ابو
سلمان شاهجهان پوري
ترجمو:عابد بلوچ
مَقامِ خَتمِ نبَوَتَ
هن رنگ و بؤجي عالم ۽ محسوسات جي دنيا سان گڏ هڪ
ٻيو عالم به آهي، ۽ اُتي به اختلافن ۽ رنگارنگيءَ
جي هڪ عجيب و غريب دنيا آباد آهي پر اُتي جو اهو
اختلاف انسانيت جي اعليٰ احوال، مقامات ۽ مراتب جو
اختلاف آهي، جنهن جي مطالعي ۽ مشاهدي لاءِ اکين جي
بصارت جي بدران دل جي بصيرت ۽ ايمان جي روشنيءَ جي
ضرورت پوي ٿي.
انسان جي فڪري گمراهين جي سببن مان هڪ سبب هيءُ به
آهي ته هو انهي عالم جي احوال ۽ مراتب کي به ان
تارازي ۾ تورڻ گهري ٿو جنهن کان هو محسوسات جي
دنيا ۾ ڪم وٺي ٿو. هن سمجهي ورتو آهي ته زندگيءَ
جي ضرورتن ۾ هڪ جهڙي حيثيت وارو هجڻ، کائڻ پيئڻ
لاءِ مجبور رهڻ، بازارين ۾ گهمڻ ڦرڻ، انساني احوال
۽ مراتب ۾ هڪ جهڙو ۽ برابر هجڻ جو دليل آهي، ۽
انهيءَ ڪري هو پڪاري اٿي ٿو:
”هيءُ ڪهڙو رسول آهي- کائي ٿو کاڌو ۽ گمهي ٿو
بازارين ۾! ڇو نه لٿو هن ڏانهن ڪو فرشتو جو رهي ها
ساڻس ڊيڄارڻ لاءِ، يا اچي ڪري ها وٽس خزانو، يا ٿي
پوي ها هن لاءِ هڪ باغ ته کائي ها انهيءَ
مان“(7:25)
اها انهن جي سخت غلطي هئي ته جن ماپن سان هو
پنهنجي دولت ۽ اميريءَ جو حساب ڪندا هئا، انهن ئي
ماپن سان انسانيت جي مقامن ۽ مرتبن کي به ماپڻ
گهريائون ٿي، جيتوڻيڪ اُن لاءِ ٻين ماپن جي ضرورت
هئي. انهيءَ حقيقت ناشناسيءَ انسانن جي هڪ گروهه
کي ڪفر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. الله پاڪ جو ارشاد آهي:
”انهن وٽ عقل آهي پر ان کان سمجهڻ پروڙڻ جو ڪم نٿا
وٺڻ. اکيون آهن پر انهن کان ڏسڻ جو ڪم نٿا وٺن،
اهي(عقل ۽ حواس) جو استعمال وڃائي جانورن وانگر ٿي
ويا آهن. بلڪ، انهن کان به وڌيڪ وڃايل- اهڙائي
ماڻهو آهي جيڪي بلڪل غفلت ۾ ٻڏي ويا آهن“(7:179)
جيتوڻيڪ ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته نموني،
خلقت ۽ پنهنجي اصل جي لحاظ کان سڀ انسان هڪ جهڙا
آهن:
”اي انساني ميڙ! اسان اوهان سڀني کي هڪ مرد ۽ هڪ
عورت مان پيدا ڪيو- پوءِ هيئن ڪيو جو اوهان کي جدا
جدا شاخن ۽ قبيلن جي شڪل ڏيئي ڇڏيسون ۽ اوهين گهڻن
گروهن ۽ ملڪن ۾ پکڙجي ويا. پر شاخن ۽ قبيلن جو اهو
اختلاف رڳو ان لاءِ ٿيو ته هڪ گروهه طرفان ٻيو
گروهه سڃاڻي سگهي“(49:13)
۽ انهيءَ ئي حقيقت کي نبيءَ جي زبان سان هن ريت
بيان ڪيو ويو آهي:
”اوهان مان نه ته عربي کي عجميءَ تي فضيلت آهي، نه
وري عجميءَ کي عربي تي. سڀيئي انسان آدم جو اولاد
آهن ۽ آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو، تنهن ڪري
اصل خلقت ۾ سڀ انسان هڪ جهڙا آهن“.
پر اها هڪ جهڙائي اصل ۽ خلقت جي لحاظ کان هئي،
مرتبن ۽ درجن سان ان جو ڪو واسطو ڪو نه هو. ڪوئلو
۽ هيرو ٻيئي کاڻ مان نڪرن ٿا پر ٻئي برابر ڪٿي
آهن؟
جيتوڻيڪ الله تعاليٰ ماءُ جي پيٽ ۾ انسان جي خلقت
جي پهرين منزل يعني استقرا نطفه کان وٺي تڪميل جي
آخري درجي ۽ ”احسن تقويم“ جي مرتبي تائين هر روح
کي هڪ ئي تخليقي عمل ۽ تربيتي طريقي سان واڌ ويجهه
ڏئي ٿو، پر جڏهن روح هن دنيا ۾ اچي ٿو ۽ انسان عقل
۽ سمجهه جي بلوغت واري منزل کي رسي ٿو ته سندس هڪ
گروهه تي سندس عقل ۽ مشاهدو هي حقيقت ظاهر ڪري ٿو
ته جهڙي ريت تخليق کان اڳ واري منزل ۾، جڏهن مجبور
۽ بيوس هو ۽ کيس ارادي ۽ اختيار جي قوت مليل ڪا نه
هئي، الله تعاليٰ جي ربوبيت ۽ هدايت جي ضرورت هئي.
اهڙي ريت ٻيءَ منزل يعني انسانيت جي تعمير ۽ تڪميل
جي لاءِ به علم جي هدايت ۽ وحي جي ضرورت آهي. ائين
اهو گروهه ڪري ٿو جنهن کي”علم آدم الاسماءَ کلها“
مان علم جو هڪ ڀاڱو ملي ٿو.
ٻيو گروهه علم کان ڪورو ۽ عقل ۽ مشاهدي واري قوت
کان خالي ٿئي ٿو. اهي ٻئي گروهه جيتوڻيڪ هڪ ئي
انسانيت واري وڻ جون ٻه شاخون ٿين ٿا پر مرتبي جي
لحاظ کان ٻنهي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق ٿئي ٿو. انهن
ٻنهي گروهن بابت قرآن ۾ آيل آهي:
”پوءِ ڇا علم جي صاحبن ۽ جهالت ۾ گم ٿيلن ٻنهي جو
هڪ ئي درجو آهي؟.“(39:9)
انسانن جي پهرين ورهاست:
سڀ کان پهرين الله تعاليٰ انسانن جي وچ ۾ جنهن
بنياد تي فرق ۽ امتياز جو ليڪو ڪڍيو آهي، اهو ئي
آهي سڀ کان پهرين انسان جن ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي،
اهي اهيئي ٻه گروهه آهن. ڄڻڪ انسانيت واري وڻ جون
اهي ٻه شاخون آهن جيڪي سڀ کان پهرين ان جي ٿڙ مان
نڪرن ٿيون.
1-عالم- يعني علم ۽ بصيرت رکندڙ
2- جاهل يعني جهالت ۾ گم ٿيل، يعني علم ۽ بصيرت
کان وانجهيل ۽ ڪورا.
انسانيت واري وڻ جي پهرين شاخ(علم ۽ بصيرت) پاڻ ۾
اڀرڻ جي قوت ۽ وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان مان
وڌيڪ شاخون نڪرن ٿيون، گل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا ۽ ان
جو فيض عام ٿئي ٿو، پر ٻيءَ شاخ(جهالت) پاڻ ۾ وڌڻ
۽ ويجهڻ جي معمولي صلاحيت به نٿي رکي، ان جو وجود
فائدي ڏيڻ ۽ فيض رسائڻ کان خالي ٿئي ٿو.
پهرين شاخ، جيڪا وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ان
مان ٻه شاخون نڪرن ٿيون. پهرئين شاخ سان واسطو
رکندڙ”علماءِ حق“ سڏجن ٿا، ۽ ٻيءَ سان واسطو
رکندڙ”علماءِ سوء“ جي زمري ۾ داخل ٿين ٿا. علماءِ
حق ۽ علماءِ سوءِ پنهنجون ڌار ڌار گروهي خاصيتون
رکن ٿا، انهن تي هڪ نظر وجهڻ گهرجي ته جيئن مطلب
سمجهڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه رهجي وڃي.
علماء حق
اصحاب علم و بصيرت جو هيءُ گروهه حق کي رڳو سڃاڻي
ئي نٿو وٺي، پر حق جو هڪ جلوو ئي انهيءَ کي پنهنجو
گرويد بنايو وٺي، جو پوءِ ان کي دنيا جون سڀن
رنگينيون جهڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ان جي نظاري
کانپوءِ د نيا جو ڪو به حسن هن جي اکين ۾ نٿو
سمائجي. هن جي شخصيت، پنهنجي وقت ۾ حق ۽ سچائيءَ
جو اهڃاڻ بنجيو وڃي، هن جي علم ۽ فڪر جو فيض عام
ٿئي ٿو، هن جو وجود پنهنجي آسپاس ۾ هدايت جو
سرچشمو بنجيو وڃي ۽ هن جو طريقو ۽ عمل سندس دور جي
تاريڪن ۾ چراغ هدايت جو ڪم ڏئي ٿو. اهو جتي به
هوندو، جنهن به حال ۾ هوندو، حق جو عشق سندس دل تي
ڇانيل رهي ٿو. نڪي وقت جي فرعونن جون قهربانيون هن
جي دل ۾ خوف جو ادنيٰ شبهو پيدا ڪري سگهن ٿيون ته
نڪي زماني جي زليخائن جو حسن پاڻ ڏانهن سندس ڌيان
ڇڪائي سگهي ٿو. اهو گروهه جڏهن حسن جي ليليٰ سان
عشق جو رشتو ڳنڍي ٿو تڏهن سندس وفادارين کي ڪنهن
به حسن آرا جون دلفريبيون لوڏي نٿيون سگهن. دنيا
جا لکين مصائب به ان جي وفا جي رشتي ۾ رخنو وجهڻ
لاءِ ناڪافي هوندا آهن. سندس عشق جي خمار کي گرم
سرد زماني جا ڪا به ترشي لاهي نٿي سگهي. حقيقت اها
آهي ته راهه جون تڪليفون ۽ سختيون هن جي لاءِ ڪا
به حقيقت نٿيون رکن. اهو گروه علماءِ حق جو آهي.
علماء سوءِ
ٻيو گروه به اگرچه انهي حق جي عشق جي دعويٰ رکي
ٿو، ليڪن حق جي راه ۾ تڪليفن جي پهرئين ئي حملي ۾
ان جون سڀ عشق بازيون ختم ۽ دعوائون اتي ئي رهجو
وڃن. ليڪن سندس سڌڙيو نفس کيس انهي عشق جي وهم ۾
مبتلا رکي ٿو ۽ هڪ گهڙي لاءِ به هو انهي دعويٰ جي
اظهار کان باز نٿو رهي. سندس دل فقط دنيا جو عاشق
۽ نفس جي لذتن جو خواهشمند هوندو آهي. نفس جون
خواهشون مٿس اهڙيون غالب پئجو وڃن جو حق پرستي جي
پر خطر راه تي هو ٻه وکون به هلي نٿو سگهي. قرآن
حڪيم ۾ علماءِ تورات ۽ انجيل مان هن گروه جي ڪردار
تي هيٺين لفظن ۾ روشني پوي ٿي:
”پوءِ افسوس انهن تي جن جو شيوو هي آهي ته خود
پنهنجي هٿ سان ڪتاب لکن ٿا(يعني پنهنجي راين ۽
خواهشن مطابق شرعي احڪامن جا ڪتاب ٺاهين ٿا)، پوءِ
ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرفان آهي(يعني هن
۾ جيڪي لکيل آهي اهو الاهي ڪتاب جا احڪام آهن اهو
سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري ڪن ٿا ته جيئن ان جي عيوض ڪو
حقير دنيوي فائدو حاصل ڪن“(2:79)
جيئن شجر انسانيت جي پهرين ٻن شاخن مان شاخ جهل
پنهنجي اندر ۾ نشونما جي صلاحيت کان محروم هئي ۽
اوسر جي قوت نه رکندي هئي، اهڙي طرح اهل علم جو
ٻيو گروه يعني علماءِ سوءِ به پنهنجي بقاء لاءِ ڪو
حقيقي بنياد ڪو نه ٿو رکي. انقلابات دهر جو وهڪرو
هميشہ کيس خس و خاشاڪ وانگر لوڙهي ويندو آهي. قرآن
حڪيم حق ۽ باطل جو جيڪو مثال ڏنو آهي، تنهن مان
اهو فرق بخوبي سمجهي سگهجي ٿو:
”حق ۽ باطل جي معاملي جو مثال اهڙو ئي سمجهو جيڪو
الله تعاليٰ بيان ڪري ٿو. پوءِ (مير جي) گجي(جيڪا
ڪنهن ڪم جي نه هئي) اجائي وئي ۽ جنهن شيءِ ۾ انسان
جي لاءِ نفعو هو زمين ۾ رهجي ويئي“(13:17)
۽ حق ۽ باطل جي اها ئي حقيقت آهي جنهن کي قرآن ۾
ڪلمئه طيب ۽ ڪلمئه خبيثه جو نالو ڏنو ويو
آهي(14:26). هاڻي جيڪو علماء حق جو دامن جهلي ٿو ۽
ڪلمئه حق جو ساٿ ڏئي ٿو، تنهن کي دنيا ۾ قيام
”ثبات ۽ آخرت ۾ جنات نعيم جي ابدي راحت نصيب ٿئي
ٿي ۽ جيڪو حق جو دامن ڇڏي ٿو تنهن کي سيلاب حوادث
ڪک پن وانگر اُڏائي ڇڏي ٿو. بالفرض جيڪڏهن باطل
قائم ۽ ثابت نظر به اچي ته به ان کي ابدي قيام ۽
ثبات نصيب نٿو ٿئي. قرآن شريف ان لاءِ باطل ۽ غير
حق کي شجر خبيثه سان ڪهڙي نه سهڻي تشبيه ڏني آهي.
تنهن ڪري جنهن به باطل جو سهارو ورتو سو ڦيڻ
وانگر بي نام و نشان ٿي ويو.
علماء حق جا مختلف مراتب
علماء حق ۾ مختلف مرتبن جا ماڻهو ٿين ٿا. حضرت ولي
الله محدث دهلوي رحمت الله عليہ پنهنجي مشهور
تصنيف”التفهيمات الاهيه“ ۾ علماء حق(اهل الله) جا
ٽي گروه ڄاڻايا آهن:
پهريون گروهه
جاده قويمه کان ناواقف. هي گروه جاده قويمه جي
باطني حڪمتن ۽ لڪل صلاحيتن کان ته ناواقف نه هوندو
آهي، ليڪن عملاً سندس راه ۽ مسلڪ اهو ئي هوندو آهي
۽ سندس ڪوششون شريعت جي قيام لاءِ هونديون آهن.
سندس اصل جوهر فڪر جي بدران عمل ۾ هوندو آهي.
ٻيو گروهه
اهي علماء ۽ اهل الله جيڪي اگرچه جاده قويمه کان
ته گهڻو واقف نه هوندا آهن، ليڪن بالڪل ناواقف به
نه هوندا آهن. انهن جي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي
جاده قويمه کي ويجهو هوندا آهن.
ٽيون گروهه
اهي علماء حق ۽ اهل الله جيڪي جاده قويمه کان ته
پوري طرح واقف هوندا آهن ۽ ان جي حقيقي رمزن ۽
باطني حڪمتن کان پڻ آشنا هوندا آهن. انهن جي خوبي
فقط علم ۽ فڪر ۾ نه هوندي آهي بلڪ عمل ۽ استقامت
به انهن جي سيرت جو جوهر هوندو آهي.
ان کان اڳ جو انهن ٽنهي گروهن جو تجزيو ۽ انهن جي
مراتب تي بحث ڪيو وڃي، مناسب ٿيندو ته پهريائين
جاده قويمه جو مطلب ۽ انهي اصطلاح جي وصف سمجهي
وڃي.
جاده قويمه
هيءَ اها راه جيڪا الله تعاليٰ پنهنجي بندن لاءِ
قائم ڪئي آهي. اهو ئي رستو الله تعاليٰ جو پسنديده
رستو آهي. اهو رستو اختيار ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪو شخص
اهل الله جي جماعت ۾، ۽ ”رضي الله عنهم و رضواعنہ“
جي جماعت ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. هن راه جي ظاهري صورت
ظاهر شريعت محمدي(علي صاحبها الصلواة والسلام) آهي
۽ ان جي باطني صورت شريعت محمدي(علي صاحبهاالصلواة
و التسليمات) جون اهي باطني حڪومتون آهن جيڪي قيام
شريعت جون مطلوب ۽ مقصود آهن ۽ جن تائين هر صاحب
علم ۽ اهل حق جون نگاهون پهچڻ ضروري ناهن. جنهن
جيتري قدر حقيقت کي سمجهيو اوتري قدر اهو جاده
قويمه جي ويجهو يا ان جو شناسي ٿي ويو ۽ اوترو ئي
سندس مرتبو بلند ٿيو.
هاڻي اسين مٿي بيان ڪيل ٽنهي گروهن جي مقامات ۽
مراتب جو قدري تفصيل سان تجزيو ڪنداسين.
جاده قويمه کان ناواقف
هي اولياء الله ۽ علماء جو پهريون گروه آهي جنهن
کي الله تعاليٰ جي قائم ڪيل ۽ پسنديده جاده قويمه
جو حقيقي علم نٿو ٿئي، ليڪن هي پوري طرح علماء حق
۽ فقهاء دين جي تابع هوندا آهن ۽ انهن کي فقهاء
اسلام مان ڪنهن به فقيہ جي قول کي حضرت محمد ﷺ جي
فرمودات سان ربط ڏيڻ تي ملڪو حاصل هوندو آهي ۽ اهو
ملڪو الله تعاليٰ جي عنايت ۽ حڪمت جو هڪ جزو هوندو
آهي. البت اهي فقيهن مان ڪنهن هڪ جي قول کي ٻئي جي
قول تي ترجيح نٿا ڏئي سگهن. اهي حق ۽ باطل ۾ تميز
جي صلاحت رکن ٿا ليڪن مختلف اقوال حقہ جي توجيہ ۽
مراتب تائين انهن جي فهم جي رسائي نٿي ٿئي. سندن
ذهن عزيمت ۽ رخصت جي فرق کان زياده ڪنهن ٻئي مقام
۽ مرتبي جو ادراڪ ڪري نٿو سگهي. البت انهي فرق تي
هو سير حاصل بحث ڪري سگهن ٿا.
جاده قويمه کي ويجهو پهچندڙ
هي اولياء الله جو ٻيو گروه آهي، جنهن جو درجو
پهرئين گروه جي علماء حق کان مٿاهون ٿئي ٿو.
جيتوڻيڪ هن کي به اهو جاده قويمه ضروري نظر اچي ٿو
جيڪو ظاهر شريعت محمدي(علي صاحبها الصلواة
والسلام) ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. اهڙي طرح هن کي
جاده قويمه جي ويجهو ڪا چيز ملي وڃي ٿي. انهن جي
اندر حق ۽ باطل ۾ تميز جي صلاحيت پهرئين گروه جي
بنسبت وڌيڪ ٿئي ٿي. هي گروه مختلف اقوال حقہ جي
توجيہ ۾ حقيقت جي گهڻو ويجهو ٿئي ٿو. علماء حق جو
هي گروه مختلف اقوال ۾ عزيمت ۽ رخصت جي نه صرف فرق
کي محسوس ڪري ٿو بلڪه مرتبه عظمت ۽ رخصت جي
باريڪين جو ادراڪ پڻ ڪري ٿو. انهي لحاظ کان هن
گروه جون خدمتون قابل قدر آهن جو کيس حڪمت ۾ هڪ
وڏو حصو مليو جنهن سان هن دين ۾ جيڪا چيز ترجيح جي
قابل هئي تنهن کي ترجيح ڏيئي دين جي مدد ۽ مدافعت
۾ نمايان ڪارناما انجام ڏنا آهن.
جاده قويمه جا شناس
اهل الله ۽ علماء حق جو ٽيون بلند مرتبه گروه اهو
آهي، جنهن کي حڪمت الاهي مان وڏو حصو ملي ٿو. هن ۾
احڪام ۽ اقوال جو جزوي تطبيق جي صلاحيت به ٿئي ٿي
۽ شريعت جي ظاهر ۽ باطن جو علم به هوندو آهي. هن
گروه تي دين جون حڪمتون به منڪشف ٿين ٿيون ۽ هو
شريعت جي اسرارن کان به واقف هوندو آهي.سندس
صلاحيت صرف مختلف اقوال ۽ شريعت جي ظاهر باطن جي
تطبيق تائين محدود نٿي ٿئي، بلڪ اها هر زماني ۾
شريعت جي احڪام جي تطبيق ۽ انهن کي نافذ ڪرڻ جي
اعليٰ صلاحيت رکي ٿو ۽ پنهنجي زماني ۽ وقت جي
مسئلن تي پنهنجي ڪلام سان شريعت جي برتري ۽ عظمت
ثابت ڪري ڇڏي ٿو. انهي ڪري دين جي وڃايل عظمت موٽي
اچي ٿي ۽ شريعت جي ڊهندڙ ديوار جي لاءِ سندس وجود
سهارو بنجي وڃي ٿو. هي گروه مقام عزيمت کان صرف
واقف ئي نٿو ٿئي پر مقام عزيمت تي به فائز هوندو
آهي. هو صرف اهو نٿو ڄاڻي ته الله تعاليٰ جو
پسنديده رستو جاده قويمه آهي، بلڪ ان جي حڪمتن ۽
مصلحتن کان به خوب واقف هوندو آهي. حق جي علم جي
بيان ۾ انهيءَ حقيقت کي عالم المصالح و المفاسد ۽
علم الشرائع و الحدود چون ٿا علماء حق جي انهيءَ
ٽئين گروه سان تعلق رکندڙ انهن علمن کي جدا جدا
چٽو پڌرو ڏسي سگهن ٿا، ان ۾ تميز ڪري سگهن ٿا، ان
کي چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا ۽ ان جي بيان ۽ تشريح،
استنباط مسائل ۽ استخراج اصول و فروع ۾ علماء جو
ٻيو ڪو به طبقو انهن تي سبقت حاصل نٿو ڪري سگهي.
مفهمين
ليڪن علماءِ حق جي انهي مرتبي تي پهچڻ کان پوءِ
انسانيت جي ترقي رڪجي نٿي، بلڪ انهي مقام تي پهچڻ
کان پوءِ اڃا به بلند مقام نظر اچڻ لڳي ٿو. اهو
مفهمين جو مقام ٿئي ٿو. حضرت شاهه ولي الله دهلوي
جن حجة الله البالغہ(ڀاڱو پهريون) جي باب ”حقيقت
نبوي“ ۾ فرمائين ٿا:
”واضح رهي ته اجتماع انساني ۾ بهترين طبقو انهن
ماڻهن جو ٿئي ٿو جن کي اصطلاح ۾ مفهمين چون ٿا.
اهي شخص اهل اصطلاح ٿين ٿا. انهن جي ملڪيت نهايت
بلند درجي جي ٿئي ٿي ۽ انهن لاءِ ممڪن ٿئي ٿو ته
سچي دعويٰ سان سٺو نظام قائم ڪرڻ لاءِ کڙا ٿين ۽
انهن تي ملاء اعليٰ کان علوم ۽ احوال نازل ٿين
ٿا.“
ان کان پوءِ حضرت شاهه صاحب جن مفهمين جي خلقي ۽
طبعي خصوصيتن ۽ سندن ايمان ۽ علمي مرتبي تي روشني
وڌي آهي. فرمائين ٿا ته:
”مفهم جي سيرت هيءَ آهي ته اهو معتدل مزاج هوندو
آهي، سندس جسم جي بيهڪ ۽ سندس اخلاق موزون ٿين ٿا.
ان ۾ نه اهڙو عدم استقلال ٿيندو آهي جو پنهنجي
ذاتي خواهشن ۾ ڦاٿو رهي، نڪي ضرورت کان زياده تيز
فهم هوندو آهي جو اصولي ڳالهين ۾ ڦاسي پوي ۽ جزوي
مسئلن کي حل ڪرڻ طرف توجه نه ڏيئي سگهي. ۽ اعمال ۽
افعال جي ارواحن ڏانهن ايترو متوجه ٿي وڃي جو انهن
جي شڪلين ۽ شبهن ڏانهن توجه نه ڏئي سگهي. منجهس نه
ايتري ڪند ذهني هوندي آهي جو هو صرف ننڍين ننڍين
ڳالهين کي نه سمجهي سگهي ۽ اصولي ۽ ڪلي ڳالهين جي
سمجهه سندس طاقت کان ٻاهر هجي. نه وري اعمال ۽
اشباء ۾ ايترو ڦاٿل رهي جو انهن جي روح ڏانهن ڌيان
نه ڏئي سگهي. هو صحيح طريقه ڪار ۾ سڀني کان زياده
عمل پيرا هوندو آهي. هو عبادات ۾ سهڻو مثال پيش
ڪندو آهي. هو ماڻهن سان معاملات ۾ انصاف کي ڪڏهن
به هٿان وڃڻ نه ڏيندو آهي. هو اجتماعي ضرورتن کي
پوري ڪرڻ ۾ پوري دلچسپي جو اظهار ڪري ٿو. هو عام
ڀلائي ڏانهن راغب ٿئي ٿو. هو جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف
پهچائي ٿو ته اها ڳالهه بالعرض ٿئي ٿي، جنهن جي
صورت هيءَ ٿئي ٿي ته يا ته عام نفعو ڪنهن کي تڪليف
پهچائڻ تي ئي موقوف ٿئي ٿو يا عام ڀلائي جي ڪم جو
ئي نتيجو ٿئي ٿو ته هرو ڀرو ڪنهن کي تڪليف پهچي.
هو هر وقت عالم غيب ڏانهن متوجه رهندو آهي ۽ انهي
لاڙي جو اثر سندس ڳالهه ٻولهه، شڪل صورت، مطلب ته
هر ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ۽ صاف نظر اچي ٿو ته کيس
غيب مان مدد ملي رهي آهي. ٿوري ئي رياضت ڪرڻ سان
مٿس اهو انڪشاف ٿيڻ لڳندو آهي جيڪو ٻين تي گوڏو
گوڏي ۾ ڏيئي وهڻ سان به نٿو کلي.“
مفهمين جا قسم
امام الهند حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي جن
مفهمين جا ڪيترائي قسم ڳڻايا آهن ۽ ٻڌايو آهي ته
هر مفهم جو استعداد مختلف ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري جو
هر مفهم کي ڪتاب، حڪمت ۽ الٰهيٰ علوم مان جدا جدا
شيون ملن ٿيون ۽ انهي اعتبار کان انهن جا نالا ۽
ڪم هي آهن:
ڪامل
جنهن مفهم کي الله تعاليٰ جي طرفان گهڻو ڪري عبادت
جي ذريعي نفس جي تهذيب جا علوم وغيره ملن ٿا، اهو
ڪامل ٿيندو آهي.
حڪيم
۽ جنهن جو گهڻو ڪري حال اهو هجي جنهن کي اختلاف
فاضله ۽ تدبير منزلي جا علوم وغيره مليا هجن، سو
حڪيم چوائي ٿو.
خليفو
جنهن کي اڪثر حالات ۾ سياسيات ڪلي جا اصول سمجهايا
وڃن ٿا ۽ جنهن کي ماڻهن ۾ عدل قائم ڪرڻ ۽ انهن مان
ظلم زبردستي دور ڪرڻ جي توفيق ملي، سو اصطلاحاً
خليفو چوائي ٿو.
مؤيد
جنهن جو ملاء اعليٰ سان قرب هجي ۽ ملاء اعليٰ جا
فرشتا کيس سيکارين، ان سان گفتگو ڪن، کيس نظر اچن
۽ جنهن سان طرح طرح جون ڪرامتون ظاهر ٿين،
اهو”مويد بروح القدس“ ٿيندو آهي.
هادي و مزڪي
جنهن جي دل ۽ زبان ۾ نور هجي ۽ جنهن وٽ ويهڻ ۽
جنهن جي نصيحت ٻڌڻ سان ماڻهن کي فائدو پهچندو هجي
۽ جنهن مان ان جي دوستن کي سڪون ۽ نور حاصل ٿيندو
هجي ۽ جنهن جي ذريعي سان اهي ڪمالات جا مرتبا حاصل
ڪري سگهن ۽ هو ماڻهن کي راه راست تي آڻڻ لاءِ
ڪوشان هجي، اهو هادي ۽ مزڪي چوائي ٿو.
امام
جنهن جي علم ۽ معرفت جو وڏو حصو ملت جي اصول ۽
مصالح تي مشتمل هجي، ۽ ان جي ڊٺل حصي کي قائم ڪرڻ
لاءِ ڪوشان هجي، اُهو ”امام“ چوائي ٿو.
منذر
جنهن جي دل ۾ اهاڳالهه وڌي وڃي ته اهو ماڻهن کي
خبر ڏي ته انهن جي لاءِ هڪ وڏي مصيبت دنيا ۾ نازل
ٿيڻ واري آهي، يا اهو محسوس ڪري ته هڪ قوم کي رحمت
جو مستحق قرار ڏنو ويو آهي، ۽ اهو اها خبر انهن کي
ڏي يا اهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نفس کان مجرد ٿي معرفت
حاصل ڪري ته قبر ۽ حشر ۾ ڪهڙيون ڳالهيون پيش ايندو
آهن ۽ انهن کان ماڻهن کي آگاهه ڪري، تنهن کي”منذر“
چوندا آهن.
مقام نبوت
ليڪن مفهم جو مقام انسانيت جو آخرين مقام ڪونهي.
ان کان مٿي هڪ ٻيو به مقام ٿيندو آهي جنهن کي
اصطلاحاً ”مقام نبوت“ چوندا آهن. حضرت شاه ولي
الله دهلوي وٽ جڏهن حڪمت الاهي جي اقتضيٰ ٿئي ٿي
ته ماڻهن کي ظلمت کان نور ڏانهن، معصيت کان سعادت
ڏانهن ۽ ڪفر کان پنهنجي اطاعت ڏانهن سڏي ته اهو
مفهمين مان ڪنهن کي مبعوث فرمائي ٿو جيڪو نبي
چوائي ٿو. بندن تي خدا جو فرض عائد ٿي وڃي ٿو ته
ان جي ڳالهه کي توجه سان ٻڌن ۽ سندس حڪمن تي ڪڇڻ
يا پڇڻ کان سواءِ عمل ڪن. سندس دوستن کي دوست
بنائين ۽ ان جي دشمنن کي دشمن سمجهن، ملاء اعليٰ
کي خدا جي طرفان حڪم ٿئي ٿو ته سندس فرمانبردارن
کي خوشنود ٿين ۽ ان سان شريڪ ۽ مويد رهن ۽ جيڪو ان
جي مخالفت ڪري ۽ عداوت سان پيش اچي، ان تي ناراض
ٿين، لعنت وجهن ۽ ان کان جدا ٿي وڃن.
ڪڏهن ڪڏهن نبي ۾ مفهمين جون هڪ کان وڌيڪ خصوصيتون
جمع ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن ئي خصوصيتن مطابق ماڻهن جي
تعليم ۽ تربيت، تزڪيه ۽ تهذيب نفس، سندس بعثت جو
مقصد هوندو آهي ۽ ان لاءِ هو ڪڏهن تعليم ڪتاب و
حڪمت، وعظ ۽ نصيحت ۽ تذڪير ۽ تنذير يا تبشير جو
پيرايه اختيار ڪري ٿو.
مقام ختم نبوت
انسان جي مختلف درجن ۽ طبقن ۾ نبوت جو مقام سڀ کان
اوچو ۽ انبياء عليهم السلام جو طبقو سڀ کان
مٿانهون ٿئي ٿو. انسان پنهنجي ابتدائي ڏاڪي کان
مختلف درجن تائين پنهنجي عبادت ۽ رياضت ۽ پنهنجي
پاڪبازي واري زندگي ۽ پنهنجي علم ۽ اخلاق ۽ توفيق
الاهي سان ترقي ڪري سگهي ٿو، ليڪن مقام نبوت جو
حصو انسان جي ڪسب سان تعلق نٿو رکي. سڀئي نبي
پنهنجي منصب جي لحاظ کان برابر ٿين ٿا. ليڪن مرتبي
۽ خصوصيت جي لحاظ کان هڪٻئي تي فضيلت رکن ٿا. ليڪن
انهن سڀني ۾ هڪ ٻيو به مقام آهي، جيڪو جامع جميع
حيثيات و خصائص نبوت به هو ۽ ان جي امت جي علماء
کي به انهن خصائص مان حصو نصيب ٿيو. حضرت شاه ولي
الله محدث دهلوي انهي مقام جي عظمت ۽ جامعيت
ڏانهن حجته الله البالغه ۾ اشارو ڪيو آهي. سندس
خيال موجب:
”سڀ کان اعظم الشان اهو نبي آهي جنهن جي لاءِ بعثت
جو (صرف هڪ ئي نه بلڪ) ڪو ٻيو به نوع هجي يعني خدا
کي اهو منظور هجي ته:
1- هو ماڻهن جي لاءِ ظلمت مان نڪري نور ۾ اچڻ جو
سبب ٺاهي، ۽
2- سندس قوم کي به ماڻهن جي هدايت ۽ رهنمائي جو
منصب سونپي.
آنحضرتﷺ جي بعثت انهن ٻنهي نوعن تي مشتمل هئي.
پهرين بعثت ڏانهن ”هوالذي بعث في الاميين رسولاً
منهم يتلوا عليهم...........الاية
(ترجمو: اهو ئي آهي جنهن اُمين منجهان هڪ رسول
موڪليو جيڪو انهن تي خدا جي آيات جي تلاوت ڪري ٿو،
انهن جي اخلاق جو تزڪيه ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽
حڪمت جون ڳالهيون سيکاري ٿو.)
۾ اشارو ڪيو آهي- ۽ ٻي بعثت ڏانهن”ڪنتم خيرامة
اخرجت للناس....الايه“ (ترجمو: (مسلمانو!) توهين
سڀني اُمتن ۾ بهتر امت آهيو جيڪاماڻهن(جي ارشاد ۽
اصلاح) جي لاءِ ظهور ۾ آئي آهي. توهين نيڪي جا حڪم
ڏيندڙ، برائي کان روڪيندڙ ۽ الله تي سچو ايمان
رکندڙ آهيو).
۾ اشارو فرمايو آهي:
حضرت شاه ولي الله محدث دهلوي جن حضور ﷺ جي انهي
جامعيت جي باب ۾ انهن ئي لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي:
”اسان جي نبي صه ۾ مفهمين وارا سڀئي فن ۽ خصوصيتون
موجود آهن. سندن بعثت ڪامل ۾ ٻئي انواع ملن ٿا ۽
انهن خصائص ۽ ڪمالات ۽ اوصاف مان گذريل نبين ۾ هڪ
هڪ يا ٻه ٻه اوصاف ملن ٿا“
”آنحضرت ﷺ جي وجود مقدس ۾ اهي سڀ اوصاف ۽ خصوصيتون
موجود هيون“.
آنحضرت ﷺ جي بعثت جي پهرئين مقصد جي تقاضا هئي ته
هاڻي نبوت جو سلسلو ختم ٿئي”انا خاتم النبيين-
لانبي بعدي“ ۾ اها ئي حڪمت ڪار فرما آهي ۽ بعثت جي
ٻي غايت جي تقاضا هئي ته منصب هدايت و رهنمائي
يڪسر ختم نه ٿي وڃي. انهي ڪري فرمايائون
ته”العلماء في امتي کانبياء بني اسرائيل“. چنانچه
تاريخ اسلام ۽ تذڪره طبقات امت جي مطالعي مان اها
ڳالهه سج وانگر روشن ٿئي ٿي ته تاريخ جي هر دور ۾
اهڙا علماء حق موجود رهيا آهن جن ۾ مفهمين ۽
انبياء سابقين جا اوصاف ۽ خصائص بدرجه اتم موجود
هئا.
مطلب ته مقام انسانيت جي نقطئه ڪمال ۽ منتهاء عروج
ٿئي ٿو. اصطلاح ۾ ان مقام کي”مقام ختم نبوت“ چون
ٿا. انسانيت جا سڀ مدراج ۽ مقامات ان کان هيٺ ٿين
ٿا. ان جي برابر يا ان کان مٿي انسانيت جو ڪو به
مقام يا درجو نٿو ٿئي. ان کانپوءِ ۽ ان کان
مٿي”مقام حضرت الوهيت و احديت“ آهي.
جيڪڏهن مقام ختم نبوت مان ڪنهن چيز کي نا پسند
قرار ڏجي ته ان ڪائنات جي ذره ذره تي اهو فرض ٿي
وڃي ٿو ته ان کان نفرت ڪري ۽ جيڪڏهن
اها”فائزالمقام“ شخصيت ڪنهن چيز ڏانهن ملتفت هجي
ته سموري انسانيت ۽ زمين و آسمان جي سموري مخلوقات
تي لازم ٿئي ٿو ته انهي پسنديده مقام ختم نبوت
شيءِ ڏانهن نه صرف پنهنجو رخ موڙي بلڪ پنهنجي دلين
کي به ان طرف رجوع ڪري. اهو مقام الله تي ايمان ۽
ان جي محبت جي ڪسوٽي هوندو آهي- بحڪم حضرت الوهيت
واحديت ”قل ان ڪنتم تحبون الله فاتبعوني يحببکم
الله.... الايه.“
(ترجمو:(اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو، جيڪڏهن
توهين واقعي الله سان محبت رکو ٿا ته توهان کي
گهرجي ته منهنجي پيروي ڪريو- جيڪڏهن توهان ائين
ڪيو ته الله توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جون
خطائون بخشي ڇڏيندو- هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ
آهي.)
جيستائين ڪو ايمان ۽ الاهي محبت جودعويدار صاحب
ختم نبوت جي محبت ۽ ان جي پيروي کي پنهنجي زندگي ۽
پنهنجين سمورين محبتن ۽ الفتن سان به محبوب ترين
قرار نٿو ڏئي تيستائين سندس ايمان مقبول بارگاهه
نٿو ٿئي. ”لايومن احد ڪم حتيٰ اکون احب“....الخ
(ترجمو: حضرت انس رضه کان روايت آهي ته رسول الله
ﷺ جن فرمايو ته ڪو به شخص ان وقت تائين مومن ڪامل
نٿو ٿي سگهي جيستائين ڪه سندس لاءِ آءٌ(يعني رسول
الله ﷺ). سندس مال، سندس پٽ ۽ انهن سڀني ماڻهن کان
پيارو نه ٿي وڃان جن کي وڌيڪ پيارو رکي ٿو-
بخاري،مسلم) حضرت انس کان ئي بخاري ۽ مسلم جي هڪ
روايت مطابق رسول الله ﷺ جن ٽن شين کان سواءِ ڪنهن
به شخص کي ايمان جي چاشني کان نا آشنا ۽ محروم
قرار ڏنو آهي. انهن مان خدا ۽ سندس رسول جي سڀ کان
وڌيڪ محبت به آهي.
۽ جڏهن ڪو به شخص”صاحب ختم نبوت“ جي اتباع کي
پنهنجي زندگي جو شعار بنائي ڇڏي ٿو ته پوءِ ان جو
ايمان ئي بارگاه ۾ مقبول نٿو ٿئي، بلڪ اهو خود به
محبوب بارگاه بنجي وڃي ٿو ”رضي الله عنهم و
رضواعنہ“ جو مقام محبوبيت حاصل ڪري وٺي ٿو. ۽ اهو
ئي ختم نبوت آهي جنهن جي متعلق آسمان جي بلندين
کان صاحب عظمت و اجلال اعلان فرمايو آهي ته آسمان،
زمين، لوح ۽ قلم جو مالڪ ۽ سندس فرمانبردار مخلوق
فرشتا مٿس سلامتي موڪلين ٿا. تنهن ڪري هر صاحب
ايمان تي فرض آهي ته هو هن وجود قدسي کي صلواة جا
تحفا ۽ سلام جا نذرانا پيش ڪري. ”ان الله و
ملائڪتہ، يصلون علي النبي، يا ايهاالذين آمنوا
صلوا عليہ و سلموا تسليما.“
حضرت عيسيٰ عليہ السلام تائين جيڪي انبياء سڳورا
تشريف فرما ٿيا، انهن جون دعوتون محدود هيون ۽
ضرورت هئي ته هدايت عظميٰ جي مقام جامع جميع حسنات
و فضائل تي ڪنهن کي فائز ڪيو وڃي ۽ ”ختم نبوت“ جو
تاج سندس سر تي رکيو وڃي. الله تعاليٰ خاندان بنو
هاشم جي هڪ دريتيم محمد بن عبدالله کي سرفرازي
بخشي ۽ ”مقام ختم نبوت“ تي فائز ڪيو ۽ جيڪي به
مراتب انسانيت ٿي سگهيا ٿي، سڀئي انهي مقام کان
هيٺ بيٺا. ان کان مٿي ۽ ان کان پوءِ ڪو به مقام
فضل و ڪمال انساني ڪونهي ۽ جيتوڻيڪ اهو مقام ختم
نبوت انهي اصل ”الناس کلهم بنو آدم - الخ“ جو ئي
منتهاءِ ۽ نقطئه ڪمال آهي ۽ اگرچه اصل جي لحاظ کان
سڀ انسان برابر قرار ڏنا ويا ۽ خود فائز مقام ختم
نبوت کان اعلان ڪرايو ويو ته ”انما انا بشر مثلکم
.... الايه“ ۽ جيتوڻيڪ پنهنجي اصل جي لحاظ سان
سڀئي حاملين مقامات ۽ احوال مختلفه هڪ ئي شجر
انسانيت جون شاخون آهن، ليڪن احوال ۽ مراتب جي
لحاظ سان هڪڙي مقام کان ايترو پري آهي جنهن جي
پيمائش نٿي ڪري سگهجي ۽ مفاصلو ماپي نٿو سگهجي.
الله تعاليٰ انسانن جي ابتدائي ٻن مقامات (علم و
جهل جي حاملين) جو فرق ٻڌايو ته ”لايستوي الذين
يعلمون والذين لا يعلمون.“ هڪڙي مقام تي فائز کي
ٻئي مقام تي مقيم سان ڪائي نسبت ڪانهي.
هاڻي غور ڪريو ته جڏهن علماءِ ۽ جهلاءِ جي عام
طبقي ۾ ڪا به برابري ناهي، مسوات ڪانهي، اهي ٻئي
طبقا ۽ مقامات ويجها هوندي به ايترو پري ٿي ويا جو
انهن جي مفاصلي جي ماپ به ڪري نٿي سگهجي، تڏهن اهو
ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته انسانيت جو نقطئه آغاز
(مقام الناس) ۽ نقطئه ڪمال (مقام ختم نبوت) ۾ حال
۽ ڪيفيت جي اعتبار کان نسبت دريافت ڪئي وڃي ۽ مقام
ادنيٰ کان مرتبهء اعليٰ جو مفاصلو ماپي سگهجي.
جيڪڏهن ڪوئلي ۽ هيري ۾ نسبت آهي ته صرف اها ته
ٻنهي جو معدن هڪڙو ئي آهي ليڪن ان بعد اسين هيري
جي مقام ۽ مرتبي سان ڪوئلي کي نسبت نٿا ڏئي سگهون.
ڪوئلو چلهه جو ٻارڻ بڻجي ٿو ۽ هيري جي قسمت ۾
شهنشاهن جي تاج جي رونق بنجڻ لکيل هوندو آهي. هڪڙي
عامي ۽ فائز مقام ختم نبوت جي مرتبي ۽ حال ۾ فرق
کي نظر انداز ڪرڻ دنيا جي عظيم ترين گمراهين مان
هڪ گمراهي آهي.
حضرت امام الهند مولانا ابو الڪلام آزاد رحمت الله
عليہ جن پنهنجي لاجواب تصنيف ”تذڪره“ ۾ هن مقام
ختم نبوت يا دائره حقيقت محمديه ڏاهپ نهايت ئي
لطيف انداز ۾ ارشاد فرمايو آهي ته:
”هي جو بعض اڪابر نقشبنديه علي الخصوص حضرت مجدد
سرهندي رحمة الله عليهم جن پنهنجي علوم ڪشفيه ۾
ظاهر ڪيو ته دائره حقيقت محمديه سير قدمي جي آخري
حد آهي، ان کان پوءِ صرف سير نظري جي گنجائش آهي.
وهومن خصائصه ﷺ ۽ ٻيا سڀ اصحاب احوال و ڪشف به
انهي تي متفق آهن، تڏهن حقيقت ان جي به اها ئي اهي
ته جيئن ته حقيقت محمديه روح ۽ حيات جو آخري نقطو
۽ سرچشمو قرار ڏنو ويو ته بيشڪ سير ۽ اقدام جي به
آخري منزل اها ئي ٿي. ان کان پوءِ جو ڪجهه مافوق ۽
وراءِ الوراءِ تعينات آهي. انهي ڪري ته سير جي اتي
گنجائش ۽ قافله طلب ۽ محمل شوق جو اتي گذر. بلڪ
طائر فڪر ۽ مرغِ خيال به انهي فضاءِ لا تعين ۾
درمانده ۽ پرو بال سوخته آهن.
اي برون از و هم و قال و قيل من
خاڪ بر فرق من و تمثيل من!
صلي الله عليٰ محمد و عليٰ آلہ و اصحابہ اجمعين.
* |