سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :11

1. ٻولي توڙي شعر جي لحاظ سان بيت ايترو معياري ناهي جيترو قاضي قادن جا بيت آهن. ’مُلان‘ ماه ڪونه وڍيندو، ۽ نڪي حڪيم يا ويڄ کي سنڌ ۾ ’مَلان‘ سڏيو ويو آهي. پوئين سٽ جي ٻولي توڙي معنيٰ مبهم آهي. ’الله اوري آءُ‘ وارو جملو، ڌڻي تعاليٰ جي ذات بابت ادب جي معيار مطابق ناهي.

2. جيڪڏهن ائين ڪري ڄاڻجي ته هي بيت اڻ ڄاڻ ويڄ يا نيم- حڪيم بابت چيل آهي ته ان حالت ۾ هيٺينءَ طور پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو:

پتو ڦٽو پيٽ ۾،  وڍي  مُلا  ماهَ،

ڏُوڻين ڏِتي ڌوڙ ۾، الله اوري آءُ.

’مُّلا، معني ’وٽان‘، يعني ٻاهران ماس کان. ’ڏوئين‘ ڏتي کي ’ڌائين ڏني، (=ٽٻي هنئي) ڪري پڙهبو ته صحيح ٿيندو، معنيٰ ٿيندي ته:

-مرض اندر ۾ آهي ۽ پتو پيٽ ۾ ڦاٽو آهي، ته هو (نيم- حڪيم) ٻاهران جسم تان ماس کي پيو وڍي.

هن (ويڄ) ته سُڪي ڌوڙ ۾ ٽٻي هنئي آهي (صاف غلطي يا نا انصافي ڪئي آهي)، باقي الله ئي آهي جو منهنجي آه کي اوري ۽ اگهائي.

[60]

قاضِي ڪَٿ مَ ايترو، مت ڪِيروئي پيرُ،

پَلاڻِيندو  پوٽِلِي،   مَٿي   ڪِيندو   ڪيرُ.

1. ڇاپي ۾ بيت ائين ڏنل آهي. شعر توڙي معنيٰ جي لحاظ سان هيءُ بيت قاضي قادن جي معيار جو ناهي. ’مت‘ لفظ صاف راجسٿاني- هندي آهي. ’مت ڪروئي پير‘ جي بدران ’مَٺِ ڪيڙوئي پير‘ ڪري پڙهجي ته پوءِ معنيٰ ٿيندي ته ’تو چڱي راهه نه ورتي‘. سڄي سٽ کي هيٺين طور پڙهي سگهجي ٿو:

”قاضي ڪَتِ م ايترو، مَت ڪِيروئي ڦير“

ڪِيرو= ڍيري واري ڪِلي ڍيري کي ڦيرائڻ ۽ سٽ ڪتڻ واري معنيٰ جي لحاظ سان سٽ جو مطلب ٿيندو ته: ’اي قاضي! تون ايترو نه ڪت، پنهنجي ڍيري کي ايترو نه ڦيراءِ‘.

2. جيئن بيت ڇاپي ۾ بيٺل آهي تئين مؤلف بيت جي معنيٰ هيٺين طرح لکي آهي:

--قاضي! ايترو گهڻو وعظ نه ڪر؛ پنهنجي سمجهه کي لاهي ڪري پيرن ۾ ڪيو اٿئي.

--جيڏي مهل اُٺ پلاڻيندا، اوڏي مهل تنهنجي وعظن جي پوٽلي (بجڪي، ڳوٿري) چاڙهيندو.

[62]

ڏنِئين پاڻَ واکاڻ کؤن، ڄِڀ تُنهنجِي واتِ

وڏي  خالق  نه  گهُرِين، ڪرِين ٻاڙي تاتِ

1-                 پهرئين سٽ ۾ اصل لفظ ’وَکاڻ‘  آهي، جيڪو ’واکاڻ‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ڍاٽڪي- راجسٿاني جي اثر هيٺ اصل ۾ ”گهُرئين“ آهي، جيڪو ’ڪَرين‘ وانگر ’گهُرين‘ ڪري پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

2-                ’واکاڻ کؤن‘ محاورو سهڻو ناهي. هيءُ بيت، مخاطب ٿي جنهن تکي تنبيهه واري نموني ۾ چيو ويو آهي سو قاضي قادن جي نماڻي سهڻي ٻولي مطابق ناهي.

3-                معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

-- جڳت جي اُپائيندڙ تنهنجي وات ۾ ڄڀ ان ڪري رکي آهي ته تون ان سان سندس جس ڳائين.

-- تون پنهنجي زبان سان ان وڏي خالق کي ياد ڪندي سندس طلب نٿو رکين (يا کائنس نٿو گهرين) جو (ان کان سواءِ ڪنهن ٻي جي يا ٻئي جي يا ٻئي کان گهُر واري) ٻي اجائي ۽ اڻ سُهائيندي ڳالهه پيو زبان تي آڻين.

[63]

تَئن پُڇي اَساڻ، تُون اَسين نهين پُڇيو

پڙهڻ هار قرآڻ، نهين رتو رحمان سان.

1-                 هن بيت جي ٻولي قاضي قادن واري ناهي. ’اساڻ‘ ۽ ’قرآڻ‘ وارا اُچار قاضي قادن جا ٿي نٿا سگهن. هيءُ بيت درويش دادو ديال جو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي سٽاء دادو جي بيتن جهڙي آهي.

2-                معنيٰ ظاهر آهي ته:

-- تو هيءَ ڳالهه اسان کان پڇي آهي، اسان توکان ڪانه پڇي آهي.

-- تون سدائين قرآن شريف پڙهندڙ آهين، پر اڃا رحمان سان نه رتو آهين، يعني ٻاجهاري ڌڻي سان هڪ نه ٿيو آهين.

[66]

سچي سائين ساڻ، تون مَ ڪر ڪوڙي ڪوڙيان

جي  تؤ  منجهه  هِيانّوَ،   وو  سڀو  کي   پرکڻو.

1-                 ٻولي توڙي شعر جي لحاظ سان هي بيت قاضي قادن جو ناهي ’ساڻ‘ ۽ ’هيانو‘ قافيا صحيح ناهن

2-                معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف هيٺن طور صحيح لکي آهي ته:

-- پنهنجي سچي سائين ساڻ، تون ڪُوڙن وارو ڪوڙ نه ڪر، ڪوڙي (ٺڳي) نه ڪر.

-- جيڪو تنهنجي هردي اندر ويٺو آهي، اهو سڀ جي پرک رکي ٿو.

[68]

جتي سَچ سنسار سان، سُه جا سائين ساڻ هوءِ

تو  پڌر  هي  ٻيڙا  تري،  جه ٿاءِ نير نه ڪوءِ،

1-سهڻي معنيٰ وارو بيت آهي پر ٻولي پنجابي- راجسٿاني آميز آهي، ۽ قاضي قادن جي ناهي. (جتي= جيترا)، ’سہ‘ (اهو) ۽ ’جہ ٿاءِ‘ الفاظ پنجابي- راجسٿاني آميز آهن.

2- اصل پڙهڻي ۾ ”جہ ٿانءُ“ آهي، جيڪو اصليت جي لحاظ سان ”جـ ٿاءِ“ (= جنهن جاءِ) هجڻ گهرجي.

3- معنيٰ ٿيندي ته:

-- (ماڻهوءَ جي) جيتري سچائي سنسار سان آهي، اوتري جي الله ساڻ هجي.

-- ته پوءِ جنهن جاءِ (ٿاءِ) تي پاڻي نه هجي، انهيءَ پڌري پٽ تي به جيڪر ٻيڙو تري.

[69]

سَچُ  پيارا  سائِينيَان، سائـــين  سَــــچ  سُـــهاءِ

سَچي مَنگَل نه  دَهِئي،  سچي  سَرپُ  نه  کاءِ

سَچُ سَمنڊان سِر چڙهي، ڪوڙ ڪکائين  باهه

جڏهون ڪڏهون ڪوڙ کي، ڏيندا  سچ  سزاءِ

1- ڇاپي جي ٻيءَ سٽ ۾ ’دهئي‘ بدران ’دهئه‘ ۽ ’چڙهي‘ بداران ’چڙهئه‘ اچار راجسٿاني مطابق آهن.

2- پهريون ٻه سٽون پنجابي- راجسٿاني- هندي آميز ٻوليءَ ۾ رچيل آهن، ۽ ٽين سٽ جو پويون فقرو ۽ چوٿين سٽ سنڌي ۾ سِٽيل آهن. بيت سهڻو آهي پر مجموعي طور سان هي ٻولي قاضي قادن جي ناهي.

3- بيت جي معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

- سائين کي سچ پيارو آهي، سائين کي سچ ئي وڻي ٿو.

- سچي انسان کي منگل گره جي آگ به جلائي نه سگهندي.

- سچي کي نانگ به ڏنگي نٿو سگهي، سچ (جو ٻيڙو) سمنڊ جي سيني تي چڙهي هلي سگهي ٿو؛ پر ڪوڙ ڪکن جي باهه وانگر آهي (جيڪا تمام تکي ٿيندي آهي، پر ٿورو وقت جٽاء ڪندي آهي).

جڏهن ڪڏهن (سدائين سچ ڪوڙ کي سزاياب ڪندو.

[73]

جهِڙَي پائن هَٿَڙي، تِهڙي پاڻ ڀَرين،

ڀائڻ  محبان  ڇڏيو، تون نه ڇڏ ڌڻي.

1. بيت جا لفظ سنڌي آهن پر معنيٰ مُبهم آهي. پهرين ۽ ٻي سٽ جي معنيٰ ۾ ڪو سهڻو سنٻنڌ ڪونهي؛ خيال پڻ عام سطحي ۽ شڪايت وارو آهي. مؤلف پڻ ڄاڻايو آهي ته ”هيءَ بيت معمولي تبديل سان گرو گرنٿ صاحب ۾ شيخ فريد جي بيتن ۾ ملي ٿو.“

2. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ’پائن‘ بدران ’پائي‘ آهي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ”بهڻ محبا“ آهي، جيڪو ”ڀائڻ محبا“ پڙهڻ سان وڌيڪ صحيح ٿيندو. انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي ته: جهڙي ڪنهن کي هٿ ۾ ڏيندا، تهڙي هو پاڻ پڻ ڀريندا.

سڄڻن (محبن) توکي ڀائڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تون پنهنجي ڌڻي کي نه ڇڏ!

[74]

ڏِيہ لٿا، سَنجها پَئِي، اڳون آئي رات،

کَڙا  پُڪاري  پاتِڻي، ٻِيڙا ڪَپَر وات.

1. ٻوليءَ سرائيڪي آهي. انهيءَ معنيٰ وارو ’دوهو‘ ’گرو گرنٿ‘ ۾ ٿوري تبديل سان شيخ فريد جي دوهن ۾ موجود آهي، جيڪو مؤلف پاڻ نقل ڪيو آهي (ص 35) ۽ جنهن کي سرائيڪي ۾ هيٺين طور پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو:

فريدا! ڏکان سيتِي ڏينہ ڳيا، سولان سيتِي راتن

کڙا   پڪاري   پاتڻي،   ’ٻيڙا   ڪــــپر   وات!‘

2- معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي:

- ڏينهن پورو ٿيو، سانجهي ٿي، ۽ مٿان رات اچي وئي (يعني حياتي جا سڀ دور ختم ٿيا ۽ وقت پورو ٿي ويو.)

- پتڻ اڪارڻ وارو بيٺو وڏي سڏ سڻائي، ته ٻِيڙو (پائيندڙ سببان) ڪرندڙ ڪنڌيءَ جي منهن ۾ آهي (يعني موت اچڻ وارو آهي.)

[76]

سُڃِي ٺَٽي جَبابُ چئي، سي سڄڻ ڪِٿِ ڳَئي،

جتي   بال   سرير   ۾،   تِتي   ڇَڻ    پَـــــئي.

1. ٻولي سنڌي- سرائڪي- پنجابي آميز آهي ۽ قاضي قادن جي ناهي. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي ۾ ’سو سڄڻ ڪِت ڳئي‘ آهي، پر بهتر ائين ٿيندو جيئن اسان لکيو آهي ٻيءَ سٽ ۾ اصل لفظ ’ڇڻ‘ آهي جيڪو ’ڇن‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي:

-سُڃي ڀڙڀانگ ٿيل بستي جواب ٿي گهري ته اهي سڄڻ (جي هت هئا) سي اڄ ڪيڏانهن وئا.

- (سندن ڏک ۾) جيترا وار جسم ۾ هئا، سي سڀ ڇڻي پيا.

[77]

پيِڙان سَڀي ڏُهيلِيان، ايهِي پيِڙ نه ڪا

جئن وڄڻ واڄو ٿئي، ڄاڻي هڪ خدا.

1. ٻولي سرائيڪي- سنڌي آميز آهي، ۽ خيال عام سطح وارو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ رواجي بي صبري ۽ شڪايت سمايل آهي.

2. ٻيءَ سٽ جي ڇاپي ۾ ’جئن وڄن‘ ۾ ’ڄاڻئه‘ (راجسٿاني لهجي مطابق) الفاظ آهن، جن کي ’جئن وڄڻ‘ ۽ ’ڄاڻي‘ ڪري پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

3. معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي.

-سور سڀ ڏکيا آهن، پر اهڙو درد (محبت جو) ڪو ٻيو ڪونهي.

-هڪ خدا ٿو ڄاڻي ته (منهنجي لنؤن لنؤن ۾) واڄي وانگر پيو وڄي.

[89]

سُتو هَتو جاڳُ، راتِڙين سَبئه وِهاڻِيان،

مَٿَئِن ٿيوءِ اَڀاڳُ، پرين وسارڻ مَ ڪَر.

1.ٻولي ڍاٽڪي- سنڌي – راجسٿاني رنگ واري آهي. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ پڙهڻي ’هُتو‘ (’هه‘ جي پيش سان) آهي، پر صحيح ’هَتو‘ (زبر سان) ٿيندو جيڪو ڍاٽڪي جو عام لفظ آهي ۽ معنيٰ اٿس ’هو‘ يا ’رهيو‘. پڻ ’راتڙين‘ بدران ڇاپي ۾ ’راتڙي آهي. ٻي سٽ ۾ ڇاپي مطابق ’ڀاڳ‘ آهي، پر صحيح ’آڀاڳ‘ ٿيندو. يا وري ائين پڙهجي ته ’مَٺئِن ٿيوء ڀاڳ.‘

- تون ستو رهيون! اٿي جاڳ جو رات سڄي وهامي وئي آهي (سڄو وقت گذري ويو ۽ عمر پوري ٿي وئي. جيڪڏهن ’راتڙي‘ پڙهبو ته پوءِ فعل جي صورت ’وهاڻِئِي‘=’وهاڻي‘ ٿيندي؛ يعني رات سڄي وهامي وئي.)

- تو مٿان بدبختي آئي آهي. (يا ڀاڳ مَٺو ٿيو يا ڦٽو آهي)؛ تون پنهنجي پرين (خالق) کي ائين نه وسار.

[90]

پِرين وساري رت روئن، ڪَٻُڌي ري ڪارڻ،

ڪَنچَن راس وِڃاء  ڪي،  ٻُڪَئن  ڌُوڙِ پَوَن.

1. ٻولي سنڌي- ڍاٽڪي- راجسٿاني آميز آهي. پهرين سٽ ۾ ’ري‘ ’جي‘ (ڍاٽڪي- راجسٿاني.)

2. معنيٰ مؤلف سهڻي ڪري لکي آهي ۽ انهيءَ مناسبت سان ئي هيٺ ڏجي ٿي:

- گهٽ ٻُڌي ۽ ڪم عقلائي جي سببان (ري ڪارڻ)، هو پنهنجو پرين وساري (هاڻي رت پيا رئن.

- اهي سون وارو مُور کَٽيو وڃائي، هاڻي ڌوڙ جا ٻُڪ پيا ڀرين، يا ٻُڪن ۾ ڌوڙ پيا ڀرين.

[93]

مَنجهين مائو ناههِ ڪِي،  پَسڻ  کي  گهاٽي،

دنِي ڪُسُونڀي رنگ جِيونُ، وِيندوئي واٽي.

1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي اآئين آهي. بيت ۾ سمايل خيال بلند ڪونهي، بلڪ عامي آهي ته هي دنيا بي وفا ۽ بيڪار آهي. پسڻ کي گهاٽي توڙي ’ويندو ئي واٽي‘ وارن فقرن جا سٽاء سهڻي ناهي، ۽ پڻ انهن جي معنيٰ مبهم آهي. هي بيت تنبيهه طور مخاطب ٿي چيل آهي، ۽ اهو اندازو قاضي قادن جو ناهي.

2. بيت جي معنيٰ مؤلف هيٺين طور لکي آهي.

- کنهيو رنگ ڏسڻ کي ته گهاٽو ٿئي ٿو، پر ان ۾ اندر آهي ڪجهه به نه.

- هي دنيا به کنهبي رنگ وانگر آهي، جو واٽ هلندي ئي ويندو آهي.

[94]

مَئن ڀانِيي سون، هي جَرَ پوسُ جَرِ ڪِڻون،

وِيئنِ  وَرائي  وَن،  ڪَہُ  لڳي  ڪارو  ٿيو.

1. لفظ جي سٽاء توڙي وزن ۾ اهڙي سهڻائي ڪانهي. معنيٰ پڻ مبهم ۽ سُنڌل آهي.

2. مؤلف هيٺينءَ طرح معنيٰ ڪئي آهي، جيڪا غور طلب آهي.

مون هن چمڪندڙ پاڻيءَ کي سون ڪري سمجهيو.

(هٿ لاهڻ سان) اهو مون کي ورائي ويو ۽ مٽي لڳي، ڪارو ڪري ڇڏيائين.

[95]

ڀَلي (ڀَلي) وي ڀُلي، ڀُلي  تِڱائون  آئِي

بابا آدم آتي حوا ڀُلي، ڀُلي سڀ دنيائي

1- ٻولي صاف سرائيڪي آهي. خيال سهڻو پر عام آهي.

2- بيت جي وزن مان ظاهر آهي ته پهرين سٽ ۾ هڪ لفظ ’ڀلي‘ لکيت ۾ رهجي ويل آهي، انهيءَ ڪري ”ڀلي ڀلي وي ڀلي“ ڪري پڙهڻ سان ئي وزن پورو بيهندو.

3- معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف پڻ سهڻي ڪري لکي آهي:

- ڀلي ڙي ڀلي، هنن (آدم ۽ حوا) جي زماني کان وٺي ڀلندي آئي.

- بابا آدم ۽ حوا ٻئي ڀليا، پر سڄي دنيا ئي ڀليل آهي.

[98]

هَٽ وِيا جهَئن لوُڻ، ڪَستُوري جهُنگَئِن گهُري

سچان   دي   صابُوڻ،    اندر   اڇا   نه  ڪَري.

1- ٻولي سرائڪي- راجسٿان آميز آهي ۽ قاضي قادن جي ناهي. ’ويا جهٽن‘ ۽ ’جهنگٽن‘ راجسٿاني محاوري جا لفظ آهن.

2- ’ويا جهئن‘ کي ’وهائن‘ پرهجي ته معنيٰ ٿيندي ’خريد ڪرڻي.‘ ’جهنگئن‘ کي ’جهنگين‘ پڙهجي ته سڄي سٽ جي معنيٰ ٿيندي ته: شهر ۾ دڪان تان وٺي لوڻ ٿو، ۽ جهنگ ۾ گهر ٿو ڪري ’کٿوري‘ جي.

3- اسان جو گمان انهيءَ طرف وڃي ٿو ته جيڪڏهن بيت ’ضمير غائب‘ بدران ’ضمير مخاطب‘ سان پڙهجي ته معنيٰ ۽ اثر جي لحاظ سان بهتر ٿيندو. ٻيو ته هن مجموعي ۾ شامل ٻيا بيت به گهڻو ڪري ’ضمير مخاطب‘ يا ’ضمير متڪلم‘ ۾ آهن. بيت هن طرح پڙهجي ته وڌيڪ سهڻو ٿيندو.

هَٽِ وهائين لُونُ، کٿوري جهگين گهُرين

سچان  دي  صابوڻُ،  اندر  اڇا  نه ڪَرين.

(يعني تون پاڻ هٽ تان لوڻ وهائين ٿو پر ٻاهر جهنگ ۾ اچي کٿوري جي، يا کٿوري جي ملهه جي گهر ڪرين ٿو- وغيره).

مُبا  مَحلان  مَـــــنڊيان،  اَچَــــليانِ   چَلِن،

هَٽئون ڳِنن ٻڪري، جهَنگين اُٺ مڱن.

1- ٻولي سرائڪي، پر پنجابي- راجسٿاني آميز آهي. قاضي قادن جي ٻولي ناهي.

2- اصل لفظ ”اَڇليانِ ڇَلنَ“ آهي، پر ”اَچليان چلن“ پڙهڻ بهتر ٿيندو، يعني ته نه هلڻ جهڙيون ريتيون هلڻ، اڻ سهائينديون ڪن، ڪُريتون ڪن. اصل ’جهُنگئن‘ آهي. پر ’جهنگن‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو.

3- جيئن بيت بيٺل آهي تيئن ان جي معنيٰ هيٺين طرح وڌيڪ مناسب ٿيندي.

-- چڱن جي وچ ۾، محلاتن ۾، توڙي بازارن ۾ ڪُريتيون ٿا ڪن.

-- شهر مان دڪان تان ٻڪري سودين، ۽ پوءِ جهنگ ۾ ان جي عيوض اٺ جي يا اُٺ جي ملهه جي، گهر ڪن.

[101]

توبهه ڪَرينِ باهُڙِي، باهڙي توبهه ڪرين

ڪيهي   سادي   هَٺ  ۾،  راڌي اُجاڙين.

1- پهرين سٽ صاف سنڌي ۽ ٻي سرائيڪي آميز آهي.

2- ڇاپي مطابق الفاظ، پهرين سٽ ۾ ”توبهه ڪري نه“، ۽ ٻي سٽ ۾ ’رڌي‘ آهن، پر مٿي ڏنل پڙهڻي بهتر ٿيندي. باهڙجڻ گهڻو ٿاٻڙجڻ؛ توبهه ڪرڻ= پڇتائي گناهن کان هميشه لاءِ بس ڪرڻ جو عهد ڪرڻ راڌي= ٻج وڌل، پوکيل ٻني. سادو هٺ= بيجا غرور، اجايو گهمنڊ.

3. معني ٿيندي ته:

-- اٻوجهه غافل (پنهنجو پاڻ گناهن کان پاسو نٿا ڪن، ۽ هو) توبهه تڏهن ڪن ٿا جڏهن ٿاٻڙجن ٿا (يعني جڏهن کين تڪليف پهچي ٿي؛ پر پوءِ توبهه وساري گناهه ڪن ٿا ۽ وري) ٿاٻڙجي ڌڪ کائي (پوءِ وري) ٿا توبهه ڪن.

-- ڪهڙي غلط گهمنڊ ۽ اجائي وهم ۾ هو پنهنجي پوک يا ٻني ٻيا ڀيلائين ۽ برباد ڪن.

[102]

جي سائين سُون سچ، نو ڀوَ ڪهڙا سُتڙي!

اُڀا   ٿي   ڪم   لچ،   توڙي   اڱرڙا  ٻَلي.

1- ٻولي سرائيڪي- سنڌي آميز آهي.

2- ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ اصل الفاظ ”ڀوڪوڙا سَتَڙي“، ۽ ٻيءَ ۾ ”بلئه“ آهي ’بلئه اُچار راجسٿاني لهجي مطابق آهي، ۽ سرائيڪي ۾ صاف اُچار ”ٻَلي“ (ٻري) ٿيندو. ’سُتڙي‘ معنيٰ ’ستل مرد کي‘؛ پر جيڪڏهن ’سُتڙي‘ پڙهبو ته پوءِ ٻيءَ سٽ ۾ پڻ ’اڀا‘ جي بدران ’اُڀِي‘ پڙهبو.

-جي هو پنهنجي سائين سان سچو آهي، ته پوءِ سُتل کي به ڪهڙو ڊپ!

- (اي ستل!) تون اُٿي بيهي نچ، توڙي کڻي (پيرن هيٺان) اڱر ٻرندا ٽانڊا هجن.

[105]

ڪَؤسين ڪُوپل لِيپَجي ٽاري بَڻدا هي،

عقل   غيب   الله   دا،   الله  اِي  آهي.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ هن طرح آهي:

’ڪؤسي ڪُوپل لپيجيءَ ٽاري بن دا هي‘

اصل ٻي سٽ ۾ ’آي‘ آهي.

2. ٻولي سرائيڪي هندي آميز آهي، ۽ قاضي قادن جي ناهي. پهرين سٽ جي معنيٰ مبهم آهي، پر البت ٻي سٽ صاف آهي:

ٿوري ويرم ۾ گؤنچ پيدا ٿئي ٿو ۽ پوءِ وڏي ٽاري بڻجي ٿو. الله جي غيب يا ڳجهه جي پروڙ الله کي ئي آهي.

[106]

توڙي وَڃَنِ- روُمَ، نالههِ نصِيبُون آڳرو،

مانِي  وَتئِن  ٿُوم،  جي  لِکيِيا ڇِپَنِ مَ.

1. ڇاپي مطابق پڙهڻي ائين آهي. پوئين سٽ جو وزن پورو ناهي، ۽ بيت ۾ سمايل خيال پڻ قاضي قادن واري اعليٰ سطح جو ناهي. بيت جو مکيه مطلب سنڌ ۾ هيٺين عام مشهور پهاڪي وارو آهي ته:

جي شوم وڃي رُوم.

ته به ڍوڍي مٿي ٿوم.

هي خيال زندگيءَ جي هڪ خاص طرز جو عڪس آهي، ۽ ان حد تائين ان ۾ هڪ حقيقت آهي، مگر ان سان گڏ ان ۾ انسان جي هڪ ڪردار جي شڪايت ۽ ندا پڻ سمايل آهي، اهڙي نِدا جو اظهار وڏن صوفين درويشن وٽ روا ناهي. البت عام سطح جو شاعر اهڙي ڳالهه ڪري سگهي ٿو.

2. جيئن بيت بيٺل آهي، تيئن ان جي معنيٰ مؤلف هيٺين طرح ڪئي آهي:

- چاهي ڪير روم به وڃي، اهو پنهنجي نصيب ۾ لکيل شيءِ کان وڌيڪ هٿ ڪري نه سگهندو.

- اهو ماني ۽ ٿوم لاءِ به ڀٽڪندو. جو لکيل آهي سو لڪندو ڪونه جيئن ته بيت ۾ سمايل خيال مشهور پهاڪي وارئي آهي، انهيءَ ڪري بهتر ائين ٿيندو ته بيت کي هيٺينءَ طرح سنواري پڙهجي ته معنيٰ سنڌي سولي نڪري:

توڙي وڃي رُوم، (توءِ) ناه نَصيبَئون اَڳرو،

ماني مَٿي ٿومَ جيئن جو لِکيو چِٺي ۾.

اڳين ٻولي موجب، ’توءِ‘ معنيٰ ’ته به‘، يعني زوال واري چٺي ۾ معنيٰ ٿيندي ته:

- جيڪڏهن (ڪوشوم) کڻي روم وڃي، ته به پنهنجي نصيب کان اڳتي ٿي نه سگهندو.

- (هن جي واسطي کائڻ لاءِ) ساڳي ماني سان ٿوم هوندي، جيئن سندس واسطي روز ازل کان لکيل آهي.

[111]

جي جي ٻولِي مَئِن ڪِيئي، سو سو مُجهه نه ٿِيان،

اُس  چَنگي  ديوان  مين،  سَڀي   مُـــڪرِ  ڳِــــيان.

1. ٻولي سرائڪي، پر هندي- پنجابي آميز آهي.

2. اصل الفاظ ائين آهن جيئن مٿي ڏنا ويا آهن. ’جي جي‘ کي ٻن معنائن جي لحاظ کان پڙهي سگهي ٿو: هڪ ’جي جي‘ جي معنيٰ ’جيڪي‘، ٻيو ’جي جي‘ معنيٰ ’هائو هائو‘  (”قالو بليٰ“ واري قول ڏانهن اشارو). ربّ جڏهن روحن کي پيدا ڪيو تڏهن انهن کان پڇيائين ته: ”ڇا، آءٌ اوهان جو رب ناهيان.“ (”اَلسَتُ بِربّڪُم“). جواب ۾ چيائون ته ”هائو“ (قالو بليٰ) ”بيشڪ تون اسان جو رب آهين“. ’جي جي ٻول‘ يا ’جيڪي ٻول‘، ٻنهي مان مراد ”قالوا بليٰ“ وارو وعدو آهي. پهرين سٽ جي سُڀاء مان به اها معنيٰ نڪري ٿي. جيڪڏهن هي بيت اصل صاف سرائيڪي ۾ هو ته پوءِ ان کي هيٺين طور پڙهبو ته وڌيڪ صحيح ۽ بهتر ٿيندو. ’ٿيان‘ ۽ ’ڳيان‘ کي ٿ ۽ ڳ جي زبر توڙي زير سان پڙهي سگهجي ٿو. يا وري هن طرح پڙهجي:

جي جي ٻوليان مئن ڪِيتيان، سي سي مجهه نه ٿيان،

اس چڱي ديوان مين، سَڀي مُڪَر ڳيان.

-(ازل جي روز) جيڪي ٻول مون ڪيا هئا سي مون کان پورا نه ٿيا.

- هن ٺاهوڪي محفل (هن جهان جي جنسار) ۾ (آءٌ ۽ ٻيا) سڀ پنهنجي ڪيل قولن تان ڦري ويا.

[111]

ڀَڳا ساڄا نه  ٿِئي،  مون  موتاهل ڪچ،

ڪنين سُڻيا نه مَنِيئي، اَکِين ڏٺو سچ.

1- سنڌي آميز سرائڪي ٻولي آهي. صاف سرائڪي ۾ ’ٿئي‘ ۽ ’ڏٺو‘ جي بدران ’ٿِيوي‘ ۽ ’ڏٺا‘ پڙهبو ڇاپي مطابق ٻي سٽ ۾ الفاظ ”سُئا“ ۽ ”اک“ آهن، جن جي بهتر ۽ صحيح صورت ’اَکين‘ ٿيندي. هن بيت ۾ سمايل مثال ۽ پهاڪو سنڌ جي ادبي روايت ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي مشهور آهي ۽ ويندي هن پوئين دور تائين سگهڙن جي رس رهاڻ جو هڪ دلچسپ موضوع رهيو آهي. چوندا ته ”هڪ موتي ٻيو مَنُ، ٻئي ڀڳا، ته پوءِ سڄا نه ٿيندا“. چوندا ته ”ڪَنين سُڻي ۽ اکين ڏٺي ۾ تفاوت آهي“. موتي ۽ من جي ڀڄڻ واري مثال بابت هڪ بيت آهي ته:

ڏيئي  ريههُ  رُپي  کي،  ڳنڍيو صرافن،

ڀڳو سڄو نه ٿئي، هڪ موتي ٻيو من.

اهي بيت جيڪي وڌيڪ خاطري سان قاضي قادن جا ٿي سگهن ٿا

ٻولي ۽ محاوري لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاء، معنيٰ جي معيار، حق ۽ حقيقت جي اظهار جي لحاظ سان وڌيڪ خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هيٺان 77 بيت قاضي قادن جا ٿي سگهن ٿا، بشيرطيڪ اهو مڃجي ته قاضي قادن سرائيڪي ٻولي ۾ پڻ بيت چيا.

[1]

زيران زبران اَيَتان، اکران اَنت نه پار،

هيڪڙو   ايمانَ   ۾  لَهِين سَڀِني سار.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جا الفاظ ”اکر انت نه پار“ آهن. وڌيڪ صحيح پڙهڻي ’اکرين انت نه پار‘ يا ’اکران انت نه پار‘ ٿيندي. پر جيئن ته قاضي قادن پنهنجي اُتر واري بکر جي محاوري مطابق ’زيران زبران اَيتان‘ آندو آهي، ته هت پڻ ’اکران‘ وڌيڪ موزون ٿيندو.

2. ٻيءَ سٽ ۾ ڇاپي وارا لفظ ’هيڪڙيو‘ ۽ ’لهن‘ آهن. ’هيڪڙبو‘ واري پڙهڻي ڍاٽڪي- راجسٿاني لهجي مطابق آهي: سنڌي محاورو ’هيڪڙو‘ ٿيندو. ’لهن‘ پڙهبو ته مطلب مبهم ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ’لهڻ‘ جو فاعل نامعلوم آهي. ’لهين‘ (تون لهين) پڙهڻ سان بيت جو خطاب هر ٻڌندڙ کي ٿيندو. انهيءَ لحاظ سان معنيٰ ٿيندي:

-زيرن، زبرن، آيتن ۽ اکرن جو ڪو ڇيهه ۽ شمارئي ڪونهي (انهن سڀني جُزن کي سنڀالڻ مشڪل آهي ۽ جزوي علم جي تفصيل کي ڪوبه عالم پڄي ڪونه سگهندو).

- (پر) ڌڻي واحد ۾ جي تنهنجو ايمان آهي، ته پوءِ تون انهن سڀني کي سنڀالي سگهندين (واحد خالق ئي سڄي جهان جي علم ۽ معلومات جو مُور ۽ جامع ڪل آهي؛ انهيءَ ’ڪل‘ علم جي جامع ۾ ايمان مان ’جزن‘ جو علم خودبخود حاصل ٿي ويندو.)

[2]

جُون جُون پَڙههَ ۽ لِکَ، ڪوڙين ڪُتيبان جي پَڙهين،

اِيَ   سَڀائِي   سِکَ،   جان   جان پِريان نه مِڙين.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ هن طرح آهي:

’جو جو ٻارَه لَک، ڪوڙين ڪتيبان جي پَڙهئه.‘

’ٻاره لَک‘ صحيح ناهي، ۽ اها اصل راوي يا لکندڙ ٻي غلطي آهي. تعداد جي معنيٰ اڳتي لفظ ’ڪوڙين‘ ۾ موجود آهي، جنهن سان گڏ وري ’ٻاره لَک، آڻڻ شعر ۽ معنيٰ جي سهڻائي جي خلاف ٿيندو. ’لَکَ (’ل‘ جي زبر) وارو قافيو ٻيءَ سٽ جي ’سِک‘ (’س‘ جي زير) سان نٿو ملي. صحيح لفظ ’ڪُتيبان‘ آهي، جيڪو ’ڪُتيبُ (معنيٰ ’ڪتابڙو‘ جو جمع آهي. ’پڙهئه‘ اُچار راجسٿاني لهجي مطابق آهي، سنڌي اچار ’پڙهين‘ ٿيندو. ٻين بيتن ۾ پڻ فعلن جا انهيءَ قسم وارا اُچار (’ڪرين‘ بيت 31 ۾، ’لهين‘ بيت 32 ۾) موجود آهن.

2. ٻيءَ سٽ جي ڇاپي ۾ ’ابهه!‘، ’سَبائي‘ ۽ ’مڙء، الفاظ راجسٿاني لهجي موجب ڏنل آهن، جيڪي سنڌي ۾ ’اِي‘، ’سَڀائي‘ ۽ ’مڙين‘ ٿيندا. بيت جي معنيٰ ٿيندي:

- جيستائين جو تون لِک ۽ پڙهه ۾ محو آهين، ۽ پوءِ کڻي ڪوڙين ڪتابڙا پڙهين.

- ته پڻ اها سڄي ٻاراڻي ٻڌ واري سِکيا ۽ شاگردي چئبي، جيستائين (تو ۾ اها ڄاڻ ۽ روشني پيدا نه ٿي آهي) جو حقيقي محبوب سان تنهنجو وصال ٿئي.

[3]

ڪَنز، قَدورِي، ڪافِيا، ڪِي ڪينِ پَڙهيام،

سو ڏيههُ ئي ڪو ٻيو، جان ئِي پِرين لَڌام.

1. ڇاپي مطابق پوئين سٽ ۾ لفظ ’ڏيهو‘ آهي، جيڪو ’ڏيهتهُ‘ پڙهڻ صحيح ٿيندو. هي بيت ’بيان العارفين‘ ۾ پڻ موجود آهي. مگر ان ۾ ’پڙهيام‘ ۽ ’لڌم‘ جي بدران ’پڙهيوم‘ ۽ ’لڌوم‘ قافيا آيل آهن؛ ٻي سٽ ۾ ’جان ئي‘ واري پڙهڻي قاضي قادن جي بکر علائقي واري اترين ٻولي مطابق آهي. ’بيان العارفين‘ واري پڙهڻي ۾ ’ڏيهه ئي‘ جي بدران ’پارئي‘ آهي، جيڪو شعر جي لحاظ سان وڌيڪ موزون آهي، ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’پرين‘ سان وڌيڪ سهڻو لڳي ٿو.

2. بيت جي معنيٰ جيئن اڳ معلوم ۽ مشهور آهي، مؤلف پڻ صحيح نموني ۾ لکي آهي ته:

- ديني فقہ ۽ وياڪرڻ (صرف نحو) جا ڪتاب ڪنز- قدوري ۽ ڪافيا- انهن مان ڪوبه ڪونه پڙهيو اٿم.

- اهو هنڌ ئي ڪو ٻيو، جتان ئي پنهنجي پريتم کي پاتو اٿم.

3- غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته قاضي قادن جهڙي عالم اهي توڙي ٻيا ڪتاب پڙهيا هئا: اهي ٽيئي ڪتاب ان وقت نصاب ۾ داخل هئا ۽ هر شاگرد کي اهي پڙهڻا پوندا انهي ڪري جيڪڏهن پهرين سٽ جي معنيٰ ائين وٺبي ته اهو مطلب ڪونه نڪرندو جيڪو بيت ۾ سمايل آهي. تئين ڪتاب جو اصل صحيح نالو ’ڪافِيَہ‘ آهي؛ بيت ۾ آندل ’ڪافيا‘ واري صورت ’ڪافيان‘ جي برابر آهي يعني ’ڪافيہ مان يا منجهان‘. پر اهو ’مان‘ سڀني سان لڳندو. انهيءَ لحاظ سان ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل پڙهني ’ڪي ڪونه پڙهئوم‘ وڌيڪ صحيح معلوم ٿئي ٿي. سڄي سٽ جي معنيٰ ٿيندي ته:

-’ڪنز، قدوري ۽ ڪافيہ ڪتابن مان (حقيقي پرين سان ملڻ بابت) مون ڪجهه به حاصل ڪونه ڪيو‘.

[5]

جي گهُر گهَڙِي نه ڪِينِ، سائين تو ديدار کي

ڪيهِي  حُج ڪَرِينِ، سيئِي پنهنجي رب ڏان.

1- ڇاپي جي پهرين سٽ ۾ ’ڪين‘ بدران ’ڪِينهه‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ان سان ملندڙ قافيو ’ڪَرِينهه آهي، ۽ ٻنهي جا اُچار پاڻ ۾ ملن ٿا. پر انهن اُچارن لاءِ نه ته ڪو خاص سبب آهي، ته نڪا وري سنڌي ٻولي ۽ شاعري جي سرمايي مان انهن انهن اُچارن جي ڪا ثابتي ٿي ملي. سنڌي لهجي مطابق انهن کي ’ڪِينِ‘ ڪري پڙهبو. لفظ ’ڪِين‘ (معنيٰ ’ڪَن‘) لاڙي محاوري مطابق آهي، هن وقت اهو ڪو ورلي ڳالهائجي ٿو، پر اڳ شايد استعمال ٿيندو هو، ۽ ٺٽي طرف رهڻ دوران قاضي قادن جي زبان تي چڙهيو، ساڳئي اُچار مان فعل ’ڪِيندا‘ (=ڪندا) بيت نمبر [60] ۾ موجود آهي پر غالباً اهو بيت قاضي قادن جو ناهي. ٻيو ’ڏان‘ (=ڏانهن) پڻ لاڙي لهجي مطابق آهي.

2- ڇاپي ۾ ٻيءَ سٽ جي پوئين اڌ جي پڙهڻي ”سووي پَهُچُون رب ڏان“ آهي. ڀائنجي ٿو ته اصل راوي اهو فقرو صحيح طور نه پڙهبو يا اصل لکندڙ صحيح نموني ۾ نه لکيو. صحيح فقرو ”سيئي پنهنجي رب ڏان“ ٿيڻ گهرجي.

پهرين سٽ جو فقرو ’سائين تو ديدار کي‘ صاف آهي، پر جيڪڏهن هي بيت قاضي قادن جو آهي ته پوءِ ائين صحيح نه ٿيندو، جنهن جا ٻه سبب آهن: هڪ ته هن فقري مطابق شاعر جي شڪايت خود ’سائين‘ (الله) جي سامهون آهي، ۽ اهڙي شڪايت اعليٰ سنڌي شاعري جي خوبين جي خلاف آهي. ٻيو ته انهيءَ فقري مان اهو گمان به نڪري ٿو ته ’سائين‘ ڪو ٻيو آهي، جنهن کي شاعر ٿو چوي ته جيڪي تنهنجي ديدار جي گهر هڪ گهڙي به نٿا ڪن، سي پنهنجي رب کي ڪيئن رسندا!

اسان جي گمان موجب اصل لفظ ”ساعت ئي“ هئا، جنهن کي اُچار جي هڪجهڙائي سببان ’سائين تو‘ ڪري پڙهيو ۽ لکيو ويو. ’ساعت ني‘ فقري سان هي بيت هيٺين طرح سهڻو ٿي بيهندو:

جي گهُر گهڙي نه ڪِينِ، ساعت ئي ديدار کي

ڪيهي حُج ڪرينِ،  سيئي  پنهنجي رب ڏان.

- جيڪي الاهي ديدار لاءِ هڪ گهڙي به گهُر نٿا ڪن.

- سي پنهنجي رب سان (سندس قرب، ٻاجهه ۽ ڪرم جي) ڪهڙِ حجت ڪري ٿا سگهن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com