سڄي سنگت جڏهن پنهنجو پنهنجو سڪار ڍوئي جڏهن وير
لکمير وٽ پهتي، تڏهن به هو ائين گم سم ويٺو هو، ڄڻ
پاڻ به ڪوئي وڻ هجي! ٻي سنگت ته شڪار کي کلڻ ٺاهڻ،
ڪاٺين ڪٺين ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي؛ پر سوڍو ۽ سارنگ
ڏانهس لڙي آيا. سوڍي کي سڌ هئي ته وير لکمير وارا
پور به درياهه وارا پور آهن:
”وير لکمير، اڄ تو آڏو شڪار جو ڍير لڳل ڪينهي؟
تنهنجو تير ته ڪڏهن نه گُٿو!“
”اڄ مون ڪو تير چُٽيو ئي ڪينهي.“
”توکي ڪهڙن ڳاراڻن ڳاريو آهي؟“ سارنگ پڇيو.
”پرار وڃڻ وارن.“
”ٻڌو اٿئون ته هيل ساوڻي ميڙو به واهه جو لڳندو،
ڪيئن سوڍل!“
”ها، راڄ- ڌڻيءَ ويرين تي سوڀ پاتي آهي نه--- ۽
هيل ڇيريل سانن واري ويڙهه به ڪا ويڙهه ٿيندي!
ڏسجين ويٺو راڄ- ڌڻي پاڻ به پر ۾ لهندو.“
”هن ڄمار ۾!“ سارنگ کي ڄڻ ويساهه نه آيو.
”واهه يار، راڄ ڌڻي اڃان هاڻ ته رُڪ جي راند رمي
آيو آهي!“
وير لکمير ٻنهي کي نه ٻڌي رهيو هو. هو ڄڻ پرار
پهچي ويو هو.
”انهيءَ جھيڙي ۾ پاڻ کي ڇونه سڏ ٿيو؟“ سارنگ ڪمان
تان زهه لاهڻ لڳو.
”ڇاڪاڻ ته وير لکمير ڪڏهن به سڏ لاءِ ناهي ترسندو.
ٽيون ور جڏهن ڪڪرالي جي اُتر ۾ ويرين جا سر کڄيا
هئا، تڏهن وير لکمير جي لوڙهه سندن مٿا مڃ ڪري
ڇڏيا هئا---۽ جڏهن راڄ- ڌڻي اُتي پڳو هو تڏهن اسان
ئي سندس آجيان ڪئي هئي!“
”ها، ۽ راڄ-ڌڻيءَ وير لکمير کي هٿ نه ٺارڻ جو
ڏوراپو ڏنو هو.“ سارنگ ڪلهي تي زرهه چاڙهي ڇڏي ۽
سوڍو خنجر ڪڍي ڪاتر جي گولائي کي ٺيڪ ڪرڻ لڳو.
”وير لکمير“، سارنگ کيس ڏوري تي مُڪ وهائي ڪڍي.
“هيل سُهائين ۾ ئي پرار ڀيڙا ٿيندا سين.“
”نه!“
۽ هنن ڄاتو ٿي ته، وير لکمير جي نه جهڙو ڪر سندس
ئي ڪمان مان ڇوڙيل تير جنهن کي وائڻ وئٿ هو!
پوءِ به سندس آڏو ڏڦي جيان اُڀو ٿي بيهجي ويو:
”ڇو نه؟“
هيل آءٌ راڄ- ڌڻيءَ جا پير ڇهڻ نه وڃي رهيو
آهيان“. وير لکمير سوڍي جي اکين ۾ اکيون کپائي
ڇڏيون.
”اسان جي ابن ڏاڏن تنهنجي گهر تان سر گهورڻ جو وچن
ڪيو هو وير لکمير! ماءُ ته اسان کي تو مٿان مري
پاڻ ملهائڻ جي پينگهي ۾ ئي لولي ڏني آهي، تون ته
اسان جو ڇٽ آهين، جيڪڏهن تنهنجي ويرين کي ڪجھ ٿيو،
ته مائرون اسان کي ٿڃ به نه بخشينديون!“
”سوڍل سچ ٿو چوي وير لکمير! تو سوا ته سڄي لکميري
سڃ هوندي ۽ تون اسان کي هن سڃ ۾ ڇڏي هيڪل پرار
اُسهي رهيو آهين!“
”هن ڀرڪي آءٌ چاؤل پاڏي لاءِ وڃي رهيو آهيان؛ ان
ڪري هيڪل ئي وڃي رهيو آهيان- هيءَ سڄي لکميري
منهنجي سر سمان آهي، ان جي رکواليءَ لاءِ اوهان کي
ڇڏي رهيو آهيان.
”هڪ ڀيري اڳي به تون مِهاڳ وٺي هيڪل پرار اُسهيو
هوئين ۽ تڏهن ئي چاؤل پاڏو ويرين جي ور چڙهي ويو
هو، ڪيئن سارنگ!“
”ها- ۽ اها به سڻس پئي آهي ته...؟“
”ڪهڙي سڻس پئي آهي.؟“ وير لکمير اُتاولو ٿي ويو.
”ته ڪڪرالي جي اُتر وارن، جيڪي ڌاريان ئي ڌاريان
آهن؛ جو اصل شڪار تون هوئين!“
”آءٌ!؟“
”ها. تون! تنهنجي سر لڻڻ لاءِ هنن سونَ رُپي جا
ٿال آڇيا آهن، جيئن هو تنهنجي رت پنهنجي ٻوٿ تي
ملي، تو هٿان کاڌل هار جو داڳ ڌوئي سگهن!“ سوڍي
خنجر ... ۾ وڌو ۽
ڪاتر کي ڀر ڪري اڇلايائين، جيڪا سرڙاٽ ڪندي، وڻن
جون چوٽيون ڪپيندي الائي ڪٿي وڃي ڪري!
...
...
۽ اها سڻس توهان تائين ڪيئن پُڳي؟“
”اسان انهن جو ماڻهو جھليو آهي. کُرڏي پير وارو،
جيڪو تنهنجي ڪڍ پار اُڪري لکميريءَ ۾ پيهي آيو
هو.“
وير لکمير کن پل ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. اٿي ٽيلار ڪرڻ
لڳو. هڪ هڪ ڳالهه دل تي هري آيس؛ ’وچيون وچيون
هيون. هو سوئا مينهن جا گوئا هڻي، ڦن کي ڇوڙي سري
آڏي ٻانهن ڏيئي سمهي پيو هو... کيس ائين لڳو هو ڄڻ
مٽيءَ جو لَپو اچي مٿان پيو هجي؛ هو جاڳي پيو
هو... ۽ سندس چوڌاري ڌُڌڙ جو بادل هو... جڏهن اهو
بادل جھڪو ٿيو، ته مال ٽڙپکڙ ٿي چڪو هو--- ۽ پاڏي
کي جهڙوڪر زمين ڳهي وئي هئي...!‘ هو سوڍي جي
سامهون ٿي بيٺو:
”۽ اها ڳالهه توهان مون کي ڇونه سُڻائي؟“ هن جي
گهري گهور سوڍي کان سٺي نه ٿي ۽ هو ڌرتي تي نيڻ
کُپائي بيهي رهيو. وير لمير سارنگ ڏانهن لڙي ويو ۽
ڪلهي کان ڌونڌاڙيائينس.
”مون کان انهيءَ ڳالهه لڪائڻ جو ڪارڻ؟“ سارنگ کان
ورندي نه پائي هو پائي رٿ ڏانهن هلڻ لڳو هو:
”۽ توهان کي جانورن جي پارت هجي؛ ڪجھ مون لاءِ به
ٽاري ڇڏجو.“ پوءِ هنن وير لکمير کي رڳو واڳون
وڻندي ڏٺو. ان ئي پل اتي ڌوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به
نه ڪين هو.
(”اتهاس“ ناول جا پهريان ڪجهه پنا)
امين ٿيٻو
هي جي ماڻهو روز مرن ٿا
ڏور وڃي پوءِ ڪين ورن ٿا
ياد ڪري ’الطاف‘ ’گدائي‘
مَن اندر ۾ مَچُ ٻرن ٿا.
مصري
(ٽيڙو)
چوڏس ٿي چانڊاڻ
شينهن جيان گجگوڙ جي
اُلريو آ مهراڻ.
سحر امداد
ناسُور
پليٽ فارم تي رش آهي، گوڙ آهي. ڏاڍو ٻارن جو روڄ،
وڏن جا کين ماٺ ڪرائڻ لاءِ دڙڪا دهمان، ڇڙٻون،
گهورڙين جا هوڪا، هڪ پائيءَ لاءِ پينوئن جون
ليلڙاٽيون، ليمن سوڍا وارن جون رڙيون- اوچتو ماڻهن
۾ ٽاڪوڙو ٿو پئجي وڃي، ٽرين پليٽ فارم تي اچي رهي
آهي. قلي سامان کڻڻ لاءِ ڊوڙي رهيا آهن. جيڪي گهڻي
سامان ۽ عيال سان آهن، اهي ئي وڌيڪ دانهين به رهيا
آهن. کين زال ۽ ٻارن جي اون کان وڌيڪ ان قليءَ جي
ڪڍ وڃڻ جو فڪر آهي، جيڪو سندن سامان ڍوئي، ڪنهن
ڪمپارٽمنٽ ڏانهن ڊوڙي رهيو آهي.
۽ هو پنهنجي لٺ جي سهاري ماڻهن کان بچڻ جي ڪوشش
ڪندي، اڳتي وڌي رهيو آهي. ماڻهو چڙهن پيا، لهن
پيا. چڙهڻ وارا پهرين چڙهڻ ٿا چاهين- ’متان گاڏي
ڇٽي وڃي.‘ لهڻ وارا پهرين لهڻ ٿا چاهين ’متان گاڏي
ڇٽي وڃي.‘ ۽ نتيجي ۾ جو جتي آهي، اتي ئي آهي. هرڪو
پنهنجي اِنرجي ان رستي تان ٻئي کي ڌڪي هٽائڻ تي
خرچ ڪري رهيو آهي. رڙيون، گوڙ، ڀڄ ڀڄان.
۽ هو انهيءَ پيهه ۾ ڪڏهن ڌڪجندو اڳتي ٿو هليو وڃي
۽ ڪڏهن پٺتي... ان کان اڳ جو هو ٽرين تائين پهچي،
ٽرين ڪوڪ ڏئي رڙهڻ ٿي لڳي.
ماڻهن جو گوڙ ۽ رڙيون تهائين وڌي ٿيون وڃن... ڪي
ٽرين سان گڏ ڊوڙي رهيا آهن چڙهڻ لاءِ، ڪنهن جو ٻار
رهجي ويو آهي، ڪنهن جو سامان اڃا پورو نه چڙهيو
آهي. ٻارن کي درين مان ئي اندر ويٺل مسافرن مان
ڪنهن نه ڪنهن کي مڙهايو پيو واڃي. سامان بدحواسيءَ
۾ درين مان اندر اڇلايو پيو وڃي.. ٽرين جي اسپيڊ
سان گڏ ئي ماڻهن جي ڊوڙندڙ ٽنگن جي اسپيڊ به وڌي
رهي آهي.
هو پنهنجا چيڀاٽيل، زخمي ٿي ويل پير کنيو- پرتي
ٿيندڙ ٽرين جو آواز ٻڌي رهيو آهي. ٽرين جو پل پل
پرتي ٿيندڙ ڇُڪ ڇُۡڪ ڇُڪ ڇُۡڪ جو آواز، ويجھو
ٿيندو ٺَڪ ٺَڪ ٺَۡڪ ٺَڪ جي آواز ۾ بدلجي ٿو وڃي.
پر مان هتي آيو ڇو آهيان؟
نه مان ڪيڏانهن وڃان پيو؛ نه ئي مون وٽ ڪو اچڻو
آهي...
نيٺ پنهنجي ڪمري (قبر) مان نڪتس ڇو؟
(ڪارڻ – اڪارڻ!)
ڪمرو يا ڪمري کان ٻاهر- فرق ڪهڙو ٿو پوي؟!
ساڳي اننت-اونداهي، انڌي رات: پنهنجون بي نور
اکيون ڇنڀيندي، بنا نهار جي، احساسن ۽ اُڌمن کان
پالهين اکين سان مون ڏانهن تڪيندي رهندي آهي.
منهنجو پيڇو ڪندي رهندي آهي. اها ٿڌي، يخ، ڄمي ويل
نهار
icicles
جيان منهنجي وجود ۾ لهندي ويندي آهي. ڀاسندو اٿم
اهي
icicles
ميخن جيان سَل ڪدنديون، منهنجي تند تند ۾؛ رڳ رڳ
۾؛ کپنديون پيون وڃن.
-تڏهن اها ٿڌاڻ منهنجي وجود کي ساڙڻ لڳندي آهي.
۽ مان چرين جيان پنهنجو پاڻ کي پٽيندو، ڇيڇاڙيندو،
رڙيون ريهون ڪندو، ڀڄي وڃڻ چاهيندو آهيان. اهڙي
سمي ڪمري جون اڪيلايون مون کي ڪوبه دلاسو ۽ ڏڍ نه
ڏئي سگهنديون آهن. ٿڌيون، بي جان ڀتيون هٿ وڌائي
منهنجي نراڙ کي ڇهي به نه سگهنديون آهن.
-جي وڌندو به آهي ته موت جو ٿڌو، کهرو ۽ ڪٺو هٿ ئي
وڌندو آهي.
- ۽ ڪمرو مون لاءِ تابوت بڻجي ويندو آهي؛ جنهن ۾
پل پل، کن کن لهندو ويندو آهيان مان... ۽ اهو کن
پل اننت- ڪالن تائين پکڙجي ويندو آهي.
تنهن وير ئي پنهنجي سموري سگهه سان روڪي وٺندو
آهيان، موت جي ٿڌي ۽ ڪٺور هٿ ڏانهن وڌندڙ پنهنجي
هٿ کي.
- ۽ لٺ جي لوهي مُٺ ۾ ڦٻائي ڇڏيندو آهيان.
- ٻاهر لوهه پائيندو آهيان.
گم ٿيڻ چاهيندو آهيان.
ماڻهن ۾
گوڙ ۾
پيهه ۾
- پر انڌي رات جي، اها ٿڌي، يخ، ڄمي ويل نهار
منهنجو پيڇو ڪندي رهندي آهي. مان ڀڄي ڀڄي ساڻو نست
ٿي ويندو آهيان. تڏهن به اها منهنجي وجود ساڻ
چنبڙيل ۽ چهٽيل رهندي آهي. ان ناسور جيان، جو
منهنجي جسم جو حصو نه هوندي به، جسم سان اڻهي
لاءِ، ڳنڍجي ويو آهي. جنهن مان هر پل اٿندڙ سُور
جون سُوٽون ان جي هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون
آهن. هاڻ ته خود اهو احساس به منهنجي هرديه جو اڻ
ٽٽ حصو بڻجي ويو آهي.
هو وچ پليٽ فارم تي بيٺو آهي، ائين ڄڻ هو به هن
پليٽ فارم جو ڪو حصو هجي، شيڊ جي پلر وانگيان؛
جنهن تي پا جي پڪن ۽ کانگهارن جا ليپا هئا. يا
سيمنٽ جي ان بينچ جيان جنهن تي هاڻ مانهن بدران
سڪل سڙيل، گر لڳل ڪُتو
retire
پيو ڪري. اکيون پوريو پنهنجي ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ جي
ضرب، ونڊ، ڪٽ ۾ ٻڏو پيو هو. اوچتو ڪو مسافر ڊوڙندو
(پان جو گرڙو هڻڻ بدران) ساڻس ٽڪرائجي، آٿڙجي ٿو ۽
(ٿورو شڪي ٿي: ”ساري!“ چوڻ کان سواءِ ئي) پنهنجن
ڳرن ڳرن بوٽن سان سندس پير چيڀاٽيندو، اُٻهرو
ڊوڙندو هلندو ٿو وڃي.
ٽرين ڪڏهوڪي وڃي چڪي آهي. گوڙ جھڪو ٿي ويو آهي.
...پر سچي وايو منڊل ۾ مَکين جو، بلڪل اهڙو ڄڻ گند
جي ڪنهن ڍير تي ڪوڙين مکيون مڙيل هجن، ڀڻڪو ڇو
پکڙيل آهي؟
هڪڙي مک هن جي ڪن وٽان ڀڻ ڀڻ ڪندي ڦيريون ٿي پائي.
هو هٿ جي ڇنڊڪي سان مک اُڏاري ٿو. مک وري به ڦيرو
پائي اچي ٿي...
- وايو منڊل ۾ مکين جو ڀڻڪو مون ڏانهن ڇو وڌندو
پيو اچي...
”...روڪيو ان کي...اڙي ... انهن کي روڪيو...
روڪيو...“ هو چرين جيان مکين کي هڪليندي رڙيون ڪرڻ
ٿو لڳي: ”مان ان گند جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان... مان
ان گند جو حصو ٿيڻ نٿو چاهيان...“
هو ڊوڙڻ ٿو چاهي، ان ڀڻڪي کان دور ڀڄي وڃڻ ٿو
چاهي؛ پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به ڊوڙي نٿو سگهي.
ڀاسيس ٿو ڄڻ پيرن ۾ پِڃريُون ٻڌل هجنس. جھڪي پيرن
کي ڇهي ٿو، پير رهڙيل ۽ سڄيل آهن. سنئون ٿي، ساڳي
هٿ سان لٺ کي سوگهو ڪري جھلي ٿو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ
سان، وک وک وڌندو، لٺ جي سهاري تي رستو ڳوليندو،
ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪندي، هلندو ٿو وڃي ۽ ٻاهر رستي
تائين پهچندي پهچندي سهڪي ٿو پئي...
بلقيس عارباڻي
چــوڌاري اڄ گــل ٽـڙيا
ٽاريءَ ٽاريءَ ديپ ٻريا
بسنت آئـي گهاو کڙيا
ڦُٽل چپن تي گيت ڇِڙيا
اياز عالم ابڙو
ڏات جي ڏيهه ۾
(ٽي. وي. ناٽڪ)
ڪردار
لطيف ساگر
جنان
واجد
سپي
ارشد
سيٺ جميل
اڪبر
(1)
انڊور- رات ويلا
(موسيقي)
لطيف ساگر جو گهر
(ملڪ جي مشهور ڪهاڻيڪار لطيف ساگر جي زال جنان
پنهنجي بيمار ۽ ننڍڙي ڌيءَ ”سپي“ جي ڀرسان کٽ تي
ويٺل آهي، سندس پٽ واجد کٽ تي ستل آهي ۽ ڪو ڪتاب
پڙهي رهيو آهي، ننڍڙي سپي ڪنهن ڪنهن وقت بخار جي
ڪيفيت کان ڪڻڪي ٿي.)
سپي: امان ... امان
جنان: سڀاڻي سپيءَ کي ڪنهن داڪدر (ڊاڪٽر) وٽ ضرور
کڻي وڃجو.
ساگر: هڪ فلمساز سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اميد ته
سڀاڻي پئسا ملي ويندا.
سپي: بابا...
ساگر: جيءُ ڪيان بابي کي...بابلا...
(ساگر گهڙا منجيءَ تي رکيل مٽ مان پاڻيءَ جو گلاس
ڀري پيئي ٿو.
ڌيءَ جي ويجهو اچي سندس ڀر سان پٽ تي ويهي رهي ٿو
سندس پيشاني چمي ٿو.)
سپي: بابا! توهان روز ايتري دير ڪيڏانهن ويندا
آهيو.
ساگر: ڌيءَ ... آءٌ... آءٌ آفيس ويندو آهيان نه.
سپي: آفيس ته رضيه جو پيءُ به ويندو آهي پر اهو ته
روز سويل گهر ايندو آهي، تون ته ٻه ٻه ڏينهن به
گهر ڪونه ايندو آهين.
ساگر: پٽ مون کي آفيس ۾ تمام گهڻو ڪم هوندو آهي،
ڪڏهن ڪڏهن وري ڪراچيءَ به وڃڻو پوندو آهي تنهنڪري
دير ٿي ويندي آهي نه...
سپي: بابا رضيه جو پيءُ ته رضيه لاءِ الاهي شيون
رانديڪا آڻيندو آهي پر تون ته رڳو منهنجي لاءِ
دوائون ٿو آڻين.
ساگر: تون... تون بيمار آهين نه ڌيءَ... ان لاءِ
تولاءِ دوائون ٿو آڻيان.
سپي: شيون؟
ساگر: شيون! ها! پٽ تون بيمار آهين نه تنهنڪري
ڊاڪٽرن تنهنجي لاءِ شئي کائڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي.
سپي: رڳو ڪوڙ...
(ساگر ڌي جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ٿو.
ساگر جو ڪمرو سادي ۽ سهڻي نموني سينگاريل آهي.
الماڙي ۾ ڪتاب ڍنگ سان سٿيل آهن، کٽ جي ڀرسان ٽيبل
تي فائيلن ۽ ڪاغذن جا ڍير پڻ نظر اچن ٿا، ڀت تي هڪ
ٻه پينٽنگ ۽ ڀر واري ٽيبل تي ٻه ٽي اسڪلپچر (مٽي
جا ٺهيل ماڊل) رکيل آهن، ان ڳالهه مان لطيف ساگر
جي ڪلي ماڊلنگ ۽ پنٽنگ سان ذوق هئڻ جو پتو پوي ٿو.
ويوئل ۾ سندس ماضي جو تابناڪ دؤر اڀري اچي ٿو.
]
ويوئل1
[
ايڊيٽر: ٻيلي...! رسالو تنهنجي ڪري روڪيو ويٺو
آهيان... ديري ٿي ٿئي ڪا ڪهاڻي ڏي... هن دفعي
پڙهندرن وارننگ ڏني آ، ته ايندڙ پرچي ۾ جي ”لطيف
ساگر“ جي ڪهاڻي نظر نه آئي ته رسالو ڪونه
وٺنداسين. يار بس ڪا ڪهاڻي ڏي، ڀلي ٻن صفحن تي
هجي... اڄ ٺلهو نه موٽائجانءِ... فڪر نه ڪر، مان
هونهن ئي تنهنجو قرضدار آهيان، ڪهاڻي ڏي پوءِ گڏي
حساب ڪتاب وٺجائين.
Cut
فليش بئڪ
آواز: خواتين و حضرات اڄ جي سون ورني شام ... اسان
جي... زندگي جي يادگار شام آهي جو اسين سڀ اڄ جي
شام ملڪ جي مشهور ڪهاڻيڪار لطيف ساگر سان ملهائڻ
لاءِ گڏ ٿيا آهيون، لطيف ساگر!!!
(تاڙين جو زوردار ڦهڪو آهستي آهستي فيڊ آئوٽ ٿئي
ٿو، ساگر ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿئي ٿو سندس چهري تي ڏک
جا اهڃاڻ بکن پيا (ٽائٽل ختم)
(ڪجھ نوان ڇوڪرا لطيف ساگر کي وڪوڙي ويا آهن ۽
کانئس آٽوگراف وٺي رهيا آهن...)
فليش بئڪ
هڪ نوجوان: ساگر صاحب! اسان توهانجو ڊرامون
ٽيليويزن تي ڏٺو، ڏاڍو وڻيو.
ساگر: مهرباني... مهرباني...
فليش بئڪ
(فلمساز سيٺ جميل جي آفيس)
جميل: مسٽر اڪبر توهان جي لاءِ ٻڌايو ته ساگر صاحب
هڪ عظيم ڪهاڻيڪار آهي، ماڻهن ۾ ڏاڍو نالو اٿس،
جيڪڏهن توهان فلم لاءِ ڪهاڻي لکو ته فلم ڏاڍو
ڪمائيندي، سو اسان سوچيو ته اسان توهان کان فلم
لاءِ ڪهاڻي لکايون. ساگر صاحب اسان کي مايوس نه
ڪجو.
Cut
(2)
(ساگر کٽ تي ويٺل آهي ۽ تيزيءَ سان ڪهاڻي مڪمل ڪري
ورتي اٿس. ڪهاڻي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ صفحا ڳڻي ٿو-
پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، گم ٿيل صفحا ڳولي ٿو.
کٽ تان لهي پَٽ تي مروٽيل ڪاغذ ڏسي ٿو- پوءِ پٽس
واجد کي سڏي ٿو)
ساگر: واجد...واجد...
واجد: جي بابا...
ساگر: هن ڪهاڻيءَ جا صفحا هيٺ مٿي ٿي ويا آهن ...
تو ته ڪونه ڏٺا...
واجد: نه بابا ...مون ڪونه ڏٺا.
ساگر: ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟
(ساگر زور سان زال کي سڏيندي)
ساگر: جنان ... اوجنان...
جنان: ڇاهي؟
(ساگر صفحا ڳوليندي)
ساگر: ڪهاڻيءَ جا صفحا هيٺ مٿي ٿي ويا آهن...
ڪيڏانهن ويا...!
جنت: مون کي ڪهڙي خبر ته ڪيڏانهن ويا.
ساگر: ته پوءِ زمين ڳهي وين...؟
(جنت هٻڪندي)
جنت: اڳهون پٽ تي ڪجھ لکيل ڪاڳر پيا هئا، سو
مون...
ساگر: ها ... ڇا ڪيئي انهن ڪاڳرن کي!
جنت: انهن سان باهه ٻاريم.
(ساگر ڪاوڙ ۾ رهڙ ڏيندي)
ساگر: باهه ٻارڻ لاءِ ڪهاڻي جا صفحا ساڙي ڇڏيئه...
انڌي آن ڇا؟
جنت: اڙي ته پوءِ مون کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي ڪم جا
ڪاڳر آهن، تو پاڻ ئي پٽ تي اڇليا هئا، منهنجو ڪهڙو
ڏوهه.
ساگر: ڌوڙ پئي منهن ۾... هزار دفعا جھليو اٿمانءَ
ته منهنجي ڪمري مان ڪو ڪاغذ نه کڻندي ڪر... خبر نه
آهي منهنجون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون باهه ٻارڻ لاءِ
ساڙي ٻاري ڇڏيئه نڀاڳي ... مان ته تو مان اڙجي ويو
آهيان، جنان... (جنان چڙ مان ويجھو ايندي)
جنان: اڙي ته پوءِ ڪهڙي ملڪيت جا ڪاڳر ساڙيندي
آهيانءِ...ورهين کان ڪاڳر لکندو ڪارا ڪندو ٿو
وڃين... ڪهڙا نوٽ ڪمائي ڏنا اٿئي انهن ڪاڳرن
مان... سڄي عمر پيٽ سان پٽيون ٻڏي گذاريو اٿئون...
اڙي مان چوانءِ ٿي ڪنهن سيڌ واري کي وڪڻي ڏي...
ٻارڙيءَ کي ڪنهن داڪدر وٽ کڻي وڃ.
(ساگر ڪاوڙ مان ڇڙٻيندي)
ساگر: گهڻو وات نه ڪر... ٽري وڃ اکين اڳيان...
دوزخ ئي ٻاري ڏنو اٿئي...اوهه...! عورت نه آهي،
نسورو آزار آ...
(جنت به ڪاوڙ مان کتيون ٻڌائيندي نڪري وڃي ٿي.
ساگر پٽ کي ڏسندي)
ساگر: ڏسين ٿو ماءُ جا ڪم! يار...! تنهنجي ماءُ ته
نه آهي...ڪنهن جناتي ڪهاڻيءَ جو جيئرو جاڳندو
ڪردار آ- ۽ قدرت اهو لکيو به منهنجي قسمت ۾ آ- ان
کان ته مان ائين ئي چڱو هوس...
(واجد پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي مرڪندو رهي ٿو)
Cut
(3)
رات ويلا
(ساگر ڪمري ۾ ويٺو آهي ۽ ڪجھ لکي رهيو آهي. ايتري
۾ واجد ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو- هٿ ۾ ڪو لکيل ڪاغذ
اٿس- واجد پيءَ کي ڪاغذ ڏيکاريندي)
واجد: هي ڏسو بابا... مون هڪ شعر لکيو آهي.
(ساگر شعر وٺي پڙهي ٿو ۽ اک جي پڇڙيءَ سان نهاري
ٿو)
واجد: بابا ... مان هاڻي شاعر بنجي ويندس، ها نه
بابا-!!
(ساگر واجد کي پيار ۾ سمجھائيندي کيس ڳراٽڙي پائي
ٿو)
ساگر: هرگز نه- !!! تون ... شاعر نه ٿيندين مون کي
ڏس پٽ! ... مان ڪهاڻيڪار آهيان نه، پنهنجي ملڪ جو
ڄاتل سڃاتل ڪهاڻيڪار. مون کي عظيم ڪهاڻيڪار چوندا
آهن، پر هڪ ڪهاڻيڪار بنجي مون کي ڇا مليو آهي! مون
کان پڇي ڏٺو اٿئي... ته شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيڻ لاءِ
ڪيڏا نه اڻانگا پنڌ پيچرا اڪرڻا ٿا پون، مون کي
ياد آ-
(ڪجھ ياد ڪندي)
منهنجي به پهرين ڪهاڻي هڪ رسالي ۾ ڇپي هئي... مان
ڏاڍو خوش ٿيو هوس، پر هڪ ڪهاڻيڪار ٿي...مان ..
توهان لاءِ ڪجھ به نٿو ڪري سگهان، مان توکي ان
آڙاهه ۾ نٿو ڦٽي ڪرڻ چاهيان پٽ...! جنهن ۾ مان خود
سڙي کامي پڄري رهيو آهيان...
... هي ڏس! اکر اکر ووڙي ... لفظ جوڙي... مون
ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آهن... هنن مان
ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ... اڏوهيءَ جي بک ٿي...
منهنجي اندر جيان سڙي کاڄي ويون آهن... مان ملڪ جو
ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي به... ڦرڻي ڪرسيءَ وارن
ايڊيٽرن ۽ پبلشرن وٽ ڊوڙون پائيندو رهيو آهيان.
مان توکي ادب پڙهڻ کان نه روڪيندس، پر هن صديءَ ۾
جيڪڏهن تون دنيا جي ٻين اديبن جو اثر قبول ڪري
شاعر يا اديب بنجين، سو مان نه ٿيڻ ڏيندس.
(پاڻ کي ٽٽندو محسوس ڪري ٿو... ۽ ويهي رهي ٿو..
واجد ڏسندو رهي ٿو. ساگر هن کان پنا وٺي ڦاڙي ٿو ۽
عجيب ڪيفيت طاري ٿئيس ٿي)
(ساگر ايڊيٽر جي آفيس ۾ لوهه پائي اچي ٿو. هڪ
رسالو سندس ٽيبل تي اڇليندي)
ساگر: ائين ڇاپبي آ ڪهاڻي؟ توکي ڪهڙو حق ٿو پهچي
ٿه تون منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڦير گهير ڪري پنهنجي
رسالي ۾ ڇاپ-؟ توهان کي خبر نه آهي ته منهنجي
ڪهاڻين جا ڪردار ڪيڏا نه اڏول هوندا آهن، توهان
ڪير ٿيندا آهيو منهنجي ڪردارن کي ٽوڙڻ وارا-
توهانکي انهيءَ جو احساس ڪونهي ته هڪ ڪهاڻي لکڻ
لاءِ، ڪهاڻيڪار کي ڪيڏو نه ذهني عذاب ڀوڳڻو پوي
ٿو- ۽ توهان پنهنجي جهالت سان ڦرڻين ڪرسين تي
ويهي، انهن کي ٽوڙي مروڙي اسان کي وڌيڪ ذهني عذاب
پيا رسايو- جڏهن ته توهان جا رسالا، ناول ۽ ڪتاب
اسان جي نالن جي حوالن سان کپندا آهن، خبردار جو
آئيندي ڪا ڪهاڻي گهري اٿئي... مائينڊ اٽ
(لوهه پائي دروازو کولي زور سان بند ڪري هليو وڃي
ٿو)
(4)
رات ويلا
اڪبر: ها ساگر... ننڊ ۾ ستل هئين ڇا؟
(ساگر جي ڪمري ۾ سندس دوست اڪبر ويٺو آهي ۽ چانهه
پي رهيو آهي)
ساگر: اڙي يار... اڪبر... ورهين جي اوجاڳي کان
سواءِ پاڻ کي مليو ئي ڇاهي... هي اکيون گهري ننڊ
سمهڻ لاءِ ته سڪي ويون آهن تون ڏي خبر...!
اڪبر: يار! سيٺ جميل ۽ مون ڪراچيءَ ۾ تنهنجو
انتظار ڪيو... پر تون ته اسٽوڊيو آئين ڪونه...
ڏاڍي دير لڳائي ڇڏيئي.
ساگر: ڪهڙي ماڻهوءَ سان اٽڪائي ڇڏيو اٿئي يار!
جنهن جي ڪا ڳالهه منهنجي سمجھ ۾ ئي نٿي اچي.
اڪبر: جيئن چوئي ٿو تيئن لکي ڏينس نه يار آخر
فلمساز آ... جيڪا ڳالهه ڪندو، سا پبلڪ چوائس جي
بنياد تي ڪندو.
ساگر: پر اهو ضروري ته نه آهي...جو... اڍنگن گانن
جي بنياد تي ...ٽهڪن شهڪن واري اڍنگي اسٽوري لکي
ڏيان، پنهنجو قلم به خراب ڪريان ته ايمان به. ڇا
اهو به ضروري آ ته هيرو ۽ هيروئن فلم ختم ٿيڻ کان
ٿوري دير اڳ ڊوڙندا ڊوڙندا پبلڪ پارڪ ۾ وڏو ٻک
وجھي ملن ۽ ...ڊوئيٽ ڳائين؟
اڪبر: او ساگر يار تون...!
(ساگر اٿندي)
ساگر: جياپي ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ملي يار! هن ڌرتيءَ
تي ڪونه ڪو... ڪنهن نه ڪنهن جي سڪ سانڍيو، سجاڳيءَ
۾ يا لوڪ ستي سپنا پيو ڏسندو هوندو- ڪنهن جا
ساروڻا پيو ساريندو هوندو. ڪير ٿو ڪنهن کي ملي!
اڪبر: ڇڏ يار ... اڄ ڪلهه ڪير ٿو اهريون ڳالهيون
ڏسي. بس! جيئن سيٺ جميل چوئي تيئن لکي ڏي، ٻئي هٿ
۾ ڪڙاڪيدار ڪيش وٺ.
ساگر: ڏس اڪبر... منهنجي ننڍڙي ڌيءَ بيمار آهي ۽
مون کي پنهنجي پٽ کي ڪاليج ۾...
اڪبر: سڀ ٺيڪ ٿي ويندو؛ پر يار ساگر! تو ۾ هڪڙو ڪم
پيو آهي. دل ۾ نه ڪجان... جڏهن رقم ملي وڃئي ته ان
مان چوٿون حصو مون کي ڏجان، جو مون هڪ ننڍڙو پلاٽ
خريد ڪيو آهي... مون کي پئسن جي سخت ضرورت آهي. ان
سلسلي ۾ مون سيٺ جميل سان ڳالهائي ڇڏيو آهي- ڀلا
ڪهاڻي کي ڪيستائين پهچايو اٿئي؟
ساگر: ڪهاڻي جي اڃان ڪا پڄاڻي نه ٿي منهنجا دوست!
اڪبر: ته پوءِ مڪمل ڪري وٺينس نه يار دير ڇا جي آ؟
چڱو ڀلا مان هاڻي هلان ٿو پر منهنجي ڳالهه ياد
رکجان.
(اڪبر نڪري وڃي ٿو ساگر ڪا گهڙي ڪنهن اونهي ٻوڌار
۾ هليو وڃي ٿو ۽ چپن ۾ ڀڻڪي ٿو)
ساگر: تنهنجي خريد ڪيل پلاٽ کان منهنجي ڪهاڻي جو
پلاٽ ايترو سستو ڪونهي اڪبر! ايترو سستو ڪونهي...
Cut
انڊور- ڏينهن ويلا
(ساگر جي ڪمري ۾ هڪ اديب صاحب ويٺو آهي)
ساگر: ادا...! مان توهانجي همدردي لاءِ ٿورائتو
آهيان. مون سڄي عمر رڳو ڪاغذ ڪارا نه ڪيا آهن. مون
هميشه ديس واسين لاءِ لکيو، پوءِ چاهي اُها ڪهاڻي
هجي يا فلم ان جي موٽ ۾ ادبي ادارن ۽ ديس واسين
مون کي ڇا ڏنو؟
اديب: ڀلا توهانجي ناول جو ڇا ٿيو؟
ساگر: ان کي لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم...
اديب: ڇو؟ |