سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :23

ڪجهه وقت کانپوءِ شانتي جي شادي ٿي وئي، هوءَ پنهنجي پتي سان گڏ ٻئي شهر ۾ رهڻ لڳي، آئون ۽ موهن ڪڏهن ڪڏهن شانتي سان ملڻ لاءِ سندس گهر به ويندا هئاسين.هڪ دفعي اسان آشرم ۾ ويٺا هئاسين ته اسان کي گرو حڪم نو ڪالي ماتا جي مندر پهچو.

ڪالي ماتا جو نالو ٻڌڻ سان چيلن جي چهرن تي خاص تاثر اچي ويو، من پهريون دفعو سندن اکين ۾ وحشياڻي  چمڪ ڏٺي.

اسان سڀئي ڪالي ماتا جي مندر پهتاسين، اتي ڪجهه ٻيا ڳوٺاڻا به هئا، گرو اسان کان اڳ ئي پهچي چڪو هو، مندر ۾ مون هڪ  حيرت انگيز منظر ڏٺو، اتي هڪ نوجوان ڇوڪري رسن سان ٻڌل هئي، سندس مٿو هڪ ڪاٺ جي اڏي تي رکيل هو، جيڪا ڪالي ماتا جي پيرن تي پيل هئي، گرو ۽ اسان سڀني گڏجي ڪالي ماتا جي پوڄا ڪئي، لوبان سان ان جي آرتي لاٿي، موهن گيندي جا پيلا گل کڻي آيو هو، جيڪو هن ڪالي ماتا جي چرنن ۾ رکيا.

گرو جو آواز اڀريو:

”ڪالي ماتا اسان تي رحم ڪر.

پنهنجي ٻچڙن تي ڪرم ڪر.

اسان سڀني جو وجود هن ڌرتي تي پاپ آهي.

 تون پنهنجي پاپي پوڄارين تي ديا ڪر.

ڪجهه ماڻهو جي پاپن جي ڪري.تون اسان کان ناراض ٿي ويئي آهين.تنهنجو ناراضپو اسان لاءِ بيماريون آڻي ٿو.

تنهنجو ناراضپو ڏڪرآهي، وبا آهي، موت آهي.

اڄ اسان تنهنجي قدمن ۾ تازو خون وهايون ٿا.

توکي راضي ڪرڻ لاءِ ڪنواري  ڪنيا جو ٻليدان ڏيون ٿا.

تون اسان  جو ٻليدان قبول ڪر.پنهنجي پاپي پوڄارين جو ٻليدان قبول ڪر.

ڪالي ماتا اسان تي رحم ڪر“.

اهو چئي گرو چمڪندڙ ڪات کڻي رسين ۾ جڪڙيل ڇوڪري ڏانهن وڌيو،ڇوڪريءَ جو رنگ خوف وچان پيلو ٿي چڪو هو، ماحول۾ هيبتناڪ سانت  ڇائنجي وئي ۽ منهنجا وار ڪانڊارجي ويا هئا.

امالڪ ڪات اڀو ٿيو، کنوڻ وانگر چمڪيو ۽ وڄ  وانگر واڪو ڪري ڇوڪري جي  سيسي تي ڪريو، سسي ڌڙ کان ڌار ٿي پري وڃي ڪري، ڪٽيل ڌڙ مان رت جا تيز ڦوهارا ڪالي ماتا جي قدمن تي ڪري رهيا هئا، ماحول ۾ ”ڪالي ماتا جي جئه جئه ڪار “ ٿي رهي هئي، مون موهن کي ٻانهن کان ڇڪيو ۽ مندرکان ٻاهر اچي ويس،زندگي ۾ اهو منظر پهريون دفعو ڏٺو هوم ، جنهن منهنجي اندر ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو.

وقت وڏو ظالم آهي، هو زخم به ڏئي ٿو ته انهن تي مرهم به لڳائي ٿو، وقت جو طوفان هر قسم جي جذبي جي شدت کي پنهنجي دز سان لٽيو ڇڏي، وقت منهنجي دل مان به ڪالي ماتا جي مندر وارو واقعو ڌنڌلو ڪري ڇڏيو ۽ زندگي جا معمولات وري ساڳيا  بڻجي ويا.

هڪ ڏينهن خبر آئي ته شاني جو پتي ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي مري ويو آهي، اها خبر موهن ۽ منهنجي لاءِ تمام گهڻي ڏک جو باعث هئي، اسان موهن جي والدين سميت شانتي جي گهر پهتاسين ۽ شانتي جي پتي جي مڙهه کي ڪلهو ڏئي ”رام نام ست هئه، رام نام ست هئه “ چوندا، شمشان گهر پهتائسين ۽ مڙهه کي هڪ ڪاٺين جي ڍڳ تي رکيوسين، ڪجهه وقت کانپوءِ  مون ڏٺو ته ڪجهه عورتون شانتي کي وٺي اچي رهيون هيون، هي ڇا؟ شانتي نوان ڪپڙا پائي هار سينگار ڪري آئي هئي ۽ ائين هلي رهي هئي، ڄڻ خواب ۾ هئي، هن ڪنهن طرف به نه ڏٺو ۽ ڪاٺ جي ڍڳ تي چڙهي پنهنجي پتي جو مٿو پنهنجي گود ۾ رکي ويهي رهي، ڪنهن ڪاٺين تي تيل هاري باهه ڏني  ۽ آئون ڄڻ ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيس،موهن کي ٻانهن مان جهلي چيم: ”موهن شانتي کي ته اتان هٽايو، باهه تيز پئي ٿئي شانتي کي هٽايو، موهن شانتي کي هٽايو ......“ پر موهن چپ چاپ بيٺو رهيو، باهه جا شعا تيز ٿي رهيا هئا، مون يڪدم ڊوڙ پاتي ۽ چکيا تي چڙهي، شانتي کي لاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، پر ڪجهه پنڊت مون کي زبردستي پوئتي ڇڪي آيا.

باهه جي شعلن سان گڏ منهنجون رڙيون به آسمان تي پهچڻ لڳيون .... شانتي ...... شانتي .... موهن شانتي کي بچاءِ..... موهن شانتي ...... شانتي ....... “ ليڪن منهنجيون رڙيون رائگان ويون، ماحول ۾ گوشت سڙڻ جي تيز بوءِ آهستي آهستي سوڳوار خاموشي ۾ تبديل ٿي وئي.

ان رات مون  اهوشهر ڇڏيو، موهن جيڪو منهنجو پيارودوست هو، ان کي به ڇڏيم، موهن خوبين سان ڀرپور جوان هو پر شانتي کي سڙڻ کان نه بچائي سگهيو آخر ڇو!؟ ڇا شانتي کي سڙڻ مهل تڪليف نه ٿي هوندي ؟ مون ته ان جون رڙيون ٻڌيون هيون،  سڀني ٻڌيون  هيون، پوءِ به ان کي بچايائون ڇو نه ؟  ڇو ان کي جيئري سڙڻ لاءِ ڇڏي ڏنائون، انهن ڳالهين مون کي بدظن ڪري ڇڏيو، رات جي خاموشي ۾ اهو شهر ڇڏيم، الائي ڪيترا ڏينهن يا مهينا سفر ڪيم خبر نه آهي ته ڪيترو وقت گذري ويو، منهنجي ڪوشش هئي ته وڌ کان وڌ ان شهر کان پري هليو وڃان،  آخر گهڻي سفر کانپوءِ وڏي شهر  پهتس.

هي وڏو شهر هو، هيترا سارا ماڻهو مون اڳ  ڪڏهن به نه ڏٺا هئا، بيشمار گاڏيون ۽ وڏيون وڏيون عمارتون هيون، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مگن هو، ڪنهن کي به ڪنهن سان ڪو سروار نه هو.

گذر سفرلاءِ مزدوري جي تلاش ڪيم، جيڪا ٿوري ڀڄ ڊڪ کانپوءِ ملي ويئي، هن کان پهرين  منهنجو وقت مذهبي ڪمن ڪارين ۾ ئي گذريو هو، جنهن ڪري  ڪو به هنر وغيره نه سکي سگهيو هوس، نتيجي ۾ ٿوري  ئي وقت ۾ مون کي ڪيترين جڳهن تان ملازمت کان جواب مليو، نيٺ آخر عبدالله نالي هڪ خدا ترس شخص مليو، جنهن  مون کي پنهنجي دڪان تي ملازم ڪري رکيو.

عبدالله سچ پچ ته نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هو، سندس صحبت ۾ رهڻ ڪري آهستي آهستي کانئس متاثر ٿي رهيو هو،س عبدالله چوندو هو:” هن دنيا کي تخليق ڪرڻ واري صرف هڪ خدا جي ذات آهي ۽ اسان سڀني کي به انهيءَ واحد ذات خلقيو آهي، سندس ڏنل دين اسلام آهي، جيڪو امن، سلامتي ۽ ڀائيچاري جو دين آهي، سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڪير به ڪنهن کان گهٽ يا وڌ نه آهي.

ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ مون عبدالله جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو.هن شهر ۾ رهي آئون گهڻو ڪجهه سکي رهيو هوس، عبدالله ٻڌايو: جنهن ملڪ ۾ اسين رهون ٿا، سو هڪ اسلامي ملڪ آهي، هي ملڪ وڏين قربانين کانپوءِ مليو، اسان کي انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو هو،  هينئر اسان الحمدالله ”آزاد “ آهيون، اسان جي هن مقدس ملڪ ۾ هر ماڻٰهو هڪ جيترا حق رکي ٿو .

عبدالله مون کي روزانو نماز پڙهڻ لاءِ مدينه مسجد ۾ وٺي ويندو هو، جتي جو خطيب اسان کي هر روز دين اسلام بابت  ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائيند هو.

هڪ دفعي عبدالله ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ تمام  وڏو عالم سڳوررو اچي رهيو آهي، جيڪو جمع نماز کانپوءِ شهر جي وڏي باغ ۾ خطاب فرمائيندو، اسان ٻئي به خطاب ٻڌڻ لاءِ باغ  پهچي وياسين، جتي بيشمار ماڻهو آيل هئا، سڀئي ٻڌڻ لاءِ آتا هئا.

عالم سڳورو ڪجهه دير ته امن ۽ سلامتي جون ڳالهيون ڪندو رهيو پر پوءِ اوچتو ڪاوڙ ۾ اچي هڪ خاص فرقي جي خلاف ڳالهائڻ لڳو ۽ انهن کي ”مشرڪ ۽ ”ڪافر “ جا لقب  ڏيڻ لڳو، عالم سڳوري سان گڏ ماڻهو به مشتعل ٿي ويا.

عالم سڳوري جي خطاب کانپوءِ شهر ۾ڪيترين ئي جڳين تي فرقه وارانه فساد شروع ٿي ويا، ڪيترين  ئي عبادتگاهن تي به حملا ڪيا ويا ۽ مسجد  موجود نمازين کي به سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو.حالات روز برزو بگڙندا ويا، ٻئي فرقي جا عالم به هن فرقي  کي ڪافر  ڪوٺڻ لڳا ۽ نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا، انهن شهيد ٿيندڙن ۾ عبدالله به هڪ هو.

عبدالله جو قتل منهنجي لاءِ تمام وڏو صدمو هو، هو نه صرف هڪ شفيق انسان هو پر هن منهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو، روزگار ڏيڻ سان گڏ هن منهنجي ذهني نشونما ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.عبدالله  جي موت  مون کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي ته پوءِ هي هيترا سارا ماڻهو قتل ڇو ڪيا ويا ......؟ ٻنهي فرقن وارا پنهنجو پاڻ کي  ”مجاهد “ چئي جهاد جي تيارين ۾ مصروف هئا.

حالات روز بروز خراب ٿي رهيا هئا، روز روز ڪرفيو لڳڻ لڳا، ڪاروبار تباهه ٿيڻ لڳو،موت جو راڪاس پنهنجا خوني ڏند ڪڍي وحشياڻو  رقص ڪرڻ لڳو، ڪنهن  به جان ۽ عزت سلامت نه هئي ڀرين بازارن ۾ بم ڦاٽڻ لڳا،  گاڏين ۾ سوار ڪي جٿا ايندا هئا، معصوم شهرين تي گولين جو مينهن وسائي غائب ٿي ويندا هئا، هر طرف خوف ۽ دهشت جو راڄ هو.

هڪ دفعي آئون دڪان بند ڪري گهر اچي رهيو هوس ته ڪجهه نوجوان، جن جي هٿن ۾ خطرناڪ هٿيار هئا، مون کي ڦري آيا، ۽ پڇيائون.

”ڪير آهين تون “؟

”جي ........ جي.......... جه........ منهنجو نالو يعقوب آهي “

مون ڊڄندي ڊڄندي وراڻيو.

”اڙي نالو ڪو نه ٿا پڇيو، ٻڌاءِ ڪير آهين تون “

آئون وائڙو ٿي ويس ته ڪهڙو جواب ڏيان، ڏڪندي ڏڪندي جواب ڏنم.

”مسلمان “

”وڏو ڪو بيوقوف آهين “ هڪڙي ڪاوڙ ۾ چيو ”اسان پڇيون پيا ڪير آهين، تون آڏا ابتا جواب پيو ڏين، سچ سچ ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟“

آئون سچ پچ منجهي پيس ته ڪهڙو جواب ڏيان.

نيٺ مون چيو.

آئون هن ديس جو رهواسي آهيان .

”اڙي اهو ته اسين به ڏسون پيا، پر تون ائين ڪو نه ٻڌائيندين...... ائين چئي هن پستول جو دستو منهنجي مٿي تي هنيو، آئون چڪرائجي ڪري پيس، انهن مان هڪ ڄڻي پنهنجي ساٿي کي چيو.

”هي ڳالهائي ته بيشڪ اسان جي ٻولي پيو، پر لهجي مان لڳي ٿو ته هي اسان مان نه آهي، هن کي ختم ڪريو ، دير نه ڪريو متان پوليس اچي وڃي.

هڪ ڄڻي هٿيار جو رخ مون ڏانهن ڪيو ۽ ٻئي لمحي مون محسوس ڪيو ته منهنجي پيٽ ۾ ڪنهن ٻرندڙ لوهي شيخ ٽنبي ڇڏي آهي.جڏهن هوش ۾ آيس ته پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺم، نرس ٻڌايو ته ڏکئي آپريشن کانپوءِ گولي منهنجي پيٽ مان ڪڍي وئي آهي، هاڻي منهنجي حالت خطري کان ٻاهر آهي.ڪجهه وقت کانپوءِ ڊاڪٽر هڪ پوليس انسپيڪٽر سان گڏ آيو ۽ چوڻ لڳو:

”نوجوان پنهنجي سڃاڻپ ڪراءِ“.

”سڃاڻپ آئون توهان جي ڳالهه سمجهيس ڪو نه ڊاڪٽر صاحب!.

”منهنجو مطلب آهي ته تون ڪير ‌آهين، ڪٿي رهندو آهين، ۽ ڇا ڪندو آهين ؟ڊاڪٽر پڇيو.

”آئون ڪير آهيان “؟ انهيءَ جي ته ڊاڪٽر خبر نه اٿم ته ڪير آهيان، جڏهن آئون جهنگلي هوندو هوس ته ڪنهن به مون کان اهو نه  پڇيو هو ته آئون ڪير آهيان ؟ پر ڊاڪٽر جڏهن کان مون توهان جي نالي ماتر مهذب سماج ۾ قدم رکيو آهي ته وک وک تي مون کان پنهنجن ور ور ڏئي پڇيو آهي ته آئون ڪير آهيان؟ ۽ مان جنهن کي ڪڏهن، جيڪب، ڪڏهن جئه ڪمار ته ڪڏهن يعقوب سڏيو ويو آهي “ توهان جي مهذب سماج ۾ هميشه انسان جو رت وهندي ڏٺو آهي ۽ مهذب ماڻهن کي هميشهه، مذهب، فرقي، قوميت، زبان ۽ نسل جي بنياد تي خون وهائيندي ڏٺو اٿم، توهان جي تهذيب مون کي ڪڏهن عيسائي، ڪڏهن هندو ته ڪڏهن مسلمان ٺاهيو آهي، پر مون کي ”انسان “ ڪنهن به نه ٺاهيو آهي، اڄ توهان مون کان منهنجي سڃاڻپ پڇو ٿا ته ٻڌو ڊاڪٽر آئون انسان آهيان، صرف ۽ صرف انسان.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آئون اسپتالن مان رخصت ٿيس، سمجهه ۾ نه آيم ته ڪيڏانهن وڃان، نيٺ گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ آئون انهيءَ جڳهه تي پهتس، جتي هڪ گونگي انسان مون کي پالي وڏو ڪيو هو، هت پرسڪون سرسبز شاداب وادي ۾ ڪير به مون کان اهو سوال پڇڻ وارو ڪو نه هو:

”تون ڪير آهين “؟.

ضراب حيدر

ڪارا ناسي ڪنگڻ

     ننڍپڻ ۾ بابا ميلن تي وٺي ويندو هو، انهن ميلن ۽ زندگي جي هاڻوڪي ميلن ۾ ڪيڏو نه ويڇو پيو ڀائنجي! موت جي کوهه ۾  موٽر سائيڪل هلائيندڙ سوار کي پنهنجي همت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندو هئس، کيس دل ئي دل ۾ ڏاڍو داد ڏيندوهئس، جيڪو پنهنجي جان جي پراهه نه ڪندي موت جي منهن ۾ ڦيريون پائيندو هو.... ۽ اڄ پاڻ تي بنهه حيرت اٿم، جو زندگي ۽ موت جي وچ واري کوهه۾ ڦيريون پائي رهيو آهيان، نه چاهيندي به  مرڪان پيو، کلان پيو، جيئان پيو، سرڪس جي ان جوڪر وانگي جنهن جي منهن تي مذاق جا ڪيئي رنگ هوندا آهن، مان به ته پنهنجي وجود سان شڪستن جون ڪيئي مشڪريون سانڍيو مرڪندو وتان.

اڄ پنهنجي ڪمري جي اڪيلائي ۾ پاڻ کي  ائينن پيو ڦٿڪندو ڀائنيان جو جيئن ميلي ۾ آندل جانورن جي پنڃري مان هڪ پڃري ۾ بند ٿيل رڇ جو ٻچڙو جنهن جي بي چيني جو ڪاٿو ڪوئي به نه ٿو لڳائي سگهي، جيڪو  پنڃري جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پيو ڦيريون پائيندو آهي”قيد به ڪيڏو نه وڏو عذاب آهي، ۽ مان پڻ زندگي جي پنڃري ۾ قيد ٿي پيو ڦٿڪان، ائين محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ مان ان ميلي ۾ آندل جادو واري دنيا جي حسين ڇوري جيان آهيان، جيڪا پنهنجي ڳچي ڪاٺ جي ٽيبلجي گول خال ۾ ڦاسائي ويٺي هوندي آهي، جنهن جو ڌڙ دوکي ۽ منافقت وارو روپ هوندو آهي ۽ سندس وات ۾ پيل ڪنڊي دار زبان سوالن جا جواب ڏيندي رهندي آهي، صرف ان همراهه جي سوالن جا جواب جيڪو لٺ کنيو بيٺو هوندو آهي مان به معاشي مسئلن ۾ ڳچي ڦاسائي ويٺو آهيان، منهنجي وات ۾ رکيل زبان صرف گهرو خسارن جي پورائي لاءِ جواب ڏيندي آهي ۽ منهنجو ڌڙ منافقت ۽ دوکي جو روپڌاري  ڪوڙيون محبتون تلاش ڪندو آهي، مون کي وقت جو چرخو ان همراهه وانگي  لڳندو آهي، جيڪو ان جادو واري دنيا جي شو ٻاهران دخل تي ويٺو ٻئين روپئي واري ٽڪيٽ جو هوڪو ڏيندو آهي، ۽ انساني محرومين سان مذاق ڪندو آهي، اڄ پنهنجي خيالن ۽ سپنن کي به ان ميلي ۾ ڊوڙون پائيندڙ اٺن ۽ گهوٽن جيان پيو  ڀانئيان جيڪو ساڀيان ماڻڻ لاءِ وڏيون وڏيون ٻرانگهو پائيندا سهڪندا ڊوڙندا ويندا آهن ۽ ميلي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ته صرف سڪل پلال نظر ايندو آهي، جيڪو  هڪ ئي تيلي سان جلي رک ٿي ويندو آهي.

منهنجي زندگي ۾ ميلا ان ڪري به اهميت رکن ٿا جو مون ميلن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃايل ڀانيو آهي.....! پوءِ اهي ڇو نه محبتن جا ميلا هجن.هفتو اڳ سيما خبر ناهي ڪيئن مون وٽ اچي نڪتي هئي.... سيما منهنجي محبوبا آهي، سچي چاهيندڙ، سندس سچائي ۽ اڪير ڏسي محبتن جا سموارا فلسفا وسري ويندا اٿم، هوءِ اهو ڄاڻيندي به

مون وٽ اچي نڪرندي آهي ته مان شادي شده آهيان، شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کانپوءِ هڪ پٽ جو پيءُ به بڻجي چڪو آهيان، منهنجي زندگي ۾ جڏهن منهنجي شادي جو ميلو متو هو ته سيما جي محبت جو ميلو پنهنجون ڌمالون پوريون ڪري ختم ٿي چڪو هو، ان سمي سندس زندگي جي حيرت جوڳي سرڪس پنهنجون سموريون نمائشون وڃائي مڇريل هاٿي جي سونڍ ۾ اچي ويئي هئي.... اهو مڇريل هاٿي منهنجي شاديءَ جو ڪارڊ هو، جنهن پنهنجي سونڊ جهڙي حقيقت سان سندس جذبن ۽ سپنن کي ڦيرائي ڦيرائي زمين تي سٽيو هو.... پر پوءِ به هوءَ ٽٽي ناهي، وکري ناهي هو اڄ به مون   کي چاهي ٿي.

ان ڪري اڄ اوچتو مون وٽ آئي هئي، سمن سرڪار جو ميلو گهمڻ لاءِ سمن سرڪار جيڪو برپوٺي جو پير ‌آهي، ان ڪري برپوٺي تي منهنجي ٻالڪڻ جون يادون ڪلراٺيون پيون آهن، پر هن جي اچڻ سان منهنجي ڪلراٺين يادن جو ميلو ائين مچي پيو آهي، جيئن سمن سرڪار جي پوٺ تي ميڙاڪو مچندو  آهي،

هن جي اچڻ سان منهنجي زال جي ذهن ۾ ڄڻ محشر مچي ويو هو، جنهن تازو مون جهڙي پٽ کي جنم ڏنو هو...... امبر منهنجي پياري زال آهي، هوءَ منهنجي زال ئي نه پر منهنجي سٺي دوست ۽ رازدار پڻ آهي، جنهن کان منهنجي ڪرتوتن جو ڪو فائيل لڪل ناهي، ايستائين جو مان جيڪڏهن ڳائو گوشت پاءُ اڌ کائي به ويندو آهيان ته کائنس لڪي هضم ناهيان ڪري سگهندو.

 هن ڀيري امبر جو رويو متوازن هو، جنهن ۾ نه ڪا نفرت هئي، نڪي محبت ....... پر سندس اکين ۾ ڇڪندڙ منهنجي لاءِ محبت جا عڪس روئڻهارڪا هئا.

کيس چيم: امبر! سيما کي ميلي تي وٺي وڃڻو اٿم؟ جي موڪل ڏين ته سندس خواهش پوري ڪري اچان، سندس ننڍپڻ جو سمن سڪار تي پڙ ۽ ڪڪڙ باسيل آهي، سوڏيڻو اٿس، ان ڪري ته بيار ٿي رهي، ڏس  نه بيماريون ڪاٽي ڪاٽي سڪل وونڻياٺي ٿي پئي آهي، جي مون تي اعتماد اٿئي ته مان تنهنجي اعتماد کي ڪڏهن به  ڇيهو نه رسائيندس.مرڪ ۾ روئڻ ڀرجي آيو هئس، وڃ ڀلي مون توکي روڪيو ٿورئي آهي، مون  ڏٺو  ته هوءَ  ڀري  پئي  هئي، پر منهنجي پٽ کي ٿڃ ڏيندي مطمئن هئي...... سندس ممتا منهنجي پٽ تي پنهنجي پوري رحم ۽ ڪرم سان وسي رهي هئي، جنهن  مان پڪ ٿيم ته هوءَ مون کي خفا ناهي، البته ڏکايل ضرور آهي، هوءَ مون سان محبت ڪري ٿي نه ته جيڪر منهنجي روئندڙ ٻالڪ مان چڱيون باهيون ڪڍي ها.

چيومانس! امبر پهرين دفعي جڏهن شادي کانپوءِ سيما آئي هئي ته ڪاوڙ مان بيهوش ڇو ٿي وئي هئين.

”ان لمحي شايد پاڻ تي اعتماد نه هئم “

اکين ۾ ڏسي چيومانس..... ۽ هاڻي “؟

نظرون چورائي منهنجي ٻار ڏانهن ڏٺائين، جيڪو ٿڃ ڌائيندي سندس ڇاتي کي چهٽيو پيو هو، کيس مٿس پيار ‌اچي ويو.

”هينئر پاڻ تي ويساهه اٿم، تو تي فخر اٿم، جو مان تنهنجي زال آهيان، تنهنجي ٻار جي ماءُ آهيان.ان لمحي پاڻ کي پلاسٽڪ جو هلڪو گڏو ڀانيم جنهن ۾ سواءِ هوا جي ڪجهه به ڀريل ناهي هوندو، سيما کي گاڏي ۾ سمن سرڪار وٺي ويس، دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هئس ته سيما جي باس وارو ڪڪڙ مان ئي ڏيندس، سندس جيون جنهن بنا ڪنهن لوڀ جي پنهنجو سمورو جيون، مون سان نه هوندي به مون لاءِ ارپي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ ساري واٽ خبر ناهي اڃا به الاءِ ڇا ڇا ارپڻ لاءِ ويچاري رهي هئي،  مون رستي مان ڪڪڙ ورتو، هن ڏاڍو روڪيو پر مان نه مڙيس.

کيس چيم:”سيما ڪاش مان به قربان ڪرڻ جهڙي جيؤ مان هجان ها، ته جيڪر تنهنجي زندگي لاءِ پاڻ کي سمن سرڪار جي پوٺي تي ڪسڻ لاءِ ڇڏيا ڏيا ها.کائنس وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ ڪار جي رفتار ۾ پاڻهي ماٺو ٿيڻ لڳو، سندس چپن مان ٽهڪ جي ردم جهڙو آواز اڀريو.

”سمن سائين مان گولي  غلام تنهنجي در جي “.

هن جي چهري تي اطمينان هو  ۽ اکين ۾ حسرتون ........

سمن سائين جي درگاهه تي پهتاسين، ڪڪڙ درگاهه جي ايوان ۾ ڇڏي ڏنوسين، پڙ، وجهي دعا گهري ٻاهر نڪتاسين، ڪجهه گهڙيون ايوان ۾ لڳل الم هيٺان ويهي رهياسين، ڳالهيوسين پئي کليوسين پئي.... هوءَ اوچتو اٿي هلي.

”ڪيڏانهن سيما !؟“

”تون ويهه مان اچان ٿي “ ڪجهه دير هلي وئي، آئي ته سندس هٿن ۾ هڪ وڏو لفافو هو، جنهن مان نقل ورهائڻ شروع ڪيائين.

”سيما ! هي ڪهڙي باس اوچتو ياد اچي ويئي“

”توکي اولاد نه ٿي ٿيو نه “؟ ان ڪري باسيو هئم ته توکي پٽ ڄمندو ته مان سمن سرڪار تي نقل ورهائيندس“.

هوءَ نقل ورهائيندي رهي، مون سندس پويان هلندي چيو:

”پرڇو.......؟ تو ڇا لاءِ  با سيو هو“

”امبر کي شايد اهو خوف هو ته تون اهو بهانو وٺي مون سان شادي نه ڪرين......... ان ڪري شايد هوءَ پريشان رهندي هئي. ۽ تو به شايد ائين سوچيو هجي...... پر اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن به نه ٿيڻو هو...... نه ٿئي ها..... نه ٿيندو “ ائين چئي هوءَ ڪار ڏانهن وڌي، مون ڪار جا لاڪ  کوليا هوءَ ويٺي سندس منهن ۾ نهاريم، جنهن تي ساڳيا ٻول نقش هئا:

”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي “

ڪار هلايم، رستي ۾ سيما مون کي هڪ ننڍڙو لفافو ڏنو.

”هي وري ڇا هي “؟

”تنهنجي پٽ وشال لاءِ سوکڙي ورتي اٿم، هت نه کولجانءِ اتي هلي کولجانءِ.لفافو کيسي ۾ رکي ڇڏيم، گهر پهتاسين، امبر مرڪي آجيان ڪئي، وشال به ڏاڍو پرسڪون هو، شام پنهنجو وجود رات حوالي ڪيو. هر ڪوئي سمهي پيو، گهر وارا، امبر، وشال، سيما....... مون کي ننڊ نه آئي کيسي ۾ رکيل لفافو ياد آيم، لفافو ڪڍي کوليم، جنهن ۾ ٻه ننڍڙا ڪنگڻ هئا، ڪنگڻ وشال جي ٻانهن ۾ پارايم، وشال جي پيشاني چميم، سندس ڀرسان ستل امبر جي پيشاني چميم ، امان جي ڪمري ۾ آيس سيما سڪون ۾  ستل هئي  سندس پيشاني چميم ، واپس وشال وٽ آيس، وشال جي ٻانهن ۾ پيل ڪنگڻ چميم..... غور ڪيم ته ڪنگڻن جو رنگ ڪارو ناسي هو، ڪارا نيڻ امبر جا، ناسي نيڻ سيما جا ۽ ٻئي  مون جهڙي وشال جي پتڪڙين ٻانهن ۾ وڪوڙيا پيا هئا، پاڻ کي ڪنگڻن جي وچين اڇي خال ۾ قيد ٿي ڀاسيم، ڪنگڻن کي هڪ ڀيرو وري چميم، کين ڌيان سان ڏٺم، ڪارا ۽ ناسي نيڻ ڄڻ ته ڪنگڻن ۾ ورجائي رهيا هئا.”سمن سائين مان ته گولي غلام  تنهنجي در جي “.

حبيب الله مرزا

ڪرشمو

 هن جا افسانا ۽ اشتهار اڪثر ڪري رسالن ۽ مخزن ۾ شايع     ٿيندا هئا، هي افسافو نه مگر حقيقت آهي، جنهن کي  (Barrets of wimpale street)  تان ترجمو ڪري لکيو ويو آهي.

      ڪيترا ماڻهو سندس شعر کي ڏاڍو پسندا ڪندا هئا، پر عام ماڻهو هن کي هڪ ”منجهيل شاعر “ ڪري سڏيندا هئا: شايد سندس ڪلام کي سمجهڻ کان قاصر هوندا هئا، يا ته هو هڪ”منجهيل شاعر“ هو، بهرحال سندس شائقن جو دائرو وسيع نه هو، مگر پنهنجو هر هڪ خيال، جو هو مس ۽ قلم سان ڪاغذ تي چٽيندو هو، بلڪه سندس هر هڪ لفظ جنهن کي هو نظم جي لڙهيءَ ۾ پوئيندو هو، هو سندس دل جي گهراين مان ائين ڇٽڪنڊو هو جئين ڪنهن چشمي جو پاڻي ڪنهن پهاڙ جي سخت تهن کي چيري نڪري پر سندس شعر کي سمجهڻ وارو هڪ انسان آخرڪار نڪري نروار ٿيو، جا هڪ خوبصورت دوشيزه هئي، جنهن هن منجهيل شاعر جو شعر سمجهيو، خوب سمجهيو، سندس دل مان نڪتل آواز کي دل جي ئي ڪنن سان ٻڌو، جا  خود هڪ اعليٰ شاعره هئي.

اهي ٻه انسان آهن، انگلستان جو مشهور شاعر رابرٽ برائوننگ ۽ مس ايليز بيٿ بئريٽ، اليز بيٿ بله هڪ چڱي شاعر هئي پر برائوننگ جو شعر ته اصل مسحور ڪن هوندو هو، هوءِ ان کي ڏاڍي  چاهه سان پڙهندي هئي، ان جو داد ڏيندي هئي، جواب ۾ برائوننگ به سندس شعر کي ساراهيندو هو، اهڙي طرح هڪ عرصي تائين هنن ٻنهي جي خط و  ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو، بلڪه ائين چئجي ته انهيءَ سلسلي مان خطن جو  هڪ اهڙو مجموعو پيدا ٿي پيو، جو انگلستان جو اعليٰ کان اعليٰ ساهت سڏجي ٿو، برائوننگ جا خط انگريزي انشا ۾ هڪ ممتاز حيثيت رکن ٿا.اهڙي طرح ڳچ وقت تائين هنن جي خط و ڪتابت هلندي رهي، نه هڪ ٻئي کي ڏٺو هئائون ۽ نه هڪ ٻئي کي ڏسڻ جي شايد سڌ هئن: تاهم هڪڙي جو شعر ٻئي کي  متاثر ڪندو هو.آخرڪار هڪ  وقت اهڙو به آيو جو هو ٻئي هڪ ٻئي سان مليا، ايليز بيت  نيٺ   برائوننگ کي پنهنجي دولت خاني تي سڏايو هو، هو هڪ تونگر شخص  ڌيءَ هئي، سندس والد جو ڪاروبار يورپ  ۽آفريڪا جي کنڊن ۾ هوندو هو، سندس جڳهه بئريٽ مئنشن هڪ شاندار عمارت هئي، هو هڪ دولت پرور ماڻهوهو، مگر سند نور نظر ايليز بيٿ جا جيتوڻيڪ هڪ حسين ۽ جميل دوشيزه هئي پر جسماني طرح سان هڪ جڏو جيءَ هئي، اٿڻ ويهڻ کان لاچار هئي، اهو به سبب هئو  جو سندس هن ڌيءَ سان دل هوندي هئي، هن شخص کي هڪ ٻي به دختر هئي شايد ان جو سبب اهو به هئو جو ايليز بيٿ پنهنجي والد جي اجازت کانسواءِ ۽ ان جي عدم موجودگي ۾ ڪو به ڪم  نه ڪندي  هئي، هوءَ ڏاڍي پڙهيل، قابل ۽ عقلمند هئي، مگر منجهس جا وڏي وڏ هئي، سا اها جو هوءَ ننڍپڻ کان ئي بيمار گذاريندي پئي آئي، يعني سندس ٻئي ٽنگو بيڪار هيون، هن وقت جيتوڻيڪ سندس عمر به ڪافي وڏي هئي ۽ هوءَ پڙهيل، قابل ۽ خوبصورت دوشيزه به هئي، تاهم ساڻس شادي ڪرڻ جي لاٰءِ ڪو به تيار نه هئو نه وري ايليز بيٿ ئي شاديءَ جي خواهان هئي، اليز بيٿ جا جذبات ختم ٿي چڪا هئا، سندس سونهن ۽ سوڀيا پڻ ختم ٿي چڪي هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي زندگي فقط شعر ۽ شاعري جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.اوچتو ئي اوچتو سندس خاموش زندگي ۾ هڪ طوفان آيو، هن محسوس ڪيو ته سندس ستل جذبات جاڳي پيا هئا، زندگي جا هن جي لاءِ نراسائي ۽ نااميديءَ جي پيمر هئي، ان ۾ اميد ۽ آس جو هڪ ڪرڻو نظر آيس، سندس جواني کيس ٻيهر موٽندي ڏسڻ ۾ آئي هئي،  اهو تڏهن ٿيو، جڏهن رابرٽ برئواننگ کي هن نينڊ ڏئي پنهنجي گهر ۾ گهرايو هو، کيس خبر نه هئي ته برائوننگ جي وجود سان وابسته ڪا اهڙي ڪشش هوندي جا سندس خوابيده حسرتن کي جاڳائيندي، کيس اهڙو وهم و گمان ئي نه هو ته هن وهيءَ ۾ جنهن ۾ ذري گهٽ چاليهن ورهين جي عمر کي اچي رسي هئي، کيس محبت ڪندو!

برائوننگ بيشڪ برائوننگ کيس ڏسڻ سان مٿس موهت ٿيو، هن نوجوان شاعر کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هو کيس ورهين کان سڃاڻيندو هو، اليز بيٿ به ائين محسوس ڪيو ڀانءِ ته هو ڪي ڌاريا هرگز نه هئا: جيتوڻيڪ عمر جي لحاظ کان برائوننگ کائنس  سڄا سارا پندرهن سال ننڍو هو، ليڪن جيسين محبت جو تعلق آهي، تيسين هنن ٻنهي ڄڻن کي پڪ هئي ته هو هن دنيا ۾ هڪ ٻي جي لاءِ پيدا ٿيا هئا.

”بئريٽ مئنشن “ ۾ برائوننگ قدم رکيو، هتي ڪنهن به مڙس ماڻهو کي قدم رکڻ جي اجازت نه هئي: مسٽر بئريٽ هڪ ضدي ۽ قدامت پسند شخص هو، پنهنجين ڌيئن تي هميشه ڪڙي نظر هوندي هئس، تاهم هڪ شاعر کي ۽ سو به برائوننگ جهڙي با اخلاق ۽ رڄ مڙس کي پنهنجي گهر سڏاڻ ۾ کيس ڪو به عيب ڏسڻ ۾ نه آيو، سو ان  سڀاڳي ڏينهن جڏهن سندس ڌيءَ ايليز بيٿ جو نصيب جاڳڻ وارو هو، شاعر برائوننگ بئريٽ مئنشن ۾ قدم رکيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com