مير محمد بخش خان ٽالپر
غزوات عهد رسالت ۾
اسلام ۾ جنگيون ٻن قسمن جون هونديون آهن، 1-
”غزوه“ 2- ”سريہ“. ”غزوه“ ان جنگ کي چيو ويندو
آهي، جنهن ۾ خود آقاءِ دوجهان پاڻ بنفس نفيس شريڪ
ٿيا هجن ۽ ”سريہ “ ان کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾
آقاءِ نامدار، خود شريڪ نه ٿيا هجن، پر ٻين اصحابن
سڳورن کي منتخب ڪري جنگ ڏي روانو ڪيائون. سريہ
لشڪر جو اهو حصو آهي، جيڪو لشڪر کان جدا ٿي وڃي ۽
موٽي وري اچي لشڪر سان ملي، ان جو تعداد هڪ سئو
کان پنجن سون تائين هجي. جيڪڏهن ان جو تعداد پنج
سئو کان اٺن سون تائين آهي ته ان کي ”منر“ چوندا
آهن. پر جيڪڏهن ان جو عدد اٺن سون کان چئن هزارن
تائين آهي ته ان کي ”جيش“ سڏيو ويندو آهي. پر
جيڪڏهن ان جو ڳاڻاٽو چئن هزارن کان مٿي اهي ته ان
کي ”حجل“ ۽ وڏي لشڪر کي ”خميس“ چوندا آهن، جنهن جا
پنج حصا هوندا آهن: مقدم، قلب، ميمنه، ميسره ۽
رساق. ”ڪتيبه“ اهو لشڪر جيڪو ٽڙيل پکڙيل نه هجي ۽
هڪ جاءِ تي مجتمع هجي.
اهي غزوات جن ۾ حضور ﷺ جن بنفس نفيس پاڻ شرڪت ڪئي
آهي، انهن جو تعداد 27 آهي، جيئن ”مواهب“ ۾ آهي.
صاحب ”روضة الحباب “ جي قول موجب 21 غزوا آهن ۽ هڪ
ٻئي قول مطابق 24 غزوات آهن. صحيح بخاري ۾ حضرت
زيد بن ارقم رضه کان مروي آهي ته ڪل غزوا 19 آهن.
انهن مان 9 غزوا اهڙا آهن جن ۾ جاني ۽ مالي نقصان
ٿيو آهي، اهي آهن:-(1) بدر (2) احد (3) احزاب (4)
بنو قريظه (5) بنو المصطلق (6) خيبر (7) فتح
مڪہ(8) حنين(9) طائف. سرايہ جو تعداد 47 آهي ۽ بعض
جي راءِ آهي ته 56 آهن(1)
.
هتي انهن چند غزوات جو ذڪر ڪرڻ مقصود آهي، جيڪي
معتبر ۽ مشهور معروف آهن ۽ جن جي روايت ۾ ڪنهن به
قسم جو شڪ يا شبهه نه آهي.
(1)غزوه ابواءِ يا جنگ ودان:-
هي مقام مديني منوره کان جنوب مغرب ۾ هڪ مشهور ضلع
آهي. ابواءِ ۽ ودان هن ضلع جي اهم جاين مان آهن.
حره کان مدينه المنوره ۽ شام ڏي رستو وڃي ٿو. ان
شاهراهه تي ودان جو شهر موجود آهي. مڪه پاڪ ۽
مدينه جي وچ تي رابغ جو شهر آهي، ان کان اتر طرف
وڃبو ته پهريائين ابواءِ جو شهر ايندو هڪ مشهور ۽
مسنون روايت ۾ آهي ته حضور اقدس ﷺ جن جي والده
ماجده بيبي آمنه رضه ابواءِ ۾ وفات ڪئي
(2)
۽ صاحب ”مدارجته النبوت “ لکيو آهي ته ”ودان ۽
ابواءِ جي وچ ۾ 3 ميلن جو مفاصلو آهي.“ ”ضمره“،
جيڪي قريشن جا حليف هئا، انهن کي مطيع ڪرڻ ۽
فرمانبرداري واسطي هيءَ چڙهائي ڪئي وئي ۽ حضور پاڪ
ﷺ جن سان گڏ ٻه سئو اصحابي سڳورا هئا. ودان ۽
ابواءِ تائين لشڪر اڃان مس پهتو ۽ دشمنن سان منهن
مقابل جنگ نه ٿي، ضمره مسلمانن جي رعب ۽ تاب کي
ڏسي، پنهنجي سردار مخشي بن عمرو جي هٿان، حضور
اقدس ﷺ جي خدمت ۾ ُصلح جي درخواست پيش ڪئي رسول
الله ﷺ جن مدينه المنوره واپس موٽي آيا ۽ ڪنهن به
قسم جو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو. هن غزوه ۾ جهنڊو
حضرت امير حمزه ابن عبدالمطلب رضه جي هٿ ۾ هئو. هي
غزوه سنه هجري پهرين سال جي آخر ۾ يا سال ٻئي جي
منڍ ۾ ٿي گذريو آهي.
(2) غزوه بدر:-
غزوه بدر جو واقعو هجرت کان ٻئي سال پيش آيو، ان
کي غزوه بدر ڪبريٰ يا غزوه بدر عظميٰ به چوندا
آهن. بدر هڪ بستيءَ جو نالو آهي، جيڪا بدر بن مخلف
بن نظر بن ڪنانه جي نالي سان منسوب ۽ مشهور آهي،
جنهن هت داٻاهو ڪيو هو. يا هيءَ بستي بدر بن حارث
جي نالي سان منسوب آهي، جنهن هت کوه کوٽرايو هو.
بعض وري هڪ عمر رسيده پيرسن ڏي منسوب ڪيو آهي،
جنهن جو نالو بدر هو ۽ جيڪو ان جاءِ تي ڪجهه وقت
ترسيو هو. ڪن وري هن طرح بيان ڪيو آهي ته ان مقام
جو پاڻي اهڙو ته صاف ۽ شفاف هو جو ان ۾ بدر ڪامل
نظر ايندو هو. انهن سببن ڪري بدر کي بدر سڏيو ويو
آهي.(1)
حضور انور ﷺ جن کي ٻڌايو ويو ته ابوسفيان بن حرب
قريش جي هڪ تجارتي قافلي سان گڏ، شام کان مڪي اچي
رهيو آهي ۽ ان سان 30 يا 40 ماڻهن جو وفد به ساڻ
آهي. پاڻ سڳورن ﷺ قريش جي قافلي کي روڪڻ ۽ مالِ
غنيمت جي حاصل ڪرڻ لاءِ اها تدبير اختيار
ڪئي.هوڏانهن ابوسفيان به حجاز ۾ پهچڻ کان پوءِ هر
ايندڙ ويندڙ کان مديني جي مسلمانن متعلق حال معلوم
ڪندو رهيو، ڇو ته ابوسفيان کي مسلمانن جي حملي ڪرڻ
جو انديشو هو. ابوسفيان کي اها خبر معلوم ٿي ته
مسلمان ضروري حملو ڪندا ته پاڻ به احتياطي تدبيرون
اختيار ڪيائين ۽ مڪي ڏي مدد لاءِ ماڻهو موڪليائين.
ابوسفيان جي ماڻهو پهچڻ کان اڳ عاتڪه بنت
عبدالمطلب ”هڪ خواب ڏٺو هو ته جنگ لڳندي جنهن ۾
مڪي جا ماڻهو مرندا ۽ شهر ۾ ماتم برپا ٿيندو.
”عاتڪه“ جو اهو خواب، حضرت عباس بن عبدالمطلب کي
ٻڌايو ويو ۽ خواب کي مخفي رکيو ويو، ليڪن اهو خواب
آهسته آهسته مڪي جي هر ڪچهري ۾ ذڪر ٿيڻ لڳو، هڪ
اهڙي مجلس ۾ ابوجهل به ويٺو هو ته اتان حضرت عباس
بن عبدالمطلب! لنگهيو ته ابوجهل حضرت عباس رضه کي
چيو ته اي بني عبدالمطلب اوهان ۾ هيءَ نئي
نبيه(عاتڪه) ڪڏهن پيدا ٿي آهي، ڇا اوهان ۾ اهو نبي
ڪافي نه آهي. اوهان ۾ مردن ته نبوت جي دعويٰ ڪئي
آهي، پر هاڻي اوهان جون عورتون به نبوت جي دعويٰ
ڪن ٿيون. هاڻي ”عاتڪه“ دعويٰ ڪئي آهي ته ٽن ڏينهن
۾ جنگ لاءِ نڪربو، اسان ٽن ڏينهن لاءِ انتظار
ڪريون ٿا، جيڪڏهن انهن ٽن ڏينهن اندر ڪجهه به نه
ٿيو ته اوهان جي متعلق لکنداسون ته اوهان ماڻهو
حرم جي رهندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪذاب خاندان آهيو.
”واقعي ٽئين ڏينهن ابوسفيان جو ماڻهو مڪي ۾ مدد
طلبي لاءِ آيو.مڪي شهر ۾ هڪ عجيب ۽ غريب فضا گهلي
وئي ۽ سڀ ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿي روانا ٿيا ۽
جيڪي ماڻهو نه پهتا، انهن پنهنجا عيوضي
موڪليا.(ابن هشام، اردو، جلد اول)
حضور اڪرمﷺ جي عهد رسالت ۾ غزوه بدر، سڀني غزون ۾
هڪ وڏو غزوه هو. هن کي عظيم اسلامي لڙائيءَ سان
تعبير ڪيو ويو آهي ۽ هن ڏينهن کي ”يوم الفرقان “
به سڏيو ويو آهي، ڇو ته ان ڏينهن دينِ اسلام جي
عزت ۽ شان شوڪت جو اظهار ٿيو، حق ۽ باطل جي وچ ۾
امتياز رونما ٿيو، جيئن پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو آهي ته
”هن ڏينهن مسلمان ۽ ڪافر جمع ٿيا. هن ڏينهن حق
تعاليٰ اسلام ۽ مسلمانن کي غالب ڪيو ۽ ڪفر جي
بنيادن کي منهدم ۽ نابود نيست ڪيو. ڪافرن کي ذليل
۽ خوار ڪيو.“
هي واقعو رسول الله ﷺ جن جي هجرت جي 19 مهيني 12
تاريخ رمضان مبارڪ جي پيش آيو ۽ 17 تاريخ رمضان
مبارڪ جي ميدان بدر ۾ جمعه جي ڏينهن منهن مقابل
شروع ٿي. هن غزوه ۾ مسلمانن جو ڪل تعداد 313 هو.
77 مهاجرين ۽ 236 انصار هئا ۽ اٺ ماڻهو اهڙا هئا
جي بدر ۾ ڪن سببن ڪري شرڪت کان عاجز ۽ قاصر رهيا.
پر پاڻ سڳورن ﷺ انهن جو مال غنيمت ۾ حصو مقرر
فرمايو.
غزوه بدر ۾ مشرڪن جي شهه سوارن جو تعداد هڪ هزار
يا 950 هو. هڪ ٻئي قول موجب ڪافرن جو فوجي تعداد
900 کان وڌيڪ ۽ هڪ هزار کان گهٽ هو. انهن سان هڪ
سؤ گهوڙا، 700 يا ڪجهه وڌيڪ اٺ هئا. مڪمل سامان
سان زره پوش ٿي آيا هئا ۽ ڪافرن سان گڏ ڳائڻ
واريون عورتون به موجود هيون.(1)
۽ مجاهدين اسلام جو اسلحه ڪافرن جي مقابلي ۾
معمولي ۽ اڻ پورو هو، هن غزوه ۾ مسلمانن وٽ 3
گهوڙا، 70 اٺ، ڇهه زرهون ۽ اٺ شمشيرون هيون. هڪ اٺ
تي ڪيترائي مسلمان واري وٽيءَ تي سواري ڪندا هئا.(2)
غزوه بدر ۾ ڪافرن جا مقتول 70
هئا ۽ اوترائي قيد ٿيا. اسلام جا شيدائي مجاهد 14
شهيد ٿيا، انهن مان 6 مهاجر ۽ اٺ انصار هئا.(3)
سيدنا علي رضه ۽ سيدنا امير حمزه رضه ڪافرن جي چڱن
مڙسن ۽ لٺ سردارن جون سريون ڌڙن کان ڌار ڪيون.
وڌيڪ تفصيل سيرت ابن هشام ۾ آهي.(4)
حق تعاليٰ سبحانہ، پنهنجي پياري حبيب، سرور ڪائنات
کي ۽ مجاهدين اسلام کي دشمنانِ دين جي مٿان غلبي ۽
عزت جو شرف ڏنو ۽ ڪافرن جي آب و تاب ۽ سرشاري کي
هميشه لاءِ مرغوب ۽ نابود نيست ڪري، اسلامي فاتحن
۽ غازين جو نالو روشن ڪري، اسلام جو پايو مضبوط
ڪيو ۽ دنيا جي عزت ۽ شان شوڪت کي درجئه عظميٰ عطا
فرمايو.
(3)غزوه سويق:-
جڏهن ابوسفيان غزوه بدر ۾ مسلمانن طرفان هار ۽
شڪست کاڌي، تڏهن ذلت ۽ خواري کان رفع ۽ دفع ڪرڻ
خاطر هي نذر ڪيو ته آئون مديني تي ضرور حملو ڪندس
۽ اسلام جي غازين کان پنهنجو پلاند پوري طرح
وٺندس. اهو دل ۾ پهه پچائي ٻه سئو سوارن سان گڏ
مديني روانو ٿيو. جڏهن مديني جي يهودين بنو نضير
قبيله وارن وٽ پهتو ته پهچڻ شرط حيي ابن اخطب،
ابوسفيان کان لڪي ويو. سلام بن مشڪم، ابوسفيان کي
مهمان ڪري ترسايو ۽ مسلمانن جي جاه و جلال ۽ رعب ۽
تاب کان پوري طرح آگاهه ڪيو ۽ ابوسفيان مسلمانن
سان جنگ ڪرڻ جي طاقت نه سمجهي ۽ واپسيءَ ۾ مديني
جي نخلستان کي باهه ڏني ۽ ٻن ڪڙمين کي قتل ڪيو.
جڏهن هن دردناڪ واقعي جي خبر حضور انور ﷺ جن کي
پهتي، تڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ابولبابه بن منذر کي
مدينه منوره جو عامل مقرر ڪري، ابوسفيان جي پوءِ
واري ڪئي، مگر ابوسفيان پنهنجو لشڪر کدر جي چشمن
کان وٺي ڀڄي ويو. جڏهن مجاهد آقاءِ نامدار جي
پيرويءَ هيٺ کدر رسيا ته مشرڪن بار گهٽائڻ خاطر
ستُن جون گوٿريون رستي ۾ اُڇلايون(يعني سويق) ان
ڪري هن غزوه جو نالو غزوه سويق رکيو ويو. هيءُ
واقعو غزوه بدر کان ٻن مهينن بعد پيش آيو.(5)
(4) غزوه قينقاع:-
هي واقعو سن 3 هجري ۾ رسولِ خدا ﷺ کي بحران جي
غزوه کان بعد پيش آيو. حقيقت هن ريت آهي ته حضور
جن قينقاع جي يهودين کي سوق قينقاع ۾ جمع ڪري
پيغام الاهي ٻڌايو. ”اي يهود، الله تعاليٰ کان ڊڄو
۽ اسلام اختيار ڪريو، متان ڪٿي قريش جهڙي قوم جو
نشانو نه بنجي وڃو.“ يهودين سرڪشيءَ مان توهين
آميز جواب ڏنو ته ”اسان بزدل نه آهيون، جيڪڏهن
توهان اسان سان جنگ ڪئي ته اوهان کي خبر پوندي ته
جنگ ڇا آهي.“ هي يهودين جو پهريون گروهه هو، جن
مسلمانن سان ڪيل جنگ بندي واري واعدي جي انحرافي
ڪئي. پاڻ کي سرڪش ۽ طاقتور سمجهي اسلامي مجاهدن
سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هڪ يهودي سوناري
بنا چون و چورا جي هڪ مسلمان عرب عورت جو برقعو
لهرايو. اتي بيٺل مسلمان جي غيرت جوش ۾ اچي وئي ۽
يهوديءَ کي سمجهائيندي وڃي معاملو تلوار تي رسيو.
مسلمان غصي مان تلوار سان يهوديءَ جو سر ڌڙ کان
ڌار ڪري ڇڏيو. هوڏانهن يهودين به بي صبري مان
مسلمان کي قتل ڪري وڌو. ان غيور مجاهد شهيد جي
رشتيدارن وري ٻين مسلمانن کان مدد طلب ڪئي ۽
مسلمانن ۾ غيرت جو غصو پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح
مسلمانن ۽ بني قينقاع جي يهودين ۾ تنازعو پيدا ٿي
ويو. يهودين کي مشهور منافق عبدالله ابن ابي سلول
انصاريءَ جي مدد ۽ پٺڀرائي هئي. ان ڪري حضور پاڪ ﷺ
مديني جي يهودين جي محاصري ڪرڻ جو حڪم صادر
فرمايو.(1)
ان محاصري جي وقت اسلامي جهنڊو حضرت امير حمزه جي
هٿ ۾ هو ۽ محاصرو يڪو مسلسل 15 ڏينهن جاري رهيو.
جڏهن يهودي محاصري کان تنگ ٿيا تڏهن آڻ مڃي ۽
قبولدار ٿيا ته اسانکي سر جيئدان ڏنو وڃي ته اسان
پنهنجا ٻار ٻچا وٺي مدينو خالي ڪري وينداسون.
يهودين کي ڇڏيو ويو ۽ يهودين جي بچاءَ خاطر منافق
عبدالله ابن ابي سلول، حضور اڪرمﷺ جن کي تمام
گهڻي منت وآهه و زاري ڪئي. پر ان کي بي بنياد قرار
ڏنو ويو، اهڙو معاهدو بني قينقاع وارن سان حضرت
عباده بن الصامت جو هو، مگر حضور پاڪ ﷺ جي حڪم سان
حضرت عباده بن الصامت رضه ان معاهدي تان دست بردار
ٿي ويو ۽ يهودي پنهنجي واعدي مطابق گهر خالي ڪري
وڃي شام ۾ رهيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هلاڪ ٿي ويا.(2)
(5) غزوه احد:-
هن غزوه جو روحاني راز هيءُ آهي ته جنگ بدر خدا جو
جمال هئي ته جنگ احد وري خدا جي جلال جي صورت هئي.
مسلمانن کي محض ڪاميابي ۽ مال غنيمت جو خوگر
بڻائڻو نه هو، پر انهن کي قربانيءَ ۽ ايثار لاءِ
به تيار ڪرڻ ۽ شهادت جي لذت کان به هم ڪنار ڪرڻو
هو- ابن خلدون غزوه احد متعلق لکيو آهي ته ”جنگ
بدر جي شڪست کان پوءِ مڪه جي ڪافرن پاڻ ۾ مشورو
ڪيو ۽ مڪي جي تاجرن کان مالي امداد گهري ته رسول
خدا سان جنگ جون مڪمل تياريون ڪري سگهجن. تاجرن
انهن جي همٿ افزائيءَ لاءِ هر طرح جي مالي امداد
جو تعاون ڪيو. دين جا مخالف پنهنجي پهلوانن ۽
احابيشن کي ساڻ ڪري نڪتا.(احابيش اهي آهن جن جبل
حبش وٽ باهمي امداد جو قسم کنيو هو.) مشرڪين مڪه
پاڻ سان گڏ عورتون به کنيون هيون ته لشڪري ننگ ۽
ناموس جي حفاظت لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا ۽ ڀڄڻ جي
همٿ ڪڏهن به ڪين ڪندا. ڪافر سمورا گڏجي ذوالحليفه
وٽ اچي لٿا. ذوالحليفه احد جبل جي قريب آهي. مڪي
جي مشرڪن جو تعداد ٽي هزار هو، جن ۾ 700 سئو زرهه
پوش هئا ۽ ٻه سئو سوار هئا. انهن سان 15 مغني
عورتون هيون جن سان دف ۽ غنا ء جا سرود ۽ سامان
هئا، جيڪي بدر جي مقتولن تي روئي دردمندانا مرثيا
پڙهي رهيون هيون.
رسول ﷺ پنهنجي جان نثار اصحابن سڳورن کي مشورو ڏنو
ته شهر ۾ قلع بند ٿي، مورچا تيار ڪن ۽ دشمنن جو
بهادريءَ سان مقابلو ڪيو وڃي. ليڪن مجاهدين اسلام
اصرار ڪيو ته شهر کان ٻاهر نڪري هميشه لاءِ مشرڪن
کي سبق سيکاريو وڃي. ليڪن عبدالله ابن ابي سلول
منافق مخالفت ڪئي ته شهر ۾ قلع بند ٿي جنگ ڪئي
وڃي، ڇو ته هو ڪافرن سان مليل هو ۽ پاڻ کي نروار ۽
ظاهر ڪرڻ نه پيو گهري. پر رسولِ خدا ﷺ پنهنجي
ساٿين، اصحاب سڳورن جي اصرار کي ترجيح ڏيندي پاڻ
ڪريم ﷺ جن هٿيار ٻڌي، دشمنن جي مقابلي لاءِ شهر
کان ٻاهر نڪتا. جن اصحابن ٻاهر نڪري مقابلي لاءِ
عرض ڪيو هو، انهن وري پنهنجي آقا کي نماڻو عرض ڪيو
ته اوهان چاهيو ته شهر ۾ ئي قلع بندي ۽ مورچا بندي
سان مقابلو ڪيو وڃي، پاڻ فرمايائون ته ”پيغمبر کي
اهو زيب نٿو سونهين ته هٿيار ٻڌي ۽ بغير قتال جي
لاهي ڇڏي “ پاڻ سڳورن ﷺ حضرت ابن ام مڪتوم کي
مدينه جو عامل مقرر فرمايائون، جيئن ته پوئتي رهيل
ڪمن ۽ ماڻهن جي سنڀال وغيره ڪري. پاڻ سڳورا ﷺ هڪ
هزار مجاهد سپاهين سان جڏهن مدينه ۽ احد جي وچ تي
پهتا تڏهن عبدالله ابن ابي سلول ٽيون حصو لشڪر وٺي
واپس هليو ويو، ڇو ته مسلمانن هن جي راءِ کي ترجيح
ڏيڻ جي بجاءِ مخافت ڪئي ته شهر ۾ رهي جنگ نه ڪبي.
پاڻ سڳورن ﷺ ميدان احد ۾ اسلامي فوج کي هن طرح
مرتب ڪيو. احد جبل جي هڪ ڪک ۾ پهاڙ کي پنهنجي طرف
کان رکيائون، ۽ حضرت عبدالله بن جبير کي 50 تير
اندازن جو سپهه سالار مقرر ڪري، مجاهدين جي حفاظت
لاءِ انهن جي پٺيان جبل جي چوٽيءَ ۾ وهاريو ۽ پاڻ
فرمايائون ته: ”فتح ٿئي يا هار توهان کي اها جاءِ
ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻي نه آهي.“ ڇو ته ان طرف کان
دشمن جي حملي ڪرڻ جو انديشو هو ته جيڪڏهن دشمن
حملو ڪري ته انهن کي تيرن سان جواب ڏين.
پاڻ سڳورن ﷺ ان ڏينهن اسلامي فوج جو علم حضرت مصعب
بن عمير کي عطا ڪيو. پاڻ سمرهه بن جندب فزاري ۽
رافع بن خديجه کي تير اندازن ۾ شامل ڪرڻ جو شرف
عطا ڪيو. ان وقت انهن جوانن جي عمر 15 سالن کان
گهٽ هئي ۽ ڪيترن اصحاب سڳورن کي ميدانِ احد کان
واپس ڪيو ويو، جن جي عمر 14 سالن کان گهٽ هئي. پاڻ
ڪريم ﷺ جن پنهنجي تلوار مبارڪ ابو دجانه بن سماڪ
بن خرشه کي ڏنائون، جيڪو بنو ساعده قبيلي جو هڪ
وڏو بهادر هو ۽ هميشه ميدان جنگ ۾ وڏي فخر سان
لهندو هو.
جنگ احد ۾ حضرت حمزه، طلحه، شيبه، ابودجانه ۽ نضر
بن انس رضه وڏي شجاعت ۽ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا.
هن گهمسان جي لڙائيءَ ۾ انصارن جي هڪ جماعت شهيد
ٿي وئي. آخرڪار مڪي جي مخالفن جا پيرا اکڙي ويا ۽
تير اندازن مشرڪن کي ڀڄندو ڏسي ۽ مال غنيمت جي
خيال کان هيٺ لهي آيا ۽ مشرڪن پلٽي حملو ڪيو. جنهن
جاءِ کان تير اندازن جي حفاظتي دستو بيٺل هو، ڪافر
مسلمانن جي پٺين پاسن کان ڦري آيا. جنگ جو رُخ
بدلجي ويو ۽ ڪافي مسلمان شهيد ٿي ويا ۽ رسول خدا
ﷺ جا دشمن به پاڻ سڳورن وٽ پهچي ويا. اسلامي
علمبردار حضرت مصعب بن عمير به آنحضرت ﷺ جي حفاظت
ڪندي شهيد ٿي ويو.
سرور ڪائنات ﷺ جو چهرو مبارڪ زخمي ٿي پيو ۽ پٿر
لڳڻ سبب”ثنايا سفليٰ“ ڏند مبارڪ به شهيد ٿي
پيا(يعني ٻئي اڳيان دند) ۽ مٿي مبارڪ ۾ خود جون
ڪڙيون گهڙي ويون. اهي زخم عتبہ بن ابي وقاص ۽ عمرو
بن قميسه ليثي ڪيا هئا. ان ڏينهن حضرت حنظله،
ابوسفيان تي حملو ڪيو، ليڪن شداد ابن اسود ليثي
وڌي ان کي شهيد ڪري وڌو. پاڻ سڳورا ﷺ پٿر لڳڻ سبب
کڏي ۾ آهلجي پيا ۽ حضرت علي رضه سندن هٿ مبارڪ کان
جهلي ورتو ۽ حضرت طلحه بغل مبارڪ کان هٿ ڏئي جهلي
ورتو ۽ ابو سعيد جي والد بن سنان خدري سندن زخمن
کي چوسيو خود جون ڪڙيون جيڪي جسم اطهر ۾ چپجي ويون
هيون، انهن کي حضرت عبيده بن جراح رضه پنهنجي ڏندن
سان ڇڪي ڪڍيو، جنهن ڪري حضرت ابوعبيده جا ڏند به
نڪري پيا.
مشرڪ ايتري ۾ رسول خدا ﷺ تائين پهچي ويا ۽ مدافعت
ڪندڙ مسلمان شهيد ٿي ويا ۽ انهن ۾ آخري جان نثار
اصحابي عماد بن يزيد بن ساڪن هو. ابو دجانه به
آنحضرت ﷺ جن تي جهڪي پيو ۽ تير سندس پٺي تي وسي
رهيا هئا، مگر هن دلير بهادر تر جيترو به پاسو نه
چوريو ۽ قتاد بن نعمان جي اک نڪري ڳل تي لڙڪي رهي
هئي. حضور ﷺ جن پنهنجي دست مبارڪ سان تارو اک ۾
وڌو ۽ ان اک ۾ اڳئين کان آڳر نور اچي ويو. نضر بن
انس صحابه جي هڪ جماعت کي ڏٺو ۽ اهي چئي رهيا هئا
ته رسول خدا ﷺ شهيد ٿي ويو. ۽ اهي دهشتگي ۽ جنگ جي
هولناڪي سبب اهي الفاظ چئي رهيا هئا. حضرت نضر بن
انس مسلمانن جي اها حالت ڏسي ۽ مخاطب ٿي چيو ته
”هاڻي دنيا ۾ رهي ڇا ڪندا، اُٿو ته پاڻ به ان مقصد
تان قربان ٿيون .“ پوءِ مسلمانن ۾ جوش آيو ۽
وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيا. ان ڏينهن حضرت نضر بن انس
رضه جي جسم تي 70 زخمن جا نشان هئا ۽ حضرت
عبدالرحمان بن عوف جي جسم تي 20 زخم هئا. حضرت
حمزه کي وحشي جيڪي جبير بن معدم بن عديءَ جي غلام
شهيد ڪيو، هن شرط تي جيڪڏهن امير حمزه کي شهيد
ڪندين ته توکي آزاد ڪيو ويندو.
علمبردار حضرت مصعب عمير رضه جي شهادت کان پوءِ
مسلمانن اِئين سمجهيو ته خود رسول خدا ﷺ شهيد ٿي
ويا آهن، ان ڪري مسلمان دل شڪسته ٿي پيا. حضرت ڪعب
بن مالڪ جيڪو بنو سلمه جو وڏو شاعر هو، ان رسول
اڪرم ﷺ کي ڏٺو ۽ مسلمانن کي خوشخبري ڏني ته رسول
الله ﷺ جن موجود آهن. مسلمانن جي دل جوئي ٿي ۽
رسول خدا ﷺ وٽ اچي جمع ٿيا. پاڻ جبل جي ڪوپ مان
چڙهڻ شروع ڪيائون، انهن ۾ حضرت ابوبڪر، حضرت علي،
حضرت زبير، ۽ حضرت حارث بن زيد انصاري رضه وغيره
شامل هئا. حضرت علي رضه پاڻي آندو ۽ چهرو مبارڪ
ڌوئي صاف ڪيو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ ويٺي نماز پڙهيائون.
جنگ احد ۾ 75 مجاهد اسلام شهيد ٿيا جن ۾ گهڻائي
انصارن جي هئي، آقائي نامدار شهداءِ احد متعلق
فرمايو ته هر هڪ شهيد کي پنهنجي پنهنجي خون آلوده
ڪپڙن ۾ پنهنجي جاءِ تي مدفون ڪيو وڃي. يوم احد ۾
22 مشرڪ قتل ڪيا ويا. ابوسفيان جبل تي چڙهي هيءُ
اعلان ڪيو ته ”جنگ و جدال جو اهو ئي دستور آهي ته
ڪڏهن هڪ طرف غالب اچي ته ڪڏهن ٻئي طرف. جنگ احد،
جنگ بدر جو جواب آهي، ”هبل“ جو شان بلند هجي، وري
ٻئي سال ملنداسين.“ رسول پاڪ ﷺ فرمايو ته،
ابوسفيان کي چئو ته ”اسان کي منظور آهي.“ پوءِ
اسلامي دشمن مشرڪ مڪي واپس ويا.(1)
ڪن مؤرخن غزوه احد ۾ مسلمانن جي شڪست سمجهي. در
حقيقت ۾ مشرڪن جي فتح به ڪا نه ٿي آهي، ڇو ته
ڪافرن ڪو به علائقو فتح نه ڪيو. نه وري مال غنيمت
هٿ ڪيو نه ڪو قيدي بنايائون.
غزوه احد ۾ مسلمان صحابيه عورتن به پنهنجي بهادري
۽ جذبه ايمانيءَ جو اظهار ڪيو، خصوصاً سيئه بنت
ڪعب زوجه حضرت زيد بن عاصم پنهنجي ٻن صاحبزادن
حضرت عمار ۽ عبدالله سان گڏجي قتال ڪيو ۽ هن
محترمه صحابيه به هڪ مشرڪ کي موت جو ذائقو چکايو.
هن جنگ ۾ حضرت امير حمزه کي اسدالله ۽ اسد رسول جو
لقب عطا ٿيو. هن جنگ ۾ 70 مجاهد شهيد ٿيا ۽ 22
مشرڪ قتل ٿيا، جن مان 2 ڪافر رسول خدا ﷺ قتل ڪيا ۽
3 مشرڪ شير خدا حضرت حمزه رضه قتل ڪيا ۽ 6 ڪافر
حضرت علي ڪرم الله وجهه قتل ڪيا.(2)
(6) غزوه خندق:-
جنگ خندق جو واقعو 4 هجري ۾ مسلمانن کي پيش آيو.
ان جي سامهون اچڻ جو هي سبب هو ته جڏهن بنو نضير
يهودي خيبر جي طرف جلاوطن ٿي ويا، ته انهن پنهنجي
چند اڳواڻن جي سرڪردگي هيٺ مسلمانن کي بدلو وٺڻ ٿي
گهريو، جن ۾ سلام بن الحقيق، ڪنانه بن ربيع بن
الحقيق، سلام بن مشڪم، حيئي بن اخطب شامل هئا. اهي
سڀئي، هود بن قيس ۽ عماره سان گڏجي مڪه جي مشرڪن
وٽ ويا.جيئن ته انهن سان ملي مسلمانن خلاف هڪ محاذ
تيار ڪن ۽ مڪي وارن کي هيءَ لالچ ڏني وئي ته جيڪو
به شخص آنحضرت ﷺ جن جي خلاف اٿندو ته ان کي مال
ذريعي مدد ڪنداسون. مڪي وارن انهيءَ طمع کي قبول
ڪري ۽ محاذ آرائي لاءِ تيار ٿي ويا ۽ غطفان قبيلي
جي سردار عيينه بن حصن فزاري ۽ اشجعه قبيلي وارن
کي به جنگ ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده ڪيو. اهي سڀئي
مشرڪ ۽ يهودي ابوسفيان جي سپهه سالاري هيٺ جنگ ڪرڻ
لاءِ نڪتا ۽ ابوسفيان سان قبيلي ڪنانه ۽ قبيلي
احابيش وارن جو ته اڳ ۾ ئي معاهدو ٿيل هو، انهن جي
مجموعي طاقت ڏهه هزار هئي ۽ جبل احد طرف لٿا.
جڏهن رسول خدا ﷺ کي ڪفارن جي سازش ۽ جنگ جي
تياريءَ جي خبر ملي ته پاڻ سڳورن ﷺ حضرت سلمان
فارسيءَ جي مشوره سان خندق کوٽڻ جو حڪم صادر
فرمايو، ۽ خندق کوٽڻ ۾ پاڻ نفس نفيس به شامل ۽
شريڪ هئا. خندق جي کوٽڻ وقت هڪ پٿر ظاهر ٿيو جنهن
جي ٽوڙڻ جي طاقت ڪنهن به مرد مجاهد کي نه ٿي ۽ پاڻ
ڪريم ﷺ جن ان پٿر کي بسم الله چئي ڌڪ هنيائون. پاڻ
فرمايائون ته ”الله اڪبر، مونکي شام جون ڪنجيون
عطا ٿيون ۽ بلاشبه شام جا سرخ محلات ڏٺم“: ٻئي ضرب
سان پاڻ فرمايائون ته ”الله پاڪ مونکي“ فارس، جون
ڪنجيون عطا ڪيون، خدا جو قسم هن وقت ”مداين، جا
سفيد ڪنگرا نظر اچن ٿا.“ ٽئين ڌڪ سان فرمايائون ته
”الله تعاليٰ مونکي يمن، جون ڪنجيون عطا ڪيون ۽
هتان صنعا، جي دروازن کي ڏسي رهيو آهيان“. پٿر
واريءَ وانگر دز ٿي ويو، خندق يا کاهيءَ جو مفاصلو
ڊگهائيءَ ۾ تقريباً 350 ميٽر هو.
آقائي نامدار پنهنجي جان نثار 3000 هزار سپاهين
سان جبل سلع وٽ با مسلح ٿي بيٺا. هڪ ٻي روايت ۾
آهي ته اسلامي لشڪر جو تعداد 900 سؤ هو ۽ پنهنجو
نائب يا جاءِ نشين حضرت ابن اُم مڪتوم کي مقرر
ڪيائون، ٻارن ۽ مستوارت کي قلع ۾ محفوظ ڪيو ويو.
خندق مسلمانن ۽ ڪافرن جي وچ تي هئي. بنو قريظ
قبيلي جي يهودين جو رسول خدا ﷺ سان معاهدي ٿيل کي
ٽوڙي ۽ مخالف لشڪر سان ملي، مديني تي حملي ڪرڻ
لاءِ تيار ٿي ويا. جڏهن بنو قريظ جي غداريءَ جي
پاڻ سڳورن کي خبر ملي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن سعد بن
عباده، سعد بن معاذ، خوات بن جبير ۽ حضرت عبدالله
جن کي يهودين جي غداري معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو.
اصحاب سڳورن انهن جي کلم کلا غداري واري راز کي
معلوم ڪيو ته اِهي اهل اسلام جا پڪا دشمن آهن تڏهن
اصحاب سڳورن عرض ڪيو ته اي رسول خدا ﷺ، عضل ۽
قارهه جي قبيلي وارا ،رجيع وارن سان بدعهدي ڪرڻ
گهرن ٿا. اهو ٻڌي بنو حارث ۽ بنو سلمه به مايوسي
جو اظهار ڪيو، پر الله تعاليٰ انهن کي ثابت قدم
رکيو، برابر مسلمان پورو هڪ مهينو محصور رهيا،
لڙائيءَ جي نوبت ڪا نه آئي.
سرور ڪائنات ﷺ، انصارن جي سردارن سعد بن معاذ ۽
سعد بن عباده سان هن ڳالهه جو مشورو ڪيو ته عيينه
بن حصن ۽ حارث بن عوف کي مديني جي پيداوار جو هڪ
ڀاڱي ٽيون حصو ڏئي صلح ڪجي، ڇو ته سمورا عرب اوهان
تي چڙهائي ڪري آيا آهن. اصحاب سڳورن وراڻيو ته
سائين جيڪڏهن امر الاهي آهي ته اسان کي انڪار جي
مجال نه آهي ۽ جيڪڏهن هي تجويز اوهان کي مرغوب ۽
پسند آهي ته اوهان جي خاطر اسان کي قبول آهي، يا
وري اسان جي فائدي لاءِ چاهيو ٿا“ پاڻ ڪريم ﷺ جن
فرمايو ته: ”اها ڳالهه اوهان جي فائدي لاءِ آهي“
حضرت سعد بن معاذ عرض ڪيو ته”سائين جڏهن اسين مشرڪ
۽ بت پرست هئاسون ته به اهي ماڻهو اسان کي هڪ کجور
بطور خراج وٺي نه سگهيا. هاڻي اسان مشرف بالاسلام
ٿيا آهيون ۽ الله تعاليٰ اوهان جي ذات بابرڪات سان
اسان کي عزت بخشي آهي. هاڻي ڪافرن کي پنهنجو مال
ڏيون، هرگز نه، بخدا انهن ڪافرن لاءِ تلوار کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به اسان وٽ نه آهي“. پاڻ سڳورن ﷺ
کي سعد بن معاذ جو تسلي بخش جواب وڻيو ۽ ان تي
قائم رهيا.
جڏهن محاصرو طويل ٿي ويو ته ڪافرن جا چند سوار
خندق جي ڪناري کان ظاهر ٿيا، جن ۾ عڪرم بن ابوجهل،
عمرو بن عبدود ۽ ضرار بن خطاب شامل هئا، جڏهن خندق
ڏٺي ته پڪاري چيائون ته ”هيءَ هڪ اهڙي چال آهي
جنهن کان عرب واقف نه آهن.“
ائين چئي خندق جي ننڍي هنڌ کان ٽپي آيا ۽ مسلمانن
کي مقابلي لاءِ للڪاري رهيا هئا. مگر دست به دست
حضرت علي رضه ۽ عمرو بن عبدود جو پاڻ ۾ مقابلو
ٿيو، جنهن ۾ حضرت علي رضه عمرو بن عبدود کي قتل
ڪيو ۽ باقي ڪافر ڀڄي ويا.
ان مقابلي ۾ حضرت سعد بن معاذ کي تير لڳو، رت بيهڻ
کان جواب ڏنو، حضرت سعد بن معاذ رضه باري تعاليٰ
جي درگاه ايزدي ۾ دعا گهري ته”اي باري تعاليٰ،
جيڪڏهن قريشن ڪافرن سان ڪا ٻي لڙائي ڪرڻي آهي ته
مونکي زنده رک، ڇو ته مونکي هن قوم سان جنگ ڪرڻ
ايترو محبوب نه آهي، جيترو مڪي جي مشرڪن سان، ڇو
ته هن قوم منهنجي پياري رسول ﷺ کي پنهنجي وطن کان
ٻاهر ڪڍيو. جيڪڏهن هي جنگ مڪي جي مشرڪن جي آخري
جنگ آهي ته مونکي شهادت سان سرفراز فرماءِ“. حضرت
سعد بن معاذ جي الله تعاليٰ اها دعا قبول ڪئي بچي
ويو.
جڏهن حضرت سعد بن معاذ جي حالت نازڪ ٿي وئي ته
عطفان قبيلي جو نعيم بن مسعود رضه رسول خدا ﷺ وٽ
آيو ۽ عرض ڪيائين ته آئون مسلمان ٿيو آهيان. ليڪن
منهنجي مسلمانيءَ جي خبر منهنجي قوم کي ڪانه آهي.
جيئن اوهان چاهيو، ائين ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پاڻ
سڳورن فرمايو ته ”تون اڪيلو شخص آهين، اسان کان
جدا ٿي وڃ ۽ دشمن کي ريب ۽ ڀولي ۾ وجهه اهو ريب
جنگي فن ۾ جائز آهي. حضرت نعيم بن مسعود، حضور ﷺ
جن کان موڪلائي بنو قريظ وارن وٽ آيو، حضرت نعيم
جي ايام جاهليت ۾ بنو قريظ وارن سان پڳ مٽ ياري
هئي ۽ بنو قريظ وٽ قريشن ۽ غطفان وارن جي خامين کي
بيان ڪيائين ته ”جيڪڏهن هنن کي فتح نٿي ٿئي ته هو
پنهنجي گهرن ۾ هليا ويندا ۽ اوهان کي اڪيلو ڇڏي
ويندا ۽ اوهان ۾ محمد ﷺ ۽ انجي جانثارن جي مقابلي
جي طاقت نه آهي، بهتر آهي ته اوهان انهن کان پڪو
واعدو وٺو ۽ انهن جا پٽ پاڻ وٽ گروي رکو ته اهي
اوهان سان پوري طرح سان تعاون ڪندا. حضرت نعيم
اتان اٿي ابوسفيان وٽ آيو ۽ انهيءَ کي چيائين ته
يهودين صلح لاءِ محمد ﷺ سان خط و ڪتابت ڪئي آهي ته
اوهان جا پٽ يرغمال طور مسلمانن وٽ گروي رکن، سو
اوهان کان پٽن جي ضرور گهر ڪندا. پوءِ حضرت نعيم،
غطفان وارن وٽ آيو ۽ انهن سان به اهڙي قسم جون
ڳالهيون ڪيائين جو ابو سفيان ۽ غطفان وارن يهودين
ڏي پيغام موڪليو ته اسان ايترو وقت ترسي نٿا سگهون
۽ اوهان جنگ لاءِ تيار رهو، يهودين، غطفان ۽
ابوسفيان کي چورايو ته اسان جنگ ۾ اوسيتائين حصو
نه وٺنداسين جيستائين اوهين پنهنجا پٽ بطور عهد جي
اسان وٽ گروي رکو، طرفين حضرت نعيم بن مسعود جي
ڳالهين کي سچو سمجهيو ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي غير معتبر
۽ غداريءَ جي سخنن سان ٿي پڪاريو، ايتري ۾ الله
تعاليٰ غطفان ۽ ابوسفيان تي هڪ طوفان آندو جنهن ۾
انهن جا خيما اجڙي ويا ۽ رڌ پچاءَ جو سامان اڏري
ويو ۽ جنگي سرود سامان به درهم برهم ٿي ويو ۽ جنگ
جو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.(1)
|