سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :12

محمد اسماعيل عرساڻي

عادات و اخلاق نبوي

 

رسول اڪرمﷺ ”اڪمل البشر“ هئا. پاڻ ظاهري ۽ باطني خوبين جا مجسما هئا. دنيا ۾ جيترا به انبياءَ ۽ ٻيون شخصيتون پيدا ٿيون، اهي هنن وانگر جامع الصفات شخصيتون نه هيون، ليڪن پاڻ ذاتي ۽ ملڪوتي صفتن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا- ان ڪري سندن شخصيت عيبن کان پاڪ ۽ معصوميت جو مظهر هئي.

حليه مبارڪ:- سندن قد مبارڪ درميانو هو ۽ ڪجهه قدر درازيءَ ڏي مائل هو- جڏهن به پاڻ ٻين سان گڏ هوندا هئا ته اهي سندن مقابلي ۾ بلڪل پست نظر ايندا هئا ۽ جڏهن پاڻ ٻين سان گڏ ويهندا هئا ته سندن ڪلها مبارڪ انتهائي بلند نظر ايندا هئا. شمائل ترمذي موجب سندن گردن اونچي، سر وڏو ۽ سينو ويڪرو ۽ هموار ڏسڻ ۾ ايندو هو- سندن دل مبارڪ دنيوي آرائش کان پاڪ ۽ سندن سينو مبارڪ رواداري ۽ بالغ نظريءَ جي علامت هوندو هو- خود الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته”الم نشرح لک صدرک“- يعني”مون اوهانجي سيني کي بلڪل کولي ڇڏيو“- سندن چهرو انور گول ۽ اهڙو شفاف هو جو ان ۾ هر شئي جو عڪس نظر ايندو هو- پاڻ جمال الاهي جو آئينو ۽ انوار تجلي جو مظهر هئا- سندن چهري مبارڪ کي ڏسي حضرت عبدالله چئي ڏنو ته”وجهہ ليس بوجہ کذاب“ يعني”اوهانجو چهرو ڪنهن به دروغگو جهڙو معلوم نٿو ٿئي“، سندن ڪشاده پيشانيءَ مان نور جا ڪرڻا ڦٽي نڪرندا هئا- سندن گيسو مبارڪ ڪارا ۽ ڪجهه قدر گهنڊي دار هئا-سندن پنبڻ مبارڪ وڏا ۽ هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح مليل هئا جو پري کان ڳنڍيل نظر ايندا هئا- ريش مبارڪ گهاٽي هين- گردن ۽ سيني مبارڪ تي چمڪندڙ وارن جو خط مشڪين نڪتل هوندو هو- سندن رخسار مبارڪ ڀريل مگر زياده گوشت وارا نه هئا. دهن مبارڪ ڪشادي ۽ ڏند مبارڪ نهايت صاف ۽ چمڪندڙ هئن، مگر هڪٻئي سان مليل نه هوندا هئا. سندن زبان مبارڪ مان جيڪي به ڪلما نڪرندا هئا سي به بلڪل واضح، صاف ۽ مدلل هوندا هئا، اهڙيءَ طرح جو ٻڌڻ وارو ياد ڪري وٺندو هو ۽ متاثر ٿي واپس ويندو هو- حضرت ام معبد رضه فرمائي ٿي ته سندن شيرين ڪلام حق ۽ باطل ۾ فرق ٻڌائيندو هو ۽ سندن گفتگو ۾ موتين جي لڙهين وانگر تسلسل قائم هوندو هو- سندن هٿ مبارڪ بخمل کان به زياده نرم ۽ نازڪ هوندا هئا- سندن آڱريون ڊگهيون ۽ هٿن جون تريون ڪشاديون ۽ گوشت واريون هونديون هين-پيرن جون تريون اهڙيون هيون جو هلڻ وقت انهن جو نشان زمين تي نه لڳندو هو ۽ ايترو مٿي هيون جو پاڻي به سندن ترين هيٺان جيڪر وهي وڃي- سندن رفتار تکي هوندي هئي ۽ هلندا هئا ته ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن پهاڙيءَ تان هيٺ لهي رهيا آهن- ساڻن گڏ هلڻ وارا پٺيان رهجي ويندا هئا ۽ ساڻن قدم قدم ۾ ملائي ڀڄي نه سگهندا هئا.

شمائل ترمذيءَ موجب سندن پٺي مبارڪ تي نبوت جي مهر اڪريل هوندي هئي- چيو وڃي ٿو ته سندن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ڪبوتر جي بيدي جهڙو ڳاڙهو اڀريل گوشت ڏسڻ ۾ ايندو هو جنهن ۾ تر هوندو هو ۽ ڪجهه وار به اڀريل هوندا هئا- اهو به مروي آهي ته هڪ اڀريل دائرو بنيل هوندو هو جنهن کي مهر نبوت چوندا هئا- اهو به مذڪور آهي ته سندن قد مبارڪ جو پاڇو زمين تي نه پوندو هو ۽ اس يا چانڊوڪيءَ ۾ به بلڪل نظر نه ايندو هو- سندن چمڙي نرم ۽ نازڪ هئي- بنا خوشبوءِ لڳائڻ جي به سندن جسم مبارڪ مان اهڙي خوشبوءِ ايندي هئي جو عنبر ۽ مشڪ به انهي جو مقابلو ڪري نٿي سگهيا- صحابه ڪرام سندن پگهر کي عطر جي بدران پنهنجي جسم تي لڳائيندا هئا ۽ ٻارن جي چهرن ۽ بدن تي پڻ مليندا هئا ته هو مصيبتن کان محفوظ رهن- اهڙيءَ طرح سندن لعاب به زخمي ۽ بيمارن جي لاءِ شفا هوندو هو.

حسن ۽ جمال ۾ صحابه ڪرام رضه نه ڪي حضور ﷺ جن جهڙا ڪڏهن ڏٺا ۽ نه ڪڏهن ٻڌا- هو قسم کڻي چوندا هئا ته اسان کانئن پهرين يا کانئن بعد سندن جهڙو صاحب جمال ڪونه ڏٺو- حضرت ابو هريره رضه جن چوندا هئا ته”ماراء يت شيئا احسن من رسول الله کان الشمس تجري في وجہ“ يعني ”مون رسول پاڪ ﷺ جن کان وڌيڪ ڪا شيءِ نه ڏٺي، گويا آفتاب سندن چهري مبارڪ تي چمڪي رهيو هو“- حضرت جابر رضه بن سمرهه اهائي ڳالهه چوندا هئا ته سندن چهرو مبارڪ ماهه و خورشيد وانگر چمڪندو هو.

اخلاق و عادات:- ڪنهن شخص حضرت عائشه رضه کان پڇيو ته رسول اڪرم ﷺ جا اخلاق ڪهڙا هئا. پاڻ فرمايائين ته ڇا اوهان قرآن پاڪ نه پڙهيو آهي! جو ڪجهه قرآن ۾ آهي اهي ئي سندن اخلاق هئا. سندن زندگي مبارڪ قرآن شريف جو عملي تفسير هئي، جنهن  جي شاهدي خود قرآن ڏني آهي. ارشاد پاڪ آهي ته ِانکَ لعَليٰ خلق عظيم، يعني بلاشڪ وشبہ پاڻ اخلاق جي اعليٰ رتبي تي فائز هئا. خود پاڻ  به فرمايو اٿن ته ”بعثَتِلاُتممَ َمڪارم الاخلاق“ يعني ته آئون محاسن اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهيان. سندن اخلاق و عادات کي تفصيل سان بيان ڪرڻ لاءِ هڪ ضخيم ڪتاب گهرجي، ان ڪري مندرجه ذيل صفحات ۾ ان جو فقط خاڪو تحرير ڪيو وڃي ٿو ان لاءِ  ته اسين انجي پيروي ڪريون ۽ ان کي نمونو بڻائي پنهنجي زندگي ان مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون.”لقد کان َلکُم في رسول الله اُسوَة حسنة“. رسول اڪرمﷺ جي حيات طيبه ۾ اسان لاءِ بهترين نمونو آهي جنهن کي سامهون رکي اسين پنهنجي حياتي کي سڌاري سگهون ٿا.

انداز گفتگو:- شمائل ترمذي ۾ مرقوم آهي ته پاڻ بلا ضرورت گفتگو نه ڪرڻ فرمائيندا هئا، ڪا به ڳالهه ڪندا هئا ته ترسي ترسي هڪ هڪ فقره صاف طرح فرمائيندا هئا ۽ جنهن ڳالهه تي زور ڏيڻو هوندو هو ان کي بار بار دهرائيندا هئا. ۽ پاڻ ايتري  قدر آهسته آهسته الفاظ ادا فرمائيندا هئا جو ماڻهو انهن کي ڳڻي سگهندا هئا. پاڻ پنهنجي جذبات ۾ اچي ڪڏهن گفتگو نه فرمائيندا هئا- جذبات ۽ احساسات تي سندن پورو پورو قابو هوندو هو ڪا به ڳالهه جيڪڏهن چڱي معلوم نه ٿيندي هين ته پنهنجو منهن مبارڪ ڦيري ڇڏيندا هئا، ۽ جيڪڏهن ڪا به ڳالهه چڱي لڳندي هين ته پنهنجو سر مبارڪ جهڪائي ڇڏيندا هئا. پاڻ ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏيندا هئا، صرف مسڪراهٽ چپن تي ايندي هين ۽ زور سان کلندي کين ڪنهن به نه ڏٺو.

رقيق القلبي:- پاڻ نهايت رقيق القلب هوندا هئا. سندس صاحبزادي حضرت ابراهيم جو انتقال ٿيو ته تدفين جي وقت سندن اکين مبارڪن ۾ لڙڪ اچي ويا پر ان هوندي به رضاءِ الاهي تي توڪل ڪندي پاڻ اهو ئي فرمايائون: ”ابراهيم! اسان کي تنهنجي جدائي جو ڏک پهتو آهي پر تڏهن به اسين ان ڳالهه ۾ خوش آهيون جنهن ۾ اسان جي رب جي رضا شامل آهي“ حضرت زينب رضه جي صاحبزادي تي عالم سڪرات طاري ٿيو، دم ڏيندڙ ٻارڙي کي پاڻ گود ۾ کنيائون. دل ڀرجي آين ۽ اکين ۾ آنسو جاري ٿيا. حضرت سعد رضه متعجب ٿيا ته پاڻ سمجهايائون ته ”خدا انهي بندي تي رحم فرمائي ٿو جو ٻين تي رحم ڪري ٿو.“

اولاد سان محبت:- سندن دل ۾ محبت ۽ شفقت جو دريا موجزن هوندو هو. بي بي فاطمه رضه سان دلي محبت هوندي هين. هوءَ ايندي هئي ته پاڻ اُٿي بيهندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هون. هن جي صاحبزادن امام حسن ۽ امام حسين کي دل ڀري راند ڪڏائيندا هئا ۽ دوش مبارڪ تي ويهاري خوب راند ڪرائيندا هئا. اڪثر فرمائيندا هئا ته هي ٻئي منهنجا گلدستا آهن. ائين به فرمايائون ته حسين منهنجو آهي ۽ مان ان جو آهيان. حضرت زينب رضه جي صاحبزادي امامه کي به ڏاڍي پيار سان کيڏائيندا هئا. حضرت ابراهيم رضه جي وفات تي پاڻ جن جذبات جو اظهار ڪيو سو هڪ مثالي پيغمبر جي شفقت پدري جو بهترين نمونو آهي.

ٻارن سان پيار:- کين ٻارن سان نهايت محبت هوندي هئي. حضرت زينب رضه جي صاحبزادي امامہ کي هميشہ پاڻ سان گڏ رکندا هئا. نماز ۾ به هوءَ سندن دوش مبارڪ تي ويٺي رهندي هئي. رڪوع ۽ سجدي ۾ ويندا هئا ته هن کي لاهي جدا ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ رڪوع ۽ سجدي کان فارغ ٿيڻ تي هن کي کڻي وٺندا هئا، ان کي روئڻ نه ڏيندا هئا.حضرت زيد رضه جي صاحبزادي اسامہ رضه کي اُٺ تي ويهاري گهمائيندا هئا. حضرت خالد بن سعيد جي ننڍي ڪڪي حبشہ ۾ رهڻ جي سبب حبشي الفاظ سکي ويئي هئي. هڪ دفعي پاڻ هڪ خوبصورت ڪاري چادر ڏني ۽ گلڪاري ڏيکاري فرمائڻ لڳا:اُم خالد ڏس هي سَنَہ آهي هي سنہ آهي، حسنہ کي حبشي زبان ۾ سنہ چوندا هئا. پاڻ حبشہ کان ايندڙ مهاجر ٻارن جي وات مان حبشي لهجي ۾ ڳالهيون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا. واٽ تي ٻار ملي ويندا هئن ته انهن کي روڪي پيار ۽ محبت جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ پنهنجي سواريءَ تي ويهاري هنن جي دل بهلائيندا هئا ۽ اُنهن کي خوش ڏسي پاڻ به خوش ٿي ويندا هئا. هڪ ڏينهن اُم قيس پنهنجي کير پياڪ ٻار کي وٺي سندن خدمت ۾ حاضر ٿي، پاڻ ان ٻار کي پنهنجي گود ۾ کڻي ورتو. اڃا ٻار کي کنيائون مس ته اُن پيشاب ڪري ڏنو. خاتون ان کي ماريو ته پاڻ ناراض ٿيا ۽ ملامت طور فرمايائون ته تو منهنجي ٻچي کي ڇو ماريو- پوءِ وري ٻار کي وندرائي چپ ڪرايائون ۽ ڪپڙن تي پاڻي وهائي پاڪ ڪري ڇڏيائون.

جانورن ۽ پکين تي رحم:- اِنسان ته ِانسان پر پاڻ جانورن سان به شفقت سان پيش ايندا هئا- ستين صديءَ ۾ جانورن کي مارڻ  ۽ انهن تي حد کان وڌيڪ بوجهه لڏڻ معمولي ڳالهه هوندي هئي.  اهڙيءَ دنيا ۾ پاڻ سڀ کان پهرين جانورن تي رحم ڪرڻ جو سبق ڏنو. واقدي جي مطابق اسلامي فوج هڪ دفعي مڪي شريف وڃي رهي هئي ته رستي تي هڪ ڪتي پنهنجي گُلرن سان ويٺل نظر آئي. پاڻ مجاهدن کي منع فرمائي ته هو ان کي نه هڪلين ۽ هڪ ماڻهوءَ کي اُتي بيهاري ڇڏيائون ته جيئن ڪتي کي ڪو به نه ستائي. مروي آهي ته هڪ صحابي پکين جي ٻچن کي اُنهن جي آکيري مان ڪڍي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ٻچن جي ماءُ اُنجي مٿي مٿان اُڏامندي آئي، ان هوندي به هو انهن کي کڻي ايندو رهيو. پاڻ اُن صحابي کي حڪم ڏنائون ته هڪدم واپس وڃي انهن ٻچڙن کي پنهجي آکيري ۾ رکي اچ.

پاڻ جانورن جي نازڪ حصن تي داغ ڏيڻ کان منع فرمائي. هڪ گڏهه جي منهن تي ڪنهن داغ ڏئي ڇڏيو هو، اُن کي ڏسي پاڻ نهايت غمگين ٿيا ۽ فرمايائون: ”اُن تي الله جي لعنت هجي جنهن هن تي داغ ڏنو آهي“ اهڙيءَ طرح پڻ انهن جي جسم تان گوشت وڍڻ ۽ انهن تي حد کان زياده بوجو يا بار لڏڻ ۽ دير تائين رسي سان ٻڌي بيهاري ڇڏڻ جي ممانعت فرمائي آهي. پاڻ چوپائي مال کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ ۽ ٻڌي مارڻ کان به منع فرمائي آهي.

خواتين جي حرمت:- اُمهات المومنين سان تمام چڱي طرح پيش ايندا هئا. اُنهن کي خيالات جي اظهار جي پوري طرح آزادي حاصل هوندي هئي. حضرت عائشه هجي يا حضرت حفصه، حضرت زينب هجي يا حضرت ماريه، هر هڪ جي حقن جو خيال پاڻ مساوي طور رکندا هئا. هر هڪ لاءِ هڪ ڏينهن مخصوص هوندو هو. وصال کان هڪ هفته پهريائين شدت علالت سببان انهيءَ معمول ۾ فرق آيو ۽ حضرت عائشه صديقه سان گڏ رهڻ لڳا- ورنه پاڻ ان اصول تي نهايت پابنديءَ سان عمل ڪيو. پاڻ دنيا جي واحد شخصيت آهن جن عملا= پنهنجي ازواج مطهرات سان هر لحاظ سان مساوات ڪري ڏيکاري.

خواتين کي پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ جي آزادي هئي. هڪ خاص ڏينهن مقرر هوندو هو جڏهن اهي سندن خدمت ۾ حاضر ٿي آزاديءَ سان سوال ڪنديون هيون. هو جڏهن به صحابه ڪرام سان بحث ڪنديون هيون ۽ ڪا ڳالهه کين پسند نه ايندي هئي ته مخالفت ڪندي پنهنجي راءِ ظاهر ڪنديون هيون. حضرت اسماءِ رضه بنت عميس کي حضرت عمر رضه هڪ دفعي چيو ته مدينه جا مهاجر حبشه جي مهاجرن کان افضل آهن. ان تي هنن مخالفت ڪئي، ۽ چيو ته حبشه غير ملڪ هو ۽ اتي خطرو لاحق هو، ان لاءِ اتي وڃي مصيبت برداشت ڪرڻ وارن جو زياده حق آهي.

غلامن سان سلوڪ:- پاڻ غلامن تي عام شهرين جي برابر حقوق عطا فرمائيندا حضرت انس رضه سندن خاص خادم هو- هو چوندو هو ته پاڻ ڪڏهن به سندس ڪمن مان عيب نه ڪڍيو ۽ نه ڪڏهن چڱو  َمٺو چيو. ڪنهن پڇيو ته هو پنهنجي غلامن کي ڪيترا مرتبا معاف ڪن. پاڻ فرمائڻ لڳا ته”هر روز ستر دفعا معاف ڪندا ڪريو.“ پاڻ حڪم ڏيئي ڇڏيو هوائون ته جيڪو به پنهنجي غلام کي ٿڦڙ لڳائي ان کي گهرجي ته ان جي ڪفاره ۾ غلام کي آزاد ڪري ڇڏي. اهو ئي حڪم پاڻ حضرت سويد کي ڏنو هوائون. وصال جي وقت به سندن زبان مبارڪ تي ٻه ڪلما هوا”نماز ۽ غلام“. کين غلامن جي ڀلائي جو ايتريقدر خيال هو. غلامن جي مفاد ۾  ڪم ڪندڙ کانئن وڌيڪ نه ڪو هو نه هوندو.

مهمان نوازي:- کانئن وڌيڪ ٻيو ڪو به مهمان نواز ڪو نه ٿيو. پاڻ بکيا رهندا هوا، مگر مهمانن کي پيار ۽ محبت سان کارائيندا هوا. ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ مان وفد ايندا هوا ته انهن جي مهماني پاڻ خود ڪرڻ فرمائيندا هوا. اصحاب صفه کي خود پنهنجي ڀر ۾ ويهاري کارائيندا هوا. حضرت مقداد ۾ ان جا دوست مفلسي کان پريشان ٿي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ انهن کي ٻڪريون ڏنائون ۽ ارشاد فرمايو ته انهن جو کير پي گذارو ڪندا رهن- سندن گهر ۾ هڪ دفعي  هڪ ڪافر مهمان ٿيو. جيستائين ان جو پيٽ نه ڀريو تيستائين پاڻ ان کي کير پياريندا رهيا. چيو وڃي ٿو ته ستن ٻڪرين جو کير پي هو ڍائو ته پاڻ به بس ڪيائون.

فياضي ۽ سخاوت:- پاڻ ڪنهن به سائل کي پنهنجي دروازي تان محروم ڪري نه موٽايو. بلڪ جو ڪجهه به حاضر هوندو هو اهو کيس ڏيئي رخصت ڪندا هئا. حضرت ابوذر رضه چوندا هوا ته جبل احد جيترو سون به ملي وڃي ته آءٌ اهو گوارا نه ڪندس ته ٽي راتيون گذري وڃن ۽ مون وٽ هڪ دينار به باقي بچي- بحرين کان هڪ دفعه خطير رقم آئي ته پاڻ مسجد ۾ ويهي اها سڀني مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏي، ليڪن پنهنجي لاءِ هڪ دينار به  نه رکيائون. فدڪ کان چار اُٺ اناج  ڪپڙي سان لڏيل آيا ته حضرت بلال رضه جي حوالي ڪري حڪم ڏنائون ته اهو سامان وڪرو ڪري پنهنجو قرض ادا ڪري- قرض جي ادائگي بعد جيڪا رقم بچي ان کي تقسيم ڪرڻ کان اڳ پاڻ گهر تشريف کڻي نه ويا.

پاڻ مهمان نواز، سخي ۽ فياض ته ضرور هوا، ليڪن گداگريءَ کان سخت نفرت ڪندا هوا. پاڻ اڪثر چوندا هوا”اگر ڪو ماڻهو ڪاٺين جي ڀري لڏي عزت سان زندگي بسر ڪري سگهي ٿو ته اها ڳالهه ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان گهڻو بهتر آهي“. اهڙيءَ طرح پاڻ صدقو وٺڻ کي به ناپسند ڪندا هوا- حضرت امام حسن رضه هڪ دفعي صدقي جي کجور کاڌي هئي ته هن کي سمجهايائون ته صدقو کائڻ خراب ڳالهه آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته صاحب استطاعت کي خيرات وٺڻ نه گهرجي، ليڪن پاڻ هديه ۽ تحفو وٺڻ قبول فرمائيندا هوا ۽ ان جي بدلي ٻين کي عطا ڪرڻ به پسند ڪندا هوا، ڪنهن شخص هديه ۾ هڪ ڏاچي پيش ڪئي. پاڻ ان جو بدلو ڏنائون ته هن کي برو معلوم ٿيو. ان تي پاڻ ممبر تي چڙهي سمجهايائون ته ائين ڪرڻ معيوب نه آهي. يمن جي حاڪم سندن خدمت ۾ هڪ قيمتي حله موڪليو. پاڻ خوشيءَ سان اهو ورتو ۽ پاڻ موٽ ۾ هڪ حله موڪلي ڏنو. پاڻ اصحاب صفه کي تحفا ڏيندا هوا.

خاڪساري ۽ انڪساري:- پاڻ باعزت زندگي بسر ڪرڻ جو نمونو پيش ڪيو. پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هوا، ڪپڙن ۾ چتي هڻندا هوا، جتيءَ کي ٽاڪو هڻندا هئا، گهر ۾ ٻهاري ڏيندا هوا ۽ کير ڏهندا هئا ۽ بازار مان سودو به پاڻ وٺي ايندا هوا- ٻين جو ڪم به ان طرح ڪندا هئا، حتانڪه شهر جي نوڪرياڻين جي مدد به ڪندا هئا- جيڪي ساڻن ملڻ ايندا هوا تن جي عزت ۽ احترام ايتريقدر ڪندا هوا جو پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي ويهاريندا هوا- ڪنهن سان ملندا هوا ته پهرين پاڻ سلام ڪندا هئا. مصافحه ڪندا هوا ته جيستائين ٻيو شخص پنهنجا هٿ نه ڇڏيندو هو تيستائين پاڻ به هٿ نه ڇڏيندا هوا. پاڻ پنهنجن هم نشين کان پنهنجا گوڏا اڳتي وڌائي ڪڏهن به نه وهندا هوا- پاڻ بيمارن جي عيادت فرمائيندا هوا- جنازي جي پٺيان هلندا هوا ۽ غلامن جي دعوت قبول فرمائيندا هوا-پاڻ پيغمبريءَ سان گڏ بندگيءَ کي قبول فرمايو هو- پاڻ ڪڏهن به تڪيه لڳائي کاڌو تناول نه ڪيو- پاڻ فرمائيندا هوا ته ”مان خدا جو بندو آهيان ۽ ٻين بندن وانگر ويهي کاڌو کائيندو آهيان“. پنهنجي اصحابن کان ڪو به لقب قبول نه ڪيو- بنو عامر جي وفد مخاطب ٿي کين چيو ته”اوهين اسان جا آقا آهيو“ پاڻ ان تي فرمايائون ”آقا ته خدا آهي ٻيو ڪير به نه آهي.“ ڪنهن کين”يا خيرالبريه“ جي لقب سان سڏيو ته پاڻ فرمايائون ته”مخلوق ۾ سب کان چڱو ته حضرت ابراهيم آهي“- اهڙيءَ طرح پاڻ اظهار تفاخر جا سمورا لوازمات ٺڪرائي ڇڏيا ۽ پنهنجي امت کي هدايت ڪئي ته مون کي صرف الله جو بندو ۽ ان جو رسول چوندا ڪريو.

 نمونئه شريعت:- پاڻ اسلامي شريعت جو سچو نمونو هئا. پاڻ سڀني کان پهريائين اسلامي اصولن تي پابندي ڪندا هئا پوءِ ٻين کي انجي تعليم ڏيندا هئا. پاڻ پنهنجي معمولات ۾ ذرو به فرق آڻڻ نه ڏنو. پاڻ سائين باقاعده پابنديءَ سان ان تي عمل فرمائيندا هئا ”ان اَحب العمل ِالي الله اَدومہ“ يعني الله تعاليٰ جي نزديڪ سڀ کان چڱو ڪم اُهو آهي جو پابنديءَ  سان هميشہ ڪيو وڃي حضرت عائشه فرمايو آهي ته پاڻ رات جي عبادت ڪڏهن به ترڪ نه ڪيائون ۽ معمول جي مطابق برابر عبادت ڪندا رهندا هئا.

حسن معاملگي:- دشمن به سندن ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جا قائل هئا. پاڻ اڪثر ڪري قرض وٺندا هئا. قرض چڪائڻ وقت حساب ڪري واجب الادا کان ڪجهه زياده عطا فرمائيندا هئا. مروي آهي ته ڪنهن قافلي سان هڪ سرخ اُٺ جي قيمت طئه ڪيائون ۽ اُٺ وٺي شهر جي طرف روانا ٿيا. قافلي وارا پريشان ٿيا ته قيمت ڏيڻ بنا هڪ اجنبيءَ کي اُٺ وٺي وڃڻ ڇو ڏنائون. ايتري ۾ هنن کي نه فقط اُٺ جي قيمت ۾ کجورون اچي مليون پر سندن طعام و قيام جو انتظام به  ٿي ويو.

هڪ دفعي ڪنهن کان اُٺ قرض تي ورتائون ۽ پوءِ هن کي اُن کان به چڱو اُٺ بدلي ۾ ڏنائون. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪنهن کان هڪ پيالو ورتو هو، جو گم ٿي ويو ته پاڻ اُن جو تاوان ادا فرمايو.

انصاف پروري:

پاڻ حق تعاليٰ جي اڳيان سر جهڪايائون. امير ۽ غريب سڀ سندن نظر ۾ برابر هوندا هوا. مروي آهي ته مخزوم جي هڪ قريشي خاتون چوري ڪئي. ماڻهن حضرت اسامه جي ذريعي حضور جن کي سفارش ڪرائي مگر پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن سندن صاحبزادي بي بي فاطمہ رضه به چوري ڪري ها ته هن جا به هٿ ڪاٽيا وڃن ها. گذريل قومون فقط ان ڪري برباد ٿي ويون جو انهن وڏن ماڻهن جا گناهه معاف ڪري ڇڏيا ۽ عوام کي سزائون ڏنيون.

صداقت ۽ حق گوئي:-  قريشين جا مظالم برداشت ڪيائون مگر پاڻ حق تي قائم رهيا ۽ حق جو ئي اعلان فرمائيندا رهيا- سندن زندگي مبارڪ انهيءَ ئي حق گوئيءَ ۾ گذري ۽ ان جو ئي بي مثال نمونو آهي. خود سندن دشمن به کين امين، حق گو ۽ صادق ڪري مڃيندا هوا. ابوجهل تائين به کين ڪوڙو ڪنهن نه چيو. ابوسفيان ته هرقل جي ڀريءَ دربار ۾ سندن امانت ۽ صداقت جو اعتراف ڪيو هو، اهڙيءَ طرح عتبه بن ربيع ۽ ٻيا قريشي به کين سچو ئي سمجهندا هوا- قرآن شريف هن امر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته، ”فانهم لايکذبونک ولکن الظالمين ِبآيات الله يجحدون“. ”يعني اهي اوهان کي ڪوڙو نه ٿا سڏين، اهي ظالم فقط الاهي آيات جا منڪر آهن“.

ايفائي عهد:-  پاڻ جيڪو به وعدو ڪيائون اهو پورو ڪيائون- ڪڏهن به عهد شڪني نه فرمائي. صلح حديبيه  ۾ ابو جندل ۽ ابو بصير جهڙن نؤ مسلمانن کي مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون، مگر پاڻ معاهده جو پابنديءَ سان احترام ڪيو- حضرت حمزه رضه جو قاتل وحشي طائف جي وفد ۾ شامل ٿي حاضر ٿيو ته آداب سفارت جي احترام ۾ انهن کي امان عطا فرمايو ويو. بيعت عقبيٰ ۾ پاڻ انصارن سان عهد ڪيو هوائون ته آخر دم تائين پاڻ هن سان گڏ رهندا- مڪو فتح ٿيو مگر پاڻ واپس مديني ويا ۽ اتي سندن وصال ٿيو. ان کان وڌيڪ سندن ايفائي عهد جو نمايان مثال ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.

ايثار ۽ قرباني:- اسلام جي انقلابي تحريڪ سندن ايثار ۽ قربانيءَ جو درد ڀريو داستان آهي- پاڻ جان ۽ مال جون قربانيون ڏيئي پنهنجي امت کي سر بلند ڪيو. پاڻ فاقا ڪڍيائون، پر مسمانن کي فاقن کان نجات ڏياري. سندن گهرن ۾ ڪا به خادمه نه هوندي هئي، مگر مسلمانن کي ڪنيزون عطا فرمايائون. هڪڙي خاتون سندن خدمت ۾ هڪ چادر پيش ڪئي. ان وقت کين چادر جي ضرورت به هئي مگر جيئن ته هڪ ٻي مسلمان ان چادر کي پسند ڪيو ته پاڻ اها چادر انهيءَ کي ڏيئي ڇڏي. ڪنهن غريب صحابيءَ وٽ دعوت وليمه لاءِ ڪجهه به ڪين هو. سندن گهر مبارڪ ۾ فقط هڪ ٽوڪريءَ جيترو اٽو موجود هو، مگر پاڻ هن کي گهرائي دعوت جو انتظام ڪيو. اهو هو جذبئه ايثار، جنهنجو مظاهرو پاڻ پوري زندگي ڪندا رهيا.

اولوالعزمي:- انبياء ڪرام جي تعريف ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته،”واُولوالعزم من الرسل“- رسول اڪرم الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم اولوالعزمي، جوان مردي ۽ صبر و استقامت ۾ ٻين سڀني انبياء ڪرام کان برتر هوا- معرڪه حنين ۾ تيرن ۽ خنجرن جي بارشن ۾ به پاڻ جبل اوطاوس وانگر بيٺا رهيا ۽ شان رسالت جو مظاهرو ڪندي اهو اعلان بر بار فرمائيندا رهيا ته ”انا النبي لا کذب- انا ِابن عبدالمطلب“- اهڙي استقلال ۽ اولوالعزمي  جو مظاهرو پاڻ هر ڪنهن موقعي تي ڪندا رهيا- حضرت انس رضه بيان ٿو ڪري ته کانئن زياده جري  ۽ باهمت شخصيت ڪا به ڪانه هئي- هڪ دفعي مديني شريف ۾ شور مچي ويو ته دشمن اچي ويا. اهو شور ٻڌندي ئي پاڻ خود سبقت فرمائي ۽ گهوڙي جي اگهاڙي پٺي تي سوار ٿي تن تنها دشمن جي خبر وٺڻ لاءِ روانا ٿي ويا- پاڻ چئني طرفن جو گشت ڪري ساري حالات جو جائزو ورتو ۽ پوءِ واپس تشريف فرمائي سڀ ڪنهن کي اطمينان ڏياريو ته خطري جي ڪابه ضرورت ڪا نه هئي- اهو هو رسول صادق جو شان اولوالعزمي جنهن جو مظاهرو ڪري نه فقط پاڻ ڪٽر دشمنن کي هر ميدان ۾ شڪست ڏني بلڪ انهن جي عسڪري طاقت جو شيرازو منتشر ڪري انهن جي دلين کي پنهنجي منڪسر المزاجي ۽ شفقت ۽ رحمدليءَ سان مسخر ڪري ورتو- ڪافرن جي مسلسل تعذيب ۽ ايذا رسانيءَ تي به سندن جبين مبارڪ تي ڪو گهنج ئي نه پيو بلڪ اهڙي وقت ۾ پاڻ انتهائي وثوق ۽ اعتماد مان اهو فرمائيندا هئا ته”خدا جو قسم اسلام پنهنجي مرتبه ۽ ڪمال کي پهچي دم پٽيندو- حتانکه هڪ سوار صفا کان حضر موت تائين اهڙي طرح بي خوف و خطر سفر ڪندو جو ان جي دل ۾ سواءِ خدا جي ڪنهن به ٻئي جو خوف نه هوندو هو“.

شجاعت ۽ استقلال:- سندن حيات طيبه استقلال ۽ شجاعت جي ايمان افروز ڪارنامن جي تاريخ آهي- خداتعاليٰ کين جسماني ۽ روحاني طاقتون وديعت  فرمايون هيون، جن جي مدد سان پاڻ وڏن وڏن سرڪشن کي زير ڪيائون- رڪانه بن عبد يزيد ابوالاسود زمعي مڪي جو ناليوارو پهلوان هو، مگر ان کي پاڻ ايمان جي طاقت سان ڪشتيءَ ۾ شڪست ڏيئي ڇڏي- سندن چاچي ابو طالب رضه کين اسلامي تحريڪ بند ڪرڻ جو مشورو ڏنو ته پاڻ خداتعاليٰ تي ڀروسو ڪري فرمايو ”اگر منهنجي ساڄي هٿ ۾ سج ۽ کاٻي هٿ ۾ چنڊ به رکيو وڃي ته مان پنهنجي مقدس ڪم کان باز اچي نه ٿو سگهان“- جنگ بدر، جنگ احد ۽ جنگ احزاب جا واقعات ٻڌائين ٿا ته بهادري، بي خوفي، خود اعتمادي، مستقل مزاجي ۽ حاضر دماغيءَ ۾ سندن مثال عالمي جنگين جي تاريخ ۾ ملي نه ٿو سگهي- جنگ احزاب جي موقعي تي خندق جي کوٽڻ ۾ پاڻ جسماني طاقت ۾ به ٻين کان سبقت حاصل ڪري ورتي.

دراصل رضاءِ الاهي جي خاطر پاڻ پنهنجي پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو هو، خدا کان سواءِ پاڻ ڪنهن کان به مرعوب نه ٿيا ۽ خدا جي راه ۾ ۽ موت جي وات ۾ ۽ جنگ جي ڀڙڪندڙ بٺيءَ ۾ به ٽپي پوڻ کان دريغ نه ڪيائون. وصال بعد ترڪي ۾ تلوارون، زرهون، نيزا ۽ سامان حرب دستياب ٿيا. پاڻ بهادر سپاهي ۽ مڃيل شهسوار، ڪامياب قائد ۽ فنون سپاهگيريءَ ۾ ماهر هئا. گهمسان جهڙن معرڪن ۾ اصحاب ڪرام سندن ئي دامن ۾ پناهه وٺندا هئا . حضرت براءِ بن عازب بيان ڪن ٿا ته اسين اهڙن موقعن تي سندن ئي پناهه وٺندا هئاسين ۽ اسان ۾ اهو ئي بهادر سڏائيندو هو جو ساڻن گڏ پير ڄمائي دشمن جو مقابلو ڪندو هو.

صبر وحلم:- حضور جن ۾ عام انسانن کان قوت برداشت گهڻو زياده هئي. ڪافر گاريون ڏيندا هئا، مجنون ۽ پاڳل سڏيندا هئا ۽ سندن پٺيان تاڙيون وڄائيندا ويندا هئا ته به پاڻ صبر ۽ شڪر سان رهي برداشت ڪندا هئا ۽ پنهنجي نفس کي خدا جي خوشنوديءَ لاءِ قربان ڪندا هئا. يهودي ۽ عيسائي کين ڪوڙو سڏيندا هئا ته به پاڻ مشتعل نه ٿيندا هئا ۽ صبر سان انهن جون ڳالهيون ٻڌي انهن جي هر هڪ دعويٰ کي باطل ثابت ڪندا هئا.

ڪافرن جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي ڪنهن صحابيءَ کين درخواست ڪئي”اوهين اسانجي لاءِ دعا ڇو نٿا ڪرڻ فرمايو؟“ پاڻ ارشاد فرمايائون ته ”ٻين نبين ۽ انهن جي پوئلڳن کي ڪارائي سان چيريو ويو ۽ انهن جي بدن تي لوهه جون سيخون هلايون ويون ته به هو حق تي ڄميا رهيا- صبر ڪريو، الله اوهان کي ڪامياب ڪندو“ بيهقي جي چوڻ موجب پاڻ زيد نالي هڪ يهوديءَ جا قرضدار هئا، جو ساڻن حد کان زياده بد سلوڪيءَ سان پيش آيو، ايتري قدر جو حضرت عمر برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هن کي ڇينڀ ڪئي، مگر پاڻ نه فقط صبر کان ڪم ورتائون بلڪ واجب الادا قرض چڪائي پاڻ ويهه صاع زياده ڏنائون. اهڙيءَ طرح هڪ اعرابي سندن چادر مبارڪ کي ڇڪي انتهائي سخت لهجي ۾ چيو ته”محمد ﷺ، هي خد اجو مال جو تو وٽ آهي ان مان هڪ اُٺ جيترو مال مونکي ڏيو.“ پاڻ صبر سان هن جي ڳالهه ٻڌي ۽ هڪ جَوَن جو اُٺ هڪ کجورن جو اُٺ هن کي ڏيئي ڇڏيو. انهن ٻن واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته منجهن صبر ۽ حلم جو مادو سڀ کان زياده هو.

عفو ۽ چشم پوشي:- شان عفو جو مظاهرو فقط اها ئي شخصيت ڪري سگهي ٿي جا زندگيءَ جي ٽن مرحلن مان گذري هجي:-

(الف) طاقتور دشمن هن کي تعذيب ۽ ايذا رسانيءَ جو نشانو بنائي ۽ ان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

(ب) پوءِ هن کي اقتدار حاصل ٿي وڃي ۽ اهو ئي دشمن سندس رحم و ڪرم تي هجي.

(ج) هو پنهنجي قسمت جو فيصلو ٻڌڻ لاءِ هن جي درٻار ۾ حاضر هجي. کيس پنهنجو حشر معلوم هجي ۽ يڪا يڪ هن کي خبر پوي ته هن کي معاف ڪيو ويو آهي.

حضرت عيسيٰ پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين دور مان جيئن ئي گذريو ته مظالم برداشت ڪري به هن اهو ئي فرمايو ته خدايا هنن کي معاف فرمايو ڇو ته هي سمجهن ئي نٿا. ليڪن ڪرشن ۽ رامچندر اقتدار حاصل ڪري پنهنجي پنهنجي دشمن کان دل کولي انتقام ورتو. اهي نه فقط پاڻ ئي هئا جن فاتح مڪہ جي حيثيت سان شانِ عفو جو بي مثال مظاهرو ڪيو. ظالم قريش سندن رحم و ڪرم تي هئا. پاڻ انصاف کان ڪم وٺي انهن کي سزا ڏيئي سگهيا ٿي، ليڪن پاڻ اعلان فرمايائون:”وڃو، توهين سڀ آزاد آهيو. اوهان کان ڪو به بدلو نه ورتو ويندو“. اهڙي طرح پاڻ وحشي ۽ هنده جهڙن دشمنن کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو. دشمن تي غلبو حاصل ڪري پوءِ ان کي ڇڏي ڏيڻ انسانيت جو ڪمال آهي.

هڪ دفعي پاڻ ڪنهن وڻ جي هيٺان آرامي هئا ته هڪ ظالم سندن تلوار کڻي ورتي ۽ کين جاڳائي چيائين ته”هاڻي ٻڌاءِ ته توکي منهنجي هٿ مان ڪير ٿو بچائي سگهي؟“ پاڻ ان تي نهايت اعتماد سان فرمايائون:”الله“. اِهو ٻڌي دشمن ڏڪي ويو ۽ تلوار سندس هٿ مان ڇڏائي هيٺ ڪري پيئي. هاڻي اها تلوار حضور جن جي هٿ ۾ اچي وئي، ۽ دشمن سندن رحم ڪرم تي هو. اهڙي عالم ۾ به پاڻ اهو ئي فرمايائون ته”وڃ مان بدلو نه وٺندو آهيان“.

فقر ۽ سادگي:-  پاڻ نهايت سادگيءَ سان رهندا هئا. سندن گهر جون ڇتيون نهايت هيٺ هونديون هيون ۽ اهي به کجور جي شاخن مان ٺهيل هونديون هيون- جسم مبارڪ تي فقط هڪ تهبند هوندو هو- بنا بستر کٽ تي سمهندا هئا، جنهن جي ڪري سندن جسم مبارڪ تي وڏا وڏا نشان پئجي ويندا هئا. وٽن فقط هڪ وهاڻو هوندو هو، ان ۾ به کجور جا پن ڀريل هوندا هئا. هڪ دفعي حضرت عمر سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ته اهي نشان ڏسي روئي ڏنائين ۽ چوڻ لڳو ته ”قيصر  ڪسريٰ ته عيش عشرت جي زندگي بسر ڪن ٿا ۽ خدا جو برگزيده رسول ﷺ هن حالت ۾ رهي!“ اهو ٻڌي پاڻ فرمايائون ته ”ابن خطاب! ڇا توکي اهو پسند نه آهي ته آخرت اسان جي لاءِ هجي ۽ دنيا اُنهن جي لاءِ“.

وٽن خيبر، فدڪ ۽ شمال ۽ جنوبي عرب کان مال ۽ دولت جا ذخيرا ايندا هئا، مگر سڀ مسلمانن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندا هئا ۽ خود پنهنجي لاءِ يا اهلبيت لاءِ ڪجهه به نه رکندا هئا. هڪ دفعي ڪيترائي غلام ۽ ٻانهيون آيون، بي بي فاطمه رضه  هنن کان هڪ ٻانهي طلب ڪئي ته پاڻ فرمائڻ لڳا ”جان-پدر، بدر و صفه جا غريب ۽ لاوارث توکان وڌيڪ مستحق آهن.“

 کائڻ ۾ به اهڙي ئي سادگي اختيار ڪيائون. َجوَن جي ماني، کجور ۽ پاڻي سندن خوراڪ هئي. ان هوندي به فقر و فاقہ ۾ زندگي گذاريندا هئا. حضرت ابو هريره رضه بيان ڪن ٿا ته پاڻ ڪڏهن به پيٽ ڀري َجوَن جي ماني نه کاڌي. حضرت عائشه رضه جي چوڻ مطابق پاڻ دستر خوان تي ڪڏهن به اڪيلو ويهي ماني نه کاڌائون ۽ نه ڪڏهن سنهڙي ماني تناول فرمايائون. سندن گهر ۾ ٻه ٻه مهينا چلهه ڪانه ٻرندي هئي ۽ فقط ڇهارن ۽ پاڻي تي گذارو ڪندا هئا. اها به روايت آهي ته پاڻ ڪڏهن به ٻه وقت پيٽ ڀري ماني نه کاڌي. ڪيترا ڪيترا ڏينهن بک ۾ گذاريندا هئا ۽ ان ڳالهه کي لڪائڻ خاطر پنهنجي پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌي ڇڏيندا هئا.

تقويٰ ۽ عبادت:- کانئن زياده خدا تعاليٰ کان ڊڄڻ وارو ڪو نه هوند هو. دراصل سندن نفس تسليم رضاءِ  ِالاهي لاءِ وقف هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ”قسم آهي انهيءَ ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته جيڪڏهن اوهانکي حقيقت جو علم ٿي وڃي ته اوهين هوند زياده رئو ۽ کلو گهٽ“. سندن هر هڪ لمحو خدا جي يادگيريءَ ۾ گذرندو هو. سڄيون سڄيون راتيون عبادت ڪرڻ سبب سندن پيرن مبارڪ تي سوڄ چڙهي ويندي هئي. حضرت عائشہ رضه فرمائي ٿي ته هڪ دفعي پاڻ سڄي رات نماز ۾ بيٺا رهيا ۽ فقط هڪڙي ئي آيت بار بار پڙهندا رهيا. هڪ دفعي حضرت عبدالله بن شحيز رضه ڏٺو ته پاڻ نماز پڙهي رهيا هئا ۽ روئندي روئندي ايتريقدر سڏڪا وڌي ويا جو ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ته ديڳ اُڀامي رهي آهي يا ڪا َچڪي هلي رهي آهي.

ليڪن زهد و تقويٰ جي زندگي بسر ڪرڻ جي باوجود به پاڻ پنهجي فرائض کان غافل نه ٿيا. پاڻ سڀ کان چڱا شوهر، شفيق پيءُ ۽ مخلص دوست، يتيمن جا والي ۽ پاڙيسرين جا سرپرست هئا. حضرت عبدالله بن عمر رضه ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ رات جو عبادت ڪندا هئا. اهو ٻڌي پاڻ هن کي فرمايائون ته”توتي تنهنجي جسم جو به حق آهي. اک جو حق آهي ۽ زال جو حق آهي.“ هن مختصر جملي مان خبر پوي ٿي ته پاڻ رهبانيت يا ترڪ دنيا جي خلاف هئا، بلڪ ٻين جو حق پورو ڪري زهد و تقويٰ ۽ عبادت و رياضت جي زندگي کي پنهنجو لائحه عمل سمجهندا هئا.

انسان ڪامل:- المختصر رسول اڪرم ﷺ خوبين جا مجسما ۽ عيوب و آلائشن کان بلڪل پاڪ هوا- پاڻ جو ڪجهه به چيائون، اهو خدا جو پيغام بندن تائين پهچائڻ لاءِ ۽ جو ڪجهه ڪيائون سو انهيءَ پيغام کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ هو. حرص و هوس کان بالاتر ٿي ۽ پنهنجي ذات کان فنا ڪري خدا جي بندن کي خدا جي ٻڌايل رستي تي هلائڻ لاءِ اسلام جي تحريڪ شروع ڪيائون ۽ ان ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب ٿيا ۽ اها ئي انسان ڪامل جي واحد سڃاڻپ آهي. قرآن پاڪ ۾ آهي ”اي محمد ﷺ، چئي ڏي ته منهنجي عبادت، منهنجون قربانيون، منهنجي زندگي ۽ منهنجو موت سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي“ ۽ اهو ئي انسانيت جو اعليٰ درجو آهي.

چيني پيشوا:- چيني پيشوا ڪنفيوشش انسان ڪامل جو تخيل ته پيش ڪيو مگر هو پاڻ کي انسان ڪامل نه سمجهندو هو. ان جي اڳيان انسان ڪامل اهو آهي جو تعصب کان بالاتر ٿي عدل کي پنهنجو مسلڪ سمجهي، ۽ جو حق تي قائم رهي ۽ علم سان محبت ڪري ۽ جو پنهنجي صلاحيتن جي مطابق فائدو حاصل نه ڪري بلڪ ٻين کي به فائدو پهچائي ۽ جو پنهنجي ساٿين جي مصيبت وقت مدد ڪري- انهن کي سردي لڳي ته ڪپڙا ڍڪائي، بک لڳي ته کاڌو کارائي. رسول اڪرم ڪنفيوشش جي انسان ڪامل کان به وڌيڪ هئا. هن جو انسان ڪامل محض عدل کي پنهنجو رهنما سمجهي ٿو، ليڪن قرآن پاڪ جو انسان ڪامل صرف خدا کي پنهنجو هادي ۽ رهبر مڃي ٿو- اهو ئي خدا جو عدل و انصاف ۽ نور و حق جو منبع آهي، سو عالم انسانيت کي فائدو پهچائڻ لاءِ خود پنهنجي ذات کي قربان ڪري ڇڏي ٿو- خود بکيو رهي ٿو مگر ٻين کي کارائي ٿو،خود فقر و زهد جي زندگي گذاري ٿو مگر ٻين کي نوازي ٿو ۽ خود خدا جي ٻڌايل رستي تي هلي ٻين کي به انهيءَ جو پابند بڻائي ڇڏي ٿو. حاضر دؤر ۾ نٽشي به انسان ڪامل جو تخيل پيش ڪيو آهي. ان جي خيال ۾ انسان ڪامل اهو آهي جو هر قسم جون اٽڪلون استعمال ڪري ٻين کان پنهنجي ڳالهه مڃائڻ جي طاقت رکندو هجي. ليڪن ان جي ڳالهه مڃڻ وارن کان ٻين جو حشر ڇا ٿيندو؟ تنهن سان هن جو ڪو به غرض نه هوندو. دؤر حاضر جو هيءُ فلسفو حرص و هوس، خود غرضين ۽ مفاد پرستيءَ تي مبني آهي. اُن مان اسان کي اهو ئي سبق ملي ٿو ته طاقت ئي سڀ ڪجهه آهي. جيڪو محض طاقت سان ٻين کي زير ڪري پنهنجي ڳالهه مڃائي اهو ئي وڏو انسان آهي. رسول اڪرم ﷺ به دنيا کان پنهنجي ڳالهه مڃائي، مگر هن جي قسم جون اٽڪلون استعمال ڪرڻ سان نه. پاڻ دنيا کي سمجهايائون ته سندن ڳالهه مڃڻ ۾ ئي وڏو فائدو آهي. پاڻ بار بار فرمايائون ته دنيا و آخرت سڌارڻي هجي ته منهنجي ڳالهه مڃي اسلام قبول ڪريو. پاڻ ثابت ڪري ڏيکاريائون ته فقط اسلام تي هلي دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو ۽ انسانيت کي فلاح ملي سگهي ٿي- جنهن به اسلام قبول ڪري ان جي قانونن تي پوريءَ طرح عمل ڪيو ان کي ڇوٽڪارو ملي ويو- هو دنيا جو فاتح ۽ انسانيت جو علمبردار بنجي ويو-

پاڻ اهڙائي انسان ڪامل هئا- اخلاق جي بلند ترين درجي تي فائز ۽ اسوه حسنه جا حامل هئا. خود قرآن جي الفاظ ۾ منجهن انسان ڪامل جون ٻه واضح نشانيون موجود هيون.

1- سندن قول و فعل ۾ مطابقت هئي- جيڪو پيغام خدا جي طرفان مليو اهو بعينه انهيءَ طرح عوام جي اڳيان پيش ڪيائون.

2- پاڻ پنهنجي زندگي مبارڪ کي قرآن جي سانچي ۾ پلٽي ڇڏيو- ان ڪري حضرت عائشه رضه چوي ٿي ته ”ان خلق رسول الله ﷺ کان القرآن“ يعني قرآن پڙهي اندازو لڳايو ته سندن اخلاق ڪيتريقدر بلند هو- ۽ پاڻ انسانيت جي ڪهڙي بلند ترين منزليت تي فائز هئا.

رسول اڪرم ﷺ ۽ عيسائي مورخ:- عيسائي  مورخن سندن ذات بابرڪات کي آلوده ڪرڻ لاءِ سنگين ترين الزام گهڙيا ۽ سندن ڪردار کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ ڪيترائي داستان گهڙيا. رومي ڪليسا دنيائي عيسائيت کي اسلام جي خلاف اُڀارڻ لاءِ ايتريقدر به مشهور ڪيو ته مسلمان بت پرست آهن ۽ حضور جنجي مجسمي جي پرستش ڪن ٿا، ان ڪري هن جي خلاف جنگ ڪرڻ هڪ مذهبي فريضو آهي ليڪن انهن ئي لڙاين(صليبي جنگين) جي ڪري عيسائين جون اکيون کلي ويون.

ويٽ هن موضوع تي جيڪو تبصرو ڪيو آهي، ان کي سامهون رکي، انهن مورخن جي دعوائن جي قلعي کلي پوي ٿي. رسول صادق جي هنن دليلن جي اڳيان هيءَ دعويٰ غلط آهي ته پاڻ رسول نه هوا. پهريائين ته پاڻ خود پنهنجي رسالت تي عقيدو رکندا هوا، پوءِ پاڻ خدا جي پيغام پهچائڻ لاءِ پوري ثابت قدميءَ سان مصيبتون برداشت ڪيون ۽ ان لاءِ وڏي ۾ وڏيون قربانيون ڏيڻ ۾ پس و پيش نه ڪئي. ان مان به واضح ٿئي ٿو ته پاڻ رسالت جي دعويٰ نه ڪئي، بلڪ کين ته حضرت عيسيٰ ۽ حضرت موسيٰ وانگر خدا تعاليٰ پنهنجو رسول ڪري مبعوث ڪيو. جا دعويٰ ذاتي جاه ۽ ثروت جي خاطر ڪئي ويندي آهي، ان کي معاشرو خود ٺڪرائي ڇڏيندو آهي، ليڪن ملت اسلام جي مڃڻ وارن ته هنن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون- انهن جي نظرن ۾ پاڻ قيصر و ڪسريٰ کان وڌيڪ هوا- هو سندن عزت ڊڄي نه پر عقيدي سان ڪندا هوا ۽ سندن پيرويءَ ۾ ئي پنهنجي عزت سمجهندا هوا. عقل و فهم تدبير و سياست، زهد و عبادت ۾ به کين امتيازي مقام حاصل هو. پاڻ هڪ اهڙي عالمگير مذهب جو بنياد وڌائون، جنهن جا پيروي ڪندڙ پرهيزگاريءَ جو نمونو ثابت ٿيا. اهڙيءَ شخصيت رسول خدا کانسواءِ ڪا به ٻي ٿي نٿي سگهي ۽ اها ئي سندن صداقت جي سڀ کان واضح نشاني آهي.

رچرڊ بيل ۽ سندس ساٿي ايتريءَ حد تائين چون ٿا ته پاڻ فقط مطلب بر آري خاطر آيتن ۾ ترميم ۽ تنسيخ ڪئي ليڪن اهو به سراسر بهتان آهي. پاڻ ته خدا جا برگزيده بندا هوا، جيڪڏهن خدا تعاليٰ چند آيتن کي منسوخ ڪري ٻيون نازل ڪيون ته پاڻ اهو پيغام خدا جي ٻين بندن کي پهچايو- منسوخ شده آيتون پنهنجي جاءِ تي موجود رهيون ليڪن انهن تي عمل ڪرڻ جي ممانعت رهي- جيڪڏهن پاڻ پنهنجي خواهشات جي اتباع ۾ ائين ڪيو هجي ها ته انهن جو نام و نشان به نه هجي ها ۽ نه وري ان موضوع تي ڪا به روايت اسان تائين پهچي سگهي ها- اهڙيءَ طرح منسوخ شده آيتن جي موجودگي به سندن رسالت جي اهم علامت آهي- انهن متعصب مورخن جي اها دعويٰ به ڪيترو نه مضحکه خيز آهي ته پاڻ نعوذ با لله آيتن جي تخليق خود ڪندا هوا. حضرت عيسيٰ وانگر خدا جو ڪلام حضرت جبرئيل جي ذريعي وحيءَ جي صورت ۾ مٿن نازل ٿيو ۽ بلڪل اهڙيءَ طرح پاڻ انجي بندن کي پهچايائون- پاڻ خود ان تي پابنديءَ سان عمل ڪيو ۽ ان جي خاطر وڏي ۾ وڏيون مصيبتون برداشت ڪيون- اصحاب ڪرام رضه قرآن تي ايمان آندو - سندن رسالت تي گواهي ڏني ۽ سندن پيغام دنيا ۾ پهچائڻ لاءِ الله جي راهه ۾ قربان ٿي ويا.

عدل ۽ انصاف جا پيڪر:- اهي ئي مورخ نعوذ بالله کين ظالم قرار ڏين ٿا- انهن جي خيال ۾ پاڻ يهودي قبيلن کي ڌوڪو ڏيڻ ختم ڪري ڇڏيو ۽ صلح حديبيه جو احترام نه ڪيو- انهن ٻنهي ڳالهين جي ترديد مٿي ڪئي ويئي آهي. دراصل پاڻ ته عدل ۽ انصاف جا پيڪر ۽ امين ۽ صادق هوا پاڻ ايفاءِ عهد، فقر ۽ سادگي ۽ عبادت ۽ تقويٰ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هوا- اخلاقيات جي ڪنهن به معيار سان پرکيو وڃي ته پاڻ انسانيت جي اعليٰ ترين منزل تي فائز هوا- اهڙي صورت ۾ هن قسم جا الزام تراشڻ چنڊ تي مٽي وجهڻ کان وڌيڪ وقعت نه ٿا رکن.

معصوميت جو مجسمو:- خدا پاڪ کين برگزيده رسول ۽ انسان ڪامل بنايو- پاڻ جسماني، دماغي ۽ روحاني طاقت جا مالڪ هوا ۽ عيوب و نقائص کان پاڪ هوا- پاڻ خدا تعاليٰ جي مرضيءَ موجب ڏهه ٻارهن شاديون ڪيون ۽ نه پنهنجي نفس جي اشاري تي. سندن ازواج مطهرات رضه نيڪي ۽ بزرگي، عقل و فهم ۽ زهد و عبادت ۾ افضل ۽ برتر هيون- انهن ۾ اڪثر ته بيوه ۽ معمر هيون، جن سان نڪاح ڪري پاڻ انهن کي معاشري ۾ ممتاز مقام عطا فرمايو. حضرت زينب بنت جحش سان نڪاح ڪرڻ تي عيسائي مورخن اعتراض ڪيا آهن- هوءَ سندن گود ۾ ورتل پٽ حضرت زيد رضه جي نڪاح ۾ رهي چڪي هئي ۽ عرب اهڙي خاتون کي نڪاح ۾ وٺڻ عيب سمجهندا هوا- ان وهم کي ماڻهن جي دلين مان ڪڍي ڇڏڻ لاءِ خدا جي حڪم سان هن سان نڪاح ڪيائون- هي هڪ تمام وڏي قرباني هئي جا پاڻ ملت مسلم جي خاطر ڏني، ان لاءِ ته سندن اسوه حسنه تي هلي مسلمان اهڙي نڪاح کي معيوب نه سمجهن.

حضرت عائشه رضه حضرت ابوبڪر رضه جي صاحبزادي هئي. هو دور رسالت کان اڳ ۾ ئي سندن عزيز ترين دوست هو- بعثت کان پوءِ سڀ کان پهريائين ايمان آندائين ۽ هر وقت دم قدم ساڻن گڏ رهيو. اخلاقي رشتي کان پوءِ ديني رشتو قائم ٿيو ته ان کان زياده عزيز ڪو به ڪو نه هون، ان ڪري سندس صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪري پاڻ خانداني رشتو به استوار ڪيائون. هاڻي مادي ۽ روحاني، ديني ۽ دنيوي اعتبار سان ٻئي بزرگ هڪٻئي کي بلڪل قريب ٿي ويا. ايتري قدر جو پاڻ بيمار ٿيا ته سندن جاءِ تي هن امامت جا فرائض انجام ڏنا. سندن وصال ٿيو ته سندن جاءِ نشين منتخب ٿيا ۽ مرڻ بعد سندن ئي پهلوءَ ۾ دفن به ٿيا. حضرت عمر رضه جي صاحبزادي حضرت حفصه رضه سان نڪاح به انهيءَ ئي ديني تعلق جي ڪري ٿيو، ليڪن حضرت عباس رضه جي  جي سالي حضرت ميمونه رضه ۽ حضرت ابو سفيان رضه جي صاحبزادي ام حبيبه سان نڪاح ۾ ديني مقصد کان سواءِ سياسي ۽ سماجي مصلحتون به مد نظر هيون. الغرض پاڻ ايتريون شاديون خدا جي حڪم سان ۽ اسلام جي مفاد کي سامهون رکي ڪيون، ان لاءِ ته معاشري جي اصلاح ٿي سگهي يا مسلمان ذاتي ۽ خانداني تفرقن کان بالاتر ٿي سڀ هڪ قانون جي ماتحت خوشگوار زندگي بسر ڪن.

الغرض سندن ڪردار دنيا جي وڏي ۾ وڏين شخصيتن جي ڪردار کان بلند هو. ۽ تنقيد ۽ حرف زنيءَ کان بلڪل بالاتر هو. حضرت علي رضه فرمائيندو هو ته پاڻ سڀني کان زياده سخي ۽ فياض هوا. خود به سڀ کان سچا، مزاج ۾ سڀ کان نرم ۽ اخلاق ۾ سڀ کان ملڻ سار هوا. جو به هنن سان پهريون دفعو ملندو هو سو سندن گرويده ٿي ويندو هو ۽ جيڪو به ساڻن گڏ رهندو هو سو مٿن قربان ٿيڻ لاءِ ٻين کان سبقت کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندن تعريف بيان ڪرڻ وارا چون ٿا ته”هنن کانئن پهرين ۽ کانئن پوءِ سندن جهڙو ڪو به ٻيو ڪو نه ڏٺو“ حضرت انس رضه خادم رسول هو- هو بيان ٿو ڪري ته پاڻ هن کي ڪنهن ڪم سان ٻاهر موڪليو- رستي ۾ ٻار گڏيا ته هنن سان راند ڪرڻ لڳو ۽ جنهن ڪم سان ويو ٿي اهو وسري ويس. دير ٿي ته خود پاڻ حضور ﷺ جن سندس تلاش ۾ نڪتا ۽ پٺيان اچي سندس گردن موڙي. هن پٺتي مڙي نهاريو ته حضور ﷺ جن جو مرڪندڙ منه مبارڪ نظر آيس- اهو واقعو بيان ڪري هو چوي ٿو ته هو سندن خدمت ۾ نو سال رهيو مگر انهيءَ عرصي ۾ پاڻ ڪڏهن به هن جي ڪمن مان عيب نه ڪڍيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪم جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ ڪري پاڻ ڪو به جواب طلب فرمايائون.

حضرت امام حسين رضه کان سندس والد حضرت علي رضه بيان ڪيو ته مجلس ۾ حضور جن جو اٿڻ ويهڻ ذڪر الاهيءَ کان خالي نه هو. جتي جڳهه ڏسندا هئا، اتي ئي جلوه افروز ٿي ويهي رهندا هئا- جيڪي به سندن ڀرسان هوندا هوا، انهن مان هر هڪ کي پنهنجي تعليم مان مستفيض ڪندا هوا ڪو به شخص ساڻن مخاطب  ٿيندو هو ته وچ ۾ قطع ڪلام ڪري نه ويندا هوا، بلڪ ان وقت تائين ترسي پوندا هوا جيستائين خود ڳالهه ختم نه ڪري. پاڻ هر ڪنهن جي حاجت پوري ڪرڻ فرمائيندا هوا، پر جيڪڏهن ممڪن نه هوندو هو، ته نهايت انڪساريءَ سان معذرت خواه ٿي ويندا هوا- سندن ڪشاده روئي ۽ حسن خلق سڀ ڪنهن لاءِ عام هو گويا پاڻ سڀ ڪنهن لاءِ هڪ شفيق پيءَ وانگر هئا، سڀ ڪنهن سان مساوي طور سلوڪ ڪرڻ فرمائيندا هوا.

صحيح بخاريءَ ۾ آهي ته پاڻ اطاعت شعارن کي بشارت ڏيندا هوا ۽ گنهگارن کي خدا جي عذاب کان ڊيڄاريندا هوا- پاڻ خدا جا برگزيده بندا ۽ رسول هوا ۽ هنن پاڻ کي خدا جي رضا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو- پاڻ درشت مزاج ۽ سخت گؤ نه هوا- ڪڏهن به زور سان آواز نه ڪندا هوا ۽ نه وري دشمنن کان انهن جي حرڪتن جهڙو بدلو ورتو هو حياتي گهرندا هوا ته معاف ڪري ڇڏيندا هوا ۽ عفو ۽ چشم پوشيءَ سان ڪم وٺندا هوا- سندن مقدس ڪم دنيا جي ٻين مذهبن کي براين کان پاڪ ڪرڻ هو. سندن تعليم انڌن کي اکيون ۽ ٻوڙن کي ڪن ڏنا ۽ غفلت جا پردا هٽائي ڇڏيا- پاڻ هر ڪنهن خوبيءَ سان آراسته ۽ جمله اخلاق فاضله سان متصف هوا- مسڪيني سندن لباس، نيڪي سندن شعار، تقويٰ سندن ضمير، حڪمت سندن ڪلام، عدل سندن سيرت، رهڻي سندن شريعت ۽ اسلام سندن دين آهي.

پاڻ هدايت جو رستو ڏيکاريائون ۽ گمراهيءَ کان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ۽ گمنامن کي عظمت ۽ شهرت عطا فرمائي- سندن برڪت سان تنگدست خوشحال ٿي پيا ۽ محتاج غني بنجي ويا.

امام غزالي رح جي لفظن ۾ ”پاڻ صابر ۽ حليم هوا- درشت مزاج نه هوا- متواضع ۽ منڪسرالمزاج هوا- ان هوندي به ماڻهو ساڻن جهڪي ۽ عقيدتمنديءَ سان ملندا هوا- پاڻ ڪنهن تي به ظلم نه ڪيائون ان هوندي به هر هڪ کانئن مرعوب هو- پاڻ فياض ۽ سخي هوا، مگر مسرف ۽ فضول خرچ نه هوا“.

شاهه ولي الله دهلوي لکن ٿا ته”پاڻ مخلوق خدا تي رحم فرمائيندا هوا- ڪنهن کي به سندن ذات کان نقصان نه پهتو- پاڻ قوم جي اصلاح ڪيائون ۽ معاشري کي براين کان پاڪ ڪيو- پاڻ هر هڪ سان عزت و احترام سان پيش آيا. هر شيءَ جو قدر ڪيو، هر نعمت تي شڪرانو ادا ڪيو. سندن نظر هميشه آسماني بادشاه جي طرف لڳي رهندي هئي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com