ضميمو-1
Eurpeon owned newspapers and Jourals Published
in sindh 1900--1845
سنڌ ۾ يورپي مالڪن جون اخبارون ۽ رسالا 1845-1900ع
Back Files of those titles marked with an
asterisk have been examined either at institute
of sindhology, university of sindh, Jamshoro or
at the national
Archives of Pakistan Karachi, or at the India
Office Library and
records in London. The arrangement is
chronological, by year or
first issue.
Title
- Date–Freequency-Place-
Press
Hyderabad
Sarsvati(S)
1890 Monthly
Sarsvaty Press
Sudhar Patrik(S)
1890 Monthly
Sarsvaty Press
Pribhat(S)
1890 Weekly
Kaiseria Press
Moved From Krarachi
Desh Sudhar
(S)
1893 Weekly
DeshSudhar Press
Jote(S)
1896
Fortnightly
Kaiseria
Press
Sukkur
(P+S) Matlay Khurshid
1860
Weekly
Matlay
Khurshid Press
(E) Indus Valley State Railway
1883
Weekly
Wales Press
(E) Commercial Gazette
1884
Weekly
Victoria Press
(E) Mercantile Gazette
1890
lbert Press
(S) Aftab-i-Sind
1890
Albert Press
Shikarpur
(S) ToTee-Sind
1891
Weekly
Jethanands
Press
(Later
Shikarpur Press)
(S) Hidayat ul- Akhwan
1900
Monthly
Kadri Press Mahmud ul
Mutabay
Source: Dr. Allah Rakhio Butt: ''The
Nineteenth Century Book Trade in
Sindh'': Ph.d Thesis, (for the
university Of wales ) 1988
ضميمو- 2
Indian-owned newspapers and journals published
in Sindh, 1855-1900
سنڌ ۾ ڏيهي مالڪن جون اخبارون ۽ رسالا 1855-1900ع
Thee arrangement s is by of Publication and
then Chronological, The
Following abbreviations indicate the language of
publications:
E:English
G:Gujrati
P:Persian
P+S:Persian and Sindhi,
S:Sindhi and U:Urdu
Karachi
Mafurrah -ul- Koolob(P)
1855
Weekly
Mofurrah
ulkoloob Press
Sind Samachar
(G)
1856
Weekly
Sind Samachar Press, Sindian
Press
Fowayid -ul- Akhabar
(S+P)
1858
Weekly
Educational Press
Sind Sudhar
(S)
1866
Weekly
Commercial Press, Educational
Press
Kurrachee Crier(E)
1875 or earlie
Weekly
Became
Sind and Punjab Times
Albion
Press
Sind Advertiser(E)
1875 Bi
Weekly
Commercial Press
Sind Times(E)
1884
bi-Weekly
Commercial Press
Muavin Mujmay Muhammadi
(S) 1884
Weekly
Faiz Osmani Press
Muavin Mujmay Muhammadi Press
Sind Madressah Press
Moin -ul-Islam(S)
1886
Weekly
Mofurrah ul Koolob\Lklil
Press
Ikill(P)
1887
Weekly
Lklil Press
Phoenix(E)
1888 Bi Weekly
Phoenix Press
Praja Mitra
(G)
1890
Weekly
Phoenix Press
Sookhri(S)
1891 )or befor)
Weekly
Sind Printing Press
Doorbeen(U)
1893
Weekly
Nur-I-
Jafri Press
Sophia(E)
1893
Weekly
Lklil Press\Sind
Gazette and
Commercial press
Moved to
Hyderabad in or
before 1897
Civil and Military Gazette llnd
Edition Later Sind Gazette(
1878
Bi-Weekly
Karachi
Civil and
Military Gazette
Press later Sind
Gazette Press
Civil and Military Gazette
1878 Bulletin
Four Times a Week
Karachi
Civil and
Military Gazette Press
Later Sind Gazette Press
Christian Messenger
1884
Monthly
Karachi
Commercial
Press
Holy Trinity Church Karachi
1892
Parish Magazine
Monthly
Karachi
Mercantile Press
Karachi Manora Church
1897 Magazine
Monthly
Karachi
Mercantile Press
Source: Dr. Allah Rakhio Butt: ''The Nineteenth
Century Book Trade in
Sind'': Ph.d Thesis, (for the university of
wales 1988
مددي ڪتاب:
BIBLIOGRAPHY
سنڌي ڪتاب:
آڏواڻي ڀيرو مل مهر چند، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ “
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1972ع
آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند، ”سنڌي هندن جي تاريخ “
(1) 77 مڊل ڪلاس ڪالوني ،ڪراچي، 1946ع.
آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند:”سنڌي هندن جي تاريخ “(2)
77 مڊل ڪلاس ڪالوني ،ڪراچي، 1967ع
الانا، ڊاڪٽر غلام علي، ”سنڌي نثر جي تاريخ
“ادبيات پبليڪيشن حيدرآباد 1967ع
ٻُٽ، ڊاڪٽر الهرکيو ”سنڌي رسالن جي تاريخ “ سنڌ
پبلشرس حيدرآباد 1981ع
ٻُٽ ڊاڪٽر الهرکيو: ”ڪراچي جون پهريون ٽي اخبارون
“ مقالو اڻ ڇپيل.
ٻگهيو، ڊاڪٽر عزيز الرحمان ”سنڌي صحافت جي ارتقا ۽
تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو 1988ع
ٻوهيو، ڊاڪٽر الهداد، ”علم تحقيق “نيو فيلڊس
پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع
پٺاڻ، ڊاڪٽر در محمد :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي
ترقي ۾ حصو “ پي ايڇ ڊي ٿيسز ،اڻ ڇپيل
پٺاڻ ،ڊاڪٽر غلام حسين”تحقيق جو فن “ پاڪستان
اسٽيڊي سينٽر، ڄامشورو 1983ع
جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
“ سرهه ڪتاب، حيدرآباد 1973ع
خالد ڪريم بخش، ”سنڌي صحافت “ حبيب پبليڪيشن سکر
1955ع
خان، خداداد خان، لُب تاريخ سنڌ “ سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو 1989ع
راشدي، حسام الدين، ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت
“ مقدمه سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1964ع
رامواڻي موتي رام –ايس ”سيٺ هرچند راءِ وشن داس
“پاڪستان هيرالڊ پرنٽنگ پريس، ڪراچي 1953ع
سنڌي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد، ”مهراڻ تي مجلس “ سنڌي
ادبي سوسائيٽي اسلاميا ڪاليج سکر 1966ع
سنڌي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور، ”اڻويهين صديءَ جا نثر
نويس “ پي ايڇ ڊي ٿيسز اڻ ڇپيل
ڦيرواڻي، شيوارام ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو
جيون چرتر “ ديوان تارا چند آڏواڻي حيدرآباد 1932ع
مولائي، شيدائي، رحيمداد خان،”تاريخ تمدن سنڌ “سنڌ
يونيورسثي پريس ،حيدرآباد ،1959ع
مولائي، شيدائي، رحيمداد خان، ”جنت السنڌ “ سنڌي
ادبي بورڊ ڪراچي/ حيدرآباد 1958ع
مهر، غلام رسول، ”تاريخ سنڌ- ڪلهوڙا دور “ سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد 1963ع
ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، ”سنڌي ادبي تاريخ (2)،
آر- ايڇ احمد برادرس، حيدرآباد، 1963ع
ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ “
(ڇاپوٻيون) زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع
مخدوم امير احمد (مترجم) ”فتح ناما سنڌ عرف چچ
نامو“ سنڌي ادبي بورڊ ،حيدرآباد، 1976ع
مخدوم، امير احمد(مترجم) ”تحفته الڪرام “ سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1976ع
همايوني نياز(مترجم) ”تاريخ مظهر شاهجهاني “ سنڌي
ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1979ع
سنڌي اخبارون ۽ رسالا:
”اطلاعات سنڌ “ ماهوار، ڪراچي 5-6/1954ع
”الحق “ هفتيوار، سکر جا فائيل
”پيغام “ ماهوار، ڪراچي جا فائيل
”جوت “ پندرهن روزه، حيدرآباد جا فائيل
”رچنا “ ٽماهي، احمد آباد، 1-1976ع
”سرسوتي “ ماهوار، حيدرآباد جا فائيل
”سنڌ مُندوار، اونهارو – 1983ع سيارو 1983ع
حيدرآباد
”سنڌ سڌار “ هفتيوار ڪراچي جا فائيل
مهراڻ ٽماهي، حيدرآباد، ڄامشورو 1-1964ع،
21-1966ع، 1-1967ع، 3-1970ع، 1-1981ع، 1-1984ع،
2-1984ع، 1-2-
1985ع، 2-1986ع، 4-1987ع ۽ 2-1/1992ع
”نئين زندگي، ماهوار ڪراچي، حيدرآباد 7-1957ع،
11-1957ع
اردو ڪتاب
ابوالفضل ”آئين اکبري “ عثمانيه ،19ع
خورشيد ڊاڪٽر عبدالسلام، ”صحافت پاکستان و هند مين
“ مجلس ترقي ادب لاهور 1963ع
خورشيد ڊاڪٽر عبدالسلام، ”داستان صحافت “ مکتبه
کاروان لاهور 1980ع
ناز ايم ايس ”صحافت کي مختصر ترين تاريخ “ سنگ ميل
پبليکيشنز لاهور 1980ع
فارسي اخبارون:
”مفرح القلوب “ هفتيوار ڪراچي جا فائيل
انگريزي ڪتاب
Bease, George, The Sind Directary Bombay
Gazetteer Press, Bombay 1986.
B
utt, Dr. Allah Rakhio: The Nineteenth Century
Book Trade in
Sind: Ph.d Thesis, (for the university Of wales
) 1988
Feldman Herbert Karachi Through Hundred Years
Oxford University Press,
Karachi 1970
Haider, Dr, Azeemushan, History Of Karachi,
Ferozsons Printers Karachi
ltd, Karachi 1974
Khurshid, Dr. Abdus Salam ,''Journalism in
Pakistan '' Publishers United Ltd, Lahore,
1964.
Lambrick.H.T Sir Charles Napier and Sind,
Clarendon Press Oxford 1952.
Malkani, Kewal, R The Sind Story Allied
Publishers Private Ltd, New
Delhi, 1984.
Panhwar.M H The Chronological Dictionary of Sind
Institute of
Sindhology, Jamshoro 1983.
Panhwar .M.H.''Source Material Of Sind'' ,
Institute Of sindhology,
Jamshoro 1977.
Siddiki Habibullah. Education in Sind, Past and
presnt, Institute of
Sindhology, Jamshoro 1987
انگريزي اخبارون:
''The
Sind Kossid'', bi-monthly, Karachi:Files
''The
Sind Gazette'' Weekly Karachi:Files
مواد حاصل ڪرڻ جا ذريعا
1. ريسرچ لائبريري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
ڄامشورو.
2. علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري،
يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
3. سيمينار لائبريري ڊپارٽمينٽ آف ماس
ڪميونيڪيشن، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو.
نظام الدين کوسو
نئين ٺل جا پراڻا گل -3
”ڪلهوڙا مياڻان “، ”ٽالپر بلوچ “ ۽ ”بلوچي
قلات “ جون حڪومتن ڪمزور ٿي گذريون آهن، جدن دور ۾
هروڀرو ائين ڪو نه هو جو هيڻي جو حال هيڻو ۽
”ڏاڍو سو گابو “ هو، تاهم رعايتي حڪومتن جا هٿ
مضبوط ڪو نه ها، چون ٿا ته اسان جي هن علائقي جي
ڄاموٽ زميندارن کي حڪومتن جي حمايت ڪرڻ عيوض
اڳاڙيل ڍل مان ڪجهه حصو ملندو هو، مذڪوره حاڪمن جي
دور حڪومت ۾ ٺل جا زميندار گهڻو ڪري ڄاموٽ هيا،
ڀٽا، سرڪي، مهر، ڀنگر، ٻرڙا، چنا، سٻايا تمام وڏين
ايراضين جا مالڪ هئا، انگريزن جي اچڻ کانپوءِ
پهرين مهاڀاري لڙائي کان اڳ ۾ ڀٽن، ٻرڙن، پنهنجون
ايراضيون ارزان اگهن ۾ ٻروچن کي ڏيئي ڇڏيون،
پاڪستان ٿيڻ وقت ڀنگرن، مهرن، چنن ۽ سٻاين به
پنهنجي ضرورتن ڪري ٻنيون وڃائي ڇڏيون، ڄاموٽ قوم
مان هن وقت ”سرڪي“ وٽ اباڻي زمين محفوظ رهي آهي ۽
آباد آهي، سرڪي جي سياسي ساک به قائم آهي.
ميرپور ٻرڙو جو احوال:
هي ڳوٺ ميرن جي دور کان وجود ۾ آيل آهي،
هن ۾ جيڪو ڪچو قلعو ٺهيل آهي، اهو ميرن جو ٺهرايل
نه آهي پر تاريخي اهڄاڻن مطابق به هن جوءِ ۾
ٽالپرن جي حڪومت نه رهي آهي، هي علائقو ”بلوچي
قلات “ جي زير تسلط رهيو هو، هن علائقي جي قديمي
تاريخ ڪنهن به ڪا نه لکي، تنهن ڪري تحقيق سان ڪا
قديمي ڳالهه يا حوالو هٿ نه ٿو اچي، پر خان خداد
خان هندستان جي وائسراءِ لاءِ لارڊ لٽن جي حوالي
هي علائقو 1876ع م ڪيو هو، ان جا دستاويزي ثبوت
مليا آهن. انگريزن مان به لئمبرڪ صاحب پنهنجي
تاريخي ڪتاب، جنرل جان جيڪب، آف جيڪب آباد، ۾
ميرپور واري انهيءَ ڪچي ڪوٽ جي تصوير ڏني آهي،
اسان جي مذڪوره علائقي ۾ وڏا شهر به ڪو نه هئا،
تنهن زماني ۾ وڏا شهر چانڊڪا(لاڙڪاڻه) ۽ شڪارپور
هيا هتي فقط خان ڳڙهه هو، جيڪو هڪ ڳوٺڙو هئڻ جي
باوجود به حڪومتي مرڪز هو، هتي حڪومت قلات جو نائب
به رهندو هو، اهو نائب انگريزن جي وقت ۾ به 1920ع
تائين رهندو آيو.
ميرپور ٻرڙو ۾ مشهور ماڻهو سردار خدا بخش خان
هيو، جنهن جي ڏاڏي، پڙڏاڏي وٽ ڪافي زمينداري هئي،
پر جڏهن کان پاڻ ساماڻو ته وٽس جريب زمين به ڪا نه
رهي، هن جو ذڪر اڳئين قسط ۾ ”واڻين واري واقعي “ ۾
ڏيئي آيو آهيان.
ميرپور جا سگهڙ مشهور هيا ۽ هينئر به ڪي ڪڻا باقي
آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو محقق به هتي ڪهي
آيو هو، ٻُرڙي خاندان ۾ تعليم جو رواج مرحوم حاجي
محمد يعقوب خان وڌو پاڻ فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو
ته پوءِ ڪوشش سان وڌيڪ پڙهي ڊگريون حاصل ڪري
ورتائين، آخر ۾ هو مسلم اسڪولن جو ضلعي جيڪب آباد
۾ نگران ٿيو، ان زماني ۾ مسلم اسڪولن جي تعليم
اعليٰ درجي جي هوندي هئي، استاد تمام سٺا لائق
مقرر ٿيندا هيا ۽ هيڊ معلم ته مذهبي تعليم جو ڪو
نه ڪو ماهر هوندو هو، مذهبي ڄاڻ ۽ اکر نهايت سٺا
هوندا هئا ان وقت جي مسلم اسڪولن جي شاگردن
جا.حاجي محمد يعقوب خان جو تعليم کاتي سان واسطو
ٿيو ته منهنجو والد بزرگوار سندس دوست بڻيو،
منهنجو والد ضلعي اسڪول بورڊ جو ميمبر ٿيو ته حاجي
صاحب سان واسطو ٿيس، پر اهو واسطو ”پڪي دوستي “ ۾
پختو ٿيو، 1933ع ۾ جون مهيني جي جهولن ۾امين الملت
رخ جي شادي جي ڪانڍ ٿي، حاجي محمد يعقوب خان پورو
هڪ هفتو اڳ ۾ اچي عزيز آباد ۾ ڪانڌ جي ڪارج ۾
شامل ٿيو، انتظامن جي سڄي نگراني حاجي صاحب پاڻ
ڪئي، هن علائقي ۾ اها شادي پنهنجي نموني جي هئي،
سردار بهادر عبدالرحيم خان کوسو عموماً شادين
۾شرڪت نه ڪندو هو، پر هن شاديءَ ۾
هو
ٻه ڏينهن ٽڪيو هو، نواب يوسف علي خان، عزيز مگسي ۽
سردار غلام رسول خان ڪورائي به شادي ۾ شريڪ ٿيا
هئا، اهو زمانو خوشيءَ جو هو، شادين جي ڪا نه
ٿيندي هئي ته مٽ مائٽ ته سڀئي ساگهر شريڪ ٿيندا
هيا پر اوري پري جا دوست احباب به ڪهي ايندا هئا ۽
شادي جي هر ساٺ سون ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ڪو گهوٽ
لاءِ ميٽ مليندو هو ته ڪو پاڻي گرم ڪندڙ ڪاٺين کي
سوريندو هو، ڪو گهوٽ کي مهٽيندو هو ته ڪو پاڻي
هاريندو هو، مطلب ته سڀ احباب گهوٽ جي سينگارڻ ۾
هٿ ونڊائيندا هيا، گهوٽ سينگاري ڪپڙا پارائي مٿس
چاندي جي روپين جي گهور ڪندا هئا، ائين ڪندي هر
ڪنهن کي بي انتها مسرت ٿيندي هئي، هاڻي ته اهڙو
وقت آيو آهي ته مٽ مائٽ ته ڪو نه ڪو قصور ڪڍيون
ڪاوڙيا ويٺا هوندا ۽ نه ايندا آهن پنڌ پري هجڻ،
طبع ناساز ٿيڻ جا سبب ڏيندا ته معاف ڪيو،اچي نه
سگهياسون جي ڪنهن سان هٿ ڊگهو ٿيل هوندن ته معذرتي
خط سان گڏ هڪڙو چيڪ به ٽنبي موڪليندا ته معاف
فرمائجو طبع ناساز هئي سو هي گهوٽ جي مبارڪي لاءِ
چيڪ موڪلجي ٿو کيس بنده پاران پيش ڪجو وغيره
وغيره. ميرپور ٻرڙي واري ڪوٽ جو فوٽولئمبرڪ صاحب
پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي اهو ڪوٽ تمام قديمي ڪونهي
پر ٽالپر جو به ٺهرايل ڪونهي، حڪومت قلات جي زماني
۾ ڪوٽ ڪڍائڻ جو رواج هو، سعدو ڪوٽ به هيو، صحبت
پور ۽ محبت پور کي به ڪوٽ ها، اهڙي طرح ڪنڌڪوٽ
۾ڪوٽ هيو.
ميرپور جي هڪ خاندان کي جيڪو سردار خيل هو تنهن کي
ڪوٽائي وڏيرا سڏبو هو، حاجي محمد يعقوب خان ٻرڙو
وڪڙائي پاڙي مان هو.
رانجهاپور جو احوال:
ميرپور کان ٿورو پنڌ تي روڊ تي ئي رانجها
پور جو پراڻو ڳوٺ آهي هي ڳوٺ اصل ۾ هيوته مسلمانن
جو پر پوءِ هندو زميندار سيٺ آوت راءِ جو سڏبو هو،
هن ڳوٺ جو قبرستان به تمام قديمي آهي ۽ قبرن تي
قبا به آهن. سيٺ آوت راءِ هندو تهذيب جو هڪ نمونو
هو، هميشه ڌوتي سان ۽ مٿي تي بوسڪي پٽڪي ”واڻڪي
نموني “ واري سالن هوندو هو، هي ڏاڍو نماڻو فضيلت
وارو ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائيندڙ انسان هو، سرڪاري هر
محفل ۾ موجود هوندو هو، پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ به هي
پنهنجي حياتيءَ تائين رانجها پور جو خاصو زميندار
ٿي رهيو،پنهنجي پٽ هوندراج کي اعليٰ تعليم
ڏياريائين، پر کيس پاڪستان ۾ سول سرورس جي جاءِ ڪا
نه ملي، سيٺ آوت راءِ جي وفات کانپوءِ هن کي
ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو ٻنيءَمان اغوا ڪري ويا،وڏي
تڪليف ۽ ڀنگ ڀرڻ کانپوءِ عرصي پڄاڻان موٽيو، موٽڻ
سان ئي ٻنيون، گهر، جايون وڪڻي آمريڪا هليوويو،
هينئر اتي ڪاروبار ڪري رهيو آهي، ساڳي ٻني سيٺين
وٽ هئي ته انبار جا ان ٿيندا هئا ۽ هينئر مسلمانن
جي ملڪيت ٿي ته پوک ڏيڻ کان نابري واريون بيٺي
آهي، بخت بخت جي ڳالهه آهي.
چنن جي ڳوٺ جو احوال
ميرپورکان ڏکڻ طرف بيگاري واهه جي ڪپ تي چنا
ڳوٺ آهي، هي به تمام قديمي ڳوٺ آهي، ڪنهن زماني ۾
هتي ڪافي هندورهندا هئا، سندن پڪا گهر، دڪان هوندا
هئا واپار تي اثر هوندو هون، هتان جو وڏيرو الهه
بخش خان چنو هو، منهنجي دوست مولوي محمد حسين چنا
مرحوم ۽ خان صاحب عبدالله خان چنا کي ڪنهن زماني ۾
شوق ٿيو ته الهه بخش خان کي پڳ ٻڌائي چنن جو
سردار بنايو وڃي، سو الهه بخش خان سردار بڻجي ويو،
الهه بخش خان کي مون چڱي طرح ڏٺو هو، ڀانيان ٿو ته
پڙهيل ڳڙهيل به هو، نهايت شريف ۽ ملنسار انسان هو،
سرداري پڳ مٿس سونهي پئي، اها ذميواري هن احسن
طريقي سان نڀائي مان شان ۽ انصاف سان هليو، ٻين جي
عزت ڪيائين ۽ پنهنجي عزت به ڪرائي ويو.
ان زماني ۾ سرداري جو حساب ڪتاب راڄ تي هوندو هو،
يعني راڄ ۾ ڪيترا گهر اٿس، ڪيتري ڪهاڙين جو مالڪ
آهي، اڳي زماني ۾ ”لک ڪهاڙي“ سردار سڏبا هئا، يعني
وقت اچڻ تي سردار مٿان سر ڏيڻ لاءِ ڪيترا جوان
ڪهاڙيون کڻي ايندا، هي علائقو چوڪ نوري نصير خان
والي قلات جي بادشاهي ۾ هو، سو نوري نصير خان وٽ
باقاعده لشڪر ڪو نه هو، قومي سردارن تي ماڻهومقرر
ڪيا
هئائين
ته وقت ضرورت هر سردار پنهنجي قومي طاقت مطابق
ماڻهو هٿيارن سوڌا پيش ڪري، انهيءَ سبب ڪهاڙي حساب
سان سرداري ليکبي هئي، لک ڪهاڙي يا لک لٺ واري
سردارين جو دستور ختم ٿي چڪو هاڻي تازه ترين
صورتحال مطابق ته ووٽ جو حساب آهي، فلاڻي سردار وٽ
فلاڻي خان وٽ ووٽن جي هيتري موڙي آهي يا ڪيترين
پولنگ اسٽيشنن تي قبضو اٿس، انهيءَ پڪا ووٽ جي
قبضي ڪرائڻ ۾ ”ڏوڪڙن “ جي ڪار فرمائي به نمايان
رهندي آهي. چنن جو موجوده سردار صاحب به ووٽن لاءِ
ڪنڊ پاسو جهليون پنهنجي اهميت قائم ڪيون ويٺو آهي،
باقي واڻين پڄاڻان ڳوٺ جو اهو اوج ڪونهي، چنن ڳوٺ
۾ سرڪاري بنگلو به هيو جيڪو هاڻي
ويران
آهي.
مبارڪ پور جو احوال:
مبارڪ پور به بيگاري واهه جي ڀرسان آهي،
ڪنهن زماني ۾ شاهل مهر سڏبو هو، هي ڳوٺ مهرن ۽ ڀٽن
جو آهي، انگريزي دور ۾بيگاري واهه کي هڪ دفعي
مبارڪ پور سامهون وڏو گهارو پيوهو، ڀٽن جي راڄ
وارن همت ڪري اهو گهارو جلدي بند ڪري ڏنو ته
انگريز انجنيئر خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته هي ڳوٺ مبارڪ
آهي، هن وقت به ڳوٺ ۾ مهرن جو هڪ اڌ گهر هوندو،
باقي ڀٽن جا گهر گهڻا آهن، جيڪي گهڻو ڪري تعليم
يافته آهن .ميرپور، رانجها پور، چنا ۽ مبارڪپور جا
هندو گهڻو ڪري ماستر هوندا هيا، جن مسلمانن کي به
پڙهائي تعليم وارو ڪيو سو تعلقه ٺل جي اترين
علائقي ۾ سنڌي اسڪولن ماستر گهڻو ڪري انهن ڳوٺن جا
هوندا هيا ۽ اڄ ڪلهه به هندن جي وڃڻ کانپوءِ
پرائمري ماستر گهڻو ڪري انهيءَ طرف جا آهن.تاريخ
مان معلوم ٿئي ٿو ته هو علائقو خان والي قلات
1876ع ۾ لارڊلٽن وائسراءِ کي ڏنو هو، هن وقت تائين
اڌورو سڌورو حڪم مڙيئي قلات جو رهيوهو، انگريزن هن
علائقي تي باقاعده قبضي ڪرڻ بعد 1880ع ۾ سروي ڪرڻ
جو ڪم ڪيو. |