سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :9

انبياء ڪرام ۽ سندن امتن جي علمائن کان علاوه حضور ﷺ جن جي ذات ۽ صفات جي باري ۾ انهيءَ دور جي ڪن ڪاهنن کي به چڱو علم هو.

يمن جو بادشاهه ۽ ڪاهن

سيرة ابن هشام ۾ آهي ته يمن جي بادشاهه ربيعه بن نصر هڪ خوفناڪ خواب ڏٺو، جنهن کيس ڊيڄاري ڇڏيو بادشاهه خواب جو تعبير معلوم ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سڀني ڪاهنن، جادوگرن، فال وجهندڙن ۽ نجومين کي گهرايو ۽ کين چيائين ته مون هڪ خواب ڏٺو آهي، جنهن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. اوهين مونکي اهو خواب به ٻڌايو(ته مون ڇا ڏٺو آهي) ۽ ان جو تعبير به ٻڌايو. هنن چيو ته تون اسانکي پنهنجو خواب ٻڌاءِ ته اسين توکي ان جو تعبير ٻڌايون. بادشاهه چيو ته جيڪڏهن مان اوهانکي خواب ٻڌائيندس ته مونکي اوهان جي تعبير تي اطمينان  نه ٿيندو، ڇو ته صحيح تعبير جو پتو رڳو ان کي پوندو، جيڪو منهنجي خواب کان با خبر هوندو. هن مان هڪ شخص چيو ته ايڏا باخبر رڳو سطيح ۽ شق آهن، انهن کي گهراءِ ته اهي توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهندا.

بادشاهه ۽ سطيح

بادشاهه سطيح ۽ شق کي گهرايو، اول سطيح آيو. بادشاهه هن کي چيو ته مون هڪ خوفناڪ خواب  ڏٺو آهي، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تون مونکي منهنجو خواب به ٻڌاءِ ۽ ان جو تعبير به ٻڌاءِ. جيڪڏهن تو خواب صحيح ٻڌايو ته تون ان جو تعبير به صحيح ٻڌائي سگهندي. سطيح چيس ته اي بادشاهه، تو باهه جو هڪ ٽانڊو ڏٺو آهي، جو اونده مان نڪتو ۽ هيٺاهين زمين ۾ وڃي ڪريو ۽ ان ۾ جيڪي به دماغ واريون شيون هيون، انهن کي کائي ويو.

بادشاهه چيو ته اي سطيح! تو خواب صحيح بيان ڪيو. هاڻي ان جو تعبير به بيان ڪر. سطيح چيو ته مان ٻنهي ڪارين ۽ پٿريلي زمين جي وچ ۾ چرندڙ پرندڙ سڀني جيتن جڻين جو قسم کڻي ٿو چوان ته تنهنجي ملڪ تي حبشي اچي ڪڙڪندا ۽ آبين ۽ جرش(شهرن) جي وچ واري علائقي جا مالڪ بڻجي ويندا. بادشاهه پڇيس ته ائين ڪڏهن ٿيندو، منهنجي وقت ۾ يا مون کانپوءِ؟ سطيح چيو ته توکان سٺ ستر ورهيه پوءِ. بادشاهه پڇيو ته حبشين جي حڪومت هميشه رهندي يا ختم ٿي ويندي؟ سطيح چيو ته نه، هميشه نه رهندي. سٺ ستر سالن کان بعد ختم ٿي ويندي. هنن کي قتل ڪيو ويندو ۽ هن ملڪ مان ڪڍيو ويندو. بادشاهه پڇيو ته هنن کي ڪير قتل ڪندو ۽ ڪير ڪڍندو؟ سطيح چيو ته ارم زي يزن هنن تي عدن کان ڪاهه ڪندو ۽ هنن مان ڪنهن کي به نه ڇڏيندو ۽ بادشاهه پڇيو ته ارم ذي يزن جي بادشاهي هميشه رهندي يا ختم ٿي ويندي. سطيح چيو ته هميشه نه رهندي بلڪه ختم ٿي ويندي.  بادشاهه پڇيس ته ان کي ڪير ختم ڪندو؟ سطيح جواب ڏنس ته "هڪ پاڪ نبي، جنهن وٽ عالم بالا کان وحي ايندو". بادشاهه پڇيو ته"اهو نبي ڪنهن جي اولاد مان هوندو، سطيح چيو ته غالب بن فهر بن مالڪ بن نضر جي اولاد مان جنهن جي امت ۾ زماني جي خاتمي تائين حڪومت رهندي". "بادشاه پڇيو ته "ڇا، زماني جو خاتمو به ٿيندو؟" سطيح چيو ته "ها، جنهن ڏينهن اڳيان ۽ پويان سڀ گڏ ٿيندا. چڱا ماڻهو انهيءَ ڏينهن خوش قسمت هوندا ۽ برا ماڻهو بدنصيب" بادشاهه پڇيو ته "جا ڳالهه تو مونکي ٻڌائي آهي، ڇا، اها صحيح آهي؟" سطيح چيو ته"مونکي قسم آهي رات جي اونداهي ۽ صبح صادق جو ته جا اهم ڳالهه مون توکي ٻڌائي آهي، سا بلڪل صحيح آهي".

بادشاهه ۽ شق

بادشاهه وٽ سطيح کان بعد ٻيو ڪاهن شق آيو. انهيءَ به ذري گهٽ ساڳي ڳالهه ڪئي. هن بادشاهه کي سندس خواب ٻڌائيندي چيو ته اي بادشاهه! تو باهه جو هڪ شعلو ڏٺو، جو اوندهه مان نڪتو ۽ هيٺاهين زمين ۽ دڙي جي وچ تي وڃي ڪريو ۽ هر ساهه واري شيءَ کي کائي ويو. پوءِ بادشاهه کي خواب جو تعبير ٻڌائيندي چيائين ته مان ٻنهي ڪارين ۽ پٿريلي زمينن جي وچ ۾ رهندڙ ماڻهن جو قسم کڻي چوانٿو ته تنهنجي ملڪ ۾ حبشي ايندا ۽ سڀني نرم ۽ نازڪ چراگاهن تي قابض ٿيندا ۽ آبين کان وٺي نجران تائين سڀني علائقن جا حڪمران بڻجي ويندا.

مٿئين سوال جواب کان پوءِ بادشاهه ۽ شق جي درميان تقريباً اهڙا ئي سوال جواب ٿيا، جهڙا بادشاهه ۽ سطيح جي درميان ٿيا هئا، تنهن ڪري انهن کي دهرائڻ بدران اصلي مقصد تي اچڻ بهتر ٿيندو.

شق بادشاهه کي ٻڌايو ته يمن ۾ ذي يزن جي حڪومت الله جي هڪ رسول جي ڪري ختم ٿيندي، جو ديندارن ۽ فضيلت وارن سان ايندو ۽ ان جي قوم ۾ فيصلي واري ڏينهن تائين حڪومت قائم رهندي.

بادشاهه پڇيو ته ”فيصلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟“ شق چيو ته ”انهيءَ ڏينهن حاڪمن کي سندن ڪمن جو بدلو ڏنو ويندو. انهيءَ ڏينهن آسمان مان پڪار ٿيندي، جا زنده ۽ مرده سڀئي ٻڌندا. انهيءَ ڏينهن هڪ مقرر وقت تي ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو ۽ پرهيزگارن کي ڪاميابي ۽ ڀلائي نصيب ٿيندي.“ بادشاهه پڇيو ته ”ڇا تون سچ ٿو چوين؟“ شق چيو ته ”ها، آسمان ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪا بلندي ۽ پستي آهي، ان جو قسم، ته مون توکي جيڪا اهم خبر ٻڌائي آهي، سا بيشڪ صحيح آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ۽ ڪنهن به غلطيءَ جو امڪان نه آهي.“

بادشاهه ربيعه بن نصر ۽ ٻنهي ڪاهنن سطيح ۽ شق جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ٻولهين مان هيءَ حقيقتون ثابت ٿين ٿيون:-

(1) اهو پاڪ نبي، جنهن تي آسمانن کان وحي نازل ٿيندو، سو محمد رسول الله (ﷺ) آهي. ڇو ته غالب بن فهر جي اولاد مان محمد رسول الله (ﷺ) ئي آهي، جنهن کي الله تعاليٰ نبوت عطا فرمائي.

(2) سندن امت ۾ قيامت تائين حڪومت قائم رهندي.

(3) حشر نشر، سزا جزا، نيڪو ڪارن جي ڪاميابي ۽ بدڪارن لاءِ عذاب جي ڳالهه به بالڪل اونئين ئي آهي، جيئن الله ۽ الله جي رسول چيو ۽ قرآن پاڪ ۾ بار بار ۽ مختلف پيراين ۾ ان جو اظهار ڪيو ويو.

ومن يطع الله و رسولہ يدخله جنات تجري من تحتها الانهار خالدين فيها وذالڪ الفوز العظيم، و من يعص الله و رسولہ ويتعد حدوده يد خلہ نارا خالدا فيها ولہ عذاب مهين.

جنهن الله ۽ الله جي رسول جي فرمان برداري ڪئي، الله تعاليٰ ان کي بهشت ۾ داخل ڪندو، جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ هو ان ۾ هميشہ رهندا ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي، ۽ جيڪو الله ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندن (متعين ڪيل) حدون اورانگهيندو، الله تعاليٰ ان کي دوزخ ۾ وجهندو، جتي هو هميشہ رهندو ۽ هن جي لاءِ ذلت آميز عذاب هوندو.

عرب جا باشندا به حضور ﷺ جن جي تشريف آوريءَ جا منتظر هئا. عرب ۾ يهودي چڱي تعداد ۾ رهندا هئا، جي اهل ڪتاب هئا. عربن ضرور يهودين کان ٻڌو هوندو. سمورا تفصيل شايد هنن کي معلوم نه هجن، پر نبي سردار جو نالو، وطن ۽ ولادت باسعادت جو وقت هنن کي معلوم ٿي چڪو هو. انهيءَ ويجهڙائي ۾ عرب جي اندر ٽي ٻار اهڙا پيدا ٿيا، جن جي والدين سندن نالا محمد رکيا. هن آسري تي ته اهو محمد، جو الله جو حبيب ۽ پيغمبر آخر الزمان هوندو، من هنن مان ڪو ٿئي ۽ اها سعادت هنن جي قسمت ۾ هجي. پر هنن کي اهو پتو نه هو، ته الله تعاليٰ اها سعادت ازل کان ئي بني هاشم ۽ بني عبدالمطلب جي مقدر ۾ لکي ڇڏي هئي.

اهڙا واقعا تمام گهڻا آهن، جي مضمون جي طوالت جي انديشي کان هت درج ڪري نٿا سگهجن.

حضور ﷺ جن جي بعثت عرب جي سرزمين ۾ ٿي هئي، تنهنڪري سندن تبليغ، هدايت ۽ اصلاح جو پهريون جولانگاه به عرب جي سرزمين ئي رهي - انهيءَ وقت عرب جي باشندن جي ڪهڙي حالت هئي ۽ حضور ﷺ جن پنهنجي تعليم ۽ تربيت سان ڪيئن هنن جي ڪايا پلٽي ڇڏي؟ ان جي هڪ جهلڪ حضرت جعفر طيار جي هيٺين تقرير مان ملاحظو ڪري سگهجي ٿي. جا حبش جي بادشاهه نجاشيءَ جي درٻار ۾ ڪئي هئائين. حضرت جعفر طيار فرمايو هو ته:

”اي بادشاهه! اسين سڀ جاهل ۽ اڻ گهڙيا ڪاٺ هئاسين، بتن کي پوڄيندا هئاسين. حرام کائيندا هئاسين. بدڪرداري ڪندا هئاسين. پاڙيسرين جي حق تلفي ۽ مٿن ظلم و ستم ڪندا هئاسين. اسان ۾ جيڪو ڏاڍو هوندو هو، سو هيڻي کي ناس ڪري ڇڏيندو هو. اسين انهيءَ ذلت آميز حالت ۾ هئاسين، ته الله تعاليٰ اسان تي ڪرم ڪيو ۽ اسان ڏانهن اسان منجهان پنهنجو هڪ رسول موڪليائين، جنهن جي نسب، شرف، سچائي، امانتداري ۽ اخلاق ۽ ڪردار کان اسين چڱي طرح واقف آهيون اسان کي الله جي انهيءَ رسول توحيد (الله کي هڪ ڪري مڃڻ) جو سبق ڏنو. اسان کي ڀترن ٺڪرن (بتن جي پوڄا کان روڪيائين جا اسين ابن ڏاڏن کان ڪندا ٿي آياسين).

اسان کي سچ ڳالهائڻ، امانت با سلامت موٽائڻ، عزازت قرابت جو لحاظ ڪرڻ، پاڙيسرين جي حقن جو خيال رکڻ ۽ ساڻن سهڻو سلوڪ ڪرڻ، بدڪاريءَ کان بچڻ ۽ برين رسمن ترڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ڪوڙ ڳالهائڻ، يتيمن جو مال کائڻ ۽ پاڪدامن عورتن تي ڪوڙن الزامن لڳائڻ کان منع ڪيائين، ۽ الله جي عبادت ڪرڻ، نماز پابنديءَ سان پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ روزن رکڻ جو حڪم ڪيائين.“

ام المؤمنين حضرت بي بي امه سلمه رضي الله تعاليٰ عنها جي روايت موجب حضرت جعفر طيار نجاشيءَ کي سندس درٻار ۾ موجود قومي سردارن ۽ ديني پيشوائن کي اسلامي تعليمات ۽ نبي سردار جي هدايات کان تفصيل سان آگاهه ڪيو ۽ آخر ۾ چيائين ته ”اسان انهيءَ رسول جي تصديق ڪئي يعني ان تي ايمان آندوسين. شرڪ ۽ ڪفر ترڪ ڪيوسين. رسول جنهن شي کي حلال چيو، اسان ان کي حلال سمجهيو ۽ جنهن شيءَ کي حرام چيائين، ان کي حرام سمجهيوسين.“

امير المؤمنين حضرت عمر فاروق جي خلافت جي زماني ۾ حضور ﷺ جن جي هڪ صحابي حضرت مغيره بن شعبه به ايران جي آخري بادشاهه يزد گرد جي دربار ۾ اهڙي ئي تقرير ڪئي هئي، جا هن کان ڪجهه زياده تفصيلوار آهي.

حضور ﷺ جن پاڻ به انهيءَ ماحول ۾ (جنهن جو هڪ عڪس جعفر طيار جي تقرير مان جهلڪي رهيو آهي) پيدا ٿيا. پليا، وڏا ٿيا ۽ پورا 53 ورهيه (چاليهه ورهيه نبوت کان اڳ ۾ ۽ تيرهن ورهيه نبوت کان پوءِ) ڏينهن رات انهن ماڻهن سان گڏ رهيا، جن جي قلب ۽ روح تي صدين کان وٺي ڪفر جي ڪٽ جا تهه چڙهيل هئا، جن جو ذهن ۽ شعور برائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ئي نٿي سگهيو، جن جو عمل هر انساني اخلاق جي لاءِ چئلنج هو، ۽ انتها اها آهي جو هنن جي دل ۽ دماغ تان گناهه جو احساس ئي ميٽجي چڪو هو. مگر الله تعاليٰ پنهنجي حبيب جي اهڙي حفاظت ڪئي، جو حضور ﷺ جن ايڏي لمبي چوڙي عرصي ۾ پنهنجي ماحول کان ذري جيترو به متاثر نه ٿيا. هميشه پاڪيزه ۽ بي داغ زندگي گذاريائون ۽ سندن دامن هر قسم جي مرئي ۽ غير مرئي آلودگيءَ کان پاڪ صاف رهيو، ايتري قدر جو سندن بدترين دشمن عين انهيءَ عالم ۾ به جڏهن هنن جي دشمني چوٽ چڙهيل هئي، سندن ڪردار جي پاڪيزگيءَ جو اعلانيه اعتراف ڪندا هئا. حضور ﷺ جن جي خلاف پروپئگنڊا ڪرڻ ۽ مٿن ڪو الزام لڳائي ماڻهن کي برغلائڻ لاءِ جڏهن ويهي سازشون سٽيندا هئا، ته ڪنهن به الزام تي پاڻ ۾ متفق ٿي نه سگهندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته اها ڳالهه ته هن ۾ آهي ئي ڪانه، ماڻهو ڪيئن اعتبار ڪندا. تنهن ڪري ڪا اهڙي ڳالهه ڳولي ڪڍو، جا هن سان ڪجهه نه ڪجهه ٺهڪي اچي ۽ ماڻهو ان تي اعتبار ڪرڻ لڳن. مگر سخت مغزماريءَ جي باوجود به کين اهڙي ڳالهه ڪانه سجهندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن الزام (مثلاً جادوگري) تي متفق ٿيندا به هئا، ته مطمئن نه هوندا هئا، انهيءَ ڪري ئي حضرت حسان بن ثابت رضه چيو هو ته:

خلقت مبرء اًمن ڪل عيب.

هڪ دفعي حضور ﷺ جن جي هڪ دشمن نضر بن حارث، جنهن لاءِ تاريخن لکيو آهي ته وڏو شيطان هو ۽ حضور ﷺ جن کي سخت ستائيندو هو، قريشن کي چيو ته ”خدا جو قسم، توهان کي هڪ وڏو ۽ اهم مسئلو درپيش آهي، جنهن جي مقابلي لاءِ توهان وٽ ڪو به اُپاءُ ڪونهي. محمد(ﷺ) توهان جي اڳيان ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي.

ننڍپڻ به توهان ۾ گذاريائين، جواني به توهان سان گڏجي گذاريائين ۽ هاڻي جڏهن سندس لوندڙين جا وار اڇا ٿيڻ لڳا آهن، تڏهن به توهان سان گڏ آهي. هن جي طبيعت اصل کان سهڻي هئي. هن جون عادتون سڀني کي وڻندڙ هيون. هو سڀني کان زياده سچار ۽ امانتدار هو، هاڻي جڏهن هو توهان وٽ نئون دين کڻي آيو آهي، تڏهن توهان چئو ٿا ته هو ڪاهن آهي. نه، خدا جو قسم، هو ڪاهن نه آهي. اسان ڪاهنن جون حرڪتون ڏٺيون آهن ۽ سندن تڪ بنديون به ٻڌيون اهن. توهان چئو ٿا ته هو شاعر آهي. نه، خدا جو قسم، هو شاعر نه آهي. اسان شعر ڏٺو آهي ۽ ان جون سڀئي صنفون ٻڌيون آهن. توهان چئو ٿا ته هو ديوانو آهي. نه، خدا جو قسم هو ديوانو نه آهي. اسان ديوانگي ڏٺي آهي . هت نه اها تشنجي ڪيفيت ۽ اختناقي حالت آهي ۽ نه اها مجنونانه بي مقصد ۽ بي ڍنگي گفتگو. هت ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي. قريشؤ! توهان پنهنجي حالت تي ويچار ڪريو. خدا جو قسم، هيءَ نهايت ئي وڏو ۽ نهايت ئي اهم مسئلو آهي.

هڪ دفعي الله، الله جي رسول ۽ اسلام جي سڀ کان وڏي دشمن ابوجهل حضور ﷺ جن کي چيو ته اسين توکي ڪوڙو نٿا سمجهون، پر تو جيڪو نئون دين(اسلام) آندو آهي، ان جي تڪذيب ٿا ڪريون. جنهن تي الله تعاليٰ هيءَ آيت مبارڪ نازل فرمائي:-

فانهم لا يڪذ بونڪ ولا ڪن الظالمين بآيات الله يجحدون0

(اي حبيب!) هيءَ مشرڪ توکي ڪوڙو نٿا سڏين، پر هيءُ ظالم الله جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن.

جنگ بدر جي موقعي تي ابوجهل جي هڪ دوست ابوجهل کي چيو ته مون کي اهو شخص ڏيکار، جنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي. اهو شخص نه مڪه جو باشندو هو ۽ نه اڳ ۾ ڪڏهن حضور ﷺ جن کي ڏٺو هئائين. حضور ﷺ جن جڏهن هڪ موقعي تي ڀرسان اچي لنگهيا، ته ابوجهل حضور ﷺ جن ڏانهن اشارو ڪندي، پنهنجي دوست کي ٻڌايو ته اهو شخص هيءَ آهي. انهيءَ شخص حضور ﷺ جن ڏانهن نهاري، ابوجهل کي ملامت جي انداز ۾ چيو ته”توهان هن شخص کي ڪوڙو ٿا سڏيو. خدا جو قسم، ههڙو شخص ڪڏهن به ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي.“ ابوجهل چيو ته”اسين هن کي ڪوڙو نٿا سڏيون، پر هن جيڪو نئون دين آندو آهي، ان جي تڪذيب ٿا ڪريون.“

هت هيءَ ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مٿي(خصوصاً حضرت جعفر طيار جي تقرير ۾) جيڪا حالت عرب جي بيان ڪئي وئي آهي، انهيءَ دور ۾ ساري دنيا جي حالت اهڙي هئي. الله جا بندا پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي وساري ويٺا هئا. جهل، وهم، شرڪ ۽ ڪفر ۾ غلطان هئا. سندن ڪردار جي ڪارنهن انسانيت جي خوبصورت چهري تي ڪوڙهه جي داغن کان وڌيڪ بدنمائي جو باعث هئي. انهي ڪري الله تعاليٰ حضور ﷺ جن کي اگرچه پيدا ته عرب جي سر زمين تي ڪيو، پر کين پيغمبر سڄي روءِ زمين جي لاءِ ڪري موڪليائين ۽ مٿن ساري عالم انسانيت جي هدايت ۽ اصلاح جي ذمه داري عائد ڪيائين. ”وما ارسلناڪ الاڪافة للناس بشيراً و نذيرا“ ۾ انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

جڏهن سندن سر تي رسالت جو تاج رکيو ويو ۽ کين بارگاهه احديت مان ”قم فاندز وربڪ فڪبر“ جو فرمان ٿيو ته دنيا جي هن ڀرئي سٿ ۾ اڪيلي سر توڪل جو ترهو ٻڌي اٿي کڙا ٿيا. انهيءَ وقت بالڪل تنها ۽ هٿين خالي هئا. وٽن نه ملڪ هو، نه خزانو، نه هٿيار، نه لشڪر، نه ڪنهن جي ظاهري مدد ۽ نه ڪنهن قسم جي مدد جي اميد. انهيءَ تنهائي ۽ تهيدستيءَ جي عالم ۾ ”هو الله احد“ جو نعر هنيائون ۽ ظاهر پرستن ۽ هزارين مصنوعي معبودن جي پوڄارين کي فقط هڪڙي ۽ اڻ ڏٺي الله کي معبود ڪري مڃڻ جي تلقين ڪيائون.

جن جي قسمت چڱي هئي ۽ ازل کان سندن مقدر ۾ سعادت لکي وئي هئي، انهن الله جي آخري رسول جي سڏ تي لبيڪ چئي، پر اهي سعيد روح تمام ٿورا هئا. وڏو تعداد انهن شقي القلب انسان نما حيوانن جو هو، جن انڪار ڪيو. مخالفت تي سندرو ٻڌائون.23 سال سانده(تيرهن سال مڪه ۾ ۽ ڏهه سال مدينه ۾) جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏنائون. هر قسم جو دٻاء وڌائون ۽ هر طرح جون لالچون آڇيائون. مگر الله جو سچو رسول پنهنجي نصب العين تي پوري استقلال سان قائم رهيو ۽ بتن ۽ بت پرستن کي وڏي همت ۽ حوصلي سان تيستائين للڪاريندو ۽ الله جي هيڪڙائي جو اعلان ڪندو رهيو، جيستائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ بارگاهه احديت مان کين”اليوم اڪملت لڪم دينڪم و اتممت عليڪم نعمتي ورضيت لڪم الاسلام دينا“ جي سند عطا نه ٿي.

جڏهن انهن سنگدل انسانن جي دلين ۾ توحيد جو نور پيدا ٿيو ۽ اهي ڪٽ لڳل لوهه هن پارس سان لڳا، ته سچو سون بڻجي پيا.

حضرت ابراهيم عليہ الصلواة والسلام بيت الله جي تعمير وقت جيڪي دعائون گهريون هيون، انهن مان هڪ دعا هي به هئي:-

ربنا و ابعث فيهم رسولا منهم يتلواعليهم آياتڪ ويعلهم الڪتاب والحڪمة و يزڪيهم.

اي اسان جا پروردگار! هنن ۾ انهن منجهان ئي هڪ رسول پيدا ڪجان”. جو هنن کي تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي. ڪتاب(قرآن) پڙهائي. حڪمت(دانائي سيکاري ۽ هنن کي پاڪ صاف ڪري.

الله تعاليٰ اهي دعائون قبول فرمايون ۽ هن دعا جي نتيجي ۾ وقت اچڻ تي پنهنجي حبيب کي نه رڳو عرب لاءِ، پر ساري عالم انسانيت جي لاءِ مصلح، رهبر ۽ پيغمبر ڪري موڪليائين. الله جي حبيب هدايت ۽ اصلاح جو سلسلو عربن کان شروع ڪيو، جي سندن ارد گرد رهندڙ ۽ سندن اولين مخاطب هئا ۽ کين بلڪل اونئين تعليم ۽ تربيت ڏنائون، جيئن الله جو حڪم ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي تمنا هئي. هنن کي قرآن پڙهايائون، حڪمت سيکاريائون ۽ پنهنجن سڀني لغوي، اصطلاحي ۽ حقيقي ۽ مجازي مفهومن ۽ معنائن سميت پاڪ صاف ڪري، سندن ظاهر ۽ باطن اُجاري ڇڏيائون.

رسول عربيءَ جي تعليم ۽ تربيت سان هنن جون سموريون صلاحيتون، جي صدين کان وٺي جهل ۽ وهم جي تهن هيٺان دٻيل هيون، پوري طرح  بيدار ٿي ويون. هنن ۾ خود شناسي ۽ خدا آگاهيءَ جو جذبو پيدا ٿيو، رسول عربيءَ پنهنجي زندگي هنن جي اڳيان نموني طور پيش ڪئي ۽ هنن کي پنهنجي نقش قدم تي هلڻ جي ترغيب ڏنائون. هو اسلام جي حقانيت کان اثر پذير ٿيڻ لڳا. ايمان جي شيريني ۽ لذت منجهن ڪيف ۽ سرور پيدا ڪرڻ لڳي ۽ آخرڪار توحيد جو نغمو جڏهن پوري معجزنمائي سان سندن دل ۽ دماغ تي اثر انداز ٿيو، ته 23 سالن جي مختصر عرصي جي اندر هزارين هٿرادو معبودن کان منهن موڙي، فقط هڪڙي ۽ اڻ ڏٺي الله ڏانهن متوجه ٿيا ۽ صرف انهيءَ وحده لاشريڪ لہ کي پنهنجو حقيقي معبود سمجهي، سندن رضا ۽ منشا کي پنهنجو نصب العين بنايائون ۽ الله جي حاڪميت کي مڪمل طور تي تسليم ڪري، انتهائي عجز ۽ انڪساريءسان سندس حضور ۾ پنهنجون گردنون جهڪائي ڇڏيائون:-

بر درآمد هنده بگريخته -      آبرويء خود رعصيان ريخته

هيءَ هڪ عظيم ۽ همه گير انقلاب هو، جنهن هنن کي يڪسر بدلائي ڇڏيو. هو شرڪ ۽ ڪفر تان دست بردار ٿيا، ته کين شرڪ ۽ ڪفر جا سمورا لوازمات به ڇڏڻا پيا. هنن جو ظاهر ۽ باطن هڪجهڙو پاڪ ۽ صاف ٿي ويو. هو مثالي انسان بڻجي پيا. هنن جو اُٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ، رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچار ۽ سوچ ويچار جو انداز اسلام جي تابع ۽ رسول عربيءَ جي اُسوهء حسنه جي عين مطابق بڻجي پيو. هو ظاهر ۾ ته امي هئا، پر رسول عربيءَ جي علم ۽ فضل جي سر چشمي مان براه راست فيضياب ٿيڻ سبب سراپا علم و فضل بڻجي پيا.

 اهو علم ۽ حڪمت جي انهيءَ سر چشمي مان، جو پنهنجي بي پايان ۽ بي ڪران وسعت ۾ ستن سمنڊن کان به گهڻو وسيع ۽ عميق هو، سيراب ٿيڻ جو نتيجو هو، جو حضور ﷺ جن جا غلام ساري عالم انسانيت جا استاد بڻيا. رڳو علم ۽ حڪمت ۾ نه، پر مزدوريءَ جي حقوق کان وٺي شهنشاهيءَ جي آداب تائين انساني زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ هر شيءَ ۾.

اهو رحمة للعالمين جي عام ۽ وسيع رحمت جو صرف هڪ پهلو آهي. اچو ته هاڻي هن رحمت جي هڪ ٻئي پهلوءَ  تي نظر ڪريون.

انهيءَ زماني ۾ دنيا جي اندر ٻه وڏيون سلطنتون هيون. قيصر ۽ ڪسريٰ(روم ۽ ايران) جون سلطنتون. اهي ٻئي سلطنتون اڄوڪي مروج ۽ مشهور سياسي اصطلاح موجب سامراجي سلطنتون هيون، جن جو بنياد استحصال تي قائم هو. انهن سلطنتن جا قاعدا قانون رڳو اميرن جي مفادن جي تحفظ لاءِ هوندا هئا. مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهو انهن قانونن جي افاديت کان محروم هئا. مروج قانون هنن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ کان قاصر هو. هن جي جان، مال ۽ عزت آبرو اميرن لاءِ مباح هئي. امير جيئن چاهيندا هئا، تيئن کين استعمال ڪندا هئا.

1917ع واري روس جي بالشويڪ انقلاب کان اڳ ۾ زار شاهيءَ جي دور ۾ جيڪي حالتون روس جي اندر هيون ۽ جيڪي انقلاب جو باعث بنيون، اهڙيون ئي حالتون قيصر ۽ ڪسريٰ جي سلطنتن جي اندر به هيون، جي هڪ وسيع ۽ همه گير انقلاب جي تقاضا ڪري رهيون هيون.

حضور ﷺ جن دنيا جي اڳيان هڪ مڪمل نظام حيات پيش ڪيو ۽ ان جي ماتحت هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪيائون، جو انساني تاريخ جو پهريون صحيح، بهترين ۽ مڪمل معاشرو هو ۽ هر سالم مزاج ۽ سالم دماغ رکندڙ انسان جي فطرت جي عين مطابق. انهيءَ معاشري جو بنياد غير اسلامي معاشرن وانگر استحصال، ڪوڙ، ڪپت ۽ ظلم و ستم تي رکيل نه هو، پر ان جو بنياد”تقويٰ“ تي رکيو ويو ۽ انساني مزاج جا بهترين اوصاف، جي هڪ صحيح الفڪر ۽ معقوليت پسند انسان جي تصور ۾ اچي سگهن ٿا، اهي سڀ هن ۾ ملحوظ رکيا ويا هئا. تقويٰ کي دنيوي دولت، نسبي برتري، جسماني وجاهت ۽ هر قسم جي مادي طاقت جي مٿان ترجيح ڏني وئي ۽ بارگاه احديت مان فرمان صادر ڪيو ويو ته:-

اِن اڪرمڪم عندالله اتقاڪم

اوهان مان الله وٽ عزت وارو فقط اهو آهي، جنهن جي دل ۾ الله جو خوف آهي ۽ سندس دامن هر قسم جي آلودگيءَ کان پاڪ صاف آهي.

اسلامي معاشري جي اندر هڪ انسان جي مٿان فوقيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ سڀني انسانن کي بحيثيت انسان جي هڪجهڙو درجو عطا ڪيو ويو. درٻار رسالت مان اعلان جاري ڪيو ويو ته:-

لافضل لعربي عليٰ عجمي ولا لعجمي عليٰ عربي ولا لاحمر عليٰ اَسود ولا لاسود عليٰ اَحمر ڪلڪم اَبناءُ  آدم وآدم من الماءِ والطين.

عرب کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ کي عرب تي، گوري کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي گوري تي ڪا به فوقيت ڪانهي. اوهين سڀ آدم جو اولاد آهيو ۽ آدم پاڻي ۽ مٽيءَ جي پيدائش هو.

اسلامي تاريخ شاهد آهي ته اهي اصول يوناني فلاسفرن جي خيالي جنت جي اسڪيمن وانگر فقط ڪتب خانن جي ڪٻٽن ۾ بند ڪري،اڏوهيءَ جي خوراڪ بنائڻ لاءِ وضع  نه ڪيا ويا هئا، بلڪ حضور ﷺ جن جي حياتي مبارڪ ۾ خلافت راشده جي دور ۾ ۽ ان کان پوءِ به ڳچ عرصي تائين جاري رهيا ۽ هر مرحلي تي پابنديءَ سان انهن تي عمل ڪيو ويو.

مان هت حقيقي مساوات ۽ ننڍي وڏي جي امتياز کي ختم ڪرڻ جا هڪ ٻه مثال پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.

حضور ﷺ جن پنهنجي آخري بيماريءَ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ روم جي شهنشاه هرقل اعظم جي خلاف جهاد لاءِ صحابه ڪرام جو جيڪو لشڪر روانو فرمايو،. ان جو سالار سندن آزاد ڪيل غلام زيد بن حارث جو پٽ اسامه هو، جنهن جي ڪمانڊ هيٺ حضرات خلفاءِ راشدين رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين جهڙن جليل القدر ۽ عظيم المرتبت انسانن کان علاوه ٻيا صحابه ڪبار ۽ عرب جي مختلف قومن ۽ قبيلن جا معزز سردار سپاهي هئا. لشڪر اڃا روم روانو نه ٿيو هو ته حضور ﷺ جن بيمار ٿي پيا جنهن ڪري لشڪر سندن صحت يابي تائين مديني عالي جي ٻاهران ترسي پيو. حضور ﷺ جن رحلت فرمائي. حضرت صديق اڪبر خليفة المسلمين منتخب ٿيو، ته لشڪر جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃي کيس روانو فرمايائين. لشڪر جو سالار(حضرت اسامه) گهوڙي تي سوار هو ۽ خليفة المسلمين(حضرت صديق اڪبر) پيدل ساڻس گڏ ڊوڙندو ٿي ويو ۽ جنگ جي باري ۾ حضور ﷺ جن جون هدايتون کيس ياد ڏياري رهيو هو.

حضرت بلال، هڪ حبشي ۽ آزاد ڪيل غلام هو. مگر حضرت فاروق اعظم جهڙو خليفة المؤمنين، جو دنيا جي وڏي ۾ وڏي شهنشاه کان به هر نقطئه نگاه کان ارفع ۽ اعليٰ درجو رکندڙ هو، کيس”سائين“ ڪري سڏيندو هو.

اهي آهن ڪرشما محمد عربيءَ جي تعليم، تربيت ۽ رحمت جا، جنهن جي هڪ نظر خاڪ کي ڪيميا بڻائي ڇڏيو هو.

حضور ﷺ جن پنهنجي انقلابي تحريڪ کي ايڏي همه گيري ۽ حڪمت عمليءَ سان منظم ڪيو، جو انهيءَ دور جون ٻه وڏيون ۽ مستحڪم سلطنتون ساڻس ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ويون. قيصريت ۽ ڪسرويت جي سموري عظمت محمد عربيءَ جي غلامن جي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙجي، غبار راه وانگر اڏامي وئي ۽ رومة الڪبريٰ جي شهنشاهه هرقل اعظم کي ۽ ايران جي تاجدار يزدگرد کي هن وسيع ڪائنات جي اندر ڪٿي به پناه ملي نه سگهي.

اسلامي نظام جو بنياد اهڙي پروگرام تي رکيو ويو، جو هر نقطئه نگاهه کان جامع هو ۽ دنيا جو هر سياسي، معاشي ۽ سماجي نظام هن جي اڳيان هيچ ثابت ٿيو نه صرف ايترو، پر اڄ به جڏهن انسان علم، عقل، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي ۽ تمام گهڻن تجرباتي مرحلن تان گذريو آهي، جامعيت ۽ افاديت جي اعتبار کان اهڙو نظام پيش ڪري نه سگهيو آهي.

اها خبر فقط محمد عربيءَ کي هئي ته صالح انقلاب ڪيئن آڻجي. ان لاءِ جامع پروگرام ڪيئن ٺاهجي ۽ عرب جي اُٺن چارڻ وارن کي قيصر ۽ ڪسريٰ جي تاج ۽ تخت جو مالڪ ڪيئن بڻائجي!

وه دانائي سبل، ختم الرسل، مولائي کل جس ني

غبار راه کو بخشا فروغ واديءَ سينا

انهيءَ صالح انقلاب عالم انسانيت جي لاءِ هڪ مڪمل ضابطهء حيات آندو. پنهنجي آغوش ۾ نئون تمدن ۽ نئين تهذيب کڻي آيو. دنيا کي امن. سڪون،. مساوات ۽ خوشحاليءَ جو پيغام ڏنائين ۽ انسانذات جي انفرادي خواه اجتماعي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي ضمانت مهيا ڪيائين.

اسين ڪنهن نامور شخصيت جي ڳالهه(عام طور تي سندس انتقال کان پوءِ) ڪندا آهيون ته چوندا آهيون ته فلاڻو عهد آفرين ۽ تاريخ ساز انسان هو، مگر حقيقت هيءَ آهي ته سڄي انساني تاريخ جي اندر صحيح معنيٰ ۾ ڪو عهد آفرين ۽ تاريخ ساز انسان آهي ته اهو فقط محمد رسول اللهﷺ آهي. محمد رسول اللهﷺ جي زندگيءَ تي ۽ زندگيءَ جي ڪارنامن تي ۽ سندن پيغمبرانه اوصاف ۽ قائدانه ڪردار تي نظر ڪبي ته اها ڳالهه سؤ فيصد صحيح ثابت ٿيندي.

محمد عربي ﷺ  جي حيات طيبه ۽ سندن لازوال ڪارنامن جو تفصيلي ذڪر ته منهنجي وس کان ٻاهر آهي(۽ هر انسان جي وس کان ٻاهر آهي) مان ته ان جو سرسري ذڪر به ڪري نه سگهيو آهيان. حقيقت هيءَ آهي ته هن ازلي ۽ ابدي حقيقت جي ذڪر لاءِ دفتر به پورا پئجي نٿا سگهن ۽ ان جي اتمام ۽ تڪميل کان زبان ۽ قلم قاصر رهجي ٿا وڃن. حضرت حسان بن ثابت رضه صحيح چيو آهي ته اهڙو ڪامل ۽ مڪمل پٽ ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو آهي. محمد عربي ﷺ سچ پچ هڪ ڪامل انسان آهي، هر لحاظ کان ۽ هر اعتبار کان هڪ  ڪامل ۽ مڪمل انسان. سندس شان هر شيءَ کان مٿي آهي- گهڻو مٿي، ۽ ايڏو مٿي جو نه”مٿي “ جو اکر انهيءَ مٿانهينءَ جي حقيقي مفهوم جو احاطو ڪري سگهي ٿو ۽ نه انساني عقل ۽ ادراڪ ئي اوستائين رسائي حاصل ڪري ٿو سگهي- انهيءَ لاءِ لامحدود مٿانهين ڏانهن اشارو ڪندي، هڪ شاعر چيو آهي ته:-

تصورات جي حد کان مٿي، گمان کان مٿي

مقام صاحب لولاڪ لا مڪان کان مٿي

محمد عربي ﷺ انسانيت جو تاج آهي- انسان ذات جو شرف ۽ شان، ناموس ۽ وقار سندس دم قدم سان قائم آهي. هو ڪائنات جو نور آهي ۽ شش جهات سندس ئي جمال جهان آرا جي ضياپاشين سان منور آهن. هو ڪائنات جي باغ جو  بهار آهي ۽ هن باغ جا سمورا وڻ ٽڻ، ڦل ڦول، انهن جو رنگ ۽ بوءِ، انهن جي تازگي ۽ باليدگي انهن جي رونق ۽ رعنائي ۽ انهن جو حسن ۽ جمال انهيءَ زندگي بخش ۽ روح پرور بهار جو ڪرشمو آهن، هي ڪائنات جنهن محور تي قائم ۽ روان دوان آهي، اهو محور محمد عربي ﷺ  جي ذات آهي. ازل محمد عربي ﷺ جي حيات جاودان جو هڪ صبح آهي ۽ ابد ان جي هڪ شام.

محمد عربيءَ جي ذات خالق ارض و سماوات جي صفات سان متصف آهي ۽ انهن جو مظهر اتم.

اهو الله تعاليٰ جو احسان عظيم آهي، جو محمد عربيءَ جهڙي سيدالاولين  والآخرين، ڪامل ۽ مڪمل ۽ همه صفت موصوف انسان کي اسان ڏانهن پنهنجو رسول ڪري موڪليائين.

لقد من الله عليٰ المؤمنين اذ بعث فيهم رسولا من انفسهم.

سچ پچ الله تعاليٰ مسلمانن تي احسان ڪيو آهي، جو هنن ۾ انهن مان ئي رسول مبعوث ڪيو اٿس.

جنهن دين ۽ دنيا ۾ اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي. اسان جا ٻئي جهان اُجاريائين. اسان کي بارگاه احديت مان”خير اُمت“ جي خطاب سان سرفراز ڪرايائين ۽ اسان کي پنهنجي غلاميءَ جو شرف بخشي دنيا جي شهنشاهن جي مٿان فضيلت ۽ فوقيت عطا فرمايائين.

(7)رسول الله جي حضورﷺ۾ ڏاڍيان نه ڳالهايو

نبي سردار جي ذات بابرڪات الله تعاليٰ کي ايڏي پياري آهي ۽ سندن احترام ايتريقدر ملحوظ اٿس، جو اصحابن ڪرامن کي حڪم ٿو ڏئي ته منهنجي حبيب جي حضور ۾ ڏاڍايان نه ڳالهايو ته متان اوهان جا عمل چٽ نه ٿي وڃن:-

يا ايهاالذين آمنوا لا ترفعوا اصواتڪم فوق صوت النبي ولا تجهروالہ بالقول ڪجهر بعضڪم لبعض ان تحبط اعمالڪم وانتم لا تشعرون.

اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز نبي ﷺ جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ ساڻس وڏي آواز سان نه ڳالهايو، جيئن اوهين پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهيو. متان اوهان جا(سمورا) عمل چٽ نه ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر ئي نه پوي.

صحابه ڪرام ته هون ئي حضور ﷺ جن جا عاشق هئا. سندن بي انتها ادب ۽ احترام ڪندا هئا. ايتريقدر جو مٿن  پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ به فخر محسوس ڪندا هئا. تاهم ٿي سگهي ٿو ته حضور ﷺ جن جي انتها درجي جي رحم دلي ۽ شفقت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ وقت گهڻو احتياط  نه ڪندا هجن، جنهن ڪري الله تعاليٰ کي اهو حڪم ڏيڻو پيو. مگر انهيءَ حڪم کين ايڏو محتاط ڪري ڇڏيو جو پاڻ ته سڄي زندگي ان جي تعميل ڪيائون، پر اڄ تائين به امت محمديءَ جا افراد ايڏا محتاط آهن، جو جيڪڏهن به ٻنهي جهانن جي سردار جي روضه اقدس تي حاضري ڏيندا آهن، ته ڪمال ادب ۽ احترام جي ڪري بيحد نرم ۽ جهيڻي آواز سان ڳالهائيندا آهن:-

ادب گاهيست زير آسمان از عرش نازکتر

نفس گم کرده مي آيد جنيد و بايزيد اينجا

(8)خلق عظيم

ٻنهي جهانن جي سردار جي ذات جامع الصفات بهترين انساني اوصافن جو مجموعو آهي، الله تعاليٰ پنهنجي بي پايان فضل، ڪرم ۽ ڪمال فياضيءَ سان کين هر بهترين صفت سان مڪمل طور تي نوازيو آهي. مگر ان جي باوجود سندن سڀ کان زياده نمايان خصوصيت سندن خلق، رحم، ڪرم، عفو، درگذر ۽ حسن سلوڪ آهي. الله تعاليٰ نبي سردار جي انهن اخلاقي قدرن جي انتهائي بلند ترين مقام تي فائز هجڻ جو اقرار ڪندي، کين خطاب ٿو فرمائي ته:-

اِنڪ لعليٰ خلق عظيم 0

(اي حبيب!) اوهين نهايت ئي وڏي خلق وارا آهيو.

حضور ﷺ جن پاڻ به پنهنجي بعثت جو هڪ سبب هيءَ بيان فرمايو آهي ته:-

بعثت لاتمم مڪارم الاخلاق

مان بهترين اخلاقي قدرن  جي سهڻي نموني سان تڪميل ڪرڻ لاءِ مبعوث ٿيو آهيان.

حضور ﷺ جن جي بي بي سڳوري ام المؤمنين حضرت عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها فرمايو آهي ته:-

ڪان خلقہ القرآن

حضور ﷺ  جن جو خلق مبارڪ هوبهو قرآن پاڪ جهڙو هو.

بي بي سائڻ جي هن ارشاد جو مقصد هيءَ آهي ته حضور ﷺ جن جو قول ۽ عمل گويا قرآن جو تفسير هو، ۽ قرآن حضور ﷺ جن جي سيرت ۽ ڪردار جو آئينو آهي. حضور ﷺ جن جي سڄي زندگي الله جي احڪامن(قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل الله جي اوامر ۽ نواهي) مطابق گذري. نبوت عطا ٿيڻ کان اڳ ۾ به شرڪ ۽ ڪفر جي ماحول ۾ رهڻ جي باوجود بالڪل پاڪيزه ۽ مثالي زندگي گذاريائون ۽ نبوت عطا ٿيڻ کان بعد واري زندگي، ته دراصل آهيئي نبي سردار جي زندگي، حقيقي ۽ مثالي زندگي جنهن کي خود الله تعاليٰ عالم انسانيت جي لاءِ ”بهترين نمونو“ سڏيو آهي(لقد ڪان لڪم في رسول الله اسوة حسنة).

حضور ﷺ جن جي خلق عظيم ۽ خصوصيت سان سندن رحم، ڪرم، عفو، درگذر ۽ حسن سلوڪ جي متعلق تاريخ ۽ سير ۾ ايترا مثال موجود آهن، جو انهن کي صرف واقعاتي انداز ۾ يعني بنا ڪنهن تبصري ۽ تشريح جي جيئن جو تيئن مرتب ڪيو ويندو ته ڪيترن ئي جلدن ۾ هڪ اهڙو اعليٰ پايه جو ضخيم ڪتاب تيار ٿيندو، جنهن تي ترتيب ڏيندڙ کي ته هميشہ فخر رهندو، پر هن جا ايندڙ نسل به انهيءَ مقدس تاليف جي حوالي سان پاڻ کي فخر سان متعارف ڪرائيندا رهندا.

هونءَ ته نبي سردار جي سڄي حيات طيبه رحم، ڪرم، عفو ۽ درگذر جي واقعن سان ڀريل آهي، مگر ڪي واقعا اهڙا مثالي ۽ نمايان آهن، جي سچ پچ تاريخي يادگار جي حيثيت رکن ٿا، مثلاً فتح مڪه جي موقعي تي پنهنجن مغلوب ۽ مفتوح جاني دشمنن کي سرندي پڄنديءَ جي باوجود انتقام وٺڻ ۽ سزا ڏيڻ بدران لاتثريب عليڪم اليوم فاذهبوا  انتم الطلقاء (اڄ توهان تي ڪا به گرفت ڪانهي. وڃو، اوهين سڀ آزاد آهيو) چئي، بلڪل معاف ڪري ڇڏڻ، ڪعب بن زهير جو خون هدر ڪرڻ بعد به کيس نه صرف معاف ڪرڻ، پر پنهنجي بي پايان شفقت ۽ رحمت سان نوازڻ، طائف وارن جي بري برتاءُ جي جواب ۾ ساڻن سٺو برتاءُ ڪرڻ ۽ کين مڪي وارن وانگر معاف ڪري ڇڏڻ وغيره.

زير نظر مضمون قلمبد ڪرڻ کان اول مون پنهنجي ذهن ۾ ان جو جيڪو خاڪو مرتب ڪيو هو، اُنهيءَ مطابق”خلق عظيم“ جي ذيلي عنوان هيٺ مون کي اهي واقعا ۽ ٻيا به ڪيترائي واقعا تفصيل سان لکڻا هئا، جي مون لکيا. مگر مضمون ايتريقدر طويل ٿي ويو آهي، جو ڇپجي ته شايد رسالي ۾ ٻئي ڪنهن مضمون جي لاءِ گنجائش نه رهي. مضمون جي طوالت جي خوف کان مون کي نه صرف اهي سمورا واقعا قلمزد ڪرڻا پيا، پر ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪاٽڻيون پيون، جنهن ڪري مضمون جي ربط ۽ تسلسل به متاثر ٿيو. حضور ﷺ جن جي عفو ۽ در گذر جي واقعن کان علاوه جيڪي ٻيون ڳالهيون مون کي قلمزد ڪرڻيون پيون، انهن مان سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ هئي ته حضور ﷺ جن جي صحابه ڪرام کي ڪهڙي حڪمت سيکاري، کين ڪيئن تعليم ۽ تربيت ڏنائون ۽ ڪهڙيءَ ريت سندن هدايت ۽ اصلاح ڪيائون، جو سندن قلب ۽ ذهن ۾ يڪسر انقلاب اچي ويو. ازانسواءِ صحابه ڪرام سان حضور ﷺ جن جو هميشہ مشفقانه ۽ ڪريمانه برتاءُ، ۽ صحابه ڪرام جي سندن ذات گراميءَ سان لازوال وفاداري ۽ جان نثاري، ۽ حضور ﷺ جن جا چند معجزا وغيره، اگرچه بقول امام بوصيريءَ جي حضور ﷺ جن کان جيڪي معجزا سر زد ٿيا، سي سندن عظمت ۽ شان جي اڳيان هيچ هئا. حضور ﷺ جن جو شان ته اهو آهي جو سندن نالو مبارڪ ڀريل جهريل هڏين جي اڳيان ورتو وڃي ته انهن ۾ به جان پئجي وڃي، يعني سندن نالي وٺڻ سان مردا به زنده ٿي پون:-

لونا سبت قدره آياتہ عظماً- احي اسمہ حين يدعيٰ دارس الرمم

تاهم مون ڪي معجزا بيان ڪيا. اگرچه حقيقت هيءَ آهي ته نه صرف منهنجي نظر ۾، پر ڪروڙها انسانن جي نظر ۾ سڀ کان وڏو معجزو خود حضور انور رسول اڪرمﷺ جن جي ذات جامع الڪمالات آهي، جنهن جو ثاني سڄي موجودات جي اندر ڪڏهن به ڪنهن انسان نه ڏٺو ۽ نه قدرت ئي ان جو بدل پيدا ڪرڻ مناسب سمجهيو گويا:-

جف القلم بما هوفي اللوح ڪائن

مٿي ڄاڻايل واقعن کي قلم انداز ڪرڻ بعد هڪ خلا محسوس ٿيڻ لڳو- جنهن کي پر ڪرڻ لاءِ مون کي ٻه صورتون نظر آيون. هڪ هيءَ ته نبي سردار جي نبوت کان اڳ وارن حيات طيبه مان چند اهڙا واقعا منتخب ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان، جن مان قارئين ڪرام کي پتو پوي ته حضور ﷺ جن واقعي ڄمندي ڄام هئا. سندن زندگي شروع کان ئي بي داغ ۽ مثالي هئي ۽ پاڻ اصل کان وٺي پيغمبرانه اوصاف جا حامل هئا، هيڻن جا همراه، اڙين جا آڌار، مسڪينن ۽ محتاجن جا يار و مددگار، يتيمن ۽ بيوه عورتن تي هٿ رکندا هئا. پنهنجين سهڻين عادتن جي ڪري پنهنجن ۽ پراون ۾ پيار ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺا ويندا هئا. سندن شرافت، سچائي ۽ امانتداري ضرب المثل هئي. اگرچه انهيءَ وقت تائين اڃا نبوت سان سرفراز نه ٿيا هئا، ته به بتن ۽ بت پرستيءَ کان سخت نفرت ڪندا هئا. نبوت عطا ٿيڻ بعد جيئن مڪي جا مشرڪ سندن جاني دشمن بنجي پيا هئا، تيئن نبوت کان اڳ ئي اهل ڪتاب منجهن پيغمبريءَ جا اهڃاڻ ڏسي سندن جاني دشمن بڻجي پيا هئا، مگر الله تعاليٰ هر قدم تي سندن حفاظت ڪندو رهيو، ۽ ٻي صورت هيءَ ته مضمون جي آخر ۾ ”شفاء شريف“ جا چند اقتباس پيش ڪريان، جن ۾ سندن پيغمبرانه اوصاف جو انتهائي اختصار مگر جامعت سان ذڪر خير آهي.

حضور ﷺ جن نبوت عطا ٿيڻ کان اڳ ۾ مڪي معظم جي اندر ڪهڙيءَ ريت پاڪ صاف ۽ بي داغ زندگي گذاري؟ ان جو هڪ مثال حضرت جعفر طيار جي انهيءَ تقرير مان ملي ٿو، جا نجاشيءَ جي دربار ۾ ڪئي هئائين.

ٻيو مثال نضر بن حارث جي تقرير مان ملي ٿو، جا هن نبي سردار جي خلاف قريشن کي مشتعل ڪرڻ لاءِ ڪئي.

ٽيون مثال حضرت ابو طالب سائين جي هيٺين ٻن شعرن مان ملي ٿو:

و ان فخرت يوماً فان محمداً -         هوالمصطفيٰ من سرها و ڪريمها

(بني هاشم وارا جڏهن به پنهنجي حسب نسب تي فخر ڪندا آهن، ته هنن جي نگاه انتخاب محمد (ﷺ) تي وڃي پوندي آهي، جو هن قبيلي جو روح آهي ۽ منجهن وڏي شان وارو آهي.)

وابيض يستسقي الغمام بوجهہ -     ثمال اليتاميٰ، عصمة للارامل

(محمد (ﷺ) اهڙي روشن چهري وارو آهي، جنهن جي صدقي ڪڪرن کان پاڻي طلب ڪيو وڃي ٿو. هو يتيمن جو سرپرست ۽ رنن زالن جي پناه گاهه آهي).

انهيءَ سلسلي جا مزيد مثال هيءُ آهن.

حضور ﷺ جن وٽ جڏهن جبريل عليہ السلام پهريون دفعو بارگاهه ايزديءَ مان غار حرا ۾ وحي کڻي آيو، ته حضور ﷺ جن لاءِ اها ڳالهه جيئن ته بالڪل نئين هئي، تنهن ڪري کين حيرت ٿي ۽ دهشت زدگيءَ جهڙي عالم ۾ پنهنجي جسم اطهر ۾ ڪجهه سياندو محسوس ڪيائون. حرا کان جلد ئي پنهنجي دولت خاني تي واپس آيا ۽ گهر جي ڀاتين کي چيائون ته زملوني زملوني (مون کي ڪمبل ويڙهيو، ڪمبل ويڙهيو.) حضور ﷺ جن جي بي بي ام المؤمنين حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها کين ڪمبل ويڙهي سمهاري ڇڏيو. ٿوري دير آرام ڪرڻ بعد جڏهن کين تسڪين ٿي، ته پنهنجي رفيقهءحيات کي سڄو احوال ٻڌايائون. جبريل جو وحي کڻي اچڻ، انهيءَ صبح جو مڪي کان حرا ڏانهن ويندي جبريل کي زمين ۽ آسمان جي وچ تي فضا ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسڻ، وحي کان پوءِ جبريل جو انساني صورت ۾ آسمان جي ڪنارن تي ٻئي قدم رکي چوڻ ته يا محمد انت رسول الله و انا جبريل (اي محمد! (ﷺ) تون الله جو رسول آهين ۽ مان جبريل آهيان) ۽ انهيءَ صورت ۾ جبريل جو بيڪ وقت افق جي چئني طرفن ۾ نظر اچڻ. پهرئين وحي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سچا خواب ڏسڻ ۽ مڪي ۽ حرا جي وچ تي ايندي ويندي پٿرن ۽ وڻن ٽڻن مان الصلواة و السلام عليڪ يا رسول الله جا آواز ٻڌڻ وغيره.

انهيءَ احوال ٻڌائڻ وقت حضور ﷺ جن جي طبيعت مبارڪ تي ڪجهه حيرت طاري هئي ۽ ڪجهه دهشت. جنهن ڪري بي بي سانئڻ حضور ﷺ جن جي دلجوئي ڪندي، کين هيءُ ٻه ڳالهيون چيون:

(1) "اي ابوالقاسم! اوهان ڪو به فڪر نه ڪريو. مون کي خاطري آهي ته الله تعاليٰ اوهان کي ڪڏهن به تڪليف ۾ نه وجهندو. اوهين صله رحمي ڪندا آهيو. مسڪينن ۽ محتاجن جا بار کڻندا آهيو. مهمان نواز آهيو ۽ هميشہ حق جو پاسو وٺندا آهيو.“

(2) ابشر يا ابن عم و اثبت فوالذي نفس خديجة بيده اني لارجو ان تڪون نبي هذه الامة.

اي سؤٽ! اوهان خوش ٿيو ۽ هن ڳالهه تي ثابت قدم رهو. مون کي قسم آهي انهيءَ ذات جو، جنهن جي هٿ ۾ خديجہ جي جان آهي، سچ پچ مان اها اميد ٿي رکان ته اوهين هن امت جا نبي ٿيندا.

ٿي سگهي ٿو ته بي بي سانئڻ جي انهيءَ اميد جو بنياد هنن حقيقتن تي هجي:-

حضرت خديجة الڪبريٰ مڪي معظم جي هڪ شريف، معزز، مالدار ۽ واپاري بي بي هئي. ماڻهن کي پنهنجو مال ڏئي واپار سان لڳائي ڇڏيندي هئي ۽ ڪن ماڻهن کي هڪ مقرر حصي تي واپار ۾ ڀائيوار به ڪندي هئي. مڪي جا قريش پاڻ به واپاري هئا. بي بي سائڻ کي جڏهن حضور ﷺ جن جي سچائي، اعليٰ پايه جي امانتداري ۽ شريفانه رهڻي ڪهڻيءَ جون ڳالهيون معلوم ٿيون ته حضور ﷺ جن کي استدعا ڪيائين ته "اوهين منهنجي غلام ميسره سان گڏجي منهنجو تجارتي مال کڻي سفر تي وڃو. مان جيڪو معاوضو ٻين کي ڏيندي آهيان، اوهان کي ان کان زياده ڏينديس." حضور ﷺ جن بي بي سائڻ جو مال کڻي ميسره سان گڏجي شام ڏانهن روانا ٿيا. انهيءَ سفر ۾ ميسره حضور ﷺ جن جي اعليٰ اخلاق، شرافت ۽ تجارت ۾ ديانتداريءَ کان علاوه جيڪي خاص ۽ غير معمولي ڳالهيون ڏٺيون، سي هي هيون:

(1) حضور ﷺ جن شام ۾ هڪ گرجا جي ڀرسان هڪ وڻ جي هيٺان وڃي منزل انداز ٿيا. گرجا مان راهب ڏٺو ۽ ميسره کي سڏي هن کان پڇيائين ته اهو شخص ڪير آهي، جو هن وڻ جي هيٺان لٿو آهي؟ ميسره چيس ته حرم وارن قريشن مان آهي. راهب چوڻ لڳو ته”انهيءَ وڻ جي هيٺان ڪڏهن به ڪنهن نبي کانسواءِ ٻيو ڪو شخص منزل انداز نه ٿيو آهي.“

(2) ميسره اهو به ڏسندو هو ته منجهند جو جڏهن گرمي وڌندي هئي ته ٻه فرشتا حضور ﷺ جن جي مٿان ڇانو ڪري هلندا هئا ۽ حضور ﷺ جن اُٺ تي سوار ٿي سفر ڪندا رهندا هئا.

(3) حضور ﷺ جن جيڪو مال مڪي کان آندو هو، اهو شام ۾ نيڪال ڪري، ان جي عيوض شام مان جيڪو مال خريد ڪيائون اهو تقريباً ٻيڻو هو ۽ دستور کان زياده منافع بخش ثابت ٿيو.

ميسره انهيءَ سفر ۾ جيڪي ڳالهيون ڏٺيون، سي سڀ تفصيل سان حضرت خديجة الڪبريٰ کي ٻڌايائين. بي بي سائڻ اڳ ۾ ئي نبي سردار جي سيرت ۽ ڪردار کان متاثر هئي، ويتر جو اهي ڳالهيون ٻڌائين ته بي حد متاثر ٿي ۽ نبي سردار ڏانهن پنهنجي نڪاح جو پيغام موڪليائين، جو حضور ﷺ جن پنهنجن چاچن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد قبول فرمايو ۽ حضورﷺ جن جي چاچي حضرت حمزه بن عبدالمطلب وڃي نڪاح پڙهايو.

ازانسواءِ بي بي سائڻ ورقة بن نوفل (بن اسد بن عبدالعزيٰ) کان حضور ﷺ جن جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون، انهن کان به تمام گهڻو متاثر هئي (ساڳي ريت ورقة بن نوفل به بي بي سائڻ کان حضور ﷺ جن جي عادات و اطوار، رهڻي ڪهڻي ۽ روزمره جي زندگيءَ جي باري ۾ ڳالهيون ٻڌي حضور ﷺ جن کان بي حد متاثر هو). ورقة بن نوفل بي بي سانئڻ جو سوٽ هو. عيسائيت اختيار ڪئي هئائين. توراة ۽ انجيل جو عالم هو. مطالعو وسيع هوس. ٻين عيسائي ۽ يهودي عالمن وانگر هن کي به پيغمبر آخر الزمان جي ظهور جو انتظار هو. پيغمبر آخر الزمان جي ذات ۽ صفات جي باري ۾ وڏي معلومات رکندڙ هو.

حضور ﷺ جن پهرئين وحي جي نزول کان بعد جڏهن حرا کان پنهنجي دولت خاني تي تشريف فرما ٿيا، ته ڪجهه پريشان هئا. انهيءَ ڪري بي بي سائڻ کين ورقة بن نوفل ڏانهن وٺي وئي، ته کيس حضور ﷺ جن جو حال احوال ٻڌايو. ورقة حضور ﷺ جن کي چيو ته ”جيڪو اوهان وٽ غار حرا ۾ آيو، اهو ”ناموس اڪبر“ (جبريل) هو. حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ ڏانهن به الله جو پيغام (وحي) اهو ئي کڻي ايندو هو. اوهين پيغمبر آخر الزمان آهيو. اوهان ۾ اهي سموريون علامتون موجود آهن، جي پيغمبر آخر الزمان جي باري ۾ آسماني ڪتابن ۾ درج آهن“. پوءِ ورقة حضور ﷺ جن کي انهن ڳالهين کان آگاهه ڪيو، جي حضور ﷺ جن کي مستقبل ۾ پيش اچڻيون هيون. مثلاً مڪي جي مشرڪن جو مخالفت ڪرڻ، تڪليفون ڏين، بائيڪاٽ ڪري مڪي مان ڪڍڻ ۽ شعب ابي طالب ۾ ٻه ٽي سال سانده محصور ڪرڻ، قتل جو منصوبو سٽڻ، اباڻو وطن ڇڏائڻ يعني مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ تي مجبور ڪرڻ. مديني ۾ به بار بار مسلح ٿي ۽ لشڪر وٺي چڙهايون ڪري اچڻ - ۽ آخر ۾ حضور جن جي عزم، استقامت ۽ حقانيت جي ڪري شرڪ ۽ ڪفر جي بيخ ڪني ٿيڻ ۽ اسلام جو فروغ حاصل ڪرڻ وغيره. ورقة حضور ﷺ جن کي اهو به ٻڌايو ته اهي سڀ ڳالهيون اڳواٽ ئي آسماني ڪتابن ۾ بيان ڪيون ويون آهن. ورقة انهيءَ تمنا جو اظهار به ڪيو هو ته جيڪڏهن مان اوستائين زنده رهيس ته اوهان جو ساٿ ڏيندس.

ورقة کي حضور ﷺ جن جي متعلق الهامي صحيفن مان جيڪا معلومات حاصل ٿي هئي، انهيءَ کان علاوه ميسره جون ڳالهيون به ٻڌيون هئائين ۽ حضرت خديجة الڪبريٰ کان به سندن روزه مره جي زندگي، رهڻي ڪهڻي ۽ سيرت ۽ ڪردار جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ بعد کيس حضور ﷺ جن جي پيغمبر آخر الزمان جي حيثيت ۾ مبعوث ٿيڻ جو يقين ٿي چڪو هو ۽ انهيءَ ڪري کيس حضور ﷺ جن جي ظهور پرنور جو شديد انتظار هو. پيرسن هو. کيس گهڻو عرصو زنده رهڻ جي اميد ڪانه هئي، جنهن ڪري هن چاهيو ٿي ته پيغمبر آخر الزمان جو ظهور ٿئي، ته هو سندن تصديق ڪري، پنهنجا ارمان پورا ڪري. پر الله تعاليٰ جي مصلحت ڪنهن جي تمنا جي تابع نه هوندي آهي. هيٺيان اشعار ورقة جا آهن، جن ۾ پنهنجي يقين ۽ انتظار جي شدت جو اظهار ڪيو اٿس.

ووصف من خديجة  بعد وصف-       فقد طال انتظاري يا خديجا

(خديجہ کان وصفن پٺيان وصفون ٻڌي، هاڻي منهنجو انتظار اي خديجہ! وڌي ويو آهي).

ببطن المڪتين عليٰ رجائي   حديثڪ ان اريٰ منہ خروجا

(اي خديجہ! مان اميد ٿو ڪريان ته تنهنجي ڳالهه جو ظهور مڪي جي ٻنهي حصن جي وچ مان ٿيندو).

بما خبرتنا من قول قس       من الرهبان اڪره ان يعوجا

(مان اهو پسند نٿو ڪريان ته تو اسان کي احبارن ۽ رهبانن جي حوالي سان جا ڳالهه ٻڌائي آهي، سا غلط ثابت ٿئي).

بان محمدا سيسودفينا        ويخصم من يڪون لہ حجيجا

(ته محمدﷺ) اسان ۾ جلد سردار ٿيندو ۽ هن جي پاران(سندس حمايت ۾) جيڪو شخص ڪنهن سان بحث ڪندو، اهو ئي غالب رهندو).

ويظهر في البلادضياءُ نور      يقيم بہ البريہ ان تموجا

(۽ سڀني شهرن ۾ هن جي) نور جي روشني ڦهلجي ويندي، جا مخلوق کي سڌي راه تي هلائيندي ۽ کيس منتشر ٿيڻ کان محفوظ رکندي.

فيلقي من يحاربہ خسارا       ويلقي من يسالمہ فلوجا

(ان کان پوءِ جيڪو محمد(ﷺ) سان جنگ ڪندو، اهو نقصان ۾ رهندو ۽ جيڪو ساڻس صلح ڪندو، اهو ڪامياب هوندو.

فياليتي اذا ماڪان ذاڪم     شهدت وڪنت اڪثرهم ولوجا

(ڪاش، ان وقت مان به هجان، جڏهن اوهانجي اڳيان انهن واقعن جو ظهور ٿيندو، ۽ ڪاش، انهن ۾ بهرو وٺندڙن مان سڀ کان زياده بهرو مان وٺان.)

ولوجا في الذي ڪرهت قريش ولو عجت بمڪتها عجيجا

(مان  انهي دين ۾ داخل ٿيان، جنهن کي قريش ناپسند ڪندا، ڀلي ته هو پنهنجي مڪي ۾ خوب شوروشرڪن.)

ارجيٰ بالذي ڪرهوا جميعا  اليٰ ذي العرش ان سفلوا عروجا

(جنهن شيءِ کي قريش ناپسند ڪندا، مان  انهيءَ ئي شيءِ جي ذريعي عرش جي مالڪ وٽ سرفرازي حاصل ڪندس، جڏهن ته هنن کي پستي(ذلت) نصيب ٿيندي.)

حضور ﷺ جن اڃا بلوغت جي عمر کي نه رسيا هئا، ته پنهنجي چاچي سائين حضرت ابوطالب سان گڏجي شام جي تجارتي سفر تي ويا . شام. جي هڪ شهر بصريٰ ۾ هڪ گرجا جي بحيرا نالي راهب، عربن جو تجارتي قافلو ايندي ڏٺو. حضور ﷺ جن قافلي جي وچ ۾ هئا ۽ مٿن هڪ ڪڪر جي ڇانو هئي. قافلي انهي گرجا جي ڀرسان هڪ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو. راهب ڏٺو ته اهو ڪڪر انهيءَ وڻ جي مٿان وڃي بيٺو، جنهن جي هيٺان حضور ﷺ جن تشريف فرما هئا ۽ وڻ جون ٽاريون به نمي حضور ﷺ جن جي مٿان ڇانو جي خاطر جهڪي ويون. راهب حضور ﷺ کي ويجهو ٿي ڏسڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ لاءِ سڄي قافلي جي دعوت ڪئي. راهب دعوت جي موقعي تي ڏٺو ته عرب هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ وقت ذري ذري تي لات عزيٰ جو قسم کڻي رهيا آهن. دعوت کان پوءِ جڏهن راهب کي حضور جن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو ته کين چيائين ته توکي لات ۽ عزيٰ جو قسم، مان تو کان جيڪي ڳالهيون پڇان، مون کي انهن جو جواب ڏي. حضور ﷺ جن کيس چيو ته:-

لاتسئلني باالات و العزيٰ فوالله مان ابغضت شيئاًقط بغضهما.

لات ۽ عزيٰ جو قسم ڏئي، مون کان ڪا به ڳالهه نه پڇ. خدا جو قسم، مون کي جيترو بغض انهن ٻنهي سان آهي، اوترو ڪڏهن به ڪنهن سان نه ٿيو آهي.

ان کان پوءِ بحيرا کانئن ڪيترا ئي سوال ڪيا، جن جا پاڻ اطمينان سان جواب ڏنائون. راهب سندن پٺيءَ تي ٻنهي ڪلهن مبارڪن جي وچ تي مهر نبوت به ڏسي خاطري ڪئي.

حضور ﷺ جن کان پوءِ راهب حضرت ابو طالب ڏانهن متوجه ٿيو ۽ کانئس پڇيائين ته هيءَ نينگر تنهنجو ڇا ٿئي؟ حضرت ابو طالب چيو ته هيءَ منهنجو پٽ آهي. راهب چيو ته هن جو پيءَ زنده نه هجڻ گهرجي. حضرت ابو طالب چيو ته بيشڪ، هن جو پيءُ زنده نه آهي. هيءُ منهنجو ڀائٽيو آهي. راهب کيس چيو ته”هن کي هڪدم هتان پنهنجي شهر موٽائي وٺي وڃ. اڳتي يهودي آهن. اهي هن کي ڏسندا ۽ جيئن مون سمجهيو آهي، هنن به اُنئين سمجهيو ته هن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا. تنهنجو هيءَ ڀائٽيو تمام وڏي شان وارو ٿيندو“.

تاريخن لکيو آهي ته انهيءَ راهب وٽ هڪ ڪتاب هو، جو کيس وڏن کان ورثي ۾ مليو هو. ان ۾ پيغمبر آخرالزمان جي باري ۾ اهڙيون علامتون بيان  ڪيل هيون، جن جي بناءَ تي هن نبي سردار کي سڃاتو هو.

شفاء شريف جا اقتباس

قاضي عياض ڪتاب الشفا ۾ فرمائي ٿو:-

تقويٰ ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، اهي وهبي به آهن ۽ اڪتسابي به. يعني قدرت جي پاران به وديعت ڪيون وڃن ٿيون ۽ ڪوشش سان به حاصل ٿين ٿيون. مثال طور اخلاق بلند ۽ بهترين هجڻ گهرجن ۽ شريعت کان پوري طرح واقفيت هجي. اخلاق ۾ علم، حلم، صبر، شڪر، منصف مزاجي، پرهيزگاري، نياز نوڙت، پاڪدامني، سخاوت، بهادري، حياء، مروت، خاموشي، وقار، رحم ۽ ادب وغيره جهڙيون صفتون شامل آهن. ڪن ماڻهن ۾ ڄمندي ئي اهي صفتون هونديون آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪوشش ڪري پاڻ ۾ پيدا ڪندا آهن. مگر طبيعت ۾ اهڙين صفتن پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ ضروري آهي.

انهن اخلاقي صفتن جي ذريعي جيڪڏهن الله تعاليٰ جي رضامندي حاصل ڪرڻ ۽ عاقبت سنوارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، ته اهي فقط دنيوي صفتون ليکيون وينديون. تاهم صحيح سمجهه رکندڙ انسانن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته هي اخلاقي فضائل ۽ محاسن بهرحال سهڻيون صفتون آهن.

اهي اخلاقي فضيلتون ڪمال ۽ جمال جون صفتون آهن، جي هر دور ۾ فقط هڪ يا ٻن ماڻهن ۾ ڏسڻ اينديون  آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نسل ۽ خاندان جي ڪري يا حسن ۽ جمال جي ڪري يا قوت ۽ طاقت جي ڪري يا علم ۽ حلم جي ڪري يا شجاعت سخاوت جي ڪري ناموري حاصل ڪري ٿو ته سندس عزت ۽ شهرت وڌي ٿي. ماڻهو هن جي انهن اخلاقي صفتن کان متاثر ٿا ٿين ۽ اهڙي ڳالهين ٻولهين نڪرڻ وقت هن جا مثال ٿا ڏين. اهو دستور قديم زماني کان هلندو ٿو اچي. پوءِ انهيءَ صورت ۾ اوهان جو اهڙو انسان جي عزت ۽ عظمت جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي، جنهن ۾ بيڪ وقت اهي سموريون صفتون موجود هجن ۽ ايڏيون اَڻ ميون ۽ اڻ ڳڻيون، جو ڪو به شخص انهن جو ڪاٿو ڪري نه سگهي ۽ هر شخص جي لاءِ انهن جو اندازو لڳائڻ ناممڪن ٿي پوي ۽ وڏي ڳالهه اها ته اهي صفتون ڪوشش سان حاصل نه ڪيون ويون هجن، بلڪ اهي فطري ۽ طبعي هجن ۽ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان عطا ٿيل هجن. يعني مادي ۽ جسماني خوبين سان گڏوگڏ نبوت، رسالت، بزرگي، برگزيدگي، قرب، وحي، شفاعت، توسل”مقام محمود“ تي فائز ٿيڻ جو بلند ترين درجو، براق، معراج، ساري دنيا جي لاءِ پيغمبري، نماز ۾ انبياء ڪرام جي امامت، سڀني نبين ۽ سندن امتن جي مٿان گواهي ساري انسان ذات جي سرداري الله تعاليٰ جي طرفان سڀني انسانن جي لاءِ بشير ۽ نذير بڻجي اچڻ، قيامت جي ڏينهن”لواء الحمد“ عطا ٿيڻ، امانت، هدايت، ساري ڪائنات ۽ موجودات جي لاءِ رحمت بڻجي اچڻ، تسليم ۽ رضا، حوض ڪوثر جي  بخشيش ، دعا جي اجابت، ِاتمام نعمت، اڳين پوئين تقصيرن جي معافي، شرح صدر يعني دل جي مونجهه دور ڪرڻ ۽ سڪون ۽ اطمينان بخشڻ، ذڪر جي رفعت، فتح مبين سان نوازڻ، تسڪين قلب عنايت ڪرڻ، فرشتن کي تائيد ۽ حمايت لاءِ موڪلڻ، ڪتاب ۽ حڪمت، سبع مثاني(ستن منزلن وارو قرآن پاڪ) نازل ڪرڻ، امت کي پاڪيزگيءَ جي نعمت سان نوازڻ، توحيد جي تبليغ ۽ الله تعاليٰ ڏانهن سندن بندن کي متوجه ڪرڻ جي خدمت سپرد ڪرڻ، الله تعاليٰ ۽ سندن فرشتن جو درود پڙهڻ، انسانن جو حڪم ۽ فيصل بنجڻ، سندس نالي جو قسم کڻڻ، نباتات، جمادات ۽ حيوانات جو ساڻس ڳالهائڻ، آڱرين مان چشمي وانگر پاڻي ڦٽي نڪرڻ،ٿورين شين جو برڪت سبب گهڻو ٿي پوڻ، چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ، سج جو پوئتي موٽڻ، شين جو بدلجي وڃڻ، ڪڪر جو ڇانو ڪرڻ، ڪنڪرين ۽ پٿرين جو ذڪر ڪرڻ ۽ بيمارين کان شفا بخشڻ وغيره.

اِهي ۽ اهڙيون ٻيون سوين خوبيون آهن، جن کي انساني عقل سمجهي نٿو سگهي، فقط الله ئي انهن کي سمجهي ٿو، جنهن اهي خوبيون پيدا ڪيون ۽ پنهنجي حبيب کي عطا ڪيائين. انهن خوبين کان علاوه الله تعاليٰ پنهنجي حبيب لاءِ آخر ۾ جيڪي رتبا ۽ درجا  مخصوص فرمايا آهن، اوستائين انساني عقل جي رسائي بالڪل ٿي نٿي سگهي ۽ انسان جو علم ۽ ادراڪ حيرت زده ٿو رهي.

اهي سموريون خصلتون رسول اڪرمﷺ ۾ موجود آهن ۽ اهو ئي سندن خلق آهي، جو پنهنجي ڪماليت جي انتها کي وڃي پهتو آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ تعريف ۽ تحسين جي انداز ۾ کين خطاب ڪندي فرمايو آهي ته انڪ لعليٰ خلق عظيم.

الله تعاليٰ حضور ﷺ جن کي خطاب ڪندي، فرمايو آهي ته و علمڪ مالم تڪن تعلم و ڪان فضل الله عليڪ عظيماً0 (اي حبيب! الله تعاليٰ توکي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻائي ڇڏيو آهي، جو تون اڳ ۾ نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جو وڏو فضل آهي.)

انساني عقل حضورﷺ  جن جي هن عظمت تي حيران آهي ۽ ان جي اندازي لڳائڻ کان عاجز. اسان جون زبانون الله جي انهيءَ عظيم فضل ۽ سندس عطا ڪيل علم جي بي پايان ۽ بي ڪران وسعت بيان ڪرڻ کان بالڪل گونگوين آهن.

حضور ﷺ جن جي خصوصي فضيلت اها آهي جو الله تعاليٰ کين پنهنجن نالن مان ٻه نالا عطا فرمايا آهن، هڪ”رئوف“ ۽ ٻيو ”رحيم“. عزيز عليہ ما عنتم حريص عليڪم بالمؤمنين رئوف رحيم(رسول اللهﷺ کي اهڙيون ڳالهيون ڏکيون ٿيون لڳن، جي اوهان کي تڪليف ٿيون ڏين. هن کي اوهان جي ڀلائي جو حرص آهي ۽ هو اوهان مؤمنن تي رئوف ۽ رحيم(مهربان ۽ ٻاجهارو) آهي.

اللهم صل عليٰ سيدنا و مولانا محمد وعلي آل سيدنا و مولانا محمد وبارڪ وسلم.

*

پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي طعنا نه ڏيو ۽ نه هڪ ٻئي تي نالا رکو. ايمان آڻڻ کان پوءِ بدتهذيبي جو نالو ئي برو آهي ۽ جيڪي انهن حرڪتن کان نه رڪجن (ته اهيئي) خدا جي نزديڪ ظالم آهن (القرآن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com