مولانا حبيب الرحمان ”حبيب“ ميروخاني
پَاڻ سَڳورَنَ ﷺ جَا اَوصَاِف جَمِيله
بسم الله الرحمان الرحيم الحمد للہ و ڪفيٰ
والصلواة علي النبي المصطفيٰ.
حضور سائين جن جي حياتِ طيبه، ڪيتير قدر نه پاڪ
و صاف نالو آهي. جيڪا حياتي اوصاف جميله ۽ اخلاق
حسنه کان سواءِ فضول ۽ اجاين ڳالهين م نه گذري
هجي، اهڙيءَ حياتيءَ لاءِ طيب جو لفظ ئي موزون.
اهڙي حياتيءَ لاءِ عربي جي وسيع لغت ۾ طيب کان
وڌيڪ ٻيو موزون نالو ئي نٿو ٿي سگهي، ۽ پوري لغت
۾ پاڪائي ۽ طهارت لاءِ ”طيب“ جو لفظ ئي چوٽيءَ
جو لفظ آهي.
حضور سائين جن جي حيات طيبه شروع کان وٺي طيب
گذري. پنهنجا ته پنهنجا پر اغيارن کي به سندن
اخلاق حسنه معترف ڪيو هو ۽ ڪنهن کي به حضور جن
جي حيات طيبه تي آڱر کڻڻ جي طاقت ڪانه هئي ۽ سڀ
سندن حيات طيبه جا معترف ۽ اقراري هيا. جنهن
لاءِ خود خدا جو ڪلام شاهدي ٿو ڏي: ”يعرفونہ ڪما
يعرفون اَبناءَ هم“ ڇو ته هو ڏسي رهيا هئا ته
حضور جن ۾ جيڪي به اوصاف جميله يا اخلاق حسنه
هيا، سڀ اتم درجي جا ۽ ڪمال جي چوٽيءَ جا هيا.
ڇا ڪمال درجي جي صداقت، جو دشمن ڀي کين صادق ۽
مصدوق سان ياد ڪندا هئا. ڇا ڪمال درجي جي امانت،
جو جنهن وقت ڪافرن جي اذيت کان مجبور ٿي هجرت
ڪري رهيا آهن ته انهن ظالمن جون امانتون حضرت
علي رضه جي حوالي ڪري، پوءِ تيار ٿيا آهن. وري
فيصلي ۾ امانت اها هئي جو جيڪڏهن ٻه ڌريون پاڻ ۾
وڙهي اينديون هيون ته حضور جن حق جو فيصلو
ٻڌائيندا هئا، پوءِ ڇو نه هڪ ڌر ۾ ڪو سندن ويجهو
عزيز يا قريب هجي. جڏهن اهڙي اڪمل درجي جي امانت
هئي ته قرآن مجيد به اهڙي هستيءَ جي مٿان لٿو.
”اِن الله يامرڪم اَن تودوالامانات اِليٰ اهلها
و اِذا حڪمتم بين الناس ان تحڪموا بالعدل“ ڪهڙي
نه ڪمال درجي جي امانت هئي ۽ ڪهڙو نه چوٽيءَ جو
عدل هيو، جو پنهنجن ۽ پراون جي ڪا به تميز ڪانه
هئي. سڀ امانت ۽ عدل ۾ برابر رهيا. ڪهڙي نه ڪمال
درجي جي شفقت ۽ ڪهڙي نه اتم درجي جي رحمت هئي.
حضور سائين جن جي حيات طيبه شروع کان وٺي، قدرت
جي سهاري ٿي. دنوي سهارا سڀ موڪلائي ويا. اڃان
امان سائڻ جي بطن مبارڪ ۾ هيا ته سندن والد حضرت
عبدالله دنيا مان رحلت ڪري ويو. اڃان ٿڃ تي ئي
هئا ته امان سائڻ جو سهارو به موڪلائي ويو. وري
ڪجهه وڏا ٿيا ته سندن جد امجد عبدالمطلب به رخصت
ٿي ويو. ڇو ته رب نه پئي چاهيو ته منهنجي محمد ﷺ
جو سهارو مون کان سواءِ ٻيو هجي. جڏهن قدرت جي
سهاري حيات طيبه هلڻ لڳي ته شروع کان ئي طيب هلڻ
لڳي.
حضور ﷺ جن اڃا ٻن چئن ڏينهن جا هيا ته امان
حليمه سعديه رضه حضور ﷺ جن کي ڇاتيءَ تي رکي ٿي
ته هڪ پاسو حضور ﷺ جن پيتو. وري ٻيو پاسو ڏئي ٿي
ته پاڻ سڳورن ﷺ ڪنڌ موڙي ۽ منهن ڦيرايو ته امان
سائڻ چوي ٿي ته مان سمجهيو ته ٻچڙي ڍؤ ڪيو آهي.
وري ساڳيو پاسو پهريون ڏنم ته پيئن لڳا. وري به
ٻيو پاسو ڏنم ته وري منهن ڦيرايائون. وري به مان
ٽيهر به ائين ڪيم ته وري به ساڳي حالت رهي. پوءِ
سمجهيم ته حضور ﷺ جن پنهنجي ڀاءُ جي حق تلفي جو
خيال ڪري رهيا آهن. هيءَ هئي سندن حيات طيبه جي
شروعات. وري ڪجهه وڏا ٿيا ۽ هلڪي پٿر کڻڻ جهڙا
ٿين ٿا ته سندس چاچو ابو طالب کين ڪعبة الله جي
تعمير لاءِ وٺي وڃي ٿو. ۽ انهن جو دستور هوندو
هيو ته ڪعبة الله جي تعمير اگهاڙا ٿي ڪندا هئا ۽
ائين ڪرڻ ۾ ثواب سمجهندا هيا. حضور ﷺ جن جي چادر
مبارڪ پري ٿا ڪن ته پاڻ سڳورا بي هوش ٿي پيا.
وري جڏهن کيس چادر ويڙهي ويئي ته هوش ۾ آيا.
هيءَ هئي ننڍڙائپ ۾ سندن حياءَ داري، ٻئي جي حق
جي پاسداري. وري جوانيءَ جي عالم ۾ هيا ته قريش
سردار ۽ رئيس جڏهن به ڪنهن سفر جي تياري ڪندا
هئا ته پنهنجيون نوجوان نينگريون، حسين شهزاديون
۽ خوبصورت عورتون، حضور ﷺ جن وٽ امانت رکي پوءِ
سفر تي ويندا هيا. انهن کي اهو يقين هيو ته سندن
امانت حفاظت ۾ رهندي. جڏهن واپس ايندا هيا ته
امانت محفوظ ٿيل وٺي ويندا هيا. هيءَ هئي سندن
شرافت ۽ معصوميت.
جيڪا شخصيت سيد المرسلين ٿيڻ لاءِ مصطفيٰ ٿيل
هئي، اهڙيءَ هستيءَ کان ڪبائر ته درڪنار مگر
صغائر به نه ٿيڻا هئا. انهيءَ ڪري ته سرتاج
المعصومين بنيا. پوءِ ڇو نه صلحاءِ هجن، اولياءَ
هجن، انبياءَ هجن، يا اولي العزم من الرسل هجن،
مگر تاج معصوميت جو حضور ﷺ جن جي سر مبارڪ تي
آهي. هيءَ هئي حضور ﷺ جن جي نبوت کان اڳ جي حيات
طيبه، جنهن کي قدرت مصطفيٰ جو لقب ڏيئي دنيا ۾
موڪليو. اهڙي هستيءَ کان ڪابه خلاف توقع جي
ڳالهه ثابت ٿئي ته اها قدرت جي انتخاب جي غلطي
ثابت ٿيندي. معاذ الله منها. جڏهن مبعوث برسالت
ٿيا ته جيڪا رحمت اڳ ۾ کين وديعت ٿيل هئي، تنهن
جو درياءُ جوش کائڻ لڳو ۽ هر هڪ جي ڪايا پلٽ ٿيڻ
لڳي. خود ڪلام خدا جو سندن رحمت کي هنن لفظن ۾
ساراهي ٿو.
”وما ارسلناک الا رحمة اللعالمين“ اسان توکي
ناهي موڪليو مگر دنيا وارن لاءِ رحمت ڪري. زمين
تي انسان ته رحمت ۾ اچن ٿا، جن ته اچن ٿا، مگر
ملائڪ خدا جا به رحمت ۾ اچن ٿا. حديث شريف ۾ اچي
ٿو ته جنهن وقت ڪنهن جاءِ تي قرآن مجيد جي مجلس
ٿيندي آهي ته ملائڪ رب جا هڪ ٻئي کي سڏيندا آهن
ته ”هلموا اليٰ بارئکم هلموا اليٰ رحمة ربکم“ ته
سڀ ملائڪ اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي مٿان
کنڀڙاٽيون رکندا آهن، ته جيڪا رحمت انسانن کان
بچي ته اسان جي مٿان پوي. انهيءَ رحمت جي آڻڻ جو
سبب حضور ﷺ جن بڻيا. زمين جا ملائڪ ته رحمت ۾
آيا، پر جڏهن حضور ﷺ جن معراج تي وڃن ٿا ۽ ڏسن
ٿا ته هڪ قوي الجسم ملائڪ آهي، جنهن جا پر کُسي
ويا آهن ۽ پرواز کان مجبور ٿيو ويٺو آهي. حضور ﷺ
جن پڇن ٿا ته اي ملائڪ! انهيءَ حالت ۾ ڇو آهين؟
جواب ۾ عرض ٿو ڪري ته سائين مان الله سائين کان
عرش جي سير ڪرڻ جي اجازت گهري. مون کي الله
سائين فرمايو ته توکي طاقت ڪانهي. پوءِ مون عرض
ڪيومانس ته مون کي طاقت بخشي. الله سائين موڪل
ڏني. مون هڪ هزار ورهيه پرواز ڪيو ته منهنجن پرن
مان پرواز جي طاقت موڪلائي ويئي. الله سائين کي
عرض ڪيم ته سائين مون کي طاقت ڏي. مون کي اڳ کان
ڏهوڻي طاقت وڌيڪ ملي. وري هڪ هزار ورهيه پرواز
ڪيم، وري به منهنجي پرن مان طاقت موڪلائي ويئي.
وري به طاقت جو عرض ڪيم. ٽيون ڀيرو به طاقت ملي،
وري به پرواز ڪيم، جڏهن ٽي هزار ورهيه پرواز ڪيم
ته مولا سائينءَ کان پڇيم ته سائين تنهنجي عرش
جو ڪيترو سير ڪيو اٿم. الله سائين فرمايو ته
ڪمثل ساعة. مون کي حڪم مليو ته هاڻي پنهنجي جاءِ
تي وڃ. مان هت پهتو آهيان ته انهيءَ حالت ۾
آهيان. سائين الله سائينءَ وٽ سفارش ڪر منهنجي.
حضور ﷺ جن مولا پاڪ کي عرض ٿا ڪن ته مولا سائين
هن ملائڪ جي خطا معاف ٿئي ۽ هن کي ساڳيا ئي پر ۽
طاقت پرواز جي عطا فرماءِ. حضور ﷺ جن جي دعا
قبول ٿي ۽ ملائڪ کي ساڳيا پَر ملن ٿا. حضور
سائين جي رحمت ۾ آسمان جا ملائڪ به داخل ٿيا.
”وما ارسلناک الا رحمة العالمين“.
حضور عليہ الصلواة و السلام جنن لاءِ به رحمت
بڻجي آيا. جنن کي ڪلام خدا جو ٻڌائين ٿا ته
ايمان آڻي پنهنجي قبيلي کي وڃي چون ٿا:”انا
سمعنا قرآناً عجبا يهدي الي الرشد فآمنا“ ايمان
جي زيور کان آراسته ٿي رحمت جي آغوش ۾ آيا ”وما
ارسلناک الا رحمة العالمين“ مگر خصوصاً انسانن
جي لاءِ رحمت بڻجي آيا. ڪن صداقت جو سبق پچايو،
صديق اڪبر بنيا. ڪن عدالت جو انڊو پچايو، فاروق
اعظم بڻيا. ڪن حيا ۽ حلم اکين ۾ سوئي رکيو ۽
صاحبِ حيا جو لقب پرائي ذوالنورين بڻيا. ڪن
شجاعت جو سبق سکيو، اسد الله الغالب بڻيا. ڪن
جوانن الله جي دين بلند ڪرڻ لاءِ شمشير زنيءَ جو
رڪارڊ ٽوڙيو ۽ سيف من سيوف الله بڻيا. جنهن وقت
اهڙن مردان خدا جي تلوار ميان مان ٻاهر پئي آئي،
الله جي دين جي دشمنن جي صفن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا
۽ اک ڇنڀ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڍير پئي ٿيا، مگر
هنن مردان خدا جي تلوار کي ڪو به کنڊ يا ٿڪ نه
پئي ٿيو. ڇو ته الله جي تلوار آڏو، ڪنهن ٻئي جي
تلوار کي ڇا مجال!! انهيءَ ڪري حضرت خالد رضي
الله عنہ شهادت جو شوق ۽ انتظار دل ۾ رکي، دشمنن
جي صف ۾ ڪاهي پئي پيو. مگر آخر دم تائين کيس
شهادت نصيب نه ٿي. ڇو ته خدا جي تلوار، ڪنهن ٻئي
جي تلوار آڏو ڪيئن زير ٿئي. ڪن جوانن شب عروس
جيميٺاج ۽ مزي کي قربان ڪري مغسول الملائڪ بڻيا.
ڪن مال ڏنا، ڪن سر ڏنا، ڪن زر ڏنا، ڪن گهر ڏنا،
مگر اسلام جي نالي کي نيچو ڪرڻ نه ڏنو. سي سڀ
رحمت جي آغوش ۾ آيا. ”وما ارسلناڪ الا رحمة
للعالمين“.
رحمت جو مينهن ته پوري دنيا لاءِ آيو، پر جنهن
زمين ۾ جهڙي صلاحيت هوندي اتي اهڙي شيءِ پيدا
ٿيندي. جيڪا مٺي زمين هئي ته رحمت جي مينهن پوڻ
سان صديق سائين جهڙا سدا گلاب پيدا ٿيا. فاروق
سائين جهڙا گل لاله پيدا ٿيا، عثمان سائين جهڙا
با حيا شرم ٻوٽا پيدا ٿيا ۽ علي سائينءَ جهڙا
موتيا ۽ سورج مُکي پيدا ٿيا، جن سورج مکي وانگي
رخ مبارڪ، اسلام جي سورج ڏي پئي رکيو. اهڙن گلن
اسلام جي باغ کي سدا بهار پئي بخشيو ۽ اسلام جي
چمن ۾ چهچٽو پئي مچايو. پر جتي زمين ڪلراٺي هئي
ته اتي ابو جهل جهڙا ڪنڊا ۽ ابو لهب جهڙا ڊڀ
پيدا ٿيا. ڇو ته انهن جي سرشت ئي شور زمين مان
هئي. تنهن ڪري رحمت جي مينهن پوڻ کان پوءِ سواءِ
ڪنڊن، ڊڀن ۽ ٿوهرن جي ٻي ڪا به شيءِ پيدا ڪري نه
سگهي. يقين سان چئي سگهجي حضرت عزرائيل عليہ
السلام جي مٺ مٽي ۾ اهڙن شورفتن جي حصي ۾ ڪلر
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نه هيو. پر خدا جو
قسم ته دنيا ۾ اهڙن بدبختن لاءِ به رحمة
للعالمين جي رحمت پيڇو نه ڇڏيو. اجتماعي لحاظ
سان، پوري قوم جي شڪل ڦري بندر، ڀولا ۽ رڇ بنجڻ
جي عذاب کان نجات ملي.
حضور سائين طائف ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا ته
ڪافر پنهنجن ڇوڪرن کي حضور سائين جي آزارڻ لاءِ
برانگيختو ڪن ٿا، جن پياري پيغمبر کي پٿر هنيا،
سندن بدن مبارڪ مان خون وهي وڃي ُجتي مبارڪ تي
پوي ٿو. ملڪ الجبل اچي ٿو. ۽ چوي ٿو ته سائين
اوهان جي اها تڪليف مون کي برداشت ٿي نه ٿي
سگهي. مون کي حڪم ڪر ته مان جبل کڻي هنن جي مٿان
اڇلايان ته ذرو نه ملين ذري سان. پيسجي پاڻي ٿي
وڃن. حضور جن جواب ڏنن ته مان دنيا ۾ رحمت ٿي
آيو آهيان.
جڏهن حضور سائين جن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان
ڪارزار ۾ اچن ٿا ته رحمت جوش کائي ۽ چوي ٿو ته
ڇو نه اهي به منهنجي آغوش ۾ اچن ته الله پاڪ
مٿان وحي ٿو نازل ڪري ته انهن کي هن ڳالهه ڏي سڏ
۽ چوين”تعالوا اليٰ کلمة سواءِ بيننا و بينکم ان
لا نعبدالا الله و لانشرڪ بہ شيئا ولا يتخذ
بعضنا بعضا ارباباً من دون الله“ پوءِ جي هو
تنهنجي دعوت تي اچن ته انهن سان صلح ڪر ۽ ڀاءُ
بنائين. ڀل اهي به تنهنجي رحمت جي آغوش ۾ اچن.
پر ڪافرن اها به پيشڪش ٺڪرائي ڇڏي. ڇو ته هنن ۾
عنانيت فرعون کان به وڌيڪ هئي. جو فرعون ٻڏڻ وقت
چوڻ لڳو ته مان مسلمان آهيان ۽ مان الله تي
ايمان ٿو آڻيان. جنهن لاءِ ڪلام خدا جو شاهد
آهي.”فلما ادرکہ الغرق قال آمنت بالله الذي امنت
بہ بنو اسرائيل واءنا من المسلمين“ حضرت موسيٰ
جو فرعون پڇاڙيءَ ۾ ايمان لاءِ هٿ پير هڻي ٿو ۽
پڇتائي ٿو پر محمد مصطفيٰ جو فرعون ابوجهل مرڻ
وقت سندس گردن ڪاٽيندڙ عبدالله بن مسعود کي
ڪهڙيءَ نه عنانيت سان چئي رهيو آهي ته ڏاچيءَ جي
چارڻ واري جا پٽ، منهنجي گردن کان لهي پري ٿيءُ،
مون وٽ سڄي روءِ زمين تي تنهنجي محمد کان مبغوض
ٻيو ڪو نه هيو. حضور ﷺ جن فرمائين ٿا ته منهنجو
فرعون موسيٰ جي فرعون کان وڌيڪ سخت ثابت ٿيو.
ڪافرن جو ضد پاڻ سڳورن ﷺ سان انهيءَ ڪري هيو ته
الله پاڪ پنهنجو ڪلام هڪ اهڙي شخص تي لاٿو، جيڪو
دنيا ۾ بي سهارو هيو، يتيم ٿي پليو. نه هن کي
مال هيو، نه دنيا، نه سيم و زر ۽ نه وري ڪن
رئيسن مان هو. اسان سردارن مان ڪنهن هڪ تي،
پنهنجو ڪلام نازل ڪري ها. حضور سائينءَ جي طرفان
ڪلام الله جواب ٿو ڏئي. ”اهم يقسمون رحمة ربڪ،
نحن قسمنا بينهم معيشتهم “ باقي رحمت ۽ فضل،
الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻي ته ڏي”فان الفضل
بيدالله يعطي لمن يشاء“ وري چوڻ لڳا ته ٻئي ڪنهن
غريب تي لهي ها، هروبرو محمد ﷺ تي ڇو؟ قرآن پاڪ
جواب ٿو ڏي ”نزل عليٰ محمد و هوالحق“ جڏهن هنن
ڏٺو ته محمد مصطفيٰ ورڪ ڪري رهيو آهي قرآن پاڪ
جي ۽ قرآن ورڪ ڪري رهيو آهي محمد مصطفيٰ جي،
هاڻي اها دعويٰ ڪيائون ته محمد مصطفيٰ جيڪو ڪلام
ٻڌائي رهيو آهي، سو الله جو ڪلام نه آهي، پر ان
جو پنهنجو ڪلام آهي. حضور ﷺ جن کين چون ٿا ته
جيڪڏهن منهنجو ڪلام آهي ته توهان به مون جهڙا
انسان آهيون. توهان اهڙو ڪلام ڇو نٿا پيش ڪريو.
ته ڪافرن پنهنجي چوٽيءَ جا اديب، فصيح و بليغ
شاعر گڏ ڪيا ته اهڙو ڪلام ٺاهيون، جيڪو زور انهن
کي هيو، زور لائي بيٺا مگر عاجز رهيا. ته الله
جو قرآن وري للڪاري چوين ٿو:”قل لِئن اجتمعت
الانس والجن عليٰ ان ياتوا بمثل هذالقرآن
لاياتون بمثلہ ولو کان بعضهم لبعض ظهيرا.“ خدا
جو ڪلام هن کي هڪ هڪ ڳالهه تي سمجهائي ٿو ته
سمجهو. مگر هنن بجاءِ سمجهڻ جي نخوت ۽ عنانيت
ڪئي. اهڙا ته روسياه بدبخت ۽ قسمت جا ڪارا هيا،
جو انهن کي پنهنجي منهن تي سواءِ خالي هٿن مهٽڻ
جي، ٻي ڪا به شيءِ نصيب نه هئي.
تهي دستان قسمت را چه سود از رهبر کامل
چو خضر از آب حيوان تشنه مي آرا سکندر را
حضور ﷺ جن نه فقط عقلمندن لاءِ رحمت ٿي آيا هئا،
پر ديوانن ۽ بي عقلن لاءِ به رحمت بنجي آيا هئا.
هڪ دفعي جهنگل ۾ وڃي رهيا هئا ۽ ڏسن ته ڌنارن جو
هڪ ٽولو بيٺو آهي. انهن ۾ هڪ ديواني عورت به
آهي. جنهن پاڻ سڳورن ﷺ کي ڏسي، وڏي آواز سان چوڻ
لڳي: او محمد او محمد! هيڏي آءٌ. حضور ﷺ جن پڇيو
ته ديواني ڪاڏي؟ ديوانيءَ حضور ﷺ جن کي گريبان
کان ڇڪي وڃي، ڪاٺين جي ڀريءَ مٿان بيهاريو ۽ چوڻ
ٿي لڳي ته ڪاٺيون کڻانءَ. حضور ﷺ جن بجاءِ هن جي
جو ڪاٺيون ديوانيءَ جي مٿي تي رکن، پنهنجي سر
مبارڪ تي کڻي ۽ چوڻ لڳا ته هل ديواني تنهنجو گهر
ڪاٿي آهي؟ ديواني اڳيان ۽ حضور ﷺ جن پٺيان .
جڏهن گهر جي در تي پهتا ته گهر وارا ڏسي تمام ڏک
۾ پئجي ويا. ۽ عرض ڪرڻ لڳا ته سائين هيءَ ديواني
آهي. اوهان کي تڪليف ڏني اٿس. مهرباني ڪري معاف
ڪندا. حضور ﷺ جن فرمايو ته مان ڇڙو اوهان سياڻن
لاءِ نه، پر چرين لاءِ به رحمت بڻجي آيو آهيان.
وما ارسلناک الا رحمةللعالمين.
جيئن ته پاڻ يتيم ٿي وڏا ٿيا هئا، تنهن ڪري سندن
رحمت يتيمن ٻارن لاءِ بي انتها هئي. هڪ دفعي عيد
جو وڏو ڏينهن آهي. حضور ﷺ جن عيد جي نماز پڙهڻ
لاءِ وڃي رهيا آهن. ڏسن ته رستي تي هڪڙو ڇوڪرو
ڦاٽل ڪپڙن ۽ پريشان حال ۾ روئي رهيو آهي.
حضور ﷺ جن ڀرسان وڃي پڇن ٿا ته ڇو ٿو ڇوڪرا
روئين؟ ڪنهن جو انتظار اٿئي! وڏي ڏينهن ڦاٽل
ڪپڙا، ڦٽي ويو قرار ٿي. ڇوڪرو عرض ٿو ڪري ته
سائين تون ڇو ٿو منهنجن ڏکن ۾ شريڪ ٿين ٻيا به
ته هتان لنگهي ويا آهن. ڪن کي پٽڙا ڪلهن تي هئا،
ڪي ٻارن کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي پيا وڃن. ڪنهن به مون
کان پڇا ڪا نه ڪئي. سائين تون به وڃ. انهن سان
خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ، ڇڏ مون کي ته پنهنجي قسمت
تي رئان. جو اڄوڪو خوشيءَ جو وڏو ڏينهن، منهنجن
ڏکن ۽ ڏوجهرن جو وڏو ڏينهن ٿي آيو آهي. ڇوڪرو
وري به روئي روئي سڏڪا ڀري، بي حال ٿي ٿو وڃي،
حضور سائين عليہ الصلواة والسلام ڀاڪر ڀري مٿي
تي هٿ گهمائي، گلي گلي سان ملائي ۽ ڇوڪر کي چون
ٿا ابا! مان دکي انسانن جي دک دور ڪرڻ لاءِ آيو
آهيان، ۽ منهنجو نالو محمد مصطفيٰ عليہ الصلواة
والسلام آهي. ڇوڪري عرض ڪيو ته سائين نه ابو نه
امڙ جو کارائي پياري، نه لٽا ڪپڙا، نه پارائڻ
وارو جو پارائي- حضور ﷺ جن ٻچڙي کي وٺي گهر ٿا
وڃن، ۽ بيبي صاحبه کي چون ٿا ته مان هن ڇوڪري جو
پيءُ آهيان- تون هن جي ماءُ ٿيءُ- هن کي وهنجاري
لٽا ڪپڙا پارائي ۽ چڱو چوکو کاراءِ ته مان هن کي
عيدگاه ڏي وٺي وڃان- جنهن وقت حضور ﷺ جن ڇوڪري
کي آڱر ڏيئي، عيدگاهه ڏي وٺيو پيا وڃن ته ڇوڪرو
اوچو ڳاٽ ڪري فخر مان چئي رهيو آهي ته آهي ڪو
اوهان مان، مون جهڙو بخت ڀريو ڇوڪرو، جنهن جو
پيءُ منهنجي پيءُ جهڙو(يعني حضور سائين جهڙو)،
جنهن جي ماءُ منهنجي ماءُ جهڙي هجي. اهي ڇوڪرا
جن جا پيءَ هئا، سي تمنا ڪرڻ لڳا ته جيڪر اسان
جا پيءَ فوت ٿي وڃن ها. جيڪر اسان به حضور ﷺ جن
جا پٽ ٿيون ها. هيءَ هئي يتيمن تي رحمت”وما
ارسلناک الا رحمة للعالمين“
تمام دنيا جي رحمت، ترازو جي هڪ پڙ ۾ وجهو ۽ ٻئي
پڙ ۾ حضور ﷺ جن جي شفقت ۽ رحمت وجهو ته سڄي دنيا
جي رحمت وارو پڙ، هلڪو ٿي پوندو، ۽ حضور ﷺ جن جي
رحمت وارو پڙ ڳرو ٿي پوندو.
درد مان در هجر يوسف کم تر از يعقوب نيست
او پسر گم کرده بود و ما پدر گم کرده ايم -
حضور جن جي حيات طيبه جي هڪ هڪ پهلو کي ڏسبو ته
حضور ﷺ جن کان سواءِ هر هڪ شيءِ اڌوري يا ناقص
هئي. سندن تشريف آوري ٿي، ۽ هر هڪ شيءِ جي ڪمال
جو سبب بني. حتي! ڪ انسانيت به ڪمال ته پهچڻ ۾
حضور جن جي مرهون منت آهي ۽ اخلاق به پنهنجي حسن
جي عظمت جي چوٽيءَ تي پهچڻ ۾ حضور ﷺ جن جا مرهون
منت آهن. جو خود ڪلام خدا حضور ﷺ جن جي اخلاقن
کي هن الفاظن ۾ تحسين سان پيش ڪري ٿو.”انک لعليٰ
خلق عظيم“ جنهن جي خلق کي خدا عظيم جي لفظ سان
ياد فرمائي، ان کان وڌيڪ سهڻو خلق، ڪنهن جو ٿو
ٿي سگهي.جو پنهنجي جاني دشمن ابوجهل وٽ بيماريءَ
جي حالت ۾ عيادت لاءِ ويندا هئا ۽ ابو لهب جي
عورت جيڪا سندن رستي تي ڪنڊن اڇلڻ ۾ ثواب سمجهي
۽ جهنگ مان وڃي ڪنڊن جي ڀري پاڻ ڪري اچي حضور ﷺ
جن جي رستي تي ڦٽي ڪري، پنهنجي ڪفر جي خدمت
سمجهندي هئي. ڪنهن وقت بيماريءَ سبب ڪنڊا اڇلي
نه سگهي. حضور ﷺ جن عليہ الصلواة جن رستي کي صاف
ڏسي پڇيو ته اڄ رستو ڪنڊن کان صاف آهي ڇو؟ جواب
۾ عرض ٿا ڪن ته سائين اڄ اها پنهنجي ڪفر جي خدمت
گذار چاڪ نه آهي. حضور ﷺ جن کانئس طبع پرسي ڪرڻ
وڃن ٿا. خدا جو قسم ڪيڏو نه اعليٰ درجي جو خلق
هو. اهڙن خلقن کي ڏسي، سواءِ هن چوڻ جي رهي نٿو
سگهجي ته”انڪ لعليٰ خلق عظيم“.
مسلمانن ۾ سڀني کان ڀلارو گهر اهو آهي جنهن ۾ ڪو
يتيم هجي ۽ ان سان نيڪي ڪئي وڃي ۽ سڀني کان برو
اهو گهر آهي جنهن ۾ يتيم هجي ۽ ان سان بدسلوڪي
ڪئي وڃي.(ابن ماجه)
*
۽
پرهيزگاري جو لباس(سڀني لباسن کان) بهتر
آهي(القرآن)
*
نماز بي حيائي جي ڪمن ۽ ناشائسته حرڪتن کان
روڪيندي(رهندي) آهي(القرآن)
مخدوم محمد سجاد حسين قريشي
مترجم: محمد صديق لاکو
مَقَامِ اُمِي - عِلم وَدَانِش جِي نِگاهَ ۾
خالق ڪائنات پنهنجي ڪلام عزيز ۾ جنهن اهتمام سان
پنهنجي پياري رسول ڪريم ﷺ جو ذڪر ڪيو آهي، ان جي
تصديق هن ڳالهه مان ظاهر آهي ته روزانو ڪروڙين
مسلمان ڪلمه طيبہ ۾ رسول اڪرم ﷺ جو نالو وٺندا
آهن. حديث قدسي،”لولاک لما خلقت الا فلاک“ جي سند
تي صوفيائي ڪرام، ڪامل انسان جي هڪ پوري فلسفي کي
تشڪيل ڏني آهي. شيخ بهاؤالدين ذڪريا رحه، شيخ محي
الدين ابن عربي رحه ۽ عبدالڪريم الجيلي رحه جن هن
حديث قدسي کان استفادو ڪيو آهي. علامه اقبال
پنهنجي بزرگن کان متاثر ٿي هڪ نئين مڪتب فڪر کي
تشڪيل ڪيو آهي، جنهن جي چوڌاري ان جو فلسفهء خودي
چڪر هڻي رهيو آهي. اقبال جي فلسفي جو نچوڙ شخصيت
جي صحيح تشڪيل آهي، ۽ شخصيت جو اعليٰ ترين نمونو
جو اقبال جي پيش نظر آهي، سو اهو ئي انسان ڪامل جو
جديد ترين تخيل آهي، جنهن جو لُب لباب حضور اقدس ﷺ
جي ذات گرامي آهي.
اگر
به او نرسيد تمام بولهبي است
محمد رسول الله ﷺ جي سيرت ۽ پاڻ سڳورن جي تعليمات
جو هر پهلو بذات خود هڪ مستقل موضوع سخن ٿي سگهي
ٿو، پر آئون هن مضمون ۾ آنحضرت نبي اڪرم ﷺ جن کي
پيش ڪيل هديهء عقيدت جو ذڪر ڪندس ته ابتدا کان
انتها تائين ۽ هن جهان کان هن جهان تائين، مفڪرين،
علماء، فقهاءِ محدثين ۽ صوفياءِ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ
کي ڪهڙي انداز ۾ محسوس ڪيو آهي. حضرت حسان بن ثابت
فرمايو آهي ته مڪي ۾ سومر جي ڏينهن 12 ربيع الاول
سن 53 ق.هه جي صبح جو هڪ خوش خبريءَ قريش جي هڪ هڪ
ماڻهوءَ جو چهرو روشن ڪري ڇڏيو. عربي دستور مطابق
هڪ خوبصورت نوجوان انهي کان هڪ يا ڏيڍ سال
پهريائين ديوتا جي حضور ۾ ذبح ٿيڻ وارو هو. انهيءَ
نوجوان تي مڪه وارن کي رحم آيو. هڪ ڪاهن جي مشوري
سان اُٺن ۽ انهيءَ نوجوان تي قرعه اندازي ڪيائون،
ڪيترا دفعا قرعه اندازيءَ کان پوءِ طي ڪيو ويو ته
هن جوان جي بدلي ۾ سؤ اُٺ قربان ڪيا وڃن ته ديوتا
راضي ٿي ويندو. انهيءَ نوجوان جو نالو عبدالله بن
عبدالمطلب هو. انهيءَ واقعي کانپوءِ ان نوجوان جي
شادي هڪ شريف عورت آمنه بنت وهب سان ٿي. بي بي
صاحبه کي حامله ڇڏي ڪري هي نوجوان شام جي طرف ويو،
پر زنده موٽڻ نصيب نه هو. انهيءَ نوجوان جي وفات
کان پوءِ چند ڏينهن ۾ حضرت محمد ﷺ جي پيدا ٿيڻ جي
خوش خبري مڪي وارن ٻڌي ۽ هر شخص جي زبان تي هي
ترانو هو.
بارک فيک الله من غلام.
(تون نهايت ئي برڪت وارو ڇوڪرو آهين)
يا
ابن الذي من حومة الحام
(اي انهيء شخص جا پٽ جو موت جي منهن کان)
نجيٰ بعون الملک العلام
(خداوند قدوس جي اعانت کان بچي وئين.)
فردي غداة الضرب بالسهام.
(قرعه جي روز ان جي فديه ۾)
بمائة من ابل سلام
(سؤ اُٺ قربان ڪيا ويا).
هي
مبارڪ شخصيت پنهنجي صورت ۾ شڪل جي ڪري بعينہ اهو
شخص هو جنهن جو حليو بيان ڪندي حضرت سليمان
فرمائيندو هو.
”خلو محمديم زه دودي“
ان
بشارت کي نه ڄاڻندي اتفاق سان ماءُ ۽ ڏاڏي ٻنهي ان
مولود مسعود جو نام نامي اسم گرامي
محمد ﷺ رکيو. ڏاڏي صورت ڏسندي ئي پيش گوئي ڪئي ته:
”لابني هذا شاناً“(منهنجو پٽ هڪ شاندار هستي
هوندو.)
عرب
جي دستور مطابق سڀ کان پهريائين، پاڻ سڳورن ﷺ جي
چاچي جي ٻانهي ثوبيہ کين کير پياريو، ان کان بعد
بنو سعد بن بڪر جي خاتون حضرت بي بي حليمه سعديه
کير پياريو. حضرت حليمه کان مروي آهي ته کير ڇڏائڻ
کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن جيڪي بامعنيٰ جملا ڳالهائڻ
شروع ڪيا ۽ سڀ کان اول جيڪي ٻول سندن زبان مبارڪ
کان نڪتا، اُهي هي آهن.
الله اڪبر ڪبيرًا0 و الحمد لله ڪثيرًا 0 و سبحان
الله بڪرةً واصيلاً 0
حضرت حليمه سعديه فرمائي ٿي ته جڏهن پاڻ سڳورا ﷺ
ٽن سالن جي عمر جا ٿيا ته مونکي مجبور ڪري چيائون
ته هي ڪڏهن به ٿي نه سگهندو جو منهنجا ڀائر ۽
ڀينرون سڄو ڏينهن ٻڪريون چاريندا رهن ۽ آئون انهن
جي محنت ۾ شريڪ نه ٿيان. پاڻ سڳورن ﷺ کي ٻڪرين
چارڻ جي اجازت ڏني وئي. پاڻ سڳورن جي ٻڪرين سان گڏ
چراگاهن ۾ وڃڻ جي سلسلي شروع ٿيڻ سان ئي حليمه
سعديه جي ٻڪرين جو تعداد روز به روز زياده ٿيندو
ويو. کير ڏيڻ واريون ٻڪريون زياده کير ڏيڻ لڳيون.
ٻڪريون متاريون ٿيڻ لڳيون، چراگاهن جي ساوڪ وڌڻ
لڳي ۽ بنو سعد خوش ٿي ويا.
لقد
بلغت بالهاشمي حليمہ
(بيشڪ هاشمي جي برڪت سان حليمان)
مقاماً عُلا في ذر وة اُلعز و المجد
(عزت ۽ شرف جو تمام وڏو مقام لڌو.)
عرب
جا شاعر ۽ عالمي مفڪرين پاڻ سڳورن ﷺ جي حيات طيبه
جي جن پهلوئن کان متاثر ٿيا آهن، ان جو مختصر
تذڪرو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جي
عمر ڇهن سالن جي ٿي ته حضرت بي بي آمنه کين پنهنجي
خادمه ام ايمن سان ساڻ ڪري، پنهنجي مڙس جي قبر تي
مدينه شريف وٺي ويئي. واپسيءَ ۾ ابوا جي مقام تي
بي بي آمنه هميشہ لاءِ داغ مفارقت ڏيئي وئي. هاڻي
پاڻ ڪريم ﷺ جن جو سرپرست حضرت عبدالمطلب رهيو. پاڻ
سڳورن ﷺ کي آشوب چشم(اکين جو درد) جو عارضو ٿي پيو
۽ هو پاڻ سڳورن ﷺ کي عڪاظ جي راهب وٽ وٺي ويو.
راهب ڏسندي ئي چيو ته هي هوبهو اهو آهي جنهن کي
حضرت سليمان خلو محمديم جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي. 48.
ق.هه ۾ جڏهن سندن عمر 8 سالن جي هئي ته سندن ڏاڏو
عبدالمطلب به وفات ڪري يو، هاڻي سندن پرورش جو بار
پاڻ ڪريم ﷺ جي چاچي حضرت ابي طالب کي کڻڻو پيو،
جنهن پاڻ سڳورن ﷺ کي پنهنجي اولاد وانگر نپايو.
پاڻ انهيءَ دوران ٻڪرين چارڻ جي به مزدوري ڪندا
رهيا ۽ هر ٻڪريءَ جي چارائي کين هڪ قيراط ملندي
هئي. جڏهن پاڻ 14 سالن جا ٿيا ته پنهنجي چاچي حضرت
ابي طالب سان گڏجي شام روانا ٿيا. رستي ۾ بصريٰ جي
هڪ خانقاهه دير بحيرا ۾ قيام ڪيائون. ان جو راهب
بنو عبدالقيس قبيلي سان تعلق رکڻ وارو جرجيس هئو.
جڏهن ان جي ملاقات پاڻ سڳورن ﷺ سان ٿي ته انهيءَ
راهب سندن چاچي کي چيو ته قدرت هن ٻار کي تمام وڏو
مقام عطا ڪرڻ واري آهي. 16 ورهين جي عمر ۾ سڀ کان
پهريون تجارتي سفر پنهنجي چاچي زبير بن عبدالمطلب
سان يمن جو ڪيائون“. ٻيو تجارتي سفر پاڻ ﷺ جن 4.
2.ق.هه. ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي رفاقت ۾ شام جي
طرف ڪيو. 28 ق.هه ۾ حضرت خديجه رضه پنهنجون تجارتي
خدمتون سندن حوالي ڪيون ۽ شام جي سفر کان پوءِ
انهيءَ ام المؤمنين جي شرف جو مرتبو حاصل ڪيو.
شاديءَ کان بعد پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زندگي مبارڪ جو
رخ بدليو. پاڻ سڳورا ڪئي ڪئي راتين جو توشو کڻي
غار حرا ۾ هليا ويندا هئا. دوشنبه 17 رمضان 13
ق.هه جي وحيءَ جو باقاعده سلسلو شروع ٿيو. حضور ﷺ
جن سومر 17 رمضان 13 ق. هه کان سومر 2 ربيع الاول
11 هه تائين 9 ڏينهن گهٽ 63 سالن جي عمر ماڻيائون.
جملي حياتيءَ جا ڏينهن 22317 آهن. انهن مان نزول
قرآن جا ڪل ڏينهن 7960 هئا. انهن ڏينهن مان 4417
ڏينهن پاڻ سڳورا مڪي ۾ قيام پذير هئا. روز هجرت
کان وٺي روز وفات جا جملي تعداد 3543 ڏينهن آهن.
آنحضرت نبي اڪرمﷺ جي حياتي مبارڪ جي هر لمحي کي
مؤرخن محدثن ۽ مفڪرن قلمبند ڪيو آهي. خصوصاً مٿي
ذڪر ڪيل ڏينهن جي تعريفن ۾ عربي شاعرن ديوانن جا
ديوان مرتب ڪيا آهن. خداوند تعاليٰ آنحضور اڪرم کي
خطابت جي جملي خصوصيات سان نوازيو هو. صحابه ڪرام
جي مجلس هجي يا مخالفين جي مجمع يا عڪاظ جي
بازار، پاڻ سڳورا ﷺ جنهن به جاءِ تي به مخاطبينن
کي خطاب ڪرڻ فرمائيندا هئا ته ماڻهو حيران رهجي
ويندا هئا. انهيءَ وجهه ڪري ابوجهل پاڻ ڪريم جن کي
جادوگر مشهور ڪيو ۽ ان جي ڪوشش هئي ته پاڻ ﷺ سندس
زماني ۾ تقرير ڪري نه سگهن. سن 10 هجري ۾ پاڻ
سڳورن حجة الوداع جي موقع تي سوا لک مسلمانن جي
مجمع جي سامهون خطبو ڏنائون. هي خطبو معنيٰ ۽ ادب
جي اعتبار کان به وڌيڪ فصيح ۽ بليغ تسليم ڪيو ويو
آهي. فن خطابت جي لاءِ ته هڪ نموني جي حيثيت رکي
ٿو. غرض هي ته انهن حديثن، مڪاتيب ۽ خطبن جي محض
ديني حيثيت نه آهي، پر هي عربي زبان ۽ ادب جو وڏو
شاهڪار آهن. بهترين ۽ معياري ادب جي ڪهڙي خوبي
آهي، جو ڪلام رسول صه ۾ موجود نه آهي. رسول پاڪ ﷺ
جي زندگي ۽ تعليم تي هر دور ۾ تصنيف جو سلسلو
جاري رهيو. عربي، فارسي، اردو، انگريزي، فرانسي،
جرمني، روسي، هندي، بنگله، گجراتي ۽ ٻين زبانن ۾
بيشمار ڪتاب لکيا ويا. سندن بعثت عرب ۾ ٿي، پاڻ
سڳورن ﷺ جي زبان مبارڪ عربي هئي، انهيءَ زبان ۾
پاڻ ﷺ گفتگو ڪئي، ان زبان ۾ قرآن ڪريم نازل ٿيو،
انهيءَ زبان ۾ پاڻ ﷺ جن خطبا ڏنا ۽ بادشاهن کي
دعوت اسلام پيش ڪئي، لهذا سڀ کان اول عربي ادب
متاثر ٿيو. عربي ۾ ادب نبوي جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو
خود احاديث نبوي جي صورت ۾ موجود آهي. انهيءَ
کانپوءِ ”تاريخ ۽ سير“ جي ڪتابن جو درجو آهي،
طبري، واقدي، مسعودي، بلاذري، ابن خلقان، ابن سعد،
ابن ڪثير، ابن اثير، ابن خلدون، علامه جلال الدين
سيوطي ۽ عرب جي ٻين مؤرخن به ان موضوع تي وڏا وڏا
ڪتاب تاليف ڪيا آهن. هي ماڻهو عربي زبان ۽ ادب جا
ممتاز عالم مفڪر هئا. انهن جون تصنيفون حضور اڪرم
ﷺ جي ذڪر سان ڀريل آهن. ٻين زبانن ۾ به انهن جي
تاريخن جو ترجمو ڪيو ويو، ۽ انهن کي سامهون رکي
نوان ڪتاب لکيا ويا. تاريخ کان علاوه خاص سيرت تي
به تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا. ان ۾ سيرت ابن هشام
هڪ نمونو آهي. شمائل ترمذيءَ جو درجو سڀ کان اول
آهي. امام ترمذي، حضور مقبول ﷺ جي عادات اطوار،
گفتگو، لباس ۽ وضع قطع غرض ته زندگي جا جمله
خصوصيات قلمبند ڪيا آهن ۽ هر پهلوءَ تي تفصيل سان
روشني وڌي آهي. تقريباً دنيا جي سڀني مذهبن ۽ ترقي
يافته زبانن ۾ آنحضرت ﷺ جي سيرت لکي وئي. حيرت جي
هيءَ ڳالهه آهي ته انهن ۾ اڌ کان زياده سيرت نگار
عيسائي آهن. انهن ماڻهن حضور ُپر نور جي عظمت جو
اعتراف ڪيو آهي. مسلمان هجڻ جي حيثت سان اسان جو
اولين فرض آهي ته اسان انهن غير مسلمن جي خيالات
کي هڪ هنڌ ڪيون، جن غير جانبداري سان بنا تامل جي
رسول الله ﷺ جي عظمت واضح ڪئي آهي. هن کان اڳ، جو
مسلمان دانشورن جو ذڪر ڪيو وڃي، صرف چند غير مسلم
اهم شخصيتن جي خيالات جو ترجمو پيش ڪيو وڃي ٿو.
فرانسيسي اديب الفرڊ ڊي لمارٽائين پنهنجي مشهور
تصنيف
History of Turquie”“
۾ لکيو آهي:”عالم الاهيات، فصاحت و بلاغت ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ، مذهب جو باني، آئين ساز، سپهه سالار، فاتح
اصول، عبادت الاهي ۾ لاثاني، ديني حڪومت جو باني-
هي آهن محمد رسول الله ﷺ جن جي سامهون پوري
انسانيت جي عظمت به گهٽ آهي.“
فرانس جي هڪ عظيم ترين جرنيل”بونا پارٽ“ آنحضور ﷺ
جن کي هن طرح خراج عقيدت پيش ڪئي آهي:
”محمد ﷺ دراصل سروراعظم هو. پاڻ اهل عرب کي درس
اتحاد ڏنو. انهن جي تنازعات ۽ مناقشات کي دور ڪيو.
ٿوري عرصي ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي امت نصف دنيا کي فتح
ڪيو. 15 سالن جي قليل عرصي ۾ ڪثير تعداد ۾ ماڻهن
ڪوڙن خدائن جي پوڄا کان توبہ ڪئي. مٽيءَ جون ٺهيل
ديويون خاڪ ۾ ملايون ويون. بتخانن ۾ رکيل مورتن کي
ٽوڙيو ويو. هي حيرت انگيز ڪارنامو حضور ﷺ جن جي
تعليم جو اثر هو. هي سڀ ڪجهه 15 سالن جي عرصي ۾
ٿيو، جڏهن ته 15 سؤ سالن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام
۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام پنهنجي امتن کي صحيح
راهه تي هلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. حضرت محمد ﷺ عظيم
انسان هئا........ جڏهن پاڻ دنيا ۾ تشريف فرما
ٿيا، ان وقت اهل عرب صدين کان خانه جنگي ۾ مبتلا
هئا. دنيا جي اسٽيج تي ٻين قومن جيڪا عظمت ۽ شهرت
حاصل ڪئي، هن قوم به انهيءَ طرح ابتلاء ۽ مصائب
مان گذري عظمت حاصل ڪئي ۽ ان پنهنجي روح ۽ نفس کي
پاڪ ڪري تقدس ۽ پاڪيزگي جو جوهر حاصل ڪيو.“(ص 109)
جارج برنارڊشا لکيو آهي:
”زمانئه وسطيٰ ۾ عيسائي راهبن پنهنجي جهالت ۽ تعصب
جي ڪري مذهب اسلام جي وڏي هيبتناڪ تصوير پيش ڪئي
آهي. ڳالهه هتي ختم ٿي نه وئي آهي، انهن ته حضرت
محمد ﷺ ۽ ان جي مذهب جي خلاف باضابطه تحريڪ هلائي.
انهن حضرت محمد ﷺ کي سهڻن لفظن سان به ياد نه ڪيو
آهي. مون انهن ڳالهين جو بغور مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو
آهي ۽ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته محمد ﷺ هڪ
عظيم هستي هئو ۽ صحيح معنيٰ ۾ انسانن کي نجات
ڏيندڙ آهي“.
مشهور عيسائي راهب لبوارٿ اسمٿ رقمطراز آهي:
”دنيا جي خوش نصيبي آهي ته محمد ﷺ هڪ ئي وقت هڪ
قوم، هڪ حڪومت ۽ هڪ مذهب جو باني هو.“(محمد ائنڊ
محمد ازم)
طامس ڪارلائل چوي ٿو:”بس هڪ شعلو ڪِريو، محض هڪ
شعلو ۽ اهو به اهڙي سر زمين تي، جنهن جي باري ۾
چيو ويندو آهي ته انهيءَ تي انساني آباديءَ جي
ترقي ناممڪن ۽ محال هئي. پر انهيءَ جي ريتي بارود
ثابت ٿي، جنهن دهلي کان غرناطه تائين آسمانن کي
پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو.“(هيرو ائنڊ هيرو ورشپ)
سوامي ديويڪانند لکي ٿو:
”انهيءَ کان پوءِ پيغمبر مساوات حضرت محمد ﷺ تشريف
فرما ٿيا. توهان پڇو ٿا ڇا ان جو مذهب سٺو آهي؟
جيڪڏهن ان جو مذهب سٺو نه هجي ها ته هو زنده ڪيئن
رهي ها. صرف سٺي ۽ نيڪ انسان کي ئي دائمي حياتي
ملندي آهي. نيڪ انسان لافاني ان ڪري هوندو آهي، جو
ان ۾ تقدس جو جوهر پوشيده هوندو آهي. جيڪڏهن اسلام
۾ سٺائي نه هجي ها ته هڪ ڏينهن به قائم نه رهي ها.
هن مذهب ۾ بي شمار خوبيون آهن. محمد مساوات ۽
انساني اخوت جا علمبردار آهن“.
(دي
گريٽر ٽيچر آف دي ورلڊ،ص
130،129
)
مهاتما گانڌي آنحضرت ﷺ جي باري ۾ لکيو آهي:
”آئون پوري يقين ۽ وثوق سان چوان ٿو ته اسلام
تلوار جي طاقت سان سرفرازي ۽ سربلندي حاصل نه ڪئي
آهي، پر انهيءَ جو بنياد آهي: نبي ﷺ جو خلوص، خودي
تي پاڻ سڳورن جو غلبو، واعدن جي وفائي، غلام ۽
دوست و احباب سان هڪ جهڙي محبت، سندن جرئت ۽ بي
خوفي، الله ۽ پاڻ تي يقين جهڙا اوصاف، لهذا هي چوڻ
سراسر غلط آهي ته اسلام تلوار جي ذريعي سان پکڙيو
آهي. ان جي فتوحات ۾ هي اوصاف حميده شامل آهن. هي
اُهي اوصاف آهن جن جي مدد سان مسلمان تمام پابندين
۽ رڪاوٽن جي باوجود به اڳتي وڌي رهيا هئا“.
(ڪوٽيڊ ِان دي ونڊيڪيشن آف دي پرافيٽ آف اسلام، ص
26-27)
ڊاڪٽر مسز ايني بيسنت چوي ٿي:
”جيستائين اسلام جي بانيءَ جو تعلق آهي، پاڻ سڳورن
ﷺ جي زندگيءَ جي تاريخ ۾ علم الاصنام جو اهو عنصر
نه لڌو ويو آهي، جنهن ٻين وڏن مذهبي پيشوائن جي
زندگين تي پرده وجهي رکيو آهي. ڪهڙي شاندار طريقي
سان سندن زندگي مبارڪ تاريخ جي روشنيءَ جو مقابلو
ڪري ٿي، ۽ اهي ڪهڙا نه جاهل آهن جو حضرت محمد ﷺ تي
حملو ڪندا آهن.“
سردار ديوان سنگهه مفتون لکيو آهي:
”مان حضرت رسول الله ﷺ جي هيءَ حديث پڙهي، جنهن ۾
پيغمبر اسلام فرمايو آهي ته:”اشرف الجهاد اعلاءِ
ڪلمة الحق“. جڏهن مون هي حديث ٻڌي ته مون غور ڪيو
ته انهيءَ شخصيت جي بلنديءَ جو ڪهڙو اندازو ڪري
سگهجي ٿو، جنهن وقت جي حاڪم جي سامهون حق ۽ صداقت
جي آواز کي سڀ کان وڏو جهاد قرار ڏنو آهي.
پنڊت گوپال ڪرشن ايڊيٽر”ڀارت سماچار“ بمبئي لکي ٿو
ته:
”محمد ﷺ صاحب جي زندگيءَ تي جڏهن مون ويچار ڪيو
آهي ته هي ڳالهه صاف نظر اچي ٿي ته ڌڻي ان کي جهان
جي سڌارڻ لاءِ موڪليو آهي. ان جي اندر اها
شڪتي(طاقت) موجود هئي جا هڪ گريٽ ريفارمر) مصلح
اعظم) ۽ هڪ مها پرش(هستي اعظم) ۾ هجڻ گهربي آهي.“
ڀڳوان داس ڀڳوان هن انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو
آهي:
السلام اي شمع انوار جهان
السلام اي سيدِ کون و مکان
السلام اي مالک هر دوجهان
السلام اي جان ڀگوان السلام
|
السلام اي آئينه دار کن فکان
السلام اي واقفِ سر نهان
السلام اي وجہ تخليق زمان
السلام اي سجده گاه عاشقان |
هن
مختصر ذڪر بعد هاڻي دنياءِ اسلام جي دانشورن جي
طرف اچان ٿو. عربي شاعر سرڪار مصطفيٰ ﷺ جي عشق
سان سرشار آهن. نعت گو عربي شاعرن ۾ حضرت حسان بن
ثابت رضه جو نالو سر فهرست آهي. انهيءَ کان پوءِ
اعشيٰ ۽ صاحب قصيده برده حضرت شرف الدين محمد بن
سعيد بن حمادالبوصيري جا نالا مبارڪ امتيازي حيثيت
رکن ٿا . سندن حيات طيبه ۾ حضرت زيد بن ثابت جي
ڪلام کي انتهائي مقبوليت حاصل هئي. خود پاڻ سرور
ڪائنات ﷺ کي سندن ڪلام پسند هو.
عهد
صحابه ۾ فرزدق کي عاشقِ رسول چيو ويندو هو. انهيءَ
پنهنجي شاعري کي رسول اڪرم ﷺ ۽ اهل بيت جي مدح
لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. عهد عباسيه ۾ متنبي نعت گو
شاعرن ۾ سڀني کان ممتاز هو، عربي نعت گوئي ۽ مناقب
آنحضرت ﷺ جن جو حاصل قصيده برده آهي. عربيءَ جو هي
قصيدو سڀ کان وڏو آهي. هن قصيدي جي مصنف امام
بوصيري تي فالج حملو ڪيو هو. پنهنجي وقت جي تمام
مشهور طبيبن کان علاج ڪرايو، مگر ذرو به فائدو نه
ٿيو. زندگي نا گوار ٿي پئي، هر طرف کان مايوس ٿي
ڪري بارگاهه رسالت ۾ رجوع ٿيو ۽ هي قصيدو چيائين.
قصيدو ۽ دعائون قبول ٿيون ۽ هو صحت ياب ٿيڻ لڳو.
اهڙو صحت ياب ٿيو جو بيماريءَ جو نالو نشان باقي
نه رهيو. هن قصيدي ۾ حضور ﷺ جي مدح ۽ ان تي درود
سلام سان گڏ عشق و عقيدت ۽ ادب و احترام جو به
پورو پورو خيال رکيو ويو آهي. پنهنجي مصائب جو ذڪر
۽ صحت يابي جون دعائون قريني سان بيان ڪيون ويون
آهن. درود ۽ اثر ۽ جذبات سان پورو قصيدو ڀريل آهي.
هي قصيدو ڏهن فصلن ۾ آهي، جنهن جي ترتيب هن طرح
آهي . فصل اول- رسول اڪرم ﷺ سان عشق، ٻيو پاڻ کي
نفسياتي خواهشات کان پري رکڻ جي آرزو، ٽيون-
آنحضرت جن جي مدح، چوٿون- نبي ڪريم ﷺ جي ولادت
شريف، پنجون- رسول ﷺ جي دعوت، ڇهون- قرآن پاڪ جو
شرف ۽ نزول، ستون- سرڪار انبياءِ جو معراج، اٺون-
سرڪار عالم ﷺ جو جهاد، نائون - الله تعاليٰ کان
بخشش جي طلب ۽ رسول اڪرم ﷺ کان شفاعت جي آرزو،
ڏهون- مناجات ۽ عرض مدعا. حضرت امام بوصيري کي هن
قصيدي جي برڪت سان جيڪو معجزو نظر آيو، ان سبب ڪري
هن قصيدي جا بيت مقدس ۽ متبرڪ سمجهيا ويندا آهن.
تبرڪاً حضرت حسان بن ثابت جا اشعار تحرير ڪيان ٿو:
و
احسن منک لم ترقط عيني
(۽
توهان کان وڌيڪ سهڻو منهنجي اکين نه ڏٺو.)
و
اجمل منک لم تلد النساء
(۽
توهان کان وڌيڪ جميل ڪنهن به عورت نه ڄڻيو.)
خلقت مبراً من کل عيب
(هر
هڪ دنيا جي عيب کان تنهنجي ذات پاڪ.)
کانک قد خلقت کما تشاءُ
(جيئن خود پنهنجي مرضيءَ سان خلق ذات ٿئين.)
قصيدي برده جا چند اشعار ملاحظه ٿين.
محمد سيدالکوڪنين و الثقلين
والفريقين من عرب و عجم
هوالحبيب الذي ترجيٰ شفاعتہ
لکل هول من الاهوال مقتحم
فاق النبيين في خلق و في خلق
ولم يد انوه في علم و لاکرم
و کهلم من رسول الله ملتمس
غرفا من البحر اورشفا من الديم
منزه عن شريک في محاسنہ
فجوهرالحسن فيہ غير منقسم
فمبلغ العلم فيہ انہ بشر
و انہ خير خلق الله کلهم
فانہ شمس فضل هم کواکبها
يظهرن انوار ها للناس في الظلم
اکرم بخلق نبي زانہ خلق
بالحسن مشتمل بالبشر متسم
کالزهر في ترف والبدر في شرف
والبحر في کرم والدهر في همم
کانما اللؤنو المکنون في صدف
من معدني منطق منہ و مبتسم |
(محمد سيد الکونينو الثقلين
عرب وه جهان مين يا عجم هون
حبيب حق هين وه ان کي شفاعت
هي هر احوال مين گرخوف و غم هون
فزون هين خلق مين خلقت مين سب سي
نبي کب همسر علم و کرم هون
طلب يک جرعہ کرتي هين ان سي
که جيسي وه سراپا بحرو ديم هون
محاسن مين همين شرکت سي مبرا
که جو هر حسن کي کب منقسم هون
بشر جانين بحر علم و دانش
و گرنه سب جهان کي محترم هون
نبي ظلمات مين تاري سراسر
هي افضل سب سي حضرت گوبهم هون
گرامي صورت و سيرت مين دنون
به حسن اور خلق اوج افزائي هم هون
به نزهت گل شرف مين بدر کامل
به رحمت دهر قلزم در کرم هون
صدف مين در مکنون کي طرح هين
تبسم نطق تنوير اُتم هون)
|
فارسي شاعرن ۾ سعدي، خسرو، سنائي، عطار، نظامي
گنجوي، خاقاني، قدسي، عراقي، عرفي، جامي ۽ قاآنيءَ
وارن آنحضورﷺ جن جي شخصيت ۽ تعليمات کي بلڪل
منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آهي. انهن جي ڪلام جو وڏو
حصو نعت ، مناجات ۽ قصائد رسول تي مشتمل آهي. حضرت
سعدي جا ٽي شهره آفاق ڪتاب، گلستان، بوستان ۽
ڪريما رسول سان والهانه محبت جو خاصو تذڪرو آهن.
بوستان ۾ نعتيه حصو ته اڃا زوردار آهي. حضرت سعدي
جي نعتيه ڪلام جي هيءَ خوبي آهي ته ان ۾ عقيدت سان
گڏ شاعرانه معيار به ڪافي بلند آهي ۽ تمام تنوع
آهي. ڪريما هڪ مختصر تصنيف آهي، مگر ان ۾ غضب جو
زور بيان ٿيل آهي، پر ان جو هي شعر سڀني تي فوقيت
رکي ٿو.
بلغ
العليٰ بکمالہ، کشف الدجيٰ بجمالہ
حسنت جميع خصالہ، صلوا عليہ و آلہ
نعتيه ڪلام ۾ ان کان بهتر نمونو ڪٿي به نٿو ملي.
حضرت سعدي ان ۾ سڀ ڪجهه چئي ڏنو آهي، جو هو ٻئي
هنڌ شعر ۾ ڪافي زور ڏيکارڻ لاءِ طويل نظمن ۾ چئي
نه سگهيو. دريا کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ جو مثال هن شعر
تي صادق اچي ٿو. برصغير جي فارسي شاعرن حضرت غوث
العالمين بهاؤالحق والدين ابو محمد زڪريا رحه کان
فيض حاصل ڪيو ۽ پوءِ انهن نعت گوئي جا اعليٰ منازل
طي ڪيا. هن مڪتب سان تعلق رکڻ وارن ۾ فخرالدين
عراقي، بابا فريدالدين گنج شڪر، مخدوم جهانيان
جهان گشت، مخدوم حميدالدين حاڪم ۽ امير خسرو جا
نالا قابل ذڪر آهن.
امير خسرو جي شخصيت تعارف جي محتاج نه آهي. ان جي
شاعرانه عظمت جي انڪار جي ڪنهن کي به گنجائش نه
آهي. بادشاهن جي درٻار ۾ رهڻ جي باوجود به صوفي
صفت هو- خسرو جي غزل، حمد ۽ صوفيانه ڪلام ۾ عجب
سوز و گداز آهي. سعدي، عراقي ۽ خسرو کان بعد جامي
۽ قدسي جون نعتون به بي مثال آهن، خاص ڪري قدسيءَ
جي هي نعت ته هر عاشق رسول جي زبان جي تنوار آهي.
ميلاد ۽ سيرت جي محفلن ۾ عام طور تي پڙهي ويندي
آهي.
مرحبا سيد مکي مدني العربي
دل
و جان باد فدائيست چه عجب خوش لقبي.
من
بيدل بجمال تو عجب حيرانم
الله الله چه جمالست بدين بو العجبي.
چشم
رحمت بکشا سوئي من انداز نظر
اي
قريشي لقب و هاشمي و مطلبي.
نسبتي نيست بذات تو بني آدم را
بهتر از آدم و عالم تو چه عالي نسبي.
ماهمه تشنه لبا نيم و توئي آب حيات
رحم
فرما که زحدي گذرد تشنه لبي.
نسبت خود به سگت کردم و بس منفعلم
زان
که نسبت بسگ کوئي تو شد بي ادبي.
عاصيانيم زما نيکي اعمال پرس
سوئي ما روئي شفاعت بکن از بي سببي.
سيدي انت حبيبي و طبيب قلبي
آمده سوئي تو قدمي پئي در مان قلبي.
فارسيءَ جي مشهور نعت جي درج ڪرڻ کان پوءِ اردو
زبان جي دانشورن جيڪو آنحضرت نبي اڪرم ﷺ جي
تعليمات جو جائزو ورتو آهي، ان جو مختصر ذڪر
ضروري آهي. اردو ادبيات ۾ حضور پر نور تي بي انداز
سرمايو موجود آهي. نظم و نثر ٻئي انهيءَ سان مالا
مال آهن. تاريخ و سيرت جي ڪتابن جا اردو ترجما
تمام زياده آهن، تصنيف، تاليف ۽ ترجمن جو هي سلسلو
جاري آهي، ۽ هي ترجما زياده تر عربي، فارسي ۽
انگريزي ڪتابن کان ڪيا ويا آهن، عمومن عربي ۽
فارسي کي اڳيان رکي لکيا ويا آهن البته آزاد
بلگرامي، علامه شبلي، مولانا سيد سليمان ندوي يا
چند ٻين اهل قلم خود به فڪر و تحقيق کان ڪم ورتو
اهي ۽ جديد دور ۾ مولانا ابوالاعليٰ مودودي ۽
مولانا غلام رسول مهر کي به ان زمري ۾ شامل ڪيو
ويو آهي. شبلي ۽ سيد سليمان ندوي جي تصنيفن ۾ ادبي
شان به آهي. سيرت جي ڪتابن ۾ علامه شبلي ۽ ندوي جو
”سيرة النبي“، سيد سليمان ندوي جو”خطبات مدارس“،سر
سيد احمد جو ”خطبات احمديه“، مولانا عبدالرؤف دانا
پوري جو”اصح السير“، مرزا بشيرالدين محمود جو”سيرت
خاتم النبين“، مولانا محمد علي لاهوري جو”سيرت
خيرالبشر“،قاضي محمد سليمان منصور پوريءَ جو ”رحمة
للعالمين“(ٽن جلدن ۾)، مولوي فضل الدين واعظ جي
سوانح عمري ”پيغمبر اعظم“، مرزا حيرت دهلوي جو
”سيرت محمديه“، مولانا عبدالماجد دريا آبادي جو
”مردون کي مسيحائي“، خواجا حسن نظامي جو”ميلاد
نامه“، عبدالحليم شرر جو ”خاتم المرسلين“، سيماب
اڪبر آبادي جو”سيرت النبوي“ ۽ نعيم صديقي جو”محسن
انسانيت“وغيره سيرت جي موضوع تي مشهور ۽ قابل ذڪر
ڪتاب آهن. خطبات احمديه، اصح السير، سيرت النبي،
خطبات مدارس ۽ محسن انسانيت پنهنجي مقصد جي
اعتبار سان خاصي حيثيت رکن ٿا. سر سيد احمد
خان”خطبات احمديه“ سر وليم مور جي ”هفوات“ جي جواب
۾ لکيو . سر سيد جو انداز بيان مصالحانه، اسلام ۽
عيسائيت کي قريب ڪرڻ وارو آهي. مولانا
عبدالحليم”جويائَي حق“ لکي ناول جي طرز تي سيرت
نگاريءَ ۾ نئون تجربو ڪيو، جو پهريائين هجڻ جي
باوجود سڀني کان زياده ڪامياب سمجهيو ويو. ان ۾
حضرت سلمان فارسيءَ جا سمورا واقعا دهرايا ويا
آهن. انهيءَ قسم جو ٻيو تجربو صادق حسين
سردهنوي”آفتاب عالم“ لکي ڪيو. سيرت کي ناول ۾
موضوع بنائڻ جو ٽيون تجربو مولانا ماهرالقادري”دُر
يتيم“ لکي ڪيو. ميلاد جي موضوع تي به بي شمار
تصنيفون ڪيون ويون. ميلادنويسن ۾ غلام امام شهيد
کي ممتاز ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. ٻين مولودن جي
معياري ڪتابن ۾ مولود طپش ۽ ميلاد اڪبر جا نالا
تمام مشهور آهن. مولانا اشرف علي ٿانوي ذڪرالنبي،
علامه راشدالخيري آمنه کا لال، علامه شفق عماد
پوريءَ حديقه آخرت ۽ توشئه رحلت لکيا آهن. علامه
جعفر بن حسين برزنجي جي عقد جوهر في مولد خيرالبشر
جو اردو ترجمه 1279 هه ۾ مولود برزنجي جي نالي سان
مولانا عبدالغني ڪيو آهي. اردو شاعرن پاڻ سڳورن ﷺ
سان اظهار عقيدت ۾ تمام گهڻو زور ڏيکاريو آهي.
نعت، قصائد، مناجات، سلام، قطعات ۽ رباعيات جو
تمام وڏو ذخيرو جمع آهي. اردو جي سڀ کان پهرين
منظوم تصنيف فخرالدين نظامي جي قدم راؤ پدم راؤ
آهي، مثنوي جا ٻه شعر درج آهن.
توهين ايک ساجا گسائين امر
سري
دوي تين جگ تورا دگر
پهتايا امولڪ رتن نور دهر
که
ني ويل بلڪت ڪرن راج گر
909
هه ۾ مثنوي نوسر بهار ۾ اشرف جو هڪ شعر ملاحظه
ٿئي.
هجرت نبي نو سو نو
کهيا اشرف نو سريو
خوب
محمد گجراتيءَ 986 هجريءَ ۾ خوب ترنگ لکيو.
خوب
محمد ڪهيي بچار
چوده گهاٽ اوس برس هزار
دکني شاعرن ۾ محمد قلي قطب شاهه ۽ مولانا وجهي
زياده قابل ذڪر آهن. وجهي سڌي انداز ۾ اظهار عقيدت
ڪيو آهي.
محمد نبي نانون تيرا آ هي
عرش
کي اُپر قانون تيرا آ هي
که
چوده ملک کا تو سلطان هي
علي
سا تيري گهر مين پر دهان هي
اسي
هر ايک لاکهه پيغمبر آئي
ولي
مرتبه کوئي نه تيرا پائي
اهڙي طرح محمد قلي قطب شاهه جو انداز بيان ملاحظه
ٿئي:-
تج
مکه اجت کي جوت تهي عالم و پنهارا هوا
تج
دين تهي اسلام لئي مومن جگت سارا هوا
نعت
خوانن جي ٽئين دور ۾ معظم، بلاقي، عالم، احمد ۽
مختار جا نالا نمايان نظر اچن ٿا. دکن جي نعت گو
حضرات جي تصانيف ۾ اعجاز احمد مصنفه نوازش خان
شيدا ۽ ٻيو ضخيم ڪتاب روضة الاطهار آهي. تيرهين
صديءَ ۾ دکن جا تمام گهڻا نعت گو شاعر آهن، انهن ۾
شير محمد خان ايمان، اعزاز الدين خان نامي، خواجه
فياض الدين بنده، خواجه معين الدين خاموش، خواجه
عبدالله خان خير، محمد حيات خان ميسور، فياض الدين
خان ادب، شيخ محمود علي ناظم ۽ نواب ارسطو جاه
خصوصيت سان گڏ معروف آهن. چوڏهين صديءَ ۾ اعظم علي
شائق، حضرت امير مينائي، جليل ماڻڪ پوري، خطيب
بادشاهه مدراسي، سيٺ محمد اسماعيل مدراسي ۽ غلام
مصطفيٰ راسخ فن نعت گوئي ۾ پنهنجي نرالي حيثيت جا
مالڪ آهن. دکني دور کان بعد دهلي ۽ لکنو جا عظيم
شاعر بهادر شاهه ظفر، داغ دهلوي، سودا ، مير تقي
مير ۽ انيس جون نعتون فضائل رسول ۾ مثالي حيثيت
رکن ٿيون.
هن
دور ۾ شاهه ابدالي ڦلواري(1124 تا 1200 هه) جي نعت
درج آهي:
دو
جگ کي سردار محمد – نبيون کي سردار محمد،
امت
کي غم خوار محمد – سب کي پالنهار محمد،
صلي
الله عليہ وسلم
اردو شاعرن ۾ اعليٰ حضرت مولانا احمد رضا خان
بريلوي، شهيدي، نياز بريلوي، بيلم وارثي، حالي،
شفق عماد پوري، موالانا ظفر علي خان، محسن ڪاڪوروي
، حفيظ جالنڌري، ماهر القادري، نعيم صديقي، امجد
حيدرآبادي، بهزاد لکنوي ۽ زائر حميد صديقيءَ جون
نعتون اڄ به زبان عام آهن. اردو شاعرن ۾ حالي ۽
اقبال ان موضوع تي گهڻو لکيو آهي. حاليءَ جي ڪلام
۾ عربي شاعرن جي رواني ۽ زور بياني آهي. مسدس
حاليءَ کان سواءِ حاليءَ جي اها نعت به، جا هن طرح
شروع ٿئي ٿي.
اي
خاصئه خاصان رسول وقت دعا هي
امت
پر تيري آ کي عجب وقت پڙا هي
سلامن ۾ مقبول سلام”بيدل“ جو سلام آهي، جو مولود
سعدي ۾ شامل آهي.
يا
نبي سلام عليک – يا حبيب سلام عليک
يا
رسول سلام عليک – صلواه الله عليک.
اقبال نعتيه شاعريءَ کي فني اعتبار کان تمام وسيع
ڪيو آهي. اقبال وٽ جو تنوع آهي، اهو حالي وٽ نه
آهي. اقبال امام بوصيري، سعدي ۽ حالي کان به متاثر
نظر اچي ٿو. اقبال کي رسول ﷺ سان به عشق هو- اهو
رسول الله جي شان ۾ ذرا به شوخي رکڻ لاءِ تيار نه
هو. اقبال خدا جي حضور ۾ تمام شوخ هو، مگر جنهن
جاءِ تي ذڪر رسول اچي ٿو ته ادب ۽ احترام کان اڳتي
وڌڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري.
به
مصطفيٰ برسان خويش را که دين همه اوست،
اگر
به او نه رسيدي تمام بولهبي است.
اقبال عشق رسول ۾ ايتريقدر محو ٿي ويو جو ان جو
لفظ لفظ عقيدت جو ڇلڪندڙ پيالو محسوس ٿي رهيو آهي.
عشق
دم جبرئيل عشق دم مصطفيٰ
عشق
خدا کا رسول عشق خدا کا کلام
مصطفيٰ بحر است و موج او بلند، خيزد اين دريا
بجوئي خويش بند.
هر
که عشق مصطفيٰ سامان او ست، بحر و بر در گوشئه
دامان او ست.
در
دل مسلم مقام مصطفيٰ است، آ بروئي ماز نام مصطفيٰ
است.
هست
دين مصطفيٰ دين حيات، شرع او تفسير آئين حيات.
تا
شعار مصطفيٰ از دست رفت، قوم را رمز حيات از دست
رفت
قوت
قلب و جگر گردد نبي، از خدا محبوب تر گردد نبي.
فقر
و شاهي واردات مصطفيٰ است، اين تجلي هائي ذات
مصطفيٰ است.
لوح
بهي تو قلم بهي تو تيرا وجود الکتاب، گنبد آ بگينه
رنگ تيري محيط مين حباب.
وه
دانائي سُبل ختم الرسل مولائي کل جس ني – غبار راه
کو بخشا فروغ واديءَ سينا
ياز
نور مصطفيٰ اور ابهاست، يا هنوز اندر تلاش مصطفيٰ
است.
عهد
حاضره جي اردو شاعرن ۾ حفيظ جالنڌري، جوش مليح
آبادي، احمد نديم قاسمي، نعيم صديقي ۽ فيض احمد
مختلف انداز ۾ نعت گوئي ڪئي آهي. حفيظ جالنڌري جو
هي سلام عام زبان تي آهي:-
سلام اُس پر که جس ني بيکسون کي دستگيري کي
سلام اُس پر که جي ني بادشاهي مين فقيري کي
سلام اُس پر که اسرار محبت جس ني سمجهائي
سلام اُس پر که جس ني زخم کها کر پهول برسائي
سلام اُس پر که جس کي گهر مين چاندي تهي نه سونا
سلام اُس پر که ٽوٽا بوريا جسکا بچهونا تها.
اردو شاعرن کان سواءِ پاڪستان جي ٻين زبانن جي
دانشورن، شاعرن ۽ اديبن عشق رسول جو اظهار مختلف
انداز ۾ ڪيو آهي. پنهنجي زبانن ۾ يعني سنڌي،
سرائڪي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي وغيره جن کي پنهنجي
اوليائن تبليغ اسلام جي لاءِ ذريعه بنايو آهي.
اسان جي ڪم علمي آهي ته انهن زبانن جي عظيم شاعرن
جو ڪلام اڄ گم شده باب آهي. چند هستيون آهن جي
پنهنجي زبانن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن،. نعت گو
شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، تائب ڪشميري، ثناءُ
الله ڪريري، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بلا
شاهه، وارث شاهه، رحمان بابا، جام درڪ، ميان محمد
بخش، مولوي غلام رسول، هدايت الله، مولوي لطف علي،
پير فضل گجراتي ۽ ڊاڪٽر محمد فقير. سنڌ جي فقير
برادران جا نالا مبارڪ قابل ذڪرآهن. پشتو جي نامور
شاعر خوشحال خان خٽڪ چيو آهي.
جهان مين بهت لوگ پيدا هوئي
وه
هون انبياءَ يا که هون اولياءِ
مگر
کوئي خلقت مين تجهه سا نهين
کرين گر بهم انس و جن برملا
تائب ڪشميري فرمائي ٿو:
مين
قربان ميري ياد وري فرمائي – اس سي ميري بيماري و
غم خواري جاتي رهي گي.
سچل
سرمست فرمايو آهي:-
کل
نبيان دا سرتاج محمد
بحر عرف امواج محمد
قاب
قوسين او ادنيٰ
شرف شب معراج محمد.
پنجابي شاعر غلام رسول غلام فرمايو آهي:-
صبا
روضي رسول الله دئي جائين
ميرا احوال رو رو کي سنائين
النبي سي عشق جل بل گيا جي
کهو
اس درد دوا دارو ڪران کي
فن
نعت گوئي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ حضرت سلطان
باهو جو موازنه ڪيو وڃي ته هڪ مڪمل ڪتاب بنجي وڃي.
انهن جو هڪ هڪ شعر عشق رسول ۾ سرشار آهي- عهد حاضر
جي پاڪستاني شاعرن ۾ جانباز جتوئي(سرائيڪي) شيخ
اياز (سنڌي) شريف ڪنجاهي(پنجابي) عطا شاد(بلوچي) ۽
سمندر خان سمندر(پشتو) جون نعتون مقبول آهن.
هن
گفتگوءَ کي عظيم صوفي شاعر حضرت غلام فريد جي هن
شعر تي ختم ڪندس:
ميڏا عشق وي تون ميڏا مانڙوي تون
ميڏا ڪعبا قبله مسجد مندر ظاهر تي ايمان وي تون
خواجه صاحب علامه اقبال جي مرد مومن ۽ گوئٽي جي
مرد ڪامل کي”محرم راز“ سان تعبير ڪري ٿو ۽ محرم
راز سرور ڪائنات سان منسوب ڪري ٿو.
کيا
حال سڻاوان دل دا- کوئي محرم راز نه ِملدا.
هن
ساري تفصيل جو مقصد، مطلب ۽ مدعا هي آهي ته آنحضرت
نبي اڪرم ﷺ جي حضور عالمي سطح جي مفڪرن، مدبرن،
اديبن، شاعرن، استادن، ۽ دانشورن جو خراج عقيدت
پيش ڪيو آهي، اهو اڄ تائين ڪنهن ٻي عالمي شخصيت کي
نصيب نه ٿيو آهي، نه ٿي ئي سگهندو.
*
*
*
رسول الله صلي الله عليہ وسلم ڪن لڙاين ۾ هڪ عورت
کي قتل ٿيل ڏٺو ته پاڻ سڳورن برو ڀانيو ۽ عورتن ۽
ٻارن کي قتل ڪرڻ کان منع ڪئي.(موطا)
*
*
*
حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته اسلام جي
بهتر ڳالهين مان هڪڙي هيءَ آهي ته آدمي بيڪار ۽
فضول شين کي ڇڏي ڏئي(موطا)
*
*
*
آدمي سهڻي اخلاق جي ڪري سڄي رات عبادت ڪرڻ واري ۽
سڄو ڏينهن روزه رکڻ واري جو درجو حاصل ڪري ٿو.
(موطا)
قاضي فتح الرسول نظاماڻي
پاڻ سڳورن ﷺ جي
خلقن جو بيان
1.
عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا
ﷺ دعا گهرندا هئا ”اللهم کما احسنت خلقي فحسن
خلقي.“(يا الله جيئن تو منهنجي خلقت موچاري ٺاهي
آهي ته منهنجا خلق به موچارا ڪر.)
2.
سعد بن هشام چيو ته بيبي عائشه رضه کان پاڻ سڳورن
ﷺ جي خلقن بابت پڇيم ته مون کي سندن ﷺ خلقن بابت
ڪجهه ٻڌاءِ. تنهن تي بيبي سڳوري مونکي چيو ته تو
قرآن نه پڙهيو آهي ڇا؟ مون چيو هائو پڙهيو اٿم.
پوءِ مونکي چيائون ته سندن خلق قرآن هو.
3.
هشام بن عروة رضه پنهنجي پيءُ عروة کان روايت ڪري
ٿو ته ان بيبي عائشه رضي کان پڇيو ته پاڻ سڳورا ﷺ
پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪار ڪهڙو ڪندا هئا؟ بيبي صاحبه
رضه چيو ته پاڻ سڳورا پنهنجو ڳلو ٽوپو ڪندا هئا،
ٻڪرين کي ڏهندا هئا. جيئن ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ڪم
ڪن ٿا تيئن پاڻ به گهر ۾ ڪم ڪندا هئا يعني گهر جي
ڪم ڪرڻ کي عيب نه ڄاڻندا هئا.
4.
حارث بن ابي الرجال کان روايت آهي ته بيبي عائشه
رضه کان پڇيو ويو ته پاڻ سڳورا ﷺ گهر ۾ هوندا هئا
ته ڪهڙي طرح هئا. بيبي چيو ته پاڻ نرم طبع هئا ۽
سڀني ماڻهن کان گهڻي عزت وارا ۽ شريف هئا ۽ کلڻ
سندن مرڪڻ واري صورت ۾ هو-
5.
عروه بن زبير رضه بيبي عائشه رضه کان روايت ٿو ڪري
ته پاڻ سڳورن ﷺ جن نه ڪنهن مسلمان کي لعنت ڪئي ۽
نه ڪنهن کان انتقام ورتائون، مگر الله جي حرمتن کي
ڀڃڻ سان ٻي ڳالهه آهي. نه هٿن سان ڪنهن کي
ماريائون مگر في سبيل الله جهاد وارو ڪم سا جدا
ڳالهه آهي ۽ گناهه واري ڪم کانسواءِ ڪنهن سائل کي
نه موٽايائون.
6.
حضرت انس رضه کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ اسان
مان ڪنهن تي ڪاوڙبا هئا ته چوندا هئا ته”مالہ ترب
جبينہ“ شل پيشاني مٽي سان هجي.(جيئن سنڌي ۾ چئبو
آهي منهن ۾ ڌوڙ هجي.)
7.
حمزه بن عبدالله بن عبية چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ ۾
اهڙيون خصلتون هيون جي جابرن ۾ نه آهن، هڪڙو هي ته
ماڻهن جي جنس مان ڳاڙهو هجي يا ڪاري رنگ وارو هجي،
اهي کين دعوت ڏيندا هئا ته پاڻ انهن جي دعوت قبول
ڪندا هئا ۽ ڪاکارڪه اڇليل ڏسندا هئا ته پوءِ اها
کڻي وات ۾ وجهندا هئا ۽ گڏهه جي پٺي اگهاڙي جنهن
تي ڪو ٽپڙ نه هوندو هو تنهن تي چڙهندا هئا.
8
سفيان رضه حسن بصري کان ٻڌو جنهن چيو ته پاڻ سڳورا
پٽ تي ويهندا هئا، پٽ تي کائيندا هئا، ٿلها ڪپڙا
پائيندا هئا، گڏهه تي سواري ڪندا هئا، ٻيلهه به
کڻندا هئا ۽ ٻوڙ وارين آڱرين کي چٽيندا هئا.
9
حسن بصري رضه چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته ”من
يرغب عن سنتي فليس مني“ يعني جيڪو منهنجي سنت کان
منهن موڙيندو پوءِ اهو مون مان نه آهي.
معلوم هجي ته سندن اخلاق حسنه لکڻ کان ٻاهر آهن جو
سندن خلق لکي پورا ڪري. البته هيءَ ڳالهه آهي ته
اخلاق حسنه ۾ هنن پنجن شين جي ضرورت آهي 1- حلم
يعني بردباري ۽ تحمل 2 - تواضع يعني نوڙت ڪرڻ، هٺ
وڏاءَ نه هجڻ 3 حيا يعني شرم 4 شجاعت يعني بهادر
هجڻ 5 سخا، سخا عام آهي، مالي هجي خواه دلي
اهي
پنجئي وصفون هڪ ئي هنڌ ڪنهن ماڻهو ۾ گڏ هجن، سو
محال آهي. اهي پنج ئي وصفون پاڻ سڳورن ﷺ کان سواءِ
ٻئي ڪنهن به بشر ۾ موجود نه آهن.
بيبي عائشه رضه چوي ٿي ته پاڻ سڳورن ﷺ ڪڏهن به ڍو
ڪري پيٽ نه ڀريائون ۽ نه گهر جي ڀاتين کان طعام ئي
گهريائون.
حسن
بصري رضه کان روايت آهي ته پاڻ فرمايائون ته
منهنجي رب مونکي چيو ته توکي مڪي جي وادي سون ڪري
ڏيان. مون چيو ته اي منهنجا پالڻهار آءٌ هڪڙي
ڏينهن ڍو ڪريان ۽ ٻئي ڏينهن بکيو هجان، پوءِ جي بک
لڳيم ته تو ڏانهن عاجزي ۽ نيزاري ڪريان ۽ توکي ياد
ڪريان.
ابو
هريره چوي ٿو ته محمد ﷺ ٽي ڏينهن لاڳيتا طعام مان
ڍو ڪري نه کاڌائون تان جو پاڻ دنيا مان رحلت
ڪيائون.
ڪعب
بن عجرة رضه چوي ٿو ته مون پاڻ سڳورن ﷺ کي ٽن
آڱرين سان کائيندي ڏٺو ۽ هٿ اگهڻ کان اڳتي ٽن
آڱرين کي چٽيندا هئا پوءِ هٿ اگهندا هئا.
پاڻ
سڳورن ﷺ هنن حيوانن جو گوشت کاڌو آهي: دنبو،
ٻاڪرو، اوٺو، سهو، جهنگلي گڏهه ، ڳائو، تلور، سمنڊ
جو سڀني قسمن جون مڇيون.
ابو
قلابه رضه چوي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته الله
تعاليٰ کي سفيد ڪپڙو گهڻو پسند آهي. پوءِ سفيد
ڪپڙن ۾ نماز پڙهو ۽ مئلن کي ڪفن به سفيد ڪپڙن جو
ڍڪايو.
ابو
سعيد خدري کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي لباس ۾
ٽي ڪپڙا هوندا هئا 1 قميص 2 گوڏ 3 دستار، ڪن
روايتن ۾ آهي ته پاڻ قميص سوٽي پاتي اٿن، دستار
سندن ننڍي هئي، دستار هيٺان ٽوپي پائيندا هئا،
جيئن دستار کي سڻڀ نه لڳي، ڪڏهن ٽوپي کانسواءِ به
دستار ٻڌي اٿن ۽ ڪڏهن رڳي ٽوپي به پاتي اٿن. ڪلهن
جي وچ ۾ دستار جو ترو ڇڏيندا هئا.
سڀني ڪپڙن مان پهراڻ پسند هو ۽ گوڏ اڌ بڪي تائين
هوندي هئي ۽ مرين کان هيٺ منع ڪندا هئا. پهراڻ جون
ٻانهون ويڪريون هونديون هيون ۽ اهي ڪاراين تائين
هونديون هيون. سٿڻ پاڻ خريد ڪئي هئائون ان جي
پائڻ ۾ اختلاف آهي.
بيبي عائشه رضه چوي ٿي ته سندن سمهڻ وارو بسترو کل
جو هو جنهن ۾ کجي جي ڪاٻاڙ سان اندر ڀريل هو. اهڙي
طرح سندن مٿي مبارڪ جو وهاڻو کل جو ۽ کجي جي ڪاٻاڙ
سان ڀريل هو.
اهڙي روايت بيبي حفصه رضه ۽ امام باقر کان به
منقول آهي. غرض ته پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگي سادگي سان
هئي ۽ پاڻ به سادگي کي گهڻو پسند ڪندا هئا، جيئن
سندن امت ۾ سادگي جي روش جاري هجي ۽ فرمائيندا هئا
ته سادگي سان رهڻ ايمان وٽان آهي. |