جنرل پالڪ جي 1859ع جي رپورٽ جو چوڻ آهي ته: اهڙو
ڪو کوسو مشڪل آهي، جوڪنهن نه ڪنهن ڏوهه جي ڪري،
جيل ۾ نه ويو هجي يا ڏوهه نه ڪيل هجيس. پيڙهين کان
وٺي گهوڙي ۽ تلوار سان سندن گهرو ناتو رهيو آهي ان
ڪري اهڙيون عادتون اٿن.
خيال آهي ته ٻين بلوچن وانگر کوسا، چوڏهين صدي
۾اچي ديري غازي خان ۾ آباد ٿيا هئا. انگريزن جي
اچڻ تي سکن ۽ بلوچن خلاف،انگريزن جي حمايت ڪيائون
سنڌ ۾ انگريزي اقتدار قائم ٿيڻ بعد، جيڪي بلوچن
جون بغاوتون ٿيون، تن ۾ به انگريزن جي مددڪيائون۽
اوائلي انگريزي فوج ۾به کوسا گهڻي انداز ۾ ڀرتي
ٿيا هئا. انگريزن لاءِ 1848ع ۾، ديرو اسماعيل خان
به سکن کان فتح ڪيائون.
1901ع جي آدمشماريءَ موجب، سندن تعداد ديري غازي
خان ۾چويهه هزار هو. چيو وڃي ٿو ته: سنڌ ۾ پهريون
دفعو اوڻويهين صديءَ ۾ روحل کوسو، ميان الياس
ڪلهوڙي جي وقت ۾ آيو هو.ميان الياس جي پٽ نصيرمحمد
، روحل کي جاگير ڏني. روحل جي پٽ راجوءَ کي وري
ميان نوُرمحمد ڪلهوڙي جاگير ڏني.ميان غلام شاهه،
شيرخان بن روحل کي زمين جاگير طور عطا ڪئي.
شيرخان کي ٻه پٽ هئا: عالم ۽ روحل. عالم کي ميان
عبدالنبي جاگير ڏني، جوهو سندس نوڪريءَ ۾ هو روحل،
عبدالنبيءَ جي وقت ۾ وفات ڪئي. کيس ڄام ڇٽي نالي
پٽ هو. ليفٽيننٽ ليچ جي رپورٽ موجب، ڇٽي ۽ عالم کي
ميرن کان پڻ جاگيرون مليل هيون، ۽ هو تيرهن سئو
ماڻهو گڏ ڪري سگهندا هئا. سندن جاگيرون لاڙڪاڻي
ضلعي ۾آهن.
سنڌ ۾ بلوچن ۽ ڪلهوڙن جي چڪرين۾ کوسا،ڪلهوڙن جا
حامي هئا.هالاڻي واري جنگ ۾ ديري غازي خان جو کوسو
سردار برخوردار خان ۽ روحل، عبدالنبي ڪلهوڙيءَ جي
طرفان، بلوچن خلاف سخت وڙهيا. برخوردار ڦٽجي پيو ۽
واپس ديري غازي خان موٽيو. روحل، ڪلهوڙن جي شڪست
کانپوءَ ميرن جي پيش پيو ۽ جاگير حاصل ڪيائين ٻيا
اڪثر کوسا، ميرن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد ٿرپارڪر
هليا ويا ۽ ڪڇ ۾ ڌاڙا هڻي گذر ڪندا رهيا. سندن ڪيل
ڦرلٽ کان پريشان ٿي، انگريزن سنڌ جي حڪومت کان (
جا ان وقت انگريزن جي سهاري هيٺ هئي) کوسن تي
ضابطي رکڻ جو مطالبو ڪيو ۽ سندن انهن ڪاررواين
لاءِ سنڌ جي حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو پر مورخن
جو اهو الزام، ته کوسا هميشه ڪلهوڙن سان شامل
هوندا هئا، مون کي درست نٿو معلوم ٿئي، ڇو جو خود
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، لاڙڪاڻي ۾ کوسن جي سردار
جعفر خان کي مارايو هو، ۽ ان بعد لڳل چڪريءَ ۾
هزارين کوسا مارجي ويا هئا. غالباً کوسا فقط
چراگاهن وغيره جي خيال کان سنڌ ڇڏي، ٿر ڏانهن ويا
هئا! ۽ نه ميرن جي طاقت ۾ اچڻ ۽ انهن سان سندن
اختلاف ڪري. ڇو جو انگريز هميشه شڪايت ڪندا هئا،
ته کوسا ميرن جي چرچ تيئي سرحدن تي اهي ڦرلٽ جون
ڪارروايون ڪري رهيا آهن
1901ع جي آدشماريءَ جي انگن موجب، سنڌ ۾ سندن
تعداد45516 ڪٿيو ويو آهي.
ماخذ
(1)
. ُ شاهنامه فردوسي،_ ڇاپو نولڪشور، لکنو؛ جلد 4،
صفحو 08
(2) ُ جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي، _ جلد
4،صفحو 320
(3) ُ پاپيولربلوچ پوئٽري، _ ايل. ڊبليو. ڊيمس،
جلد 1، صفحو96 ۽ 02
(4) ُتاريخ عرب“ _ مصنف: موسيو سديو ( فرينچ)؛
(ترجمو اردو) صفحو 0135
(5) ُ تاريخ اسلام، _ ذڪر معاويه بن ابو سفيان،
مصنف: جعغري رمزي دهلوي1908ع
(6) ُ تاريخ اسلام _ مصنف: سيد مولانا اڪبر شاهه
نجيب آبادي؛ جلد سوم، صفحو 9720
(7) ُ فرنٽيئر ائند اوورسيز ايڪسپبيشن فرام
انڊيا،_ صفحو 075
(8) ُ هسٽري آف ائلينشن، _ جلد 2، صفحو 2060
ليلورچنداڻي
وڻجارا
( سنڌين جا وڇڙيل ڀائر)
سنڌي ٻولي ۾ هڪ لفظ آهي ” وڻجارو“. انجي
معنيٰ آهي، اهو جو وڻج واپار ڪري. سنڌي اتهاس
شاهد آهي ته وڻجارو، وڻج واپار جي لحاظ کان ٻيا
ڏيهه پئي ڦريو آهي . هو ڪڏهن چين ولايت ته ڪڏهن
جاوا ۽ سوماترا؛ ڪڏهن سمرقند ۽ تاشقند، ته ڪڏهن
بغداد ۽ بصري ڏانهن پئي ويو آهي. شاهه صاحب اهڙن
وڻجارن جو ڪافي ذڪر ڪيو آهي.وڻجاري لاءِ وڻجاريءَ
جي سڪ ۽ پريم کي بهشاهه جي شعر ۾ چڱو ئي پلٽيو
ويوآهي.
دنيا جي تختي تي هن وقت، به هڪ قوم رهي ٿي
جا گذر سفر جي لحاظ کان گهڻو ڪري پيئي ڦرندي رهندي
آهي، ان قوم جو نالو آهي ” بنجارا“ انگريزي ٻوليءِ
۾ ان کي چون (جپسي ) (
Gypsy).
ان قوم تي اهو ُ جپسي، نالو ان ڪري پيو آهي، جو
چون ٿا ته: اها قوم، ايجپٽ يعني مصر کان ئي يورپ
ويئي هئي، ۽ بعد ۾ اتي ئي وڃي پکڙي هئي. ان جپسي
قوم جي شروعات ۽ اتهاس تي ڪيترا ليک لکجي تيار ٿيا
آهن، ۽ گهڻن ودوانن جي اها راءِ آهي ته اها جپسي
قوم، اوائل ۾هند جي اتر _ اولهه واري حصي جي
رهواسڻ هئي ۽ ڪن حالتن ڪري اها مجبور ٿي اتان لڏي
پهرين ايران ۽ ميسو پوٽيما ايراضين ۾ اچي رهي، ۽
اتان پوءِ مصر ڏانهن وئي، هندستان جي اتر-اولهه
واري ايراضي معنيٰ پنجاب ۽ سنڌ جي ايراضي. چئبو ته
اها ُبنجارا، قوم اصل ۾ پنجابي يا سنڌي قوم جوئي
هڪ حصو هئي.
لڏ پلاڻ جا ڪارڻ:
سوال آهي ته اهي بنجارا، جيڪڏهن اصل ۾
سنڌي يا هندي هئا، ته پوءِ اهي پنهنجي وطن کي
هميشه لاءِ خير باد ڇو ڪري ويا؟ ”
The story of gipsies
“ جو ليکڪ لکي ٿو ته : ” جنهن وقت سڪندر اعظم
هندستان تي حملو ڪيو هو، ان وقت ئي اهي لوڪ هند
مان نڪري آيا ٿا ڏسجن . پوءِ يا ته انهن کي پنهنجي
وطن مان زوريءَ هڪاليو ويو آهي، يا ته هو خوشيءَ
سان يونانين سان شريڪ ٿيا آهن. پهرين هوننڍين
ٽولين ۾ نڪتا آهن.، ۽ پوءِ ئي انهن جي پٺيان وڏيون
ٽوليون نڪتيون آهن.“
گئر يئرسن ۽ ٻيا انگريز ودوان وري سمجهن ٿا ته :
محمود غزنويءَ، جو سترهن دفعا هندستان تي ڪاهون
ڪيون، سو هن هر دفعي هزارن هندين کي غلام ڪري پئي
پنهنجي ملڪ نيو، جن مان پوءِ ڪيترن کي ٻانهپ مان
آزاد ڪيو ويو ، جي پنهنجي وطن ورڻ بدران اڳتي مصر
ڏانهن وڌي ويا.“
ايران جي مشهور شاعر فردوسيءَ، ته وري هڪ
عجيب ڳالهه پنهنجي ”شاهنامي“ ۾ لکي آهي. هو چوي ٿو
ته: ” ايران جي شاهه بهرام گور، اتر هندستان جي ان
وقت جي راجا شنکل کي وينتي ڪئي هئي ته ايران جي
قومي جلسي ۾ ڀاڳ وٺڻ لاءِ، ويهه هزار گويا موڪليا
وڃن. ان وينتيءَ کي قبول ڪندي، هندوراجا مشهور
سنگيت ڪارا ايران موڪلي ڏنا. انهن هندي گوين جي
سنگيت ۽ راڳ ، ايران جي شاهه کي ايترو ته موهي
ڇڏيو جو هن کين ايران ۾ رهڻ لاءِ مفت ۾ زمينون،
ڍڳا، ۽ اناج وغيره ڏنو .پر جيئن ته اهي ڳائيندڙ
هندي ڪڙمي طبقي جا لوڪ نه هئا،ان ڪري هنن ترت ئي
اناج ۽ ٻيون سوکڙيون خلاص ڪري ڇڏيون پوءِ ته
ايراني شاهه به مٿن ڪاوڙجي پيو ۽ هنن کي پنهنجي
ملڪ مان لوڌي ڪڍيائين. اهي هندي، پوءِ مصر ڏانهن
هليا ويا، جتان يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا.“
جپسي، قوم جي هڪ ڏند ڪٿا ۾ به چيل آهي
ته: هواوائل ۾ هند ۾ رهندا هئا، ۽ سڪندر اعظم جي
ڏينهن ۾ کين پاراتو مليو ته هو ُ رلندا رهندا،! ان
وقت کان وٺي ئي هو پئي رليا آهن، ۽ ڪٿي ٿانئيڪا ٿي
نه ويٺا آهن.
ڪيترن ُ جپسي، لوڪن ۾ اڄ به هندي رسمون ۽ رواج
مروج آهن، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هنن جون ڪيتريون
ئي رسمون هندي رسمن ۽ ريتن جهڙيون آهن. ڪن قومن ۾
ته ُسويمبر، جي رسم به مروج آهي. شاديءَ وقت هندن
۾ گهوٽ ۽ ڪنوار مٿان چانور اڇلايا ويندا آهن، ۽
اهڙي طرح کين خوشحال رهڻ جي دعا ڪئي ويندي آهي،
جپسي لوڪن ۾ به اهڙي رسم آهي. هنن جا انگ به هندي
انگن جهڙا آهن جهڙوڪ:
هندي انگ
جپسي انگ سنڌي انگ
ايڪ
اِڪ هڪ
دو
دوئي ٻه
تين
تِرن ٽي
چار
ستور چار
پانچ
پنج پنج
ڇي
شو ڇهه
سات
افت ست
اٺ
اکٽ اٺ
نو
نئو نو
دس
دش ڏهه
چپسي ۾ ُ ويهن ، کي چون ” دباردش“ ، يعني
ُ ٻه دفعا ڏهه،ُ سومر، کي چون ” پرٿم دوش“ ، ۽ ُ
ٻڌر، ” ترتُيه دوش“. جپسي ۾ ” شوشئي“ معنيٰ، سنڌي
ُ سهو، ( خرگوش) ”ڪليه“ معنيٰ، سنڌي ُڪلهه،
)
Yesterday)
اهو
لفظ ُ سڀاڻي، جي حيثيت ۾ به ڪم ايندو آهي. هڪ ليکڪ
جارج بارو، جي لکڻ موجب : ” جپسي ٻوليءَ ۾ ٽي هزار
کن لفظ ٿيندا آهن، ۽ انهن مان گهڻا لفظ سنسڪرت يا
ٻئي ڪنهن هندي ٻوليءَ ( هندي، پنجابي ، سنڌي،
گجراتي، و غيره) جا ئي آهن.“
ٻيا همروپ ۽ هم معنيٰ وارا ڪجهه لفظ هيءَ
آهن:
جپسي لفظ
سنڌي لفظ
ڇُري ڇُري
knife
بال
وار
hair
يڪ
اک
eye
ڪن
ڪن
Ear
نڪ
نڪ
Nose
ڪارو(ڪالو)
ڪارو
Black
راءِ
راءِ
King
برو بڙو
(وڏو)
Great
ٿان
ٿان
Place
تد
ڏڌ
Curd
ماس
ماس
Meat
پاني
پاڻي
Water
پس
ڀوسو
Straw
بڙهو
ٻڍو
Old
چوري چوري
Stealing
رات رات
Night
رت
رت
Blood
چڪ
چِڪ
Mud
تون
تون
You
سچو
سچو
True
تنو
تتو
Hot
ساري رات ساري رات
Whole Night
سنڌي ۾ حرف نفي آهن: نه، نڪو، م، جپسي ٻوليءَ ۾
به حرف-” نه، م، نستي، ننئي ، آهن،مثال طور جپسي
”نه جانو“ معنيٰ، نه ڄاڻان، ” تي نه دڪاو“ معني،
نه ڏسان ” تي نه کاوي“ معنيٰ، نه کائي، اهڙيءَ
طرح ” م ڪر“ معني ”م ڪر“(نه ڪر) جپسي ۾”م“طرف
نفي اڪثر ”امر“ ۾ گڏي ويندي آهي، جيئن سنڌي ٻولي ۾
به آهي، جهڙي طرح ”م پي“ معنيٰ ”م پيءُ“ ( نه
پيءُ)، ”م کا“ معني ”م کاءُ“ (نه کاءُ)، ”م دڪ“
معنيٰ ”م ڏس.،
ڪن ودوانن جي راءِ موجب، جپسي ٻولي، سنڌي ٻولي سان
مشابهت رکندڙ آهي، ۽ ڪن جي راءِ موجب، وري سورت
ضلعي جي، گجراتي ٻولي آهي.
سنڌين سان لاڳاپو:-
انهن لفظن مان صاف ظاهر پيو لڳي ، ته ”
جپسي قوم جو گهڻي قدر لاڳاپو سنڌين سان ئي هو،
يورپ جي ڪن حصن ۾ هو پاڻ کي ”زنگنلي “ ته ڪٿي وري
”سنتي“ سڏائيندا آهن، ”سنتي“ لفظ مان ظاهر آهي ته
”سنڌي“ سان واسطو رکندڙ آهن: ڇو ته نه فقط چيني
ڀاشا ۾ ”سنڌ“ کي ”سنتو“ چوندا آهن، پر ساڪ ڀاشا جي
لفظ”سنتو“ جي معني به آهي”ندي“ . ڪيترا جپسي لوڪ،
هڪٻئي سان گڏ ملندا آهن، تڏهن هڪٻئي کي ”سنتي“ ڪري
پڪاريندا آهن، جنهن اکر جو مطلب آهي، ”ساٿي“
ڀاشا وگيانن ان ”سنتي“ لفظ جو رشتو”سنڌي“
سان جوڙيو آهي، مشهور اتهاسڪار هيروڊوٽس ته صاف
ڄاڻايوآهي ته ”سنڌي“ نالي هڪ ننڍڙي هندي قوم، ڪاري
سمنڊ ويجهو تامن نالي ٻيٽ ۾ رهندي هئي، اهو سمو،
عيسوي صديءَ کان ڇهه اٺ سئو ورهيه اڳ جوآهي، چمن
لال جو لکڻ آهي ته ”پنجاب جي هڪ ايراضي ۾ چنگر
نالي هڪ پٺتي پيل قوم هن وقت به رهندي آهي، جا هڪ
”سنڌوئي“ قوم جو جزو آهي ، ۽ جنهن جي ٻولي ”سنڌي“
ٻولي سان رشتو رکندڙ آهي، اها قوم ئي ايران جي
اندروني ايراضين تائين ويل ٿي ڏسجي“.
جپسيءَ جي ٻولي۾ ايراني ۽ آرمينيا جي
ٻولين جا به اثر آهن، جي ڏيکارين ٿا ته هو ڪجهه
وقت انهن ايراضين ۾ ضرور رهيا آهن، ايران جي جڏهن
ساساني حڪمرانن جو راڄ هو، تڏهن ئي شايد هو هند
مان لڏي ايران ۾ وڃي رهيا ٿا ڏسجن ، هنن پوءِ فرات
ندي جي ڏاکڻي حصي ۾ ڊاٻو ڪيو ۽ عربن سان گڏجي،
ملڪن کي فتح ڪرڻ ۾ انهن کي ساٿ ڏنو، پر عباسي
خليفي مامون الرشيد جي موت کان پوءِ، هنن ان ملڪ
کي ڇڏي ڏنو، آرمينيا مان ٿي هو سريا(شام) منجهان
لنگهي، وڃي اتر آفريڪا ۾ پهتا، اتان وري هو ڪجهه
يورپ ڏانهن ڦهلجي ويا ۽ ڪجهه وچ آمريڪا جي ايراضين
ڏانهن هليا ويا، هنن جي نرالين رسمن جي ڪري هر ملڪ
۾ مٿن ظلم ۽ ستم پئي ڪيو ويو، ڪن هنڌن تي ته کين
ناس ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا ويا، جهڙي طرح گذريل ٻي
مهاڀاري لڙائي ۾ خود جرمني جي ڊڪٽيٽر هٽلر کين ختم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظلم ۽ ستم جي باوجود به اهي
زندهه رهيا آهن ۽ پنهنجي وجود ۽ تهذيب کي قائم
رکيو اٿن.
جپسي قوم، ڳائڻ، وڄائڻ ۾ استاد آهي، سنگيت
سندن پيشو آهي، قوم جو ننڍو وڏو شخص سهڻي طرح ڳائي
ڄاڻي، ان ڪري ئي هن قوم کي ڪن هنڌن تي مان به پئي
مليو آهي، سندن هستي ۾ رهڻ جو هڪ سبب اهو به آهي،
جو روس ۾ هنن کي گهڻي ۾ گهڻو ساٿ ۽ سهڪار پئي مليو
آهي، روس جي هڪ راڻي ”ڪئٿرائين ٻي“ ته هنن کي رهڻ
لاءِ سرڪاري زمينون ڏئي ڇڏيون، هن وقت رومانيا،
هنگري، بلگيريا ۽ چيڪو سلويڪيا ۾ ”جپسي“ گهڻي
انداز ۾ رهيل آهن، اهي سڀ ساميوادي ملڪ آهن، انهن
۾ کين ترقي ڪرڻ لاءِ سڀ سهولتون ڏنيون ويون آهن،
شري چمن لال جو چوڻ آهي ته انهن ملڪن ۾ جپسين جا
سهڪاري کيت قائم ڪيا ويا آهن ۽ جپسي قوم ترقي
ڏانهن تڪڙيون وکون وڌائي رهي آهي.“ يوگو سلويا جي
سرڪار پڻ جپسين کي ترقي ڪرڻ لاءِ سٺا نگر واسي ٿيڻ
۾ زبردست مدد ڪري رهي آهي.
جپسي قوم جي فرد لاءِ چيو وڃي ٿو ته : هن
جيترو پيار پنهنجي سنگيت جي ڪلا کي پئي ڪيو آهي،
اوترو پيار هن پئسي کي نه پئي ڪيو آهي، سنگيت جي
تان جي ڌوم، هن يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مچائي ۽ ڪيترن
لوڪن کي پاڻ تي موهت ڪري ڇڏيو. هڪ مشهور يورپي
ودوان، اورنگ برائون جو رايو آهي ته ”جپسي لوڪ
پنهنجو سنگيت هندستان مان ئي کڻي آيا“ يورپ جي
سنگيت جو ابو، ٻيٿو ون چيو ويندو آهي، پر ان لاءِ
به معلوم ٿيو آهي ته هن ڪجهه سنگيت جي سکيا
وائنا(آسٽريليا) ۾ رهندڙ جپسي لوڪن جي سنگيت مان
ئي ورتي هئي.
يوروپي سنگيت جي ٻي سند، ڊالڪروز نالي
سنگيتڪار کي ٺهرايو ويو آهي، هن لاءِ به چيو
ويوآهي ته هن هنگري جي هڪ جپسي سنگيتڪار کي پاڻ وٽ
گهرايو هو ته جيئن سندس شاگردن کي سنگيت جي سکيا
ڏئي 1825ع ۾ بهاري نالي هڪ جپسي سنگيتڪار وائنا جي
شهنشاهه اڳيان پنهنجي سنگيت جو مظاهرو ڪري، نه صرف
شهنشاهه کي خوش ڪيو، پر درٻار جي استرين کي پڻ
موهي وڌو.
سنڌي جاتيءَ لاءِ به مشهور آهي ته هوءَ
ڳائڻ وڄائڻ ۾ هوشيار آهي، اٺين صدي جي هڪ جين
اَچاريه اديوتن، پنهنجي ”ڪوليه مالا ڪٿا“ ۾ سنڌين
لاءِ صاف لکيو آهي ته ”اهي مٺو ڳائيندڙ ۽ مرڪندڙ
شخص آهن“.
جپسين کي پنهنجي اتهاس جو پورو پتو ڪونهي
پر گهڻن کي اهو وشواس ويٺل آهي ته سندن ابا- ڏاڏا
هند جا ئي رهاڪو هئا، سندن هڪ راجا جو
نالو”زنديلو“ چيو وڃي ٿو ، ۽ زندون، معني ”انڊو-
”سنڌو“ اهو زنديلو لفظ به سنڌي ٻولي جي اکرن جي
بناوت جهڙو ئي پيو لڳي، جهڙوڪ ”سانديلو“ ”سنديلو“
وغيره.
جپسي ٻولي ۾ مٽن- مائٽن لاءِ اهي لفظ آهن:
فين(ڀيڻ)، فرل (ڀاءُ)، سسرو(سهرو)، سسئه
(سس)، ڪاڪ(ڪاڪا، چاچو)، سالو(سالو)، مانس(ماڻهو).
ان کان سواءِ ٻيا اکر آهن: بڪرو(ٻڪر؛ٻڪرو)، مک
(مک)، ڪير(ڪولي)، انرو(آنو، بيدو)، سنگ(سڱ)، ٿر
(دونهون)، انگر(اڱر)، ڪندو(ڪنڊو)، کوو(کوهه)
راڻي(راڻي)، چور(چور)، مزو(ماني)، ارو(اٽو)،
زورالو(زوروارو)، سوانگ (سانگ، ٻهروپي)، اوچو(اچو،
ڊگهيو)، نڪلن (نڪرڻ، وڃڻ)، سوتو(ستو، سمهيل)
سوسڪ(ڇو). سگو (سِگهو، جلدي)، ست(ست، سار)
شڪو(سڪو، سڪل)، شنو(سڻڻ، ٻڌڻ) شکو(سکڻ)، شرو(سرو،
مٿو)، سو(سڀ)، پڇو(پڇڻ) پيشو(پيسڻ)، پيرو(پيرو،
پير) ، پير ننگو(پير ننگو، پير اگهاڙو)،
پيلو(وهانءُ)، پٽ(پٽ، ڪپڙا)، پنگو(پنگلو)، اوتيه
(اتي) نئه (ننهن)، مڙس(مڙس، مڙد) مئي(منهن)
ميل(ميل(ميل، مر، مٽي، ميلالو(ميراڙو،
ميرو)متو(ستو، ست) مارو(مارو، ماڙهو)، لوو(لوڀ)
کر(کر) کنجو(کنهڻ) جوو(جون) جو(جو-(Barley
دنو(ڏنو، ڏنل) درياو(درياهه)، چمي (چمي-Kiss)،
اناو((آڻڻ)، اواو (اچڻ) بهتالو(بيتالو)،
بروالو(گجراتي، ڀروارو،ڀاڳيو، بينگ (ڀينگ) وغير.
اڃا به جپسي ٻولي جا ڪيترائي لفظ آهن، جي
سنڌي هم معنيٰ وارن لفظن سان ميل پيا کائين ۽ هندي
يا ٻي ٻولي ۾ اهي لفظ روپن ۾ موجود آهن، ان مان
ظاهر آهي ته جپسي هر خيال سان سنڌي کي قريب آهي.
جهڙي طرح هر هڪ ديو جي استان کي سنڌي ۾
ٿان به چئبو آهي، اهڙي طرح جپسي به ”ٿان“ چون ،
هندستان لاءِ ته هنن جو لفظ آهي”برو ٿان“ ، معني
وڏو ملڪ.. |