.تون اسان جي ٽولي ۾ نه ايندي ڪري اها ٽولي رڳو
ڪنوارين جي آ، تنهنجو وهانءُ ٿيو آ، جيتُو جي جسم
تي لفظن ڪونڀٽڻ جي ڪاٺين جا ڏنڀ ڏناهئا، تڏهن هن
به .”نڪا هيئن، نڪا هونئن“ ڪندي چوٽي مان جهلي
اهڙي پٽ سان سهلي کي هيئن هيائين، جو نرڙ سڄي پيو
هو، تڏهن جيتُو خار مان چيو: سس هل ڙي هل: امان
چوي ٿي بادشاهه ايندو، تون ڪير ٿيندي آهين وهانءُ
ڪرائڻ واري “؟
سهلي ڏندن کي پاڻ ۾ پهندي ڍرڪاڻ لاءِ چيو:”ها
...... ها...... وهان ٿيو آ، ڀيملي ڀڙوئي سان !“
جيتُو جي نيڻن مان نير وهڻ لڳا هئا ۽ هوءَ سڏڪي
پئي هئي ۽ سڏڪندي سڏڪندي ماءُ وٽ دانهڻ لڳي هئي،
ته پالي چيو.
وري ڇا ٿيو ؟
جيتُو اکيون مهٽيندي چيو :”امان ! هو چون ٿيون،
تهو هت ايندي نه ڪر، تنهنجو وهانءُ ٿيل آ “
پالي جو اندر ڪنهن اونهي کاهي ۾ ڪرندي ڪجهه چوڻ
کان اڳ، منهن موٰڙي چڪو هو، پوءِ به جيتُو ماءُ جي
اندر ۾ نوهنڍاڙون هڻندي چيو.
”امان.... انهن کي چئو ته منهنجو وهانءُ نه ٿيو آ
“.
پالي جي لاءِ آزمائش جو اهڙو زهريلو پيالو سامهون
هو، جنهن کي پيئڻ هن جي وس ۾ نه هو، جيتو ڀڻڪندي
پالي جي خاموشي کي ٽوڙيندي وري چيو.
”امان..... بادشاهه ڏسڻ مهل اسان جا مٿا ته ڪو نه
ٽڪرائبا “.
”نه ڌيءَ ڇو ٽڪرائبا “
پالي جي تصور ۾ ڏُوڏي سان لائون لهڻ وقت مٿا
ٽڪرائڻ جي ڳالهه ياد آئي ته جيتُو وري چيو.
امان! بادشاهه ڪڏهن ايندو؟
پالي تسلي بخش جواب ڏنو ”ڌيءَ تنهنجي قسمت آ “.
جيتُو اڃا ٻارنهن سالن جي عمر واري چائنٺ تي پير
رکيا هئا ته سندن ساهرن طرفان پهرئين ڪاري پوتي
آئي هئي، جيتُو اهو ڏسندي پنهنجي بدن مان ٺڪا
نڪرندي، اهڙي آهه ڀري هئي، ڄڻ نسن جو رت سڪڻ سان
گڏ هڏيون چمڙي سميت ڪنهن زور آور ڇڪڻ شروع ڪيون
هجن ۽ ايذاءَ، اهنج ۽ اوپرائپ جا سڀ رستا هن طرف
اچڻ لڳا هئا پوءِ به بادشاهه جي ڊگهي انتظار هن جا
نيڻ سڪائي ڇڏيا هئا، ماءُ جون آٿتون هُن اڳيان ڀرم
وڃائي چڪيون هيون، پر به وقت جي وير هن کي زندگي
جي ويران رستن تي رولڻ لڳي هئي، ساهرن جيڪي به
جيتُو لاءِ ڪپڙا آندا هئا، اهي گهڻا تڻا اُن جا
ٺهيل هئا، جيتُو جون سهائي راتون اماسيل راتين طرف
ڌڪيندي ساهرن ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي، چوڏهين جهڙي
ملوڪ جيتُو جي چونئري ڦيرڻ جي رات به چوڏهين مقرر
ٿي، نيٺ گهٽجي گهٽجي پنهنجي منزل تي پڳا، جيتو جا
مهندي رتا هٿڙا ٿيا، سهيلين ڳيچ ڳايا، جيتُو کي
لڳو بادشاهه اچڻ جي اها ئي رسم هوندي آهي ۽ انهيءَ
کان پوءِ بادشاهه ڏسڻ ۾ ايندو، ائين راتيون کٽجي،
ساهرن طرفان موڪليل رڍن جي ان مان ٺهيل اوني ڪپڙن
تي پڳيون، ساهرن پالي هٿان جيتُو لاءِ ڪارا ڪپڙا
وڌايا ته جيتُو چيو:
”امان..... انهن کي ڇا ڪريان ؟“
جيتُو جي اکين جو رت سڪڻ لڳو هو ۽ هن ڪنهن ڪنڊ ۾
ڪپڙا اڇلڻ لاءِ ماءُ کي منٿ ڪئي هئي ته پالي چيو:
ڌيءَ: اهي توکي پائڻا آهن.
”امان بادشاهه ته ڪو نه آيو آهي، انهيءَ کان اڳ
اهي ڇو ٿي ڏين “؟ جيتُو اڃا به سوڳ لاهيندڙ ڪنهن
جي انتظار ۾ هئي ته پالي چيو:”ڌيءَ اهي ڪپڙا پاءُ
ته اجهو بادشاهه آيو “.
جيتُو ماءُ جي وچڙل ڳالهه ۾ ڪلو نه آئي ۽ ڪارو ويس
ڪو نه ڪيائين، ڄڃ ٻاهر دهل وڄڻ سان واڌائي ڏئي چڪي
آهي، پر هو انهن رنگين پراڻن ڪپڙن ۾ چونئري اندر
سهيلين جي گهيري ۾ هوندي، ڪنڊ پاسي رکيل ڪپڙن کي
ڏسندي پنهنجي ماءُ برادري سان مزاحمت ڪرڻ جو سوچي
رهي هئي ته ميگهراج جي جتي جي ڪڙ ڪڙاٽ ٻڌڻ ۾ آئي ۽
هن پاڙي جي وڏي هوندي جيتُو جي مٿي تي هٿ رکندي
چيو.
”ڌيءَ ڪارو ويس پاءَ ته تو کي تنهنجي بادشاهه سان
ملايون “.
”پر چاچا! امان ته چوندي آهي “؟ جيتُو تڙپ مان چيو
ته وري ميگهراج جواب ڏنو.
”ڌيءَ ائين نه هو!“ تون جنهن بادشاهه جي انتظار ۾
آهين، اهو اڃان به اچڻ ۾ ڪي جڳ لائيندو .
جيتُو ڪارن ڪپڙن ۾ ڌٻندي هٿ وڌا ۽ پاڻ کي سهيلين
جي ٽولي مان ٽرندي اهڙي زهر جو ڍڪ شروع ڪري ڏنو
هو، جنهن جي چئني طرفن خاموشي ديرو ڄمائي ڇڏيو هو،
جيتُو جي گولاڙن وانگي پڪل جوسي تي رنگين ڪپڙن جي
جاءِ تي ڪارن ڪپڙن ٻک وڌا هئا ته هو پنهنجي جيون
بادشاهه ڀيمي سان گڏ چوئنريءَ جا ڦيرا ڦرندي ڪاري
ويس ۾ پاڻ کي ڪانهياري محسوس ڪرڻ لڳي ۽ ٻنهي جا
ريتن رسمن جي ڪري مٿا ٽڪرايا ويا، اهو لڪاءُ تارن
ڏسي خاموشي اختيار ڪندي سهائي رات کي مهڻا ڏنا ته
جيتُو کي لڳو ته ماءُ سچ چيو هو ”بادشاهه ايندو
مٿا صرف پنهنجي جيون بادشاهه سان ٽڪرائبا نه ڪنهن
ٻئي ڪنهن سان “ ۽ جيتُو اڳيان اهڙو بادشاهه هو،
جيڪو جيتُو جو سرير ڪارن ڪپڙن مان آزاد ڪرائي نه
سگهيو، پر انهن ڪپڙن تي احساستي گل هڻائي پاڻ سان
گڏ، پنهنجي گهر وٺي وڃڻ مهل هن کي ڪارونجهر، فطرت
۽ مورن ڏسي ماٺ اختيار ڪئي هئي.
جيتُو رات جو پنهنجي ور سان سيج رمي، نسون سڄائي
ساجهر اٿي ٻاهر اڱڻ آئي هئي ته ڪاري وڳي ۾ ويڙهيل
هوندي اکيون ڪارونجهر فطرت ۽ مورتن جي ماٺار طرف
تاڻجي ويون، ان مهل ڪارونجهر لڄ وچان پنهنجي وجود
تي ڌنڌ جي چادر اوڍي، ملوڪ جيتُو سان نظرون ملائي
نه سگهيو هو پوءِ به جيتُوبار بار ڪارونجهر طرف
ڏٺو، پر ڏُونگر جيتُوجي ڀيمي سان ميلاپي حرڪت تي
ڏکايل هو، جيتُو انهيءَ هوندي به پنهنجي جسم تي
پاتل ڪاري ڊريس تي هٿ ڦيرو ته رڍن جي ان وارا
ڪپڙا، مهندي رتا هٿ هن کي ٿوهرن جي ڪنڊن جهڙا لڳا.
هن وري لوڻو هڻندي فطرت طرف جانچ ڪئي ته سونهن جا
ڦورو، فطرت کي جواني ۾ ڦري ويا هئا، مورن جي ٽهوڪن
جي خاموشي تي ڄڻ بندوقن جا برسٽ هلايا ويا هجن
پوءِ به جيتُو گهڙي گهڙي ڪارونجهر طرف جاچ ڪئي،
مگر ڏونگر جي محبت ڀري نظر پنهنجي طرف نه ڏسندي هن
ڪجهه سوچيو ته پالي جا اهي لفظ ذهن تي آيا ۽ هن
ڪارونجهر کي ماءُ وانگي معيار ڏيندي چيو.
”ڏونگريا ڏ ور ڀلا، آگڙ جائو تو پاڻا “.
”ڪارونجهر تون پري کان سٺولڳندو آهين پر تنهنجي
ويجهو وڃبو ته تنهنجي ئي وجود ۾ رڳو پٿر ڀريل آهن
“.
ڏکيا لفظ
کهراڻ=لسو نه هجڻ
مڌرا= مٺا
ڪڙلا، ڪاٻيا، هاڙلا ۽ واڙلا= اهي سڀ هٿن ۽ پيرن
لاءِ چاندي جا ٺاهيل زيور هوندا آهن، جيڪي پارڪر ۾
عورتون پائين ٿيون
امر چوڙو= اهو چوڙو رٻارين کان سواءِ ڪو به پارڪر
جو قبيلو نه ٿو پائي ، اهو چوڙو هاٿي جي ڏندن کي
ڳارڻ کان پوءِ ٺاهيون ويندو آهي.
وانڍيو= ننڍو ڳوٺ، جنهن کي پارڪر ۾ وانڍيو چون ٿا.
پٽيل=چڱو مڙس
کڙپيل= تمام گهڻو پوڙهو، گهڻو ڳالهائڻ واري کي چون
ٿا.
تاجوئا= قديم، رسم، جيڪا اڪثر ڪري رٻاري ۽ ڪولهي
عورتن ۽ مردن پنهنجن هٿن ٻانهن، ڪلهن تي سينگار
لاءِ چمڙي کي ٽنبي انهن ۾ ڪوئلي جو ٻورو ڀري
ڇڏيندا آهن، اهي نشان پڪا ٿيندا آهن، ته ڳاڙهو
سائو رنگ اختيار ڪندا آهن تن کي تاجوئا چون ٿا،
اهي نشان اٺ، وڇون، گل ۽ ٽڪندي جي صورت ۾
کنياويندا آهن.
ڏونگر=جبل.
آگڙ=ويجهو
پاڻا=پٿر، پهاڻ.
ڪنٺي= رٻار ۽ ڪولهي عورتون ڳچي ۾ پائن ٿيون، جيڪا
رنگين مڻين جي ٺهيل هوندي آهي.
پٺارڪ= وزن واري هڙ، جيڪا پٺن تي کڻبي آهي.
کلڪوڙا= بار بار کلڻ.
کارئي آن ڇڄي= ٿر جي چوڻي، جيڪا مينهن وسڻ يا
زوردار هوا تي واري اڏامي تنهن لاءِ استعمال ڪن
ٿا، انهيءَ جو مطلب اهو به آهي ته تمام ڪا شيءَ
گهڻي ٿي پوڻ.
پولو= رٻاري ۽ ڪولهي ڪنواريون ڇوڪريون چولي طور
استعمال ڪن ٿيون.
ارڻي جو گل= ٿر جو او خوبصورت گل، جنهن ۾ هلڪي
خوشبو به هوندي آهي، اهو ٻوٽو پارڪر ۾ تمام گهڻو
ٿئي ٿو انهيءَ جي سنهي ڏانڍي چونئرن ۾ استعمال ڪئي
ويندي آهي، انهيءَ گل جي سڪڻ کانپوءِ انهيءَ گل
مان ننڍي مک جنم وٺندي آهي، جيڪا ”ٻڳ“ جي نالي سان
مشهور آهي، اها مک اڪثر جانورن تي ويهندي آهي .
الميو ڀمر
=
سٺو ٿي پوڻ
/
ڪنهن ڳالهه جو جواب ملڻ کانپوءِ هليو وڃڻ .
گنات ڪرجي جاڻيو ، پاڻي پئجي ڇاڻيو
=
ٿر جي چوڻي چوندا آهن نياڻي جو مڱڻو ڪرڻ مهل
ڇوڪر جا مائٽ پرکڻ ضروري آهن، پاڻي پيئڻ وقت ڇاڻڻ
ضروري آهي.
ٻڙڌڪ= هل هنگامو.
ڀوئنچال= ڪنهن ڳالهه تي زور وٺرائڻ لاءِ گهڻي
پرچار ڪرڻ.
سارس= خوبصورت پکي جو نالو.
ٽوڀا= پاڻي جا دٻا
چوئنرو= ٿر جو ڪکائون گهر.
وارتا= ڳالهه.
پئنچات= راڄ جا ماڻهو.
سرنگهو ۽ ڪونڀٽ= ٻئي ٿر جا وڻ آهن.
اليڪرا سليڪرا= ميرا ۽ صاف ماڻهو.
زور آور= طاقتور
وچڙيل= واضح نه ٿيڻ.
ٺيٺاٺيٺ= مڪمل ڪنهن شيءَ جو جواب.
سيلرو=پٽڪنوار جو گل، جنهن جي ڊگهي ڏانڍي ٿيندي
آهي ۽ گل گلابي رنگن جا ٿين ٿا.
ڇڪين جو ڇيهه= ڳالهه جو ختم ٿيڻ.
ڀانت ڀانت= مختلف قسمن جا ماڻهو.
ڪوٽيون ۽ ٺوسيا= چاندي جا زيور جيڪي مرد پائين ٿا،
خاص ڪري رٻاري قوم ۾ رسم طور استعمال ڪيا وڃن ٿا.
ڪڙيا= سفيد ڪپڙن جي سندري، جيڪا رٻارين جي ڊريس
طور استعمال ٿئي ٿي.
جهوڪ ڄمائي ويهڻ= ٿانيڪو ٿي ويهڻ.
ڪڏڻي کي گهنڍي ٻڌڻ= چوڻ عام طور تي ڳئون جيڪا
ڪڏندي آهي، انهي جي ڪنڌ ۾ گهنڍي ٻڌڻ، وڌيڪ چيڙائڻ
جي برابر هوندو آهي.
اڪبر لغاري
آئون انسان آهيان
مون کي ڪجهه خبر نه آهي ته آئون ڇا آهيان،
ڪٿان آيو آهيان، ڪهڙي مذهب، ملڪ ۽ قوم سان واسطو
رکان ٿو، مون کي ڪجهه خبر ناهي.
مون جڏهن هوش سنڀاليو هو ته پنهنجو پاڻ کي درياءَ
جي ڪناري تي ٺهيل هڪ جهوپڙي ۾ ڏٺو، جتي مون کي
پالڻ وارو هڪ پوڙهو ماڻهو هو، جنهن جي چهري تي
گهاٽي اڇي ڏاڙهي هئي، هومنهنجي چڱي سار سنڀال
لهندو هو ۽ منهنجي ۽ پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ جهنگ
مان شڪار ڪري ايندو هو، اسان ٻئي ان کي پچائي
کايئندا هئاسين.
جڏهن آئون ڪجهه وڏ ٿيس ته پاڻ به شڪار ڪرڻ لڳس ۽
شڪار ڪرڻ لاءِ پري پري تائين وڃڻ لڳس، مون ڏٺو ته
اها هڪ سرسبز وادي هئي، جنهن ۾ جبل هئا، گل بوٽا
هئا، نديون هيون ۽ کوڙ سارا جانور ۽ پکي هئا،
جيڪي سڀ منهنجا دوست هئا، ؟ آئون جنهن پوڙهي ماڻهو
وٽ رهندو هوس، سو گونگو هو، ان جو نتيجو اهو ٿيو
جو جوان ٿيڻ تائين مون ڪو به لفظ نه ٻڌو، جنهنڪري
آئون به گونگو ئي هوندو هوس جيتوڻيڪ آئون مختلف
آواز ڪڍي سگهندو هوس، پر اهي ڪنهن به انساني ٻولي
جا لفظ نه هئا، ان دور ۾ آئون ڏاڍو رليو هوس ۽پري
پري تائين گهميو هوس، پر مون کي مون جهڙي مخلوق
ڪٿي به نظر نه آئي هئي، اهو پوڙهو مون کي اشارن ئي
اشارون ۾ سمجهائيندو هو، ته اسان جهڙي مخلوق ٻي به
آهي، جيڪا تمام پري رهي ٿي.
سردين ۾ اسان هڪ ويجهڙي غار ۾ رهندا هئاسي ۽
جانورن جون کلون پائيندا هئاسين، ان پوڙهي جي
انداز مان لڳندو هو ته هو مون سان تمام گهڻو پيار
ڪندو هو.
هڪ ڏينهن آئون جيئن ننڊ مان اٿيس ته من ان پوڙهي
کي مئل ڏٺو، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا
ڪريان، نيٺ آئون ان کي غار ۾ کڻي ويس، جنهن ۾ اسان
سياري ۾ رهندا هئاسين، لاش کي اتي ڇڏي
آئون پنهنجي جهوپڙي ۾ موٽي آيس.وقت پنهنجي رفتار
سان گذرندو رهيو پر ان پوڙهي جي ياد من کي ڏاڍو
ستائيندي هئي، آئون اڪثر سندس اشارن ۾ چيل ڳالهين
کي ورجائيندو هو، هن اشارن ۾ چيو ته اسان جهڙي
مخلوق ٻي به آهي، جيڪا تمام پري رهي ٿي، منهني دل
۾ خواهش ٿي ته ڇو نه آئون پاڻ جهڙي مخلوق کي ڳولي
لهان، ان خواهش جي تڪميل لاءِ مون سفر جو آغاز
ڪيو، خبر ناهي ته ڪيترا ڏينهن ڪيترا مهينا گذري
ويا هئا، پر آئون مسلسل پنڌ ڪري رهيو هوس، هڪ
ڏينهن آئون تمام گهڻو ٿڪجي پيس، شڪار ڪيل گوشت جو
ٽڪر کائي ندي مان پاڻي پي، سمهي پيس.خبر ناهي ته
آئون ڪيتري دير ستو رهيس،منهنجي اک ڪن آوازن تي
کلي، آئون يڪدم اٿي ويهي رهيس، مون ڏٺو ته منهجي
چوڌاري مون جهڙي مخلوق بيٺل آهي، اهي پاڻ ۾ ۽ مون
ڏي ڏسي ڪجهه آواز ڪڍي رهيا آهن، ۽ مون ڏي اشارا به
ڪري رهيا آهن، اهي منهنجي جسم تي صرف کل ويڙهيل
ڏسي ڪافي حيران نظر اچي رهيا هئا.
نيٺ هو مون کي ٻانهن کان جهلي هڪ عمارت ڏانهن وٺي
ويا، جنهن جي مون کي پوءِ خبر پئي ته ان جو نالو
گرجا هو، ان گرجا ۾ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا،
جيڪي هڪ ماڻهو جي تمام گهڻي عزت
ڪري
رهيا هئا، ۽ ان کي ”فادر“ چئي رهيا هئا، فادر جي
مٿي تي اڇا وار هئا ۽ ان کي ڳاڙهي رنگ جو جبو پاتل
هو.
فادر مون کي انساني ٻولي سيکاري ۽ ٻڌايو ته جنهن
جاءِ ۾ اسان ويندا آهيون اها ”گرجا گهر “ آهي، هن
پوري ڪائنات کي”خدا“ ٺاهيو آهي ۽ يسوع ۽ مسيح خدا
جو فرزند آهي.فادر مون کي روزانو گرجا وٺي ويندو،
هن مون کي ڪپڙا پائڻ به سيکاري ڇڏيا ۽ کائڻ پيئڻ
جا آداب پڻ اتي آئون آهستي آهستي شين ۽ انسانن
بابت گهڻُو ڪجهه سکي رهيو هوس، فادر مون کي
بنيادي انساني جذبن ۽ جبلن جي باري ۾ به ٻڌائيندو
هو، يعني بک، جنسي خواهش، محبت، نفرت، خوشي، غم،
اتحاد، نفاق ۽ انتقام وغيره.
فادر مون کي ٻڌايو ته سندس ڳوٺ وارن جو ڪجهه ”فتني
بازن “ سان جهيڙو هلي رهيو آهي، اهي فتني باز ڀر
واري ڳوٺ ۾ رهن ٿا، انهن کان هميشه هوشيار رهڻ
گهرجي، جڏهن آئون ”جهنگلي “ مان ”انسان “ ٿي رهيو
هوس ته مون کي خبر پئي ته انسان اڪثر پيسي، زمين ۽
عورت جي ڪري هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندا آهن ۽ هڪٻئي
کي ماري به ڇڏيندا آهن، جڏهن فادر ٻڌايو ته ڀر
واري ڳوٺ وارن سان سندن ”جهيڙو “ هلي رهيو آهي،
مون فادر کان پڇيو:”فادر ڇا اهو اسان جو مال ملڪيت
ڦٻائڻ چاهين ٿا “؟
”نه “ مال ملڪيت جي ته هن کي پرواهه ئي نه آهي
“ فادر وراڻيون.
”ته پوءِ هو يقيناً اسان جي ٻنين تي قبضو ڪرڻ
چاهين ٿا “؟
”نو جيڪب نو “ فادر مون کي جيڪب سڏيندو هو.”ته ڇا
هو هن ڳوٺ جون عورتون اغوا ڪرڻ چاهين ٿا ؟“
”نه جيڪب اسان جي عورت کي هو هٿ به ڪو نه لائيندا
“.
”ته پوءِ اسان سان ڇو جهيڙو ڪرڻ چاهين ٿا “؟مون
حيرت مان پڇيو.
”جيڪب اصل ڳالهه اها آهي ته اسان ”ڪيٿوليڪ“ عيسائي
آهيون ۽ هو ”پروٽيسٽنٽ “ آهن ۽ تو کي خبر نه آهي
ته پروٽيسٽنٽ ڪيڏا وڏا خطرناڪ هوندا آهن “.آئون
فادر جي هر ڳالهه تي يقين ڪندو هوس ۽ سوچيندو هوس
ته پروٽيسٽنٽ وڏا خطرناڪ هوندا ۽ اسان کي نيست ۽
نابود ڪري ڇڏيندا.
هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ وارا ۽ پاسي جي ڳوٺ وارا پاڻ
۾ وڙهي پيا، هڪ ٻئي سان شديد نفرت هئڻ ڪري ٻنهي
ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي ويا، جهيڙي کانپوءِ
اسان جا ڳوٺاڻا لاشن تي روئي رهيا هئا، مون کي به
روئڻ اچي رهيو هو، فادر چئي رهيو هو ته ڏٺوتوهان!
آئون توهان کي هميشه چوندو هوس ته پروٽيسٽنٽ بيحد
انتها پسند آهن، هاڻي اسان انهن کي نيست نابود
ڪري ڇڏينداسين.
هونئن ته فادر مون کي هميشه سٺو لڳندو هو، پر ان
وقت من کي سٺو نه لڳي رهيو هو، منهنجي ڪچي سوچ اهو
چئي رهي هئي ته اهو سڀ ڪجهه فادر جي ڪري ٿيو
آهي، جنهن وقت مائرون پنهنجي پٽن جي لاشن تي پار
ڪڍي رهيون هيون ۽ ڀينرون وار کولي روئي رهيون
هيون ته مون کي انهن سان همدردي محسوس ٿي رهي هئي،
فادر هر هر سيني تي ڪراس جو نشان ٺاهي رهيو هو ۽
ٻيون مذهبي رسمون ادا ڪري رهيو هو.
ان واقعي مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته زر، زن، زمين
کان علاوه به جهيڙو ٿي سگهي ٿو، جهيڙي جو ڪارڻ ڇا
هو، اهو ته منهنجو ننڍڙو ذهن سمجهي نه سگهيو، پر
اهو ضرور سمجهه ۾ آيم ته ان جهيڙي ڪرائڻ ۾ فادر جو
هٿ هو، هو هر وقت ”پروٽيسٽنٽ “ ڳوٺاڻن جي خلاف
ڳالهائيندو هو ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته انهن پروٽيسٽنٽ
ڳوٺاڻن ۾ به ”فادر “ هو، جيڪو هر وقت جهيڙي لاءِ
ماحول تيار رکندو هو، ان واقعي کانپوءِ فادر مون
کي ايترو سٺو نه لڳندو هو.
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو، منهنجي زندگي جا
معمولات مقرر هئا، صبح جو اٿي گهر ۽ گرجا جي
صفائي ڪندو هوس، درياءُ تان پاڻي ڀرڻ کانپوءِ فادر
کان مذهبي تعليم وٺندو هوس، فادر ڪڏهن ڪڏهن مون کي
ڀر واري شهر ۾ به وٺي ويندو هو، جتان اسان ڪافي
سامان وٺي ايندا هئاسي، ان شهر جي رهواسين جي
باري ۾ فادر ٻڌايو ته انهن جو ايمان آهي ته هن
دنيا جا هزارين خدا آهن، اٿي پٿر کي گهڙي انهن
مان پنهنجا خدا پاڻ ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ انهن جي
پوڄا ڪندا آهن، پر انهيءَ شهر ۾ خداوند يسوع مسيح
جاپوئلڳ به جام هئا. هڪ دفعي آئون ۽ فادر ڪنهن ڪم
سان شهر وياسين اوچتو گوڙ ٿيو، ڪجهه ماڻهن جي هٿن
۾ ڏنڊا هئا ۽ ڪن جي هٿن ۾ خنجر ” ماريو......
ماريو....... نه
ڇڏيو........“
ڪجهه ماڻهو ڊوڙندا اسان ڏي آيا ۽ فادر تي لٺين جو
وسڪارو لائي ڏنائون، ڪنهن هڪ ڄڻي فادر کي پٺي ۾
خنجر هنيو، ۽ فادر دانهن ڪري ڪري پيو، مون کيس
بچائڻ جي ڏاڍي ڪوش ڪئي پر ڪجهه به نه ڪري سگهيس،
فادر منهنجي اکين جي اڳيان ڦٿڪي مري ويو.
حملو ڪندڙن مان ڪنهن پڇيو:
”ڪير آهين تو “؟
”آئون......آئون جيڪب آهيان “ مون ڊڄندي ڊڄندي
جواب ڏنو، هڪ ڄڻو مون کي مارڻ لاءِ اڳتي وڌيو پر
ٻئي ڄڻي جهلي ورتس ۽ چيائين:
”انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عيسائي وڏا چالاڪ آهن،
ڀڳوان جي پوڄارين کي لالچون ڏيئي عيسائي بنائيندا
آهن پر هي مون کي اصل عيسائي نه ٿو لڳي، يقيناً
هي هندو آهي، پر هن کي عيسائي بنايو ويو آهي “.
هو مون کي هڪ ماڻهو وٽ وٺي آيا، جنهن جو سڄو مٿو
ڪوڙيل هو، پر وارن جي هڪ ڊگهي چڳ مٿي تي لڙڪي رهي
آهي، ان ماڻهو منهنجو نالو جئه ڪمار رکيو ۽ مون کي
پنهنجي شاگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن کي چيلو
چيلو پئي چيو ويو، انهن چيلن منهنجو مٿو ڪوڙي مون
کي به گرو جهڙو ڪري ڇڏيو ۽ پائڻ لاءِ هڪ ڌوتي
ڏنائون، اسان سڀئي چيلا پنهنجي گرو وٽ سبق سکندا
هئاسين، گرو اسان کي ٻڌائيندو هو ته جڏهن هن ڌرتي
تي ظلم ۽ انڌوڪار وڌندي آهي ته ڀڳوان پنهنجا اوتار
موڪليندو آهي، جيڪي ڀڳوان جا ئي بدليل روپ هوندا
آهن.
آئون ان ماحول جو حصو بڻجي چڪو هوئس، صبح جو سوير
ندي تان سنان ڪري گڻيش ۽ ڪرشن جي مورتي کي پرنام
ڪندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن اسان ”ڪالي ماتا “ جي مندر ۾
به ويندا هئاسين، جيڪو شهر کان ڪافي پري هو، اهو
سڀ ڪجهه ڪرڻ وقت مون سان منهنجو گرو ڀائي ”موهن“
به گڏ هوندو هو،موهن تمام سٺو دوست هو، هر وقت
منهنجو خيال رکندو هو، ڪڏهن ڪڏهن آئون موهن جي گهر
به ويندو هوس ، جتي سندس ڀيڻ منهنجي ڪرائي تي راکي
ٻڌي مون کي به پنهنجو ڀاءُ ٺاهي ڇڏيو هو، هوءَ
موهن کان وڌيڪ منهنجو خيال رکندي هئي ۽ آئون به
موهن ۽ شانتي کي تمام گهڻو پيار ڏيندو هوس. |