سياسي جاڳرتا ۽ جمهوري نظام تي تنقيد:
هونئن ته ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن لکيو
۽نمايان پڻ رهيا، جن ۾ ممتاز مهر، مهتاب محبوب،
تنوير عباسي، ڪيهر شوڪت، ماڻڪ، طارق عالم ابڙو،
محمود مغل وغيره اچي وڃن ٿا، هتي صرف خليل قاضي جو
ذڪر مناسب رهندو ان ڪري جو سندس ڪهاڻي مٿي ڏنل
عنوان موجب آهن، خليل قاضي گهٽ لکيو آهي پر سندس
لکڻيون اهم آهن، ”جهموريت جو سج “ حڪمران طبقي جي
مفاد پرستيءَ واري سوچ تي لکيل ڪهاڻي آهي ۽ ڀرپور
طنز ۽ ٽوڪ ڀري انداز ۾ آهي، ان قسم جي ڪهاڻي،
سياسي شعوري حقن کان واقفيت ۽ سماج ۾ حڪمران طبقي
جي خود غرضيءَ واري رويي کان روشناس ڪرايو، اهڙي
قسم جي ڪهاڻيءَ جو تخليق ٿيڻ جو سبب سنڌ ۾ مخصوص
سياسي ۽ سماجي حالتون آهن، جنهن جي ڪري رومانيت
گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي. ”جهموريت جو سج “ ڪهاڻي
جون چند سٽون اکين اڳيان پيل پردي کي چاڪ ڪن
ٿيون. ”آهستي آهستي ورندي، پورو گول ٺاهي زمين کان
جدا ٿي ويئي چمڪندڙ گولو جڏهن آسمان ڏانهن وڌڻ لڳو
ته سنهري ڪرڻا بصر جي قدمن ۾ اچي پيا، سنهري ڪرڻا
ڏسي بصر خوشيءَ ۾ ديوانو ٿي ويو، تاڙيون وڄائي
ڦيريون پائڻ لڳو، بصر جي اها حرڪت ڏسي منهنجو اندر
اڌ ٿي پيو، پنهنجي دل کي گول ڦيٿي ي وچ ۾ گاهه
وانگر وڍيل محسوس ڪيم، ٻانهن کان جهلي چيومانس ته
ديوانو نه ٿي بصر ٿوري دير کانپوءِ سج تان اهو
سنهري ڇاپو لهي ويندو، پوءِ اهو سج پاڻ کي هميشه
جيان وري جلائيندو. (9) خليل جون ٻيون ڪهاڻيون
”عظيم مفاد خاطر “ ۽ ”ٻيو رستو “ اهم آهن، سندس
ڪهاڻين تي بندش پئي ۽ ايڊيٽر کي جيل وڃڻو پيو،
اظهار جي آزادي جي سوچ صرف هڪ نظريي يا هڪ فرد جي
ملڪيت ناهي، ان سوچ، شخصي آزادي کي نروار ڪيو آهي.
ف-م لاشاري جي ڪهاڻي ”ٽنگيل وقت “ شڪور
نظاماڻي جي ڪهاڻي ”قتل گاهه مان ڀڳل ماڻهو “ ۾
انسانيت جي جياپي لاٰءِ کنيل قدم جي خيال کي
ڪهاڻيءَ جي روپ ۾آندو ويو آهي، جان خاصخيلي جي
ڪهاڻي ”سڀاڻي جو خواب “ سنڌ جي تحريڪن جي ڏيوالپڻي
۽ غير موثر هجڻ تي هڪ ڀرپور ٽوڪ آهي. 1986ع
کانپوءِ سنڌ نسلي ۽ لساني نفرت جي طوفان ۾ گهري
وئي، تنهن کي سنڌي اديبن پنهنجو موضوع بڻايو، جنهن
۾ ”ڪلاچي جو ڪن “ ۽ ”خوف جو موت “ اهم آهن، خوف جو
موت ۾ سنڌين جو هڪ ٻئي سان رويو ورتاءُ سان گڏ خوف
جي ڏائڻ کان هڪ جوڙي کي خوفزده ٿيڻ ۽ نيٺ هڪ فيصلي
تي پهچڻ واري لاءِ چاڙهه تي ٻڌل ڪهاڻي آهي.
استحصالي طبقن خلاف:
جديد حسيت (Modern
Sensibility)
جي نمائندگي ڪندڙ ليکڪن پڻ اڪيلائپ ۽ ڪرب جا مسئلا
پيش ڪيا، تنهائي ۽ خوف کي، جيڪي ادب جا انفرادي
مسئلا ناهن، بلڪه ان سماجي سرشتي سان لاڳاپيل آهن،
جتي آزادي ۽ آزاد انسان ۽ ان جي سوچ جو تصور ختم
ٿي وڃي ٿو، سرمائيدار ملڪن جي هڪ هٽي ۽ صنعتڪاري
جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل استحصالي نظام، عام ماڻهو کي
مشيني پرزو بنائي ڇڏيو آهي، مادي حاصلات لاءِ ڊوڙ
انسان کي بي حس بنائي ڇڏيو، انسان جنهن کي روحاني
۽ مادي ترقي ڪرڻي هئي، حقيقت ۾ پوئتي پوڻ لڳو،
انهن مڙني ڳالهين مغرب ۾ جديد حسيت کي جنم ڏنو ۽
اها حسيت ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ يورپ ۾شروع ٿي ۽
سنڌ ۾ مخصوص سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ ٻين مسئلن جديد
حسيت کي جنم ڏنو، منهنجي راءِ ۾ جديد ادبي تخليقن
۾ آيل ڪرب............. اڪيلائپ جي مسئلن کي هن
ظالمانه منفي چٽا ڀيٽي واري نظام ۽ سنڌ ۾ لساني
مسئلي جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي، خاندان ۽ فرد جي وچ
۾ بي حسي ۽ بي زادئي جو عنصر انهن حالتن پيدا ڪيو،
انهن ليکڪن انساني مسئلن کي هڪ اهڙي تناظر
Prospective
۾ پيش ڪيو، جيڪو حقيقت جي تمام ويجهو آهي، جديد
حسيت جو لاڙو اڻ برابري، طبقاتي لساني ۽ظالماڻه
سياسي نظام جي تحت سنڌي ڪهاڻي ۾شامل ٿيو، ماڻڪ جون
تخليقون به جديد حسيت جون نمائنده ڪهاڻيون آهن،
سندس ڪهاڻين ۾ سماجي شعور جو احساس نمايان آهي.
جيئن ”شاهه هٿڪڙيون ۽ وارنٽ “ ”ڇهه انام
ڪهاڻيون “ مان پهرئين ڪهاڻي سياسي ۽ سنڌ جي ماحول
کي ظاهر ڪري ٿي، ”حويلي جا راز “ سندس ابتدائي دور
واري ڪهاڻي آهي، جنهن تي گهڻائي اعتراض ڪيا ويا،
هيءَ ڪهاڻي پيرن۽ سيدن جي ڪرتوتن بابت آهي، سنڌ ۾
هي طبقو طاقتور آهي ۽سندن پاڙون گهريون آهن، هن
طبقي جو اثر سنڌي عوام جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ هڪ صوفي
فنڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾ حقيقت وارو ترقي پسند
۽ جدت پسنديءَ جي اصلاحي وجوديت
Abserdity
ادب جا تلخ اهڃاڻ ملن ٿا. (10) حقيقت هي آهي ته
سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري ۽جدت پسندي جا لاڙا
نمايان آهن، هن جنهن نموني ۾ زندگي کي پکريو ائين
ڪهاڻي ۾ پيش ڪيائين، جنسي مسئلن کي پڻ ڪهاڻي
جوموضوع بنايائين، جنهن تي اعتراض ۽ تنقيد ٿي،
1977ع جي مارشل لاکانپوءِ ڪهاڻيءُ ۾ تشدد ۽ سنڌين
سان ٿيل ظلم اپٽار ٿيل آهي. ”اٺون ماڻهو “ (سراج)
هڪ ناڪرده گناهه جي سزا ڀوڳي ٿي هي ڪردار اڏول آهي
۽ جرئت سان ڀريل آهي، ڪهاڻي ”عاشق شهيد موٽي ايندا
آهن “ (امر) پڻ ان قسم جو مواد رکي ٿي، اهڙي قسم
جي ڪهاڻين ڪنهن حد تائين رومانوي عنصر کي زنده
ڪيو، هنن ڪهاڻين جو هڪ ئي جواب ٿي سگهي ٿو ته سنڌي
سماج ابتدا کان ئي اهڙيءَ بي آرامي ۽ ناانصافي
واري ماحول ۾ اسريو ۽وڌيو آهي، جنهن ۾ اديب، ليکڪ،
فرد جي انهن مسئلن ۽ آدرشن کي مدنظر رکيو آهي،
جنهن کي هو وڌيڪ اهم ۽ اثرائتو سمجهي ٿو، تنهن
هوندي به ڪهاڻيءَ ۾ نفسياتي،معاشي، سياسي، جنسياتي
۽ سماجي پهلوءَ کي ڏسي سگهجي ٿو، انفرادي ۽ جديد
دور جي مڙني مسئلن جي نشاندهي ڪيل آهي، محبت، نفرت
۽ احساساتي ڪيفيتن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو، سماج ۾
جيڪو ٿي گذريو، تنهن جي صورت ڪهاڻي ۾ ڏسي سگهجي
ٿي، ڄن ته ڪهاڻي هڪ تاريخي دستاويز طور تي اهميت
رکي ٿي، فرد ۽سماج جي لاڳاپن جي حوالي سان ڪهاڻي
هڪآئينو آهي، جنهن م فرد ۽سماج پنهنجي پنهنجي صورت
ڏسي سگهن ٿا، سنڌي ليکڪ جيويجهو زندگيءَ جو تصور
حقيقت جي نزديڪ آهي، ليکڪن اهڙا ڪردار خلقيا جن
مان خيال جي بنياد تي تخليق ٿيل ڪردار انهن قدرن
کي پرکڻ ۽ ڊاهيڇڏڻ يا ٿڏي ڇڏڻ لاءِ پيدا ڪيا، انهن
اڳواٽ تيار يا اختيار ڪيل قدرن ۽ معيارن کي قبول
نه ڪيو آهي، ڊاڪٽر ٻوهيولکي ٿو:”ڪردار جي هيءَ
حيثيت للڪاريندڙ
Challanging
ٿئي ٿي، ان ڪري هن قدم جي ڪردارن جي بنياد تي پيدا
ٿيل ادب انقلابي نوعيت جو ٿئي ٿو. (11) منهنجي
نزديڪ اهڙي قسم جا ڪردار ڪهاڻي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ ان
وقت تائين ڇانيل رهن ٿا، جيستائين ڪو ٻيو نرالو
خيال يا سوچ ان ڪردار يا سماج ۾ تبديلي آڻي، ليکڪن
زندگي جي اصل حقيقت کي فلسفيانه نموني ۾ پيش ڪيو
آهي، سماج ۾ ٿيندڙ سمورن مونجهارن ۽ آدرشن جي ٽٽڻ
کي سنڌي ڪهاڻي پنهنجو پاڻ ۾ سموهيو آهي.
سترواري ڏهاڪي ۾ انفراديت ۽ سماجي حقيقت نگاري جا
لاڙا نمايان آهن. 1983ع جي جمهوري تحريڪ ۽ ڇڪتاڻ
جي نتيجي ۾ ڪهاڻي جو لاڙو وڌيڪ حقيقت پسنديءَ
ڏانهن نظر اچي ٿو، ٻيا لاڙا جيڪي نوان شروع ٿيا
هئا، سي وري هڪ وڏي وهڪري ۾ شامل ٿي ويا، اهو
وهڪرو سماجي حقيقت نگاري جو آهي. 1983ع جي تحريڪن
جي اتساهه ڪري ”ڪانسٽيٽيوشن اوينيوتي موت “ ۽ رشيد
ڀٽي جي ”تاريخ جو آواز “انهيءَ ڳڻپ ۾ اچن ٿيون.
سنڌ کان ٻاهر:
وطن جي محبت ديس واسين جو وڇوڙو، آزادي کان
پوءِ سرحد جي ٻنهي پاسي ورهايل سنڌي سماج تي حالتن
جو اثر نمايان آهي، سنڌ کي ڇڏيندڙ ٻي پار وڃي
پنهنجي وجود ۽ سڃاڻپ جي لاءِ جاکوڙ ڪندا
رهيا،پروفيسر هيرو شيوڪاڻي لکي ٿو ” هن طرف وشال
ڀارت ۾ باوجود هڪ آزاد لوڪشاهي سيڪيولر ۽ کليل
ٻهوڀاشي سماج ۾ اچي ٽڙيل روپ ۾ وسجي ويل سنڌي
حياتي رفته رفته پنهنجي جداگانه قومي شناخت
کوهيندي رهڻ جا امڪان پسائي رهي آهي، ايتري قدر جو
هاڻ ان تي الزام صادر ٿيڻ لڳو آهي، ڀارت جو سنڌي
سماج ٻيو سڀ ڪجهه آهي فقط سنڌي نه رهيوآهي. (12)
آزادي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ليکڪن ابتدائي
تحريرن ۾ وطن جي محبت ۽ وڇوڙي جي درد ۾ ٻڏل
ڪهاڻيون تحرير ڪيون، ان کانپوءِ نفسياتي مونجهارن
۽ صنعتي ترقي جي زير اثر ڪري جيڪو سماج وڌيو
۽ويجهو تنهن جي اپٽار ليکڪن چڱي نموني ۾ ڪئي آهي،
سندن اها نشاندهي، سماجي شعور جي پختگي جو ثبوت
آهي، انفرادي طور تي به ڪهاڻي ۾ هڪ فرد کي اهميت
ڏني وئي.
ابتدا ۾ سنڌي ڪهاڻي لڏ پلاڻ ۽ ڪيمپن ۾ سنڌين
جو دربدر ٿيڻ ۽ ٻيو سنڌ جي ياد ۽ سنڌين جو جذبو
حاوي آهي. ”آنند گولاڻي “ جي ڪهاڻي ”گامڙو “جيڪا
سنڌيت واري جذبي کي ظاهر ڪري ٿي، ”سنڌڙي جا شل ڳوٺ
وسن “ ۽ ”سنڌو “ نارائڻ ڀارتي جون ”ڪليم ۽ دستاويز
“ ڪلا پرڪاش جو ” خانواهڻ “ وغيره وطن کي ڇڏڻ ۽ ان
جي محبت جو اظهار آهن، احساسن جي هڪ دنيا آهي،
جيڪا هنن ڪهاڻين ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي.”نئين دنيا
“ مجموعي ۾ ”ڏاچي واليان “ منوهر لال جي ڪهاڻي
نهايت پراثر آهي، ڪهاڻي جون سٽون ڏجن ٿيون. ” پاسي
واري هوٽل ۾ گريمو فون تي جيوڻي ٻائي ڳائي رهي هئي
”ڏاچي واليان موڙ مهار ڙي “ مگرڏاچيءَ وارو اڄ
بيوس هو، ان کي موٽر پنهنجي هٿن ۾ کڻي کيس جيوڻي
کان ڳڙهي ياسين کان بلڪه سنڌ کان دور بلڪل دور کڻي
وڃڻ لاءِ ڊوڙي رهي هئي. (13) ان کان علاوه رام
پنجواڻي جي ”محمد گاڏي وارو “ ڪرشن کٽواڻي جي ”مان
راجا “ ۽ ”سائين “ سندريءَ جون ”سنڌوءَ جو روپ “
”معصوم التجا “ ۽ ”توجنين جي تات “اهم آهن، انهن
سمورين ڪهاڻين تي محبت جو وسيع جذبو ۽ درد جي ڇايا
آهي، جن کي پڙهڻ سان جذبات ۽ تلاطيه پيدا ٿئي ٿو.
پڄاڻي/حاصلات:
جديد نظريي جي تحت ڪهاڻي /افساني جو سماجي
ڪارج اهو آهي، ته ان مان حياتي کي آسودو ۽ سولو
بنائڻ آهي، انساني مفاد کي آڏو رکيو وڃي، زندگي جي
روحاني ۽ مادي زندگي ۾ ٿيندڙ واقعن ۽ اڀرندڙ مسئلن
جو بنياد ڳولهڻ گهرجي.
رئوف نظاماڻي پنهنجي مقالي ”سنڌي ڪهاڻي
“1980- 1992ع هڪ مختصر جائزو ۾ لکي ٿو ته 1980 کان
پوءِ شعور جي رو ۾ لکيل ڪهاڻيون گهٽ ملن ٿيون،
جيڪي ڪهاڻيون ملن ٿيون، انهن ۾ نفسياتي ڇيد ۽
گهرائپ نه ٿي ملي.(14) منهنجي راءِ ۾ ان جو
جيستائين ڪهاڻي جي سماجي ڪارج جو تعلق آهي ته هن
ڪارج کي وڌيڪ اثرائتو ۽ معياري نموني ۾ ڪيئن
بنائجي، ان سلسلي ۾ مغربي دنيا ۾ ٿيل ڪم کي
نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، ڪارلانل(Carlyal)
خواندگي کي اهم سمجهي ٿو ۽ ادب جي ڪارج ۾ ان جي
وڏي اهميت آهي، مٿي ڏنل تحقيق جي روشني ۾ هي
حقيقتون سامهون اچن ٿيون ته سنڌ جي 80 سيڪڙوآبادي
ٻهراڙي ۾ رهي ٿي، جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم
آهن ۽ علم جي روشني کان پڻ ناواقف آهن، ان
صورتحال ۾ ڪهاڻي جيڪا ادب جي اهڪ اثرائتي ۽ مقبول
صنف آهي ان جي ڪارج تي برو اثر پوي ٿو ۽ ان ڪري ئي
ڪهاڻي اهو سماجي ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي، جيڪو
ڪرڻ گهرجي ها، مٿين سڀني مشڪلاتن جي باوجود ڪهاڻي
سماج جي ترجمان آهي.
حوالا
(1) Encycloadia of Social Sciences , Vol., 9
and 10 Page 418-19
(2) شبد ۽ سنسڪرتي، ڪونج پبليڪيشن بمبئي 1982ع ص
-57
(3) ايضاً
(4) جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر اوائلي شايع ٿيل سنڌي
لوڪ ڪهاڻيون سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد سنڌ 1990ع ص
29، 18 ۽ 17
(5) لڪاڻي منگهارام”سنڌي نثر جي تاريخ “ روشني
پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1993ع ،ص 48۽ 58
(6) طارق اشرف ”ٽيهن سالن جون چونڊ آکاڻيون “
نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1978ع
(7) پرک، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي، 1988ع ص-
106
(8) نورالهديٰ شاهه ”ڪيڏارو “سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد سنڌ 1990، ص – 49
(9) قاضي خليل ”جمهورت جو سج “ سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد 1974ع، ص 39
(10) ڪلپنا موهن ”سنڌ جي سنڌي ڪهاڻي “اڀياس،
آرسي، ص 317
(11) ٻوهيو (ڊاڪٽر) ”ادب جا فڪري محرڪ “ سنڌي
اديبن جي سهڪاري سنگت 1972ع، ص 159
(12) شبد ۽سنسڪرتي ڪونج پبليڪيشن بمبئي، 1982، ص
(13) نئين دنيا، فيبروري 1953، ص17
(14) رئوف نظاماڻي ”سنڌي ڪهاڻي هڪ مختصر جائزو
“سنگت 1993ع، ص 103
مددي ڪتاب
(1) جيٽلي،مرليڌر ”ڊاڪٽر لالچند امر ڏنو مل
جڳتياڻي“ ساهتيه اڪاڊيمي دهلي 1985ع.
(2) ڄميٺمل پرسرام گلراجاڻي ”چمڙا پوش جون
آکاڻيون “ 1923.
(3) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌ نثر جي تاريخ “
روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993، ص 50 ۽ 60.
(4) هنڱوراڻي، امر لعل ”ادو عبدالرحمان “
ڪهاڻين جو مجموعو ٻيو ايڊيشن نيو فيلڊس پبليڪيشن
حيدرآباد، ص 10 کان 14.
(5) ”نادر بيگ جون ڪهاڻيون “ انسٽيٽوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1992.
(6) مامتورا، آسانند ”ڳنوارڻ “ سنڌي ڪيمپس
پبليڪيشن 1978 ص 82.
(7) شبد ۽ سنسڪرتي ڪونج پبليڪيشن بمبئي 1982ع،
ص 23 ۽ 56.
(8) ----ايضا --- ص 75
(9) ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر ) ”سنڌي ٻوليءَ جو
سماجي ڪارج “ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي
ڄامشورو. 1979ع ص 15.
(10) نورالهديٰ شاهه ”ڪيڏارو “ سهڻي پبليڪيشن
حيدرآباد 1990ع ص 49.
ولي رام ولڀ
اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ جي اخبار نويسيءَ
جو هڪ جائزو
(نوٽ: اخبار نويسي،تاريخ جو هڪ اهڙو
سرچشمو آهي، جو ان کانسواءِ تاريخ جي حقيقتن کي
سمجهڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي، اخبار نويسي
ڪنهن به ملڪ جي حالاتِ حاضره کي قلمبند ڪري ٿي،
جيڪو اڳتي هلي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي ٿو: جو اخبار
نويسي تاريخ لاءِ ڪچو مال مهيا ڪري ٿي.)
دنيا ۾ هر دور دوران هر ڪنهن ملڪ ۾ اخبار
نويسي جو روپ ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ ضرور موجود هو،
هر ڪنهن ملڪ پنهنجي ارتقائي قدمن ۽ منزلن جا گس
پڇائي، ماضيءَ جي دز چڙهيل ورقن ۾ پاڻ کي ڳولي،
پنهنجي لاءِ مستقبل ۾ وڌيڪ ترقيءَ جون راهون متعين
ڪيون آهن، اهڙي طرح اهي هڪ طرف پنهنجي ماضيءَ کان
ناتو نه ٿا ڇنن ته ٻئي طرف مستقبل تان نظر به نه
ٿا هٽائين.
سنڌ جي تهذيب دنيا جي سڀ کان آڳاٽي چئي وڃي
ٿي، جنهن جو جيئرو جاڳندو ثبوت ” موهن جو دڙو “
آهي، هن ڦٽل دڙي جي آڳاٽن آثارن تي غور ڪرڻ سان
ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته جڏهن اتان جا رهواسي پنهنجي
رهائش لاءِ مڪمل طور تي شهري اڏاوتي رٿابندي موجب
گهر، کوهيون ۽ حوض، وهنجڻ جون جايون، تلاءَ ۽ نالا
ڻ ڪسيون جوڙي سگهيا ٿي ته پوءِ وٽن ترقي يافته
لکيت ۾ ڪم ايندڙ ٻولي ڪيئن نه هوندي؟ هنن پنهنجي
روزمرهه جي سماجي وهنوار ، ڳانڍاپي ۽ ڪاروبار جو
وسيلو ضرور ٻوليءَ کي بنايو هوندو،سندس ٻوليءَ جي
اهڃاڻي شڪل، جيڪا ٺڪرين تي اُڪريل يا ڇاپيل ملي
ٿي، موجوده نسل، پنهنجي سمورين سائنسي ۽ٽيڪنيڪي
سهوليت حاصل هئڻ جي باوجود پڙهڻ يا ان جو مطلب
سمجهڻ کان قاصر آهي، ان دور کان هن دور جي وچ ۾
ڪيترائي طوفان آيا هوندا، ڪيترائي ڀيرا ڌرتي ڌڏي
هوندي، ڪئين ڀيرا سگهارو سنڌو ٻنيون ٻارا، وسنديون
واهڻ، شهر ڳوٺ ٻوڙي ماڻهن کي پنهنجي ايندڙ پيڙهين
لاءِ پويان ڪجهه ڇڏي وڃڻ کان سواءِ، گمنامين جي
اونداهين ۾ غرق ڪري ويو هوندو: ۽ ڪيترن ئي حملي
آور جنگجو مهمجوئن تهذيبن جا نشان به ناس ڪري ڇڏيا
هوندا، ان ڪري زمانن جي گذرڻ کانپوءِ انهن نسلن ۽
اڄ جي نسلن ۾ ڪو تعلق قائم نه ٿي سگهيو آهي، ڪا به
ڪڙي، ان دور جي ڪڙي سان نه ٿي ملي، ايتري قدر جو
هاڻي رڳو تصورن، انومانن ۽مفروضن جي بنياد تي
نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا، يا انهن لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. |