: سونارو، سون توريندي ذرو ذرو وڌائيندو وڃي ته. ماني، دانگيءَ يا تئي ۾ اَڀامي ته اَيل ماڻهو بکيو سمجهبو.

عجيب ڳالهيون: هٿ جي تريءَ  ۾ خارش ٿئي ته پئسا ملندا يا ڪنهن کي کينڪاربو اوچتو ڪنهن پنهنجو نالو ڪوٺبو ٻڌو ۽ ٻاهر نڪرڻ تي ڪوبه ڏسڻ ۾ نه آيو ته چون ” ڪَنَ پيا وڄنس“ قبر پئي ڪوٺيس“ گهڻن ڏينهن کان پوءِ  ڪو ماڻهو اچي ته ان لاءِ چون ته ” مٽ يا دلو ڀڃي ڇڏيو.“ صبح جو ڪنهن جي به، ڪنهن ڪوڙي ٺهيل ڳهڻي ( زيور) تي نظر پئي ته چون ” ان سوا سير گو... جو کاڌو.“ سڄي ڄمار ۾ جي سوا مڻ  سوئري جو اکين ۾ ڪنهن نه پاتو ته قيامت ۾ پڇاڻو، ٿيندس. چٻ جو جتي پاڇولو پيو اُت سُڃ ٿيندي. چٻرو جت به ويٺو ته ست پاڙا ڦٽائيندو.

هما پکيءَ جو، جنهن تي پاڇو پوندو، سو بادشاهه ٿيندو. گدڙ ڏينهن جو اونائي ۽ ڪانءُ رات جو ُ ڪان ڪان،  ڪري ته ڏڪار پوندو يا بادشاهه بدلبو.

سنجهي مان ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ آئي  ته پڪ ڪٿي قضيو ٿيو آهي يا  ڪا چوري ٿي آهي.

ڪوڪوڙو افواهه اٿيو ته چون” ڪنهنجي گهوڙي ويائي آهي يا نيروٽيءَ جي ڪُنُ کَري آهي.“

چون ”انسان جي بدن ۾ هڪڙو سوئر وار آهي. ان لاءِ ستاويهين تاريخ  ُقدر“ جي يا نائين تاريخ ذوالحج جي، اَسر جو يا صبح جو سويل اٿي وهنجبو ته اهو وارو پُسندو نه ته سُڪوئي رهندو. ان ڪري سڀڪا عبادت وئڙت پئي ويندي؛ وهنجڻ کان پوءِ  ٻير جي وڻ کي وڃي ڌُوڻبو، پوءِ جيترا پَن ڪرِندا اوترا گناهه بخش ٿيندا.

ڳالهه جي سچائي بابت:  ڳالهه ڪندي نڇ آئي ته ڳالهه سچي آهي. ٻانگ اَئي ته به.

ٻيون ڳالهيون: پاروٿو طعام کائبو ته هِنيانءَ انڌو ٿيندو، تنهنڪري، پڙهندڙ ٻار کي اهڙو کاڌو کائڻ ڪونه ڏين. ”ڀؤنر، گهر ۾ اڏامندو ڏسن ته ان کي کير يا پاڻيءَ  جو ڇنڊو هڻن، چون ته ” ڀؤنر ناهي، پر مئل مائٽن جو روح آهي، “  نئين خريد ڪيل ڪُڪڙ کي گهر جي چلهه مٿان ست ڀيرا گهوري پوءِ ڇڏي ڏي، چون ته هاڻ ڪنهن به پاسي جي سونهي ڪانه ٿيندي. ڪنهن پير جي مريد ٿيڻ لاءِ، ان جي وارن جي چڳ ڪترائين. ( چڳ، پيشانيءَ جا وار آهن) اهڙي مريد کي ”چڳَ وڍيو“ مريد چون . پنهنجي پاڇولي کي هر هر ڏسبو ته چريو ٿبو. تارو اُڀ۾ کڙيو ته چوندا ” شيطان کي اُماڙ پيا لڳن.“  سنجهو ٽاري پوءِ  پنڌ پئجي، نه ته پنڌ وڌي پوندو. چون ” زال ذات جو عقل ڏائيءَ کڙيءَ  ۾ هوندو آهي، سج لٿي کان پوءِ اهو به چٽ ٿي ويندوآهي.“

جمعي جي ڏينهن ڀڳڙا نه کائبا ته ماڻهو  قرضي ٿيندو سهائيءَ رات ۾ جي کير اگهاڙو رکيل هوندو ۽ ڪنهن ڍڪيو نه هوندو، ته اُن مان ٻه اڱريون  ٻوڙي، کير جا ڇنڊا چنڊ ڏانهن اڇيلن . جون “ متان کير تي پَرين جو ڇانولو پيو هجي.“  سامهون ڪو کير کڻي ويندڙ  گڏجي  ته ان کان کير جو ڍڪ وٺي سُرڪين.ڀاڳيا ماڻهو ڀُلجي به کيريا پِسُ ڪونه کائين چُلهه ۾ پاڻي هارڻ سان ماڻهو قرضي ٿيندو.

ڪهاوت: ” ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو،
شيرو شرارتي، ٻاڏو ٽيڏو ٽاڏاڻو،
گنجو ساماڻو، ته مڙني کڻي ماٺ ڪئي.“

 

هٿ جي تريءَ ۾ تِر هوندو يا خارش ٿي ته پئسا جام پيا ملندا. جنهن کي پير ۾ پدم هوندو ته اهو ماڻهو سگهوئي شاهوڪار ٿيندو.(پد،چون پير جي انهيءَ ريکا کي ، جا آڱوٺي ۽ شامل آڱر جي وچ  تان نڪري، سڄو پٻ اُڪري، پير جي پيٽ وٽ اچي ختم ٿئي.) جنهن ماڻهوءَ جي پاڻ هجڻ کان ڪڪ ٿجي ته اُن جي ٻاهر نڪرڻ تي، ڌوڙ جي چپٽي کڻي پٺيان اڇلجيس.

گوشت رڌيندي نه ڳري، ته گوشت جو هڏو ڪڍي  ساڳينءَ  چُلهه ۾ ساڙجي. ڪتو ڀونڪي ته بجو ڏجيس. يا هيئن چئجي” الم تر چار ڪَرَ، پنجون پُڇ ڪتا تون نه ڪُڇ.“

خالي مٽ يا دلو رات جو گهر ۾ نه آڻجي.ڪوري دلي يا مٽ جو پاڻي، پهرين چيڙاڪ يا تکي طبع واري ماڻهوءَ  کي پياربو ته پاڻي ٺرندو رهندو. کٽ تي نماز پڙهبي ته ماڻهو ڀولڙو ٿيندو. کاري ۾ ويهبو ته به ڀولڙو ٿبو.ڏياريءَ جي رات ڪپهه جو ٻُڙو، مٿي کُڏ تي رکي ڇڏين، صبح جو اٿي ڏسن؛ جي پهو گهميل هوندو ته سال سٺو ٿيندو ۽ جي سڪل  هوندو ته ڏڪار پوندو ڪَڪَڙ مک ، پٺن تي ويهي يا چڪ هڻي  ته سال سٺو ٿيندو ٻار جي ٽيڏاڻ ڪڍڻ لاءِ  ٻرندڙ ڏيئي ۾ ڪوڏي وجهي ڇڏين.“  يانٿڙي ٽوپي ڇڏين ڳوهيري جي چڪ  جي زهر نڪرڻ لاءِ چون ته ” ست ڦيلهيون گو... کائڻو پوندو. “ بصر جو پاڻي اکين کي تکو لڳي ته چون ” مالهيءَ ڦوس ڏيئي، پوءِ بصر پوکيو آهي.“

ليمي تان داوا، ماکيءَ تان حجام، کنڊ تان ڪنڀار، واڱڻن تان واڍا، مڱڻ تان مڱڻهار چڙندا آهن. گهر مان ڪو ڀاتي ٻاهر پري اُسهيو ته تيستائين ٻهاري ڪونه ڪڍن، جيستائين موٽي اچي. چون ته ” جي هٿ يا پير جو نُنهن ڪنهن جي گهر ۾ ڪِري پيو ته اُن جو جهڳوئي ڌوپي ويندو.“ ٻلو يا ٻلي ماربي ته ست ورهي پوندي،  يعني ست سال گهر ۾ وري قدم ڪونه رکبو. اُٺ جي ٽِٽِ تان کلبو ته هسا نڪرندا. جنهن ماڻهوءَ  جي اکين جون ماڻڪيون پيليون هونديون، سوڪڏهن به وفادار ڪونه ٿيندو. بندري کي شيطان ۽ ڊگهي کي بيوقوف شمار ڪن.ڏيڏري  ماربي ته ڪڇوراڙي يعني ڪڇ  ۾ ڳوڙهي نڪرندي.چون ته ”ٽيٽيهر پکي، رات جو ماڻهن جا ٻچا ٿو پٽيِ، يا پاراتا ٿو ڏي.“ ان جي ٻولي  ٻڌي  چون ته ٽيٽيهر آنا پَٽ ۾ ، پر بچائڻ وارو تون.“

جهيڙو ٿيندو:  ڪانولي  ڪنهن گهر مٿان ويهي ٻوليندي ( آواز ڪندي) ته ان گهر ۾ جهيڙو  ٿيندو. نَنهن ڪنهن  جاءِ  ۾ ڇڏبا ته جهيڙو ٿيندو. جهرڪيون ۽ ڪٻرون  پاڻ ۾ وڙهن ته ڪٿي  جهيڙو ٿيندو. ڪَرَهه  ڪڪڙي، جنهن کي کڙهه ٽنڊڻي به چون ، اها ڪٿي اڇلبي  ته جهيڙو ٿيندو ڪٿي  ويهي ڇيڻو  ڀوربو ته اتي جهيڙو ٿيندو.هڪڙي جي ڦڻي، ٻيو مٿي کي ڏيندو ته ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيندو. ڪنجون کُڙڪائبيون  ۽ چمٽو وڄائبو ته  جهيڙو ٿيندو. سيڙهه جو ڪندو ڪنهن گهر ۾ اڇلبو ته به جهيڙو ٿيندو. وري مُڱ  ڪنهن گهر ۾ اڇلبا ته ماٺ ٿيندي.

مرڻ ۽ مئن بابت:  ڏائڻ، ماڻهن جا هِنيان ڪڍي کائيندي آهي. ڏائڻ به ڪا وڏ گهراڻي زال ٿيندي آهي. گهڻو ڪري سوناريون ڏائڻيون ٿينديون آهن جنهن گهر ۾ ڏائڻ پيدا ٿي ته هاتار  يا چراخ پاڻهي ان کي  ڳولي هٿ ڪندو آهي. ڏائڻ  ان تي چڙهي وڃي قبرستان  مان تازن مُڙدن جا هانءَ پٽي کائيندي آهي. ڏائڻ جي اکين ۾ ماڻهو جي ابتي شڪل يعني ٽنگون مٿي سسي هيٺ ڏسڻ  ۾ ايندي آهي.

ڪلهُي تي هٿ رکي بيهڻ سان اُن ڀاءَ مرندو. ڪنجهي جو وٽو يا ٿالهي وڄندي ٻڌي، مئا سڀ اٿي ويهندا، سمجهندا ته قيامت اچي ويئي. کير پياڪ ٻار مرندو ته  قيامت جي ڏينهن مائٽ ڳولي انهن کي بهشت ۾ وٺي ويندو. مئي ماڻهوءَ  کي، ڪنهن وهٽ تي ڪاِئي  ٻڌي کڻن، ته ان وهٽ کي گهنگريا ۽ ڇيرون گوڏن ۾ ٻڌن، باقي وهٽن جا ڪَن ڦاٽيو پون.“ لاشو ڪنهن موٽر لاريءَ  ۾ رکي کڻبو ته اُن جون به ڪلون خراب ٿي پونديون. ڌڪ لڳڻ سان ڪو ساهوارو يا جانور ساڻو ٿي پوي ته مُٺيون ڦوڪين. چي، ساهه  ورندس. هِڏڪي  ٿئي ته چون” ڪنهن ياد ڪيو آهي!“

فال وجهڻ جا ڍنگ:  شيءَ  گم ٿئي ته فال وجهائين، بيمار جي چڱي  ڀلي ٿيڻ لاءِ  فال وجهائين، ماڻهوءَ  جي حقيقت  وٺڻ لاءِ به فال وجهائين.

(1) فال لاءِ ڪتاب پٽائين. انهيءَ ڪتاب ۾ خانا نمبرن سان ٺهيل هوندا آهن فال وجهائيندڙ  کان اکيون  پورائي گول دائري وارن انگن تي هٿ جي ڏسڻي آڱر رکائين پوءِ اُن نمبر واري خاني جو مضمون پڙهي ٻڌائين.

(2) ڌرتيءَ  تي ليڪا ڪڍي، اِڪي ٻڌي  ڪري ڳڻين ۽ مطلب ٻڌائين.

(3) فال وجهڻ وارا، پنهنجي ٻانهن جي نريءَ  تي، ٺونٺ کان وچين آڱر جي چوٽي تائين هيئن چئي” سچي بيبي فاطمہ ، سچو علي شير، پوءِ ٻاڙيون مئي مطلب ٻڌائين.

(4) ننڍڙي بي سمجهه ٻار کان پڇن ته ” فلاڻو ماڻهو اکيين ڪي ڪَنين ؟“ يعني ويجهوآهي يا پري.

(5)پٽُ لنبي، ان تي گول چڪرائون ليڪو پائي، پوءِ ان جي مٿان آڱرين جي ٽيڪ  تي ڏوئي جهلي بيهن. ڏوئيءَ جنهن پاسي لوڏو کاڌو ان جو مطلب ڪڍي ٻڌائين.

  (6) اکيون پوري، ٻنهي هٿن جي وچين آڱرين جون چوٽيون پاڻ ۾ ملائين ۽ خبر ڏين

(7) تسبيح، تريءَ مٿان اڀي جهلين، جنهن طرف لوڏو کائندي ته ان پاسي جو بيان  ڪري ٻڌائين.

ٺڪِر جو ڪورو ڪؤنرو پاڻيءَ سان ڀري، مُٺئي ۽ ٻُنديءَ کي ساون ڊڀن سان بند ڪري، ان ۾ چورن يا ڏوهارين جا نالا وجهي، ڪؤنري جي مٺئي جي گرڻ کي اشهد جي اَڱر کي ڏورو ڪري، ٻه ماڻهو مٿي کڻن؛ جڏهن سچي چور جو نالو ايندو ته ڪؤنرو ڦرڻ شروع ڪندو.

عضون جي ڦڙڪڻ يا ڦَرڻ بابت: چون ته” مرد جي کٻي ۽ زال جي سڄي پاسي واري اک ڦڙڪي ته چڱي.“

اک جي ڦر ڪي بند ڪرڻ لاءِ مسيت جي نُک جو ڪک ڇِني کي جي ڇپر تي رکن. ڪنهن ڪاڻي ماڻهوءَ کان اک تي هٿ گهمارائين. چون ” ڪُلهو ڦَڙڪيو ته  ڪنهن کي ڀاڪر پائبو چَپ ڦڙڪيو ته جهيڙو ٿيندو سٿر ڦڙڪي ته ملاقات ٿيندي.“

وهمن کي پڪو ڪندڙ ڳالهيون:

سون بابت ڀرمي ڳالهيون: سِرڻ ۽ ڳجهه جي ٻچن جون سون ڏسڻ سان اکيون کلنديون آهن. اُهي ڪٿان نه ڪٿان سون کڻي آکيري ۾ رکنديون آهن. چانهه پکي ۽ ڦوسي پکيءَ جا آنا تڏهن ڦُٽندا آهن، جڏهن اهي پارس پٿر آڻي، آنن تي ليڪوڪڍنديون آهن.

عربستان ۾ ٻڪرار، پنهنجين ٻڪرين جي کُرن ۾ لوهه جا نعل هڻندا آهن. ڪنهن ڏينهن اهي سونا ڏسڻ  ۾ ايندا آهن، سبب ته عرب جي جبلن جي ريتيءَ  ۾ پارس آهي.

حيدر آباد ضلعي جي لاڙ ڀاڱي ۾ ڌؤنرن هنڱورن جون مشهور ماڙيون “ ڊٺل صورت ۾ موجود آهن. انهن لاءِ  چيو وڃي ٿو ته : هنڱورن جو وڏو جنهن کي ڍل جي پاداشت ۾ ٻڌي، حيدرآباد  وٺي وڃي رهيا هئا. پوليس گهوڙن تي هئي، پاڻ پنڌ هو. گنجي ٽڪر  تي هڪ هنڌ  ٽونگ ۾، ان جوابدار پيشاب ڪيو ته ان ٻر گهل مان هڪ ڀٽون نڪتو، جنهن کي چِلهي ماريائين. منجهائنس هڪ چمڪندڙ ڪَڻ نڪتي، جا هن کيسي ۾ وجهي ڇڏي. شهر ۾ پهچڻ کان پوءِ ٻيڙين وٺڻ لاءِ هن کيسي ۾ هٿ وڌو ته ٽامي وارا سڀئي سڪا سونا ڏٺائين.  پوءِ اهو سون وڪڻي، اتي ئي ڍل پياري ڳوٺ موٽيو ۽ ماڙيون ٺهرايائين پڇاڙيءَ  مرڻ وقت اهو پارس ڀر واري ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪيائين. سندس پوَين ڍنڍ جو پاڻي سڪارائي ، مِٽي ولارائي ڇاڻائي ڇنڊائي ڏٺي. پر پارس موٽي هٿ نه آين. 

سون ٺهڻ جو وهمي نسخو: ڄاڻو چون ٿا ته ” سون جون کاڻيون آهن ۽ سون انهن مان لڀي ٿو. انهيءَ هنڌ ٻيون معدنيات به ملن ٿيون جهڙوڪ: هرتال، شنگرف، پارو، اولاسار، ٽامو، چاندي، مارشيشا، هيراڪس، نوشادر وغيره. انهن کي جڏهن گرميءَ جي مقرر درجي تي ٽهڪو اچي ٿو ته ڪي شيون گڏجيو سون ٿيو پون.“ تنهنڪري مَهوسي ماڻهو انهن مٿين شين کي ملائي باهه ۾ رجائي سون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن: ٽامي جو اڪسير، ايريال يا ڪنوار ٻوٽي ۾ يا سورج مکي جي رس ۾ بنائين. پوءِ اهو اڪسير چاندي، پاري وغيره سان ملائي ڪوٺاريءَ ۾ وجهي چرخ چاڙهين يعني باهيون ڏين. پوءِ سندن هَوسَ کُٽئي ڪونه، چون، ”رڳو هڪ چرخ جي دير هئي“، ائين ڪندي ملِڪيت ڀينگ ڪندا ٿا رهن، پر سون کانئن اڃا ڪونه ٺهيو آهي! 

ٿر ڀاڱي ۾ ڀرمن جو ڳالهيون:  (1) هڪڙي زال ڏاڍي وهمي هوندي هئي. ان جي پٽ کي ٽي سال ٽيپ آئي. جيڪي ماڻهو پڇنس ته ” مائي ، تنهنجي ڇوڪر کي ڪيتري سزا اَئي”“  مائي جواب ڏيڻ کان ننواکر واري ويهندي هئي.  ڳوٺ وارن پاڻ ۾ صلاح ڪري، سندس چؤنري، جي ڀر ۾ رات جو ڪچهري ڪئي. هڪ وات ڦاٽوڙي چيو ته ”هن مائي جي پٽ کي به ڏهه سال سزا اچي ويئي.“ مائيءَ ڀُڻڪندي چيو ته ”ايندس دشمنن کي.“ وري ٻي چيو ته” ڏهه نه، باقي نَوَ سال پڪ اَئي اٿس. “ تڏهن به مائيءَ ساڳيو جواب ڏنو. ائين لهندي لهندي، پڇندي پڇندي، ڳالهيون ڪندي، جڏهن ٽن سالن تي پهتا ته مائيءَ چيو ته ” مڙس جو پٽ آهي ڪاٽي ايندو.“  وهمي ماڻهو سزا جو انگ ٻڌائڻ کان به لهرائيندا آهن.

(2) هڪڙو چاچو ۽ ڀائٽيو، چوريءَ  جو ڌنڌو ڪندڙ هئا. پر چوري ڪرڻ کان اڳ، دلي جي گرڻ کڻي وڃي ڄار يا کٻڙن جي وچ  ۾ ٽنگي ڏسندا هئا ته ملهالو يا ميِٽو پکي ان گرڻ جي وچ  مان اُڪري وڃي ٿو يا نه. جي ُاڪرندو ته چوريءَ تي ويندا هئا. ۽ ڪين پڪڙبا هئا، جي نه اُڪرندو هو ته ويهي رهندا هئا. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو، جو چاچي  کي پيشاب لڳو ۽ ڀائيٽي کي نظرداري لاءِ ويهاري ويو. جڏهن موٽي آيو ته ڀائٽي ٻڌايس ته ” ميٽو اُڪري ويو آهي.“

پوءِ ٻيئي رات جو چوري تي ويا ۽ هڪڙي شاهوڪار جو وڃي مال کنيائون. اوچتو ماڻهن کي سجاڳ ٿي پئي، وٺي (چورچور) ڪيائون. ٻيئي چور وڃي پراڻي ڇاپري هيٺان لڪيا. ماڻهو بتيون ٻاري، چور ڳولڻ لڳا. چاچي ڀائيٽي کي چيو ته ” پڪ اٿئي ته ميٽو گرڻ مان اُڪتو هو؟“ هن چيو ته ” ويهه ويساڪ پڪ آهي“ تنهن تي چاچي چيو ”جي اُڪتو آهي ته پنهنجي اَڱوٺي به ڪاڻ ڪانهي.“ اّخر اوچتو هڪڙو اوهيرو اُڀ ۾ پيدا ٿيو، جنهن وسڻ سان پوريون ڪري ڇڏيون. ماڻهن جون بتيون وسامي ويو، ڳولا بند ڪري ويهي رهيا. چور به ڌيري ڌيري اتان نڪري ڦُٽي ويا.!

(3) تعلقي ٽنڊي الهيار جي بڪيرن ڳوٺ ۾ پير آهن، تن جا گهڻا مريد ٿر واري ڀاڱي ۾ رهن ٿا. جن کان ڏَن پَٽ، فرائضه چاليهو وٺڻ لاءِ اڻهي سيڪڙ يا مسافري ۾ هوندا آهن. انهن مان هڪ وڏي پير ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ خادمن سان هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي لٿس. رات جوڪچهري ٿي. اتي برسات وسڻ جون ڳالهيون نڪتيون. هڪڙي ٿريي ڳالهه ڪئي ته ” هن ڳوٺ کان ٻاهر هڪڙو پٿر آهي، اهو جڏهن گِهمبو آهي، تڏهن مينهن  جا نار نئي پوندا آهن!، اَڌيءَ رات جو اسان جي ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي وڃي انهيءَ پٿر مٿان پيشاب ڪيو، ۽ مون کي اها ڳالهه ٻڌايائين. صبح  جو اسين ٻيءَ منزل تي وڃڻ لاءِ ٽپڙٽاڙي ٻڌڻ لڳاسين ته اهو ساڳيو ٿريو، ڊوڙندو آيو اچي ۽ چيائين ته ” ميانصاحب، ڀڄڻو هجيوَ ته ڀڄو. پٿر گهِميو بيٺو آهي.  مينهن آيو ڪِ آيو!“ اسان هن کي چيو ته” هائو ادا، تون ٺيڪ ٿو چوين.“  دل ۾ ان جي ڀورڙائي تي کلي رهيا هئاسين. هن چيو ته ” بچين، گِيهرَ نه ڪريو، وهٽن کي تڙيو ۽ هن سيمِ مان نڪري وڃو!“  اسان وهٽن تي چڙهي سڏ پنڌ به ڪونه ڪيو ته اوڙڪون وسي پيون، چار ڪوهه پنڌ جا مينهن، اسان جون متيون مُنجهائيندو هليو! مرڳو حرڪت مان برڪت ٿي پئي!“

(4) مرحوم مولوي قادر بخش شيخ، ڳالهه ڪئي ته ” آءٌ گڍڙي ۾ ماستر هوس. صبح جو اُٺ تي چڙهي گڍڙي جي ٽيشن تي اچي، گاڏيءَ ۾ چڙهي ڪراچيءَ  ۾ اي. آءِ صاحب جي آفيس ۾ وڃي، ٿر مان حيدرآباد ضلعي ۾ ٽرانسفرڊ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هُيمَ. صبح جو جيئن اُٺ تي لانگ ورايم ته اسان جي کاٻي پاسي گڏهه هينگ ڪئي. اها هينگ ٻڌي، جَت چيو ته ” سوڻ ته تمام سٺو آهي، سائين، تون وڏي نصيب وارو ڪيئن آهين،جنهن ڪم لاءِ نڪتو آهين، تنهن ۾تنهنجا پئون ٻارهن آهن!“  مون پڇيس ته ” سو ڪيئن؟“ هن چيو ته ” سواريءَ تي لانگ واريندي، جي کٻي طرف کان گڏهه هينگ ڏي  ته خوني ماڻهو به ڦاسيءَ تان لهي اچي !“

پوءِ ٿيو ائين، مون آفيس ۾ پهچي  درخواست ڏني،جا هڪدم منظور ٿي. پر مون هينگ تي اعتبار ڪونه ڪيو، ڇو ته ڪم خدا جي طرفان اڳهين ٿيڻو هوپر ٿريي  جَت کي جس هجي، جنهن في الحال دلڌير ڏيئي ڇڏي.“

 ڀرم نه رڳو ايتري ۾ ختم ٿي ويا، پر روزانا نِت نوان وهم، سنسا، شرڪ، وسوسا اُپڙندا ٿا رهن. ڇو ته اڄوڪي اِنسان  جو ٽوڻن ڦيڻن، مَنڊن منترن، جهاڙن جهپن ۾ ڀروسو ٻجهندو ٿو وڃي. هٿن جون ريکائون ڏيکارڻ خوابنجي ويڃاڻن (تعبيرن) تي اعتبار ڪرڻ“ مُنڊين جي ٻُڙن سان قسمت ٺهڪائڻ (جن ۾ عقيق، مرجان، نيلم، پکراج، زمرد، لعل، ياقوت، هيرو، فيروزو، وغيره اچي ٿا وڃن)، آسمان جا ستارا گرهه پڇي، پوٿيون پَٽائي نحس ۽ سعد ساعتن تي هلڻ. وارن جي ڀؤنرين مان نڀاڳ سڀاڳ سمجهڻ. تِرَن ۽ هسن کي عضون  تي ڏسي نيڪ بختي ۽ سياهه بختيءَ جو اندازو لڳائڻ. طلسمي يا مقناطيسي منڊيون ۽ انهن جا پَٽا، جي بيمارين کي روڪين ٿا،تن جي پوئتان رقم ريلڻ. اڃا  به الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون  پرکون ۽ حيلا حوالا ٿا ڪن! مردن کان واڌو زالن جو حصو وهمن ۾ گهڻو ورتل ٿو ٿئي، جي پير فقير ڀيٽينديون ٿيون وتن!

هن سائنس جي زماني ۾ به وِسوِسائي ماڻهن جي اونڌي سمجهه چوٽ چڙهيل آهي. هڪ الله کي ڇڏي، ماڻهو مڪرن، ٽيڪڙن، ٽِڻن ٽڪاڻن، ٺوڳي ٽولن، ٽُوٽن ۽ ٽوٽڪن جي پٺيان ڦيريون پائيندا وتن.!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com