سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :10

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

قاضي قادن جا بيت نئين تحقيق جي روشني ۾

”قاضي قادن نه رڳو سمن جي دؤر جو وڏي ۾ وڏو ۽ باڪمال صوفي شاعر آهي، مگر موجوده تحقيق جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌي ٻولي جو پهريون وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.“

اها راءِ اسان سورهن سال اڳ سنه 1962ع ۾ ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“ لکندي قائم ڪئي هئي، ۽ انهيءَ راءِ جو مدار قاضي قادن جي ستن بيتن تي هو، جيڪي ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ذريعي محفوظ رهجي ويا آهن. هڪ ته انهن بيتن ۾ هيئت جي لحاظ سان، ’سنڌي بيت‘ جي ارتقاء جون مڙيئي صورتون موجود آهن؛ ۽ ٻيو ته اهي اعليٰ فڪر ۽ ڳوڙهن صوفيانه نُڪتن جو آئينو آهن. انهي ڪري ئي اهي ٿورا ست بيت به قاضي قادن جي شاعرانه عظمت ۽ پاڪيزه فڪر تي آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم انهن کي بجا طور ”سنڌي ساهت جا ست چمڪندڙ تارا“ ڪري سڏيو هو.

هاڻي ستن جي بدران قاضي قادن جا سؤ کان وڌيڪ بيت دستياب ٿيا آهن، جن جي روشني ۾ قاضي قادن جي نيڪ سيرت، فڪر جي بلندي، ۽ شاعرانه عظمت کي وڌيڪ بهتر نموني ۾ پرکي پروڙي سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ صحيح نظريا قائم ڪري سگهجن ٿا. سندس بيتن جي هن نئين ذخيري کي تورڻ تڪڻ سان لازمي طور جنهن پڪي پختي نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو، سو هيءُ آهي ته بيشڪ قاضي قادن سنڌي اساسي شاعري جو ابو هو.

بيتن جو نئون ذخيرو جيڪو هاڻي هٿ آيو آهي، سو هن کان پوءِ قاضي قادن جي ڪلام جو سڀ کان وڌيڪ وڏو ۽ مکيه ماخذ ڪري ليکيو ويندو. اهو ذخيرو هند جي صوبي هريانا جي هڪ ڳوٺ ’راڻيلا ۾، دادو- پنٿي ڀڳتن جي هڪ ’مَٺ‘ (مڙَهِي) ۾ رکيل هڪ قلمي ڪتاب ۾ محفوظ هو، جنهن کي هريانوي اديب راجا رام شاستري ڳولي هٿ ڪيو هن ڪتاب ۾ قاضي قادن جا سنڌي بيت لکيل ڏسي، هن صاحب انهن بيتن کي سمجهائڻ لاءِ دهلي جي سنڌي اديبن جو سهارو روتو، ۽ انهيءَ  سلسلي ۾ هو ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، هيري جيٺلا ٺَڪر ۽ شري جئرامداس دولت رام سان مليو، ۽ پوءِ ٺڪر صاحب سان ٻه- ٽي ڏينهن سانده ويهي انهن بيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين. راجا رام شاستري جي ايتري شوق، هيري کي همتايو ۽ منجهس سنڌي ادب جي خدمت جو جذبو جاڳايو، جو هن صاحب پنهنجي ذاتي محنت ۽ لياقت، ڪن ٻين اديبن جي صلاح مشوري، ۽ سنڌي ٻولي جي محقق ۽ سڄڻ جئرامداس دولت رام جي تاڪيد ۽ آسيس سان گذريل ٻن سالن جي عرصي ۾ وڏي ڌن ۽ ڌيان سان پڙهي پروڙي، سُوڌي سنواري، انهن بيتن کي ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي سِري سان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪيو.

جس انهن اڳين ڀڳتن ساڌن کي جن قاضي قادن جا ايترا سارا بيت لکائي محفوظ ڪيا ۽ پڻ راجا رام شاستري کي، جنهن اهي ڳولي هٿ ڪيا. وڏي جس ۽ شاباس هيري ٺڪر کي، جنهن هن ذخيري جي علمي طور ڇنڊڇاڻ ڪري، خاص طرح قاضي قادن جي بيتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي صحيح پڙهڻين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پڻ انهن جي معنيٰ ۽ شرح لکي. جنهن محنت ۽ محبت سان هن سڄڻ اهو ڪشالو ڪڍيو آهي، سو قابل قدر ۽ قابل تعريف آهي.

هيري ٺڪر جو هيءَ ڪتاب ، جئرامداس دولت رام صاحب پنهنجي مهرباني سان اسانءَ ڏي سوکڙي ڪري موڪليو ۽ ان جي پڙهڻ سان دلي خوشي حاصل ٿي. ذري گھٽ پنجن سوَن سالن کان پوءِ قاضي قادن جي هيترن سارن بيتن جو هٿ اچڻ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ لاءِ هڪ نيڪ فال آهي. انهيءَ ڪري هن ناياب ذخيري تي هر نقطع نگاهه کان وڌيڪ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. دادا جئرامداس دولت رام پنهنجي دانائي واري ’مهاڳ ۾ لکيو آهي ته؛

”سنڌ ۽ هند جا عالم نه رڳو سندس (هيري ٺڪر جي) پورهئي جو نتيجو ماڻيندا، پر منجھائن جن کي ان قسم جي کوج جي سِڪ ڇِڪ آهي سي سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جي اوسر ۽ وڪاس جي اتهاس تي چڱي روشني وجھي سگھندا... هيري ٺڪر جي هن املهه پستڪ بعد پاڪستاني سنڌي عالمن کي توجھ ڪري، قاضي قاضن (قادن) جي حياتي جو تفصيل سان ’عمدو ڪتاب تيار ڪرڻ گھرجي.“

اها آڇ قبولي انهيءَ سڏ کي اوٺائبو، ۽ اميد ته وڌيڪ تحَقيق سان جدا طور اهڙو عمدو ڪتاب تيار ٿي سگھندو؛ پر پهريائين اهو ضروري آهي ته موجوده تحقيق جي روشني ۾ قاضي قادن جي بيتن جي صحيح سٽاء کي سمجھجي، ۽ انهن جي لفظن اصطلاحن معنيٰ ۽ صورتخطي تي وڌيڪ ويچار ڪجي. هيري ٺڪر جو ڪيل ڪشالو انهيءَ سلسلي ۾ هڪ بنيادي

ماخذ يا سرچشمو رهندو، وڌيڪ ڪوشش اها ڪرڻي آهي جو هن مکيه ماخذ توڙي ٻين سرچشمن جي آڌار تي، قاضي قادن جي مڙني بيتن جي جدا جدا پڙهڻين کي ڀيٽي انهن جو وڌيڪ صحيح متن قائم ڪجي. قاضي قادن جا بيت سنڌي ٻولي جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو دستاويز آهن، ۽ انهيءَ ڪري ضروري آهي ته انهيءَ دستاويز جي وڌيڪ درست ۽ صحيح صورت کي سمجھڻ ڏانهن اسان پنهنجو پورو ڌيان لڳايون. انهيءَ ڏس ۾ اسان جي طرفان هيءَ هڪ شروعاتي ڪوشش آهي، جنهن کي اڳتي اڃا به وڌيڪ تحقيق سان وڌيڪ مڪمل ۽ سهڻو ڪري سگھبو.

ڪتاب ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ لکيل قاضي قادن جا بيت

هندوستان جي صوبي هرياڻا ۾، رومتڪ شهر جي ويجھو راڻيلا نالي ڳوٺ ۾ دادو پنٿي ڀڳتن جي هڪ ’مَٺ، (مڙي يا اوتاري) ۾ هڪ وڏو دستخط پستڪ رکيل آهي، جنهن ۾ اوڻهتر سنتن ۽ ساڌن يعني فقيرن ۽ درويشن جو ڪلام لکيل آهي؛ جن مان هڪ قاضي قادن آهي. ڀڳتن جي هيءَ راڻيلا واري مڙهي، جنهن ۾ هيءُ دستخط ڪتاب’ سنتون ڪي واڻي، سانڍيل آهي. جنهن جو بنياد سنت هريداس سنه 1780ع سنبت/1723ع ۾ رکيو؛ ان وقت سندس عمر23 سال هئي. هو سوامي ننائند جو همعصر هو، جيڪو سنبت 1856/1799ع ۾ گذاري ويو. انهيءَ لحاظ سان سنبت هري داس جي حياتي وارو عرصو اندازاً 1693/1799ع سالن جي وچ وارو آهي. انهيءَ لحاظ سان هو شاهه عبداللطيف (1689-1752ع) کان ننڍو هو، ۽ انهيءَ ڪري جيڪڏهن هن قاضي قادن جا بيت لکيا يا لکايا ته اهي ’شاهه جي رسالي‘۾ آيل بيتن کان مڙيئي پوءِ وارن سالن جا ڪري ڳڻبا. سنت هريداس دادو پنٿي ڀڳت هو، يعني ته درويش دادو ديال (1544-1603ع) جي ڪنهن چيلي جو چيلو هو. خود دادو ديال پاڻ شاهه عبدالڪريم (1538-1623) کان ڪجهه ننڍو هو. ۽ ٻيو ته شاهه عبدالڪريم جي ڀيٽ ۾ هو سنڌ کان ٻاهر قاضي قادن کان پرڀرو هو. قاضي قادن جا بيت اول سنڌ ۾ مقبول پيا ۽ پوءِ ٻاهر مشهور ٿيا، ۽ سنڌ اندر اهي شاهه عبدالڪريم تائين يقيني طور پهريائين ۽ سنڌ کان ٻاهر دادو ديال تائين پوءِ پهتا هوندا. انهيءَ لحاظ سان، بيتن جي روايت (متن يا پڙهڻي) جيڪا شاهه عبدالڪريم کان شاهه عبداللطيف تائين پهتي، ساڳي انهي روايت جي ڀيٽ ۾ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڪي پختي ڄاڻبي جيڪا دادو ديال کان ڀڳت هريداس تائين پهتي.

ڀڳت هريداس جي مَٺ ۾ رکيل دستخط ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن جا بيت هيٺين عنوان سان شروع ٿين ٿا:

”ڪاجي ڪادن جِي ڪي ساکي (سنڌي)

اور  ڀي  ساڌان  ڪي  ساکي   اڪٺي.“

(يعني: قاضي قادن جي سنڌي ۾ ڪٿا (شاعري) ۽ پڻ ٻين ساڌن جي ڪٿا (شاعري) هڪ جاءِ ڪٺي ڪري لکيل.)

بيتن جو خاتمو هيٺين عبارت سان ٿئي ٿو:

”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي سمپورن سماپتہ“

يعني ’قاضي قادن جي شاعري هت پوري ٿي‘.

هن عنوان هيٺ ڏنل بيتن کي دهلي جي لائق سنڌي اديب هيري ڄيٺالال ٺڪر (جنهن کي هن کان پوءِ اسان ’مؤلف‘ ڪري لکنداسون) اصل دستخط تان پڙهي انهن جي صورتخطيءَ قائم ڪئي آهي ۽ پڻ بيتن جي معنيٰ لکي آهي. سندس اهو ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان هن سال 1978ع ۾ ڇپجي دهلي مان شايع ٿيو آهي. جيئن ته راڻيلا وارو اصل دستخط اسان جي پهچ کان ۽ هر عام اديب ۽ پڙهندڙ جي پهچ کان پري رهندو، انهي ڪري ’مؤلف‘ جو تيار ڪيل ۽ ڇپايل ڪتاب ”قاضي قادن جو ڪلام“ ئي ”سنتون ڪي واڻي“ جي بدران اسان جي مطالعي جو مکيه ماخذ رهندو، ۽ ان کي ئي قاضي قادن جي بيتن جي ڀيٽ ۽ درستي لاءِ پڙهنداسون ۽ پرکينداسون.

قاضي قادن ۽ ٻين درويشن جا گڏ لکيل بيت

مؤلف جي ڪيل محنت کان پوءِ، البت هن بنيادي قدم بعد اڳتي وک وڌائڻي آهي، ۽ ٻن مکيه ڳاليهن تي وڌيڪ ويچار ڪرڻو آهي: پهريون ته هن ذخيري ۾ ڪهڙا بيت قاضي قادن جا آهن ۽ ڪهڙا ٻين جا آهن؛ ۽ ٻيو ته انهن بيتن جون سڀ کان وڌيڪ صحيح ۽ سهڻيون پڙهڻيون ڪهڙيون ٿي ٿيون سگهن. انهن ٻنهي سوالن کي خود لائق مؤلف پنهنجي ڪتاب ۾ سهڻي نموني سان کنيو آهي ۽ گهڻي حد تائين انهن کي صاف ڪيو آهي. اسان سندس ڪيل محنت جي دلي قدر ڪندي، انهن ٻن مکيه سوالن تي قدري وڌيڪ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

هن ذخيري ۾ ڪهڙا بيت قاضي قادن جا آهن ۽ ڪهڙا بيت ٻين جا آهن- اهو بنيادي سوال انهيءَ ڪري اٿي ٿو جو خود ”سنتون ڪي واڻي“ جي اصل گڏ ڪندڙ ۽ لکندڙ، يا ان کان پوءِ ٻئي ڪاتب يا سهڻو ڪري اُتاريندڙ هنن بيتن واري باب جي مٿان صاف طور لکيو آهي ته هن باب هيٺ ”قاضي قادن ۽ ٻين“ درويشن جا بيت شامل آهن. البت هن باب جي آخر ۾ فقط قاضي قادن جو نالو ئي آندو اٿس ۽ ڄاڻايو اٿس ته ’قاضي قادن جا بيت پورا ٿيا؛ پر جتي بيت اچي پورا ٿين ٿا اتي وارا ٽي بيت قاضي قادن جا ناهن پر قاضي محمود جا آهن. هن باب جي سِري ۽ خاتمي وارين انهن عبارتن کي ويچارڻ سان هيٺين قياس جوڳن نتيجن تي پهچجي ٿو:

1.      هن باب هيٺ سڀ کان وڌيڪ ۽ گهڻي ۾ گهڻا بيت قاضي قادن جا ئي آهن، جو شروع توڙي آخر ۾ سندس نالو ئي آندل آهي.

2.     جمع ۾ بيان ڪيل ”پڻ ٻين درويشن“ (”اور ڀي ساڌان“) واري اهڃاڻ سان اها مراد وٺبي ته نه فقط هڪ يا ٻن يا ٽن، پر ان ڳاڻيٽي کان وڌيڪ درويشن جا بيت شامل آهن. فقط ٻن يا ٽن ٻين جا بيت هجن ها ته اهي گڏ ڪندڙ، قاضي قادن سان گڏ انهن جا نالا آڻي صفائي ڪري ڇڏي ها.

3.     ٽن درويشن (دادو، هلو ۽ قاضي محمود) جي پنهنجي نالي سان بيت موجود آهن، ۽ چوٿين درويش شيخ فريد جا پڻ هڪ ٻه بيت شامل آهن جن جي اصل گڏ ڪندڙ کي به خبر هوندي. پر انهن کان سواءِ ڪي ٻيت ٻين درويشن جا هئا جن جي نالن جي گڏ ڪندڙ کي پوري پڪ ڪانه هئي. انهيءَ ڪري حقيقت کي واضح ڪرڻ ۽ پاڻ تان ميار لاءِ هن خاطر جمع جو صيغو استعمال ڪري لکيائين ته هنن بيتن ۾ قاضي قادن ۽ ”پڻ ٻين درويشن“ جا بيت شامل آهن.

مؤلف پنهنجي تحقيق کي ايتري حد تائين سهڻو ڪري نباهيو آهي جو جن ٻين درويشن جي نالن سان يا بنا نالن جي بيت جيڪي هن باب هيٺ شامل آهن تن کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. سندس خيال ۾ جملي ڇهه بيت (هڪ دادو ديال جو، هڪ فريد جو هڪ هَدو جو ۽ ٽي قاضي محمود جا) اهڙا آهن جيڪي قاضي قادن جا ناهن پر ٻين جا آهن.

قاضي قادن جي بيتن کي پرکڻ جا اصول

علمي لحاظ سان هي شروعاتي تحقيق پوري مڪمل تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن ان کي ڪن علمي اصولن موجب پوري ڄاڻ سان نبيري سگهبو. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺان اصول اسان جي راءِ ۾ خاص اهيمت رکن ٿا:

پهريون اصول، ٻاهرين شاهدي

”سنتون ڪي واڻي“ جي لکجڻ واري سال کان اڳ واري دور جي سنتن، ساڌن ۽ درويشن جي سڄي ڪلام جي اسان کي ڄاڻ هجي جو اهڙا بيت جيڪي هن ذخيري ۾ بنا نالي آهن پر ٻين ذخيرن ۾ اهي ٻين درويشن جي ڪلام ۾ موجود آهن، تن کي ڌار ڪري سگهون. انهيءَ اصول موجب ئي لائق مؤلف شيخ فريد جو هڪ بيت ڌار ڪيو آهي جيڪو بنا نالي هن ذخيري ۾ شامل آهي پر ساڳئي وقت ”آدگرنٿ“ (گروگرنٿ) ۾ پڻ موجود آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو بيت پڻ ”آدم گرنٿ“ ۾ متن جي ٿوري ڦير گهير سان موجود آهي. پر ٺڪر صاحب ان کي قاضي قادن جو ڪري ليکيو آهي، مگر ٻئي اصول موجب، جيڪو اسان هيٺ ڏيون ٿا، هن بيت کي پڻ قاضي قادن جي بيتن کان ڌار ڪرڻو پوندو.

ٻيو اصول، اندروني ثابتي

هن اصول مطابق هر بيت جي اندروني سٽاء، ٻولي ۽ معنيٰ کي سامهون رکڻو آهي، ۽ سوچڻو آهي ته سٽاء ٻولي ۽ معنيٰ جي لحاظ سان هر بيت قاضي قادن جو ٿي سگهي ٿو يا نه؟ تحقيق جي لحاظ سان هي اصول، پهرئين جيترو بلڪ ان کان به ڪجهه وڌيڪ وزندار ۽ ڪارگر آهي. خاص طرح انهي ڪري جو هن ذخيري کانسواءِ ٻين ذخيرن ۾ (خاص طرح شاهه عبدالڪريم جي ’بيان العارفين‘ ۾) قاضي قادن جا صحيح ۽ پڪا پختا بيت موجود آهن جن جي سٽاء ۽ ٻولي ۽ معنيٰ کي سامهون رکي هن ذخيري جي هر بيت کي ڀيٽي سگهجي ٿو.

لائق مؤلف ۽ ٻين سڄڻن به ڪنهن حد تائين هن پوئين اصول جي پوئواري ڪئي آهي جو ”بيتن جي ٻولي جو روپ، ويا ڪرڻ جي جوڙ جڪ ۽ شبد اولي سنڌي“ کي ڌيان ۾ رکيائون، ۽ جملي هڪ سؤ ٻارهن بيت قاضي قادن جا ڪري سمجهيائون. اسان جي خيال ۾، انهن بيتن کي هن اصول جي ڪسووٽي تي وڌيڪ پرکڻ جي ضرورت اڃان باقي آهي.

اسان جي راءِ ۾ مٿين ٻن اصولن جي روشني ۾ اڃا به ڪي ٻيا وڌيڪ بيت، قاضي قادن جي ڪلام کان ڌار ٿيندا. پهرئين اصول جي پوئواري لاءِ وڌيڪ مطالعي جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ وڌيڪ وقت گهرجي. البت ٻيو اصول انهن هڪ سؤ ٻارنهن بيتن سان لڳائي، نه فقط ڪن ٻاهرين بيتن کي جدا ڪري سگهجي ٿو پر خود قاضي قادن جي بيتن جي پڙهڻين کي وڌيڪ صحيح ۽ سهڻو ڪري سگهجي ٿو.

هيٺ اسان پنهنجي محدود ڄاڻ موجب اهڙي ڪوشش ڪنداسون، پر ان کان اڳ ڪن ضروري ڳالهين ڏانهن ڇڪائينداسون. سڀ پهريائين ”سنتون ڪي واڻي“ ۾ جنهن سٽاء ۽ صورتخطي ۾ اهي بيت لکيل آهن، تنهن کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته درويش دادو ديال پاڻ قاضي قادن جي بيتن کان متاثر هو هن پاڻ پنهنجي حياتي ۾ قاضي قادن جا بيت پئي پڙهيا جنهن کان متاثر ٿي پوءِ سندس چيلن ۽ ٻالڪن انهيءَ کي ياد ڪيو يا لکيو. انهيءَ اوائلي ڏي- وٺ ۾، انهن بيتن جي پڙهڻي تي ڍاٽڪي ۽ راجسٿالي ٻولين جو رنگ چڙهيو: يعني ته لهجو بدليو ۽ ڪن لفظن جي بيهڪ بدلي.

ان بعد راجسٿاني رنگ واري روايت پنجاب (هريانا) تائين پهتي، ۽ ان تي پنجابي ٻولي جو رنگ چڙهيو، ۽ پنجابي لهجي مطابق لفظن جي موڙ سوڙ ٿي. بهرحال قاضي قادن جي وفات (1551ع) يا ان کان به اڳ جڏهن کان وٺي اهي بيت دادو ديال (1544-1603ع) تائين پهتا؛ ان بعد راجسٿاني جون حدون ٽپي پنجابي جي حدن اندر آيا، تان جو 18 صدي ۾ ڀڳت هريداس يا سندس چيلن لکيا- انهن لڳ ڀڳ ٻن صدين دوران انهن سنڌي بيتن جي لفظن ۽ عبارتن تي راجسٿاني ۽ پنجابي ٻولين جو رنگ چڙهيو. انهن بيتن تي اهو رنگ ”سنتون ڪي واڻي“ واري پڙهڻي مان ظاهر نظر اچي نظر ٿو. جڏهن رنگ لاهبو تڏهن لفظن، فقرن ۽ مصراعن جي صاف سنڌي صورت نظر ايندي.

ٻين ذخيرن ۾ آيل قاضي قادن جي بيتن مان ظاهر آهي ته قاضي قادن جي ٻولي جيتوڻيڪ ڳوڙهي آهي پر نج سنڌي آهي. البت جيڪڏهن قاضي قادن بکر ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو ته سندس ٻولي پڻ انهيءَ ڀاڱي جي مڃي سگهجي ٿي: يعني ته اها ان دؤر جي اتر يا سري واري سنڌي ٻولي هئي، جنهن سان ان آڳاٽي دؤر ۾ سرائيڪي ٻولي جي آميزش ٿي؛ پر اها اهڙي ٻولي نه هئي جو ان جي سنڌي صورت گهڻي حد تائين مٽجي وئي هجي، يا ان ۾ سنڌيءَ جو جزو ٿورو ۽ سرائيڪي جو مقدار زياده هجي. قاضي قادن جا بيت اهي ئي هوندا جن ۾ سنڌي الفاظ يا اصطلاح گهڻا ۽ سهڻا هجن. اهو بلڪل ممڪن آهي ته قاضي قادن سنڌي سان گڏ سرائيڪي ۾ پڻ بيت چيا هجن، جيتوڻيڪ ٻين ذخيرن ۾ سندس ڪوبه شعر شعر اڃا تائين نه مليو آهي، پر هن موجوده ذخيري ۾ سرائيڪي ۾ چيل ڪلام پڻ شامل آهي. اهڙي ڪلام کي ڏسبو ته ان جي سٽاء به ايتري سهڻي آهي ۽ ان جي معنيٰ پڻ ايتري اعليٰ آهي، جيترو قاضي قادن جي ٻين معلوم ۽ مشهور سنڌي بيتن جي آهي.

صاف سنڌي ٻولي ۾ چيل بيتن جي پرک فقط معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ئي ٿيندي يعني ته ڏسبو ته انهن ۾ سمايل خيال ۽ معنيٰ جو معيار ايترو بلند آهي جيترو قاضي قادن جي ٻين معلوم ۽ مشهور بيتن ۾ آهي.

”سنتون ڪي واڻي“ ۾ قاضي قادن جي بيتن کان سواءِ ڪي ٻيا شامل بيت

مٿي جن ويچارن کي ورجايو ويو آهي، تن کي ذهن ۾ رکندي، ۽ پڻ ان سان گڏ سنڌي اساسي شاعري توڙي عام سنڌي شاعري جي مشهور معروف لفظن، محاورن ۽ مثالن کي سامهون رکندي، اسان في الحال هن نتيجي تي پهچون ٿا ته ڪتاب ”قاضي قادن جي ڪلام“ ۾ انهن ڇهن بيتن کان سواءِ جيڪي مؤلف ڌار ڪيا آهن، اڃا ٻيا وڌيڪ بيت اهڙا آهن جيڪي ڌار ڪرڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته انهن جي ٻولي نرالي آهي، ۽ ٻيو ته انهن جي سٽاء، انهن جو وزن انهن جي شاعراني خوبي يا انهن جي معنيٰ جو معيار قاضي قادن جي مشهور معروف بيتن جهڙو يا جيترو ناهي. حقيقت ۾ جڏهن ’سنتون ڪي واڻي‘، اَد گرنٿ ۽ ٻين مکيه ڪتابن کي پڙهي شيخ فريد، شاهه حسين، قاضي محمود، دادو ديال ۽ ٻين اهڙن شاعرن جي بيتن کي قاضي قادن جي بيتن سان ڀيٽبو، تڏهن ئي ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچبو ته ڪهڙا بيت قاضي قادن جا ۽ ڪهڙا بيت ٻين جا آهن. في الحال جيڪو مواد اسان جي آڏو آهي، تنهن کي ڌيان ۾ رکندي اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته هڪ سؤ ٻارنهن بيت جيڪي ’قاضي قادن جي ڪلام‘ ڪتاب ۾ ڇپيا آهن، تن مان پنجٽيهه (35) بيت ڪن ٻين درويشن جا چيل آهن. انهن بيتن بابت گهٽ ۾ گهٽ ته به ائين چئبو ته اهي بالڪل شڪ گاڏئان آهن ۽ يقين سان ائين چئي ڪونه سگهبو ته ڪو قاضي قادن جا ئي آهن. هيٺ ايندڙ ٻن عنوانن هيٺ اسان انهن کي جيڪي گهڻو ڪري ٻين جا چيل آهن، ورهائي جدا ڪيو آهي، ۽ پڻ هر هڪ بيت جي صحيح صورتخطي ۽ صحيح معنيٰ بابت مختصر طور سمجهائڻي ڏني آهي.

اهي بيت جيڪي گهڻو ڪر قاضي قادن جا ناهن

جملي هڪ سؤ ٻارهن بيتن مان جيڪي ڇاپي هيٺ آيا آهن، تن مان هيٺيان 35 بيت، ٻاهِرين توڙي اندروني ثابتي مطابق گهڻو ڪري ٻين شاعرن جا چيل آهن ۽ قاضي قادن جا ناهن. اسان هيٺ انهن تي وڌيڪ روشني وجهنداسون. بيتن جي مٿان جيڪي نمبر ڏنل آهن سي ساڳيا ڇاپي وارا آهن.

[4]

[پاڻا] پڙهندو  پَئي  ويو،  ڪوڙين  لک قُرآن

لڳي   لوڪ   نه   سگهيو،  پاڻٻي  انـدر پاڻ

1-                 ڇاپي جي پهرين سٽ جي پڙهڻي ۾ لفظ ’پاڻا‘ ڪونهي، پر وزن توڙي معنيٰ جي لحاظ سان اهو ئي موزون لفظ آهي، جيڪو کُٽل آهي.

2-                پهرين سٽ شعر توڙي فڪر جي لحاظ سان سادي آهي؛ ٻيو ته قاضي قادن جهڙي عالم يقيني طور ’قرآن‘ ڪري ڪونه اچاريو هوندو. اسان جي راءِ ۾ هي درويش دادو ديال جو بيت آهي.

3-                مؤلف هن بيت جي معنيٰ صحيح ڪري لکي آهي، ۽ جيڪڏهن هيٺين طور معنيٰ ڪبي ته به سهڻي ٿيندي.

-                     - پاڻ ئي پاڻ (رڳو پنهنجي لاءِ) ڪوڙين لکين دفعا قرآن شريف پئي پڙهيائين:

-                     - هو پنهنجي آپي اندر ايترو ته غرق هو جو ٻين کي (لوڪ کي) سڃاڻي نه سگهيو.

(يا)

سڄو لوڪ (عام ماڻهو) پنهنجو پاڻ ۾ ايترو ته محو آهي، جو حق ۽ حقيقت نٿو سڃاڻي.

[14]

دَر   پُورا   گُرَ   سٻي  گهُرانّ،   حَقيـقتا   هنجههَ

ڪوڙين  هنڌان ڪَڻَ چُڳنِ، سَرَ پاڻيءَ جي منجههِ

1-                 ٻيءَ سٽ ۾ ”سر پائي جي مَنجهه“ وارو فقرو سٽاء ۾ سادو آهي. ’سر‘ (تلاءُ) آهي ئي پاڻي جو، انهيءَ ڪري ’سر منجهه‘ چئي سگهجي ٿو، پر ’سر پاڻي جي منجهه‘ ڪونه چئبو. ٻيو ته هن سٽ ۾ سمايل خيال پڻ توحيد، هيڪڙائي ۽ هڪ- مَنائي جي ابتڙ آهي.

2-                جيئن بيت بيٺل آهي، تيئن ان جي معنيٰ ٿيندي ته:

-- مون کي اهڙن گروئن جي طلب آهي جيڪي ’در پوُريا‘ آهن، يعني ٻاهريان در پوري بند ڪري، اندر ٿا ڌڻيءَ کي ياد ڪن؛

-- اهڙا گرو حقيقي هنجهن مثال آهن، جيڪي پاڻي جي تلاءَ کان ٻاهر نٿا نڪرن پر اندر ئي اندر ٽٻيون ڏيئي ڪيترين ئي جاين تان موتي ڪڻا پيا چڳن.

وڃي آيو ڪير، ڪنهن ڏٺو منهن لاهوتين

اچي  ڪندو  ڪير،  ڳالهيون رب پرتيان!

1-                 هن بيت ۾ ساڳيو قافيو ’ڪير‘ ٻه دفعا آيل آهي، ۽ شاعريءَ جي لحاظ سان اها وڏي اوڻائي آهي.

2-                هي ڪنهن ٻئي درويش جو چيل بيت آهي، ۽ ان ۾ جيڪو بچيل سوال آهي تنهن جو جواب نمبر [16] ۾ ڏنل آهي، جيڪو قاضي قادن جو آهي يا قاضي قادن جي ڪنهن همعصر اهو بيت چيو ۽ سوال پڇيو، ته اهو بيت اڃا به اڳ جي ڪنهن درويش جو هو، جو قاضي قادن ان جو سهڻو جواب ڏنو.

3-                معنيٰ صاف آهي ته:

-- اوڏهن وڃي الله وارن (لاهوتين) جو ديدار ڪري، وري موٽي ڪونه آيو آهي،

-- سو، انهن رب جي پيارن ۽ پرتلن جون ڳالهيون هٿ ڪير اچي ڪندو!

[20]

اک  اندر  سَريو،  جاڳــي  بــس  جُواڻ

منجهيڻي مَڪو ٿيو، منجهيڻي ملتاڻ

1-                 ’اک اندر کي ’انگ اندر‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ’انگ اندر‘ يعني پنهنجي جسم ۽ جان اندر، پنهنجو پاڻ ۾.’منجهيڻي‘، ’جواڻ‘ ۽ ’ملتاڻ‘ الفاظ، جنهن شاعر هي بيت چيو تنهن جي مقامي لهجي وارا اُچار آهن. هن وقت ’منجهيئي‘ چئبو.

2-                ’انگ اندر‘ پڙهڻ سان معنيٰ ٿيندي:

-- اي جوان مرد! تون سجاڳ ٿي ڏس ته تنهنجي پنهنجو پاڻ ۾ ئي سڀڪجهه سمايل آهي.

-- مڪو به تنهنجي اندر آهي ته ملتان به تنهنجي اندر آهي.

[22]

شهباز  باز  ٿيو، پَنکي نه ماري

اک کوڙي عرس ۾، لُڏي مناري.

1-                 هي بيت گهڻو ڪري دادو ديال جو آهي. ’پنکي‘ ۽ ’عرس! درويش دادو جي پنهنجي مقامي لهجي وارا اُچار آهن. دادو جي ٻين بيتن ۾ پڻ ’عرس‘ آهي. سندس هيٺيون بيت ۽ مٿيون بيت ساڳئي سلسلي جا آهن:

اٺئي  پهر  عرس  ۾  لڏندا  آهــن

دادو پَسي تن کي، اسان خبر ڏين.

2-                مؤلف بيت جي معنيٰ سهڻي ڪئي آهي ته:

-- باز (رواجي انسان) شهباز (عارف ۽ ڪامل) بڻجي پيو: هاڻي اهو پکين کي نٿو ماري (سنساري حرصن هوَسن ۾ نٿو ڦاسي)،

-- ان جي اک آڪاس ۾ کتل آهي ۽ اهو مناري تي ويهي لُڏي رهيو آهي (اهو ڌيان ۾ مگن ۽ آنند ۾ جهومي رهيو آهي).

[23]

جنهين جانِ جُداڪِي، تون مُنہّ تِنهِين پَسُ

لَتـــاڙين  لّـــتنَ  سين،  اٺئي  پهر  عَرسُ.

1-                 هن بيت ۾ سمايل خيال وڏو آهي، پر الفاظ اهڙا سهڻا ناهن جهڙا قاضي قادن جي ٻين بيتن جا آهن. پهريون ته ’عَرسُ‘ وارو قافيو ڪنهن حد تائين صحيح آهي، پر قاضي قادن جهڙو وڏ عالم ۽ داناء ’عرش‘ بدران ’عرس‘ استعمال ڪري، سو اعتبار جوڳو ناهي. ٻيو ته ’لتاڙي لتن سين‘ واري ٻولي پڻ معياري ناهي پر عامي آهي. ٽيون ته جن جان جدا ڪئي آهي ۽ جن جو اهڃاڻ ٻيءَ سٽ ۾ ڏنل آهي، تن جي ”اٺئي پهر عرش کي لتن سان لتاڙڻ“ واري عمل سان ڪا خاص معنيٰ يا ڪو خاص نتيجو نٿو نڪري: يعني ته اهو ذهن نشين نٿو ٿئي ته ڇا ٿا ڪن ۽ ڇوٿا ڪن؟ ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ’اَٺي‘ آهي، جنهن کي بهتر آهي ته ’اٺئي‘ پڙهجي.

2-                معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف هيٺين طرح لکي آهي:

-- جن پنهنجي وجود کي وڃايو آهي، تون انهن جي منهن ڏانهن نهار.

-- اهي اٺئي پهر عرش کي لتن سان لتاڙيندا رهن ٿا.

[29]

جي  لوڙيندي  نه  لَهانّ، اَلوڙيندي ڍير،

توڙي ڏسڻ سونهٻڻي، اَنّبانّ تُل نه ٻير.

1.                  هي بيت صاف سرائڪي ۾ آهي. سٽاء جي لحاظ سان جيتوڻيڪ سهڻو آهي، پر معنيٰ دنيا ئي وهنوار واري آهي ۽ ان ۾ ڪوبه والهانه يا عرفانه خيال سمايل ڪونهي. معنيٰ عام مشهور مثال واري آهي ته ”ٽوهه ڏسڻ جا سهڻا“ يا ”انبن جو مٽ انبڙيون نه ٿينديون“. اسان جي راءِ ۾ هي بيت قاضي قادن جو ناهي.

2.                 معنيٰ ته:

اهي (ظاهري سڄڻ ته) ضرورت وقت ڳولهي به نٿو لهي سگهان؛ باقي جڏهن ضرورت ناهي تڏهن ڍڳ لڳي ٿا وڃن (گهڻائي موجود ٿي ٿا وڃن.)

اهي جيتوڻيڪ ڏسڻ جا سهڻا آهن، پر ڪو (لال ڳاڙها سهڻا) ٻير، انبن جي مٽ ٿيندا (جيڪي رنگ ۾ ايڏا لال ناهن)!

[30]

سوني سَر پ  نه  لوڙيان،  جي  لوڙيان  تان  لَک،

مون تنهان سندي بک، جنهين مستڪ مَڻبي بَلبي.

1.                  ڇاپي مطابق ٻي سٽ ۾ پڙهڻي ’بلئه‘ (=ٻلئه) آهي، جنهن کي ’ٻلي‘ پڙهڻ مناسب ٿيندو. بيت ۾ سمايل خيال سهڻو آهي پر ٻولي جي سٽاء ۽ اسلوب بيان مان ظاهر آهي ته هي ڪنهن ٻئي شاعر جو چيل آهي.

2.                 مؤلف هن جي معنيٰ صحيح لکي آهي، ۽ جي هيٺين طور ڪبي ته به صحيح ٿيندي؛ مون کي سُڃاڻپ يا نانگ (سوني سرپ) جن جي مٿي ۾ مَڻ ناهي، سي نه گهرجن؛ جي گهرجن ها ته اهڙا نانگ لکين موجود آهن ۽ ملي وڃن ها.

مون کي ته اهڙن واسينگ نانگن جي طلب آهي، جن جو مٿو مَڻن سان ٻري پيو. سنڌي شاعري جي روايت ۾ هي خيال آڳاٽو ۽ عام مقبول آهي. مثلا ٻه سؤ ورهيه کن اڳ جي شاعر سيد ڪبير شاهه جو بيت آهي ته:

وَنّءُ تون واسينگن وٽ، تُرت لهي ترڀاء،
مَن جني جي مٿي ۾ آهي شم جهڙي شغلاء،
سي سُر سڻي، سِر ڏيندا، آڻي تان ارواح،
ڪندا پاڻ پتنگ جيئن، صدقي صدقي ساهه،
ڪيرت  ڪبير شاهه  چئي  وڃي  ڳاچ  تني  وٽ  ڳاء
جن جو ڳڻن ڀريو ڳالهاء، سي ٿا عطر اوتين ادب سين.

[34]

تون ويِرَئون ئي وِيرُ، جوڳي سو جَڳَ ۾،

تون اسان جو پِيرُ، سُوڌي ڏِئين سرير ۾.

1.                  سنون سڌو عام دعا وارو خيال آهي، جنهن ۾ معنيٰ جي ڳوڙها يا بلندي ڪانهي قاضي قادن توحيد ۽ هيڪڙائي جو قائل آهي، انهيءَ لحاظ سان هي بيت سندس ٿي نٿو سگهي؛ البت ائين ممڪن آهي ته سندس مريد ۽ عقيدتمند خود قاضي قادن بابت اهو بيت چيو هجي.

2.                 مؤلف صحيح معنيٰ لکي آهي، جيڪا هن طرح پڻ لکي سگهجي ٿي:

-                     تون سڀني ويرن (وڏي ست ۽ صبر وارن درويشن) کان وڏو وير آهين، ۽ تون ئي جڳ- گرو جوڳي آهين.

تون ئي اسان جو مرشد آهين ۽ اسان جي من (سرير) ۾ سنئين وجهين.

[43]

ڪا گَدِ ڪالي اَکرين، مئن  واچِيندا  آ  لڌَو،

سڄڻ  اُڇبـي اکڙين،   مئن  لوڙيندو   لڌو.

1.                  ڇاپي مطابق پهرين سٽ جو آخري لفظ ’اِڻي وِڌوَ‘ آهي، بيت جو مطلب ۽ معنيٰ مطابق اهو لفظ ”نه لڌو“ جي برابر ’اَلڌو‘ هجڻ گهرجي.

2.                 ٻولي قاضي قادن جي ناهي، ۽ شعر توڙي معنيٰ جي لحاظ سان هي بيت سادو آهي. معنيٰ ٿيندي ته:

[ڪاغذ ڪارن اکر وارو مون (نرت ڪري) جانچيو ته به (ان جو ڪو اکر يا لفظ چٽي يا صحيح نموني ۾ نه) مون نه ڏٺو.

-سڄڻ اڇن اکرن وارو صاف مهانڊي آهي، جنهن کي مون جڏهن گهريو تڏهن لڌو.

[46]

هَسِينّ ڪِت سَهجهڙي، رووڻ ڪِيونّ ناهين،

پريان   پسڻ   جوڳِيان،   اکين   تو   ناهين.

1.                  ڇاپي مطابق پهرئين سٽ ۾ ’هسئن‘ ۽ رووئن آهي اهي اُچار راجسٿاني لهجي جا آهن. سنڌي ۾ اُچار ’هَسين‘ ۽ ’روئڻ‘ ٿيندا. ٻيءَ سٽ ۾ اصل پڙهڻي ’اک‘ آهي، پر صحيح لفظ ’اکين‘ ٿيندو.

2.                 هن بيت جي ٻولي سيرائڪي واري علائقي کان به مٿي جي راجسٿاني آميز آهي، ۽ اها ٻولي قاضي قادن جي ناهي. ’اَدگرنٿ‘ ۾ انهيءَ ٻولي ۾ رچيل ڪلام ملي ٿو.

3.                 معيٰ صاف آهي ته:

-ڪهڙي سهج ۽ خوشي سببان کلين پيو؟- روئين ڇو نٿو.

- جو تو وٽ پرين کي پسڻ واريون اکيون ناهن!

[59]

پِتوَ ڦِٿو پيٽ ۾، وڍي  مُلان ماهُ،

ڌوئين ڏِتي ڌوڙ ۾، الله اوري آهَ.


(1) ڏسو ”سنڌي ٻولي جي مختصر“، حيدرآباد سنڌ، 1962ع، ص 133.

(1) هيرو ڄيٺالال ٺڪر: ”قاضي قادن جو ڪلام“، پوجا پبليڪيشنس، لارينس روڊ، دهلي، 1978ع.

([1]) قاض قادن جو ڪلام: ص 38-39.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com