عورت ڪاري جي ر وپ ۾:
ڪاري عورت ڪشيءَ جو پراڻو دستور جيڪو وري ڪر کڻي
سجاڳ ٿيو آهي، عام طور ڪارو ڪاريءَ جو اصطلاح ان
مرد ۽ عورت جي ڪوس کي چيو ويندو آهي جن کي ناجائز
جنسي ناتن جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو وڃي.ڪاريءَ جو قهر
دستور ڪڏهن کان شروع ٿيو ان لاءِ جيڪڏهن تاريخ جو
مطالعو ڪبو ته اهو دستور به پدرانه سماجي سرشتي
جي پيداوار نظر ايندو ڇاڪاڻ ته ”عصمت ۽ حيا وارا
تصور انساني تاريخ ۾ نوان آهن، ملڪيت جي تصور ۽
ملڪيت جي احساس جي سوچ سان هي دستور به وجود ۾
آيو.(ت ج -73).
تاريخ جي اوائلي دورن ۾ خاص طرح فطري سماجن ۾ ته
ماڻهن کي اها به ڄاڻ ڪو نه هوندي هئي ته ڪو مرد ۽
عورت جي جنسي تعلق سبب اولاد پيدا ٿيندو آهي، ان
دور ۾ عورت ئي قبيلي جي وجود ۽ اولاد جي ولادت جي
واحد ذميوار هئي(س ح-56) ۽ غير مهذب قبيلن ۾ به
حمل ڪو جنسي معاملو نه هو ۽ ”ٽروبريان جزيري “ ۾
رهندڙن جو تصور هوندو هو ته درياءَ ۾ وهنجندي عورت
اندر ڀوت داخل ٿي ويندو آهي، يا کيس ڪا مڇي ڏنگي
ويندي آهي، جنهن سببان عورت ٻار کي جنم ڏيندي
آهي(ت ج-50) وقت سان گڏوگڏ انساني عقل به ترقي ڪئي
۽ انسان تي اولاد جي پيدائش جو راز ظاهر ٿيو، پر
هن دور ۾ به عورت جو ”ستيپڻو“ ماڻهن لاءِ اهم نه
هو 7 عورت کي پنهنجي پاڪدامني بجاءِ پنهنجي سنڍپڻي
کان خوف ايندو هو، ”ڪام چول قبيلي“ جي گهوٽ کي
جڏهن خبر پوندي هئي ته سندس ڪنوار شادي کان اڳ
جنسي عمل مان ناهي گذري ته خار وچان ڪنوار جي ماءُ
کي گاريون ڏيندو هو، ڌيءَ جي بهتر نموني ۾ پرورش
نه ڪئي اٿس(ت ج 72) اهڙي طرح اوائلي عرب معاشري ۾
به عصمت جو ڪو تصور ڪو نه ، عام طور عرب پنهنجي
زال ڪنهن بهادر وٽ انهيءَ مقصد لاءِ اماڻيندا هئا
ته جيئن ان جي نطفي مان اهڙو ئي جوڌو جوان اولاد
پيدا
ڪري سگهجي، ان کانسواءِ ان دور ۾ نڪاح جي اها به
صورت هئي جو هڪ عورت واري واري سان ڪيترن مردن سان
همبستري ڪندي هئي ۽ اولاد ڄڻڻ کانپوءِ هڪ ئي
سڏرائي ٻڌائيندي هئي ته اهو سندس اولاد آهي ۽سندس
مڙس کي اهو قبول ڪرڻو پوندو هو(چ غ-571)۽ پوءِ
آهستي آهستي معاشرتي سرشتا تبديل ٿيا ۽ روين ۽
قدرن ۾ به تبديلي آئي ، رواج تبديل ٿيا ۽پدرانه
سماجي سرشتي جي آمد سان ڪيترن نون تصورن به جنم
ورتو، ملڪيت، نسل، بڻ بڻياد، وغيره ۽ پدرانه سماجي
سرشتي ۾ عورت جي حيثيت هڪ جانور جهڙي بڻي، عام طرح
مائٽ، شادي لاءِ ڌيءَ جي عيوض ۾ معاوضو طلب ڪرڻ
لڳا ۽ بابل ۾ به اشنونا جي ضابطي موجب شادي هڪڙو
معاهدو هئي ۽ شادي کان اڳ مڙس زال جي پيءُ کي ڪجهه
رقم ادا ڪندو هو(س ح -441) ۽ جيئن جيئن سماج ۾
خريداري واري شاديءَ جو تصور پيو تيئن تيئن
”دوشيزگي“ ”عصمت“ ۽ ستيپڻي جو ملهه وڌيو، ڇاڪاڻ ته
هڪ مرد جي ڪوشش هوندي هئي ته باعصمت عورت کي شادي
لاءِ خريد ڪري ته جيئن سندس ملڪيت جو وارث سندس ئي
حقي اولاد بڻي، ٻئي جو ناجائز اولاد نه، ۽ انهيءَ
سبب ڪري عورت تي دٻاءُ وڌو ويو ته هوءُ پنهنجي ست
جي حفاظت ڪري، ”توريگي “قبيلي ۾ عورت جي جنسي بي
قائدگي جي سزا موت هوندي هئي، جڏهن ته نوبيا، حبشه
۽ سمالي لينڊ جا نينگرو نياڻين جي شرمگاهن ۾ تالا
هڻي ڇڏيندا هئا، جڏهن ته بورينو جي قبائلين ۾ به
نياڻين کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويندو هوهندو ۽
مسلمان سماجن ۾ پڙدي جو عام رواج هوندو هو(ت ج
-74).
”پدرانه سماجي سرشتي ۾ زنا چوري جي دائري ۾ اچي
وڃي ٿي، هن عمل کي ”گناهه ڪبيره “ تصورو ڪيو وڃي
ٿو، زانيه لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون وڃن ٿيون،
حمورابيءَ جي قانون زاني عورت جي سزا هٿ پير ٻڌي
کيس درياهه ۾ اڇلائڻ آهي، جڏهن ته ڪن قبيلن ۾
زاني جا آنڊا ڪڍي اڇلايا ويندا آهن(س ح-446)
اوائلي هندو سماج ۾ جتي نيوڳ جو دستور رائج هو اتي
به ڪجهه وقت کانپوءِ ”ست “ اهم حيثيت رکن لڳو ۽
جيڪڏهن مڙس کي زال جي چا ۾ شڪ پوندو هو ته ثابتي ۽
سچائي لاءِ پنهنجي بيگناهي ابت ڪرڻ لاءِ عورت کي
باهه جي اوڙاهه مان لنگهڻو پوندو هو( آ ڀ -247ع ۽
اهو ئي ساڳيو دستور اغوا شده عورت لاءِ به رائج هو
ته پارسائي جو ثبوت ڏئي، سيتا جنهن پنهنجي ور رام
لاءِ جلاوطني قبول ڪئي ۽ لنڪا جي راجا راوڻ جي
قيد مان واپس اچڻ کان پوءِ کيس بهه پارسائي ثابت
ڪرڻ لاءِ باهه جي مچ مان گذرڻوپيو، پر پوءِ به
سيتا رام جي دل ۾ اها جاءِ حاصل ڪري نه سگهي ۽
ڌڻيءَ در دعا گهريائين ته ڌرتي ڦاٽي ته هوءَءِ ان
۾ گهڙي وڃي، ڌڻي در سندس دعا اگهامي ۽ سيتا سچ ۽
ست جي ساچئي لاءِ قربان ٿي وئي(م ع 42).
۽ تاريخ جو اهو تسلسل پوءِ به هلندو رهيو زال ۽
مائٽياڻي تي پري جي ڳالهه پر ڪنيزن جي بي راهه روي
لاءِ به سخت سزائون هيون،”سترهين صدي عيسوي ۾
سلطان ابراهيم جي حڪم ۾ هڪ ڪنيز جا هڪڙي خواجه سرا
سان تعلقات قائم ٿيا، سلطان جي علم ۾ ڳالهه آئي،
ڪنيز جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي، نتيجي ۾ سلطان ٻه سو
اسي ڪنيزن کي ٻورين ۾ سبرائي سمنڊ ۾ اڇلرائي
ڇڏيو.(م ع-55).
۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، اها عورت جا ناجائز
جنسي لاڳاپن جي مرتڪب ٿئي ٿي ان کي قتل ڪري ڪاري
جو نالو ڏنووڃي ٿو ۽ ڪن علائقن ۾ وري انهن عورتن
کي وڪيو وڃي ٿو،ڪني آڱر وڍي چڱي مصداق، لعل ڳڙهه
ڊيره غازي خان ۾ اهو روواج عام آهي ۽ ڇوڪريءَ سان
وري مائٽ تعلق نه ٿا رکن.
سنڌ ۾ هونئن ته اها روايت اتر سنڌ ۾ عام هئي پر
انگريزن جي دور حڪومت ۾ انهيءَ تي ڪنٽرول ڪيو
ويو.”سنڌ جي انگريز فاتح سرچارلس نيپئر انهن ماڻهن
لاءِ ڪڙيون سزائون مقررڪيون، جيڪي عورت کي قتل
ڪندا هئا، سندس دور ۾ جيڪب آباد ۾ڪاري وارو واقعو
ٿيو، نتيجي ۾ انگريز حڪمران، اٺن ملوث جوابدارن کي
گوليون هڻي مارايو ۽ ان کانسواءِ عورت کي قتل ڪندڙ
جوابدار لاءِ ڪلهي کان ٻانهن ڪٽڻ جو حڪم جاري ڪيو
ويو(ع آ فيبروري 6-96) ۽ انهيءَ قانون باعث عورتن
جو قتلا ڪنهن حد تائين ختم ٿي پر ڪن آئيني تشريحن
جي نتيجي ۾ هي دستور ٻيهر رائج ٿيو، ڇاڪاڻ ته ٻٽي
قتل جي خطرناڪ مجرم کي ”غيرت منداڻو رد عمل “ جي
سري هيٺ خاص قانون ۾ چالان ڪيو وڃي ٿو، جنهن سببب
اهو فرد جيڪو خباثت نفس جو مرتڪب ٿئي ٿو سو آساني
سان پاڻ کي قانون حوالي ڪري ٿو ۽ چند سالن جي
معمولي قيد بند کانپوءِ آزاد ٿي نڪري اچي
ٿو.جيتوڻيڪ ٿيڻ اهو گهرجي ته اهڙي قتل کي به قتل
جي عام دائري واري قانون هيٺ آندووڃي ۽ قاتل کي
خطرناڪ ارادي قتل جو مجرم سمجهي فوجداري قانون
تحت قلم3.7 ۽ 3.2 هيٺ سزا جو موجب قرار ڏجي(ع آ
مارچ 22-96)ڪاري ڪاري واري عمل کي ويتر حدود
آرڊيننس واري قانون به هٿي ڏني، جيتوڻيڪ حدود جو
نفاز تمام گهڻو احتياط طلب آهي پر ڪي ڪم علم ماڻهو
انهيءَ نفاذ جو غلط مطلب وٺي غلط فيصلا ۽ عمل ڪن
ٿا.
ان کانسواءِ ڪارو ڪاري جو قتل ٻين محرڪن سببان به
عمل ۾ اچي ٿو ۽ انهيءَ طرح مجرم پاڻ کي قانون جي
گرفت کان به تڪڙو آجو ڪرايو ڇڏي ٿو.هڪڙي اخباري
رپورٽ مطابق ”اتر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي دستور هيٺ ٽن
مهينن ۾ سورنهن عورتون قتل، اغوا ٿيل عورتن کي به
ڪاري ڪيو ويو، ملڪيتون بچائڻ لاءِ پنجاهه کان سٺ
سالن جي عورتن کي به ڪاري رسم جو کاڄ بڻايو ويو ۽
ڪن قبيلن ۾ ته محض قبائلي انا خاطر به عورت ڪشي
ڪئي وئي.(6-96)
ڪاري واري دستور جو وڌيڪ منفي پهلو اهو به آهي ته
سرداري ۽ راڄوڻي فيصلن تحت عورتن کي ڪاري ڪيو
ويندو آهي پوءِ ڀلي ڇوڪريءَ جا مائٽ انهيءَ فيصلي
لاءِ راضي نه هجن، اها به روايت آهي ته اڪثر سردار
پنهنجو سرداري نظام مضبوط ڪرڻ لاءِ باغي ڪٽنبن کي
پنهنجي جڪڙ ۾ جڪڙيندا آهن ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته
جيڪڏهن سردار کي ڪا عورت وڻي ويندي آهي ته ان تي
ڪاري جو الزام هڻي ڪوٽ ۾ قابو ڪندو آهي ۽ پوءِ
راڄوڻي فيصلي تحت ان ڳالهه جو حقدار بڻيو آهي ته
ٻانهن وڪڻي يا پاڻ وٽ رکي، جي ڇوڪري انهن ڳالهين
لاءِ تيار نه ٿي ته کيس ڪاري ڪيو ويندو(ع آ اپريل
4-96).
۽ اڄ ڪلهه ته ڪارو ڪاري جو ڊرامو نه رڳو ملڪيت
ڦٻائڻ پر دشمني پاڙڻ لاءِ به رچايو ويندو آهي.
پير ڳوٺ ڀرسان ڪاروڪاريءَ جي آڙ ۾ ٻه جانيون ضايع،
جوابدار زمين تي ڪم ڪندڙ ماستر کي قتل ڪرڻ بعد گهر
ماني پچائيندڙ زال کي گهلي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي
ويا(ع آ آڪٽوبر 15-94)
ٺل ٿاڻي جي فريادي ڀٽي ۽ جعفري فرياد داخل ڪرايو
آهي ته جوابدار شاهل، نوحاف ۽ ٽلو گهر ايندي عزيز
الله ڀٽي کي بندوقن جا وار ڪري ماريو ۽ محمد رحيم
جعفري جي گهر تي حملو ڪري سندس زال مسمات شهناز کي
قتل ڪري فرار ٿي ويا ۽ ٻنهي فريادين پريس ڪلب ۾
ٻڌايو ته معمولي جهيڙي سببان عزيز الله ڀٽي کي قتل
ڪيو ويو ۽ قتل کان بچڻ لاءِ شهناز کي به ماري ڪاري
ڪاريءَ جو ناٽڪ رچايو ويو، جيتوڻيڪ محمد رحيم
جعفري جي چوڻ موجب سندس نهايت نيڪ ۽ پارسا عورت
هئي(ع آ 96)
اها عورت جا پنهنجي گهر وارن جي دشمني سببان اغوا
ٿيندي آهي، واپسيءَ تي گهر وارن جي هٿان ئي قتل
ٿيندي آهي ۽ عورت کي ڪاري ڪري ماريندڙ نه رڳو سندس
ويجها عزيز جهڙوڪ پيءُ يا ڀاءُ پر چاچا، ماما سئوٽ
ماسات توڙي ڏور پري جا مائٽ به هوندا آهن.
رتيديرو ۾ سڳن مامن هٿان ٻه نياڻيون قتل، جوابدار
هٿيارن سوڌو گرفتار،نياڻيون گرلز هاءِ اسڪول جون
شاگردياڻيون هيون، سنڌ گيمز ڏسڻ لاءِ لاڙڪاڻي
ويون، رات جو گهر پهچي نه سگهيون، ٻئي ڏينهن
پهتيون، انهيءَ ننڍڙي ڏوهه عيوض کين ڏيڍ مهينو
هڪڙيءَ ڪوٺي ۾ واڙيو ويو، اڌ رات جوڪارتوسي پستولن
جا فائر ڪري کين قتل ڪيو ويو، ڇوڪرين جون عمريون
چوڏهن پندرهن سال هيون.(ع آ مارچ 11-59)
ڪاري ٿيندڙ عورت جي ڪا به عمر ناهي هوندي، هو عمر
جي ڪهڙي حصي ۾ به قتل ٿي سگهي ٿي.
نون سالن جي نينگري ۽ ٻارنهن سالن جو نينگر ڪارپ
جي الزام ۾ قتل، ڳڙهي خيرو ويجهو ميرانپور ۾
واردات( برسات مئي 6-95).
”نارٿ ناظم آباد ۾ پنجهتر سالا ميران خاتون ۽ پٽ
محمد صابر هٿان قتل، قاتل پٽ پاڻ کي پوليس حوالي
ڪندي چيو ته کيس شڪ هو ته هو اخلاق کان ڪريل ڪم
ڪري ٿي“(ع آ آڪٽوبر 95) ۽ هن مهذب دور جي مهذب
انسان کان ويچارا جانور به بچيل ناهن.
”ڪاري جي الزام ۾ گڏهه قتل، رتوديرو ۾ ٽن ڇوڪرن
هڪڙي گڏهه سان بدفعلي پئي ڪئي، گڏهه جي مالڪ چڙ
مان فائر ڪري گڏهه کي ماري ڇڏيو، گڏهه جا عاشق
ڇوڪرا فرار ٿي ويا“(ع آ جولاءِ 2-96)
روايت آهي ته ڪاري تي نه فاتح ٿيندي آهي ۽ نه تڏو
پوندو آهي، نه کيس ڪفن ڏبو آهي ۽ نه وري جنازي
نماز ٿيندي آهي.
ڪاري ڪرڻ جا به ڪيترائي مختلف دستور ٿين، روايت
آهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪن علائقن ۾ ڪاري ٿيندڙ عورت کي
ڳاڙهو وڳو پارايو ويندو آهي، هٿن تي ميندي لڳائبي
آهي ۽ پوءِ فجر سان درياه ڪناري آڻي گولين يا
ڪهاڙين جو بک بڻايو ويندي آهي.
ڪجهه علائقن ۾ وري ڇوڪريءَ کي جبل تي وٺي وڃي سندس
مڻڪو ڀڃيوويندوآهي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪاري
ڪندڙ عورت سان نهايت وحشتناڪ ڪارروائي ڪئي ويندي
آهي.
سانگهڙ لڳ ڳوٺ حمزو لسڪاڻي ۾ هڪ عورت کي ڳوٺ جي
وڏيري اغوا ڪرايو، عورت جي پٽ ۽ ڀاءُ پريس ڪلب ۾
صحافين اڳيان دانهيو، نتيجي ۾ ڪجهه چڱا مڙس وچ ۾
آيا، ٻانهن واپس پٽ ۽ ڀاءُ حوالي ڪئي وئي، انهيءَ
عورت کي سندس پٽ ۽ڀاءُ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ
کان اڳ سندس وار ڪوڙيا، ڪن وڍيو، نڪ ڪپيو، ڪهاڙين
جا ڳن هڻي ڏند ڀڳا، جيت مار زهريلي دوا به پياري ۽
پوءِ ڪهاڙين جا وار ڪري ختم ڪيو(ع آ اپريل 12-95).
هن مهذب دور ۾ جڏهن اسان ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ
وارا آهيون، عورت اڃا به ان ساڳي مقام تي بيٺل آهي
۽ باوجود ايڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي اڃا به عورت اتي
آهي، جتان هن هلڻ شروع ڪيو هو ۽ ان جو سبب شايد
اهو آهي ته عورت فطري طور امن پسند آهي، ڏاڍ،
ڏهڪاءُ کي ننديندڙ آهي، عورت جي امن پسندي سبب ارڪ
فروم نهايت سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو آهي ته عورت ٻار
پيدا ڪري ٿي، پيدائش واري مادي کي رحم ۾ رکي ٿي،
ان ڪري فطرت جي وڌيڪ ويجهو آهي ۽ ان جي برعڪس مرد،
فطرت کان دور هوندو آهي ۽ پنهنجن اصولن ۽ خيالن جي
دنيا بنائيندو آهي ته جيئن فطرت جي جاءِ والاري
سگهي، ڪٽنب ۾ ٻار،ماءُ سان محبت ڪندو آهي، جڏهن ته
پيءُ جي اطاعت ڪندو آهي ۽ ان کان بغاوت به ڪندو
آهي، ماءُ سان سندس رشتو فطري هوندو آهي، جڏهن ته
پيءُ سان دنياوي ماءُ جي محبت غير مشروط هوندي آهي
۽ پيءُ جي توقعاتي .(م ع-26).
بهرحا عورت جي انهيءَ ڪمزوري عورت کي ڪمزور ڪيو
آهي ۽ مرد جي دنيادار طبيعت عورت کي قابو ڪيو آهي.
مددي مواد
ڪتاب:
1. آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند(1992ع )قديم سنڌ
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ.
2. تگه عبدالحميد پروفيسر(1980) ”عمراني اصول
اور پاڪستاني معاشره“ نذر سنز 221 سرڪلر روڊ اردو
بازار لاهور.
3. تنوير جهان(اپريل 1989ع) انساني تهذيب ڪا
ارتقا، مڪتبه فڪر و دانش لاهور.
4. پٽيل، رشيده(1981) پاڪستان عورت ڪي سماجي
اور قانوني حيثيت، اپوا 67 بي گارڊن روڊ ڪراچي.
5. چوڌري غلام رسول 1988ع ”مذاهب عالم ڪا
تقابلي جائزه“ علمي ڪتاب خانه، ڪبير اسٽريٽ اردو
بازار لاهور.
6. سبط حسن 1979ع ”ماضي ڪي مزار“ ملڪ نوراني،
مڪتبه دانيال وڪٽوريه روڊ ڪراچي 3.
7. مبارڪ علي، ڊاڪٽر 1993ع ”تاريخ اور عورت“
فڪش هائوس 18 مزنگ روڊ لاهور.
8. مغل، سڪندر ڊاڪٽر (جون 1985ع) ارتقا جي
ڪهاڻي، سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي لاهور.
9. ندوي سيد سليمان، ”سيرت النبي-جلد ششم “
ناشران قرآن لميٽيڊ اردو بازار لاهور.
رسالا:
”سائنس ڊائجسٽ“ آگسٽ سيپٽمبر 1987ع ”ابن بطوطه هند
وسنڌ ۾ “ 207 الهور چئمبرس پريڊي اسٽريٽ صدر
ڪراچي.
”سرتيون “ جولاءِ کان سيپٽمبر 1990ع” مغربي عورت
جي جدوجهد جي مختصر تاريخ“ سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو.
”شي“ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1990ع ”عورت جبر مسلسل ڪي
سنگين داستان“ نيو سينٽر بلاڪ سيڪنڊ فلور، هاڪي
اسٽيڊيم لياقت بيرڪس ،ڪراچي 4.
اخبار:
”روازانه عوامي آواز“ سال 1994، 1995 ۽ 1996ع
مارئي پبليڪيشن پرائيوٽ لميٽيڊ چوٿين ماڙ نامڪو
سينٽر، ڪيمپيبل اسٽريٽ نيو چالي ڪراچي.
رپورٽ:
''Violence Against Woman''
By Gilbert Hiawalyer,
Claire Smart,
Margaret Feton,
Antje van Roeden,
Shrine Produced Mohaghpour, June Nash.
ڪهاڻيون
ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته مان ڪهاڻي لکڻ ئي
نه ٿو چاهيان، پوءِ به لکي ويهندو آهيان، هر واري
ڪهاڻي کان ڏنڀجڻ کانپوءِ مان ڪهاڻي سان کيڏندو
آهيان يا ڪهاڻي مون سان کيڏندي
آهي،
اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪار قسم جي ڪا به شيءَ حائل
ڪانهي، منهنجو ۽ ڪهاڻي جو رومانس پاڻ ۾ ڪنهن به
ڪاروبار يا ڪارونهوار کان سواءِ هلندو اچي،
انتهائي بيزار ٿي پوءِ کان پوءِ مان ڪهاڻي سان
پيار ڪيو آهي، مان ان کي ڪنهن به قيمت تي نه ڇڏي
سگهيون آهيان ۽ نه ڇڏي سگهندس، ادب ۾ لمبي ساهي ته
پٽي سگهجي ٿي پر
Resign
ڪري نه ٿي سگهجي، شعر، افساو، ناٽڪ، ناول لکڻ
اميراڻو ذوق آهي.
ادب جي تاريخ تي نظر ڦهلائينداسين ته مهاڀارت جي
سرجڻهار ويد دياس کان وٺي هومر، ڪاليداس، شيڪسپيرئ
کان ويندي شاهه لطيف تائين گوئٽي کان وٺي
ليوٽالسٽائي ۽ ٽئگور سڀ اميراڻا ٻارهئا، غالب به
هڪ نواب جو ٻار هو پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾
ڪيئن ٽپي پيس !... هاڻ نڀائجي ته نڀائجي ڪيئن؟ هن
پل صراط جهڙي ترار تان هلندي پاڻ ڪيئن سنڀالجي،
مٿان باهه۽ هيٺان لاوي جو ساگر پيو ڇلي، موت کان
سواءِ ڪٿي نه ختم ٿيندڙ سفر.
علي بابا |