مولانا جان محمد ڀٽو
حُضورﷺجن جِي حَيَات مُبَارَڪ َجا چَند وَاقعَا
سيرت النبيﷺ! سيرت جي معنيٰ آهي چال چلت. هي تمام
وسيع موضوع آهي. حضور ﷺ جي 23 ساله نبوت واري
زندگي ۽ 40 سال نبوت کان اڳ پوري 63 ساله زندگي
اسان لاءِ مشعل راه آهي. لقد ڪان لڪم في رسول الله
اُسوة حسنة“ حضور ﷺ جي زندگيءَ ۾ اوهان لاءِ
بهترين نمونو موجود آهي. حضور ﷺ جي سوانح حيات،
سندن اخلاق ۽ عادت، سندن انفرادي ۽ اجتماعي زندگي،
سندن سياسي ۽ سماجي زندگي، مطلب ته هي سڀ سيرت جا
مختلف پهلو آهن، جن جي مٿان هزارين ڪتاب ڪئي زبانن
۾ لکجي چڪا آهن، پر حضور ﷺ جي زندگي پاڪ جا ايترا
ته پهلو آهن ۽ هر هڪ پهلوءَ جون ايتريون ته
تقاضائون آهن جو ڪو به ڪتاب لکندڙ انجي حق ادا ڪرڻ
جي عويٰ ڪري نه ٿو سگهي. سيرت پاڪ تي اڃان به
قيامت تائين لکبو رهبو ۽ انجي لذت ۽ شيرينيءَ ۾ ڪا
ڪمي محسوس نه ٿيندي.
اڄ کان 1453 ورهيه اڳ جڏهن دنيا بلڪل گمراهه ٿي
چڪي هئي. انسان جنهن کي اشرف المخلوقات جو شرف
حاصل هو شرڪ ۽ ظلم ۾ متبلا ٿي راه حق کان هٽي چڪو
هو انوقت رب ڪريم کي وري به هن ڌرتيءَ وارن تي رحم
آيو ۽ پنهنجو آخري نبي محمد مصطفيٰﷺ موڪلي انڌيري
۾ روشنيءَ جو انتظام فرمايو. حضرت محمد ﷺ جو جنم
عرب جي مشهور شهر مڪہ ۾ سومر جي ڏينهن پره ڦٽڻ
کان پوءِ سج اڀرڻ کان اڳ ربيع الاول جي مهيني ۾
ٿيو. تاريخ ۾ البت اختلاف آهن. ڇاڪاڻ ته ان زماني
۾ عرب جنم جو ڏينهن ڪونه ملهائيندا هئا. حضور ﷺ جي
والده ماجده جو نالو آمنہ هو ۽ سندن والد بزرگوار
جو نالو عبدالله پاڻ اڃا امان سائڻ جي پيٽ ۾ هئا
ته سندن والد بزرگروار هن دنيا مان گذاري ويو. پاڻ
سڳورا ڄمندي ئي يتيم هئا. جنهن مائيءَ دائي کين
نپايو ۽ کير پياريو ان جو نالو حليمه هو. ڇهن سالن
جا ٿيا ته سندن والده سڳوري کائن هميشہ لاءِ جدا
ٿي ويئي ۽ پاڻ سڳورا پنهنجي زندگي پنهنجي ڏاڏي
عبدالمطلب جي سرپرستيءَ هيٺ گذارڻ لڳا. خدا جو
شان، اٺن سالن جي عمر ۾ ڏاڏي سائين جو سايو به
سندن سر تان هٽي ويو ۽ پاڻ پنهنجي سڳي چاچي ابو
طالب وٽ رهڻ لڳا. عرب ۾ ٻڪريون چارڻ عزت ڀريو شوق
تصور ڪيو ويندو هو. پاڻ سڳورا ڏهن سالن جي عمر ۾
ٻڪريون چارڻ لڳا، دنيا ڏٺو پئي ته هڪ ڌنار آهي چند
ٻڪريون چاري رهيو آهي، پر ان وقت ڪنهن کي اها خبر
ڪانه هئي ته هي شخص اڳتي هلي پوري دنيا جي انسانن
جو ڌنار ٿيندو. حضور ﷺ جن 13 سالن جي عمر ۾ پنهنجو
آبائي پيشه تجارت اختيار ڪيو. تجارت اندر امانت ۽
صداقت ۾ ايترو مشهور ٿي ويا جو 19 سالن جي عمر ۾
ماڻهن سندن نالي وٺڻ جي بجاءِ کين امين ۽ صادق جي
لفظن سان پڪاريندا هئا. 25 سالن جي عمر ۾ بي بي
خديجه رضه سان شادي ڪيائون. ان وقت بي بي صاحبه جي
عمر 40 سال هئي ۽ بيوه هئي. بي بي صاحبه پنهنجي
سيرت ۽ اخلاق ۾ ايترو ته بلند هئي جو ماڻهو کيس
طاهره يعني پاڪيزه چوندا هئا. ”الطيبت للطيبين.“
بي بي صاحبه وڏي مالدار عورت هئي. واپار ۾ سرمايو
هجي بي انداز ۽ وري وڻجڻ لاءِ صلاحيتون هجن محمد
عربي ﷺ جون، پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته هن مال ۾ ڪيترو
نه اضافو آيو هوندو. دنيا ۽ دولت جي بي پرواهي هئي
مگر دل م هڪ سور هو. خلق خدا تباهيءَ جي کڏ ڏانهن
وڃي رهي هئي. شرڪ، ظلم، قتل، غارت، ٺڳي، چوري،
جوا، شراب خوري، مطلب ته هر عيب انهن ماڻهن ۾
موجود هو.
نيٺ حضور ﷺ جن هنن برن ماڻهن ۽ سندن براين کان
بيزار ٿي وڃي غار حرا ۾ تنهائيءَ جا ڏينهڙا گذارڻ
لڳا. هن وقت حضور ﷺ جي عمر 35 سال هئي. جڏهن 40
سالن جي عمر کي پهچن ٿا ته رب العزت رهنمائي
فرمائي ٿو. ”ووجدک ضالا فهديٰ“ (الله توکي پليل
ڏٺو پوءِ هدايت ڪيائين) حضور ﷺ جي اها ڪهڙي ڀل هئي
۽ کين ڪهڙي هدايت ملي؟ هي گمراهه دنيا، ماڻهو جهنم
جي کڏ جي ڪنڌيءَ تي بيٺا آهن، تون انهن کي ڪنهن جي
حوالي ڪري وڃي غار حرا ۾ عافيت جي زندگي گذاري
رهيو آهين. تنهنجو مقام گوشه نشيني نه آهي. خلوت
کي ڇڏ اسان تنهنجي رهنمائي ڪريون ٿا: ماڻهن جا
عقائد توحيد رسالت ۽ آخرت جي سلسلي ۾ صحيح ڪر،
انهن کي بااخلاق بناءِ ۽ کين منظم ڪري اهو معاشرو
قائم ڪر جنهن ۾ نيڪي پروان چڙهي ۽ برائي دٻجي رهي.
چاليهه سال عمر آهي رمضان شريف جو مهينو آهي،
غالباً تاريخ 27 آهي. پاڻ سڳورا غار حرا ۾ ويٺا
آهن. اوچتو هڪ ماڻهو ظاهر ٿئي ٿو سندس هٿ ۾ ڪتاب
آهي. حضور ﷺ کي ڀاڪُر پائي زور ڏيئي چوي ٿو
”اقراء“ (هي ڪتاب پڙهه) حضور ﷺ فرمائن ٿا ته آءٌ
پڙهيل ڪونه آهيان. اها حقيقت آهي ته حضور ﷺ جن
پڙهيل ڪونه ها. يا ته کين ننڍي هوندي پڙهڻ جو
موقعو نه مليو يا وري خود رب سائين جي اها مرضي
هئي ته سندس حبيب فقط سندس ئي شاگرد ٿي رهي ڪنهن
ٻئي جي آڏو شاگرديءَ جا گوڏا ڀڃي نه ويهي. ان شخص
وري به حضور ﷺ کي ڀاڪر پائي زور ڏيئي چيو ته
”اقراء“ حضور ﷺ جن ساڳيا الفاظ فرمايا ته آءٌ
پڙهيل ڪونه آهيان. ان ماڻهو ٽئين دفعي به ڀاڪر
پائي زور ڏيئي چيو، پڙهه (قرآن کي) پنهنجي رب جي
نالي سان جنهن پيدا ڪيو. رت جي دڳي مان انسان کي
پيدا ڪيائين. پڙهه تنهنجو رب ڏاڍو ڪريم آهي، جنهن
قلم جي ذريعي علم سيکاريو. انسان کي اهو علم
ڏنائين جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو. ائين چئي هو
ماڻهو غائب ٿي ويو. حضور ﷺ جن ڏاڍو پريشان ٿيا ته
هي ڇا معاملو آهي. اتاهون اٿيا. ڏڪندي ڏڪندي بي بي
خديجه رضه وٽ پهتا ۽ فرمايائون ته مون تي چادر
وجهه. بي بي صاحبه مٿن چادر يا ڪو ڪمبل وڌو. جڏهن
کين ڪجهه آرام آيو، خوف ۽ هراس جي ڪيفيت دور ٿي ته
بي بي صاحبه کي سارو قصو ڪري ٻڌايائون ۽ فرمايائون
ته مون کي ساهه جو خوف آهي. بي بي صاحبه فرمايو
”ائين ڪڏهن نه ٿيندو. خدا جو قسم، رب سائين توکي
ڪڏهن به پريشان نه ڪندو. تون مائٽن سان چڱو هلين
ٿو سچ ڳالهائين ٿو، ماڻهن جون امانتون ادا ڪرين
ٿو، تون يتيمن جو يار آهين، مسڪينن جو مددگار
آهين، ڏکويلن جو غمگسار آهين.“ پوءِ بي بي صاحبه
حضور ﷺ جن کي ساڻ ڪري پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ
ويئي. هو 90 سالن جو پوڙهو ۽ سخت ضعيف هو. اکين
کان به ويهجي ويو هو. عيسائي مذهب اختيار ڪيو
هئائين. عربي ۽ عبرانيءَ ۾ انجيل لکندو هو. وڏو
عالم هو. بي بي صاحبه ان کي چيو ته ڪجهه پنهنجي
ڀائٽي جو حال احوال ٻڌو. حضور ﷺ جن کيس سمورو قصو
ڪري ٻڌايو. ورقه چيو ته ”هي اهو ئي وحي آهي جيڪو
الله تعاليٰ موسيٰ عليہ السلام تي نازل ڪيو هو.“
وڌيڪ چوڻ لڳو ته ”افسوس مان جيڪر تنهنجي دور نبوت
۾ جوان هجان ها ۽ جيڪر ان وقت تائين زنده رهان
هان، جڏهن تنهنجي قوم توکي ملڪ مان لوڌيندي.“ حضور
ﷺ فرمايو ته ”ڇا هي مون کي هتان لوڌي ڪڍندا. ورقه
چيو ته ”ها، ڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته ڪو شخص اها
ئي شيءِ کڻي آيو هجي جيڪي تون کڻي آيو آهين ۽
ماڻهو ان جا دشمن ٿي نه بيٺا هجن. مان جيڪڏهن
جيئرو رهيس ته تنهنجي ضرور مدد ڪندس.“ غار حرا ۾
پهريون دفعو وحي اچڻ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن وري وحي
اچڻ بند ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏيهن سوره مدثر جون
ابتدائي آيتون نازل ٿيون. ”اي اوڇڻ ڍڪڻ وارا! اٿ ۽
خبردار ڪر، پنهنجي رب جي وڏائيءَ جو اعلان ڪر،
پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک، گندگيءَ کان پري رهه، زياده
حاصل ڪرڻ لاءِ احسان نه ڪر ۽ پنهنجي رب جي خاطر
صبر ڪر“ هنن آيتن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي رسول کي
حڪم ڏنو ته اٿ نبوت جي ڪم جو آغاز ڪر. انهن آيتن ۾
کين هي به ٻڌايو ويو ته توکي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي ۽
ان ڪم لاءِ تنهنجو اخلاق ۽ معاملات ڇا هئڻ گهرجن.
هي ڪم تون ڪهڙي نيت، ذهنيت ۽ ڪهڙي طرز فڪر سان
ڪندين. کين هن ڳالهه کان به خبردار ڪيو ويو ته
توکي ڪهڙا حالات پيش ايندا ۽ تون انهن جو مقابلو
ڪهڙيءَ طرح ڪندين. هي نبوت جو پهريون دور هو. ٽن
سالن تائين پاڻ سڳورا لڪ ڇپ ۾ دعوت ۽ تبليغ جو ڪم
ڪندا رهيا ۽ خاص طرح انهن ماڻهن سان مليا جيڪي حال
محرم هئا. انهن ۾ بي بي خديجه رضه. حضرت علي رضه،
حضرت زيد رضه، حضرت ابوبڪر رضه وغيره هئا. جن دعوت
کي ٻڌو ۽ اسلام قبول ڪيو. آخر اهو سج جيڪو دنيا کي
روشن ڪرڻ لاءِ اڀريو هو ڪيترو وقت لڪل رهندو، پاڻ
سڳورا کلي طور دعوت ڏيڻ لاءِ ڪوه صفا تي آيا ۽ زور
سان پڪاريائون، يا صباحاً، يا صباحاً. هي اهي لفظ
هئا جو مصيبت جي وقت ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ عرب
استعمال ڪندا هئا. قريش ننڍا وڏا سڀ اچي گڏ ٿيا.
تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو ته ”اي انسانو! جيڪڏهن مان
توهان کي ٻڌايان ته هن جبل جي پويان هڪ ڌاڙيلن جو
ٽولو توهان تي حملي ڪرڻ لاءِ ويٺو آهي. ڇا توهان
منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪندا.“ سڀني يڪ آواز ٿي
چيو ته بالڪل اعتبار ڪنداسين. تو اڄ ڏينهن تائين
ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي. اسان توکي صادق ۽
امين چوندا رهيا آهيون. تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو ته
”اي انسانو! ”قولوا لاالہ اِلاالله تفلحون“ (سڀيئي
چئو ته الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود نه آهي ته
اوهان ڪامياب ٿيندؤ).
آءٌ هتي هيءَ ڳالهه ٻڌائيندس ته اسلام ڪو انهيءَ
معنيٰ ۾ مذهب نه آهي جنهن لاءِ (رليجن) جو لفظ
استعمال ٿيندو آهي. اسلام عيسائيت، يهوديت ۽
هندومت وانگر چند رسومات ۽ عبادات جو مجموعه نه
آهي، بلڪ هي بين الاقوامي تحريڪ آهي. نظام حيات
آهي. دنيا جي محدود تحريڪن کي نصب العين دستور ۽
منشور هوندو آهي. ۽ هو پنهنجي ڪارڪنن ۽ ميمبرن جي
خاص طريقي سان تربيت ڪنديون آهن. اهڙي طرح اسلام
به هڪ نصب العين پيش ڪري ٿو ته انسانن کي انسانن
جي ٻانهپ کان آزاد ڪري کين محض خالق اڪبر جو ٻانهو
بڻايو وڃي. انسان نه ته خدا ٿي سگهي ٿو نه وري خدا
کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ٻانهو ٿي سگهي ٿو. بلڪ
انسان پنهنجي رب جو خليفو نائب ۽ عبد آهي. جيڪي
تحريڪ اسلاميءَ جا ميمبر بڻيا انهن کي مسلمان چيو
ويو ۽ نان ميمبرن کي ڪافر ۽ مذبذبين کي منافق.
تحريڪ جي پوري مقصد کي سمجهڻ لاءِ کين هڪ ڪلمہ لا
الہ اِلا الله محمد رسول الله ڏنو ويو. حضور ﷺ جن
جڏهن صفا جبل جي گرد گڏ ٿيل ماڻهن اڳيان ڪلمو
پڙهيو ته عرب پوريءَ ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ ٿوريءَ
دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. آخر ان سڪوت کي ٽوڙڻ
وارو پهريون ماڻهو سردار ابو لهب هو، جنهن حضور ﷺ
ڏانهن پٿر اڇلائيندي چيو: ”تبالڪ الهذا جمعتنا“
(هلاڪ ٿئين هن ڳالهه لاءِ تو اسان کي گڏ ڪيو آهي).
ڪملي پاڪ مان هن سمجهي ورتو ته هن تحريڪ جي
ڪاميابيءَ کان پوءِ اسان جي خداوندي ختم ٿي ويندي.
خطره جي گهنٽي وڄي ويئي. سردار، جنهن کي اسان سنڌ
۾ وڏيرو يا رئيس ۽ پنجاب ۾ چوڌري چوندا آهيون، گڏ
ٿي ويا. يهودين جي عالمن ۽ عيسائين جي پيرن ۽
فقيرن کي به پاڻ سان ملايائون. ”عوام کالانعام.“
عام ماڻهو ڍورن وانگر پنهنجي ڀوتارن، پيرن ۽
مولوين جي ڪڍ لڳي پيا. تحريڪ جي سخت مخالفت شروع
ٿي ويئي.
عوام ۾ ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ وارا به هئا، جن کي
مستوط طبقه چيو ويندو آهي. ليڪن انهن ۾ به اڪثريت
پست همت وارن جي هئي. هو ڪڏهن تسليم ڪندا هئا ۽
انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪندا هئا ته تحريڪ اسلامي
بالڪل حق ۽ سچ آهي، ليڪن هنن حالتن ۾ ان جي
ڪاميابي مشڪل آهي. پر جن ماڻهن جو حوصلو بلند هو،
سندن مٽي ڪنهن ٻئي خمير مان ڳوٿل هئي، انهن جي دل
۽ گردا شير وارا هئا، انهن حق جي ساٿ لاءِ سڀني
مصيبتن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري عزم سان
ڪفن ڪلهن تي رکي حضور ﷺ جي خدمت ۾ پهچي اسلام قبول
ڪيو.
هن اسلامي تحريڪ ۾ پهريون پهريون رڪن بڻجڻ جو شرف
عورت کي نصيب ٿيو، يعني بي بي خديجه الڪبريٰ رضي
الله تعاليٰ عنها. ٻارن مان حضرت علي رضه اڳتي
ويو، جڏهن ته ان وقت سندن عمر 10 سال هئي. غلامن
مان حضرت زيد رضه ۽ وڏن مان حضرت ابوبڪر رضه مشرف
باسلام ٿيا ۽ تحريڪ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنائون. حضور
ﷺ جن دارارقم ۾ پنهنجي ساٿين صحابه ڪرام جي تعليم
۽ تربيت جو ڪم شروع ڪري ڏنو.
هي اسلامي تحريڪ جو پهريون مدرسو هو، جنهن ۾ قرآن
پاڪ جي تعليم ڏني ويندي هئي.
خلفاءِ راشدين ۽ وڏا وڏا صحابه جن دنيا جي قيادت
ڪئي ۽ انسانن کي صحيح رهنمائي ڏني سڀ انهيءَ مدرسه
جا فارغ تحصيل ۽ سند يافته ها. هر تحريڪ کي
آزمائشي چند مرحلا درپيش ايندا آهن. هي سنت الله
هئي، جنهن ڏانهن ورقه بن نوفل به اشارو ڪري چڪو
هو. پهريائين ته حضور ﷺ ۽ سندس ساٿين کي اهميت نه
ڏني ويئي، مٿن مسخريون ۽ ٺٺوليون ڪندا رهيا، پوءِ
جڏهن تحريڪ کي وڌندو ۽ ويجهندو ڏٺائون ته مٿن ڪجهه
سختيون شروع ڪري ڏنائون. نبوت جي پنجين سال ۾ ڪي
صحابه پنهنجي عزيزن جي ظلمن کان تنگ اچي حبش ڏانهن
هجرت ڪري ويا، پر پنهنجو دين ۽ ايمان نه ڇڏيائون.
جڏهن مخالفن ڏٺو ته هي ڪنهن به صورت ۾ باز نه ٿا
اچن تڏهن هنن لاءِ يعني مسلمانن لاءِ انتهائي سخت
قدم کڻڻ لاءِ مشوره ڪيائون ته مسلمانن ۽ انهن جي
مددگارن سان سوشل بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ڏيڻ، وٺڻ، خريد
فروخت، شادي، غمي، مٽي مائٽي مطلب ته هر لحاظ کان
تعلقات ختم ڪيا وڃن.
هي معاهدو لکي بيت الله جي دروازي تي لٽڪائي
ڇڏيائون. ابو طالب حضور ﷺ ۽ سندن ساٿين کي وٺي وڃي
جبل جي هڪ واديءَ ۾ رهيو. هي بني هاشمن جي موروثي
ملڪيت هئي، جنهن کي شعب ابي طالب چوندا هئا. الله
جي ٻانهن ٽي سال ان واديءَ ۾ گذاريا. کائڻ لاءِ
ڪجهه نه ملندو هو ته وڻ جا پن کائي وقت ڪاٽيندا
هئا. جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي استقامت جو
امتحان ورتو ۽ هو ان ۾ پاس نڪتا ته دشمن جي دلين ۾
نرمي پيدا ڪيائين.
هنن ان معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو. مسلمان شعب ابي
طالب کان ٻاهر آيا. هي نبوت جو ستون سال هو. مخالف
وري سر جوڙي مشوره ڪرڻ لڳا ته آخر هن تحريڪ مان
جند ڪيئن ڇڏائجي. نيٺ فيصلو ٿيو ته جڏهن هي ماڻهو
سختين سان به باز نه ٿا اچن ته پوءِ هنن کي لالچ
ڏجي. حقيقت ۾ لالچ تحريڪن لاءِ سڀ کان وڏي آزمائش
آهي. هنن پنهنجي سردار عتبه کي حضور ﷺ جي خدمت ۾
موڪليو. پهچي عرض ڪيائين ته يا محمد ﷺ آخر توکي ڇا
گهرجي؟ ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ شاديءَ جي خواهش آهي ته
اوهان جي اها خواهش به پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
جيڪڏهن دولت گهرين ٿو ته تنهنجي قدمن ۾ سون ۽
چانديءَ جا انبار لڳائي ڇڏيون. جيڪڏهن اقتدار جو
خواهان آهين ته اسان سڀ تنهنجي زير فرمان رهڻ لاءِ
تيار آهيون، پر پنهنجي انهي دعوت کان ڦري وڃ.
مخالف ويچارا ايترو ئي سوچي پئي سگهيا. هنن جون
نگاهون هن دنيا جي محدود سرحدن کان پار ٽپي ئي نه
پئي سگهيون. تنهنڪري عتبه کي پورو يقين هو ته منهن
جو هي تير ٺيڪ نشاني تي لڳو آهي ۽ حضور ﷺ جن سندن
درخواست قبول ڪندا.
ليڪن حضور ﷺ جن سندس جواب ۾ قرآن پاڪ جون چند
آيتون پڙهي کيس مايوس ڪري ڇڏيو. هاڻي قريشين ۽ ٻين
مخالفن لاءِ هڪ ئي رستو رهيو ته هو پوري زور سان
۽ پوري قوت سان هن تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ تلوار
استعمال ڪن، نبوت کي 12 سال گذري چڪا هئا، تحريڪ
اسلامي جي دعوت عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪي هئي هر
قبيلي مان ڪٿان ٻه ڪٿان چار، ڪٿان 10 ڪٿان 15،
افراد ايمان آڻي چڪا ها. پر مدينه ۾ ته ٻه وڏا
قبيلا بني اوس ۽ بني خزرج مشرف باسلام ٿي چڪا ها ۽
هنن حضور ﷺ جن کي مدينه اچڻ ۽ اتي رهڻ جي دعوت به
عرض ڪئي هئي.
الله تعاليٰ جي به اها مرضي هئي ته جيڪا اسلام جي
دعوت ۽ ان جي برڪات جي پرچار 12 سال ٿيندي رهي
آهي، ان کي زمين تي عملاً غالب ۽ قائم ڪيو وڃي،
جيئن ماڻهو ان جي خير ۽ برڪت کان فائدو وٺن. ٻئي
طرف سرفروشان اسلام جي هڪ اهڙي ٽيم تيار ٿي چڪي
هئي جن جي بل بوتي تي اسلامي نظام قائم ٿي سگهيو
پئي تنهنڪري الله تعاليٰ پنهنجي حبيب کي معراج تي
گهرائي دعوت و تبليغ جي هڪ مرحلي کان نڪري ٻئي
مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هدايتون فرمايون ۽ سورة
بني اسرائيل، جنهن ۾ معراج جو واقعو بيان ڪيو ويو
آهي، اسلامي رياست جا بنيادي 14 اصول پڻ ڏنا ويا ۽
ان ڳالهه جي به اجازت ڏني ته جڏهن مڪي جي پٿريلي
زمين دعوت اسلاميءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي
ته تون پنهنجي جملي ساٿين سان هجرت ڪري مدينه وڃ ۽
پنهنجي پوريءَ طاقت کي يڪ جاءِ جمع ڪري اتي اسلامي
حڪومت قائم ڪر. حضور ﷺ جن نبوت جي تيرهين سال هجرت
فرمائن ٿا. 8 ربيع الاول مدينه جي ويجهو ٽن ميلن
جي فاصلي تي قبا نالي ڳوٺ ۾ پهچن ٿا. هتي حضور ﷺ
جن 14 ڏينهن قيام فرمايو ۽ پنهنجي هٿڙن مبارڪن سان
مسجد جو بنياد رکيو جنهن کي مسجد قبا چيو وڃي ٿو.
بعد مدينه شريف ۾ آيا. هن شهر جو اصل نالو يثرب هو
پر ماڻهن حضور ﷺ جن پهچڻ سان شهر جو نالو تبديل
ڪري مدينه الرسول رکيو. هت به حضور ﷺ جن پهچڻ سان
مسجد تعمير ڪرائي ۽ پاڻ سڳورن ڪلهن تي مٽي ڍوئي.
هيءَ مسجد اڄ تائين مسجد نبوي جي نالي سان مشهور
آهي. اسلامي تحريڪ ۾ مسجد کي تمام وڏي اهميت ۽
مرڪزيت حاصل آهي. مسجد فقط عبادت ۽ پنهنجي رب سان
تعلق جوڙڻ جي جڳهه نه آهي، بلڪ مسلمانن لاءِ تعليم
گاه ۽ تربيت گاه به آهي. عدالت به آهي ۽ مشوره جي
جڳهه به آهي. مسجد جو امام پنهنجي محله يا ڳوٺ جو
معلم مربي مفتي ۽ قاضي به آهي . مسجد مسلمانن جي
تهذيب جو لازمي جزو بنجي چڪي آهي. جتي به مسلمانن
جا ٻه گهر هوندا اتي مسجد هوندي. مسلمانن جي
زمينن، کوهن، ڪارخانن، اوطاقن مطلب ته هر جڳهه،
جتي به مسلمان ڇو نه عارضي طور رهندو هوندو مسجد
ضرور بنائيندو. پاڻ سڳورا مدينه شريف پهچندي ئي
اسلامي حڪومت جو اعلان فرمائن ٿا ۽ حڪمران جي
حيثيت سان گردو نواح جي يهودين سان معاهدا فرمائن
ٿا. فقط هڪ شهر قبضي ۾ آهي. ان ڳالهه جو انتظار نه
ٿو ڪيو وڃي ته ڪي ٻه چار شهر ٻيا به قبضي ۾ اچن ته
پوءِ حڪومت الاهيءَ جو اعلان ڪيو وڃي. اهڙيءَ
حڪومت کي اڄ ڪلهه جي اصطلاح ۾
City State
چوندا آهن. تحريڪ اسلامي جا دشمن هن ننڍڙيءَ رياست
کي قائم ٿيندو ڏسي مڙي خامي ويا ۽ مسلمانن جي
استيصال لاءِ حملن تي حملا شروع ڪري ڏنائون. وڏين
جنگين مان پهرين جنگ 2 هجريءَ ۾ بدر جي ميدان تي
ٿي آهي، جنهن ۾ مشرڪن بري طرح سان شڪست کاڌي. 3
هجريءَ ۾ احد جي لڙائي ۽ 5 هجريءَ ۾ احزاب جي جنگ
مشهور آهي. هن لڙائيءَ کان پوءِ حضور ﷺ جن فرمايو
ته هاڻي دشمن ڪڏهن به چڙهائي ڪري اسان تي حملو نه
ڪندو. 6 هجري حضور ﷺ جن دنيا جي بادشاهن کي اسلامي
جي دعوت موڪلي. حضور ﷺ جن مسجد نبويءَ ۾ سڀني
مسلمانن کي جمع ڪيو ۽ فرمايائون ته الله تعاليٰ
مونکي سڄيءَ دنيا لاءِ رحمت بنائي موڪليو آهي،
هينئر اهو وقت اچي ويو آهي جو توهان هن رحمت کي
دنيا وارن ۾ ورهايو ۽ پوريءَ دنيا ۾ حق جو پيغام
پهچايو. ان کان پوءِ حضور ﷺ جن پنهنجي صحابه مان
چند هوشيار ماڻهن کي منتخب فرمايو ۽ انهن کي اسلام
جي دعوت
جا خط ڏيئي بادشاهن ڏانهن اماڻيو جهڙوڪ حبش ايران
روم مصر وغيره. هن وقت الله تعاليٰ جي فضل حضور ﷺ
جي اعجاز ۽ تدبير ۽ مسلمانن جي ايثار ۽ اخلاص سان
سڀ مشڪلاتون دور ٿي ويون هيون. قانون الاهي ملڪ ۾
جاري ٿي ويو. زانين کي سنگسار ڪرڻ، چورن جا هٿ
ڪپائڻ، شرابين کي درا لڳائڻ، پرده جي پابندي، ورثه
۽ ترڪه جا احڪام، زڪوات جي ادائگي ۽ اهڙا ٻيا
احڪام نازل ٿيا. امام مؤذن محصل ۽ قاضي مقرر ڪيا
ويا. عربن جي بي نظام زندگي هڪ نظم ۽ ضبط سان گذرڻ
لڳي . البت ٻه رڪاوٽون اڃان موجود هيون، هڪ خيبر ۾
يهودين جون شرارتون، ٻيو مڪه ۾ مشرڪن جا ڪمزور
مسلمانن تي مظالم خدا جي فضل سان 6 هجريءَ ۾
يهودين جو آخري قلع خيبر فتح ٿي ويو ۽ اٺين هجريءَ
۾ مڪه شريف کي به فتح ڪري الله جي گهر کي مشرڪن
کان آزاد ۽ بتن کان پاڪ ڪيو ويو. جڏهن مسلمانن کي
ڪعبه جي طواف ۽ حج جي آزادي ميسر آئي ته الله
تعاليٰ 9 هجري ۾ حج کي سرنديءَ وارن مسلمانن لاءِ
فرض فرمايو. پاڻ سڳورا ان سال حج تي وڃي نه سگهيا
۽ ڏهين هجريءَ ۾ آخري حج فرمايائون ۽ عرفات تي
نهايت ئي شفقت ڀرين الفاظن ۾ بصيرت افروز خطبه
ڏنائون. هي خطبه حجة الوداع جي خطبي سان مشهور
آهي. هي هڪ بين الاقوامي منشور آهي جنهن جي افاديت
قيامت تائين قائم رهندي. حجة الوداع جي موقع تي هي
آيت نازل ٿي،”اليوم اکملت لڪم دينکم“.(اڄ مون
توهان لاءِ توهان جي دين کي مڪمل ڪيو) جڏهن پوري
عرب 12 لک هم چورس ميل زمين تي الله تعاليٰ جي
حاڪميت جو جهنڊو بلند ٿيو حڪومت الله جي نيڪ بندن
جي هٿ ۾ آئي، شريعت محمديه علي صاحبهاالصلواة
والسلام پوري ملڪ ۾ قانون جي صورت ۾ نافذ ٿي،
ماڻهن جي تربيت لاءِ نماز روزو حج ۽ زڪوات فرض
ٿيا، چورن جا هٿ ڪپي ملڪ ۾ امن و امان قائم ڪيو
ويو. زنا ۽ قذف جي حد جاري ڪري بدڪاري ۽ بداخلاقي
جي پاڙ پٽي ويئي، وياج، جوا، شراب، ڳائڻ وڄائڻ ۽
ٻين خرافات کي ممنوع قرار ڏنو ويو، تڏهن الله
تعاليٰ فرمايو ته اڄ مون توهان جي دين کي توهان
لاءِ مڪمل ڪيو حضور پاڪﷺ جو هن دنيا ۾ تيستائين
رهڻ ضروري هو جيستائين دين مڪمل ٿئي ۽ توحيد جي
روشنيءَ سان ڪفر ۽ شرڪ وارو انڌيرو دور ٿي وڃي.
حجة الوداع کان پوءِ جڏهن مدينه طيبه پهتا ته صفر
جي مهيني ۾ پاڻ سڳورا بيمار ٿي پيا. هيءُ بيماري
وڌندي ويئي، مٿان ربيع الاول جو مهينو اچي ويو.
جيستائين جسم ۾ طاقت هئي ته پاڻ سڳورا نماز مسجد ۾
پڙهندا رهيا- آخري وقت جڏهن مسجد ۾ اچڻ جي سگهه نه
ساري سگهيائون ته ابوبڪر رضه کي نماز پڙهائڻ جو
حڪم ڏنائون. آخري وقت ۾ گوياڪ وصيت طور پنهنجي
نياڻي حضرت فاطمه رضه ۽ پنهنجي پڦي حضرت صفيه رضه
کي پوڪاري چيائين ته توهان خدا لاءِ ڪجهه ڪيو، مان
توهان کي خدا کان بچائي نه ٿو سگهان. عام مؤمنن کي
مخاطب ٿيندي فرمايائون الله يهودين ۽ نصارن تي
لعنت ڪئي ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي نبين جي قبرن کي
سجده گاه بنايو. آخري وقت ۾ حضور ﷺ جن جا چپ مبارڪ
چري رهيا هئا کانئن هي چوندي ٻڌو ويو الصلواة و
ماملڪت ايمانڪم. نماز جو خيال رکجو ۽ ٻانهن سان
نيڪ برتاءُ اختيار ڪجو. بعده آڱر مٿي کنيائون ۽ ٽي
دفعا فرمايائون بل الرفق الا علي هاڻي ٻيو ڪو به
نه آهي بلڪ هو وڏو رفيق درڪار آهي ۽ سندن روح پاڪ
عالم قدس ۾ پهچي ويو.
*
مسلمانو!(ماڻهن جي باري ۾) گهڻي شڪ ڪرڻ کان بچندا
رهو ڇو ته ڪي شڪ گناه ۾(داخل) آهن.
(القرآن)
۽ جنهن شخص ڪا خطايا ڪو گناهه ڪيو هجي ۽ هو پنهنجي
انهيءَ قصور کي ڪنهن بي گناهه جي مٿان مڙهي ته هن
صريحا بهتان ۽ گناهه کنيو
(القرآن)
مخدوم عبدالله نرئي وارو
مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
مڪي جي فتح
مخدوم عبدالله نرئي وارو وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو
آهي. هن اسلامي تاريخ، اسلامي تعليم ۽ اخلاقيات تي
سنڌي ۾ الف اشباع واري نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا
آهن. انهن ۾ هڪ ڪتاب ۾ نبي سردارﷺ جي سيرت پاڪ
تفصيل سان بيان ڪئي اٿس. سنڌي زبان جو هي پهريون
ڪتاب آهي، جنهن ۾ سيرت پاڪ تفصيل سان بيان ڪيل
آهي. هن کان اڳ ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب
قوت العاشقين ملي ٿو، جنهن ۾ الف اشباع جي نظم
معجزا منظوم ڪيل آهن.
مخدوم صاحب سيرت پاڪ تي هي ڪتاب محققانه انداز ۾
لکيو آهي، ۽ حوالي طور ڪتابن جا نالا به ڄاڻايا
اٿس. جن ڪتابن جا نالا ڏنا اٿس، اهي گهڻي قدر هيءُ
آهن:
1- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو سيرت پاڪ تي عربي زبان
۾ لکيل ڪتاب”بذل القوة“
2- واقدي جو نقايہ الاثر
3- حبيب السير
4- زرقاني جو شرح مواهب
5- تهذيب التهذيب:حافظ ابن حجر عسقلاني
6- سيرت شامي
7- صحيح بخاري
8- مسند امام احمد
9- دلائل النبوة، بيهقي
10- سيرت ڪبير، طبراني
11- قسطلاني جو شرح صحيح بخاري.
12- تفسير مدارڪ
13- مسند امام اعظم
14- خزانة الاڪمل
15- فتح الباري
16- شرح مشڪواة:علي قاري
انهن کان سواءِ معلوم ٿئي ٿو، ته ٻيا به ڪتاب سندس
سامهون رهيا. جهڙوڪ:
1- سيرت ابن هشام
2- تاريخ طبري
3- طبقات ابن سعد
البته معلوم ائين ٿو ٿئي، ته گهڻي قدر مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي جي ڪتاب”بذل القوة “ کي بنياد بڻايو
اٿس. مخدوم صاحب جي هن ڪتاب ۾ سيرت پاڪ جا واقعا
سن وارا ڏنا ويا آهن. علمي دنيا ۾ سيرت پاڪ تي
مخدوم صاحب جو هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽
واحد ڪتاب آهي. هن نموني سن وار ڪنهن به عالم سيرت
پاڪ تي ڪتاب ڪو نه لکيو آهي.
مخدوم عبدالله جو هي سنڌي ڪتاب نه فقط قدامت جي
لحاظ کان، پر مواد ۽ تحقيق جي لحاظ کان به وڏي
اهميت رکي ٿو. سنڌي زبان جي اها خوش قسمتي ۽ خوش
بختي آهي، ته برصغير ۾ سڀ کان پهريائين سيرت پاڪ
تي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيو ويو، يعني مخدوم عبدالله
جي هن ڪتاب کان اڳ ۾ برصغير پاڪ و هند جي ڪنهن به
زبان ۾ سيرت پاڪ تي ڪو به ڪتاب نه لکيو ويو.
اسان جي اها به خوش قسمتي آهي، ته سڀ کان پهريائين
نبي ڪريمﷺ جا خط، سنڌ جي هڪ عالم ابو جعفر
ديبلي”مڪاتيب النبي“ جي نالي سان گڏ ڪيا- ان ڪتاب
جو قلمي مسودو اڄ به دنيا جي ڪن لائبريرين ۾
موجود آهي. برصغير پاڪ و هند ۾ عربي زبان ۾ سيرت
پاڪ تي پهريون ڪتاب سنڌ جي نامور عالم حضرت مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي”بذل القوة“ جي نالي سان لکيو، جيڪو
ترتيب توڙي تحقيق جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو.
بذل القوة(عربي) سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
ضرورت آهي، ته ”مڪاتيب النبي“ به شايع ڪيو وڃي، ۽
مخدوم عبدالله نرئي واري جو به مذڪور سنڌي ڪتاب به
مرتب ڪرائي شايع ڪيو وڃي. هتي انهيءَ سنڌي ڪتاب
مان”فتح مڪه“ وارو حصو مرتب ڪري ڏنو وڃي ٿو.
مرتب ڪرڻ وقت متن کي موجوده صورتخطيءَ ۾ رکيو ويو
آهي. البته سنڌي زبان جو لهجو اهو ئي، اصل ڪتاب
وارو قائم رکيو ويو آهي، ڪتاب جي ٻولي جو لهجو
ڪڇي- لاڙي آهي، جنهن ۾ گهڻي قدر نون غنون نه هوندو
آهي ۽ وسرڳ حرفن بدران وسرڳ حرف هوندا آهن-
يعني/ لهه/ بدران /ل /، گهه/ بدران /گ /، /ڙهه
/بدران /ڙ /، /نهه /بدران /ن / هوندو آهي. ان کان
سواءِ ڪن لفظن جي اچار، صورت ۽ صوتي آهنگ ۾ به فرق
هوندو آهي- ڪيترا اهڙا لفظ به هوندا آهن، جيڪي
معياري لهجي ۾ عام طرح استعمال ڪو نه ٿا ٿين.
متن جي هيٺان حاشيءَ ۾ اهڙن لفظن جي معنيٰ ڏني وئي
آهي، جيڪي لاڙي ڪڇي لهجي سان مخصوص آهن.
م.ع.س
* |