سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :11

سٽ، اُن ۽ ڪتان جو لباس

نبي ڪريم ﷺ ۽ صحابه ڪرام اڪثر سوٽي لباس زيب تن فرمائيندا هئا. پر ڪڏهن ڪڏهن اُن ۽ ڪتان جو لباس پڻ  ڍڪيندا هئا.

شيخ ابو اسحاق اصفهاني صحيح سند سان حضرت جابر بن ايوب کان روايت ڪري ٿو ته هن کيس ٻڌايو ته حضرت صلت بن راشد، حضرت محمد بن سيرين ڏانهن تشريف وٺي ويا. هن جي بدن تي صوف(ڪارو) جبو، صوف جي گوڏ ۽ صوف جو پٽڪو هو. امام محمد بن سيرين کي سخت ڪوفت محسوس ٿي.

فرمايائون: منهنجو خيال اهو آهي ته ڪي ماڻهو اُن پائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته عيسيٰ ابن مريم عليہ السلام به ته اهو لباس پاتو هو. حالانڪ مون سان انهيءَ شخص روايت ڪئي، جنهن تي مان ڪوڙ جو الزام نٿو رکان. پاڻ سڳورن ﷺ ڪتان، صوف ۽ ڪپهه هر طرح جو لباس پهريو ۽ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي سنت اطاعت جي وڌيڪ قابل آهي. امام ابن سيرين جي مراد هيءَ هئي ته ڪي ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته ڪارو لباس مستقل طور پائڻ ۽ استعمال ڪرڻ ٻين ملبوسات کان افضل آهي. اهو ئي سبب آهي جو اُهي اهو ئي لباس پائيندا آهن ۽ ٻين لباسن کان پرهيز ڪندا آهن . ان طرح اهي فقط هڪ ئي لباس اختيار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙيون اهڙيون رسمون ۽ مخصوص وضع قطع اختراع ڪندا آهن، جو انهن جو ترڪ ڪرڻ کي گناهه سمجهندا آهن. حالانڪ، هڪ ئي لباس کي لازم ڪري ڇڏڻ ۽ انهيءَ کي ئي درست سمجهڻ گناه آهي. سڀ کان بهتر طريقو نبي ڪريم ﷺ جن جو  آهي جيڪو مسنون آهي. جنهن جو پاڻ سڳورن ﷺ حڪم فرمايو، اُن جي ترغيب ڏني ۽ پاڻ ان تي لڳاتار عمل ڪندا رهيا. پاڻ سڳورن ﷺ جي لباس جو طريقو(سنت) هي آهي ته ڪپهه جو هجي يا صوف يا ڪتان جو هجي، ڪهڙو به هجي ۽ جيڪو به ميسر اچي اهو ئي لباس پائجي، پاڻ سڳورن ﷺ يمني چادرون، سايون چادرون، جبو، قبا، قميص، پاجامان، گوڏ، چادر،(ڪاري)، جوراب، جتي، مطلب ته هر چيز استعمال فرمائي. تنهن کانسواءِ پاڻ سڳورن ﷺ عمامه جو پلو ڪڏهن پٺئين پاسي لٽڪايو ۽ ڪڏهن نه لٽڪايو ۽ ڳچيءَ جي هيٺيئن حصي تائين عمامه جا وڪڙ ڏيئي ڇڏيندا هئا، ۽ جڏهن نئون ڪپڙو پائيندا هئا، ته اڳ ۾ ان جو نالو وٺندا هئا ۽ پوءِ هيئن دعا ڪندا هئا:

اللهم انت ڪسوتني هذا(القميص او الرداء او العمامہ)

اسئلڪ خيره  و خير ما صنع لہ وا عوذبڪ من شره وشرما صنع لہ.

يعني اي الله! تو مون کي هي(قميص، چادر يا عمامه) پارايو، مان توکان ان جي ڀلائي ۽ جنهن جي لاءِ ٺهي آهي، تنهن جي ڀلائي گهران ٿو ۽ ان جي شر کان ۽ جنهن جي لاءِ ٺهي آهي، تنهن جي شر کان تنهنجي پناهه چاهيان ٿو.

جڏهن پاڻ سڳورا ﷺ قميص پائيندا هئا، ته ساڄي طرف کان شروع فرمائيندا هئا. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪريم جن ڪارن وارن جو ڪمبل پڻ پاتو. صحيح مسلم ۾ ام المومنين حضرت عائشه کان روايت آهي ته نبي ﷺ ٻاهر تشريف کڻي ويا  ۽ سندن بدن مبارڪ تي ڪارن وارن جو ڪمبل هو.

صحيحين (مسلم ۽ بخاري) ۾ حضرت قتاده کان روايت آهي ته مون حضرت انس کي عرض ڪيو ته نبي ﷺ کي ڪهڙو لباس سڀني کان وڌيڪ پسند هو.

هن چيو:”جره“- جره يمني چادرن مان هڪ قسم جي چادر آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ چادر جو گهڻو سٽ يمن جو هوندو هو ۽ اهو علائقو ويجهو به هو. ڪن وقتن تي پاڻ سڳورا مصري يمن جو ٺهيل لباس پڻ پائيندا هئا، جيئن قبطي چادر، جيڪا ڪتان مان ٺاهي ويندي هئي،جو قبطي لوڪ ان مان سٽ ڪتيندا هئا.

سنن نسائي ۾ حضرت عائشه صديقه کان روايت آيل آهي ته هنن نبي ڪريم ﷺ جن لاءِ صوف جي چادر اُڻائي ته پاڻ سڳورن ﷺ اها ويڙهي ڇڏي. جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ کي پگهر آيو ته صوف جي  بوءِ محسوس ڪيائون. چنانچه پاڻ سڳورن ﷺ چادر لاهي ڇڏي، ڇو ته پاڻ سڳورا ﷺ خوشبوءِ کي پسند ڪندا هئا. سنن ابو دائود ۾ حضرت عبدالله ابن عباس کان روايت آهي ته هن فرمايو ته مون نبي ڪريم ﷺ جي جسم مبارڪ تي بهترين لباس پڻ ڏٺا آهن. سندن نسائي ۾ حضرت ابو رمثه کان روايت آهي ته هن فرمايو ته مون نبي ڪريم ﷺ کي خطبي ۾ ارشاد فرمائيندي ڏٺو ته پاڻ سڳورن ﷺ جي بدن پاڪ تي ٻه چادرون هيون. سائي چادر ۾ سرخ جوڙي وانگر سايون ڌاريون هيون. جيڪو شخص”حلته الحمرا“ مان مراد سرخ جوڙو سمجهي ٿو، تنهن کي گهرجي ته هو هتي پڻ ڳوڙهو سائو رنگ چوي، حالانڪ محدثين مان ڪوئي به انهيءَ جو قائل ناهي.

پاڻ سڳورن ﷺ جو وهاڻو چمڙي جو هوندو هو، جنهن ۾ اندر کاٻر ڀريل هوندو هو. اهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهو ته اهڙا آهن، جو الله تعاليٰ جيڪي شيون حلال ڪيون آهن، تن کي حرام ڪرڻ ۽ انهن  جي استعمال کي روڪڻ کي زهد، پرهيزگاري ۽ تقويٰ  جي ضمانت قرار ڏيندا آهن، ۽ ڪجهه وري اهڙا آهن، جيڪي صرف سٺن لباسن ۽ بهترين کاڌن ۾ ئي پورا آهن، ۽ تڪبر ۽ رعونت جي سبب ٿلهو ڪپڙو ۽ سادو کاڌو استعمال نه ڪندا آهن. اهي  ٻيئي گروه رسول الله ﷺ جي سنت پاڪ جا مخالف آهن. اهو ئي سبب آهي، جو اڳين بزرگن جي عادت هئي ته اهي بهترين لباس ۽ طعام، يا بلڪل ئي ڪريل زندگي اختيار ڪري ڪنهن به مقرر ڪيل صورت ۾ شهرت حاصل ڪرڻ نه چاهيندا  هئا، ۽ سنن ۾ حضرت ابن عمر کان روايت آهي ته جنهن شهرت جي خاطر لباس پاتو تنهن کي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ذلت جو لباس پارائيندو . پوءِ اهو دوزخ ۾ انهيءَ جي شعلن ۾ سڙندو، ڇاڪاڻ ته هن تڪبر ۽ غرور ڪيو. لهاذا، الله تعاليٰ هن کي ذليل ڪندو، جهڙيءَ طرح انهيءَ شخص کي سزا ڏيندو، جيڪو غرور ۽ تڪبر خاطر گوڏ يا ٻئي ڪپڙي کي لٽڪائيندو هلندو آهي. هن کي زمين اندر دٻايو ويندو ۽ هو قيامت تائين زمين ۾ دٻجندو ئي رهندو. صحيحين ۾ حضرت ابن عمر کان روايت آهي ته هن فرمايو ته رسول الله ﷺ جو ارشاد مبارڪ آهي ته جيڪو ماڻهو تڪبر وچان سٿڻ کي گهليندو رهندو، تنهن تي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن نظر نه وجهندو. ان کان سواءِ، سنن ۾ انهن کان ئي روايت آهي ته نبيﷺ فرمايو آهي ته ”اسبال“ (تڪبر کان ڪپڙو ڊگهو ڪرڻ يا لٽڪائڻ)، گوڏ، قميص، پڳڙيءَ، مطلب ته سڀني ۾ هوندو آهي. جنهن به انهن مان ڪنهن کي تڪبر جي ڪري گهليو ته قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ان جي طرف نظر به نه کڻندو. سنن ۾ حضرت ابن عمر کان اها ئي ڳالهه مروي آهي ته نبيﷺ جن گوڏ جي متعلق جيڪي ڪجهه فرمايو سو ئي قميص جي متعلق پڻ فرمايو. اهڙيءَ طرح معمولي لباس ڪنهن وقت قابل مذمت ۽ ڪنهن وقت قابل تعريف هوندو آهي. جيڪڏهن شهرت لاءِ هوندو ته قابل مذمت پر جيڪڏهن مقصد عاجزي ۽ مسڪيني ظاهر ڪرڻ هوندو ته تعريف لائق آهي. جيئن ڏيکاءَ ۽ تڪبر لاءِ اڇو لباس پائڻ مذموم آهي، پر جيڪڏهن ان مان الله تعاليٰ جي نعمت جو اظهار ڪرڻ مقصود هجي ته تعريف لائق آهي.

صحيح مسلم ۾ حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي. هن فرمايو ته نبيﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته جنهن جي دل ۾ ٻاجهريءَ جي داڻي برابر به تڪبر هوندو، سو جنت ۾ نه ويندو ۽ جنهن جي دل ۾ ٻاجهريءَ جي داڻي جيترو ايمان هوندو، سو دوزخ ۾ نه ويندو. هڪ صحابي عرض ڪيو ته يا رسول الله! آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجا ڪپڙا سٺا هجن، ۽ منهنجو جوتو به سٺو هجي، ته ڇا، اهو به تڪبر ۾ شامل آهي؟ نبي ﷺ فرمايو ته نه، الله تعاليٰ پاڻ جميل آهي ۽ جمال کي ئي پسند فرمائي ٿو. تڪبر مان مراد آهي حق کان سرڪشي ۽ ماڻهن کي ذليل سمجهڻ.

آنحضرت صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي غذاءِ معمولات:

نبي ﷺ جن جي کاڌي پيتي ۾ به هڪ مستقل سنت آهي. موجود شيءِ کي رد نه ڪندا هئا ۽ جيڪا چيز موجود نه هوندي هئي، تنهن جو تڪلف نه ڪندا هئا. جيڪو حلال ۽ پاڪ کاڌو ميسر ايندو هو، سو کائيندا هئا. ها، جيڪڏهن عزت نفس مجروح ٿيندي هئي، ته حلال هوندي به ان کي هٿ نه لائيندا هئا. پاڻ سڳورن ڪڏهن ڪنهن کاڌي مان عيب نه ڪڍيو. دل چيو ته کائي ڇڏيائون، نه ته ڇڏي ڏنائون، جهڙيءَ طرح نبي ﷺ جن عادت نه هئڻ سبب ڳوه نه کاڌي، پر امت تي اها حرام نه فرمائي، بلڪ پاڻ سڳورن ﷺ جي دسترخوان تي ڳوه کاڌي ويئي، ۽ پاڻ ڏسندا رهيا. پاڻ ڪريم ﷺ جن حلوو ۽ ماکي کاڌي. اهي ٻيئي شيون کين پسند هيون. ان کانسواءِ پاڻ سڳورن ﷺ اٺن، رڍن، ڪڪڙين، سرخابن، جهنگلي گڏهن ۽ سهن جو گوشت تناول فرمايو. سامونڊي جانورن(مڇين) جو گوشت به کاڌائون، ٻڪرين جو گوشت به استعمال ڪيائون ۽ تازيون ۽ سڪل کارڪون به کاڌائون خالص کير، پاڻيءَ مليل کير، ستون ۽ ماکيءَ کي پاڻيءَ ۾ ملائي به پيتائون. ان کانسواءِ کارڪن جو مٺو پاڻي به پيتائون، پاڻ سڳورن ﷺ کير ۽ اٽي مان  ٺهندڙ خزيره پڻ کاڌو، تر کجور سان گڏ ونگا کاڌائون. پنير ۽ مانيءَ سان سڪل کارڪون کاڌائون. سرڪي سان به ماني کاڌائون. مانيءَ کي گوشت ۾ ڀڄائي تناول فرمايائون. چرٻيءَ(اِهاله) سان به ماني کاڌائون. رڌل ڪدو ته پاڻ سڳورن ﷺ کي ڏاڍو وڻندو هو. گيهه سان ملائي پنير، ماني، زيتون ۽ آلين کارڪن سان، گدري ۽ سڪل کارڪن سان مکڻ ملائي پڻ تناول فرمايائون.

پاڻ سڳورا ﷺ خوشبوءِ جو هديه ڪڏهن به رد نه فرمائيندا هئا، ۽ نه ان لاءِ مجبور ڪندا هئا. بلڪ پاڻ ڪريم ﷺ  جن جي عادت مبارڪ هيءَ هئي ته جيڪي به مليو، سو کائي ڇڏيائون. جيڪڏهن کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو ته صبر ڪيائون، ايتريقدر جو پاڻ سڳورن ﷺ بک جي شدت کان پيٽ تي پٿر ٻڌا. ٽي ٽي مهينا گذري ويندا هئا، ته پاڻ سڳورن جي گهر ۾(کاڌي پچائڻ لاءِ) باهه نه ٻرندي هئي. سفر جي حالت ۾ نبيﷺ گهڻو ڪري زمين تي ويهي ئي کاڌو کائيندا هئا، ۽ اها ئي(زمين) پاڻ سڳورن ﷺ جو دستر خوان هوندي هئي. پاڻ سڳورا ﷺ ٽن آڱرين سان کائيندا هئا، ۽ کائي بس ڪرڻ کانپوءِ انهن کي صاف ڪندا هئا. اهو کاڌي کائڻ جو سڀني کان بهترين طريقو اهي، ڇو ته متڪبر ماڻهو هڪ آڱر سان کائيندو آهي، ۽ لالچي ماڻهو پنجن ئي آڱرين سان کائيندو آهي، ۽ هٿ جي تريءَ سان گرهه کي وات اندر ڌڪيندو آهي.

پاڻ سڳورا ﷺ  ٽيڪ لڳائي نه کائيندا هئا، ۽ ٽن طريقن سان ٽيڪ لڳائيندا هئا، ڪڏهن هڪ  پاسي ٽيڪ لڳائي وهندا هئا، ڪڏهن پلٿي ماري، ۽ ڪڏهن هڪ هٿ سان سهارو لڳائي ٻئي هٿ سان کائيندا هئا.

پاڻ سڳورا ﷺ کاڌي جي شروعات ۾ بسم الله پڙهندا هئا ۽ آخر ۾ حمد چوندا هئا، يعني آخر ۾ پاڻ سڳورا ﷺ هيءَ دعا پڙهندا هئا:

الحمد لله الذي يطعم ولا يطعم من علينا فهدانا واطعمنا واسقانا وڪل بلاء حسن ابلا نا الحمد لله الذي اطعم من الطعام وسقي من الشراب وڪسي من العري وهدي من الضلالة و بصر من العمي و فضل عليٰ ڪثير من خلق تفضيلا الحمد لله رب العالمين.

يعني: سموريون ساراهون الله جي لاءِ آهن، جيڪو کارائي ٿو ۽ هن کي ڪوئي نه ٿو کارائي. اسان تي هن احسان ڪيو، جو اسان کي هدايت ڏنائين، اسان کي کارايائين، ۽ اسان  کي پياريائين ۽ چڱي آزمائش ۾  ئي وڌائين. سڀ ساراهون الله جي لاءِ آهن، جنهن اسان کي کارايو، ۽ پيئاريو، بدن ڍڪڻ لاءِ لباس ڏنو ۽ گمراهيءَ ۾ هدايت ڏني، انڌي اک کي بصارت ڏني ۽ پنهنجي گهڻي مخلوق تي شرف عطا فرمايو. سڀ ساراهون الله جون آهن، جيڪو ڪل جهانن جو پروردگار آهي.

ڪڏهن ڪڏهن وري هيئن پڙهندا هئا:

الحمد لله الذي اطعم وسقي مسو عنہ، يعني: ”سموريون تعريفون الله جي لاءِ آهن، جو هن کارايو ۽ پيئاريو ۽ ان کي خالص ڪري ڇڏيو“.

جڏهن پاڻ سڳورا ﷺ کاڌي کائڻ کان فارغ ٿيندا هئا، تڏهن پنهنجون آڱريون صاف ڪري ڇڏيندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ وٽ رومال ڪين هئا، جو انهن سان هٿ اگهي ڇڏين ها، ۽ نه ئي وري اها عادت مبارڪ هين جو جڏهن به کاڌو کائين ته ضرور ئي هٿ ڌوئن. پاڻي اڪثر وقتن تي ويهي پيئندا هئا، بلڪ بيهي پيئڻ تي تنبيہ فرمائي. هڪ ڀيري  بيهي پاڻي نوش فرمايائون، پر ائين مجبوريءَ سبب ڪيائون ۽ انهيءَ واقعي جي سياق ۽ سباق مان ظاهر آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ زمزم جي چشمي تي تشريف فرما ٿيا، جتي ماڻهو پاڻي پي رهيا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ ڏول ورتو ۽ بيٺي بيٺي نوش فرمايو، انهيءَ سلسلي ۾ صحيح صورت ۾ مسئلو هيئن آهي ته بيهي پاڻي پيئڻ ناجائز آهي. هن موقعي تي پاڻ سڳورا مجبور هئا، ڇو ته ويهي  نه پي سگهيا. هن بحث سان سمورين حديثن ۾ مطابقت پيدا ٿي وڃي ٿي.

پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن به ڪجهه پيئاريندا هئا، تڏهن شروعات هميشہ ساڄي طرف کان ڪرڻ فرمائيندا هئا، چاهي ڏائي طرف ڪوئي ڇو نه بيٺو هجي ها.

(زاد المعاد ص 99-120 تان کنيل)

*

 

۽  بي حيائيءَ جون ڳالهيون، جيڪي ظاهر هجن يا لڪل انهن مان ڪنهن جي به طرف نه وڃو.(القرآن)

 

۽ پنهنجا هٿ نه ته ايترا سوڙها ڪريو جو(ڄڻ ته) اهي اوهان جي گردن سان ٻڌا پيا آهن ۽ نه انهن کي تمام گهڻو ويڪرو ڪريو جو اوهان ائين ويٺا هوندا جو ماڻهو اوهان کي ملامت به ڪندا ۽ اوهان سڃا به ٿي ويندا.(القرآن)

 

 

۽ رشته دارن ۽ غريبن ۽ مسافرن(هر هڪ) کي انهن جو حق پهچائيندا رهو ۽ پئسي کي اجايو نه اڏايو(القرآن).

 

--------

سيد مناظر احسن گيلاني

مترجم:عبدالرحمان جوڻيجو

النَبِي الخَاتِمَ ﷺ جِن جِي مَدنِي زِندگي

 

جن ڪوتاهه بينن”دل“ سان اقرار ڪيو هو، پر”دماغ“ تي، انهن کي اڃا تائين شڪ هو، هاڻي انهن ئي تنگ نظرن لاءِ ٻي زندگيءَ جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن ۾ ”دل“ کان وڌيڪ”دماغ“ جي ئي نمائش ٿيندي، ته جيئن اهو شوشو به ختم ٿي وڃي، جنهن جي اوٽ ۾ سمجهڻ کان پوءِ، نه سمجهڻ لاءِ، لڪندڙ لڪي رهيا آهن.

۽ ڏسو ته دماغي سمجهه  جي تجربن جي انهيءَ ڇڪتاڻ کي به ختم ڪيو ويندو، جنهن سان انهن خودبينن جي نشي کي ختم ڪيو ويندو، ختم ٿي ويندو، جن جا پير”سر بلندي و علو“ جي خمار هٿان سمجهڻ کان پوءِ به مڃڻ کان اڃا تائين لهرائي رهيا آهن، ته جيئن حجت پوري ٿئي.

ليهلڪ من هلڪ عن بينة ويحيي من حي عن بينة (القرآن)

(جيڪو مرڻ گهري، سو کليو کلايو سڀ ڪجهه ڏسي مري ۽ جيڪو جيئڻ گهري، سو به کليو کلايو سڀ ڪجهه ڏسي جيئي)

مدني زندگيءَ جي شروع ۾ هيءَ جيڪو ڏيکاريو ويو آهي ته (1) ”هوان علي الناس“ جا فريادي ”الناس“ ۽ ناس سان جيڪي ڪجهه آهن، سڀني تي انهن کي وزن بخشيو پيو وڃي يا طائف جي گهٽين ۾ جيڪي ڪجهه ڏٺو ويو هو- (2) سلع جبل جي پلئه ۾ ان  تي روڪيا پيا وڃن، بکين لاءِ ماني کنيو ڊوڙندا اچن ٿا، اُڃن لاءِ پاڻي کڻي اچن ٿا، ڳائين ٿا، وڄائين ٿا، گڏجي هڪٻئي کي للڪارين ٿا، هاڻي هاڻي، جنهن جون جمادي ٽڪريون هلم الي يا رسول الله سان گڏ پڪاري رهيون هيون، انهيءَ کي انساني زبانون اڳتي اڳتي وڌي وڌي بلڪل هن طرح:

يا رسول الله هلم(3)الي القوة والمنعة

(اي الله جا رسول ﷺ! زور ۽ حفاظت طرف اچو)

عرض ڪندي، جان حاضر ڪن ٿا، مال حاضر ڪن ٿا، ته اهو مديني جو نه، پر قرن الثعلب جي ور تي طائف کان نڪرندي، جنهن عمل جو رد عمل”مليو سو اعليٰ“ کان شروع ٿيو هو، هيءُ انهيءَ تسخيري قوت جو ظهور آهي جيڪو”مڪه“ ۾ به ظاهر ٿيو ۽ ”ثور“ ۾ به ظاهر ٿيو.

”ثور“ کان نڪرڻ بعد پڻ ظاهر ٿيو،”قبا“(4)۾ به ظاهر ٿيو جتي خالق جو جيڪو دروازو مخلوقات لاءِ بند هو، صدين کان پوءِ پهريون ڀيرو قبا جي مسجد ٺهرائي کوليو ويو، ته جيئن ڪنهن کي زمين تي ڪٿي قبضو ڏنو وڃي ته هو پهريائين اهو ڪم ڪرائي- ۽ هاڻي مديني ۾ به انهيءَ رد عمل جو ظهور ٿي رهيو آهي، اڳتي ٿيندو رهندو، انهيءَ جو ظهور”ڪوفي“ ۾ به ٿيندو، ”دمشق“ ۾ به ٿيندو”بغداد“ ۾ به ٿيندو ”غرناطه“ ۽ ”قرطبه“ ۾ به ٿيندو، ”قاهره“ ۾ به ٿيندو،”غزني“ ۾ به ٿيندو، ”دهلي“ ۾ به ٿيندو، ۽ ڇا ٻڌايان، ته ڪٿي ڪٿي ٿيندو ۽ ڪيستائين ٿيندو، بلڪ سچ ته اهو آهي ته ابد تائين هاڻي ته صرف ان جو ظهور آهي، ان جي نموداري آهي.

انهيءَ ڪري”مدني زندگي“ جا اصلي عناصر، اهي واقعا ناهن پر اهي ته ”مڪه“ جا ئي آثار آهن، جن کي هاڻي اوهين”مديني“ ۾ ڏسي رهيا آهيو- مديني جي زندگيءَ ۾ به اوهان کي اهي ڳالهيون جاچڻ گهرجن، جن ۾ ”دل“ کان وڌيڪ ”دماغ“ جو،”اخلاق“ کان وڌيڪ”عقل“ جو تجربو هجي.

”مڪه“ ۾ جهڙيءَ ريت ڏٺو ويو هو، ته انهيءَ ”دل“ کان بهتر ڪا ٻي دل ناهي. اهڙي طرح انهن ڳالهين جو مطالعو”مدينه“ ۾ ڪريو، جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ان”دماغ“ کان بهتر ڪو ”دماغ“ ناهي. ظاهر آهي ته مديني ۾ سڀ کان اڳ هيءُ ڪم ڪيو ويو ته مسجد نبوي ٺاهي ويئي ۽ ان سان گڏ صفه (1) جو مدرسو ٺاهيو ويو پر ڇا، فقط مسجد نبوي ٺاهي ويئي ۽ مدرسو ٺاهيو ويو. مسجد ۽  مدرسو ڪير نٿو ٺاهي ۽ ڪٿي نٿا ٺهن، باوجود پهچ ۽ قدرت جي، پڪي سر پٿر سان نه ٺهرائي ويئي، بلڪ کجور جي پنن ۽ ٽارين ۽ ڪچين سرن سان ٺاهي ويئي. بيشڪ! ان ۾ اهو نمونو ضرور آهي ته مسلمان جنهن آباديءَ ۾ پهچن، سڀ کان اڳ، پنهنجي گهر کان پهريائين، اتي خدا جي عبادت لاءِ مسجد جو بنياد وجهن، ڇاڪاڻ ته مسجد ئي اسلام جو قلعو آهي. اسلامي آبادي ٺاهڻ کان اڳ هر مسلمان کي گهرجي ته هو انهيءَ قلعي کي ان هنڌ هڻي، جتي هو آباد ٿئي ٿو.

تعميري تڪلفات سبب جيڪڏهن وقت نه هجي، ته انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين اهو نمونو رکيو ويو، ته جيئن هر شخص ان کي قائم ڪري سگهي. تعميري سامان جي لحاظ کان ٻي مسجد ڪهڙي گهٽ هوندي، جيڪا مسلمانن جي پهرين سڀ کان پهرين مسجد هئي ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هر مسجد، مدرسي سان هجي.”علم، دين آهي“، ”دين، علم آهي“، عملي طور تي انهيءَ طريقي سان ان جي تعليم ڏني ويئي.

آءٌ نٿو چوان، ته انهيءَ مسجد ۽ مدرسي جي ٺاهڻ ۾ اهي مصلحتون به پيش نظر نه هيون، يا آئينده مسلمانن کي انهيءَ طريقي تي نه هلڻ گهرجي. ڏٺو ويو، پر سوچيو نه ويو. آخر مسجد عرب ۾ ٺهي ٿي، عرب ۾ ڪعبو موجود هو، جيڪو رڳو عرب جي جاهليت واري دور ۾ ئي نه، پر اسلام ۾ به عزيز هو، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مسجد جو قبله، عرب کان ٻاهر، فلسطين جي سليماني هيڪل کي ڇو قرار ڏنو وڃي ٿو.

ماڻهن سمجهيو، ته فقط قبله مقرر ٿيو، پر اهو ڪنهن نه ڏٺو، ته”وطنيت“ جو جيڪو بت، جنهن جي عرب ۾ صدين کان پوڄا ڪئي پئي ويئي، ۽ اهڙي زور شور سان پوڄيو پئي ويو، جو ان جو پوڄاري، پاڻ کانسواءِ، سڀني کي”عجم“ گونگو سمجهند هو. ڏسو، ته هڪ ئي ڳجهي ڌڪ ان بت کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. جڏهن  قرآن پاڪ ۾ آهي، ته شروع ۾ عربن تي هيءُ”غير ملڪي“ قبله، بار(2) بنيو ته اهو سوچڻو هو، ته ڇو بار بڻيو؟ پر هاڻي ته انهن بارن کي برداشت ڪرڻ جو عهد ڪيو هو، جهڪيا، پر ان سان گڏ اڳتي پڻ وڌي ويا ۽ جيڪو بار وڌو ويو، سو وڌو ويو، سترهن مهينن تائين انهيءَ وطنيت شڪنيءَ جي مشق، جڏهن انهن لاءِ عرب ۽ غير عرب کي هڪ ڪري ڇڏيو، ته ان کان به عجيب ۽ وڌيڪ عجيب تماشو پيش ٿئي ٿو.

بيت المقدس کي قبله بنائي، عرب جا رهواسي، عرب کان ڌار ڪيا ويا، پر هاڻي عرب نه، پر عرب ۽ غير عرب خدا جي ساري زمين تان عرب ۽ غير عرب جو قصو ئي هميشہ لاءِ ختم ڪيو وڃي ٿو. سترهن مهينن بعد قبله بدلجي ٿو، ۽ بجاءِ سليمان جي هيڪل جي سليمان ۽ دائود ۽ اسماعيل جي پيءُ ابراهيم جي ٺاهيل ڪعبي کي قبله بنائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو.

ومن حيث خرجت فول وجهک شطر المسجد الحرام وحيث ما ڪنتم فولوا وجو هکم شطره

۽ جتان توهين نڪتا، انهيءَ جڳهه کان توهان پنهنجا منهن مسجد الحرام ڏانهن موڙيو ۽ جتي به هجو(اي مسلمانو! توهان پنهنجا منهن انهيءَ پاسي موڙيو.)

انهيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ اهو ئي، ته جيڪي ڪعبه کان ٻاهر ڪيا ويا آهن، اهي به ڪعبه جي اندر آهن ۽ جيڪي ڪعبه کان ٻاهر هئا، سي پاڻ کي ڪعبه جي اندر سمجهن. پهرين غير عرب کي عرب جو قبله بنايو ويو ۽ جڏهن اهو ٿي چڪو، ته پوءِ عرب ۽ غير عرب سڀني کي هٽائي، نه عرب ٿي رهيو ۽ نه غير عرب، بلڪ خدا جي جيڪا هڪ دنيا هئي، سا هڪ ئي دنيا جي شڪل ۾ واپس اچي ويئي. ڪعبه کي دنيا جي مسجد جي ڀت قرار ڏنو ويو ۽ وسيع زمين، انهيءَ ڀت جو اڱڻ بڻجي ويئي اهو ئي هر مسلمان سمجهي ٿو، ۽ آمريڪا کي به ان جي اڱڻ جو هڪ حصو قرار ڏئي ٿو، ايشيا به ان کي ڪعبي جي ڀتين جي هيٺان نظر اچي ٿي. يورپ ۾ به جڏهن هن کي نماز جي ضرورت پئي ٿي، ته ڪعبي جي اڱڻ ۾ بيهي، هو پنهنجي نماز ادا ڪري ٿو. ايوريسٽ (2) انهي جي اڱڻ جو هڪ ٿلهو آهي ۽ ”وڏو سمنڊ“ انهيءَ اڱڻ جو هڪ حوض، بحر قلزم انهيءَ اڱڻ جي هڪ نالي آهي. هڪ مسلمان پنهنجي زندگيءَ جي هر ڏينهن ۾ پنج وقت انهيءَ نظريه جي عملي صورت ۾ مشق ڪري ٿو. هن کي اهو ئي ٻڌايو ويو آهي. صحيح حديث ۾ آهي:

”جعلت لي الارض مسجدا“

(ساري زمين منهنجي لاءِ مسجد  بڻائي ويئي آهي).

”وطنيت“ جي هن صنم اڪبر کي ٽوڙڻ سان هاڻي”قوميت“ ۽ ”نسليت“ جو بت اڳيان اچي ٿو. ڪهڙي طرح نه ماڻهو سرسري طرح لنگهي وڃن ٿا، جڏهن ٻڌن يا چون ٿا، ته ”مدينه“ ۾ انصارن ۽ مهاجرن وچ ۾ ڀائيچارو ڪرايو ويو هو ۽ انهن ۾ ڀائيچاري وارو ٺاهه ڪرايو ويو هو، پر ان جو نتيجو ڇا نڪتو. مهاجرن قريش ۽ قريشي نسل جا شاهوڪار ڪعبي جا چاٻي بردار هئا ۽ انصار، اوس ۽ خزرج قبيلن جا هاري ۽ آبادگار هئا، حالانڪه ٻئي انسان هئا. پر جهڙي طرح آريائي نسل وارن سامي نسلن کي ۽ سامي نسلن ، توراني نسلن کي يا برهمڻن، شوڌرن کي، بي رنگن رنگينن کي، ڦڪن لوڻاٺيلن کي انسان جو نه، پر گهوڙن جو اولاد ۽ ڏاندن جو نسل سمجيهو ۽ انهيءَ قسم، بلڪه ان کان به بدتر سلوڪ انهن ماڻهن سان روا رکيو، جيڪي انهن جو نسل يا قوم مان نه هئا.

قريش کي پنهنجي حسب ۽ پنهنجي نسب تي ڏاڍو ناز هو. نسبي فخر هڪ ديوتا هو، جنهن جي هو صدين کان پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن کي اهڙيءَ طرح پوڄيو ويندو هو، جو اهي ماڻهو، غير قريشي عربن سان حج ڪرڻ ۾ به پنهنجي بي عزتي محسوس ڪندا هئا. جهڙيءَ طرح اڄ به گورا، ڪارن سان دعا گهرڻ ۾ به پنهنجي ذلت کان ڊڄن ٿا. قريشي، انهيءَ قبرستان ۾ به دفن ٿيڻ بدناموسي تصور ڪندا هئا جنهن ۾ ڪو ويچارو غير قريشي دفن ٿيل هوندو هو. جهڙيءَ طرح اڄ به شودرن جي عزت برهمڻن جي هٿن کان پري هوندي آهي، اهو ئي مواخات جو گذر هو، جنهن انهي بت کي به ڍير ڪري وڌو.

قريشي سردار انصاري هاريءَ جي آڏو جهڪيل هو. هو ان جا هٿ چمندو هو ۽ هو ان سان نوڙت سان پيش ايندو هو ۽ ان کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهندو هو، بلڪه اوهان ٻڌو هوندو، ته طلاق ڏيئي، هڪ زال تائين ڏيڻ تي اصرار ڪندو هو ۽ هو ٿورو مڃي، ناڪار ڪندو هو ۽ ائين مخلوقات، بلڪ پنهنجي هٿ ٺوڪي مخلوقات جي چنبي مان آزاد ٿي، مديني وارن پنهنجي وڃايل رب قيوم کي حاصل ڪري ورتو. انهيءَ کان پوءِ پڙهو ڏياريو ويو، ته هاڻي دنيا هڪ آهي، ان جو معبود هڪ آهي، ان جو رسول هڪ آهي، ان جو ڪتاب هڪ آهي ۽ ان جو ڪعبو هڪ آهي. ۽ ڏسو ته ڏينهن جي پنجن وقتن ۾ زوردار ۽ گرجدار  آواز سان اوچن منارن تائين پڪاريندڙ، اوڀر ۾، اولهه ۾، زمينن جي پڇڙين تائين اهو ئي پڪاري رهيا آهن، پڪاريندا رهندا، ڇا توتاڙن سان، نفيل سان، قرنا سان، گهڙيال سان، طبل سان يا نقارن سان اها ڳالهه ممڪن هئي، جنهن جي شروعات بانگ جي عجيب ۽ غريب ندائي طريقي سان انهيءَ کانپوءِ زمين تي اسلام جي سڀ کان پهرين مسجد ۾ ڪئي ويئي، متعدد وطنن جو بت ڀڄي پيو ۽ متعدد نسلن جو پاپ ڀور ڀور ٿي ويو.

جيڪي ٽوڙيا ويا سي ملي ويا، جيڪي الڳ الڳ ٿي ويا سي گڏ ٿي ويا. مطلب ته جيڪي هڪ هئا اهي هڪ ٿي ويا ۽ انهيءَ ايڪتا جو خلاصو اُهو آهي، جنهن  جو اعلان بانگ جي شڪل ۾ پنج وقت ڪيو وڃي ٿو. صرف فڪر ۽ خيال ۾ نه، پر حقيقت ۾، عملي طور تي مديني ۾ دنيا جو اهو نقشو قائم ٿي ويو.

انسانيت جي آزاديءَ جو اهو ئي عالمگير نقشو هو، جنهن کي دنيا تي نافذ ڪرڻ لاءِ ”ڪافة للناس(1)“ جو بشير و نذير، هاڻي ”ڪافة للناس“ طرف وڌي ٿو:

هن کي اختيار هو، ته”قرن الثعلب“ ڀرسان کيس جيڪي اخشبين(2 جبل) ڏنا ويا هئا، تن کي ئي کڻي اڳتي وڌي ها، پر اهو ته پوءِ دل جو امتحان ٿي پوي ها، حالانڪ هينئر ته صرف”دماغ“ جو تجربو ڪرائڻ ئي مقصود آهي. ڏيکاريو وڃي ٿو، ته جنهن جي دماغ جا هي ڪارناما آهن، ان کي مجنون سڏڻ وارا ڇا پاڻ مجنون ناهن. جنهن جي فهم جا هي ڪرشما آهن، ان جي عقل ۾ نقص ڪڍڻ وارا، ڇا اهڙا بدبخت پاڻ عقلي توازن کان محروم ناهن.رستو صاف هجي ها، ته هن وقت جيڪي ڪجهه ڏيکارڻو آهي، ڪامل طور تي ڏيکاريو نه وڃي ها: پر ڏسو! رستي ۾ ڪنڊن جا جيڪي گهاٽا جهنگ ساڄي ۽ کاٻي، مٿي ۽ هيٺ هر طرف کان گهيرو ڪيو بيٺا آهن، هو  ڄاڻي ٻجهي انهن مان ٿي لنگهي نڪري ٿو ۽ ڪهڙي نه شاندار طريقي- سان نڪري ٿو.

بيابان جي هڪ نخلستاني قصبي جي انهن هارين جي آباديءَ مان تحريڪ دنيا تي يلغار ڪري ٿي. جيڪي يهودي شاهوڪارن جي وياج مٿان وياج جي بوجهه هيٺان دٻيل آهن، انهن جي زمين ۾ پيدا ئي ڇا ٿو ٿئي، پر جيڪي ڪجهه پيدا ٿئي ٿو، پيدا ٿيڻ شرط يهودي قرض  ڏيندڙن جي گهر کڄي وڃي ٿو. گهڻا ڏينهن نه گذريا هئا ته هن ننڍڙي وسنديءَ جا ٻه ڪٽنب پنهنجي گهريلو جهڳڙي ۾ باقي بچيل جوانن ۽ سردارن کي به وڃائي چڪا آهن. ساڻن گڏ ڌن کان وطن کان وڇڙيل ڪجهه ٻيا ماڻهو به شريڪ آهن، جن جو تعداد سو کان وڌيڪ ناهي، تن جو اهو حال آهي. ٻئي طرف سڄو عرب هڪ ڪمان بنجي، ان تحريڪ کي ۽ تحريڪ وارن کي نشانو بڻايو ويٺو آهي. ۽ هميشہ لاءِ تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو سانباهو ڪيو بيٺو آهي. يهودي پنهنجي مهاجنيءَ جي ڪساد بازاريءَ کا گهٻرائي، انهن سڀني قلعن ۽ قلعي وارن کي مخالفت جي نقطه تي گڏ ڪري رهيا آهن، جن جو سلسلو مديني کان شروع ٿي، شام جي حدن تائين پکڙيل آهن. مشڪلاتون اتي ئي ختم نٿيون ٿين، پر مخالفت جي اها باهه سلسليوار وڌندي وڌندي، ان وقت جي سڀ کان وڏي مشرقي طاقت (ايران) ۽ سڀ کان وڏي مغربي طاقت(روم) ٻنهي کي مديني جي تباهيءَ تي آماده ڪري ڇڏي ٿي.

رومين جا گهوڙا مديني کان ٿورو پري غسانين(1) جي حدن ۾ هڻڪاري رهيا هئا ۽ ڪسريٰ (2) جا پٽيوالا وارنٽ کنيو، مديني پهچي ڌمڪائي رهيا آهن ته مديني جي هارين جي سردار کي گرفتار ڪري شاهي دربار ۾ حاضر ڪيو وڃي.

اهو سندن شهنشاهه جو فرمان هو، جيڪو يمن جو گورنر بازان جي معرفت مديني تائين پهتو. اهو ان وقت جو ذڪر آهي، جنهن وقت مديني ۾ ”دماغ“ جي تجربي لاءِ انساني نسل کي دعوت ڏني وڃي ٿي، پوءِ ڇا ٿو ٿئي.

قيدار(3) جي سموري حشمت، جيئن يسعياهه نبيءَ چيو هو:هڪ سال، ٺيڪ مزدورن جي هڪ سال اندر بوسي وانگر سڙي رک ٿي وڃي ٿي. علو و ڪبريائيءَ جي جنهن نشي، سندن قدمن کي ڄمڻ نٿي ڏنو، سو ڦاٽي هوا وانگر اڏامي ويو. جيڪو سڀ کان وڏو(4) هو، سڀ کان ننڍي جي هٿان قتل ٿيل. قريش جا ستر سورما ماريا ويا ۽ اهڙي طرح قيدار جي حشمت خاڪ ۾ ملي ويئي.

اهي ئي عرب، جيڪي هڪ ڪمان(5) مان تير بنجي، انهيءَ ڪنڊ جي پٿر تي ڪريا هئا. جيئن چيو ويو هو ته جيڪو ان تي ڪري ٿو، سو ڀور ڀور ٿي وڃي ٿو. ڀور ڀور ٿي، اُهي اهڙي طرح بدليا، جو جيڪي دشمن هئا سي دوست بڻجي ويا.

جن تي تلوار هلائي ويئي، سي نه پر جن تلوار هلائي، تن مسلمان ٿي، انهن ڪوڙن کي ڪوڙو ثابت ڪيو. جن بازارن ۾ مشهور ڪيو، ته جيڪي ڪجهه پکيڙيو ويو، سو تلوار جي زور تي پکيڙيو ويو مڪي ۾ جن کان کسيو ويو، سڀ ڪجهه کسيو ويو: پاڻي کسيو ويو، کاڌو کسيو ويو، گهر کسيو ويو، ور کسيو ويو، ۽ آخر ۾ جيئڻ جو حق کسڻ جو به چاهيو ويو ۽ ڪيترن کان حق کسيو به ويو دکندڙ باهه، چمڪندڙ تلوارن، تاڻيل ڪمانن هيٺان ڀڄي نڪتل، وري چمڪندر تلوارن ۽ ڇڪيل ڪمانن، تڪيل نيزن سان فتح جو جهنڊو ڦڙڪائيندا، مڪه ۾ داخل ٿين ٿا، پر ڪجهه وٺندي نه ڏيندي، آڪڙ سان نه پر نياز سان، بدلو وٺندي نه پر معاف ڪندي:

ادخلو الباب(6) سجدا و قولوا حطة الاخ

شهر جي دروازي ۾ ڪنڌ جهڪائي ۽ حطه (يعني گناهن ۽ ڏوهن کي وساري، معاف ڪندي، داخل ٿيڻ).

جي تعميل ڪندي، تفسير ڪندي، رحم ۽ ڪرم، صفح ۽ اعراض، مغفرت ۽ درگذر، امن ۽ امان جي گلن جي ورکا ڪندا.

اليوم يوم برو وفاء

 

اليوم انتم الطلقاء

اڄ رحم ۽ درگذر ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

اڄ توهين آزاد ڪيا ويا.

جا موتي صدقو ڪندي، زمين تي انسانن لاءِ جيڪو پهريون گهر، مخلوق جي نه، پر خالق جي، فقط خالق جي عبادت لاءِ بنايو ويو هو، انهيءَ ۾ لا الہ الا الله(1) الحمد للہ وحده، نصر عبده، و هزم الا حزاب وحده چوندي، سربسجود ٿي ويا. ابراهيم جو بيت الله پٿر جي کوٽيل موريتن جي گندگي کان پاڪ ٿي ويو، ۽ حيرت آهي ته ٽڙيل پکڙيل وحشي عرب، جنهن ۾ عربي هندو، بت پرستي، يهودي، عيسائي، صابي، عقل پرست به هئا، انهن مختلف قومن ۽ قبلين جي گڏيل وڳوڙ، جهيڙي ۽ جهٽي کي ختم ڪري هڪ پر امن آئيني نظام سلطنت سان وابسته ڪرڻ ۾ ڪوڙن جيتري قدر به چاهيو ڪوڙ پکيڙي ڇڏيو، پر واقعو صرف ايتري قدر ۽ ان قدر آهي ته ڏهه لک چورس ميلن جي ڊگهي ۽ پکڙيل سرزمين جي گاديءَ جو هنڌ، جنهن وقت هارين جو اهو ئي ڳوٺ بڻجي ويو، ته ڏهن سالن جي هن ڊگهي ۽ وڏي عرصي ۾ وثنين (عربي هندن)، يهودين، عيسائين، مسلمانن، سڀني مان امن ۽ امان جي هن جدوجهد ۾، ڌرين جا جيترا ماڻهو ڪم آيا، انهن جو تعداد ڪروڙ، لک، بلڪه ٻه چار هزار به نه هو. ايترو به نه هو، جيترو نيويارڪ جي رستن يا ”لنڊن“ جي شاهي رستن تي موٽرن جي هيٺان روزانو کنيو ويندو آهي يا هندستان جي معمولي چڪرين ۾ لاشن جي جيڪا فهرست تيار ٿئي ٿي، بلڪ جملي گڏي سڏي سڀني جو ڪل تعداد هڪ هزار ارڙهن آهي. اهو آهي خوني ٰ(2) پيغمبر جو وهايل رت يا ڪاساين جو اهو دڪان، جنهن جي گوڙ سان گردان جو گنبذ به ڪنبي ويو آهي. ڌاريا ته ڌاريا، پر پنهنجا به پريشان آهن.

افسوس! حقيقت نه ڄاڻيندڙ اکين سان بد انديشن کي فقط اتي خون نظر آيو جتان انسانيت جي مئل لاش ۾ زندگيءَ جو خون ڊوڙايو ويو. جتي موت آهي، مئلن کي، دل جي مئلن کي اتي زندگي نظر اچي رهي آهي ۽ جتي صرف زندگي ورڇي ورهائي وڃي ٿي. انصاف ڪندڙن ڪهڙو انصاف ڪيو. جڏهن موت جي واديءَ جي نالي سان انهن دنيا ۾ ان جو پرچار ڪيو. هڪ هزار ارڙهن جو تعداد ته ان وقت آهي، جڏهن انهن ۾ بنان سبب جي بني قريظه (1) جي انهن يهودين (2) کي به شامل ڪيو وڃي، جن کي خود سندن ڪتاب ۽ انهن جي شريعت سندن مرضيءَ سان پنهنجي ئي قانون مطابق ان وقت نابود ڪري ڇڏيو، جڏهن سمجهيو ويو ته هن ننڍڙي جماعت جي زندگيءَ سان سڄي عرب، بلڪه ممڪن آهي ته عرب جي پاسي جي  وڏي جماعت جو موت پيدا ٿيندو. آخر جڏهن ڪروڙين قتلن واري عالمگير جنگ جي باهه يهودي ڦوڪ جي ٻاريل مچي وڃي ٿي، ته پوءِ جيڪڏهن انهن ئي يهودين بابت اهو سمجهيو ويو ته ڪهڙو غلط سمجهيو ويو ۽ صرف اهو ئي نه، پر انهن هڪ هزار ارڙهن ۾ ويچارن انهن شهيدن معلمن کي به شمار ڪيو ويو آهي، جن کي نجد وارا پنهنجي ملڪ ۾ وعظ ۽ تلقين، تعليم ۽ ذڪر لاءِ وٺي ويا ۽ معونه نالي کوهه تي ستر ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو.

انهن ۾ اهي  ڏهه مبلغ به شامل آهن، جن کي بنا ڪنهن سبب جي بيدرديءَ سان رجيع (3) واري هنڌ تي ڪٺو ويو. اهي ته مسلمانن جي طرف کان شهيد ٿيا. اهڙيءَ طرح ٻي ڌر جي انهن مقتولن کي پڻ انهيءَ تعداد ۾ شريڪ ڪيو ويو آهي، جيڪي قصاص يا ڌاڙي يا چوريءَ جي ڏوهه ۾ ماريا ويا ۽ گرفتاريءَ جي سلسلي ۾ قتل ٿيا. ماڻهو سوچين نٿا، نه ته ڏهن سالن جي هن ڊگهي عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن محاذ آرائي يا مهم تي جنگ جو اطلاق ٿي سگهي ٿو ته اها”بدر“ جي جنگ آهي، جنهن ۾ ويهه مسلمان ۽ ستر قريش وارا ۽ اهڙي طرح”احد“ ۾ ستر مسلمان ۽ ٽيهه قريش جا ماڻهو ڪم آيا، بشرطيڪ هزار پندرهن سئو ماڻهن جي ميڙ ۽ انهن جي باهمي تڪرار جو نالو چڪريءَ بدران جنگ ۽ (بيٽل) رکيو وڃي.

بهرحال قريشين سان جيڪا ٿوري گهڻي ڇيڙ ڇاڙ ٿي، اها انهيءَ  تي ختم ٿي ويئي، نه ”خندق“ ۾ قتل جي بازار گرم ٿي ۽ نه مڪي ۾ خونريزي ٿي. ان کان پوءِ هڪ ٻه چڪريون يهودين سان ٿيون، جن مان خيبر سڀ کان اهم آهي. انهيءَ ۾ ارڙهن مسلمان شهيد ٿيا ۽ ٽيانوي يهودي ماريا ويا. عيسائين سان”موته“ ۾ زبردست جنگ ٿي، ليڪن انهيءَ ”خونريزيءَ“ ۾ به مسلمانن جي ڪل ٻارهن شهيدن جو احوال معلوم ٿيو. ان کان سواءِ ڪجهه ڌاڙيلن جو پيڇو آهي. چورن جو پيڇو ڪيو ويو.

باغين کي ڪچلڻ لاءِ ڪو دستو روانو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اڪثر موقعن ۾ جنگ جي نوبت ئي نه آئي. بهرحال، جيڪڏهن خاص لڙائي ۽ جهاد جي شهيدن مقتولن جو حساب ڪيو وڃي، ته انهن جو تعداد پنج ڇهه سئو کان مٿي انهن سمورن ڏهن سالن جي عرصي اندر سڄي عرب ملڪ ۾ انشاءَ الله ثابت نه ٿيندو، حالانڪ مقابلي ۾ عرب جا وحشي قبيلا، طاقتور جمهوريتون ۽ بعض سلطان پڻ هئا، جن کي طائف کان پوءِ سڀڪجهه ڏنو ويو هو. اهو ڇو ٿو سوچيو وڃي ته ان کي ڇاجي لاءِ مليو، ان سان ائين  ڇو ٿيو، جنهن جي زندگيءَ جو هر واقعو ان جي ڪلمي جي دعوت ۽ دعويٰ لاالہ الا الله جو دليل آهي. آخر انهن واقعن ۾ به انهيءَ کي ڇو ڳوليو وڃي.

مطلب ته اهي ڪل ڏهه سال آهن ۽ اُهي سموريون جنگيون ۽ خونريزيون، جن جو افسانو هزارن رنگين قلمن سان رنگين بڻائي، دنيا کي ٻڌايو وڃي ٿو.

هاڻي ڏسو، ته جتي انسان مسجود ملائڪه، انسان جي جان جي هڪ مڇر ۽ مک کان به وڌيڪ قيمت نه هوندي هئي، تنهن جي جان ته وڏي قيمتي شيءِ آهي، ان جي ڪپڙي جو ڌاڳو به رات جي اونداهيءَ ۾ ڪو ڪڍي نٿو سگهي،. هر هنڌ امن ۽ امان آهي. انساني زندگي جي جنهن آئين ۽ دستور جو نقشو دنيا تي نافذ ڪرڻ لاءِ مدينه جي جهنڊي تي چٽيو ويو هو، ان جي هيٺ هليا اچن ٿا، چئني طرفن کان آدم جو اولاد اچي رهيو آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ٽولن جي صورت ۾ اچي رهيو آهي. وڏي تعداد ۾ وفدن (1) جي اچ وڃ جاري آهي.

پوءِ ڇا مديني جي گاديءَ جو هنڌ قائم ٿيو، اتي منبر جي جاءِ تي تخت رکيو ويو. اها ئي مسجد آهي، اهي ئي جهوپڙيون آهن، اهو ئي چمڙي جو گاديلو آهي نه حاڪم آهن نه دربان آهن. امير به اچن ٿا ۽ غريب به اچن ٿا. ٻنهي سان هڪ معاملو آهي، عجيب درٻار! سلطان چون ٿا ته شاهي درٻار هئي، فوج هئي، علم هو، پوليس هئي، جلاد هئا، محتسب هئا، گورنر هئا ڪليڪٽر هئا، منصف هئا، ضبط هو قانون هو.

مولوي چون ٿا ته مدرسو هو، ڄڻ سبق هو، وعظ هو، افتاء هو، قضا هو، تصنيف هئي، تاليف هئي، محراب هو، منبر هو. صوفي چون ٿا ته خانقاهه ڄڻ دعا هئي، ڦيڻو هو، ڦڪي هئي، ورد هو، وظيفو هو، ذڪر هو، شغل هو، چلو هو، زاري هئي، وجد هو، بي خودي هئي، ڪشف هو، ڪرامت هئي، فقر هو، فاقو هو، زهد هو، قناعت هئي، پٿريون ڏنيون وينديون هيون، ته کاري پاڻيءَ جا کوهه مٺا ٿي ويندا. ٻارن جي مٿن تي هٿ ڦيريو وڃي ٿو، جنهن کي جيڪي چيو وڃي ٿو، سو پورو ٿئي ٿو.

 پر سچ  ته هيءُ آهي ته اهو سڀ ڪجهه هو انهيءَ ڪري جو، هو سڀني لاءِ آيو هو. آئنده جنهن کي به هلڻو هو، جتي به هلڻو هو، انهيءَ روشنيءَ ۾ هلڻو هو، اهو ته عرب لاءِ ٿيو، عرب ۾ ئي ڏسو، ته عرب کان ٻاهر جو ڪم شروع ٿي وڃي ٿو. انهن ڏهن سالن جي عرصي ۾ مشرق جي سڀ کان وڏي قوت”ايراني سلطنت“ ۽ مغرب جي سڀ کان وڏي طاقت (رومي سلطنت) سان گڏو گڏ انهن جي ڀرپاسي جي سلطانن کي به هوشيار ڪيو وڃي ٿو، ته وقت اچڻ کان اڳ ڀڄي وڃو. جيڪو جاڳيو تنهن کي مليو، جيڪو سمهي پيو تنهن وڃايو. ڪسريٰ خط ڦاڙيو، ته سندس ملڪ ڦاڙيو ويو ”قيصر“ به ڦاڙي ها ۽ خدا ڪري ها، ته اهو به ڦاڙي ڇڏي ها، ته اهو به ڦاٽي وڃي ها، ليڪن معاملي کي ملتوي ڪري، هن پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ملڪ جي موت کي ملتوي ڪرائي ڇڏيو- ۽ ايترو ملتوي ڪيو ويو، جو اها فوج اڄ تائين واپس نه وري آهي ۽ خدا کي خبر ته ڪڏهن واپس(12) ٿيندي، جنهن کي رومين (3) ڏانهن روانو ڪري، دماغ جي انهن عجيب ۽ غريب تجربن ڏيڻ وارو پاڪ وجود، وري”دل“ جي حالتن ۾ ٻڏي انهيءَ بستري تي ليٽي پيو، جنهن تي سمهڻ بعد واري اٿڻ جي ضرورت ئي نه رهندي آهي. اللهم صل عليہ وسلم ڏسڻ وارن ڏٺو هو، ته انهيءَ بستري تي سمهڻ جي جيڪا آخري رات هئي، ان کي روشن ڪرڻ واري بتيءَ ۾ تيل ڪنهن غريب پاڙيسريءَ کان قرض تي آيو هو ۽ جيڪا چادر ان وقت مريض تي پيل هئي، تنهن کي بعد ۾ جڏهن ڏٺو ويو ته اهو هڪ ڦاٽل ڪمبل هو، جنهن جي هيٺان مٿان چتيون لڳل هيون. ان جي زره ٽيهه صاع جو، تي هڪ يهودي امير وٽ گروي هئي.

ڄاڻڻ کان پوءِ نه مڃڻ لاءِ ڪوڙ جي ٻرن ۾ لڪي وڃڻ وارؤ! سمجهي رهيا آهيو، ڏسي رهيا آهيو، جيڪو هن بستري تي ليٽيو پيو آهي- انصاف جا قاتلو! ڇا، هيءُ ئي اهو مڪي جو فقير آهي، جنهن جي باري ۾ اوهان جي گندين زبانن گوڙ ڪيو هو، ته هو مديني جو بادشاهه بنجي ويو هو ۽ ڇا اڄ ئي سندس هيءُ حال آهي؟ ڏهن سالن جي انهيءَ عرصي ۾ ڪنهن هن جي گهر مان دونهون اٿندي ڏٺو؟ اهڙا بادشاهه ڪهڙي دنيا ۾ ٿي گذريا آهن، جن کي کائڻ لاءِ جون جي اڻ ڇڻيل اٽي جي ماني به ميسر نه ٿي؟فقيرن به ڪڏهن ٻن ٻن ٽن ٽن مهينن تائين صرف پاڻي ۽ سڪل کجين تي زندگي گذاري آهي؟ بکين به ڪڏهن بک جي سختيءَ ۾ پيٽ تي به ٻه پٿر ٻڌا آهن؟

بادشاهن جي نياڻين جي هٿ ۾ اٽي پيهڻ جون لڦون ۽ ڳچيءَ تي پاڻي ڀرڻ جا نشان ڏٺا ويا؟ اهڙي شهزادي زمين جي ڪهڙي حصي تي ڏٺي ويئي، جنهن کي، جنهن جي ٻارن کي ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن بک  جي سختيءَ ۾ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪرڻو پيو؟

ڇا، بادشاهن جو محلات انهيءَ کي چوندا آهن، جنهن جي کجيءَ جي ڇت کي ماڻهن جو مٿو لڳندو هجي.

”مدينه“ جي بادشاهه جو شاهي محل ته هن وقت به موجود آهي. سندس ڊيگهه ۽ ويڪر اڄ به ماپي سگهو ٿا. ان جي ٻاهران ته ڪجهه به هجي پر ان ۾ اندر اهو ڪجهه آهي، جيڪي اڳ (3) هو.

بهرحال، ڏهن سالن تائين”دماغ“ جو پڻ اهڙيءَ طرح کليل روشنيءَ ۾ تجربو ڪرايو ويو، جهڙيءَ طرح تيرهن سالن تائين”دل“ جا مشاهدا پيش ڪيا ويا.

توهين ڏسو، ته انهيءَ عرب ۾ هڪ پاسي انهن جو نشو لاٿو ويو، جنهن جي وڏائيءَ ۾ خدا جي ڪبريائيءَ جي گنجائش نه هئي ته ٻئي پاسي انهن ئي ۾ هڪ ٻيو نشو پيدا ٿي ويو، ته خدا جي وڏائيءَ کانسواءِ انهن جي اندر ڪنهن جي به وڏائي باقي نه رهي. اهو ئي اهو گروهه هو، جيڪو ”سينا“ جي روشنيءَ ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام کي خدا جي ملائڪن جي صورت ۾ نظر آيو. اها دعويٰ، جنهن جا دليل لڳاتار خود پنهنجي اندر مان هن دعويٰ جو مدعي اعلان کان اڳ چمڪائي رهيو هو. انهي دعويٰ جو نسخو انهن تي پڻ پيش ڪيو ويو، جن سمجهي ان کي مڃيو هو، هيءُ نسخو انهن کي پياريو ويو. ۽ ڪنهن جهنگ يا جبل جي غارن ۾ نه پر تلوارن جي پاڇي  ۾ ان جي مشق ڪرائي ويئي.پياري به ڏيکاريو ويندو هو ۽ ڇڏائي به ڏيکاريو ويندو هو.”بدر“ ۾ جڏهن پي لٿا ته ان جا نتيجا به انهن جي سامهون هئا. ”احد“ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، انهن جي ڪري ئي ٿيو، جن پيئڻ ۾ ڪجهه ڪوتاهي ڪئي. جڏهن مڪه فتح ٿيو، ته سڀ انهيءَ نشي ۾ ٻڏل هئا.

”حنين“ ۾ جڏهن ميدان ويو، ٿوري دير لاءِ ويو ته توهان ان جي ميدان  جي نقشي ۾ ان جي گهاٽين ٽڪرين ۾ ان جا سبب ڳوليو! ليڪن مان ڇا ڪريان جو قرآن انهيءَ نشي جي ڪميءَ جو انهن ۾ نشان ڏنو آهي، جن جو انهن کي تجربو ڪرايو پئي ويو.

توهين چئو ٿا ته اهي انهن تيراندازن کان ڀڳا، جيڪي اندر نه پر ٻاهر انهن ٽڪرين ۾ لڪل هئا، ۽ قرآن چوي ٿو، ته اهي”ميجارٽي“ ۽ اڪثريت جي انهيءَ اعتماد کان ڀڳا، جيڪي انهن ۾ لڪل هو.

”يوم حنين اذا عجبتکم کثرتکم فلن تغن عنکم شيئا-“

۽ حنين واري ڏينهن، جڏهن پنهنجي تعداد جي گهڻائيءَ توهان کي مغرور ڪري ڇڏيو پر تعداد جي اها گهڻائي اوهان کي ڪو فائدو پهچائي نه سگهي.

جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟

جيڪڏهن اهو مقصد نه هو، ته جنهن کي طائف کان واپسيءَ بعد سڀ ڪجهه ملي چڪو  هو، ان کي ان ”لڙائي“ ۽ ان ”لشڪر“ جي ڪهڙي ضرورت هئي-هونءَ به ته سندس ساڄو هٿ عجيب ۽ غريب ڪمال ڏيکاريندو هو.(1) هيءُ غرص نه هجي ها، ته ڇا صرف انهيءَ سان هو سڀڪجهه نٿي ڪري سگهيو ۽ جڏهن دل چاهيو، ته ڇا مٽيءَ جي مٺ مان هن اهو ئي ڪم نه ورتو، جو ”هوئٽزز“ جي ماڻهن کان ورتو ويندو آهي.

اهي انڌا آهن، جيڪي چون ٿا ته هو رت وهائيندو هو. جنهن جو رت وهايو ويو، جنهن جي ڏاڙهي رت سان ڌوتي ويئي، جنهن جا ڏند ڀڳا ويا، جنهن جي پيشانيءَ تي”زرهه“ جون ڪڙيون ٽنبيون ويون. نابينوء! انهيءَ تي الزام ٿا هڻو، ته هن رت وهايو-

چور! اٽلوڪوٽوال کي دٻايو ٿا، کليو کلايو دٻايو ٿا، حالانڪه ٽيهٺ ورهين جي ڊگهي ڄمار ۾ ڇا ڪير ثابت ڪري سگهي ٿو، ته خونين ۾ پلجندڙ هن انسان ڪنهن جو رت ته ڇا ڪنهن جو به وار پٽيو هو-

اُف! جيڪڏهن هو رت وهائڻ چاهي ها(2) ته پوءِ هزارن جي رت کي صرف هڪ جي رت سان ڇو بچائي ها- قطرو وهائي، سمنڊ کي ڇو ٻڌي هئا. اهو ئي(3) يهودي جن جو رت هر دور ۽ هر ملڪ ۾ اٽڪل هر صديءَ ۾ سستو رهيو آهي ۽ اڄ تائين آهي، جڏهن رت جا حقدار ٿي چڪا هئا ۽ هر نموني سان ٿي چڪا هئا، پر انهن هزارن جي رت کي صرف ڪعب بن اشرف ۽ رابع بن حقيق، ٻن ئي ماڻهن جي رت  سان ڇو محفوظ ڪيو ويو. تمام وڏو خير اهو شر آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن عظيم ۽ جليل شر جو سدباب ٿيندو هجي. قصاص ۾ زندگي آهي. آخر هن قانون ۾ ٻيو ڇا آهي؟ بيشڪ! انهن ٻنهي جي موت ۾ انهن سڀني يهودين جي زندگي جي ضمانت هئي، جيڪي انهن کان پوءِ زنده رهيا، وڌيا ويجهيا. ٻي صورت ۾ جيڪي سازشون انهن(4) ٻنهي سٽيون هيون،، تن جو لازمي نتيجو اهو هو، ته عرب مان يهودين جو نالو نشان ختم ٿي وڃي ها. جهڙيءَ طرح هميشہ اهڙي قسم جي بدباطن يهودين پنهنجي قوم تي هر ملڪ ۾ ۽ هر زماني ۾ زندگي تلخ ڪئي آهي، جنهن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، بلڪ سچ ته هيءُ آهي ته بني قريظه جي ننڍي جماعت جيتوڻيڪ پنهنجي شريعت ۽ ان جي ئي حڪم سان مٽائي ويئي، ليڪن ان سان گڏ ڇا هن ننڍي جماعت جي موت ۾ عرب جي سڀني يهودين جي زندگي نه هئي. پٿردل ۽ ظالم آهي اهو جراح، جنهن هڪ آڱر لاءِ سموري جسم کي سڙڻ ڏنو. آخر ۾ انهن تجربن جي سلسلي ۾ نادر ترين تجربو اهو آهي ته اهو ئي ڏهن سالن جو زمانو آهي، ان جا به چند سال گذري چڪا آهن ۽ هاڻي اهو ئي جيڪو عرب لاءِ به هو، عجم لاءِ به هو، مردن لاءِ به هو عورتن لاءِ به هو، زندگيءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ارادو فرمايو وڃي ٿو ته جهڙيءَ طرح مردن ۾ قدوسين جي هيءَ آخري جماعت پيدا ڪئي ويئي آهي، سموري جهان جي عورتن لاءِ قيامت تائين انساني نسل ۾ جيڪي عورتون پيدا ٿيڻ واريون آهن- انهن سڀني لاءِ انهن جي تعليم لاءِ، سکيا لاءِ، انهن جي نموني لاءِ، عورتن جي به هڪ جماعت تيار ڪئي وڃي. شايد اهو قدرت طرفان هو ۽ ان جي ڪهڙي ڳالهه قدرتي نه هئي، جتان دنيا جي هن عالمگير نقشي ۽ انساني زندگيءَ جي ڪامل دستورالعمل جو جهنڊو کنيو ويو هو. اهو نه”لنڊن“ آهي، نه ”پئرس“،ايتري تائين، جو ”بمبئي“ به ناهي ۽ ”ڪلڪته“ به ناهي، بلڪ سوچيو ته بيابان جي هن آباديءَ جي تمدني ۽ عمراني لحاظ کان اها حيثيت به ناهي، جيڪا هندستان جي معمولي ضلعي، شهرن ۽ ڳوٺن جي آهي. ليڪن دنيا جي ڏورانهن، ويران، ٿر ۽ بر ۾، حيرت آهي ته سموري جهان جا”مذهب“، ”دين“ انهيءَ ڪري اڳيان پيش ٿي وڃن، جو ترديد ۽ غلط هجڻ نه، بلڪه سڀني جي تصديق، سڀني جو صحيح هجڻ، سڀني جو عملي شڪل ۾ مڪمل ٿيڻ، ممڪن ٿئي، ته اهو ”ڪوڙو“ نه پر ”سچو“  هو، ۽ اهو ئي سندس دعويٰ جو سڀ کان وڏو امتيازي نشان آهي.

هندو مذهب ته”وثنيت“ جي شڪل ۾ ”مڪي“ ۾ ئي موجود هو.”مديني“ اچڻ کانپوءِ ان جي اڳيان دنيا جو ٻيو عالمگير مذهب ”يهوديت“ به سامهون اچي ويو. ان سان گڏ ”مديني“ ۾ ۽ مديني جي ڀر پاسي اها”نصرانيت“ به موجود هئي، جنهن جي اثر هيٺ دنيا جي آباديءَ جو وڏو حصو ان وقت به هو. ان جي حلقي ۾ ”مجوسي“ ۽ ايران جا باهه جا پوڄاري(1) زردشت به شريڪ هئا. چوڌاري هڪ فرقه ”صابئين“ جو به هو، جنهن جي باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ته عرب جي انهن ”صابئين“ جو تعلق ”ٻڌ مذهب“ جي ”ساڌن“ سان هو يا ان کان سواءِ ڪو ٻيو فرقه هو، جنهن  کان اڄ جي دنيا واقف ناهي(2) مطلب ته ڪوهستان جي هن ننڍڙي وسنديءَ ۾، يهوديت، عيسائيت، هندويت يا وثنيت، مجوسيت ۽ جيڪڏهن چاهيو ته چئي سگهو ٿا ته ٻڌمت پنهنجي انهن سڀني مفاسد سان موجود هئي، جن کي ڌوئڻ ۽ جن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ اهو کنيو ويو هو. پوءِ ان سڀني کي ڌوتو يا انهن سڀني کي پاڪ ڪيو، ۽ قيامت تائين پورو ڪيو.

*

زمين تي آڪڙجي نه هلندا ڪريو ڇو ته(ائين ڪرڻ سان) اوهان زمين کي چيري ڪونه سگهندا ۽ نه(ڪنڌ آڪڙائي هلو) جو اوهان پهاڙن کي پهچي ڪونه سگهندا انهن سڀني ڳالهين مان جيڪي بريون آهن سي سموريون تنهنجي پرودگار کي ناپسند آهن.(القرآن)

 

--------


(1) حائفي دعا جو اهو اهو ٽڪرو آهي، جنهن ۾ آنحضرت ﷺ پنهنجي سبڪي متعلق فرمايو هو 12

(2) شروع ۾ ٻڌايو ويو هو ته مديني جي هڪ جبل جو نالو آهي، جنهن جو ذڪر اليسع نبيءَ جي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي آيو آهي ۽ ايندڙ لفظ به حضرت اليسع عليہ السلام جي هجرت بابت پيشگوئيءَ مان ورتل آهن 12

(3) هي لفظ انصارن جا سردار ان وقت چئي رهيا هئا، جڏهن آنحضرتﷺ جن مديني شريف ۾ داخل ٿي رهيا هئا.

(4) حضور صلعم جن پهرين مسجد”قبا ئي ٺاهي هئي.

(1) صفه جي معنيٰ آهي”چبوترو. ٻاهر جي غريب الوطن نون مسلمانن لاءِ هڪ چبوترو ٺاهي، ڇپر وڌو ويو هو. ان جو نالو”صفه هو ۽ انهيءَ ۾ اهي ماڻهو قرآن ۽ سنت جي تعليم حاصل ڪندا هئا. کاڌي جو انتظام عام سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ خود رسول اللهﷺ جن ڪندا هئا. شاگردن جو تعداد هڪ سؤ تائين به پهچي ويندو هو. افسوس، جو مسلمانن، مسلمان شاگردن لاءِ مدرسا ته ڪافي ٺهرايا، پر نون مسلمانن لاءِ صفه جي سنت ڇڏي ڏني. شال هاڻي به ماڻهن کي اهو خيال اچي 12

(2) ان ڪانت لکبيرة الا علي الذين هداهم الله (قبله جي تبديلي بار لڳي، پر انهن کي نه، جن کي الله راهه ڏيکاري چڪو هو) جي طرف اشارو آهي12- 

(2) ايوريسٽ، هماليه جبل جي سڀ کان اوچي چوٽيءَ کي چيو ويندو آهي-12

(1) يعني سڀني انسانن کي خوشخبري ۽ ڌمڪي ڏيڻ واري قرآن جي آيت جو اقتباس جنهن ۾ الله تعاليٰ، حضورﷺ کي مخاطب ٿي فرمايو ته اسان توکي سڀني انسانن جو بشير ۽ نذير بنائي موڪليو آهي.

(1) غساني مديني منوره جي اترين حدن تي عيسائي وسنديون، رومي حڪومت جي هٿ هيٺ هيون ۽ انهن جي ذريعي اسلام جو رومين سان تعلق پيدا ٿيو هو. انهيءَ حڪومت جو بادشاهه جڏهن ته مسلمان ٿي، حضرت عمر رضه جي عهد ۾ گمراهه ٿي، قسطنطنيه  ڀڄي ويو هو. رومين سان ڇيڙ ڇاڙ حضورﷺ جي دور ۾ شروع ٿي ويئي، موته ۾ گهمسان جي جنگ به ٿي ۽ تبوڪ جو سفر رومين ئي جي روڪڻ لاءِ هو، پر انهن سان ملاقات نه ٿي سگهي.

(2) جڏهن حضور ﷺ جو نالو مبارڪ ڪسريٰ شاهه ايران وٽ اهڙي طرح پهتو ته حضور ﷺجو اسم مبارڪ سندس نالي کان پهرين هو، ته هن اهو خط ڦاڙڻ کان سواءِ حضور صه جن جي گرفتاريءَ لاءِ پٽيوالا مديني موڪليا.

(3) حضرت اسماعيل عه جي ٻارهن پٽن مان هڪ جو نالو قيدار هو، جنهن جي پيڙهيءَ مان قريش هئا. انهيءَ ڪري بائيبل ۾ ان جو ذڪر قيدار جي لفظ سان ڪيو ويندو آهي - 12

(4) ابوجهل، جنهن جو ٻيو لقب ”فرعون هذه الامته هو، هڪ ننڍي ڄمار واري ڇوڪر هٿان قتل ٿيو. عبدالله بن مسعود رضي الله عنہ جڏهن ان جي سسي ڪپڻ چاهي، ته ان جو هيءُ مشهور جملو تاريخ ۾ محفوظ ٿي ويو ته ”سردار جي سسي آهي، ٿورو هيٺ ڀرو ڪپجان، ته جيئن مقتولن جي قطار ۾ جڏهن منهنجي سسي رکي وڃي ته اوچي نظر اچي.

(5) عربي تاريخن جي انهيءَ جملي جو ترجمو رمتهم بقوس واحد يعني عربن، مسلمانن تي هڪ ڪمان بڻجي، تير وسائڻ شروع ڪيا - 12

(6) هيءُ قصو بني اسرائيل جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ اسرائيلن کي هڪ نظريي ۾ سجدا و حطه چوندي، داخل ٿيڻ لاءِ چيو ويو هو. مفسرين، انهيءَ جي جيڪا معنيٰ ڪڍي، مون کي انهيءَ کان انڪار ناهي، پر ”خلقه قرآن جي حساب سان ڇا، اها تفسير بهتر ناهي، جيڪي حضور صه جن عمل ڪري ڏيکاري.

(1) الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. ان جي ستائش آهي. صرف ان جي جنهن اڪيلو (جهيڙي جهٽي کان سواءِ) پنهنجي بندي جي مدد ڪئي.

(2) جهاد جو مسئلو، جيڪو اسلامي فرضن ۾ هڪ اهم فرض آهي. اهو سمورو گوڙ فقط انهيءَ قانون سبب اٿاريو ويو آهي، حالانڪه نه جهاد جي لغوي معنيٰ جنگ آهي ۽ نه اصلاحي، پر دنيا جا هي ٽي قانون آهن: ڪي چون ٿا ته نيڪ سان نيڪ ورتاءُ ڪريو ۽ بدڪردارن کي به موقعو ڏيو ته اهي پنهنجي بديءَ جي ميدان کي وسيع ڪن. جنهن هڪ ڳل تي چماٽ هنئي، ته ان کي ٻيو ڳل به پيش ڪريو. نانگن کي نپايو، وڇن جي پرورش ڪريو. ان جي مقابلي ۾ ٻيو گروهه آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته پنهنجي ذاتي يا قومي خوديءَ کي باقي رکڻ جي لاءِ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو. نيڪ هجي يا بد، اهوئي تنازو البقا جو قانون آهي، پر اسلام ٽيون اصول پيش ڪري ٿو. نيڪ سان نيڪ ٿيو ۽ جيڪي نيڪ ناهن، ڪوشش ڪريو، ته اهي به نيڪو ڪارن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃن. انهيءَ ڪوشش جو نالو جهاد آهي، جنهن جي ابتدا تبليغ سان ٿئي ٿي. ٽڪر جي صورت ۾ جيڪڏهن مخالفن سان مقابلي جي مادي قوت نه هجي، بلڪه نيڪ ماڻهن جي بد بڻجي وڃڻ جو انديشو هجي، ته تبليغ لاءِ ٻئي ميدان جي چونڊ ڪجي. انهيءَ قانون جو نالو هجرت جو قانون آهي ۽ جيڪڏهن مقابلي جي قوت هجي ته پوءِ جيڪڏهن شخصي قربانيءَ سان جماعت زنده رهندي هجي يا ننڍي جماعت، ليڪن جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه جو به موقعو نه هجي ته پوءِ عام جنگ جو اعلان ڪرڻو پوندو آهي، ليڪن ٻين کي نيڪ بنائن، ابدي زندگي بخشڻ لاءِ مرڻ تي راضي ٿي وڃن جهاد آهي ۽ پاڻ کي، پنهنجي قوم کي باقي رکڻ لاءِ ٻين کي ختم ڪرڻ جنگ آهي. جهاد سان ان جو ڪو واسطو ناهي. - 12

(1) خندق جي جنگ ۾ يهودين جي پئسي ۽ قريش جي ماڻهن ملي ڪري، مديني کي ويهه هزار فوج سان گهيري ۾ ورتو. بني قريظه جي يهودين سان مسلمانن جو معاهدو هو ته جنگ ۾ گڏيل طور تي هڪٻئي جي مدد ڪندا، ليڪن ان لاچار جي وقت جڏهن انهن کان مدد گهري ويئي، ته انهن يهودين چيو ته توهان اسان کي نٿا سڃاڻو. حضور ﷺ ان وقت ته ڇڏي ڏنو، پر جڏهن الله جي طوفان عرب جي انهيءَ طوفان کي شڪست ڏني، تڏهن ان وقت کين بني قريظه جي محاصره جو حڪم مليو. پڇاڙيءَ ۾ بني قريظه وارن سعد بن عبادة کي حڪم بڻائي، قلعو کولي ڇڏيو. هنن سندن نوجوانن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حضور ﷺ جن فرمايو ته ڪتاب مطابق فيصلو آهي، ڇو ته اهل ڪتاب جي ڪتاب ۾ عهد شڪنيءَ جي اها ئي سزا هئي. - 12

(2) يورپ جي گذريل عالمگير جنگ جي باري ۾ کوجنا نيٺ اهو ثابت ڪيو ته انهيءَ ۾ آمريڪا ۽ يورپ جي يهودي شاهوڪارن جو هٿ هو. - 12

(3) انهن واقعن جو تفصيل سيرت جي وڏن ڪتابن ۾ پڙهو يا ڏسو- منهنجو ڪتاب”الحرب الجهاد-12

(1) تفصيل لاءِ ڏسو منهنجو ڪتاب”المڪاتيب 12

(12) مشهور محدث ابوبڪر بن العربي پنهنجي ڪتاب احڪام القرآن ۾ هڪ روايت اُتاري (نقل) ڪئي آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ته حضورﷺ جن فرمايو ته فارس(ايران) هڪ سڱ يا ٻه هڻي، ختم ويندو، ليڪن روم(يورپ) جي هڪ سڱ کي مسلمان ڀڃيندا ته ٻيو نڪري ايندو. اهڙيءَ طرح نڪرندو ويندو جيستائين الله چاهي. اڄ چوڏهين صديءَ جو اڌ به گذري چڪو آهي، پر يورپ جا سڱ نڪرندا اچن.

(3) موت جي مرض دوران اسامه جو جيڪو دستو رومين ڏانهن موڪليو ويو هو، ان پاسي اشارو آهي. رومين کي حضورﷺ جي وفات جي خبر ملي. اڃا انهي خبر جي خوشي ختم ئي نه ٿي هئي ته اسامه رضي الله عنہ جي حملي جي خبر کين ملي. رومي گهٻرائجي ويا ۽ چيائون ته هي ماڻهو جن آهن 120

(3) تفصيل لاءِ ڏسو”نبي ﷺ ۽ ان جي زندگي

(1) زبور جي ان آيت طرف اشارو آهي، جنهن ۾ حضور ﷺ کي خطاب ڪندي، حضرت دائود فرمايو:”تنهنجو ساڄو هٿ عجوبا ڏيکاريندو” قرآن ۾ حضور ﷺ جي ساڄي هٿ کي خدا جو هٿ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ”مارميت اذرميت ۾ به ساڄي هٿ جي ڪمالن طرف اشارو ڪيو ويو آهي. مٽيءَ جي مٺ سان دشمن جي فوج ۾ ابتري پيدا ٿي هئي- ان جو ذڪر بخاريءَ ۾ آهي-12

(2) سڄي تاريخ ۾ صرف ابي خلف جي نڙيءَ ۾ سندن نيزي جي ڪاني ان وقت لڳي، جڏهن جو حضور ﷺ جن جي قتل لاءِ جنگ احد ۾ سندن ويجهو پهچي ويو. پاڻ مڪه معظمه ۾ هن سان هڪ وعدو ڪيو هئائون ان کي پورو ڪرڻ به ضروري هو-12

(3) جرمنيءَ ۾ هٽلر انهن تي جهڙيءَ طرح زندگي تنگ ڪئي هئي، سڀني کي خبر آهي. قرآني آيت جو هيءُ تفسير آهي: واذتاذن ربڪ ليبعثن عليهم اليٰ يوم القيٰمة من يسومهم سوءَ العذاب(تنهنجي رب جڏهن اعلان ڪيو، ته قيامت تائين يهودين تي ڪنهن کي اٿاريندو رهندي، ڇا، جيڪو انهن کي بڇڙي طرح عذاب ڏيندو رهندو)

(4) تفصيل لاءِ ڏسو سيرت شبلي مرحوم 12

(1) سلمان فارسي، بازان، اقرع بن حابس ۽ ڪجهه ٻيا به آهن. اهي پهرين مجوسي هئا ۽ ”هجر جي سڄي عرب علائقي ۾ زردشت دين جا پوئلڳ هئا قرآن ۾ مجوس جي نالي سان انهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

(2) تفصيل لاءِ ڏسو منهنجو ڪتاب”صابئون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com