گذارش
علاج کان محروم اديب!
گذريل ڪجهه مهينن کان سنڌ جي ليکڪن، ڏات ڌڻين
۽ علمي حلقن جي اها گهر اڃا پوري ڪا نه ٿي آهي ته
سنڌ جي ٻن نالي وارن ليکڪن محمد ابراهيم ”اسير “
ملاح ۽ محمد پريل ”راهي “چنا جون زندگيون بچائڻ
لاٰءِ سرڪاري طرح علاج جا انتظام ڪيا وڃن، ان ڏس ۾
اديبن ۽ دانشورن جي هڪ وڏي انگ لاڳيتو پئي پڪاريو
آهي، اسير ملاح ۽ راهي چنا اسان جي سنڌي ادب جا
نالي وارا شاعر، اديب ۽ ڏات ڌڻي آهن، سندن سڄي
زندگي مخلصانه ادبي خدمتن ۾ گذري آهي، اسير کي
السر جي شديد تڪليف آهي ۽ راهي کي دل جا دورا پيا
آهن، جنهن ڪري سندن حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن، اسان
جا اهي ٻئي ڏات ڌڻي نهايت غريب ۽ تنگدست آهن، جن
لاءِ ممڪن ڪونهي ته پنهنجو علاج ذاتي طرح ڪرائي
سگهن، ٻئي پچڙيوال گهٽ آمدني وارا ملازم آهن ۽
مٿين بيمارين جي پيڙا ۾ مبتلا آهن.
هن وقت عوامي ۽ چونڊيل سرڪار آهي ان ڪري
ٻنهي ليکڪن جي علاج لاءِ اپاءَ وٺڻ بيحد ضروري
آهن، ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري بيانن ۾ دعوائون ته برابر
هونديون آهن، پر اديبن جي علاج لاءِ عملي اپائن
طور ڪو به قدم نه کڄي سگهيو آهي، وري به شابس آهي
اڪيڊمي اديبات پاڪستان اسلام آباد ۽ ان جي
ڊائريڪٽر جنرل جناب مظهر الاسلام کي جتان ٻنهي
اديبن جي ڪجهه مالي امداد ٿي آهي ۽ ان طرح اسان جي
بورڊ جي چيئرمين سينيٽر حسين شاهه راشدي صاحب پڻ
مالي خدمت ۾ ادائي ڪئي آهي.
اسان سنڌ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته اسير ملاح ۽
راهي چنا جي علاج لاءِ فوري طور پورا انتظام ڪيا
وڃن ۽ پڻ سندن مالي مدد ڪئي وڃي، جيئن اسان جي ٻئي
صلاحيتمند ليکڪ، تندرستي حاصل ڪري سنڌي ادب جي
خدمت جاري رکي سگهن.
سنڌ يونيورسٽي ڌيان ڏئي
سنڌي جي اديبن ۽ دانشورن جي هڪ وڏي انگ سنڌ
يونيورسٽي انتظاميا کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي شعبي
جي انهن خاتون ٽيچر جي ان حرڪت جو سنجيدگي سان
نوٽيس ورتو وڃي، جنهن موجب شعبي جي محترم استاد،
نامور، عالم، دانشور ، پروفيسر،ڊاڪٽر محمد قاسم
ٻگهيو لاءِ نهايت سنگين الزامن وسيلي ڪردار ڪشي جي
مهم هلائي وئي آهي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو سنڌي شعبي جو هڪ مانوارو
استاد آهي ۽سندس علمي ۽ تحقيقي خدمتن کان ملڪ جا
ادبي حلقا پوري ريت واقف آهن، شعبي جي چئن خاتون
ٽيچرس هڪ درخواست وسيلي اختيار ڌڻين کان ٻگهيي
صاحب بابت ڪجهه نقطن جي تحقيقات جو مطالبو ڪيو هو،
جن بابت سنجده سوچ آڏو آئي ته ڇا اهي الزام
يونيورسٽي جهڙي باوقار علمي اداري جي ٽيچرس طرفان
لڳي سگهن ٿا؟ ڇو ته انهن جو سنجيده ۽ شائستگي جي
اصولن کي اورانگهيو ويو هو.
سنڌ جي دانشورن جي گهر جي حوالي سان اسان
يونيورسٽي انتظاميا کي صلاح ڏينداسين ته هڪ محترم
استاد ۽ نامياري عالم جي حوالي سان يونيورسٽي جي
تقدس جي برقراري لاءِ اهڙين حرڪتن کي ٻنجي ڏيڻ
لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.
سنڌي ادبي بورڊ جي مالي صورتحال
سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده مالي بحراني حالتن تي
سنڌ جي ادبي حلقن ڳڻتي ظاهرڪئي آهي، جنهن جو سبب
بورڊ جي مالي امداد ۾ واڌ جي اڻهوند آهي.
گذريل ڊسمبر ۾ وزيراعليٰ سنڌ، بورڊ ۾ آمد جي موقعي
تي بورڊ لاءِ سٺ لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيو
هو ۽ پڻ ان سان گڏو گڏ اهو اعلان اطمينان جو باعث
ٿيو هو ته ورندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ بورڊ لاءِ
سالانه ڏيڍ ڪروڙ روپيا رکيا ويندا، پر معلوم ٿيو
ته ڪن سببن جي ڪري وزيراعليٰ سنڌ جي انهن مٿين
هدايتن تي عمل ڪو نه ڪيو ويو ۽ بورڊ لاءِ فقط اهي
ئي سالانه چاليهه لک روپيا رکيا ويا،
جي
گذريل يارنهن سالن کان لاڳيتو مقرر ٿيندا ٿيا اچن،
ان وڏي عرصي ۾ مهانگائي، ٽئڪسن، پگهارن ۾واڌ ۽
ڪاغذ جي قيمتن ۾ اضافي وغيره جي حوالي سان آساني
سان سمجهي سگهجي ٿو ته هن وقت ايتري قليل امداد
مان بورڊ پنهنجا فرض ڪيئن ادا ڪري سگهندو؟ يقينن
بورڊ سنڌ جي علمي حلقن جي ادبي اڃ مٽائي ڪونه
سگهندو ۽ انهن کي نااميدي ٿيندي.
اهڙي صورت ۾ اسان سنڌ سرڪار کي
عرض ٿا ڪريون ته بورڊ جي موجوده تشويشناڪ مالي
صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ في الحال سٺ لک روپين
جي گرانٽ هڪدم جاري ڪئي وڃي، جيئن بورڊ ڪنهن
پريشاني کان سواءِ يڪسوئي سان پنهنجي علمي خدمت
جاري رکي سگهي.
شاعري
ڀٽائي جي زندگي جي اسان کي تفصيلي خبرڪانهي ان ڪري
چئي نه ٿو سگهجي ته هن جي سچ ڏانهن هن جي جڳ جو
ڪهڙو رويو هو، پر ڀانيان ٿو جيڪي ڪجهه هن جي شاعري
مان سمجهي سگهجي ٿو، هن تي به ڪامپرومائيز ۽
ڪنفارمرز جا بهتان ضرور مڙهيا ويا هوندا، شاهه،
قادري طريقي جو صوفي چيو وڃي ٿو، جن وٽ شريعت جي
پابندي اوليت رکي ٿي ۽ راڳ، گيت سنگيت ۽سماع حرام
هو، پر شاهه سماع نه فقط ٻڌندو هو، پر پاڻ ان جو
اهتمام ڪندو هو، قادرين هن تي يقينن ڪمپرومائيز
جو بهتان هنيو هوندو، شاهه جي شعر مان اهو به چئي
سگهجي ٿو ته هو وڏو لبرل ۽ انقلابي هو، پر گهڻن
هنڌن تي وٽس اهڙا بيت ملن ٿا،خاص ڪري سامونڊي ۽
گهاتوءَ ۾ جن جي ڪري ان وقت جي ”لبرل “ دانشورن
مٿس ”ڪمپرومائيز “ جو الزام آندو هوندو، انهن ٻن
بهتانن جي وچ ۾ هن جي شاعري فقط عوام ۾ رهجي وئي،
جيڪا شاهه جي هڪ زنده علامت بڻجي، پنهنجو ڳاٽ اوچو
ڪري اڄ تائين پنهنجي عظمت مڃائيندي ٿي رهي.
سراج
شيخ اياز
آزاد نظم
ڪُوڪ ڪويل جي ٻڌي ڄڻ
ٿا پپل جا پن چُرن!
ڄڻ ته جهومي ٿو سڄو وڻُ
شاهراهون ٿيون ٻُرن
يادگيريون ٿيون هُرن
ڄڻ ته سرڻا ٿا سُرن
ڪکّجّي
پوٻکجّي
پيارُ جوڙا ڪن پيا؛
ساهه ۾ سرجن پيا
ڪيترا سپنا انهن جي
رات کي ٿا مست ڪن جي!
زندگيءَ کي زندگي ڏيئي وئينءَ
عاشقي کي شاعري ڏئي وئينءَ
پئي سدائين ڪُوڪُ ڪويل!
انت تائين ڪُوڪ ڪويل!
وات ڳاڙها ڇوڪرا
شاعري سؤلي نه آ
شاعري شهتوت وانگر مٺي آ
راهه ڇا تو آ ڏٺي؟
آ پهاڙيءَ جي مٿان ان جو درخت
ڌر تتي ۽پنڌ سخت
ننڊ ساري رات جو
ڪا نه آئي
شور هوبرسات جو
هيل برکا ڇا نه آئي؟
هيل ڪو سانوڻ وٺو آ!
ڌنڌ آ ساري فضا ۾
ناهه بجلي روشنائي
ائين لڳي ٿو غرق ٿيندي هي خدائي!
مان اٿي ڪارا ڪڪر
جئن دريءَ مان ٿو ڏسان،
بند ڪمري ۾ چڪر
آئون ڏيندو ٿو رهان
ٻي ته ڪائي واهه ناهي
شاعري! توکانسواءِ ٻي راهه ناهي
مان ڪويتا جو ڌڻي
نيٺ ڪاغذ کي کڻي
ڪجهه لکان ٿو
جيئن بارش ٿي لهي
شعر منهنجو ٿو ڪهي
ڪنهن اڃايل جيءُ جيئن
ٿو گذاريان رات ائين،
مان پرهه تائين لکان ٿو
پوءِ ٿڪجي ننڊ ڪريان ٿو.
ڪيترا مون گل کنيا
پاند پنهنجي ۾ ڀري،
هي گل لالا انهن ۾ ڄڻ ته ڪنهن رخسار وانگر ٿو ٻري
ڄڻ لب محبوب ڪوئي
سرخ شعلو ٿو ڪري
هي چنبيلي جيئن ٻانهون
ڄڻ ته داهون،
ائين ڪنگڻ ٿا ٻرن
اُس ۾ سورج مکي جئن ٿا ترن
مون سڄي سنسار ۾
هن گل و گلزار ۾
ڪيترا ڌاڙا هنيا
پاند پنهنجي ۾ ڀري
ڪير آ جو ننڊ کي مون جئن ڦٽائي
شاعري مون جئن ڪري!
کل منهنجيءَ مان جتي
جي بڻائين آنءُ خوش ٿيان،
ديد تنهنجي آ ائين مون ۾کتي
جي هٽائين، آنءُ خوش ٿيان
ايتري ڪاوڙ مٺي
مون نه اڳ تو ۾ ڏٺي،
ڇو ائين واتا ورڻ؟
اوچتو منهنجو مرڻ،
ڪو اچنڀو ڪو نه آ،
زندگي جي لاءِ هاڻي ڪو به ٿنڀو ڪو نه آ
جو جهلي بيٺي رهي
دور ڌڪجي ٿي وڃي، پر ڪيستائين؟
ڪو سدائين
نانهه رهڻو
آهه هر ڪو دُور ڪهڻو؛
ڪيئن چئجي پنڌ ۾ ٻيهار ملنداسين ڪٿي؟
جيستائين هان هتي،
ايتري ڪاوڙ نه ڪر!
ايتري ڪاوڙ نه ڪر!
شمشير الحيدري
الوداع
ڪير آهي؟
ڪير دروازي تي آهي؟
هن مهل،هن حال ۾، سيءَ واءَ ۾..
ڪومسافر؟.. يا وري هن شهر جي ڪا پيار سوديندڙ
معزز حسن بانو؟
.مرحبا، اي معزز حسن بانو!
اچ اندر اچ،
ڪيڏي سردي آهي ٻاهر!
هن ههڙي لڱ ساڙيندڙ هوا ۾
ڪيئن نڪتي آهين تون؟
بُت سڄو تنهنجو رڦي پيو،
هٿ ڏڪن پيا ۽ ٽنگون ٿڙڪن پيون
ويهه، هن صندلي کي سيري، هن بُخاري جي اڳيان
باهه تي پنهنجا ٺريل هٿ پير سيڪ،
ترڪماني اُن جو هي ڪشمڪشي ڪمبل ڪلهن تان لاهي هن
صندوق تي ليٽائي ڇڏ،
۽ هي وٺ چندن جون ڪاٺيون، باهه ۾ وجهه
جيئنءَ تنهن ساهه کي سرهاڻ جو ساهس ملي؛
تيستائين آئون تنهنجي لئه ڪريان قنديل ڪافوريءَ کي
روشن،
جئن ڏسان، سونهن جا ڪهڙا وکر آندا اٿئي.
***
سونهن جو درياهه وهي پيو..
جنهن جي ڇولين ۾ رڳو پيا مرڪ جا موتي ڇلن
جنهن جي موجن تي رڳو پيا تير نظرن جا ترن،
جنهن جي لهرن ۾ جواني جون هٺيليون پوپريون،
ٿڙڪنديون، ڀڄنديون وتن،
جنهن جي ڪنڌين تي رڳو چاهت جون چنبيليون ٽڙن.
***
سونهن جو درياهه وهي پيو...
ناهي جنهن جو آرپار
جنهن جي هر قطري ۾ نيرانين نگاهن جو خُمار،
هر نظارو جنهن جو قدرت جو نرالو شاهڪار،
حيرتن ئي حيرتن جي ڪاڪ، جنهن پاسي نهار
***
آه،ڏاڍي دير ٿي وئي، اي معزز حسن بانو!
مان ته ويٺو هوس هاڻي واپسي جي لئه تيار
بس،سواري جو ڪيم پئي انتظار،
ڪنهن به ٽاڻي اچڻو آهي آسماني مڪڙو گهوڙو،
جيڪو ڪنهن مهلت بنا ٿيندو فرار.
*
تيسين هڪڙي التجا مون کي ڪرڻ ڏي،
اي معزز حسن بانو!
جنهن گهڙي وارد ٿئي هو مڪڙو گهوڙو،
هائو، پنهنجي انهيءَ ساڳئي ڪائناتي خوش نظر سان،
بدخشاني لعل جهڙن لال چپڙن جي مدامي مرڪ سان،
مون کي ڪج تون الوداع،
مون تي تنهنجو وڏو احسان ٿيندو،
۽ اهو ئي سونهن جو سرمايو شايد منهنجي لاءِ بي بدل
تحفو ٿئي.
*
.. مان جڏهن ڳچ سال اڳ،
پيار جي وکري وکر جون خوب خرزينون ڀري،
ڏور کان آيس ”عدم نگري “ لال ولايت مان هتي،
تنهنجي هن شاهي شهر ۾،
هڪڙو معمولي ننڍو، گمنام سوداگر هئس،
پوءِ آئون،
پيار جي ناياب جنسن جي بدل،
سونهن جي ڪمياب ۽ نادر وٿون ڏوريندو، سوديندو
رهيس....
*
رنگ ۽ آواز جون سونيون ۽ روپيون اشرفيون،
مشڪ بو وارن جو ريشم، رت… ورن چپڙن جون لعلون،
شبنمي ڏندن جاموتي، ڳورين ٻانهن جو مرمر،
ڪونئرن پيرن هٿن جو اطلس ۽ ڪمخواب، ديبا، بخمل ۽
الماس خوابي اکڙين جا ڪي ته بيحد بي بها چيزون
مليون؛
درد دل جو، پُور، خواب،اوجاڳا، جفائون، واعدا،
يادون ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي قيمتي پٿر مليا،
ناز ۽ انداز، شوخي ۽ شرارت جا گهڻائي خوشنما گوهر
مليا، گيت مالائون سريلن ٽهڪڙن جون،
۽ ڏکن جي هير جهڙين ٿڌڙين مرڪن جون چانڊوڪيون، گرم
لڙڪن جي ٻاڦ؛
سادگي سچائي، قرباني، وفا، پاڪيزگي، صبر ۽ حيا جا
جيڪي چندن هار مون ڏوري ڏٺا، تن جو ته ڪوئي ملهه
نه آهي،
مون به خرزينن جا منهن کولي ڇڏيا،
پيار جا جيڪي به وڙ آندا هئم،
سونهن جي سودي ۾ بيپرواهه آڇيندو رهيس.
ڏاڍيون ڪي اڻلڀ شيون مون وٽ هيون
ڪاش،تون هيڪر ڏسين ها، اي معزز حسن بانو!
..هجر جا فانوس، وصلت جا چراغ، آس جا
قنديل،اوسيئڙي جي آڳ،
--سڪ جون سرخيون، شڪ جو لاليون، ڊپ جا جهومڪ، پڪ
جون واليون.
--اک اڙي جا ڪجل سرما،دل لڳيءَ جون شان واريون
مينديون.
--چاهتن جون ڦلڙيون ۽ جيءَ جڙي جون چوٽيون.
-- نينهن نسبت جون منڊيون ۽دل چريءَ جون چوڙيون،
قرب جا ڪنگڻ، اڪيلائي جا آئينا، ملاقاتن جا ڇلڙا،
پنڌ جا پازيب، کٽڪن جا وڇونئڙا، شادماني جا ٽڪا.
۽وري ٻڌ، اي معزز حسن بانو!
ڪهڙا ڪهڙا مون وکر آهن وهايا، بيمثل،
--علم جا مشعل، عمل جون دور بينيون ۽ عقل جون
شطرنجون.
--سوچ جا سونگا، انهن اندر خيالن جي عطر سان تر
ٻُڙا،
--حوصلن جون دٻليون، خود اعتمادي جا جام،شربت
زندگي جي فهم وارا ۽ صراحيون سُرت جون.
آه، مون ڇا ڇا نه سوديو،
۽ وري ڇا ڇا نه ورڇيو،
... هاءِ، ڪيڏا ورهيه گذري ويا هتي،
وقت جي پيرن جي کڙڪي جي ڪڏهن ڪل ئي نه پئي،
ڄڻ ته ڪلهه ئي هن حويليءَ ۾ اچي ترسيو هئس!
پر،معزز حسن بانو، هُو ته ڏس،
منهنجي هن بادام جي سهڻي، سگهاري وڻ کي ڇا ٿيو؟
ڦر ته هي،ڪجهه سال ٿيا، اندر ئي اندر پاڻ ئي کايو
ڇڏي،
مان ڏسان پيو ۽ سهان پيو هن جا سڀ انگل مذاق،
اڄ ته هن تي ڪي وڃي ٿورا ئي پن آهن بچيا،
--هي به شايد منهنجي ئي نسبت جو ٿيندو.
منهنجا سڀ ساٿي ائين ئي مڪڙو گهوڙو ويو کڻي.
ڏس نه قدرت جو مذاق، ايڏو سنجيده ۽ سخت!
پر،معزز حسن بانو، تو ٻڌو هوندو ضرور،
”ڪوئلن جو،جو ڪري واپار تنهن جا هٿ به ڪارا، منهن
به ڪارو“
بس ائي ئي آهي شايد؛
سونهن جي سودي ۾ ڪائي سونهن واري
منهنجي وارن کي وئي چاندي ٿڦي، سهڻو ڪري!
ڪيئن به آهي.
شهر جي هر حسن بانوءَ وٽ هي ٿي ساک منهنجي پيار جي
وکري وکر جي،
--تون به ڏس، منهنجي اها ئي ساک سمجهي آئي آهين.
۽ اهو ڄاڻي ته مان ڪنهن دم مٿان نڪري وڃان،
هن ڪُمهلي وقت ۽ سيءَ واءَ ۾،
ڪئي اٿئي تڪليف پهچڻ جي هتي.
... هائو مان اڄ موٽي وڃان پيو،
سونهن جي سنسار جا سارا ئي سرمايا سهيڙي،
زندگي کي پيار جو مفهوم بخشي،
هڪڙي سرهي ساک واري،
شاهه سوداگر جي حيثيت کڻي،
... پر هو تڪڙو،مڪڙو گهوڙو...
ڪيئن چئجي،
هو به شايد گفتگو پنهنجي ٻڌي ترسيو هجي،
هائو، جيڪا هوءَ گهڙي گذري وئي،
هائو، جيڪا هيءَ گهڙي گذري وئي.
سي ئي شايد ٿي وڃن قدرت جي قدمن ۾ قبول!
معاف ڪج، اي حسن بانو!
منهنجي ڳالهين تي خوشامد جو نه آڻج ڪو گمان،
تو ٻڌو،
پيار جي هرڪو وکر مون وٽ ته ڍيرئون ڍير هو.
۽ نه آئون ئي رهيس ڪو ويسرو،
سڀ کپائي، اڄ ته پالهو ئي وڃان پيو،
خالي خرزينن ۽ صندوقن ۽ زنبيلن اندر،نالي ماتر،
خاڪ جي رتي به ناهي،
سچ چوان ٿو، اي معزز حسن بانو!
سونهن جو سوڳند کڻي سچ ٿو چوان،
سونهن جي سڀني وڙن ۾،
تون ته مالامال آهين!
جي ڏٺم، تن ۾ نه هئي، ڪا تنهنجي پايي جي امير.
تون ته مٿي جي مٿانهينءَ کان وٺي پيرن جي ترين
تائين آهين ڪو صنم،
تون مجسمو سونهن آهين.
تون سڄي ئي سون آهين.
ڪاش، مان پهرئين ئي ڏينهن توکي ڏسان ها.
۽ سمورو پيار جو وکرو وکر،
تنهنجي سر تان اوري گهوري،
تنهنجي قدمن ۾ رکان ها،
هڪڙي مفلس جو سو نذرانو حقير!
ڏس ته مان ساريءَ حويليءَ جا سڀئي فانوس ۽ قنديل ۽
مشعل اجهائي هئا ڇڏيا،
سڀ ملازم، حاضريا ۽ خاڪروب، ڪلهه ئي فارغ ٿي ويا،
مال ساري سودي جو مون اڳ ئي ڇڏيو هو اماڻي،
نفرتن جا، بغض جا، دوکي، دغا ۽ حسد جا،
جيڪي کوٽا وڙ ٻڌي جي اگهه مليا هئا.
سي سڀئي هو صحن ۾ اڇلي وڃان پيو،
بس، اها حسرت کڻي ويندس ته مون وٽ
تو کي آڇڻ لاءِ ڪو تحفو نه هو.
... اوه، ڪا شي پئي هُري منهنجي مٿي ۾!
هائو، هائو، ترس، مون کي صرف چند ئي ساعتون مهلت
کپي، جيسين آئون پنهنجي خلوتگاهه ۾ پهچي وڃان.
آه، دل ڪيڏي ڳري هئي!
ڪجهه نه هو، پر ڪجهه ته آهي،
ڪيترو ئي تڇ سهي،
هان، اچي، هيءَ چپٽي احساسن جي عنبر جي وٺي ڇڏ،
هيءَ ذرڙي، مُشڪ جذبن جي به کڻ،
۽ هي وٺ ڳاڙهو گلاب، ياد جي خوشبوءَ جو،
ڪئن الائي طاق تي رهجي ويون، پاڇي بچي،هي چند
چيزون،
بس، اهي ئي ڪر قبول، اي معزز حسن بانو!
..تون ته ڪا دل جي به ڏسجين ٿي امير!
مون ته پنهنجا آخري احساس ۽ جذبا به توکي ڏئي
ڇڏيا،
ڪئن ڪريان اظهار تنهنجي قرب جو! |