سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1996ع

مضمون

صفحو :5

”شرح “

شرح ۾ هر سُر جي مقصد ۽ مفهوم کي علمي ۽ فڪري طور تي نهايت اعليٰ نموني سان بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهيءَ سُر جي ڪلام جي ماهيت ۽ حقيقت ۽ سمايل راز جي پڻ اپٽار ڪئي وئي آهي ته سُر جو اصل فلسفو۽ فڪر ڪهڙو آهي، ماڻهوءَ لاءِ روحاني توڙي سماجي طور تي ان ۾ ڪهڙو سبق سمايل آهي.

        شرح ۾ داستان وار بيتن جي مفهوم کي بيان ڪيو ويوآهي ۽ ان لاءِ سمجهاڻي ڏني وئي آهي ته جيئن سماجي طور تي توڙي فڪري ۽ معنوي لحاظ کان پڙهندڙ کي انهيءَ مذڪور ۽ ماهيت جي پروڙ پوي، شرح جي انهيءَ سڄي عمل کي نهايت سليس ۽ عام فهم  انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي ۽ ڪنهن به اونهائي يا ابهام کان گريز ڪيل آهي ته جيئن هر عام توڙي خاص پڙهندڙ کي  ڪا مونجهه يا اٽڪ نه ٿئي ۽ هن تي ڪلام جو اصل مقصد واضح ٿئي، ڇاڪاڻ ته هي شرح  ڪا هڪ خاص مڪتبه فڪر وارن لاءِ نه آهي پر پاڻ مجموعي طور تي هن کي هر واسي بنائڻ جو فرض سرانجام ڏنو اٿن.

         شرح ۽ معنيٰ جو اهو طريقيڪار اختلاف راءِ کي وجود نه ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ هڪ عالم جي شايان شان عمل آهي ۽ لطيف جي ڪلام جي عظمت جي  تقاضا به اها ئي آهي ته ان کي آسان کان آسان ڪري بيان  ڪيو وڃي، شرح ۾ ڪٿي به ڪي منطقي ڪليه يا قضا به جا اصول قائم نه ڪيا ويا آهن ۽ نه وري پنهنجي طرفان ڪن نڪتن کي قاري تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، هر بيت جي معنيٰ ۽ مفهوم کي بيت جي نثر انداز ۾ نهايت سهڻي ۽ دلنشين پيرايه ۾بيان ڪيو ويو آهي ته شاعر ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿو گهري ۽ هن وٰٽ اسان جي فڪري ۽ روحاني، مادي ۽ سماجي تربيت لاءِ اهڙو پيغام آهي، هوماڻهو جي اندر ۾ جهاتي پائڻ ٿو گهري ته ڇو‌؟ هو نجي روحاني تڙپ کي معلوم ڪرڻ گهري ٿو ته ڇو؟ هو ان جي عشق،محبت، فراق ۽ وڇوڙي جو احساس ڪرڻ گهري ٿو ته ڇو؟ هو زندگي جي اندرين توڙي ٻاهرين رخن جو اڀياس ڪرڻ گهري ٿو ته ڇو‌؟ شاعر آڏو انسان جي سڀني روين ج مطالعي جي سونجهه ۽ لوچ هئي جنهن کي هن سماج جي زندگي، سڀني روين جي انساني فطرت جي مڙنئي لوازمات کي معلوم ڪرڻ پئي  گهريو، جنهن لاءِ هن زندگي جي اٿاهه ساگر ۾ پاڻ کي اڇلي ڇڏيو، هو به هڪ سماجي انسان هو، هوبه هن ڌرتي جو  ڄائو هو، هن جو به هڪ فڪري ۽ روحاني مقام هو، هن وٽ به بصارت ۽  بصيرت هئي، عقلي صلاحيت ۽ عرفان جي صالحيت هئي، ادارڪ ۽ شعور جا وجدان ۽وهبيت جا دنگ ڀريل هئا، هوبه سرڪ جي سڪ  جو عشق جي آب حيات جو متلاشي هو، انهن سڀني روين جي بنياد تي هن سماج جو، انسان جو، ان جي فڪري ۽ قلبي حرڪات جو مطالعو ڪيو،انهيءَ اڀياس ۾ وسيع النظري پيدا ڪئي، هن پنهنجي وجود کي فطرت جي وجود سان همڪنار ڪري ڇڏيو ۽ فطرت جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي انهيءَ اعليٰ مقام تان انهن سڀني محرڪات جو مطالعو ڪيو ۽عشق جي ازلي آڙاهه ۾ پاڻ پچائي پختو ڪري انهيءَ آواز جي صورت ان پنهنجي بيتن کي بيان ڪيو، جيڪي الاهي آيتن جي حيثيت سان ٿي پيا.

        اهڙي ڪلام جي شرح لاءِ شارح جيڪو طريقو اختيار ڪيو ان ۾ هن بحث و تمحيص کي منطق ۽ دليل کي ڪليه ۽ قضايه کي دخل ڏيڻ انهيءَ ڪري بهتر نه ڃاتو ڇاڪاڻ ته انهيءَ قسم جي شرح جي صورتحال ڪلام جي حسن ۽ حسن معنيٰ کي ان جي تلميح ۽ اشارياتي ڪيفيت کي ايمائيت ۽ اعجاز کي نه صرف مجروح ڪندي پر شاعر جي انهيءَ آفاقي آواز جي پيشڪش کي متاثر ڪندي، ان لاءِ اهو ئي بهتر هو ته معنيٰ ۽ مفهوم کي نهايت سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ لطيف جو بيان لطيفي زبان ۾ اوريو وڃي.

     شر ۽ تفسير جي عمل کي ذهن ۾ رکڻ نهايت ضروري آهي، شرح صرف مقصد ۽ ان جي مجموعي وضاحت جي متقاضي هوندي آهي، جڏهن ته تفسير من جمله علايق ۽ حقائق جي بحث جو گهرجائو هوندو آهي، جنهن لاءِ وڏي وستار، فڪري ۽ نظري روين جي اپٽار جي ضرورت  هوندي آهي، پوئين نقطه نظر سان شاهه جي ڪلام تي روشني وڌي ويندي ته ان لاءِ هڪ سُر به جلدن جو محتاج نه رهندو، جا ڳالهه شارح جو عمل نه آهي، شرح بعد ميدان کليل آهي، نڪتا موجود آهن، انهن جو سياق و سباق موجود آهي، ڪو به صاحب هڪ سر يا داستان کڻي ان جو جامع تفسير بيان ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي علمي ۽ فڪري جوهر کي منظر عام تي آڻي سگهي ٿو.

    لطيف جي ڪلام جي هن شرح ۾ شارح پنهنجي ذات کي عليحده رکڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ان ۾  جو ڪيترو ڪامياب ويا آهن اهو شرح جي اڀياس مان بخوبي معلوم ٿي سگهي ٿو،، باوجود پاڻ کي پاسي تي رکڻ جي ڪن هنڌن تي سندن پلئو ڪجهه پسيل نظر اچي ٿو، موضوع جي تقاضا ۽ معنيٰ جي وسعت جي پيش نظر شارح لاءِ مجبوري نظر اچي ٿي، جيڪا شرح جي اصولن ۾ شارح لاءِ مباح آهي، ڇاڪاڻ ته شارح جڏهن انهن دقيق مسئلن ۽ تصوف جي نڪتن ۽ روحاني واردات جي رازن کي واضح ڪري ٿو ته ان وقت هو فڪري طور تي اغماض ۽ احساس جي تنزلات جي ڪيفيت سان سرشار هوندوآهي ۽ مفهوم جي موتين جي سٽاءُ ۾ فڪري صالحيت جي سرواڻي هوندي آهي، اتي جيڪڏهن شارح ڪي هڪ ٻه ٻول اونهائي وارا چئي وڃي ٿو ته اهي هن جي علمي ۽ نظري مشاهدي  جي جمال جي جرڪ جي حيثيت رکندڙ آهن، حقائق ۾ اهڙي قسم جو اظهار هن لاءِ مباح ۽ قاري لاءِ سودمند ۽ سڦلتا  وارو آهي:

راڳ:

    شرح ۾ رسالي جي هر سر جي راڳ جي ماهيت  ان جي ٽاڻن ٽڪاڻن لطيفي راڳ جي راڳداري وارن اصولن کي نهايت تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، اهو راڳ يا راڳڻي هندستاني قديم موسيقي سان ڪيترو لاڳاپيل آهي ۽ ان کي لطيف ڪهڙي صورت سان بيان ڪيو آهي ۽ جيڪي سنڌ واديءَ جا راڳ راڳڻيون آهن ته انهن جي حيثيت کي واضح ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي منفرد هيئت کي چٽو ڪيوويو آهي، جنهن مان پڙهندڙ پنهنجي راڳ جي روين ۽ قدامت جو اندازو لڳائي سگهي ٿو، لطيفي راڳ شناسي پڻ واضح ٿئي ٿي ۽ لطيفي راڳ جي صحيح صورت پڙهندڙ آڏو اچي ٿي.

نتيجا:

غور ڪبو ته هن سڄي بحث کانپوءِ هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

          الف: شرح ۾ رسالي جي متن جي هر بيت کي اوائلي دور جي نسخن سان ڀيٽيو ويو آهي.

      ب: ڀيٽا ۾ هر بيت جي پڙهڻي جون صورتون اوائلي نسخن ۾ هيون انهن کي انهن رسالن جي علامت سان ڏنو ويو آهي، ان بعد پڙهڻي جي صحيح صورت اخذ ڪري ڏني وئي آهي.

          ج: ڀيٽا ۾ ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي بناوتن ۽ لهجي جو خاص خيال رکيو ويو آهي ۽ لطيف جي دور جي ٻوليءَ کي نمايان حيثيت ڏني وئي آهي.

          د: بيت جي پڙهڻي لاءِ نسخن جي بنياد تي ”سڄاڻي“ ڏني وئي آهي.

          هه: بيت جي ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني وئي آهي جنھن ۾ گرامر سان به ڪيترن هندن تي بحث ڪيل آهي،

          و؛شرح کي نهايت آسان نموني ۾ بيان ڪيو ويو۽ اونهائي کان گريز ڪيل آهي، شاهه جي رسالي جا سُر به علمي حلقن ۾ اختلافي مسئلو رهيا آهن، جيئن رسالي جي تحقيق ۽ شرح اڃا پنهنجي تڪميل کي نه پهتي آهي ان لاءِ ڪجهه چوڻ قبل از وقت ٿيندو، وقتاً فوقتاً  جيڪڏهن ڪنهن عالم انهيءَ سلسلي ۾ ڪي ڳالهيون ڪيون آهن ته انهن جي حيثيت هڪ راءِ جي ٿي سگهي ٿي، جيستائين سڄو مواد اسان جي سامهون نه ٿو اچي، ان وقت تائين انهيءَ  باري ۾ اڳواٽ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، باوجود ان جي جڏهن به ڪا اهڙي قسم جي ڳالهه آئي آهي ته علمي حلقن ان تي راءِ زني پئي ڪئي آهي، پر قلم کڻي سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي ڪنهن به لکڻ جي همت نه ڪئي، ڪجهه وقت جڏهن ڪيڏاري جي باري ۾ اظهار ٿيو ته راقم، لطيف جي گذريل ميلي واري موقعي تي انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجا خيال تحريري صورت ۾ پيش ڪيا، رسالي جي انهن ڳالهين جي سلسلي ۾ هر عالم ۽ دانشور تي فرض عائد ٿئي ٿو،  جنهن کي نڀائڻ سندن فرض آهي، باقي جيڪا  چڱي ڳالهه آهي، تنهن کي چڱو چوڻ اخلاقي فرض آهي، مون جڏهن رسالي جي تحقيق ۽شرح جو اڀياس ڪيو ته مون محسوس ڪيو ته علمي ۽ تحقيقي ڪم جو ڪيڏو مان ۽ حيثيت آهي، جنهن جو اتر مون پاڻ تي فرض محسوس ڪيو، اختلاف راءِ پنهنجي جڳهه تي آهي، ليڪن پنهنجن محققن، عالمن ۽ دانشورن جي ڪم جي انهن جي پيار جي پورهئي جي مڃتا ڏيڻ، اسان لاءِ ضروري آهي، هي مقالو انهيءَ جذبي ۽ مڃتا جو مرهون منت آهي.

      مون کي يقين آهي ته ادبي حلقا منهنجي هن ڪاوش کي ساڳي خلوص جي جذبي سان تعمير ڪندا، جيڪو هن مقالي جي لکڻ جومحرڪ رهيو.  

ڊاڪٽر تهمينه مفتي

سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج

تعارف:

     ادب جو مقصد آهي سوچڻ ۽ پرکڻ ڪي معيار ڏيڻ ان کان پوءِ  جيڪو نتيجو اچي، اهو ئي ڪارج آهي، جيڪو ادب سوچڻ جو مواد ڏئي ٿو، سو ئي سماجي ڪارج کي پور ڪري ٿو، سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه، نظرين ۽ تحريڪن جو اثر ادب تي ٿئي ٿو ۽ ادب ان جي اوک ڊوک ڪري ٿو، ان کان علاوه هڪ فرد جي سوچ، ان جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني پڻ ادب ڪري ٿو، ادب جي وسيلي مٿي بيان ڪيل سمورين وارداتن ۽ ڪيفتين کان سماج واقف ٿئي ٿو، اهڙي نموني سان ادب جي سماجي ڪارج جي اهميت واضح ٿئي ٿي.

    ادب جو سماجي پهلو بيان ڪرڻ ايترو سولو ناهي جيترو مذهب، جنس ۽ ان جي برعڪس ڪنهن به هنر يا فن کي بيان ڪري سگهجي ٿو، ادب لاتعداد پابندين ۽ قاعدن جي دائري ۽ سماجي اثرن هيٺ آيل آهي، ادب ۾ حقيقي سماجيات جو ذڪر ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ادب جي نقادن ادب کي محض حقيقت تي ٻڌل مضمون  سمجهڻ شروع ڪيو ۽ سماجي سوالن جا جواب مروج سماجيات جي اصولن ۽ طريقن موجب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اڻويهين صدي جي اٿل پٿل قاعدن ۽ پابندين کي ڍرو ڪيو ۽ ادب ۾سماج جي حوالي سان اهو سڀ ڪجهه پڙهندڙ جي اڳيان پيش ڪيو ويو جيڪو پهرئين معيوب سمجهيو ويندو هو، هڪ جرمن اسڪالر ايل ايل شوزڪنگ L.L.Schveking)) 1931ع ۾ سماجي ادبي مزاج جو خاڪو Out Line  پيش ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي ، پر هن جي ڪم تمام  ٿوري پذيرائي حاصل ٿي . ٻئي طرف هڪ هينگيرين Hungarian) ) اسڪالر گايورگي ليوڪاس( (Gyargi Lukaes1961ع ۾ پنهنجي ذاتي ڇاپ واري مارڪسزم ۽ جمالياتي واري ڪم ۾سماج جي متضاد اقتصادي ڍانچي جي وچ ۾ هڪ جهڙائين جو تنقيدي جائزو وٺڻ واري طريقي جو بنياد وڌو، جيڪو حقيقت ۾ ادبي تنقيد ۽ هڪ نئين قسم جي سماجياتي تحقيقآهي، ليوڪاس جي ڏنل ٿيوري ”ادب جي سماجيات“ جي سڄي اوڀر توڙي اولهه يورپ ۾ ان جي اهميت آهي، خاص ڪري فرانس ۾ جتي ليوسن گولڊمين ان ٿيوري کي اوج تي پهچايو،( 1950-1964ع )ان سماجي نوعيت جي تحقيق ادب جون حدون وسيع ڪري ڇڏيون، ان موضوع جي مطالعي جي اهميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ليوڪاس ۽ ان جي ساٿين سماج کي هڪ حقيقت سان تعبير ڪيو آهي، انسائيڪلو پيڊيا آف سوشل سائنسز سندس ڪم جي واکاڻ هن ريت ڪئي آهي.

Lukaes and his followers take  in to account, Society as the reality behind the appearance of literature, they still consider the work of  art as on end in it self neglect the part of the reader in literary communication.(1(

مٿي ڏنل راءِ موجب پڙهندڙ جي ادبي رابطي جي خيال کي بالڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ سماج هڪ حقيقت آهي، جيڪو ادب جي ظاهر ٿيڻ ۾ ان جي پويان رهي ٿو.

سماجي ڪارج جي تشريح:

قديم دور توڙي هن جديد دور ۾ ادب جو سماجي ڪارج اهم ۽ ان جو مطالعو اهميت وارو آهي، ادب جو سماجي ڪارج سماج جي تشريح ڪري ٿو ۽ ان کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو، جيتوڻيڪ سماج ادب کي جنم ڏئي ٿو، مگر ادب جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ئي سماج کي هڪ حقيقت سمجهيو ويو، سماج ۽ ادب ڄڻ ته هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن، ادب جي تخليق ٿيڻ جي پٺيان  سماج هڪ حقيقت آهي ۽ ادب جو اهو ڪارج جنهن جي وسيلي سماج ۽ ادب جو لاڳاپو ظاهر ٿئي ٿو اهو رشتو ۽ ٻنڌڻ ادب جي اهميت کي واضح ڪري ٿو، ننڍي کنڊ جي ادب ۾ سماجي عنصر نمايان رهيو آهي.

هندستان ۾ آڳاٽو ادب ۽ ان جو سماج سان لاڳاپو:

ننڍي کنڊ ۾ اهڙو ادب پيدا ٿيندو رهيو آهي، جنهن جي اثر هيٺ هتي جي باشندن جي زندگي ۾ ڦيرو ايندو رهيو، هندستان ۾ دراوڙ ۽ ويدڪ دور ۾ چئني ويدن ۽ اپنشندن ۾ ڌرمي منتر لکيا ويا، جنهن ۾ ٻليدان ۽ پروهت جي فرضن بابت نصيحتون ڏنل آهن، آرين جي تسلط ۽ نئين نظام کي نافذ  ڪرڻ لاءِ ليکڪن لکيو، ٻڌ ۽ جين مذهب وارن عقل ۽ منطق جي آڌار تي ان نظام کي ختم ڪيو ۽ ذات پات طبقاتي فرقن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻڌ ۽ جين مت جڏهن زوال پذير ٿيا ته شنڪر آچاريه ڌرمي ڏاڍ کان انسان ذات کي بچائڻ  لاءِ پاڻ پتوڙيو، ڪبير ۽ بابا فريد جي شاعري ماحول کي سرهاڻ سان ڀري ڇڏيو، ڀڳتيءَ واري دور جي شاعرن دادو ديال 1544-1603ع ۽ پراڻ ناٿ 1581-1606ع انسان کي روحاني ۽ اخلاقي تعليم ڏني ۽ سک ڀرئي سماج جو تصور ڏنو، ساڳيو اثر ۽ تصور بابا گرو نانڪ 1449-1539ع  بلي شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل۽ ساميءَ ڏنو، سندن تعليم جا گهرا اثر نظر اچن ٿا، جنهن جا اهڃاڻ هتي جي رهواسين جي زندگي ۽ رهڻي ڪهڙي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، شاهه ڀٽائي جي بيتن ۾ پيش ڪيل ڪردارن کي ادب ۾ ابدي ۽ مستقل اهڃاڻ مليو، مارئي ۽ نوري، وفا ۽سسئي جدوجهد ۽ نياز نوڙت جون علامتون بنجي پيون.

ڪهاڻيءَ جو وجود ۾ اچڻ:

ڪهاڻي انسان جي جنم سان وجود ۾ آئي، منهنجي راءِ ۾ ڪنهن واقعي، حادثي يا منظر کي ڪنهن انساني اک جي ڪيمرا سان ذهن جي پردي تي چٽيو هوندو تنهن کانپوءِ مشاهدي ۽احساس جي شدت ڪهاڻيءَ کي جنم ڏنو هوندو، هن ڪائنات جي خالق آدم ۽ حوا جي تخليق ڪئي، اها تخليق  پنهنجي ٿوري تسلسل موجب ڪهاڻي بڻي، انسان ۽شيطان، فرشتا، نيڪي، بدي، سرڪشي ۽ ندامت، درگذر ۽ جزا سزا جي هن ڪهاڻي ۾ ابتدا آهي، ته انتها به، قرآن پاڪ ۾ ٻيا به ڪيترا قصا بيان ٿيل آهن، ان مان اها خبر پوي ٿي ته انسان ذات ۽ سموري دنيا لاءِ رهبري جو پيغام قصن ۽ ڪهاڻين ذريعي ڏنو ويو، قديم دور کان وٺي ادب هن جي صنف، ڪهاڻي پنهنجي اهميت مڃرائي آهي.

سنڌي سماج ۾ ادب جي هڪ جهلڪ:

قديم وقت کان وٺي سنڌي سماج زراعت ۽ هنر پيشه رهيو آهي، انهن ڌنڌن جي ڪري سندن مزاج ۽ سوچ ۾ ٻين سماجن جي بنسبت روايت پسندي نمايان آهي، سنڌي سماج قدامت پسند سوچ ۾جڪڙي آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سنڌي سماج جي خاصيتن کي چٽو ڪري ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سنڌي سماج جي خاصيتن کي چٽو ڪري ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري ئي ڌارين حملا ڪيا، ڌارين جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي دٻاءُ سان مقابلو ڪندي نيٺ هنن کي پاڻ ۾ جذب ڪندي يا پاڻ کي انهن سان ٺهڪائيندي سنڌي سماج هڪ اهڙو روپ ڌاريو، جنهن ۾ هڪ طرف غير تعصبي ۽ ترقي پذير سماجي ارڪان ته شامل ٿيا پر گڏوگڏ هڪ ڍلي ثقافت اڻت جو ان ۾ نرماڻ ٿيو، جنهن ۾ نفسياتي زورن کان ذهني زور وڌيڪ اڳرا ٿيا، جنهن ۾ سمجهوتا پسندي، سروڳڻ گراهي پر ورتي ۽انفراديت جو غلبو جان تان وڌندو رهيو، نتيجي طور ٻين سماجي گروهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج  جو پنهنجي نسلي شناس جهڪي ٿي وئي آهي.(2)

    مٿي ڏنل حوالي ۾ غير تعصبي، ترقي پذير سماجي قدر، هڪ ڍلي ثقافت، سمجهوتا پسندي، گهڻ گڻن واري ۽ انفرادي ارڪانن جو سنڌي سماج ۾ وارد ٿيڻ جو غلبو حاوي آهي، اهي سڀ ارڪان ڪنهن حد تائين سنڌي سماج ۾ نمايان رهيا، پر اهو يقيناً چئي سگهجي ٿو ته سنڌي سماج ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندو آيوآهي، هتي اڃان به سماج زرعي ۽ زمين سان جڙيل آهي، مواصلات ۽ جديد سائنسي ترقي، شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگي کي ويجهو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر تنهن هوندي به ويڇا نظر اچن ٿا، جاگيردار جو غلبو اڃا تائين سنڌي سماج تي غالب آهي، وچولوطبقو پنهنجي بقا لاءِ ڪوشان آهي، هي اهو طبقو آهي جنهن هميشه روايت ۽ جديد تبديلين کي قبول ڪندي سنڌي سماج کي متوازن رکڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، آفيسر شاهي، جاگيردار ۽ زميندار سان ملي پنهنجي وسيلن ۽ طاقت ۾ اضافو ڪيو آهي، مواصلات ذريعي ثقافتي طور تي سنڌي سماج ۾ جيڪي تبديليون ٿي رهيون آهن، سي سماج ۾ نمايان آهن، شهرن ۾ سنڌي ماڻهن کي نفسياتي دٻاءُ ۽ پنهنجي بچاءُ لاءِ پڻ ڪوشش ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي آهي، شهري آبادي جو محفوظ علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ سماج ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سنڌي سماج هڪ اڻ تڻ ۽ ڪشمڪش ۾ پلجي رهيو آهي، جنهن جو اظهار ڪهاڻي ۾ ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ دهشتگردي واروماحول اسريو تنهن جي نمائندگي پڻ ڪهاڻي ۾ ٿي آهي، ڀارت لڏي ويل سنڌي سماج شهري بنجي پيو، اتي پڻ سنڌيت جو غلبپو نظر اچي ٿو . ان ۾ فڪر جي گهٽتائي ۽ جذبي جي اڇل گهڻي آهي جنهن لاٰءِ هيرو شير ڪاڻي لکي ٿو“ بي   زمين ۽ ٻئي درجي جي ناگرڪ هجڻ جو درد اسان کي تخليقي سطح تي وري ان چئلينج دوبدوآڻي بيهاري ويو...

    هو اڳتي لکي ٿو ته ٻي يا ٽين پيڙهي جي اکڙيل سماج هئڻ ڪري ڪي خاص لاڙا اڀريا آهن،(3) سنڌي جاتي تي مغربي علم ۽ تهذيب  جا اثر نمايان آهن،صنعتي ترقي، بي حسي،خودغرضي کي جنم  ڏنو آهي، ان ڪري ڪيترائي جذباتي ۽ نفسياتي مونجهارا پيدا ٿيا، انهن سڀني پيچيده حالات کي سرحد جي هن پار جي ڪهاڻي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

     مٿي ڏنل پسمنظر ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽سنڌي ڪهاڻي جي سماجيات جو جائزو وٺندي خبر پوي ٿي ته ڪهاڻي جو سماج سان گهرو لاڳاپوآهي، ڪهاڻي جي ارتقائي توڙِ موجوده شڪل ۾ سماج هڪ آئيني وانگر ڏسي سگهجي ٿو، ادب، ڪهاڻي جو اڀياس سماج جي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿو، آڳاٽي سنڌي نثر ۾ پڻ سماج ان نقطي کي تقويت پهچائي ٿو، سنڌي آڳاٽيون ڪهاڻيون سماج ۾ تبديل ٿيندڙروين  ۽لاڙن کان علاوه نفسياتي ۽ فڪري پيغام ڏين ٿيون، ان سان گڏو گڏ سماج ۽ فرد جي لاڳاپي کي ظاهرڪن ٿيون، شعوري توڙي لاشعوري طور تي انهن ڪهاڻين ۾ سماجي حالتون نمايان آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته ادب جو سماجي ڪارج وڏي اهميت وارو آهي.

     سنڌ ۾ رائج داستانن جا ڪردار سنڌي سماج جا آئينه دار آهن، دودي جي بهادري جي ڳالهه ۽ سام جهلڻ واري روايت اسان جي سماج ۾ ائين شامل ٿي جو اڄ به ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سنڌ جي سمن ڄامن ۽ سردارن جي سخاوت سان منسوب ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين جو اثر عوام تي ٿيو، اهي خوبيون سنڌي سماج ۾ملن ٿيون، مورڙو همت ۽ بهادري ۾ نشانبر ٿيو، سورمين جي ڪردار ۾ به سنڌ جي قديم سماج جا عڪس نظر اچن ٿا، عورت کي اهميت ڏني وئي ۽سندس فطري خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو، سماج ۾ عورت ذات سان ٿيندڙ  زيادتي، اهڙن ڪردارن جي اوسر ڪئي، گذريل ٻه  ٽي سئو سالن جا تاريخي ۽ تمدني واقعا نظر ۾ رکبا ته سنڌي سماج جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي، ڌارين جي حملن ۽ انهن مان ڪيترن جي سنڌ ۾ رهائش، سنڌي سماج کي نه رڳو هڪ مخصوص رنگ ڏنو آهي، بلڪه هڪ ذهنيت، قوت برداشت، سوچ ۽ رک رکاءِ جو حامل بنايو آهي، سماج هڪ مخصوص ثقافت جو حامل ٿئي ٿو، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ، ڪپڙو لٽو، وندر، ورونهن ۽ شادي مرادي ته آهي پر قوت برداشت جو هجڻ ۽ تهذيب يافته هجڻ جو انگ اهم آهي، سٺن ڪپڙن ۾ تهذيب کي گولهڻ عبث آهي، پر سٺن ويچارن ۾ تهذيب لڀي ٿي ۽ سماج تهذيب  يافته فردن جي آڌار تي تشڪيل وٺي ٿو، جنهن جو اظهار سنڌ ۽هنڌ  جي سنڌي ڪهاڻي ۾ ڀرپور نظر اچي ٿو.

اڻويهين صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي:

انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ادب ترجمن وسيلي( مغربي توڙي انڊو پاڪ جي قديم ادب تان ) ڄڻ ته معلومات ۽سکيا ڏني، جنهن کي معلوماتي ادب جي زمري ۾ آندو ويو آهي، جيئن جيئن حالتون ڳنڀير ٿيون ته محرڪ ادب لکيو ويو ۽ عمل لاءِڪوششون ورتيون ويون، انگريزن، قبضي کانپوءِ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ عملي قدم کنيا، ابتدائي قصا، سنسڪرت، هندي ۽ ديونا گري لپيءَ تان ترجمو ڪياويا، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه هندي تان ترجمو ڪئي وئي، هن ۾ موضوع، هاري، زميندار ۽ ان علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي رويي کي ظاهر ڪن ٿيون، انهن آڳاٽن قصن مان هڪن قصو سڌاتوري ۽ ڪڌاتورو(هندي تان ترجمو)  ميران محمد شاهه سنڌي ۾ ڪيو.

    هي ترجمو انگريز جي فرمائش تي ڪيو ويو، هن قصي ۾ هڪ سٺي سرڪاري ملازم جون خوبيون بيان ڪيون ويون آهن، ان قصي کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته عوام تي نفسياتي اثر وڌو ويو، ٻيو حاڪم جي خيال ۽ مرضي کي اهميت ڏني وئي، ”سڀا جو سينگار “ جنهن جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکي ترجمو ڪيو ويو، سماج جي براين ۽ چڱائين جي نشاندهي ڪئي وئي.

آزادي کان اڳ ڇپيل آڳاٽن سنڌي ڪهاڻين جو جائزو:

    سنڌي نثر انگريزن جي اچڻ کانپوءِ لکجڻ ۾ آيو سنڌي نثر جي واڌاري ۾ انگريز عملدارن گهڻو حصو ورتو، تن مان هڪ جارج اسٽيڪ پڻ آهي، جارج اسٽيڪ پنهنجي لکيل سنڌي گرامر ۾ پنج ڪهاڻيون گرامر جي آخر ۾ شايع ڪيون، هن اهو ڪتاب 1849ع ۾ بمبئي مان ڇپائي ظاهر ڪيو، انهن ڪهاڻين جي اهميت انڪري آهي جو هي ڪهاڻيون آڳاٽيون سنڌي لوڪ ڪهاڻيون آهن، جن کي ڪيپٽن جارج اسٽيڪ زباني روايتن مان چونڊيو، هنن ڪهاڻين مان آڳاٽي  سماج ۽ ان ۾ بتدريج ٿيندڙ تبديلين کي پرکي سگهجي ٿو.

    اهي لوڪ ڪهاڻيون اڄ کان اٽڪل هڪ سئو چاليهه سال اڳ واري زماني جي سگهڙن جي آکاڻين کڻڻ جا سهڻا مثال آهن، (4) ان سان گڏوگڏ  هڪ سئو چاليهه سال آڳاٽي سماج جو مهانڊو انهن ڪهاڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

پهرين ڪهاڻي:

    ڪهاڻي ۾ هڪ ٻار تان جهڳڙو ۽ ٻنهي عورتن جي دعويٰ ته ٻار منهنجو آهي، ان ڪهاڻي جو بنيادي ۽ اهم نڪتو آهي، قاضي جي ذهانت، انصاف جي تقاضا ۽ نفسياتي اثر جي ذريعي ٿيل انصاف ۽ سماجي ڍانچي کي ظاهرڪري ٿي.

ٻي ڪهاڻي:

      هيءَ ڪهاڻي ڏيتي ليتي،امانتواري جي ساک کي ظاهر ڪري ٿي، ٻه نوجوان پنهنجو ناڻو هڪ ٻڍي زال وٽ امانت رکن ٿا، ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڄڻو ٻئي کي مئل ڄاڻائي ٻڍي عورت کي امانت طور رکيل ناڻو وٺي وڃي ٿو، ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيو نوجوان اچي ناڻي جي گهرڪري ٿو، ٻڍي زال کيس ٻڌائي ٿي ته تنهنجو دوست تو کي مئل ڄاڻائي سڀ امانت مون کان وٺي ويو آهي، نوجوان کيس ڏوهدار ڪري ٿو، ڳالهه قاضي تائين پهچي ٿي ۽قاضي ان نوجوان کي چئي ٿو ته ٻيو ساٿي حاضر ڪر، هن عورت جو ڪو به ڏوهه ڪونهي، هي ٻه ڪهاڻيون سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کانپوءِ جون آهن ۽ ان دور جي سماجي انصاف کي ظاهر ڪن ٿيون.

ٽين ڪهاڻي:

   هي ڪهاڻي هڪ ڇوڪر جي آهي، جيڪو پڳڙا ڀڃائڻ لاءِ اچي ٿو، سندس ٻانهن ٿوڻي جي وچ ۾ اچي ٿي ته ڇوڪر قابو ٿي وڃي ٿو، هن ڪهاڻي ۾ طنز مزاح جو عنصر شامل آهي، هي ڪهاڻي هڪ واقعي تي ٻڌل آهي.

چوٿين ڪهاڻي:

    هن ڪهاڻي جو عنوان ”شهزادي امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسيني پري “ آهي، هن ڪهاڻي جو موضوع حسن ۽ عشق آهي، ان سان گڏو گڏ بادشاهي واري دور جي نمائندگي ڪري ٿي، درگاهن ۽ فقيرن جي دعائن ۾ عقيدو رکڻ آڳاٽي عقيدي جي ڄاڻ پوي ٿي، هي ڪهاڻي جنن، پرين، جانورن جي ڳالهائڻ،شهزادين ۽ شهزادن جي ڪردارن سان سنواريل آهي، هي ڪهاڻي سنڌي ماڻهن جي تصوراتي پهچ کي ظاهر ڪري ٿي.

پنجين ڪهاڻي:

       هي ڪهاڻي ؟”راءِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي “ جي عنوان سان ڏنل آهي، هن ۾ سخي ڏاتارن جي سخاوت، ٻن راڄڌانين جو جهيڙو هڪ عورت تان، آڳاٽي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪري ٿي، هن ڪهاڻي ۾ سنڌي ماڻهن جي سوچ، جذباتي قول ۽ جمالياتي ذوق کي چڱي نموني ۾ پرکي سگهي ٿو.

جديد تعليم ۽ مغربي تهذيب تمدن جو اثر:

    جڏهن علم جو واڌارو ٿيو ته ڪهاڻي ۾ سماجي براين ۽ عيبن جي نشاندهي ڪئي وئي، ان ۾ خاص موضوع عورت جي بي حسي، لاچاري ۽ بي علمي هئي، ان کانسواءِ ڏيتي ليتي، گهرو جيوت وڌوا، شراب جو استعمال چوري، ٺڳي، منافقيءَ جهڙن عيبن کي ننديو ويو، هندستان ۾ برهمو سماج ۽ آريا سماج جي تحريڪن اهڙي قسم جي ادب کي تخليق ڪرڻ ۾  وڏو ڪردار ادا ڪيو.

تاريخي واقعن،  قومي سياسي تحريڪن ۽

سماجي ۽ سياسي جاڳرتا جو اثر:

       اڻويهين صدي جي آخر ۾ ديوان ڪوڙومل بنگالي سماجي ۽ ادبي جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو ۽ چندر چئٽر جي جون ڪهاڻيون ”راڌاراڻي “  ”انڌيرا “  ۽ ٻه منڊيون نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، سنڌي سماج ٻين سماجن جا اثر پڻ قبول ڪيا ۽ اديبن ڪهاڻي وسيلي پنهنجي سماج کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي.

1957ع جي شڪست 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي سبب ٿيل قومي سجاڳيءَ ۽ ديسي شين جو واهپو ۽ غير ملڪي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جوسلسلو هليو، مٿي ڏنل تاريخي ۽ سماجي تحريڪن  جو براهراست اثر ڪهاڻي قبول ڪيو، ابتدائي ليکڪن جن ۾ ديوان ڪوڙومل،لعل چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ،ڄيٺمل پر سرام گلراجاڻي ، ڀيرو مل مهر چند ۽پرڀداس ڀيرومل ڪهاڻي کي نئو ن مور ڏنو ، لعل  چند امر ڏنو مل  سنڌ جي سماجي سجاڳيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سندس لکيل ڪهاڻيون ” نو ورني جو خون “ ننڍڙي، نينا، عورت جي مسئلن ۽ ان جي حقن متعلق آهن، سنڌ جي حوالي سان ”حُر مُکيءَ جا “ هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي ۽ اهم ڪهاڻي آهي.

ويهين صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي:

الف: آزاديءَ کان اڳ وارو دور:

    ويهين صديءَ ۾ ڪيترن ئي تحريڪن ۽ واقعن جنم ورتو، هندستان ۾آزادي جي هلچل شروع ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ سرمائيدار طبقي خلاف لهر اٿي، مزدور جي حمايت ۾ سموري دنيا اٿي کڙي ٿي، سرمائيدار ۽ مزدور  جي ڪشمڪش مظلومن  جي حالت زار وڃي دنگ ڪيو ۽ هڪ سائنسي نظريو وجود ۾ آيو، جنهن جو باني ڪارل مارڪس ۽ فرينڊرڪ اينگلس هئا، پنهنجي زماني جي سماج جي سائنسي ڇنڊ ڇاڻ ڪري صدين جي پراڻن اسرارن تان پردو لاٿو، غير طبقاتي ۽ انساني ڀائيچاري وارو نظام قائم ڪرڻ جا اصول، قاعده ۽ گس ٻڌايا، ويهين صديءَ نظرياتي طور ٻه وڏا محاذ ڏٺا ۽ انهن جو اثر سموري دنيا تي ٿيو، هڪ قدامت پرستن جو ۽ ٻيو نظريو انقلاب جو هو، ادبي محاذ تي ننڍي کنڊ ۾ 1936ع کان ترقي پسند قوتن جي سوچ ظاهر ٿي، ان سوچ جو اظهار ڀرپور نموني ۾ ڪيو ويو، ترقي پسند لاڙن ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظرين کي انڊو پاڪ ۾ گهڻي اهميت ملي، مٿي ڏنل نظرين جو گهرو اثر ٿيو، ڪهاڻي ان اثر کي سڌو سنئون قبول ڪيو، سنڌ ۾ جاگيرداري نظام تي سخت تنقيد ٿي، مزدور ۽ هاري ان سلسلي ۾ هيرو ٿي ظاهر ٿيا، ڪهاڻي ”نيلو “ گوبند پنجابي ۽ ”هاري حقدار “ گوبند مالهيءَ لکي، هاري ۽ مزدور طبقي جي ڳالهه ڪئي، اڇوت ذاتين تي پڻ لکيو ويو، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ ترقي پسند قوتن جو اثر براه راست ابتدائي ليکڪن ۽ ڪهاڻيءَ تي نظر اچي ٿو.

سماجي براين خلاف جهاد:

      ترقي پسند قوتن جي اثر هيٺ ڪيترن ئي ليکڪن سماجي براين جي خلاف جدوجهد ڪئي، انهن ليکڪن مان ڄيٺمل پرسرام نمايان نظر اچي ٿو، سندس ڪهاڻيون ”چمڙا پوش جون آکاڻيون “ 1923ع جي عنوان سان اهم مقام رکن ٿيون، جن ۾ پرسرام، آفيسر شاهي، سرمائيداري ۽ مذهبي ٽولي جي اجاره داري ۽ منافقي کي پيش ڪيو، سماجي براين کي ۽ عورت جي حوالي سان هن کلي طرح ڳالهه ڪئي، اخلاقي تربيت کي تمام اهم سمجهي ٿو، انهن قدرن جي نه هجڻ سان فرد ۽ سماج ڪئين هڪٻئي سان رويو رکن ٿا تنهن جي اپٽار ”دکي جي دانهن “ ۾ ڪيل آهي، ”ڪلجڳي ٻانڀڻ “ ۽ ”سنگت پوڙهو “ حقيقت نگاري جي تصوير آهن، درحقيقت اهي ڪهاڻيون سماج تي سخت تنقيد ڪن ٿيون ۽ ادب ۾ درحقيقت اهي ڪهاڻيون سماج تي سخت تنقيد ڪن ٿيون ۽ ادب  حقيقت نگاري جي ڪري ئي انساني جذبن ۽ سماج ۾ قائم قدرن کي اهميت ملي ۽ٌ تنقيد پڻ ٿي، ايتري قدر جو گهريلو زندگي تي مبني واقعن کي ڪهاڻي جو موضوع بنايو ويو پر ڀداس ڀيرو مل جون تحريرون ” اندر جا اڌما “ جي عنوان سان اهم آهن.

تاريخي ڪهاڻيون:

    ڪهاڻي وسيلي تاريخي ورثي کي پڻ ورجايو ويو، محمد صديق مسافر جون تاريخي ڪهاڻيون ”زيب النساءِ “ 1916ع ”چاند بيبي “ 1920ع ۾ شايع ٿيون، ديوان بولچند جي ” سروجني “ جنهن ۾ هندو مسلم اتحاد جو سنيهو ڏنو ويو، نانڪرام ڌرمداس جي ”لڪل لعل “ 1918ع ۾ ڌارين جي ڪاهه جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي، آچاريه آسودو مل گدواڻي ڪالي داس جي ناٽڪن ۽ وير ڪٿائن تي ٻڌل ڪهاڻيون ”مالوڪا اگتمتر “ ”وڪرم آروشي “ رگهوونش ۽ ڪمار سمڀو جي عنوان سان لکيون، هي ڪهاڻيون آڳاٽي سماج جي ماحول کي نمائندگي ڪن ٿيون، هي ڪهاڻيون سيڪيولر سماج ۽ هندو سنسڪار جي پٺڀرائي ڪن ٿيون،  اچاريه گدواڻيءَ ”رگهوونش “ جي ابتدا ۾ ڪاليداس جي جويت تي روشني وجهندي لکي ٿو:

        منهني اندر جي  اها آس آهي ته سنڌ ۾ هينئر هندو هلچل هلي رهي  آهي، سا ڌرمي بغض جي واٽ ڇڏي هندو ساهت ۽ سڀيتا جو آرنڀ ڪندي ۽ ائين اسان جن گهرن ۾ وري هندو سنسڪار آڻيندي.

مٿي ڏنل اڀياس مان ڄاڻ پوي ٿي ته ليکڪن پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ عقيدي جي حوالي سان سماج کي قائم ڪرڻ جي تمنا جو اظهار ڪيو.

جديد نظريا:

قدرت هي منڊل نهايت ڪاريگري ۽ نفاست سان ٺاهيو آهي، سندس هن ڪائنات جو بنياد چرپر ۽ حرڪت تي ٻڌل آهي، انساني سماج به ان وانگر آهي، جنهن ۾ تبديليون ۽ ٽڪراءُ، ماحول ۽ حالتن جي ڪري ٿئي ٿو، انهن خاص حالتن ۽ ٽڪراءُ جي ڪري ۽ تجربن مان گذرڻ بعد ئي زندگي جا ڪي قدر ۽ معيار قائم ٿيا نه صرف اصول، قائده ۽ روايتون قائم ٿيون، بلڪه سماج جو ڍانچو ان تي قائم ٿيو، جديد نظريا ۽ سوچ حالت جي ڪري وجود ۾ اچن ٿا.

جنهن جو اثر ادب تي ٿئي ٿو، حقيقت پسندي جي نئين سجاڳي جي ڪري انساني خصلتن، نفسيات ۽ پيار محبت کي ادب جو موضوع بنايو، روشن خيالي ۽ انسان پسندي جا رجحان پڻ ڪهاڻي ۾شامل ٿيا ۽ ڪهاڻي جي پس منظر ۽ پيش منظر ۾ انهن کي پرکي سگهجي ٿو، ”ادو عبدالرحمان“ امر لعل هنڱوراڻي لکي، ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي،  امر لعل پنهني وقت جو بيباڪ ۽ حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي جو باني آهي، سندس سيهوڳي به ڪهاڻيءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيا هئا، مرزا نادر بيگ ”آسانند  مامتورا“ انساني نفسيات ۽ جديد نظرين جي اثر هيٺ اچي پنهنجي سماج جي ڳالهه ڪئي، امر لعل انساني طرت جيڪا هڪ جاءِ تي نه ٿي رهي ۽ ان ۾ جمود آهي ”رانجهوءَ سندي رمز “ مٿين خيال کي پيش ڪري ٿي، نادر بيت جي تحريرن  جذبات جي فراواني آهي ۽ احساسن جي ڳالهه ڪري ٿو، ”موهني جي ڊائري“ موهني جي دل جو داغ ۽ ٻيون ڪهاڻيون به لکيون، آسانند مامتورا، ڳنوارڻ لکي نفسيات ۽ فطري ضرورتن کي سماج جي اڳيان آندو، قدامت پسند سماج  ۾ جرئتمنداڻو قدم کنيو ويو، آسانند تي تنقيد ٿي پر سماج جي عيبن ۽ خرابين تي تمام جرعت سان لکيو ويو. 

      ترقي پسند لاڙن ۾ ڪميونزم ۽ سوشلسٽ نظرين کي انڊو پاڪ ۾ گهڻي اهميت ملي، سنڌ ۾ جاگيرادري نظام تي سخت تنقيد ٿي، مزدور ۽ هاري ان سلسلي ۾ هيرو ٿي ظاهر ٿيا، ڪامريڊ حيدر بخش ”هاري جا ڪارناما “ گوبند مالهيءَ اڇوت ذاتين تي لکيو،، ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي ليکڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، جيئن جيئن ان وقت حالتن ڦيرو کاڌو تيئن تيئن ان وقت ڪهاڻيءَ عمل ۽ رد عمل  (Action and Reaction) جو ڀرپور نموني اظهارڪيو، شيخ اياز ”سفيدوحشي “ لکي سنڌي قوم ۾ جاڳرتا جو احساس جاڳايو، سندس ڪهاڻيون وچولي طبقي ۽ هيٺين طبقي جي هلت جي نمائندگي ڪن ٿيون،مجموعي طور تي ڪهاڻي جي صنف اهڙي نموني ادب ۾ظاهر ٿي، جيڪا سماج ۽ فرد، فردن جي لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان سماج تي پڻ سخت تنقيد ڪئي وئي.

(ب ) آزادي کانپوءِ وارو دور

مزاحمتي ڪهاڻي:

       سنڌ اندر سرحد جي ٻئي پاسي، آزادي جي تلخ تجربي جو سواد چکي سگهجي ٿو، غ، ق. شيخ جي ”حيدرآباد “پهرين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ استحصالي طبقي جو رويو ظاهر آهي، هن ڪهاڻي ۾ لساني نفرت ابتدا کان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي، هن ۾ حقيقت پسندي جي روپ کي ڀوائتي نموني ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ”جائو جائو بڙي آئي ليني والي دو رپئي مين تو بوري نهين ملتي جا جا تمهاري باپ دادا تي ڀي ڪپڙا پهنا ٿا “ هن جو آواز پنهنجي چهري وانگر ڦري ذري گهٽ جانوري جهڙو ٿي ويو، هو ويچارا هڪا ٻڪا ٿي دڪان ڇڏي پاڻ ۾ گڏجي بيٺا، هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج ۾ ڌارين ۽ هجرت ڪري مالي وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارن جي روين ۽ ذهنيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ نهايت ئي جرئت ۽ بي باڪي سان اهڙين ڪڙين حقيقتن کي اڳيان آندوويو آهي، جن کي اڄ به اسان ڏسون ٿا، اهو پيش منظر جيڪو ع.ق شيخ ڪهاڻي ۾ پيش ڪيو آهي، اهي منظر اسان جي اڳيان آهن، جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني، سراج الحق ۽ آغا سليم ڪيترن ئي مسئلن تي لکيو، جن ۾سنڌي سماج کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو ويوجمال جون سموريون ڪهاڻيون اسان جي ماحول، سنڌ واسين جي سوچ، طور طريقن کان علاوه جاگيرداري نظام تي گهري چوٽ آهي، شاهه جو ڦر، منهن ڪارو، پيراڻي ۽ سينڌ نمايان آهن، ان کان علاوه اياز قادري، غٰلام رباني، سراج الحق ۽ شيخ حفيظ سماجي توڙي نفسياتي روين تي پڻ لکيو، امر جليل، آغا سليم، غلام نبي مغل، علي بابا، رشيد ڀٽي، نسيمکرل، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، مشتاق شورو اهم آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ عبدالجبار جوڻيجو ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ اهم جاءِ والارين ٿا، سندن مشاهدو گهرو آهي، طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مڊل ڪلاس جي بيچينيءَ کي ڪهاڻي ۾سمويو ويو، انهن ليکڪن خاص سنڌ ي سماج ۾ موجود براين جي خلاف قلم کنيو، تن ۾ سرمائيداري نظام، جاگيرداري، جهالت ۽ وهم پرستي، پيرن ۽ ملن جي لٽ مار خلاف ڀرپور نموني ۾ لکيو.

      انگريزن جي غلامي ۽ ان کان پوءِ آزادي حاصل ڪرڻ واري دور ۾ پيدا ٿيل ادب کي حقيقت پسندي ۽ ترقي پسند تحريڪن گهڻو متاثر ڪيو ۽ ان جو ڀرپور اظهار ملي ٿو، آزادي کانپوءِ ِواري دور ۾ سنڌي زبان جي تحفظ لاءِ آئيني جدوجهد ڪئي وئي، انساني حقن جي جمهوري تصور وارو خيال پڻ نروار ٿيو، ٻيون ڪيتريون ڳالهيون هن دور جوپس منظر بنائي رهيون آهن، هن ئي دور ۾ جبر، محرومي، مستقل آمريت ۽ اذيت پسنديءَ کان عام ماڻهومتاثر ٿيو ۽ ڪرب ۾ مبتلا ٿيو، انهن سڀني حالتن جي پسمنظر ۾ جيڪا ڪهاڻي تخليق ٿي ان ۾ سماج کي هر قسم جي آرائش ۽ برائي کان پاڪ، انصاف تي مبني سماج قائم ڪرڻ جي گهرج هئي، سندن آڏوزندگي جو تصور حقيقت جي ويجهو رهيو، ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر “ امر جليل مذهب جي نالي تي ٿيل استحصال کي بيان ڪري ٿو، هن ڪهاڻيءَ تي گهڻي واويلا ٿي، هن ڪهاڻيءَ سماج جي نام نهاد مذهبي رويي کي ظاهر ڪيو آهي، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي جي انهن ڪمزورين ڏانهن واضح اشارو آهي، ”ڪافر “ (نسيم کرل) ۽ ”منهن ڪارو “ (جمال ابڙو) امر جليل جي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر “ ۾ پڙهندڙن کي ڪي ڳالهيون اعتراض جوڳيون لڳيون ان ڪري هن ڪهاڻيءَ تي پابندي لڳي، تخليقي اورچاتي جو ڪاٿو ان وقت واري دور جي حوالي سان ڪرڻ گهرجي.

آمريت خلاف:

         ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ شناسيءَ واري نظريي کي هٿي ڏني ۽ ان هلچل جي اثر ڪري ڪهاڻيءَ ۾ اهو عنصر اڄ تائين موجود آهي، بلڪه ڪهاڻي جو تاجي پيٽو ان نظريي جي چوگرد ڦري ٿو، هن نظريي خاص طور تي شاگرد طبقي، هاري ۽ مزدور کي تحرڪ ۾آندو، فڪري ۽ نظرياتي طور تي عوام متحد ون يونٽ کان نجات حاصل ڪئي، ”جڏهن مان نه هوندس “(امر جليل ) ايوب آمريت خلاف هلندڙ تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي، هيءَ ڪهاڻي قومي جدوجهد ۽ قومپرستي جي جذبي کي تقويت ڏئي ٿي، سنڌي قوم جنهن نموني سوچ ۽ شعور جون منزلون طئي ڪيون، تن کي سچائي ۽ بي باڪيءَ سان سنڌي ادب ۾ قلمبند ڪيو ويو، ون يونٽ دوران سنڌ بابت شعوري روين ۽ لاڙن کي ڏسي سگهجي ٿو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ڪهاڻي ” ون يونٽ “ هڪ غير فطري رشتي جي حوالي سان علامتي ڪهاڻي آهي،هي ڪهاڻي اهم ڪهاڻي آهي، هن دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو، تنهن کي Dequency and Williams Dong جي حوالي سان ٻوهيو محرڪ ادب چئي ٿو . (7)

ون يونٽ کانپوءِ ڪهاڻيءَ جو مواد ڦريو سياسي سماجي منافقي Social Evil جي خلاف لکيو آهي، ابن حيات جي ”زن طلاق“ سماجي براين کي، کر جي ”مساوات “ ۽ ”چوٽيهون در “، ملڪي نظام جي ڪارڪردگي زماني جي گردش ۾ زميندارن جي ذهنيت کي اوگهاڙو ڪيو ويو، ان کان علاوه ”زندگي ۽ زهر “ (امر جليل) ”زماني جي گردش “، ” زر ۽ زور “ ۽ گٽر (کرل) اهم ڪهاڻيون آهن، دنيا جو گهڻو ادب مختلف خيال ۽ تصور رکي ٿو، اهڙي طرح سنڌي ادب به قومي ادب، نظرياتي ادب ۽ تصوراتي ادب جهڙن عنوانن سان پيدا ٿيو.

    رسول بخش پليجي جي ”پسي ڳاڙها گل “ هڪ مظلوم عورت جي ڪهاڻي آهي، هي ڪهاڻي سنڌي سماج جي ڪهني نظام ۽ رهڻي ڪهڻي کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ان نظام ۾ انهن جا پنهنجا قانون ۽ قائدا لاڳو ٿين ٿا ۽ ڪنهن حد تائين انهن قدرن ۽ رواجن جي ظالماڻه رويي، غير مناسب ۽ جاهليت  ۾ شمار ٿين ٿا، ملوڪان جي مٿان پنهنجن جو ظلم، ڪهاڻيءَ کي، جذباتي ڇهاءَ بخشي ٿو ۽ پڙهندڙ جي اکين ۾ لڙڪ اچيو وڃن، راڄ جو ڪيل فيصلو ۽ ملڪي قانون، کيس ڪو به تحفظ نه ٿو ڏي، هي ڪهاڻي زندگي ۽ سنڌي سماج جو هڪ خاڪو ڏئي ٿي، سماج ۾ ٿيندڙ حادثن ۽ واقعن، تحريڪن ۽ فڪر جو سڌيءَ طرح ڪهاڻي تي اثر پوي ٿو ۽ ڪهاڻي انهن سڀني جي آماجگاهه بنيو پوي ٿي.

رنگ، نسل ۽ مذهبي ويڇن خلاف:

     سنڌي ڪهاڻيءَ معاشي ڇڪتاڻ ۽ هن نظام جي تحت ٿيندڙ ناانصافين کي منظر عام تي آندو، ويهين صديءَ  جي ستين ڏهاڪي وارو دور سماجي اعتبار کان اهميت رکي ٿو، هن دور ۾ مسلم مملڪت جو تصور، اسلامي مساوات، سوشلزم ۽ نظام مصطفيٰ جا سياسي تصور اڀريا،هن دور ۾ ئي اديبن تي پابندي پئي ۽ سزائون مليون.

       سنڌ ۾ دهشتگردي وارو جيڪو ماحول اسريو، ان سبب ڪري ان ڪرب کي عام ماڻهو ڀوڳيو، سنڌي ماڻهو پنهنجي روح ۽شعور ۾ جيڪا بيچيني محسوس ڪئي ۽ تنهن سان گڏ نسلي فسادن جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏنو، ليکڪن ان ڪرب ۽ ڏک کي ڪهاڻي ۾ پيش ڪيو، تقريباً  هر نقطي کي پنهنجي انداز موجب ڪردارن ذريعي زنده ڪيو، انساني قدرن کي مان ڏنو ويو، نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين مان ”منظر جنهن جو ڪو انت ڪونهي “۾ لساني جهڳڙن ۽ ڪرفيو  جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خوفزده انسان جي حالت کي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ حالتون انسان کي غير انساني دڳ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس “ جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جنهن سياسي سماجي ڪرب مان گذري رهيوآهي، تنهن کي چٽي نموني ۾ پيش ڪن ٿين، هنن ڪهاڻين ۾ مداخلت جو عنصر پڻ واضح آهي، ”ڪيڏارو “ نورالهديٰ شاهه جي گهري تاثر واري ڪهاڻي آهي، هيءَ ڪهاڻي پاڻ نورالهديٰ شاهه اردو ۾ پڻ هڪ ادبي محفل ۾ پڙهي ۽ اتي ان تي اعتراض ٿيو، هن ڪهاڻيءَ کي سياسي ڪوٺيو ويو، هيءَ ڪهاڻي سنڌ جي تاريخي پس منظر ۾ لکيل آهي، اهو نڪتو هن ڪهاڻي جي اهميت کي وڌائي ٿو، احساسن جي شدت انساني وجود جو ڪرب ۽ان جي بيوسي ڪيترائي سوال اٿاري ٿي، پنهنجي تاريخ جو ورجاءُ ۽ ان سان اجنبيت جو هانوءُ کائيندڙ تاثر پڙهندڙ کي ان موڙ تي آڻي ٿو، جتي حالتون موت ۽ زندگي، عزت ۽ ذلت جي چوواٽي تي  انسانين کي ننگو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، هيءَ ڪهاڻي سنڌين تي ٿيندڙ ظلم جي ڪهاڻي آهي ماضي سان گهرو رشتو ۽ حال جي بي انصافي جو روڳ کڻي جيوه گهاريندڙ انسانن جي ڪهاڻي اهي، ان موضوع تي ٻين به ڪيترن ئي لکيو، جن ۾شوڪت شورو، اياز قادري، غلام نبي مغل شامل آهي، سندن ڪهاڻيون مسئلن جي نشاندهي ته ڪن ٿيون پر ذهن کي گرفت ۾ نه ٿيون وٺن، ان جي برعڪس  هي ڪهاڻي (ڪيڏارو( هنن ڪهاڻين مان نمائنده ڪهاڻي چئي سگهجي ٿي، هن ڪهاڻي ۾ جيڪي نقطا ۽ سوال اٿاريا ويا آهن، اهي هن موضوع جي اهميت ۽ڪارج کي اجاگر ڪن ٿا، ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار سنڌ جي خمير مان ڳوهي ٺاهيو ويوآهي، ڪهاڻيءَ جون هي چند سٽون احساسن کي جاڳائن ٿيون.

    ”شاهه مڪيءَ جي مزار واري ڪوٺيءَ تي روشن دان تي ويٺل پاريل اکيون مچڪائي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏٺو ڄڻ ڪو اڻ چٽو ساروڻو هانءَ تي هريو هيس، گلان جون ڪومايل ڪليون قبر مان ترڪي رت ڦڙن جيان ميان صاحب جي گهاٽي ڏاڙهي جي وارن ۾ اٽڪي پون ٿيون، هن جا سڏڪا بي آواز سيد محمد مڪي جي قبر جي چوڌاري طواف ڪن ٿا، اڪيلو ٿي پيو آهي، پنهنجي قوم سان رهندي به پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتي مٿان جيئندي به . (8)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com