ساگر: دوست! هن ادبي سمونڊ ۾ وڏن واتن وارا مانگر
مڇ به آهن ته ... گهڻين ٻانهن واريون آڪٽوپس
بلائون به... هت هميشه وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي
ڳڙڪائڻ جي فڪر ۾ هوندي آهي. منهنجي لکڻ جي سگهه
ڏاڍي تيز آهي. مان ”ڏات جي ڏيهه ۾“ ڏنڀ سهي لکندو
رهندس، ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ويهڻ وارن ’ادبي
ٺيڪيدارن‘ کي ڪهڙي خبر ته ٽاڪ منجھند جو واچوڙي
جيان گهوماٽيون کائيندڙ ماڻهوءَ جي ڊوڙ ڪيڏي نه
تکي هوندي آهي!
اديب: ته پوءِ اسان جي توهان کي صلاح آهي ته
پنهنجون آکاڻيون ۽ ناٽڪ اسان کي ڏيو ته اسان توهان
جا مجموعا ڇپي مارڪيٽ ۾ آڻيون.
ساگر: سڄي عمر دوستن جي دلاسن ۽ آسرن تي تڳيو
آهيان! آرسي ٽٽڻ کان پوءِ هر ٽڪري ۾ جدا جدا عڪس
نظر ايندو آ. سڄي عمر آرسيءَ جي اولڙن پٺيان
ڊوڙندو رهيو آهيان...
پر هَڙُ حاصل ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن توهان منهنجا مجموعا
ڇپڻ چاهيو ٿا ته پوءِ مون کي ايڊوانس گهرجي... ٻه
ٽي سؤ رپيا.
اديب: ساگر صاحب معاف ڪندا هن وقت مون وٽ کيسي ۾
فقط ڏهه رپيا آهن.
(اديب ساگر کان موڪلائي نڪري وڃي ٿو. ساگر وهه
جهڙي مرڪ مرڪي ٿو...)
(6)
ان ڊور- ڏينهن ويلا
ايڊيٽر جي آفيس
(ايڊيٽر ارشد پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي اوچتو ساگر اندر
ٿئي ٿو.)
ساگر: مهل ۾ يار ئي ڪم ايندا آهن. ڪيئن ارشد؟
ارشد: هلو ساگر، هيڏانهن اچي ويهه.
ساگر: ويهڻ ڪونه آيو آهيان يار، منهنجون ڪجھ
ڪهاڻيون تو وٽ رکيل آهن، تو انهن جو ڇا ڪيو؟
ارشد: يار، اهي ڪهاڻيون ته مون خاص نمبر لاءِ
رکيون آهن.
ساگر: جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرين ته مون کي انهن ڪهاڻين
جا پئسا ڏي!
ارشد: يار خبر اٿئي ته رسالي جي سرڪيوليشن پوري
ساري
آ. ايندڙ پرچي لاءِ ڪاغذ گهرايو اٿم، پريس جو ٻيو
سامان...
ساگر: مان توکان وڌيڪ نه، فقط ٻن ڪهاڻين جا پئسا
وٺڻ چاهيان ٿو. منهنجي ننڍڙي سخت بيمار آهي...
ساگر: ته پوءِ ڪهاڻيون واپس ڪر، ڇاڪاڻ ته مان هڪ
اداري سان ڪانٽريڪٽ ڪري چڪو آهيان، جيڪڏهن تون مون
کي ڪهاڻيون ڏيندين ته مون کي ٿڏي تي پئسا ملي
ويندا.
ارشد: خاص نمبر نڪرڻ تائين انتظار ڪر يار، پوءِ
پئسا ئي پئسا آهن.
ساگر: منهنجي ڌيءَ جي حياتي تنهنجي خاص نمبر واري
پرچي کان وڌيڪ قيمتي آهي ارشد! مان اڄ يا پئسا وٺي
ويندس يا ڪهاڻيون.
ارشد: مون وٽ هن وقت نه پئسا آهن ۽ نه ئي توکي
ڪهاڻيون ملنديون.
ساگر: ته مان هتان هٿين خالي واپس ڪونه ويندس.
(ارشد ڪروڌ مان ساگر ڏي ڏسي ٿو)
ساگر: ڏس ارشد، منهنجي مجبوري تنهنجي مجبوريءَ کان
وڌيڪ ڳؤري آهي. ان لاءِ جيڪڏهن تو وٽ پئسا نه آهن،
ته ڪٿان به هٿ ڪري ڏي... ڪڏهن ڪڏهن سنگت ۾ وهي
وڃبو آ يار...
ارشد: مون وٽ ڪا ڌراوت رکي آ، جو توکي ڏيندس...
ساگر: مان هتان پئسن وٺڻ کان سواءِ هرگز نه ويندس.
ارشد: مان توکي ڌڪا ڏئي ڪڍرائي ڇڏيندس. اڙي هن کي
ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍو.
(ارشد ڪروڌ مان اٿي ساگر کي ڳچيءَ کان جھلي نوڪر
کي سڏي ٿو.)
(نوڪر حيران ٿي.)
نوڪر: هي ته ساگر صاحب آهي سائين!
ارشد: ته پوءِ ڇا ٿي پيو... ڪڍوس ٻاهر...
(ساگر تي بي انتها ڪاوڙ جا دؤرا چڙهن ٿا. گريبان
ڇڏائي، ارشد کي ڌڪو ڏئي ٿو، ۽ آفيس ۾ چرين وانگر
ڊاهه ڊوهه ڪري ٿو.)
ارشد: اڙي ڏسو ڇاٿا ڌڪا ڏئي ڪڍوس هتان...
ساگر: مسٽر ايڊيٽر...! تون هڪ رسالي جو ايڊيٽر ٿي
به مون کي نه سڃاڻي سگهيو آهين. تنهنجي هنن ملازمن
کي اها ته خبر آهي نه، ته مان ڪير آهيان.
Cut
(7)
انڊور- ڏينهن ويلا
(ساگر ٿڪل وياڪل گهر ۾ داخل ٿئي ٿو)
جنت: پئسن جو بلو ڪيئي اڙي، ڇوڪريءَ کي ڪنهن داڪدر
وٽ کڻي وڃ... اڄ ته کائڻ لاءِ گهر ۾ ڪڻو به ڪونهي.
ساگر: منهنجو مٿو نه کاءِ، جڏهن اچ ڪِر ڪر لايو
ويٺي آهين.
(پاڻي پيئڻ لاءِ دلن وٽ اچي ٿو، پر دلا به خالي
آهن، هڪ دلو کڻي پوري زور سان پٽ تي اڇلي ٿو.)
جنت: ڇاجي ڀڃ ڊاهه لاتي اٿئي!
ساگر: ڪڙڪو نه ڪر، دلا پاڻيءَ جا ڀري رکندي ٻيئڙ
ٿو چڙهئي!!
سپي: بابا...
(بيمار سپي ساگر کي سڏي ٿي.)
(سپيءَ جو آواز ٻڌندي ئي ساگر جو سڄو ڪروڌ ڪافور
ٿي وڃي ٿو، ۽ ڪنهن ٻوڏار ۾ هليو وڃي ٿو،
O/L
۾ سندس آواز اڀري ٿو.)
ساگر: اڄ مان هڪ دوست وٽ تنهنجي دوا لاءِ پئسا وٺڻ
ويو هوس ڌيءَ، منهنجي دوست مون کي ڏاڍو مانُ ڏنو.
سپي: ڇا پيو سوچين بابا؟
(ساگر ڇرڪي پوي ٿو ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو هجي، لوهه
پائي سپيءَ جي کٽ وٽ اچي ٿو.)
ساگر: هان! تون ڳڻتي نه ڪر ڌيءَ، مان تنهنجي لاءِ
کوڙ پئسا ڪمائيندس. توکي سٺي ڊاڪٽر وٽ نيندس. کوڙ
رانديڪا به وٺي ڏيندس. هوائي جهاز، موٽر ڪار، هيلي
ڪاپٽر، ٽرين... خبر اٿئي ٽرين ڪيئن هلندي آ
پٽ...او هيئن هيئن، ڇُۡڪ... ڇُڪ.
(ساگر ننڍڙي ٻار وانگر وات سان ڇُڪ ڇُڪ ڪندو، ٽرين
وانگر وسل وڄائيندو پنهنجي ڪمري ۾ اچي ڦهڪو ڪري کٽ
تي ڪري پوي ٿو، عذاب واري ڪيفيت محسوس ڪري لُڇي
پُڇي ٿو.)
Cut
(8)
انڊور- ڏينهن ويلا
(فلمساز جميل جي آفيس، سيٺ جميل جي ڪرسيءَ جي
پويان چند فلمي اسٽل فوٽوز ۽ چند پوسٽر لڳل آهن،
سيٺ جميل پنهنجي وڏي ٽيبل تي ويٺو آهي. اڻ کٽ
ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، ساگر جو دوست اڪبر به
ويٺو آهي.)
ساگر: توهان جنهن اسٽوري لاءِ چئي رهيا آهيو جميل
صاحب، مان ان بابت سوچي به نه ٿو سگهان. هڪ اهڙي
ڪهاڻي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه آهي. مان
ڄاڻان ٿو، عوام اهڙيون فلمون ڏاڍي چاهه سان ڏسي
ٿو، ۽ اهڙين فلمن ڏسڻ سان ڪو هڙ حاصل نه آهي...
اهڙيون فلمون ڏيکاري، سماج کي سلو پوائزن ڪري بي
موت مارڻو آهي!
جميل: پر ساگر صاحب، مون توهان جي اسڪرپٽ ۾ معمولي
ڦير گهير ڪرڻ گهري آ!
ساگر: ذهني پورهيو ڪري مون هي اسڪرپٽ لکيو آ سيٺ
صاحب، هن اسڪرپٽ مان هڪ لفظ جي ڦير گهير منهنجي
تن جي تند ٽٽڻ برابر آهي.
(ساگر اٿي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو فائيل ڪڇ ۾ ڪري وڃڻ لڳي
ٿو، سيٺ جميل ۽ اڪبر هن کي روڪڻ لاءِ اٿن ٿا.)
جميل: ويهو ويهو ساگر صاحب ايترا جذباتي نه ٿيو،
توهان اسان جي ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو مارڪيٽ
ويليو جي لحاظ سان پبلڪ چوائس کي ته ڏسڻو ئي آهي
نه! توهان چاهيو ته مان توهان کي هن اسڪرپٽ تي
ايڊوانس...
ساگر: منهنجي ننڍڙي ڌيءَ سخت بيمار آهي سيٺ صاحب،
پنهنجي پٽ کي ڪاليج ۾ ايڊميشن وٺي ڏيڻي اٿم، پر
پوءِ به مان ان سلسلي ۾ ڪا سوديبازي نه ڪندس...
اڪبر: توهان هن دنيا جا ماڻهو آهيو ساگر صاحب پر
توهان ڳالهيون اهڙيون ٿا ڪريو، ڄڻ توهان هن ڌرتيءَ
جا ماڻهو ئي نه آهيو!
ساگر: اسين سڀ ڌرتي جا ماڻهو آهيون اڪبر صاحب، مان
رائيٽر آهيان، چاهيان ته مان فڪشن تي زبردست
اسٽوري لکي سگهان ٿو. اسين سڀ پولاري ماڻهو آهيون،
ڌرتيءَ جيڪا ڪنهن ٿوڻيءَ تي بيٺل ڪونهي. ڌرتي هن
وايو منڊل ۾ ترندڙ هڪ گرهه آهي!
اڪبر: پر ساگر...
ساگر: ڌرتيءَ تي رهي ڌرتيءَ وارن جون ڳالهيون
لکڻيون آهن. مان توهان جي ڳالهين ۾ اچي ڳاڙها ساوا
نوٽ ڏسي، ماڻهن سان دوکيبازي، دولاب نه ڪندس.
جميل: ساگر صاحب، توهان اسان جي ڳالهه کي سمجھو.
”ڏات جي ڏيهه“ ۾ جتي جميل جهڙا سيٺيا، اڪبر جهڙا
خود غرض دوست ۽ ارشد جهڙا ڪروڌي ايڊيٽر آهن، اُتي
ساگر لطيف جهڙا اڏول ليکڪ به آهن- فن کي پنهنجي
زندگي ارپڻ جي باوجود به ليکڪ کي اُجوري ۽ بُک ۽
بيروزگاري ئي پلئه پوي ٿي؛ ڪهاڻيون هُن جي پٽ کي
ڪاليج ۾ داخلا نٿيون وٺي ڏئي سگهن؛ ناول هن جي
بيمار ڌيءَ لاءِ دوا نٿا بڻجي سگهن ۽ هڪ حساس ليکڪ
اهو سڀ پُسي جهِجهي جهُري ٿو پوي ۽ ادبي سمونڊ جي
مانگر مڇن ۽ آڪٽوپس بلائن جو بُک بڻجي ٿو وڃي- هتي
ان ٽي. وي ناٽڪ جون ڪجهه تصويرون ڏيئي رهيا
آهيون. - ادارو
جنان- جنت (ممتاز ڪنول) اوجاڳا ۽ اوسيئڙا جنهن جو
ڀاڳ آهن- بُک ۽ بيماري جنهن جي گهر جون ڀاتي آهن.
سِپي (بي بي سنگيتا) ماءُ سان. گُڏين، رانديڪن ۽
سٺن ڪپڙن پهرڻ جي وَهِي- ۽ اها ئي وهِي هن لاءِ
موت جي وَهِي آهي.
ساگر لطيف (محمود صديقي). هڪ عظيم ليکڪ. ساري
انسانيت جي سُک- سُڪار لاءِ جاکوڙيندڙ؛ پر پنهنجي
پياري سِپيءَ لاءِ وٽس دوا جا پئسا به ناهن.
سِپيءَ جي موت تي هو پنهنجي لکڻين کي تيلي ڏيکاري،
پاڻ به کامي پڄري کلي ٿو- روئي ٿو...
ساگر: منهنجا ڪردار ننگن ناچ ۽ گانن کان ڪوهين ڏور
هن ڌرتيءَ جا ڏک ڏولاوا شاهه سائين جي ڏوهيڙن سان
ڳائيندا؛ ڇاڪاڻ ته منهنجا ڪردار مڪر ۽ فريب کان
آجا... سچ جا ساٿياري آهن. خدا حافظ...
(ساگر بي صبر ٿي وڃڻ لڳي ٿو، پر اڪبر کيس چنبڙي
پوي ٿو، پر ساگر لوهه پائي نڪري وڃي ٿو.)
اڪبر: هليوويو.
جميل: عجيب ماڻهو آ...
Cut
(9)
انڊور- ڏينهن ويلا
زاهد جو گهر
(ساگر پنهنجي دوست زاهد جي گهر ويٺل آهي، ڪجھ
نوجوان ڪمري ۾ داخل ٿين ٿا، سڀ کيس مانائتي نموني
ملن ٿا، ساگر به نوجوانن سان ڏاڍي شفقت سان پيش
اچي ٿو)
ساگر: اچو ... ادا ... اچو ... ويهو- زاهد صاحب ته
ٻارن سان سکر ويل آهي ادا...
هڪ نوجوان: لطيف ساگرصاحب، اسان توهان سان ئي ملڻ
آيا آهيون.
ساگر: ڀلي ڪري آيا.
نوجوان: سائين، اسان وڏي پئماني تي هڪ فنڪشن ڪرائي
رهيا آهيون.
ساگر: ڀلي فنڪشن ڪرايو ادا- ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.
نوجوان: توهان اسان کي هڪ ڊرامون لکي ڏيو، اسان
اهو اسٽيج تي پيش ڪندا سون...۽ ...
ساگر: بابا، اڄڪلهه مان ڏاڍو پريشان آهيان ۽ ان
پريشانيءَ جي ڪري، لکڻ جو موڊ ئي نٿو ٿئي.
نوجوان: ساگر صاحب، توهان اسان جي پوري ڳالهه ته
ٻڌو ... اسان جي فنڪشن ۾ اسٽيج ٿيندڙ توهان جو
لکيل ڊرامو اسان ٽڪيٽ سيل ڪري ٽن ڏينهن تائين
خوشيءَ سان هلايون ۽...
ساگر: بابا، چيم نه ته اڄڪلهه مان پريشان آهيان.
مان ان سلسلي ۾ شايد ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهان.
نوجوان: سائين، اسان کي سڄي خبر آهي ته توهان
اڄڪلهه بيحد پريشان آهيو؛ اسان سوچيو آهي ته توهان
جي ڊرامي جي نماءٌ کان پوءِ سيل ٿيندڙ ٽڪيٽن جي
سموري رقم، توهان کي امداد طور ڏيون.
(اهي لفظ ٻڌي، ساگر آپي کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو)
ساگر: جي...؟ توهان منهنجي مدد ڪرڻ ٿا چاهيو!
منهنجي لکيل ڊرامي مان پيدا ٿيندڙ رقم مون کي
امداد طور ڏيندؤ! مان ڪو پنان ٿو؟ آئي ايم ناٽ
بيگر جينٽلمينز! نڪري وڃو هتان...
(10)
رات ويلا
(ساگر پنهنجي ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي- جنان
سپيءَ جي کٽ تي ويٺل آهي)
جنت: روز ڀري ڪاڳرن جي ساڻ ڪري ٻاهر وڃي ٿو رُلين،
سکڻيون ٽنگون هڻي، خالي واپس ورندي ڪجھ ورئي به
ٿو- تون اسان لاءِ آهين پر نه جهڙو؛ ڇوڪري هٿن مان
ٿي وڃي؛ پر توکي ڪو جھوٻوئي نٿو اچي... خدا جي
واسطي ٻارڙيءَ لاءِ ڪجھ ڪر. اسان ته تنهنجي حساب ۾
سڄي عمر لوڙيو آ؛ پر هن ٻار تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو
آ-؟
(روئڻهارڪي ٿي)
اسان ته بکن ۾ پاهه ٿي پورا ٿيا آهيون. ان لکڻ کان
ته وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪرين ها. ڌيءَ بيمار پئي آهي،
پٽ پڙهڻ کان رد لڳو گهر ويٺو آهي،گهر ۾ کائڻ لاءِ
ڪڻو ڪونهي، تون ته ٻه ٻه- ٽي ٽي ڏينهن گهر کان
ٻاهر رهي، پنهنجو پيٽ ڀريو ويٺو آهين؛ پر اسان جي
توکي ڪا ڳڻتي ڪانه ٿي ٿئي ته پٺيان ماڻهو ڇڏي آيو
آهيان، مئا ڪي بچيا؟ انهن ڏکن ڏسڻ کان ته چڱو آ ته
اسان سڀني کي زهر جي پُڙي ڏئي سمهاري ڇڏ، پوءِ
جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن هليو وڃ.
(جنت جو روئڻ تيز ٿي وڃي ٿو. هوءَ سڏڪا ڀريندي،
روئڻ روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي)
ساگر: ڪڏهن ڪڏهن تون سچ چوندي آهين جنان! سڄي عمر
جي سٿ ۾ تو منهنجو ساٿ ڏنو، پر مون ڪڏهن به توکي
سک نه ڏنو... پر مان توکي ڪيئن سمجھايان جنان، ته
مان ”ڏات جي ڏيهه ۾“ ڏوهياري آهيان. منهنجو ڏوهه
رڳو اهو آهي ته مان اڃان جيئرو آهيان، مون کي ته
اڄ تائين مري وڃڻ کپندو هو؛ پر مان اڃان مرڻ نٿو
چاهيان جنان! مان جيئندس! تنهنجي لاءِ، واجد لاءِ،
ساهه کان پياري سپيءَ لاءِ، ديس واسين لاءِ، سڀني
لاءِ!! مان، ڪارونجھر جيان جھرندي به اڏول
آهيان... مان اڏول آهيان.
Cut
(11)
انڊور- ڏينهن ويلا
سيٺ جميل جي آفيس
(ساگر آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو. جميل کيس ڏسندي اٿي
بيهي ٿو- ساگر ويهي ٿو، سندس چهري تي ڪٺور گنڀيرتا
آهي)
ساگر: السلام عليڪم سيٺ صاحب!
سيٺ جميل: وعليڪم سلام ساگر صاحب اچو هيڏانهن ٿي
ويهو.
ساگر: مان ڪهاڻي جا سين بدلائڻ لاءِ تيار آهيان،
پر مون کي پئسا ٿڏي تي کپن.
جميل: او ييس- واءِ ناٽ!
جميل: ها، ته ساگر صاحب! هي سين جيڪو منهنجي
سامهون آهي، تنهن ۾ توهان گهريلو هيروئن تي
پابنديءَ سبب،هيرو جي ياد ۾ سئڊ سانگ، منهنجو مطلب
آهي، ته ڪو درديلو گيت ڳارائيندي ڏيکاريو.
(صفحو اٿلائي)
۽ هن سين ۾ چانڊوڪي رات جو، هيرو هيروئن جي لڪ
چوريءَ ملاقات ۽ هڪ ڊوئيٽ يعني دوگانو ڳارائيندي
ڏيکاريو-
آئي ڳالهه سمجھ ۾ ۽ هي پنج سؤ
رپيا ايڊوانس، جيڪي توهان هاڻي وٺي ڇڏيو.
(وِ هُه گاڏئين لهجي ۾، اٿندي)
ساگر: ٿينڪ يو...مان چند ڏينهن اندر توهان کي
اسٽوري ڪمپليٽ ڪري پهچائيندس خدا حافظ...
(آفيس مان نڪري وڃي ٿو)
Cut
(12)
آئوٽ ڊور- ڏينهن ويلا
(ساگر پئسا وٺي سمنڊ جي ڪناري تي اچي ٿو. سمنڊ جو
ڇوليون الرون ڪري، هڪٻئي پٺيان ڇپڪو ڪري واپس ورن
ٿيون. ساگر سمنڊ جي ڪناري هڪ ماڻهوءَ کي ننڍڙي
بيبيءَ سان راند ڪندي ڏسي ٿو- ننڍي بيبيءَ جي جاءِ
تي کيس پنهنجي بيمار ڌي سپيءَ جو تصور اچي ٿو.
ساگر سپيءَ کي سمونڊ جي ڪناري واريءَ جا گهرڙا
ٺاهيندي ڏسي ٿو. ڪيتري دير هو سمنڊ جي ڪناري تي گم
سم ويٺو آهي)
Cut
(13)
انڊور- رات ويلا
(ساگر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ گهر ۾ پير پائي ٿو ته
جنان جي روئڻ پار ڪڍڻ جا آواز سندس ڪنن تي پون ٿا.
ساگر پنهنجي مٿان ڄڻ وڄ ڪرندي محسوس ڪري ٿو، آندل
رانديڪا سندس هٿن مان ڇڏائجي وڃن ٿا)
جنان: هاءِ منهنجي ٻچڙي ... اسان کان رسي وئي-
بابا ...بابا ڪندي هلي ويئي... هاڻي ڪيڏانهن ويون
تنهنجون ڪهاڻيون...
(اوور ليپ ۾ سپيءَ جا آواز پڙاڏو ڪري اڀرن ٿا)
سپيءَ جو آواز: بابا ... تون ڪيڏانهن هليو وئين...
مون توکي ياد ڏاڍو ڪيو بابا... تون ڪيڏانهن هليو
وئين بابا... تون ڪنو آن...
تون مون کي ڇڏي هليو وئين... تون ڪنو بابا
آن...بابا...تون ڪيڏانهن هليو وئين...تون ڪنو بابا
آن...تون ڪنو آن...
(ساگر، سپيءَ جو خالي بسترو ڏسي ٿو. جنان مسلسل سڏ
ڪندي رهي ٿي. ايڪو ۾ سپيءَ جو سڏ اُڀري ٿو)
بابا...آ...آ...آ...
(خالي کٽ جي ڀر ۾ خالي پٽ تي ويهي رهي ٿو- ڪي
ڳالهيون کيس ياد اچن ٿيون. واجد پيءُ کي ڏسي کيس
ڀاڪر پائي روئي ٿو)
واجد: بابا- سپي اسان کان رسي ويئي بابا... سپي
اسان کان رسي ويئي-
Cut
(14)
انڊور- رات ويلا
(ننڍڙي سپيءَ جي ڪُمهلي موت تي ساگر چن ٻرندڙ جبل
جيان ڦاٽي پوي ٿو- هو ڪمري ۾ اچي پنهنجي ورهين جي
محنت سان لکيل ناول ۽ ڪهاڻين جا مسودا باهه ۾
اڇلائي ڇڏي ٿو- ۽ چرين وانگر وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي
ٿو... کلندي کلندي روئي ٿو. باهه ۾ ٻرندڙ ڪهاڻين
جيان، پاڻ به سڙي، کامي پڄري ٿو... ساگر جي اڌ
چرين واري ڪيفيت سان). |