سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :13

الحاج رحيم بخش قمر

پَاڻُ سوَنهارَن جِي مَدَنِي زِندگِي مُبَارَڪ

 

وحده لا شريڪ لہ،
 تان مڃ محمد ڪارڻي،
سو تون وڃيو ڪيئن،

جان ٿو چئين ائينءَ،
نرتئون منجهان نينهن،
نائين ڪنڌ ٻين کي.

(شاهه عليہ الرحمة )

رحمت للعالمين، سيد المرسلين، سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وصحبہ وسلم جن جي زندگي مبارڪ، مڪي هجي يا مدني، سفري هجي يا حضري، ڳجهي هجي يا پڌري، صحابن سڳورن جي سٿ ۾ هجي يا اڪيلائپ ۾ هجي، هر حالت ۾ سندن ذات بابرڪات چوڏهين رات جي چنڊ وانگر چمڪندڙ ۽ جرڪندڙ آهي، جنهن جو چلڪو ۽ جرڪو جهانن کان جرڪائي سنسار کي سوجهرو ڏئي رهيو آهي.

سندن زندگي مبارڪ جو هر پهلو روز روشن کان وڌيڪ روشن ۽ قابل تقليد آهي سورة الاحزاب ۾ آهي.

”لقد ڪان لڪم في رسول الله اسوة حسنة“ ترجمو:-بيشڪ اوهان لاءِ الله تعاليٰ جي رسول جو اطاعت ۾ عمل جو سهڻو نمونو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو سندن اطاعت کي، ڪريم ڪارساز، پنهنجي اطاعت قرار ڏنو آهي. جيئن سورت النساء ۾ آهي”من يطع الرسول فقد اطاع الله“ ترجمو:- جيڪو رسول جي اطاعت ڪندو، تنهن بيشڪ الله جي اطاعت ڪئي. پاڻ سونهارا، بشير به آهن ته نذير به آهن ۽ سراجا منير به آهن. سندن حيات بابرڪات قرآن مجيد جو تفسير بي نظير آهي.

سورة القلم ۾ آهي ته ”وانڪ لعليٰ خلق عظيم“ ترجمو:- ۽ بيشڪ تون اعليٰ اخلاق جي انتهائي عروج تي آهين. بهرحال مونکي سندن مدني زندگي مبارڪ تي مختصر انداز ۾ لکڻو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مدني زندگي جو آغاز سندن هجرت واريءَ رات کان ٿئي ٿو.

اهو واقعو هينئن آهي ته مڪي شريف جي مشرڪن هڪ رات پاڻ ۾ گڏجي هيءُ منصوبو رٿيو ته ٻنهي جهانن جي سردار ۽ مسڪينن جي مددگار کي سندن هنڌ مبارڪ تي کين ننڊ جي حالت ۾ شهيد ڪيو وڃي. هوڏانهن دشمن اهو منصوبو رٿي رهيا هئا هيڏانهن ڪريم ڪارساز، پنهنجي محبوب کي دشمنن جي انهيءَ بد ارادي کان آگاهه فرمايو.

پاڻ سيدنا علي المرتضيٰ، شير خدا ڪرم الله وجهہ جن کي پنهنجي بستري مبارڪ تي سمهاري، ماڻهن جون امانتون سندن حوالي ڪري، پنهنجي گهر مبارڪ مان ٻاهر نڪتا.

هڪ رات چيو هو شاهه اُمم،
آرام جو عالم ڇا چئجي،

 

اڄ سيج تي ڪر آرام علي،
ايثار جو عالم ڇا چئجي!                              

(قمر لاکو)

بهرحال، پاڻ سورة يٰس جي تلاوت ڪندي، ڪافرن جي گهيري کي ٽوڙيندي، هڪ مٽيءَ جي ڀري مٺ انهن طرف اُڇلائي جيڪا سمورن ڪافرن جي مٿن ۽ اکين ۾ پئجي وئي- هو پنهنجون اکيون مهٽيندا رهيا. پاڻ  پنهنجي حاويليءَ مبارڪ مان نڪري ويا. جهڙيءَ ريت قرآن ڪريم ۾ فرمايل آهي:-”وما رميت اذرميت ولکن الله رمي“  ترجمو: اي محبوبﷺ، ۽ جڏهن تو مٽيءَ جي مٺ اُڇلي ته(اها) تو نه اُڇلي پر اها الله(تعاليٰ) اُڇلي-“

سنگ ريزه مَي زند دست، جناب،

مارميت اذ رميت آيد خطاب

        (مولانا روم)

اتان پاڻ سيدنا صديق اڪبر رضي الله عنہ جن جي گهر ويا، جتان پنهنجي هن دل گهرئي دوست کي ساڻ ڪري مڪي شريف کان ٻن ميلن جي پنڌ تي،”ثور“ نالي هڪ غار ۾ ٽي راتيون پاڻ ۾ روح رهاڻيون ڪيون:-

”جنهن غار ۾ گڏجي گهاريو ٿي ابوبڪر محمد مٺڙي سان ،

ان غار جو عالم ڇا چئجي! غمخوار جو عالم ڇا چئجي!“

                                        (قمر لاکو)

هن غار جو بيان سورة توبہ ۾ هن ريت آهي:- ”ثاني اثنين اذهما في الغار اذيقول لصاحبہلاتحزن ان الله معنا“ ترجمو:- ٻن مان هڪڙو پاڻ هو، اثنين جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا، تڏهن پنهنجي ساٿيءَ کي چيائين ته الڪو نه ڪر، تحقيق الله(تعاليٰ) پاڻ سان گڏ آهي.

يار غار سان جنهن وقت مديني مبارڪ ۾ تشريف فرما ٿيا ته مديني منور جي رهاڪن، جن کي قرآن شريف انصار ڪوٺيو آهي، تن پنهنجي دل جي گهراين وچان، سندن نهايت شاندار نموني ۾ آڌر ڀاءُ ۽ استقبال ڪيو، ايستائين جو قبا جي ڳوٺ کان مديني مبارڪ تائين، هر قبيلي جا معزز ماڻهو رستي جي ٻنهي پاسن قطارون ڪري بيٺا آهن، هر هڪ ماڻهو چاهي ٿو ته رسول الله صلي الله تعاليٰ عليہ وآلہ وصحبہ وسلم جن سندن مهمان ٿين-

هر هڪ ماڻهو هٿ ٻڌي عرض ڪري رهيو آهي ته، اي الله جا رسول! هي گهر، هيءُ مال ۽ هيءُ جيءُ توهان تي قربان ٿيڻ لاءِ حاضر آهي، پاڻ کين دعائون ڏيندي، اڳتي وڌي رهيا آهن- نه رڳو مديني مبارڪ جا مرد مسرور آهن پر انصار عورتون پنهنجن گهرن ۽ ڪوٺن تي چڙهي خوشيءَ وچان ڳائي رهيون آهن.

”طلع البدر علينا من ثنيات الو داع،

وجب الشڪر علينا، ما دعا الله داع“

يعني چوڏهينءَ جو چنڊ اسان تي اڀريو آهي، وداع جبل جي گهٽين مان، اسان تي الله تعاليٰ جو شڪر ڪرڻ واجب آهي، جيستائين ڪو به دعا گهرندڙ، خدا کان دعا گهري ٿو.

پاڻ سڳورن جي ڏاچي مبارڪ، جنهن وقت حضرت ابو ايوب انصاري رضي الله تعاليٰ عنہ جي گهر وٽ ويٺي ته اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ خوشيءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. خاص طور تي نجار قبيلي جون نياڻيون خوشيءَ ۾ نٿيون ماپن، دف هٿن ۾ اٿن ۽ ڏاڍي هيج مان ڳائي رهيون آهن.

”نحن جوار من بني النجار، يا حبذا محمد من جار“

يعني اسان نجار گهراڻي جون نياڻيون آهيون واهه! واه! محمدﷺ جن، اسان جا پاڙيسري ٿيڻ وارا آهن.

اڄ مديني مبارڪ جي ماڻهن جي گهر گهر ۾ عيد آهي. انهيءَ خوشيءَ ۾ مرد ۽ عورتن، نوجوان ۽ پيرسن، شاهوڪار ۽ مسڪين، گهرن ۽ گهٽين ۾ پڪاري رهيا هئا:- جاءَ رسول الله ”جاءَ حبيب الله“ الله جو رسول اچي ويو، الله جو حبيب اچي ويو.

حاصل هيءُ آهي ته مديني جي گهوٽ جي مدني زندگي مبارڪ نهايت اهم ۽ اعليٰ آهي، جنهن ۾ اسلام کي انتهائي عروج حاصل ٿيو آهي.

حقيقت ۾ قرآن مجيد جو ڪامل ٿيڻ، مسجد قبا ۽ مسجد نبوي جي اڏاوت، جمعي جي نماز، عيدالاضحيٰ، عيدالفطر، زڪوات جو فرض ٿيڻ ۽ سموريون جنگيون خصوصاً غزوه بدر ۽ مڪي شريف جي ڪاميابي ۽ ڪامراني اهي سڀ شاندار ڪارناما، سندن مدني زندگي مبارڪ ۾ نروار ٿيا آهن، مڪي شريف جي ڪاميابي جي موقعي تي بيت الله شريف کي ٽي سو سٺ بتن کان آجو ۽ پاڪ ڪيو ويو.

دين جي دشمنن کي عام معافي ڏني وئي، جنهن ڪري اُتان جا ماڻهو الله جي دين ۾ ٽولن جا ٽولا داخل ٿيندا ويا-

”ورايت الناس يدخلون في دين الله افواجا“

ترجمو:- ۽ ماڻهن کي الله جي دين ۾، ٽولا ٽولا گهڙندڙ ڏسي ٿو- انهيءَ سلسلي ۾ حضور پر نور ﷺ جن آخري حج جي موقعي تي، جيڪو خطبو مبارڪ فرمايو هو، ان جي ٿوري ڀاڱي جو ترجمو هن ريت آهي:-”خبردار مون کان پوءِ گمراهه نه ٿجو! متان هڪ ٻئي جا ڪنڌ لاهڻ شروع ڪيو، مسلمانو! عورتن ۽ ٻانهن جي معاملي ۾ رب کان ڊڄو، توهان کين خدا جي ضمانت تي حاصل ڪيو آهي ۽ خدا جي حڪم سان پنهنجي لاءِ جائز ڪيو آهي. توهان جو حق عورتن تي آهي ۽ انهن جو حق توهان تي آهي. پنج وقتي نماز پڙهندا رهجو! رمضان مبارڪ جا روزا رکندا رهجو! انسانو! مان توهان ۾ ٻه اهڙيون شيون ڇڏيو ٿو وڃان، جنهن تي توهان مضبوطيءَ سان عمل ڪندا رهندؤ ته گمراهه نه ٿيندؤ. اهي شيون خدا جو ڪتاب قرآن شريف ۽ حديث آهي.

بهرحال سندن آخري حج جي موقعي تي فرمايل خطبو مبارڪ انسان ذات لاءِ بي مثال منشور آهي، جنهن جو اکر اکر املهه ماڻڪ، سيني جي سپ ۾ سانڍڻ جهڙو آهي. جنهن تي عمل ڪرڻ سان انسانيت جو عروج ۽ ماڻهپي جو معراج ماڻي سگهجي ٿو- سورة احزاب ۾ آهي.

ومن يطع الله و رسولہ فقد فاز فوزا عظيماo

۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪندو، تنهن تحقيق وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي شال ڪريم ڪار ساز اسان سڀني کي، سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وصحبہ وسلم جن جي سنت ۽ حڪمت، قول مبارڪ ۽ فعل مبارڪ تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين!

 

مولانا عبدالوهاب چاچڙ

مُعَلِمِ اَعظَمﷺ

 

حضرت رسول الله ﷺ تاريڪ دنيا کي چند سالن جي پاڪيزه تعليم سان جنهن انسانيت ۽ حريت جي روشنيءَ سان منور ڪيو ۽ قيامت تائين اچڻ وارين قومن لاءِ راهه ۽ مشعل راه عنايت ڪئي، ان ۾ جيترو گهڻو غور ڪيو ويندو، ايتري گهڻي حيرت ۽ عظمت سامهون ايندي رهندي.

پاڻ ڪريمن جي تعليم جو ئي ڪمال آهي ته ٻار، جوان، پوڙها ۽ عورتون جيڪي پوري جهالت ۽ وحشيت ۾ وڪوڙيل هئا، اهي چند سالن جي تعليم سان نه ڇڙو عالم پر مجتهد، مفڪر ۽ دنيا جا مصلح بڻجي ويا. بالغن خاص ڪري پوڙهن جي تعليم سان جن جو واسطو پيو هوندو انهن کي ئي احساس هوندو ته هڪ عيالدار ماڻهو، پوٽن ۽ ڏهٽن جو ڏاڏو ۽ نانو، ننڍن ننڍن ٻارن جي ماءُ کي معمولي تعليم ڏيڻ ۾ به ڪيڏي نه دشواري آهي. جڏهن ته پاڻ ڪريمن جي تعليم عام نه هئي بلڪ اهڙي اعليٰ تعليم هئي جنهن سان شاگردن جو ذهن ايڏو ته کلي پيو جو ٿوري ئي عرصي ۾ اجتهاد جي درجي تي پهتا، اهو علم جو، اهو مقام آهي، جنهن تي پهتل اڄ ڪوئي ماڻهو موجود نه آهي.

حضرت معاذ بن جبل رضه کي يمن جو گورنر مقرر ڪري ان کي خاص ۽ مکيه اصول سمجهائي رهيا آهن ته يمن جي آسودن کان ورتل مال يمن جي ئي مستحقن ۾ خرچ ڪج وغيره وغيره. آخر ۾ کانئس پڇن ٿا معاذ! معاملا ڪيئن نبيريندين؟ عرض ڪيائين ته ڪتاب الله سان، فرمايائون، ڪتاب الله ۾ اهو مسئلو نه ملي ته پوءِ؟ عرض ڪيائين ته رسول الله جي سنت سان. فرمايائون، منهنجي سنت ۾ به ڪو مسئلو نه ملي ته پوءِ؟ عرض ڪيائين ته پوءِ مان اجتهاد ڪندم.

ڪالهه حضرت عمر رضه اوٺي هو اڄ ڪنهن به مسئلي ۾ ان جي راءِ اڳ ۾ ئي قرآني حڪم جي مطابق ظاهر ٿي رهي آهي، جيڪو اڃا نازل ئي نه ٿيو آهي.

حضرت جعفر بن ابي طالب حبشه جي بادشاهه آڏو تقرير ڪري رهيو آهي ۽ ان جي مدلل تقرير جي تاثير سان نصارن جو بادشاهه مسلمان ٿي، اسلام جو وڏو ڀرجهلو بڻجي پيو آهي. مردن سان گڏ عورتن کي ڏسو، اهي به ڪيڏي ته اعليٰ تعليم سان مشرف ٿيون آهن.

اهي زالون جيڪي ڪالهه غلامن کان به بڇڙي حال ۾ هيون، بلڪ گگدام جانورن جيان ٿي گذاريائون. اهي به نه ڇڙو عالمه پر مجتهده بڻجي دنيا جون رهبر بڻيون حضرت عائشه صديقه رضه جي دروازي تي منجهيل مسئلن معلوم ڪرڻ ۽ آيتن جي تشريح ٻڌڻ لاءِ مردن جون قطارون لڳل آهن- اهي زالون جن کي هڪ وقت ۾ ڪيئي مڙس ملندا هئا ته ڪڇي نه سگهنديون هيون. اهي اڄ حريت جو زيور پهري پنهنجي ذاتي معاملات ۾ دخل برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. خنساء  بنت جذام خدمت نبوي ۾ اچي عرض ڪري ٿي ته حضرت! منهنجي پيءَ منهنجو نڪاح وڌو آهي، مان رن زال آهيان مون کي اهو نڪاح قبول ڪونهي.

پاڻ سڳورن فرمايو، اهو نڪاح ختم آهي.(صحيح بخاري)

هڪ ڪنواري ڇوڪري خدمت ۾ اچي عرض ڪري ٿي ته منهنجي رضامندي کانسواءِ منهنجي پيءُ نڪاح وڌو آهي. پاڻ فرمايائون ڇوڪري! توکي اختيار آهي، اهو نڪاح قبول ڪرين، توڙي رد ڪرين.(سنن ابي دائود)

 بي بي بريره رضه آزاد ٿي ته پاڻ سڳورن ان کي چيو ته غلاميءَ ۾ غلام سان پيل نڪاح ۾ توکي اختيار آهي. ان کي بحال رکين توڙي رد ڪرين. حضرت ابن عباس رضه چوي ٿو اهو نقشو منهنجي اکين آڏو آهي ته بريره جو مڙس ڪارو ٻانهو گهٽين ۾ بريره جي ڪڍ روئيندو ۽ دانهون ڪندو ٿو رهي ته بريره مون کي نه ڇڏ. ان جي لڙڪن  ڏاڙهي کي آلو ڪري ڇڏيو هو.

حضرت رسول الله ﷺ حضرت عباس کي چيو چاچا! مغيث جي محبت ۽ بريره جي ناپسنديدگي تي تعجب نه ٿو ڪرين. بريره! ويچاري مغيث کي قبول ڪر. بريره برابر ٻانهي هئي پر ان هوندي به حضرت عائشه صديقه رضه وٽ رهي، نبوي تعليم سان منور ٿي چڪي هئي. هن فوراً پڇيو ته سائين ڇا، اهو اوهان جو حڪم آهي؟ فرمايائون ته حڪم ڪونهي پر سفارش ڪريان ٿو. حڪم ۽ سفارش جو فرق بريره کي معلوم هو. عرض ڪيائين حضرت! حڪم نه آهي ته پوءِ مونکي مغيث جي ڪا ضرورت ناهي(صحيح بخاري) اهڙي تعليم جو ڪو مثال آهي! زالن کي مڙس جي حق ۽ امانت جي حفاظت واريون حديثون ته تمام گهڻيون آهن، پر ٻي پاسي زالن جي رعايت  واري تعليم به ته ڏسو!

هڪ زال خدمت نبوي ۾ دانهن ڏني ته منهنجو مڙس مونکي تمام گهڻو ماري ٿو. پاڻ صحابه ڪرام کي خطاب ڪندي فرمائين ٿا: اوهان مان ڪو به پنهنجي زال کي ٻانهن وانگر نه ڪٽي.(هڪ روايت ۾ آهي ته) اوهان کي حياءُ نه ٿو ٿئي ته پنهنجي زال کي ٻانهن وانگر ماري وري شام جو ان وٽ مجامعت لاءِ وڃو ٿا. پوءِ وري آواز سان نڪرندڙ ريح تي کلڻ کان وعظ ڪيائون ۽ فرمايائون ته اوهان ان ڪم تي ڇو ٿا کلو جيڪو اوهان پاڻ به ڪريو ٿا.(صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم) اها تعليم ئي هئي جو ڪنهن مرد کي توڙي عورت کي منجهيل مسئلو پيش ايندو هو ته خدمت نبوي ۾ اچي پڇندا هئا.

پاڻ سڳورن فرمائي ڇڏيو هو ته”اڻ ڄاڻائي  هڪ قسم جي بيماري آهي، ان جي دوا، پڇڻ آهي“.

حضرت علي رضه گهڻي مذي وارو مرد هو.(گهر واري سان خلط ملط ٿيڻ ڪري ليودار پاڻي نڪرندو آهي. اُن کي مذي چئبو آهي.) حضرت  علي رضه مذي جي ڪري به تڙ ڪندو هو. سياري ۾ ته کين سخت تڪليف ٿيندي هئي. مقصد حاصل ڪئي بنا تڙ سياري جو دشوار به هوندو آهي. مقداد رضه کي موڪليائين ته مون وٽ پاڻ ڪريمن جي نياڻي آهي. مذي جو مسئلو پڇندي مون کي لڄ ٿئي ٿي. تون وڃي اهو مسئلو پڇي اچ. پاڻ سڳورن فرمايو، مذي نڪرڻ سان وضو ڀڄي ٿو، ڪپڙو پليد ٿئي ٿو، پر تڙ نه ٿو پوي. حضرت انس رضه جي ماءُ حضرت ام سلمه رضه خدمت نبوي ۾ اچي عرض ڪيو ته اي رسول الله! حق ڳالهه پڇڻ ۾ حجاب نه آهي. عورت کي احتلام ٿي پوي ته ان تي به تڙ آهي؟.

فرمايائون، هائو جڏهن ٻاهر پاڻي(مني) ڏسي. حضرت بي بي ام سلمه رضه حياء کان منهن ڍڪي عرض ڪيو، ڇا عورت کي به احتلام ٿئي ٿو،(جنهن ۾ هوءَ پاڻي ڏسي). فرمايائون، جيڪڏهن عورت جو پاڻي نه هجي ته ٻار ڪيئن ان سان مشابہ ٿئي ها. مرد جو پاڻي گهاٽو ۽ اڇو هوندو آهي ۽ زال جو پاڻي هيڊو ڇڊو هوندو آهي. پوءِ جيڪو غالب آيو! اڳي ويو. ٻار ان جي مشابہ ٿيندو(صحيح مسلم). امام طحاوي مشڪل الآثار ۾ مختلف حديثن جي تطيق ڏيندي فرمايو آهي ته رنگ ۽ مقدار وغيره ۾ غلبي جو اثر مهانڊن تي پوندو آهي ۽ رحم ۾ اڳي پهچڻ جو اثر نر ۽ ماد ٿيڻ تي پوي ٿو- اندازو ڪريو ته جيڪي مسئلا اڄ پڙهندي يا ٻڌائيندي حجاب ٿئي ٿو، اهي مسئلا هڪ عورت پنهنجي عظيم معلم کان پڇي بي خبري جو علاج ڪري ٿي. تعليم اها آهي جنهن سان ماحول بدلجي وڃي علمي ماحول پيدا ٿي پوي. عملي شڪل ۾ علم نمايان ٿئي. اخلاق جو لحاظ اڀري، خدا جو خوف اڀري، جهالت سان دشمني پيدا ٿئي، جاهلن جي بيماري جو احساس پيدا ٿئي.

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي پوڙهي اسي ساله ابو قحافه جو اصلاح به معاشري جي بدلجڻ جو نتيجو هو. معلم اعظم کي پنهنجي متعلمن سان همدردي هئي، انهن جي هر چر پر تي ان جي نظر هئي، انهن جون ڪوتاهيون در گذر ڪري اڳتي لاءِ ٺيڪ ٿي هلڻ جو اونو هو. هڪ اعرابي مسجد شريف جي هڪ ڪنڊ ۾ پيشاب ڪري ٿو. مسجد ۾ مجلس گرم آهي. اصحاب سڳورا رڙيون ڪري اُن کي روڪين ٿا. فرمائن ٿا ڇڏيوس ته فارغ ٿئي فراغت کان پوءِ کيس ويهاري فرمايائون”هي مسجديون،  پيشاب ۽ گندگي لاءِ نه آهن، اهي صرف نماز، ذڪر الله ۽ قرآن پڙهڻ لاءِ آهن“ پوءِ هڪ اصحابي کي فرمايائون، دلو پاڻي جو هاري اها جاءِ صاف ڪري ڇڏي (صحيحين). اسلام جي شروعات ۾ حضرت عمر رضه بيهي پيشاب ٿي ڪيو ته پاڻ فرمايائون عمر! بيهي پيشاب نه ڪر. عمر رضه فرمائي ٿو، وري اها غلطي مون کان نه ٿي- فرمايائون ڪنهن ٻر ۾ پيشاب نه ڪريو- فرمايائون ماڻهن جي لعنت جي ٽن ڪمن کان بچو، تڙ جي پاڻي تي، واٽ تي ۽ ماڻهن جي ويهڻ واري ڇانوَ ۾، قضا حاجت نه ڪريو(ابو دائود). مغيره بن شعبه رضه مڱڻو ڪيو. پاڻ ڪريمن کانئس پڇيو ته مغيره مڱ ڏٺي اٿيئي؟ عرض ڪيائين ته نه حضور! فرمايائون  ٿي سگهي ته ڏسي ڇڏ، ڇو ته اهو موافقت ۽ الفت جي بقاء لاءِ بهتر آهي. (سنن ترمذي) فاطمہ بنت قيس رضه طلاق جي عدت پوري ڪري، خدمت نبوي ۾ نڪاح جي مشوري لاءِ آئي عرض ڪيائين ته، ابوجهم رضه ۽ معاويه رضه نڪاح لاءِ پيغام موڪليا آهن. پاڻ فرمايائون، ابوجهم جي لٺ سدائين مٿي هوندي آهي. هڪ روايت ۾ آهي ته اهو زالن مارڻو آهي معاويه رضه ڪنگال آهي. تنهنجي لاءِ اسامه بن زيد رضه مناسب آهي.

فاطمہ رضه چوي ٿي، ته اسامه مان مون کي وڏو فائدو رسيو(صحيح بخاري). فرمايائون مان اوهان لاءِ ائين آهيان جيئن پيءَ پنهنجي اولاد لاءِ. قضا حاجت لاءِ ويهو ته قبلي کي نه سامهون ٿيو ۽ نه پٺڀرا، صفائي لاءِ ٽي پٿر استعمال ڪريو، صفائي ۾ ڇيڻو يا هڏو استعمال نه ڪريو ۽ سڄو هٿ به استعمال نه ڪريو(سنن ابن ماجه). اهي مثال مان هن ڪري نقل ڪيا آهن، جيئن آساني سان سمجهي سگهجي ته انيڪ ۽ مشڪل مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي پاڻ ڪريم جن معمولي ڳالهين ۾ به پنهنجي شاگردن تي نظر رکندا هئا. شاگرد به ايترا ته علم جا پياسا ۽ نبوي حضور جا گرويده هئا جو پنهنجي ذاتي معاملن ۾ به نبوت جي فيض مان مستفيض ٿيڻ کان نه رهندا هئا. علم حاصل ڪرڻ جا حجاب ڦٽا ڪري هو مونجهاري جو علاج اچي ڪرائيندا هئا. چند سالن جي تعليم سان پاڻ ڪريمن پنهنجا شاگرد ڪامل ڪري ڇڏيا ۽ هڪ لک چوويهه هزارن کان به مٿي معلم، رهبر ۽ مصلح پيدا ڪيا. انهن جي صلاحيتن تي پاڻ سڳورن کي پورو پورو اعتماد ٿي چڪو هو- ان کانپوءِ سندن وفات ٿي.

وفات کان اڳي فرمايائون، منهنجا سڀ اصحابي ستارا آهن، انهن مان جنهن جي به اوهان تابعداري ڪندا، هدايت پائيندا. ٻي روايت ۾ آهي ته منهنجا اصحابي سڀ عادل ۽ معتبر آهن.

نبي ڪريم ﷺ جي ڏنل اها سند نمايان طور تي صحيح ثابت ٿي. ان جو رنگ دنيا ڏٺو. جيڪو اصحابي جتي پهتو اتي جي ماحول کي بدلائي ڇڏيائين. چين هجي توڙي سنڌ. عرب هجي توڙي عجم، هر هنڌ فيضان نبوي جا اهي چشما جاري رهيا. نبي ڪريمﷺ جي سعادتمند شاگردن جو حضرت عبدالله بن مسعود رضه واه جو سهڻو نقشو ڪڍيو آهي. فرمائي ٿو،”جنهن کي ڪنهن سٺي طريقي تي هلڻو هجي ته مري ويلن جي طريقي تي هلي“. اهي حضرت محمدﷺ جا اصحابي آهن، اهي هن امت مان افضل ماڻهو هئا، هن امت مان زياده پاڪ دل هئا، هن امت ۾ زياده اونهي علم وارا هئا، هن امت سان گهٽ تڪلف ڪرڻ وارا هئا. الله تعاليٰ پنهجي نبي جي صحبت ۽ پنهنجي دين جي قائم ڪرڻ لاءِ انهن کي منتخب ڪيو. انهن جي مرتبي کي سڃاڻو، انهن جي پٺيان هلو، جيترو ٿي سگهي، انهن جي اخلاق ۽ انهن جي هلت چلت کي اختيار ڪريو. بيشڪ اهي سڌي راه تي هئا.(مشڪواة المصابيح). حضور جن جي تعليم سان ئي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا. جن کي گناه جو احساس کائيندو هو. اهي پنهنجو پاڻ کي رجم ڪرائي گناه کان پاڪ ٿيڻ لاءِ نبي ڪريمﷺ کي منٿون ڪندا هئا.

عورت حياء جي پتلي هئڻ ڪري گناهه ظاهر ٿيڻ کان ونء ويندي آهي، پر هڪ عورت کان گناهه ٿيو ته ان کي گناه جي احساس آرام نه ڪرڻ ڏنو- پاڻ کي رجم ڪرائي سڪون حاصل ڪيائين. اندازو ڪريو جنهن نبي جو وڏو عرصو جنگين ۽ تڪليفن ۾ گذريو هجي، آرام سان رهڻ ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيو هجي ان جي مسجد، گهر، شهر، ٻهراڙي، ميدان جنگ ۽ عرصه صلح ۾ هلندڙ لاثاني تعليم ڪهڙو نه انقلاب آڻي ڇڏيو. اهو اصلاح ڪنهن ڦوڪ، معجزي، يا خفيه قوت سان نه پر ظاهري اسباب سان، عمدي ۽ سليقه واري سکيا سان، اخلاق ۽ اخلاص جي قوت سان، قومي همدردي، انساني جذبي سان ۽ خدا پاڪ جي موڪليل عمده اصولن سان اهو انقلاب آيو. علم ۽ عمل  جو اهڙو انقلاب آيو جو هر ننڍي ۽ وڏي، مرد توڙي عورت جي ذهن جو رجحان ئي بدلجي ويو. عظيم انسان اهو آهي، جنهن جي زندگي جو جيترو ويجهو ٿي مطالعو  ڪجي، اوتري عظمت اڀرندي رهي. نبي ڪريمﷺ جا جيترا به عام توڙي رازدان اصحابي آهن، جيڪي قريب ترين ساٿي يعني ازواج مطهرات آهن انهن جون دليون عظمت سان به ڀريل آهن، اها ئي عظمت جي پهرين نشاني آهي.

 --------

مولانا جان محمد عباسي

سيرت پاڪ جي عظمت

آقائي نامدار سيدنا محمد مصطفيٰﷺ جي سيرت پاڪ ۽ حيات طيبه تي، علماء ڪرام، محدثين عظام ۽ سيرت نگارن، جيترو ڪجهه لکيو آهي، ان جو مثال تاريخ انسانيءَ ۾ ملي نه ٿو سگهي. ان هوندي به نظر ائين پيو اچي ته اڃان ميدان وسيع آهي ۽ پڙهندڙن جي پياس پوري نه ٿي آهي.

حضور اڪرم عليہ الصلواة  والسلام جي ولادت کان وصال تائين، ننڍپڻ، جواني نبوت ۽ وحي الاهي جو نزول، احڪام الاهي ۽ شريعت جو نفاذ، فرد جي اصلاح ۽ معاشري جي تطهير، قرابت داري ۽ خانداني نظام، تجارت ۽ معاش، بادشاهن سان خط و ڪتابت، ۽ بين الاقوامي معاهدات، جهاد ۽ قتال، غنيمت ۽ وراثت، اخلاق ۽ روحانيت، تعليم ۽ تربيت، سفر ۽ حضر، عبادت ۽ رياضت، ياد الاهي ۽ ذڪر، بندگي ۽ ٻانهپ،  مطلب ته 23 سالن جي نبوت جي فرائض جي ادائگيءَ سميت هر شيءَ جو رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ مسلمانن جو نمونو پيش ڪيو آهي، اهو بذات خود هڪ معجزو آهي. نه رڳو ايترو، بلڪه حضورﷺ جي اقوال ۽ اعمال، نشست ۽ برخواست، گهريلو زندگيءَ تائين حالات قلمبند ڪرڻ وارن  جي تفصيلي معلومات گڏ ڪئي وئي آهي، ته جيئن حديثن جي راوين (بيان ڪرڻ وارن) ۾ ڪو غلط قسم جو ماڻهو ته ڪو نه هو. ان لاءِ علمي دنيا ۾ هڪ نئين علم ۽ فن جو اضافو ٿي ويو،. جنهن کي اسماء الرجال چيو وڃي ٿو. ان علم ذريعي، انهن سڀني ماڻهن تي جرح ۽ تنقيد ڪري، حضور ﷺ جي حالات بيان ڪرڻ وارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي، مبادا ڪا غلط  ڳالهه حضور ڏانهن منسوب نه ٿي وڃي. ڀلا، ان قسم جي تحقيق ۽ تدقيق جو مثال علمي دنيا ۾ ڪا به قوم، پنهنجي ڪنهن به مصلح لاءِ پيش ڪري سگهي ٿي؟ جيڪڏهن نه ۽ يقناً نه، ته پوءِ حضور ﷺ جي سيرت پاڪ جي عظمت ۽ ان جي حفاظت جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو دليل ٿي سگهي ٿو؟

حضور اڪرمﷺ جي سيرت پاڪ جي حفاظت جو ٻيو ذريعو خود قرآن پاڪ آهي ڇو ته نبوت جي عطا ٿيڻ کانپوءِ 23 سالن تائين قرآن پاڪ نازل ٿيندو رهيو ۽ ان ۾ پيش ايندڙ واقعات ۽ حضور ﷺ جن جي حالات ۽ احساسات جو تذڪره وحي الهيٰ جي ذريعي محفوظ ٿي ويو، جنهن لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو، ته انا نحن نزلنا الذڪر و ِانا لہ لحافظون.(بي شڪ اسان ئي نازل ڪيو آهي قرآن کي ۽ بيشڪ اسان ئي ان جا نگهبان آهيون.)

جڏهن حضرت عائشه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها کان حضور ﷺ جن جي اخلاق ۽ سيرت جي باري ۾ ڪنهن پڇيو، ته پاڻ بيبي سڳوري فرمايو ته: ڪان خلقہ القرآن، يعني سندن اخلاق جو مظهر قرآن آهي. ڇو ته قرآن شهادت ڏئي ٿو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي ساري جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو. وما ارسلناڪ الا رحمة للعالمين. پوءِ رحمت للعالمين جي شفقت ۽ امت سان محبت، انهن جي خير خواهي ۽ ڀلائي، عذاب کان نجات ۽ بد عقيدن کان ڇوٽڪاري جو وڌيڪ ڪير اونو ڪري سگهي ٿو!

اهو ئي سبب آهي جو حضور جن سڀ کان پهريان انسانن کي الله جي عبادت، ان جي وحدانيت، آخرت جي باز پرس ۽ رسالت تي ايمان آڻڻ جو سڏ ڏنو. پاڻ پڪاريائون ته:-

يا ايهاالناس اعبدوا ربڪم، اي انسانو! پنهنجي پالڻهار جي ٻانهپ ڪريو. پوءِ جن انسانن الله جي پڪار تي ڪن ڌريو انهن کي الله تعاليٰ مؤمن جي لقب سان نوازيو! ۽ اهڙن ئي مؤمنن لاءِ پيغمبر عليہ السلام جي وجود کي احسان قرار ڏنو- جنهن پنهنجي پوئلڳن کي قرآن جي نور مان نوازيو. تعليم ۽ تزڪيہ سان سندن نفسن کي آلائشن کان پاڪ ڪيو ۽ ڪائنات جي حقيقت پروڙڻ جي دانائي بخشي”لقد من الله علي المؤمنين(الايہ)“.

سيرت پاڪ جو هڪ اهو پهلو به آهي، ته جڏهن مؤمنن جي دلين ۾ ايمان گهر ڪري ويو، ته پوءِ هو حضور اڪرمﷺ جي ابرو جي اشاري تي جان ڏيڻ ايمان خاطر ظلم ۽ تشدد کي صبر سان برداشت ڪرڻ، دنيا جي طاقتور انسانن ۽ قبيلن جي آڏو سينه سپر ٿيڻ، دين ۽ ايمان خاطر وطن قربان ڪرڻ ۾ هنن کي جو ذوق ۽ لذت پئي محسوس ٿي، ان جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي. چند واقعات نموني خاطر پيش ڪجن ٿا.

مڪي پاڪ ۾ مسلمانن جي مظلوميت جو دور آهي. ساري قوم ۽ قبيلن مان اڃا چاليهارو کن مسلمان مس ٿيا آهن. حضور جن بيت الحرام ۾ اچي ڪعبه ۾ الله تعاليٰ جي هڪڙائپ، وحدانيت جو اعلان ڪن ٿا. ڪافر ان کي ڪعبي جي توهين سمجهي، حضور جن مٿان ڪڙڪي پون ٿا. موقعي تي هڪ ئي صحابي حارث ابن ابي هاله موجود آهي. حضور جن جي مٿان اها يورش ڏسي هو صبر ڪري نه سگهيو. اڪيلي سر اٿي حضور جن جي مدد ۽ حفاظت لاءِ ڊوڙيو. چئني طرفن  کان تلوارن جا چمڪاٽ ٿيا ۽ حارث خانه ڪعبه ۾، خون ۾ لت پت، پياري پيغمبر جي مٿان سر گهوري سرخرو ٿيو. شهادت جو جام نوش ڪيائين ۽ اسلام خاطر جان جي قرباني ۽ نذراني جو پهريون پٿر رکيائين جو قيامت تائين الله جي راه ۾ شهيدن لاءِ سنگ ميل رهندو.

حضرت خباب رضي الله عنہ اٰم انمار جو غلام هو. هن ان وقت اسلام قبوليو هو، جڏهن اڃا ڇهه کن ماڻهو مسلمان ٿيا هئا. هن جي اسلام قبول ڪرڻ، قريش کي غضبناڪ بڻائي ڇڏيو. هڪ غلام جي اها جرئت جو هو اهل مڪہ جي مذهب جو انڪار ڪري؟ هن جو اهو جرم هو. اسلام جي قبوليت جو انتقام قريشن هيئن ورتو، جو ڪوئلا جلايا ويا. خباب کي انهن تي ليٽايو ويو. ٻرندڙ ڪوئلن تي پٺيءَ ڀر ليٽائي، سيني مٿان پير رکي دٻايو ويو، ته جيئن چري به نه سگهي. هو تڙپندو رهيو، اڱار ٿڌا ٿي ويا، پٺي زخمي ٿي وئي، تڏهن انهن ظالمن پير پري ڪيا پر ڇا ان باهه ان جي عقيدي کي ٽوڙيو، جو هن خدا ۽ رسول مقبولﷺ تي قائم ڪيو هو؟

هيءُ حضرت بلال آهي- امة بن خلف جو غلام آهي. ٽاڪ منجهند جو وقت آهي. گرمي پنهنجي اوج تي آهي. واري تپي ٽامو ٿي وئي آهي. امية حضرت بلال کي ان ٽهڪندڙ واريءَ تي ليٽائي مٿائنس هڪ ڀاري پٿر رکي ٿو ۽ پوءِ کيس چئي ٿو ته ائين سسڪي سسڪي ساهه ڏيندي، ان ڪري اسلام جو انڪار ڪر! پر جنهن کي ايمان جو ذائقو مليو، اهو ڪٿي ٿو زهر جو ڍڪ ڀري؟ هن جي زبان مان فقط هڪ ئي لفظ نڪري ٿو احد! احد!

هيءَ زبيره آهي- هيءَ حضرت عمر رضه جي گهراڻي جي ٻانهي آهي. هن کي اسلام آڻڻ ڪري ابوجهل ايترو ماريو، جو هن جون اکيون نور وڃائي ويٺيون.

هيءَ جهلڪيون آهن ان عقيدي جون، جنهن جي حاصل ٿيڻ سان مسلمان کري سون جيان، باهه مان نڪري سچا ثابت ٿيا ۽ دنيا جي امامت ۽ قيادت حاصل ڪيائون.

وطن جي قرباني

وطن سان ڪنهن کي پيار نه آهي؟ ان کان الڳ ٿيڻ ۽ ان کان دور ٿيڻ، ڪا سولي ڳالهه آهي؟ پر ايمان ۽ دين جي حفاظت ان کان وڌيڪ پياري آهي. تاريخ انساني اها ڳالهه اکين سان ڏٺي، ته اسلام جي چاشني چکڻ وارن، ايمان ۽ عقيدي مٿان وطن کي گهوريو. نبوت جو پنجون سال آهي. صحابہ ڪرام، مردن ۽ عورتن، مٿان زندگي تنگ ڪئي وئي آهي. ڪفار ۽ مشرڪن طرفان ٽوڪون، چٿرون، ظلم ۽ تشدد الله ۽ الله جي رسول  جي شان ۾ گستاخي جا واقعات معمول بنجي چڪا آهن. عبادت کان روڪڻ،  ڪعبہ ۾ بي حرمتي ڪرڻ به عام ڳالهه ٿي وئي آهي. انهن حالتن ۾ دين ۽ ايمان جي تحفظ خاطر هجرت جي ڳالهه هلي! حضور جن فيصلو فرمايو ته آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي حبشه جي ملڪ ڏانهن ڪجهه صحابه ڪرام هجرت فرمائن. مسلمانن جي مظلوم طبقه ان عظيم آزمائش ۾ ايمان ۽ عقيدي مٿان وطن کي قربان ڪيو- وطن کان دور روانا ٿيا- جن ۾ يارهن مرد ۽ چار عورتون شامل هيون- اسلام جي راه ۾ قربانيءَ جي ميدان ۾ مردن سان عورتون به دوش بدوش رهيون آهن.

هن ننڍڙي قافلي، وطن ۽ ابن ڏاڏن جي گهرن کي الوداع چيو. اهي پهاڙ ۽ واديون، اهي گهٽ ۽ گهٽيون ڏسنديون رهيون ته نسل در نسل ساڻن گهارڻ وارا اڄ انهن کي قربان ڪري سگهن ٿا، پر ايمان ۽ عقيدي کي ڇڏي نٿا سگهن.

ان واقعي حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سنت کي هڪ دفعو وري تازو ڪيو ته دين جي خاطر وطن جي قرباني ڏئي سگهجي ٿي، پر وطن خاطر ان ايمان تان هٿ کڻي نٿو سگهجي. سيرت پاڪ جو هيءُ هڪ اهم سبق آهي.

سماجي بائڪاٽ

نبوت جو ستون سال آهي. مسلمان هر ظلم کي صبر سان سهي رهيا آهن. ڪافرن جون ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن. طاقتور انسانن جي مقابلي ۾ ڪمزور انسان، غلام ۽ عورتون پهاڙن واري استقامت ڏيکاري رهيون آهن. ان هيڪاري قريش قبيلي کي وڌيڪ برهم ڪري ڇڏيو آهي. هو هر قيمت تي مسلمانن کان ايمان جي دولت ڦرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن. مظلوم مسلمانن جي عزم ۽ استقلال، ايمان ۽ عمل جي قوت مخالفن کي بي بس بڻائي ڇڏيو آهي. هو نت نيون تدبيرون سوچي رهيا آهن. آخرڪار هنن فيصلو ڪيو ته بنو هاشم جي خاندان سان معاشرتي مقاطعه ڪيو وڃي ۽ اهو مقاطعو تيستائين جاري رهي جيستائين بنو هاشم پنهنجي هٿن سان محمدﷺ کي قتل لاءِ اسان جي حوالي نه ڪن. فيصلو اهو ٿيو ته معاهدي ڪرڻ وارا قبيلا بنوهاشم سان نه مٽي مائٽي ڪندا ۽ نه خريد و فروخت ڪندا، نه ميل ميلاپ ڪندا نه کاڌي ۽ خوراڪ جون شيون کين وڪڻندا. ان معاهدي  کي تحريري شڪل ۾ ڪعبة الله جي دروازي تي لٽڪايو ويو. ان انسانيت دشمن فيصلي جي باوجود حضور اڪرمﷺ جي استقامت ۾ ذري به لغزش نه آئي- وحدانيت جي پڪار جو آواز اڃا وڌيڪ اوچو ٿي ويو- رسالت ۽ آخرت جي تعليمات ۽ حق جي دعوت جي پيغام پهچائڻ ۾ اهو نئون هٿيار به ناڪام ٿيو- خاندان بنو هاشم جي برزگ شخصيت ابوطالب لاءِ رستا ٻه رهيا، يا ته پياري پيغمبرﷺ کي ڪافرن جي حوالي ڪري ان هولناڪ معاهدي جي اثرات کان باقي خاندان کي بچائي يا انهي مصيبت کي منهن ڏئي، جا مٿس اچي ڪڙڪي آهي. آخرڪار فيصلو ٿي ويو، ته مڪه شريف کان ٻاهر ان پهاڙي گهاٽيءَ ۾ هلي رات گذارجي، جنهن کي شعب ابوطالب سڏيندا هئا ۽ سندس ئي ملڪيت ۾ هئي. راه خدا ۾ هن صبر آزما سختيءَ جو مثال ملڻ مشڪل آهي. لڳاتار 3 سال پورو خاندان بنوهاشم ، ان فيصلي جو شڪار رهيو. خوراڪ ختم ٿي وئي- وڻن جي پنن تي گذارو ڪرڻو پيو. سڪل چمڙي کي گرم پاڻي ۾ اوٻاري کاڌو ويو. ننڍن ٻارن جون بک کان بي حال ٿي چيخون نڪرڻ لڳيون ۽ سنگدل ڪافر ان تي خوشيون ملهائيندا رهيا. ڇا تاريخ انسانيءَ ۾ زنده انسانن کي ان نموني ۾ موت جي منهن ۾ ڌڪڻ ۽ لڳاتار ٽي سال ان ڪيفيت ۾ مبتلا ڪرڻ جو ڪو مثال ملي ٿو؟

دنيا ۾ سيرت جي پختگيءَ، ايمان جي استحڪام ۽ عمل جي قوت، صبر جي بي پناه مظاهري ۽ سختين جي برداشت ۽ عمل جي منظر جو ڪو ٻيو مثال به ملي سگهي ٿو؟

پوءِ ان پامردي ۽ ثابت قدميءَ آڏو آخرڪار مشرڪن جو اهو نئون هٿيار به نڪمو ثابت ٿئي ٿو. ٽن سالن جي ان ڪشمڪش بعد ڏهين سال نبوت جي پاڻ ڪريم جن ان گهاٽيءَ مان ٻاهر نڪري اچن ٿا.

ان واقعي مان اها ڳالهه ٿابت ٿئي ٿي ته ايماني قوت آڏو شيطاني طاقت بالآخر شڪست کائي وڃي ٿي.

هجرت جو ٻيو واقعو

ان عظيم آزمائش بعد به مشرڪ مسلمانن کي ستائن کان باز نه آيا. ڏينهون ڏينهن نيون شرارتون ۽ خباثتون ڦهلائيندا رهيا ۽ وري هڪ دفعي مڪة جي سر زمين مسلمانن مٿان تنگ ڪئي ويئي. ان عرصي ۾ مدينه پاڪ تائين اسلام جو آواز پهچي چڪو هو ۽ ڪيئي ماڻهو اسلام جي حلقه ۾ داخل ٿي چڪا هئا. انهن حضورﷺ کي مديني ۾ اچڻ ۽ اتي آباد ٿي دين جي دعوت لاءِ ڪم ڪرڻ جو عرض ڪيو هئو. ان ڪري پياري پيغمبرﷺ پنهنجي ساٿين کي هجرت جو حڪم فرمايو. صحابه ڪرام ان آزمائش ۾ هڪ دفعو وري پاڻ ملهايو. گهر، گهاٽ، واپار ۽ تجارتون، زمين ۽ وطن جي مٽيءَ کي ايمان جي عظمت ۽ نعمت تي نڇاور ڪيو، ڪافرن ڪوششون ڪيون ته هو مڪہ نه ڇڏين- ڪن کان مال ڦريائون، ڪن کي ڌمڪايائون، ڪن کان سندن گهر واريون روڪيائون، پر ناڪامي سندن مقدر بنجي چڪي هئي- ان حالت ۾ آخري سازش اها ڪيائون ته حضور اڪرمﷺ کي قتل ڪري ڇڏجي. ان سازش کي جنهن رات عملي جامو ڏيڻو هو، ان رات حضور جن، حضرت ابوبڪر سان گڏ مديني پاڪ لاءِ روانا ٿيا. حضرت علي ڪرم الله وجہ کي پاڻ وٽ رکيل امانتن جي واپسيءَ لاءِ مڪہ شريف ۾ ترسايائون.

ڪافرن ۽ مشرڪن جڏهن ڏٺو ته حضور جن نڪري ويا آهن ته پاڳل ٿي ويا. حضور جي قتل تي وڏن وڏن انعامن جو اعلان ڪيائون. هر طرف کان نڪري پيا- ڪي جوش انتقام ۾، ڪي انعام جي لالچ ۾، حضور جن”ثور“ جي غار ۾ پناهه ورتي. حضرت ابوبڪر صديق ساڻن ساٿ هو. ڪافر پيڇو ڪندي، ان غار تائين پهتا- حضرت ابوبڪر صديق پريشان ٿيو ته هاڻي حضورﷺ  جن جي جان لاءِ عظيم خطرو آهي، مگر حضور جن مطمئن آهن ۽ حضرت ابوبڪر کي تسلي ڏئي رهيا آهن ته:”لاتحزن ان الله معنا“ (نه گهٻراءِ الله اسان سان گڏ آهي) سبحان الله! ڪافر غار جي در تي بيٺا آهن. جان جا دشمن ۽ انتقام جي جوش ۾ پاڳل بڻجي ويا آهن. ظاهر ۾ حفاظت جو ڪو سهارو ڪو نه آهي، پر الله تي ايمان ۽ يقين ايڏو ڪامل آهي، جو ڪا پريشاني ڪانه آهي. پاڻ حضرت ابوبڪر کي اطمينان ڏياري رهيا آهن ۽ ٿيو به ائين جو ڪافرن کي غار ۾ اندر وڃڻ لاءِ انومان ئي ڪو نه ٿيو ۽ اتان ئي واپس وري ويا. ڪن روايتن ۾ آهي ته غار جي منهن تي مڪڙيءَ جو جارو موجود هو، جنهن مان ظاهر هو ته اندر ڪو ئي به نه آهي.

غار ثور کان نڪري هلن ٿا. سراقہ نالي هڪ ماڻهو حضور ﷺ جن کي ڏسي وٺي ٿو. انعام جي لالچ ۾ حضور جي قتل لاءِ گهوڙو ڊوڙائي ٿو- گهوڙو ٿاٻو کائي ڪري ٿو ۽ سراقہ به هيٺ اچي پئي ٿو- وري ٻيهر گهوڙو ڊوڙائي ٿو مگرسندس گهوڙو دلدل ۾ ڦاسي پئي ٿو هو حيران ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ حضور ﷺ جن جي حوالي ڪري ٿو. حضور ﷺ جن نه رڳو کيس معاف ڪن ٿا پر کيس چون ٿا ته سراقہ! ان وقت تنهن جو ڇا حال هوندو، جڏهن ڪسريٰ جا ڪنگڻ تنهن جي هٿن ۾ هوندا! يعني ايران جي عظيم سلطنت، جنهن جا عرب به باجگذار هئا، اها فتح ڪئي ويندي ۽ ان جي شهنشاهه، جنهن کي ڪسريٰ جي لقب سان سڏيندا هئا ان جا ڪنگڻ غنيمت جي مال مان توکي ملندا.

ڪنهن کي يقين هو، ته عرب جا بي بس بدو ۽ بي ڪس انسان، جن کي پنهنجي گهرن ۾ پناهه نه ٿي ملي ۽ جي وطن کان بي وطن آهن، اهي دنيا جي ان وقت جي سپر پاور، عظيم سلطنت جا فاتح ٿيندا! پر اها عقل ۾ نه اچڻ واري حقيقت دنيا ڏٺي. ايران جي عظيم شهنشاهيت، اسلام آڏو پرزا پرزا ٿي ۽ مال غنيمت مان اهي ڪنگڻ سراقہ جي هٿن ۾ وڌا ويا. حضرت امير عمر جو زمانو هو. جڏهن مال غنيمت آيو ۽ حضور جي پيشن گوئي کي حقيقت جو روپ مليو، تڏهن خوشيءَ مان سندس اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي پيا.

حقيقت اها آهي ته دنياوي اسباب جي اهميت ايمان جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي. موت جي منهن ۾ اکين وجهڻ واري قوم ۽ خدا تي يقين رکڻ واري گروه جا قدم ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو:”کم من فئة قليلة غلبت فئة کثيرة باذن الله.“

تيرهن سال مڪہ شريف ۾ مسلمانن عقيدي جي اصلاح، پختگي، عمل صالح، اخلاق جي بلندي، صداقت، امانت جي اوصاف ۽ آخرت تي يقين محڪم جي جا قوت پيدا ڪئي ۽ ان رستي ۾ هنن تي جيڪو ظلم،ستم، تشدد ۽ سختيون ٿيون، ان ۾ جنهن اولي العزمي، استقامت، صبر ۽ ثبات جو جيڪو مظاهرو ڪيو، راه خدا ۾ جان ۽ مال جي قرباني، خاندان ۽ قرابت داري جي رشتي کي ايمان جي رشتي تي قربان ڪرڻ، وطن عزيز ۽ مال متاع کي نڇاور ڪرڻ جي خصوصيتن انهن کي ان قابل بڻايو، جو اجتماعي قيادت ۽ سيادت انهن جي هٿن ۾ اچي- معاشري جي تعمير انهن بنيادن تي ٿئي، جي وحي الٰهي جي ذريعي پياري پيغمبرﷺ کي ڄاڻايا ويا هئا.

مدني زندگي جي آغاز ۾ ئي حضور جن، مدينہ پاڪ ۾ مسجد جو بنياد رکيو، جو مسلمانن  جي اجتماعي شيرازه بندي، عبادت گذاري، ذڪر ۽ فڪر، تعليم و تدريس، ملي معاملات ۾ باهمي مشوره، بين الاقوامي وفود جي ملاقات ۽ اَهم ديني مسائل ۾ فيصلي لاءِ مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي. اهڙيءَ ريت اسلامي رياست جو بنياد مديني پاڪ ۾ رکيو ويو. ڏهه سال مدني زندگيءَ جا، حضور ﷺ جن مسلمانن جي امت کي دنيا جي قيادت ۽ امامت ڪرڻ جي تربيت ۾ گذاريا. حضور ﷺ جن عرب قبيلن جي صدين پراڻن جهڳڙن کي ختم ڪرايو- هنن جي تعلق جو بنياد نسلي، لساني يا علاقائي جي بجاءِ ايمان ۽ اسلام کي قرار ڏنو.

اهي سڀ لاڳاپا پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا، مگر انسانيت جي وحدت کي جغرافيائي حدبندين ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي. حضور جن خاتم النبيين، رحمت للعالمين آهن، ان ڪري سندن تعليمات ۽ پيغام ۾ به اها وسعت ۽ همه گيري آهي.

اسلام ته اها حقيقت ٻڌائي آهي ته پهريون انسان(آدم عليہ السلام) الله جي حڪم سان مٽيءَ مان پيدا ڪيو ويو ۽ سندس اهليه (بي بي حواء)ان جي پاسي مان پيدا ڪئي وئي- باقي تمام انسان ان جو اولاد آهن، جڏهن تخليق آدم کانپوءِ انسان جي پيدائش آهي ته پوءِ هيءُ هڪ ئي خاندان آهي، جنهن دنيا ۾ پکڙجي مختلف رنگ، روپ ۽ زبانون استعمال ڪيون آهن. ان ڪري جو هر انسانيت ۾ وحدت آهي. انسان هڪ خاندان آهي. رنگ، زبان، علاقا سڀ عوارض آهن. اسلام عزت ۽ فضيلت جو بنياد تقويٰ تي رکيو آهي. اسلام انسان جي ارتقاء عمل ۽ حيوان مان نسل انساني جي ملحدانه نظريي کي رد ٿو ڪري.

قرآن جي شهادت  حضور اڪرم ﷺ جون حديثون ان باري ۾ واضح آهن.

پاڻ فرمايائون ته”کلکم بنو آدم و آدم من تراب“. اوهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽيءَ مان پيدا ڪيو يو آهي.

پاڻ فرمايائون”لافضل لعربي عليٰ عجمي ولا لعجمي علي عربي“ نه عربي کي ڪنهن عجميءَ تي فضيلت آهي نه عجميءَ کي ڪنهن عربيءَ تي.

قرآن پاڪ فرمائي ٿو ته”و جعلنا کم شعوباً و قبائل لتعار فوا ان اکرمکم عندالله اتقاکم“ اوهان کي، اسان ذاتين ۽ قبيلن ۾ بڻايو آهي ته جيئن هڪ ٻئي کي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهو. بي شڪ الله وٽ وڏيءَ عزت وارو اوهان مان اهو آهي، جو اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار ۽ خدا کان خائف هجي.

حضور جن دين جي دعوت کي دنيا ۾ عام ڪرڻ ۽ فتنہ و فساد کي ختم ڪري، انسان کي انسان جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ جهاد ۽ قتال به فرمايو.

سيرت جو اهو پهلو بيحد اهم آهي، جنهن تي عام طرح توجهه گهٽ ڏنو وڃي ٿو.

جنگ بدر، جنگ احد، جنگ احزاب، صلح حديبيه، فتح مڪہ، جنگ تبوڪ ۽ جنگ حنين جا واقعات سيرت پاڪ جا اهي روشن پهلو آهن. جن مان جنگ جي قاعدن، بين الاقوامي معاهدن، اسلامي فوج جي تربيت ۽ طرز جنگ جي اصولن، دشمنن سان سلوڪ ۽ سرحدن جي حفاظت جي اهميت جي ڄاڻ ملي ٿي.

هيءُ عرصو ڏهن سالن تي مشتمل آهي ۽  اها ڳالهه فخر سان چئي سگهجي ٿي ته اسلامي فوجن ان عرصي ۾ عظيم رقبه فتح ڪيو، مگر ان تي جانين جو اتلاف ۽ تباهي گهٽ ۾ گهٽ ٿي. اها فاتحانه پيش قدمي هوس ملڪ گيري لاءِ نه هئي پر انسان کي انسان جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ خاطر هئي، ان لاءِ تاريخ گواه آهي.

سرور ڪائنات انهن ڏهن سالن ۾ جهانداني ۽ جهانبانيءَ جا اهي سونهري اصول ٻڌايا جن مطابق احترام روي، احترام آدميت، عدل ۽ انصاف جي اعليٰ معيار، ۽ معاشي انصاف عملي شڪل اختيار ڪري ويا.

آخر ۾ آءُ اهو عرض رکندس ته حضورﷺ جي سيرت طيبه انهن ماڻهن جي خيالن جي واضح ترديد ڪري ٿي، جي مذهب کي شخصي ۽ انفرادي مسئلو سمجهن ٿا ۽ اجتماعي ۽ رياست جي معاملات ۾ دخل اندازيءَ کي دنيا داري تصور ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت دين ۽ سياست جي تفريق کي رواج ڏين ٿا.

هاڻي اچو ته ڏسون ته حضور جن اجتماعي معاملات کي پنهنجي دور ۾ ڪيئن حل ڪري قيامت تائين امت مسلمه لاءِ ”اسوة حسنة“ جو مثال قائم ڪيو آهي.

يهودين سان معاهدا

حضور جن جي هجرت کان پوءِ به ڪافرن ۽ مشرڪن کي اها لوڇ لڳي پئي هئي ته مسلمانن جي ان مختصر قوت کي ڪچلائجي ۽ انهن جو مديني شريف تائين پيڇو ڪجي. ان خطري کي محسوس ڪندي حضور جن مديني پاڪ جي آسپاس آباد يهودين سان جن جا چئني طرف ڳوٺ ۽ شهر هئا، اسلام جي پيغام سان گڏوگڏ انهن سان سياسي ۽ دفاعي معاهدن جي ڪوشش فرمائي ته جيڪڏهن مڪي جي مشرڪن طرفان حملو ٿئي ته يهودين جي قوت يا ته مسلمانن جي حق ۾ استعمال ٿئي يا غير جانبدار رکي وڃي. حضور جن انهيءَ معاملي کي قبل از وقت طيءَ ڪرڻ لاءِ ڪن قبيلن سان اهو معاهدو ڪيو ته مسلمانن ۽ مشرڪن جي جنگ ۾ هو غير جانبدار رهندا ۽ ڪن سان اهو طئي  ٿيو ته هو مسلمانن جو ساٿ ڏيندا.

صلح حديبيه

غزوه بدر، غزوه احد، غزوه بني قينقاع، غزوه احزاب کانپوءِ حضور ﷺ جن هڪ اهم معاهدو حديبيه جي مقام تي مشرڪن سان به فرمايو جنهن جو تفصيل سان ذڪر تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن، بلڪه قرآن پاڪ ۾ به ان معاهده کي فتح مبين جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ ريت حالات ۽ وقت جي تقاضائن تحت ملي ۽ قومي معاملات ۾ اهم معاهدات فرمايا، جن مان ظاهر آهي ته بين الاقوامي تعلقات ۽ رياست جي بين المملڪتي مسائل حضور جي سيرت جو اهم حصو آهن، جنهن مان امة مسلمه کي روشني ملي ٿي، ساڳي وقت صلح ۽ جنگ جي بي شمار موقعن تي قرآن پاڪ رهنمائي فرمائي ٿو- ”ديني رياست جي قيام، ان جي دفاع ۽ مظلوم ۽ مقهور مسلمانن جي آزادي ۽ ديني تحفظ لاءِ جهاد“  قتال جي حڪمن ۽ واقعات سان سيرت پاڪ جا ڪتاب ڀريا پيا آهن.

معاشي نظام ۽ معاشرتي اصلاح، اخلاقي نظم و ضبط ۽ سياسي تنظيم سيرت طيبه جا اهي روشن مثال آهن، جن جي روشنيءَ کان سواءِ انسان ذات گمراهيءَ جي اوندهه ۾ ڀٽڪندي رهندي.

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي. ته حضور اڪرمﷺ جي سيرت پاڪ جي انهن پهلوئن کي اجاگر ڪيو وڃي، جن مان مسلمانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي جي اها جهلڪ نظر اچي، جنهن 14 صديون اڳ دنيا کي پنهنجي پاڪيزه معاشري جي قيام لاءِ امن ڏنو، راحت ڏني. انسان کي پنهنجي رب جي معرفت ڏني. ظلم ۽ شر کان بچايو، فساد في الارض کي ختم ڪيو.

مسلمانو! اچو ته عهد ڪريون ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد، حضور اڪرمﷺ جي اقوال مبارڪ ۽ اعمال متبرڪ تي عمل ڪرڻ ۽ ان مطابق نجي ۽ اجتماعي زندگي جي تعمير آهي. عبادت هجي يا رياضت، معيشت هجي يا معاشرت، اخلاق هجي يا روحانيت، جهاد في سبيل الله هجي يا قتال، امن هجي يا جنگ، فرد هجي يا رياست، اسان کي قدم اوڏانهن وڌائڻا آهن، جيڏانهن پاڻ سڳورن وڌايا. پوءِ يقيناً اسان جي خامين ۽ ڪوتاهين کي قدرت دور ڪندي ۽ امت مسلمه وري هڪ دفعو انسانيت کي هڪ پاڪيزه معاشري  جي صورت ۾ دنيا ۾ خوشحالي ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ سان نوازيندي!

ربنا تقبل مناانک انت العزيزالحڪيم

*

مسلمانو! ڪيتريون ڳالهيون کوٽي کوٽي نه پڇندا ڪريو، جو اهي جيڪڏهن اوهان تي ظاهر ڪيون وڃن ته اوهان کي ڏاڍيون ڏکيون لڳن.(القرآن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com