سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :2

عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي،
نڪو چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا،
شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل نهار کي.

خواجه محمد زمان رحه


 

ميون شاهه عنات رضوي

 دوس قريشي، عرب ديسي----

توکي رب سنڀالي، ميان سائين!

اول نور نبيءَ جو تاري ۾ رکيائين،
ڏسي ڏيهه ڌڻين کي التحيات اُتائين.
منجهان بهشت براق سينگاري، ٻيا ملائڪ مُڪائين،
آءُ موجن سين محمدا! اِيءَ توکي ڏات ڏنائين.
آدم، عالم، عارف، مرسل، سڀ خاطر تو خلقيائين،
جت سَپ نه ملائڪن جو، اُت ڳجهاندر ڳرهيائين،
جنبي جبريل سين، باونگ پير ڌريائين.
گس غربت خاص خلوت، اوپر چڙهه، اُتائين،
عرض ڪري "عنات" چئي، اُمت انعام لڌائين.
   *

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

هاڻي ايندو، هاڻي ايندو،

منهنجو سڄڻ سائين هاڻي ايندو.

آڱر لائي انڌيون، وڃي وسينءَ نيئي وجهندو.
مٿان لڪن ساٿڙو، صحيح سلامت  نيندو.
ڏيئي ور ولهين کي، ڪامل ڪرم ڪريندو.
شمع ٻاريندي شب ۾، نرمل نور سڏيندو.
نماڻيءَ جو نجهرو، پاسي پاڻ اڏيندو.
هادي جهلي هٿڙا، چڪڻ مان چاڙهيندو.
اڳواڻ ٿي امت جو، هادي هٿ جهليندو.
احمد ڪارڻ عاصيين، داڙو ٿي دڙيندو.
پٺي لائيندو پانهنجي، چوريون تان نه ڇڏيندو.
مهند ٿيندو مصطفيٰ، پُٺيءَ لوڪ لنگهيندو.
اُتي عبداللطيف جي، هو حمايت ٿيندو.
     *

مخدوم عبدالرؤف ڀٽي هالائي

سدا ٿيون سارين،

منهنجون اکڙيون احمد ڄام کي.

ويچاريون واٽن تي نئين سج نهارين.
دليئون دوست رسول کي، ويل نه وسارين.
ساريو سپرين کي، روز هنجهون هارين.
عاصي عبدالرؤف چئي، گهنگهر ڏينهن گهارين.
    *

مخدوم غلام محمد بگائي

رکو هيڻي تي هٿ هر هر، ٿئي رحمت يا رسول الله!
ڪري ٻيو ڪير توريءَ هت حمايت يا رسول الله!
هيڻي هن حال منهنجي جي، سيد! سڌ توکي سڀ آهي،
چوڻ چارو نه مون آ ڪو، حڪايت يا رسول الله!
ٿئي آڌر ارادت جي، پسان تو مير محمد کي،
ڪريان خدمت، ٿئي حاصل، هدايت يا رسول الله!
نه اٿم تقويٰ نمازن جي، نفل، فرضن عبادت جي،
رکان اميد رحمت جي، عنايت يا رسول الله!
غلام محمد جو غم لاهي، خرابيون ۽ خطائون سڀ،
ٿئي شافع! وري منهنجي، شفاعت يا رسول الله!
*

مخدوم محمد اسماعيل سومرو

(پريان لوءِ)

ٻاجهه حضرت جي گهڻي،

محب مون تي لک ٿورا.

تون سردار آهين سڀ خلق جو، مهڙ مڙن جو مصطفيٰ!
شفي شافعي، نور نافعي، مير مديني جا ڌڻي!
راضي رهائيم صبر توفيقا، قادر تنهنجي ڪل تي قضا،
حال پس، هي مون نه وس، يار توکي هيءَ وڻي.
سولي ڪر سڪرات منهنجي، قبر ۾ رس ڪارڻي،
وير وڙ ڪر، ڀال ڀڙ ڪر، ڇپر پيس آءٌ ڇڻي.
اسماعيل کي علم ارشاد جي، هن آر اندر ۾ آڻي،
وڙ وڃايم، پلؤ پايم، عيب آيس آءٌ کڻي.
*

مخدوم عبدالله

(نرئي وارو)

اجهي اوهان جي آهيان،

مير محمد مصطفيٰ!

آءٌ دامن لڳو آهيان،

رهبر! اوهين رسجاهه!

موليٰ ملائڪ موڪليا، ڪوٺي سان ڪرما،
آيا سينگاري سهج سين، مرڪب سونهن صفا،
حسن ڏسي حورون، سج چنڊ ڪتيون تارا،
عرش ڪرسي آسمان، سڀئي ڪن ساراها،
تهان پوءِ رسيا، جت جبرئيل جاءِ نه ڪا،
اوهان کي آگي ڏيکاريو پنهنجو پاڪ لقا،
ترهو ڇنم تار ۾، جت ويڙم وسيلا،
مون کي رسجاهه مهر سين، ڀلا ڀرجهلا،
وصف اوهان جي والضحيٰ انا فتحنا،
مدح اوهان جي مصطفيٰ، ياسين ۽ طٰہ
دامن لڳو دوست جي، عاصي عبدالله،
مدد تنهن جي مهر سين، ڪامل ڪجا.
                                *

پير محمد راشد  روضه ڌڻي

موليٰ مڪو توکي ڏيو، عالم سڄو ٿيو سوجهرو،
ظلمات سڀ ضايع ٿيو، موليٰ ملائين مصطفيٰ!

 

تِک ٿي وهي هن پار ڏي، ڪشتي ڇڪي اوڀار ڏي،
درڪار پهچڻ يار ڏي، مولا ملائيِن مصطفيٰ!

آهي هتي ڇولي گهڻي، تنهن ۾ گهڙان ڇا ٿو کڻي،
تڙ چاڙهه تون تڙ جا ڌڻي، موليٰ ملائين مصطفيٰ!

ڪين جو ڪمايم ڪار ۾، هت ڇا سلان سرڪار ۾،
دانهون ڪيان بيڪار ۾، مولا ملائين مصطفيٰ!

 

ساريو سڄڻ کي ساريان، تولئه هنجون هت هاريان،
ڏونگر ڏکيا ڏينهن گهاريان، مولا ملائين مصطفيٰ!

 

سنسار ۾ سردار تون، اڙين سندو آڌار تون،
"راشد" پهچائج پار تون، مولا ملائين مصطفيٰ!
*

سچل سرمست

اي صبا! تون ڏي وڃي، نياپا سندم سردار کي،
سڀ سنيها هي چئج، مرسل مٺي منٺار کي.

 

مهر ڪا مون تي ٿئي، ڏيو گوش هن گفتار کي،
جيڪي آهي سو ٿئي، ڪڍ پور هن پندار کي.

 

بخشيو دارون ديد جو، هن برهه جي بيمار کي،
دل نه ڏي دلبر واٽ ڏيو يا احمدا اغيار کي.

 

احمدا!  توڪاڻ ٿي بخشش سڄي سنسار کي،
شڪ نه شبهو مونکي ڏي، ڪر تون پڪو اعتبار کي.

 

پاڄي پٺيون ڪيو آ پڻي، اصلؤن پنهنجي اختيار کي،
ڪو نه ڪو ڀؤ آ سچو، هر جاءِ حمايتدار کي.
*

ملان صاحبڏنو شڪارپوري

ڪونهي جوڙ تنهنجو ڪو جهان اندر،

گهمي عرب عجم ايران ڏٺم.

تو تي راضي ِالاهي رسول سچا
تنهنجو قول سچا، ٿئي قبول سدا
توکي شاهه شرف لولاڪ مليو
توکي خاص خدا رب پاڪ مليو
توکي حوض ڪوثر جي ڏات ملي
توکي عرب، عجم، عرفات ملي
دک درد تنهين جا دور ٿيا،
"صاحبڏنا" سڀ نور ٿيا

تون ته مولا جو مقبول مٺا،
تنهنجي  وصف اندر قرآن ڏٺم.
توکي ارض سما افلاڪ مليو،
جبرئيل سندءِ دربان ڏٺم،
تنهنجي اُمت کي صلوات ملي،
جتي بخش ٿيندا عصيان ڏٺم.
جيڪي حاضر منجهه حضور ٿيا،
تنهنجي پيش پتنگ پروان ڏٺم.

*

فتح  فقير

ڪيڏو شرف قرآن ۾

 اعليٰ نبي تنهنجو شان ٿيو

شاهد نبوت تي شجر
جن مڃيو خيرالبشر
رب پاڪ ڏنئي رهبري
پرور ڏنئي پيغمبري
راضي مٿس ٿيڙو ربي
هو ٻن جهانن جو نبي
هو اُڀ مٿي اسرار تو
ڪيو معجزو منٺار تو
هينئڙي کي حب حسنين جي
دلبر نبي دارين جي
برڪت ڀلاري پير جي
صدقي محمد مير جي
خاصو ڪيو خلقي خدا

پڙهندا ها تسبيحون حجر
تن دين ۽ ايمان ٿيو
سيد سچا، تون سروري
راضي مٿئه رحمان ٿيو
آيو محمد عاربي
سردار ۽ سلطان ٿيو
اهو اشارو اظهار تو
قمر ڪِري قربان ٿيو
ذي فهم ذي النورين جي
نازل مٿس قرآن  ٿيو
مرسل نبي منير جي
اُمت مٿي احسان ٿيو
مطلوب موليٰ مدعا

ڪر جيءُ ”فتح“ تنهن تان فدا
جنهن لاءِ جڙي جهان ٿيو

                                        *

سيد قمبر علي شاهه ”شريف“ ڀاڏائي

يار دڪاني، دوست دڪاني

مٿي تو ڪلما پڙهياسين قرآني

شمس تنهن سونهن تان، قمر ٿيو قرباني
آءُ اورانهون سپرين، جنت جاءِ مڪاني
ڏوريان ڏوريان نه لهان، سيد تنهنجو ثاني
وچ عالم دي ”شريف“ چئي، صورت تيڏي سبحاني
 *

فقير نانڪ يوسف

اڄ نبي اسان جو آيو، وائي وات ٿي وئي
ڪريا ڪوٽ ڪفر جا، تجلات ٿي وئي
جبريل جاءِ جوڙي، يڪدم آيو ڊوڙي
سيد جي صحبت ۾ پرڀات ٿي وئي
جنهن رات ٿيون رهاڻيون، مَلڪن ڪيون ڪهاڻيون
حورن سهرا ڳايا، مٺي لات ٿي وئي
هي "يوسف" يتيم ٻانهو، تعريف ڇا ڪري
محب مليو مولا سان، ملاقات ٿي وئي
    *

پير اشرف شاهه ڪامارائي

مون مذنب تي موٽ --

موٽ محمد هاشمي

نفس ڪميڻو يا نبي! آهي امارو اڻموٽ
نرم ڪر نگاهه سان، جو سخت سٽاڻو سوٽ
مهندان محشرماڳ ۾، جتي مڙندو جڳ جهڳوٽ
عاصيڙن جو احمدا! تون آهين ڪانجهو ڪوٽ
پيءُ نه ڏاڏو ڀاءُ برادر، جت مامو نه ماروٽ
سوڙهيءَ ۾ رس سيدا! آهين اڙين آڳہ اوٽ
ڀريل بدڪارين سان آهيان، پيرين تان سرچوٽ
ڪر عفو "اشرف" کي، ڪڍ تنهن مان کوٽ کروٽ
   *

خليفو نبي بخش لغاري”قاسم“

جهجا ڏيج جهار، منهنجا عالم جي آڌار

پانڌي پرين رسول کي، جهجا ڏيج جهار

آجو ڪريو احمدا! عاصي کؤن آزار
سگ پانهنجو سپرينّ! وارث ڪيم وسار
سگهو موٽج سيدا! سڏ سڻي سالار
رهي آهي روح ۾، پرين تنهنجي پچار
قاسم جي ڪونين ۾، سيد لهج سار

*

حسين فقير ديدڙ

اُڪنڊ مون اندر ۾ عرب جي ادا ڙي
وڃان شال جيئري حبيبن جي پاڙي

ساريوويٺي ساريان ۽ پل پل پڪاريان

هنجون روز هاريان ۽ نڪريو نهاريان

وڇوڙو ٿو مون کي سدا رت رئاڙي

ڏکي تي هو والي وري واڳ واري

هلان شال حاجين سان ڪرها قطاري

پسان پاڪ پڃرو، وڃان لڪ لتاڙي

مديني وڃڻ لئه ويٺي آءُ واجهايان

پرينءَ جي پسڻ لئه ٿي پانڌي پڇايان

ثمر ڪونه ساريان اهو سور ساڙي

سڻي سوال منهنجا عرض تون اگهائين

اچي بارَ بدين جا لحظي ۾ لاِهين

"حسين" آهي هيڻو، ڳوڙها پيو ڳاڙي

  *

خوش خير محمد هيسباڻي

پهري ميم سندي پوشاڪ
عرب ۾ ڏس احمد آيو

جنهن جي نور ظهور ڪيو،سارو ارض وسما افلاڪ

عرب ۾ ڏس احمد آيو

پسي حسن پنهنجي کي، موٽي پاڻ ٿيو مشتاق

عرب ۾ ڏس احمد آيو

مٿي تي محبوب جي سونهي ڇٽ سهڻو لولاڪ

عرب ۾ ڏس احمد آيو

خير محمد خوش ٿيو آهه، وحدت جا ٻڌي واڪ

عرب ۾ ڏس احمد آيو

*

حمل فقير لغاري

سيد سچا سردار تون
ڪل مرسلن مهندار تون
بيشڪ رسول الله تون
بيشڪ حبيب الله تون
توکي قرب"قوسين" جو
تون قرة العينين جو
توتي رحم رب پاڪ جو
غم ميٽ مون غمناڪ جو
تو لئه زمين آسمان ٿيا
تو سان وڏا احسان ٿيا
مرسل! توکي معراج ٿيو
آسان ڪل احتياج ٿيو
زينت نبين جو زيب تون
لاشڪ شفيع لاريب تون
آهين اکين جو ٺار تون
کڻندڙ کهين جا بار تون
 

عالم سندا آڌار تون
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
بيشڪ نبي الله تون
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
صاحب آهين ثقلين جو
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
توکي لقب لولاڪ جو
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
جن و ملڪ انسان ٿيا
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
تنهنجو ڪلي ڪم ڪاج ٿيو
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
عاصين ڍڪيندڙ عيب تون
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
موليٰ سندو مختار تون
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ
                     (اقتباس)

*

پير مهدي شاهه

هيڻن حمايت، واهرو وسيلا

  ماڙ ڪيو ڪا منير

ڏيل ڏڪايو ڏاڍو ڏوهن

ويتر لوڏيو ڇوهي ڇولين

آڌر ڏيج امير

ڪامل ڪاهي رسج قبر ۾

حضرت! حامي ٿيج حشر ۾

معاف ڪيو تقصير

پيش اوهانجي پيڙس پارس

واهه اسانجي ڪرڪا وارث

تو تي ڪرم قدير

مهدي شاهه کي مديني مرسل

 آڌر اڳتي ڏيج تون اڪمل

سرور تارج سير

*

ميان سرفراز

رس غوث قطب گلزار، مٺا مل نور نبيءَ جا

شاهه محي الدين موچارا

اول نور نبيءَ جو پرور ڪيو پيدا
دامن لڳي تنهن دوست جي عاصي سڀ ڇٽندا

 

در تنهنجي تي دادلا، بيٺي ڪري آهون سدا
من جون مرادون ٿي پنان سي پڄائين پاتشاهه

 

فرزند شاهه عليءَ جا گوهر گلزارا
حضرت حسن ۽ حسين سي اڙين آڌارا

 

سڪرات ۾ ”سرفراز“ کي بديون بخشيندا
مرڻ ويل مريض کي ڪلمون پاڪ پڙهائيندا

*

سيد خير شاهه حيدرآباد

جيءُ ڪرم ڪريو ڪلتاري

آءٌ ستر پنان ٿو ستاري

يا رب راضي ٿيءُ اسان تي، بخش بديون سڀ باري
پرور! پار اُڪارين، آءُ تان آهيان ڏڏ ڏوهاري

 

ٻيڙي پنهنجي ٻاجهه سان، سا تار منجهان تو اچي تاري
ٻڏل ڪڍي هيئي ٻاجهه سان، منجهان ڪنن قهاري

 

يارب العالمين! آئون تو در ڪريان ٿو زاري
والي پنهنجي واٽ تان، هي جا وانجهج ڪين ويچاري

 

"خيرشاهه" چئي خير جي، ڪرڪا موليٰ مهر موچاري
پيراندي پرين رسول جي، هئان ڪلمي ساڻ قراري

*

مخدوم امين محمد پکن ڌڻي

محمد مصطفيٰ ڪر ماڙ ميان

دلگيرن جا دلدار ميان

اول صديق صدق جو، ياور سندءِ هو يار ميان
عمر عادل دين جو، اڙين سندءِ آڌار ميان
عثمان اڪمل آءٌ چوان ۽ حيدر ڪرار ميان
ڪنبائي ڪفران کي ڌڙ کان سسيون ڪيئين ڌار ميان
ٻيا مڙئي ٻهڳڻ هئا، اصحاب ۽ انصار ميان
سر سدا صدقو ڪري، گهورون ڪيئون گهر ٻار ميان
عرض منهنجو احمدا! دائم سندءِ دربار ميان
ڇڏايوم ڇيَن کان، ڪم چڱا مون ڪار ميان
هوس هميشہ حرج ۽ بديءَ جي بازار ميان
وسيلا مون وڻج ڪيا سڀ لا ابد لاچار ميان
آهي اميد"امين" جي، مدد ٿي هرڪار ميان
توهه تنهنجي تي تڳان، دلبر اٿم درڪار ميان

*

شاهه محمد ديدڙ

سڻ سردار، هيءُ پڪار، هنون ڪار مديني
قسمت ڪار، ڀلي  پار، نيئي مار مديني

 

تو در آهه، لڳ الله، محمد شاهه ڀلارا
چٽا چار، ڏسان يار، اکين ٺار مديني
 

سنجهه صبوح، اندر روح، جيرا جوش جلايا
نيڻن نار، وهن يار، اکين ٺار مديني
 

هيڻو حال، ٿيو بي حال، چڱي چال نه چلياسين
بدين بار، ٿيااظهار، گنهگار، مديني

 

"شاهه محمد" سندو غرض، پائي پاند پني ٿو
منهن ڏيکار، اي منٺار، مون هڪوار مديني

*

شاهه نصيرالدين”نصير“

تجلو پسان هڪ تار ۾، جاٿي تماشو طور جو

شب روز مون کي شوق انهن جو

ساراهه صفت سبحان ڪئي، سيدا! تنهنجي صحيح
ماڻهو پڙهن سڀ مَلڪ جن، مصحف تنهنجي مذڪور جو

 

طٰہ تنهنجي تعريف ۾، طومار جوڙيا ڏس جبار
توريت ۽ انجيل ڏس، ظاهر ذڪر زبور جو

 

ناگہ نظر جنهن تي پيو، سو خيال اُن ۾ خوش ٿيو
شل حشر ۾ ٿئي حوصلو، سر انهن مخمور جو

 

هي ناز نرگس جا پسي، نياز مان آيو "نصير"
سو گل وري ٻيو ڪيئن پسي، گهايل اوهانجي گهور جو

*

فقير غلام حيدر تيرهيو

مير مديني جو موچارو

حامي ٿيندو هاشمي

اُڀ تتو، ڀون ٽامڻي، ڪريو سج ڪارو
نفسا نفسي جو ٿيو، نيشان اُت نقارو
 

ڪونه سڃاڻندو ڪنهن کي، ماءُ نه پيءُ ڀارو
نڪو پپر، نه ڏان ڪو، نڪو وسيلو وارو
 

لنگهائيندو لطف سان، پل تان پاڳارو
تان نه ڇڏيندو"تيرهيا" عاصين کي اڳ وارو

*

حسن بخش شاهه جيلاني

مير مٺا سائين عربي ڄام،

تنهنجو ثاني ٻيو ڪو نه ٿي ڄاڻان.

رب هب لي اُمتي ٻڌوسون
دل ته جهلي ان دام

 

مرسل، مئيءَ جي ڪج ڪا قسمت
ورنهه وير وريام

 

مئيءَ کي مديني احمد آڻي
خاص پين سڀ عام

 

جاءِ اسان جي جنت البقيا
"حسن بخش" سيد سام

 

شاهه شفيع جو شوق وڌيوسون
لائق، تو در ٿي ليلايان

 

مير مڪي جا، هاشمي حضرت
عرب اچڻ لئه والي واجهايان

 

پاڪ حرم جو ڀريان پاڻي
سيد، تو در سگ سڏايان

 

اتي اسان جا تهدل تڪيا
پارس پاند، ڳچيءَ ڳل پايان

 

فقير نواب ولي محمد خان لغاري

يا سردار عالم جا اجها
هر حال ٿي مشڪل ڪشا

ڪر ماڙ منهنجي سيدا
توفيق ڏي بهر خدا

رس يا رسول اللهﷺ

ختم الرسل سردار تون
آهين    اڙين   آڌار   تون 

خاوند اڳيان مختار تون
کڻندين کهن جا بار تون

رس يا رسول اللهﷺ

تلندا عمل ميزان ۾ 
سڀڪو هوندو ارمان ۾

ٿيندو لقاءُ ميدان ۾ 
مون کي رکج تون ڌيان ۾ 

رس يا رسول اللهﷺ

تنهنجي سخاوت جي خبر
سڀڪو سلامي تنهنجي در 

مشهور منجهه جملي بشر 
فضل عفو جي ڪري نظر

رس يا رسول اللهﷺ

تعريف تنهنجي جو بيان
ختم النبي آخر زمان

سمجهي ڏٺم قرآن مان
مالڪ اهي هر دوجهان

رس يا رسول اللهﷺ

تنهنجي حسن کان ڪيترا
شمس و قمر کي ٿيو صفا

جلوا وٺي مطلب  رسيا
چوڏهن طبق روشن ٿيا

رس يا رسول اللهﷺ

"ولي محمد" ڏينهن رات ۾
يا سيدا سڪرات ۾

آهي انهي خيالات ۾
ڏج ياد ڪلمون وات ۾

لا الٰہ ِالا الله محمد رسول الله.

*

مصري شاهه

عرب ۽ هند ۾ وهواهه، سڄي ايران ۾ وهواهه
صفت سردار سهڻي جي، عجب قرآن ۾ وهواهه

 

سچي سردار سرور اڄ ڏني صلوات سينگاريل
لکيل وڻ وڻ مٿي پن پن، ساري بستان ۾ وهواهه

 

مڪي ڄائو مٺو مرسل، ٿيو سرتاج نبين جو
مسلمانن سندي دليئون، آيو ايمان ۾ وهواهه

 

شهنشاهي سندس رتبو، آگي عزت ڪيس اعليٰ
چوي "مصري" لٿو ڪلمون، سندس ئي شان ۾ وهواهه

*

احسان فقير

هن عرض جو غرض ڪر، سيد سچا سردار تون
مرسل محمد مصطفيٰ، آهين سندم آڌار تون
 

تنهنجي ڪنڌي ڏي ڪاهيان، تو در پيو ٿو دانهيان
ويرين ورايو آهيان، رسجين مٺا منٺار تون
 

مرسل مداحي سان ملي، هٿڙا رکو تنهن تي هلي
آن کان سري سڀڪا ڀلي، دارو ٿئج دلدار تون
 

سڻ سوال سائل جو سدا، پوري ڪريو من مدعا
نرمل نبي نور خدا، حامي ٿئج هر وار تون
 

احسان تي احسان ڪر، گولي سندو ڪو مان ڪر
دشمن سندم ويران ڪر، گوهر مڃج گفتار تون

*

آخوند لطف الله”لطف“

موٽ محمد مير------

ٻانهڙي ٿي ٻاڪاري

مشڪل ۾ رس مصطفيٰ، امت جا امير

مرضن وڌي آهيان ماري

پازياڻي پرڏيهه ۾، دردن ڪئي دلگير

سورن سين گڏ گذاري

هِتي هتي هاشمي، احمد! وقت اخير

پرتي اٿو پناري

لاهيو غم"لطف" چئي، وڃان ملڪ ملير

سانگين کي دل ساري.

*

مير عبدالحسين سانگي

اصل سان ٿي اصل جي هي وصل واري رات اڄ
جنهن ۾ ڪيو معراج مرسل، سا سونهاري رات اڄ

 

آسمان آهي سڄو سرو چراغان جي مثال
آهي تارن کان ٿي روشن واهه ساري رات اڄ

 

پاڪ آهي انتظاري کان ٿي ذات پاڪ، پر
منتظر هئي تنهن جي لاٿي انتظاري رات اڄ

 

نور کي بين السواد اڪثر چون اهل خرد
سا آهي معراج واري صاف ڪاري رات اڄ

 

آهي باطل هت رکن مخدوم خادم جو خيال
احد احمد جنهن ۾ ٿيو تنهن کان بهاري رات اڄ

 

سچ چون ٿا "ڪل شي راجع" ٿي آخر اصل ڏي
آهي محبوب الاهي جي سواري رات اڄ

 

دين جو غلبو پسي ۽ طنطنو ۽ طمطراق
سانگ"سانگي" جو ڏسڻ سان دل هيءَ ٺاري رات اڄ

*

غلام محمد شاهه ”گدا“

خدا ڪيو خلق جو سرور محمد
پيارو پاڪ پيغمبر محمد

شفيع المذنبين خيرالخلائق

رسول الله دين پرور محمد

"ظهورش باعث ايجاد عالم"

اَڙين جو آسرو آڌر محمد

ڪريم و ڪار ساز جمله عالم

امين و اشرف و اطهر محمد

"ز نورش هر دو عالم گشت روشن"

مہ و خورشيد کان انور محمد

"ڪلام الله نازل شد بشانش"

رئوف و راحم و رهبر محمد

احد احمد جي وچ ۾ ميم ويڇو

ٻيو سڀ عرض ۽ جوهر محمد

اول آدم کان ان جو نور انور

اگرچه ڪيو ظهور آخر محمد

نبي، هاشمي، ابطحي

نبوت جو صحيح مظهر محمد

*

رمضان فقير واڍو

سيد سردار، نبي نروار

اوکيءَ رس يا رسول الله

ڪيم صغيرا ڪيترا، ٻيا جي ڪوڙئين  ڪبيرا
لحظي منجهه لاهئين، منهنجا عيب اپار
 

مرض منهنجي من جا، آهن مڙيئي مونجهارا
درد ڳرا دکڙا، ڪج دل کان ڪڍي ڌار
 

رس اچي"رمضان" کي، سختيءَ منجهه سڪرات
وڃي ساهه سرير مان، ڪلمي جي به پچار.

*

امام بخش خادم

وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني

منجهان مهر مرسل، پسايو پيشاني

گهڻا سال گذريا تنهنجي لاءِ سڪندي

ڪندي آهه و زاري پني زندگي
 

وڇوڙي جدائي ۾ گذري حياتي

اندر ئي اندر آهه تو لئه حيراني
 

نه مٽ تنهنجو پيدا ٿيو آ نه ٿيندو

ڏسان ڏيهه ۾ ڪونه تنهنجو ڪو ثاني
 

اچي عمر آخر ٿي آهي حبيبا!

ڏيو ڏاڻ، تنهنجو ڏسان ڏيهه ڏاني
 

ٿئي شال سڪرات"خادم" جي سولي

وئي خام ننڍپڻ، اجائي جواني

*

پير ڪمال نوشهرائي

اُمت جا آسرا انور
شافي هر دو جهان سرور

 

وسيلا واهرو واهر
مٺا محبوب مل مدني

 

ٻاجهارا ڏي ٻڏيءَ ٻانهون
ولهيءَ وييون سڀئي واهون

 

رڙي روئي پڇان راهون
مٺا محبوب مل  مدني

 

داتا دردن سنديون دانهون
الله لڳ آءُ اوراهون

 

ٻڌج عاجز سنديون آهون
مٺا محبوب مل مدني

 

فراقن دل ڪئي ڦارون
سڪايل جون لهو سارون

 

ڏيو دردن سندو دارون
مٺا محبوب مل مدني

 

ملڻ لاءِ مون مٿان ماتم
هيڻيءَ سان هوت ٿي هردم

 

هنجون هاريان ويٺي هردم
مٺا محبوب مل مدني

 

*

منٺار فقير راڄڙ

مرسل محمد ڄام جي

آگي عزت اعليٰ ڪئي

نفسي نبي پڙهندا اُڀا، جڏهن ٿيندي ويل قيام جي
چي يا اُمت اسين آهيون، احمد سچي امام جي
سختي قيامت جي سجهي ٿي، هل حشر هنگام جي
ماءُ پيءُ ڀڄي ٿيندا پري، تڏهن سيد جهليندو سام جي
وٺو راهه رسول جي، کڻي دين ۽ اسلام جي
ڪنجي بهشتن جي اٿو، ڪلمون نبيءَ جي نام جي
پارت پيغمبر کي هجي، "منٺار" هن غلام جي
ته من قبر مون کي ملي، تنهن مديني جي مقام جي

*

مرزا قليچ بيگ

توکي ڪريان ٿو ياد آءُ ڏينهن رات يا نبي!
سهسين پڙهان سلام ۽ صلات يا نبي!
تون آهين نور حق، تون هنيٰ الله، تون رسول
تون مصطفيٰ،تون سيد، سادات يا نبي!
تنهنجا َملڪ سلامي ۽ تنهنجا فلڪ غلامي،
نت عرش ڪرسي، ارض و سماوات يا نبي!
خالق جو تون حبيب ۽ اُمت جو تون شفيع،
تون ابر رحم، بحر ڪرامات، يا نبي!
تو آئي هاشمي! ٿيو روشن زمين زمن،
ٿي ڏور جڳ مان ظلم جي ظلمات يا نبي!
عاصي ۽ عيبدار آهن تنهنجي آسري،
ڏيارين تنين کي عدن جا جَنات يا نبي!
ِهت هت تون مومنن کي رکين سرخرو سدا،
ماري منافقن کي ڪرين مات، يا نبي!
آهي تنهنجو نانءُ صبح شام وات ۾،
ليل و نهار تنهنجي اٿم تات يا نبي!
آهي سدائين تو سندو دامن لڳو قليچ،
ڏاتر کان تنهن کي ڏيار وٺي ڏات يا نبي!
*

پير علي اصغر شاهه”اصغر“

پرور ڏنس پيغمبري،

سالار کي سڀ سروري.

شڪر جو آخر زماني جو نبي پيدا ٿيو
آگي عطا آن کي ڪئي، ڪيڏي رسالت رهبري
براق تي سوار ٿي، معراج تي مرسل ويو
صلوا عليہ سڀني چيو، جن و مَلڪ، حور و پري
شرف وارا ٿيا فلڪ، شمس و قمر، اختر مريخ
تنهنجي سونهن روشن ڪيا،زحل، زهره، مشتري
ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪندو، سردار جي "اصغر" ثنا
 هن زبان ناتوان ۾ ناهه طاقت ايتري

*

سيد”صالح“جيلاني راڻيپوري

مرحبا روحي فدا معراج واري رات اڄ
مرسل عربي جي آهه رب ڏي تياري رات اڄ
 

سرمو ما زاغ البصر جو اڄ پرين پائي هليا
۽ اٿس واليل اذا جي زلفڪاري رات اڄ
 

مرحبا محبوب رب جو ٿيو خرامان ناز سان
دمبدم الله کي زائد شوقباري رات اڄ
 

رحمة للعالمين جي ڏسڻ لئه سڀ انبياءَ
مسجد اقصيٰ ۾ ڪن اختر شماري رات اڄ
 

شوق مان سڀ انبياءَ ڪنجڪ وٺيون چوندا هلن

الحمد الله ڪئي اسان خدمت گذاري رات اڄ
 

جن و ملڪ، انسان سڀ صلواتون پڙهيو بيٺا چون
واه پنهنجي دوست لئه، موليٰ سينگاري رات اڄ
 

امت عاصين کي شفاعت جا پياري جام ٿو
اِنا اَعطينا عطا ٿيس، اختياري رات اڄ
 

سال ٿيا" صالح" کي غم ۾ سڪندي تولئه سيدا

صاحب المعراج ڪر ڪا غمگساري رات اڄ 

*

علامه اسد الله شاهه"فدا" ٽکڙائي

ٿيو مون کي خيال مدحت خيرالوريٰ آهي
سرير ڪلڪ کان پيدا صدا صلي عليٰ آهي
چمن ۾ نعت گوئي جي هي طوطي طبع منهنجي جو
بذڪر پاڪ ختم المرسلين ٿيو خوش نوا آهي
محمد برگزيده بارگاه ڪبريا آهي
محمد انبياءَ ۽ مرسلن جو پيشوا آهي
محمد باعث ايجاد عالم خلقيو خالق
محمد ڪشور لولاڪ جو مالڪ ادا آهي
محمد جي مهابي عفو ٿيو عصيان آدم جو
محمد نوح جي طوفان ۾ ٿيو نا خدا آهي
محمد جو مبارڪ نام آهي روح جي راحت
محمد جو مبارڪ ذڪر دردن جي دوا  آهي
محمد جا ٻئي گيسو ٿيا واليل جو تفسير
محمد جو رخ انور سراسر والضحيٰ آهي
ٻڌي هيءَ نعت منهنجي باغ جنت ۾ چيو رضوان
هزارين آفرين صد مرحبا توکي"فدا"آهي

*

حاجي احمد ملاح

چئو صل عليٰ، سيد، سردار محمد

اڄ آهه ڪئي دين جي درٻار محمد

اصحاب ستارا ته قمر شمس قريشي

هر پاڪ نبي گل، گل گلزار محمد

مسڪين وٺن دين جي تلقين نبيءَ کان

ٻولي ٿو عجب سر ۽ اسرار محمد

درگاهه وڏي جاهه سين، الله احد جي

دعوت ٿو ڏئي دين جي دلدار محمد

ڏينهن رات، بتن بات هجي وات ٻين جي

الله ۽ الله جو اذڪار محمد

قرآن در مرجان، مثل جان جسم لئه

گلزار گل و گوهر گفتار محمد

آرام صبح شام، احد نام سين احمد

صلوات پڙهان سؤ سؤ صد بار محمد

*

مرتضائي ٺٽوي

خلاق مڪو خلق تي سلطان محمد
دارين ڌڻي، دين ۽ ايمان محمد

احمد کي بلاميم احد سڀڪو ٿو سمجهي
ري عين عرب آهي، بلا ريب ٿيو رب
موجود فلڪ ارض ڏسو نار جنان ٿيو
سڀ عالم و آدم ٿو رهي هن جي سبب سان
سڀ دين مذاهب تي سندس دين ڪرارو
هن بارگاهه قدس ملائڪ مطيع ڪيا
صلواة ۽ سلام لکي ان مٿي درود
مون"مرتضائي" صدق سچي ساڻ قبوليو

هي ميم مجازي ٿو رکي مان محمد
هي عين رکي ظاهر عرفاِن محمد
باعث وجود جان ۽ بي جان محمد
ظاهر ٿو رکي صورتِ انسان محمد
بي دين ڏسي ڪيئن جو رکي شان محمد
جبرئيل امين آهي سو دربانِ محمد
واکاڻ کان وڌيڪ رکي شان محمد
اديان ڏسي، دينِ خدا دان محمد

*

محمد هاشم ”مخلص “

خالق جي زير حڪم ٿيو فرمانِ مصطفيٰ
روح الامين آهه ثنا خوان مصطفيٰ

آدم جو ٿيو جبين کان عيان، شان مصطفيٰ
 ليل ونهار، شمس وقمر، هفت آسمان
احمد جو نور موجب بنياد خلق آهه
ڪرسي و عرش، لوح و قلم، ارض و آسمان
بوبڪر يار غار، عمر ٿيو مشير ڪار
شيرِ خدا ٿيو حيدرِ ڪرار لا فتيٰ
خاتونِ خلد فاطمہ زهرا بتول پاڪ
سبطين نور جنهن نبي جا حسن حسين
"مخلص" کي جان دل کان زياده عزيز ٿيا

 

جڏهين ٿيو جلوه گر نور درخشانِ مصطفيٰ
هر دم ٿين ٿا شوق مان قربانِ مصطفيٰ
سارو جهان ٿيو بنده احسانِ مصطفيٰ
حور و مَلڪ ٿيا تابعِ فرمانِ مصطفيٰ
عثمان ٿيو نورِ شمع شبستانِ مصطفيٰ
بابِ علومِ شرع دبستانِ مصطفيٰ
نورِ نگاهه لختِ دل و جانِ مصطفيٰ
بيشڪ اهي ٻئي سروِ گلستان مصطفيٰ
يوسف جمال جيڪي غلامانِ مصطفيٰ

 

لال چند ”مجروح“

ڪئي مون ڪانه ڪا آهي ڪمائي يا رسول الله
ڦِران ٿو پيو سدا در در اجائي يا رسول الله
 

وظائف نا تلاوت ٿي، نه ڪائي بندگي آهي
شهيدِ ڪربلا صدقي، اچي ڪر ماڙ ڪا منهنجي
ٻڏي ڪشتي وئي منهنجي، گناهه بحر ۾ آهي
کڻي ڪهڙو مٿي منهڙو ٻڌايان حال مان پنهنجو
ويو مسڪين جو آهي سڄوئي قلب هي ڪٽجي
اچي"مجروح" کي دلبر هٿون پنهنجي سخي سرور

 

اجائي عمر مون ساري وڃائي، يا رسول الله
قيامت قبر ۾ ڪر تون شفائي يا رسول الله
اچي رس تون ڪري هاڻي ڀلائي يار رسول الله
ڪيم هاڻي اچي دردن گدائي يا رسول الله
ڀلا هاڻي اچي ڪر تون صفائي يا رسول الله
شرابِ عشق جي پيارين سوائي، يا رسول الله

 

*

قادري غلام عباس جوش

واهه هئي معراج جي ڇا رات روشن حبذا
جو گهرايو شوق کان محبوب پنهنجي کي خدا

 

مسجدِ اقصيٰ کان نڪري آسمانن تي ويو
سر نوائي با ادب سڀني ڪيو ان جو سلام
حڪم انسانن کي ٿيو ايمان آڻيو غيب تي
جنت الفردوس، حورون ۽ ملائڪ، سلسبيل
منزلِ ناسوت ۽ جبروت کان ويو سو لنگهي
ان تي عاشق هو خدا ۽ هو سو معشوقِ خدا

ان جي خدمت ۾ ملائڪ انبيا حاضر ٿيا
۽ چيائون مرحبا! اي بادشاة دوسرا
سو اکن سان ٿئي ڏٺو سڀ ڪجهه محمد مصطفيٰ
قدرتِ قادر ۽ شانِ ذوالجلالِ ڪبريا
ات وڃي پهتو جتي پهچي نه عقلِ انبيا
ڇا چوان اي ”جوش“ انجو شان هو شانِ خدا

 

غلام سرور فقير

يا مير مرسل مصطفيٰ صلوات توتي سيدا
محبوب ذاتِ ڪبريا، صلوات توتي سيدا

اي منبعِ جود و سخا، اي صاحبِ علم وحيا
هي ڳالهه آهي برملا، راهه هديٰ ئي رهنما
معراج جي شب جا بجا، مَلڪن چيو سبحان الله
ڪوثر جي پاڻي سان زبان، ڌوئي سندءِ نالو وٺان
هت هت مٿي ۽ چارسو، شهرو آ تنهنجي سونهن جو
تو آن شفيع المذنبين، سالار جمله مرسلين
مان تنهنجي دامن آ وتي، توتي فدا اَمي اَبي
پرتئه"فقير"عاصي گدا، تون ميٽ ان جي سڀ خطا

بحرِ ڪرم ابرِ عطا، صلوات توتي سيدا
تون ذاتِ حق ۾ ٿين فنا، صلوات تو تي سيدا
ڇا شان معشوقِ خدا، صلوات توتي سيدا
رخ تنهنجو آ شمس الضحيٰ، صلوات توتي سيدا
بس از ثريا تا سرا، صلوات سيدا
خيرالبشر، خيرالوريٰ صلوات توتي سيدا
لهندين خبر روزِ جزا، صلوات توتي سيدا
هٿ تنهنجي ۾ آهي شفا، صلوات توتي سيدا

 

*

محمد بخش ”واصف“

نه هڪ آهيان عزيزو مان ته ديوانو محمد جو

 خدا جو ملڪ سارو آهه مستانو محمد جو

جلائي جان ٿو پنهنجي اُڇل ڏي دين احمد تي

پياري پرت سان آهي جو پروانو محمد جو

شرابِ معرفت جا جِت پيالا پر ڪري پيتؤن

اِلاهي سو رکي آباد ميخانو محمد جو

مديني جي گهٽي خلدِ برين کان آهه ٿي اعليٰ

رکي ٿو عرش جو عالم ته ڪاشانو محمد جو

مسلمان آهه جي هندو ڪو عيسائي يهودي جي

زبان تي هر ڪنهين جي آهه افسانو محمد جو

جهليندا انجي دامن کي اچي جت انبيا"واصف"

عيان محشر ۾ ٿيندو شان شاهانو محمد جو

*

علي محمد”قادري“

آهي امت کي خوشي رحمتِ باري آئي
يعني گلشن ۾ محمد جي سواري آئي

بلبلن کي ٿي چوي اڄ چاهه مان بادِ صبا
يا نبي نور تنهنجي ذات خدا مان ڪيو ظهور
منهنجي هن قلب جي ڪَس واسطي آهي صيقل
تنهنجي رحمت جي خبر بادِ صبا گل سان ڪئي

 

شاهدِ گل جي گلستان ۾ عماري آئي
نيست مان هست ۾ سڀ خلقت ساري آئي
تنهنجي جا عشق م بدنامي خواري آئي
"قادري"دل جي چمن ۾ ته بهاري آئي

 

*

حاجي محمود ”خادم“

ڇا ڪري سگهندو بيان ڪو شوڪت حضرت رسول
ري خدا ڄاڻي نه ڪوئي عظمتِ حضرت رسول

سو ڇٽل ٻانهو خدا جو دوستو آهي ضرور
رخ سندس والشمس وانگر، وار پڻ واليل جيئن
چشم طاها ۽ در دندان، ياسين جي جهلڪ
اُمتي ان جو سڏائڻ فخر موسيٰ جو ٿيو
ڪئي ڪشش مونکي گناهن گرچه دوزخ ڏي گهڻي
يا خدا تو بخش هي"محمود" ۽ راحت ۾ رک
 

جنهن ڪئي هيڪر زيارت تربتِ حضرت رسول
۽ الف آهي سدائين قامتِ حضرت رسول
الغرض مصحف سڄو آ صورتِ حضرت رسول
۽ اچي عيسيٰ به ٿيندو اُمتِ حضرت رسول
پر ڇڪي جنت ۾ آندو رحمتِ حضرت رسول
حشر ۽ دنيا ۾ صدقي شفقتِ حضرت رسول
 

*

نواز علي "نياز"

انسان کان ڇا ٿيندو بيان شانِ محمد
خود پاڻ خدا آهي ثنا خوانِ محمد

خالق جي اطاعت جان نبيءَ جي به ٿي واجب
سردار ملائڪ ٿا چون ان کي جڏهن ٿيو
منجهه چاهه زليخا جو عزيز ئي نه رهي ها
عيسيٰ ٿو محمد کي سڏي رشڪ مسيحا
ڇاڇا نه مليون نعمتون محبوب خدا کي
صلوات "نياز" عجز سان پڙهه صبح و مسا جي

فرمانِ خدا آهه جو فرمانِ محمد
جبرئيل امين خادم و دربانِ محمد
يوسف هي ڏسي چاة زنخدان محمد
دائود ٿو خوش ٿئي ٻڌي الحان محمد
اسلام ۽ ايمان ۽ فرقان محمد
محشر ۾ گهرين سايئه دامان محمد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com