سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :14

آديسي اُٿي ويا…

مرحوم محمد صالح راهو

سرزمين سنڌ جو هي عظيم فرزند پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڪري تعليم کاتي ۾ هڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ هو. مرحوم هڪ مشقت پسند ۽ محنتي ماڻهو هو؛ جيڪو پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ جدوجهد سان فضل و ڪمال جي بلند مقام تي وڃي پهتو. راهو صاحب جي رحلت دوستن کان هڪ سدا مرڪندڙ دوست ۽ ابهم ٻچڙن کان هڪ شفق پيءُ کسي ورتو. ڪنهن کي خبر هئي ته هيءُ سدا کلندڙ ساٿي اسان کان ايترو جلد وڃي حقيقي حبيب سان هيڪاندو ٿيندو!

پروفيسر محمد صالح راهو 16- جنوري 1926ع تي ڳوٺ سوائي راهو، تعلقي سڪرنڊ ۾ ڄائو. پهريائين ڪلام پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ مدرسي ۾ فارسي پڙهيائين. ان بعد ڳوٺ جي سنڌي اسڪول مان چار درجا پاس ڪري نوابشاهه جي مشهور لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ۾ سنڌ جي مايه ناز تعليمي ماهر جناب حاجي خان خوجه صاحب جي زير نگراني ثانوي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد ڪراچي سنڌ مسلم ڪاليج مان بي. اي پاس ڪيائين. آخر ۾ سنڌي ۾ ايم. اي پاس ڪرڻ بعد سال 1951ع ۾ ڪراچيءَ جي گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو.

مرحوم راهو صاحب 28 سال تعليم کاتي جي خدمت ڪئي ۽ انهيءَ عرصي ۾ هو مختلف عهدن تي فائز رهيو. راهو صاحب ڪاليج جو ليڪچرار، ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي، پروفيسر، پرنسپال، تعليم کاتي جو سيڪشن آفيسر، ڪاليج جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي بورڊ حيدرآباد توڙي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو.

راهو صاحب جي علمي لياقتن، انتظامي تجربي ۽ ڪم سان دلي لڳاءُ ۽ ٻين اهڙين لياقتن کي نظر ۾ رکندي 1975ع ۾ کيس سنڌ ٽيڪسٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تي وفات تائين فيز رهيو. مرحوم راهو صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمن جي حيثيت سان ايتري ته محنت سان ڪم ڪيو، جو هن بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي صدر مملڪت طرفان نه رڳو ساراهيو ويو، بلڪ بورڊ جي ڪتاب سازيءَ واري ڪم جي طريقي کي پاڪستان جي ٻين بورڊن لاءِ مثالي قرار ڏنو ويو ۽ انهن کي هدايتون موڪليون ويون، ته سڀئي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن تيار ڪرائڻ جي طريقي موجب ڪتاب تيار ڪن.

مرحوم راهو صاحب جو جيئن ته وڪالت جو امتحان به پاس ڪيل هو، ان ڪري ايل. ايل. بي. جي شاگردن لاءِ سندن لکيل Leading Cases Book I and Book II ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ طرفان درسي طور رائج ٿيل آهن.

مرحوم راهو صاحب اڪثر رات تائين ويهي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو، ۽ تمام گهڻي محنت ڪرڻ ڪري 5- ڊسمبر تي اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي پيئي. 7- تاريخ کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. قدرت طرفان سندس هن دنيا ۾ رهڻ جو وقت پورو ٿي چڪو هو، ان ڪري ڦَڪين ڪوبه فرق ڪونه ڪيو. ۽ 8- ڊسمبر تي قلب ۾ ڪمزوريءَ جو دورو پوڻ ڪري پنهنجي جان، جانِ آفرين جي سپرد ڪري يارن کي هميشہ لاءِ وڇوڙي ڏيئي ويو.

اِنّاللهِ وِ اِنَّااِليہ راجِعُون

مرحوم جي اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي اهڙي سادي هئي جو ايڏي عهدي هوندي به ائين محسوس نه ٿيندو هو ته، دنيوي لحاظ کان پاڻ تمام وڏي عهدي تي فائز آهن ايتريقدر جو سمهندو به زمين تي هو، غريب توڙي امير سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪندو هو ۽ سادا ڪپڙا ڍڪيندو هو. طبيعت ۾ حليم، نهٺو، کل مک، رلڻو ملڻو ۽ نهايت خوش مزاج هوندو هو مذهبي لحاظ کان وڏو ديندار ۽ صوم صلواة جو پابند هو. زماني جي ڏيتي ليتيءَ ۾ صاف رهندو هو. هٿ جو ڇوٽ اهڙو هوندو هو، ڄڻ سخاوت سندس سرشت ۾ پيل هئي. مرحوم راهو صاحب رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي عشق ۾ ٻڏل هو ۽ هروقت کيس زمين حجاز جي ڏسڻ جو گهڻو خيال ۽ شوق هوندو هو. سندس وفات تي سڄي پاڪستان مان تعزيتي ٺهراءَ آيا، جن ۾ سندس خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ سندس مغفرت لاءِ دعائون گهريون ويئيون. اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ڪري ۽ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پونيرن کي صبر جميل جي توفيق ڏئي ۽ کين صالح ڪري.                آمين ثم آمين.

- پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

سُڃاڻَ (ادارا)

لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين سنڌ

پس منظر: 1956ع ۾ لطيف پبليڪيشنس (3 ڪتاب)؛ ساڳئي سال: جيلاني پبليڪيشنس (21 ڪتاب)؛ 1960ع ۾ ساگر پبليڪيشنس (5 ڪتاب)؛ ٻاڙن جي ٻاري (4 ڪتاب)؛ ادبي محفل (3 ڪتاب). انهن مختلف ادارن پاران ڇپايل ڪتابن جو ڪل تعداد 36 ٿئي ٿو. اهو تعداد ان پر تهائين وڌيڪ ٿي وڃي ٿو، جو ان جو سڄو ڪريڊٽ اهڙي اڪيلي شخص کي وڃي ٿو، جيڪو هڪ غريب مسڪين پرائمري ماستر آهي، جنهن لنگهڻ ڪاٽي پنهنجي ٻارن کي بکيو ڏکيو رکي. نور نچوئي، رت ست ڏيئي، اهي ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا آهن. سندس چواڻي: ”پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، ته آءٌ ڪڏهن بک مئو هجان، ٻارن کي مهل سر ليڙا وٺي ڏيئي نه سگهيو هجان، يا انهيءَ ادبي چريائي لوڪ ۾ ڏٺو ڪيو هجيم.“ مان اهڙي شخص کي ”چرياڻ“ سڏيندس-- ۽ اهو چرياڻ آهي: محمد سومار شيخ- جنهن پيٽ تي پٿر ٻڌي، ادب کي پستڪن جي پٺارڪ ڏني آهي!

1970ع ۾ مٿين سڀني ادارن کي گڏي هڪ ڪيو ويو ۽ ان اداري تي نالو رکيو ويو: ”لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين“. مٿين سڀني ادارن جا ڪتاب به ان اداري جي نالي ساريا ويا. هيل تائين ”لاڙ ادبي سوسائٽي“ 58 ڪتابن جي ”نماڻي سوکڙي“ سنڌي ادب کي ڀيٽا ڏيئي چڪي آهي. اهو ڪارنامو به سنڌواسين جي روايتي بي حسيءَ جو بک ٿي ويو؛ پر محمد سومار شيخ کي پنهنجي ليکي ان خدمت تي آٿت آهي ۽ سکڻي ساراهه به هن لاءِ ”سوني ٻلي“ کان گهٽ ڪونهي.

”لاڙ ادبي سوسائٽيءَ“ نه رڳو ڪتاب ڇپايا آهن، پر علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکندي، بدين ضلعي جي ماٺي ماحول ۾ ولوڙ پڻ پيدا ڪندي پئي رهي آهي. ان ڏس ۾ لاڙ جي شاعرن ۽ اديبن جون ورسيون ملهايون پئي ويون آهن، جن مان پير عالي شاهه جيلاني، قرهئو ڀانڊاري، سانوڻ فقير ۽ مرکان شيخڻ مکيه آهن. ان اداري جيئرن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي به نه وساريو آهي- ۽ ان ڏس ۾ جان محمد جت ۽ مير محمد لنڊ جي مانَ ۾ گڏجاڻيون ڪري، هڪ سٺي روايت کي جنم ڏنو آهي. هيٺ اسين ان اداري جي مختلف موضوعن جهڙوڪ تحقيق، شاعري ڪهاڻيون، ڊرامو، نفسيات تي ڇپايل ڪتابن جي لسٽ ڏيئي رهيا آهيون، ۽ مهراڻ جي پڙهندڙن کي اهي ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جي اپيل ٿا ڪريون:

(1) شاهه جا گم ٿيل بيت (سُر مارئي)، مناجات ساقي، (3) سوکڙي، (4) پارس، (5) تاريخ الشعراء لاڙ- - ڀاڱو پهريون، (6) پرڏيهين ڏانهن پيغام،(7) گوگو چوهاڻ، (8) چڱو ۽ مدو، (9) شاهه جا گم ٿيل بيت (مختلف وڌيڪ سُر)، (10) ڪليات فاروقي، (11) نوراني جاسوس، (12) پورس جا هاٿي، (13) لهرون، (14) نازان، (15) هڪ ندي- - ٻه ڪنارا، (16) ڇوليون، (17) انڌيرو اجالو، (18) تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، (19) تند تنوار، (20) ماهه ذوالحج، (21) بو علي قلندر، (22) کپرو چور، (23) قلم وهي ويو ڪانهن، (24) پيرشاهه قادري، (25) سنڌي آوازن جا تبادلا، (26) ماءُ جي قرباني، (27) رو حاني ابيات، (28) قصو ڪرهيي پير جو، (29) تيرهين تالي، (30) درد جو درياهه، (31) تاريخ الشعراء لاڙ- ڀاڱو ٻيو، (32) ڪليات شيخ الهه بچايو، (33) روپا ماڙي، (34) ڪلام مرکان شيخڻ، (35) ڪلام جڙيل عباسي، (36) ڪلام جوڻيجو، (37) ڏاهو گهيٽو، (38) دوها ۽ دونهان، (39) بلبل جون باتيون، (40) سون سريکا سپنا، (41) ڄراٽيس ڄيري، (42) مسٽر جاجي، (43) بيت ورندو، (44) ڪلام پير ڀاون علي شاهه ’ساقي‘ (45) ڪلام حيات جمالي، (46) درٻار محمدي (47) لاڙ ادبي سوسائٽي، (48) سنڌ جون سورميون، (49) عبراني، (50) پيروز فقير جو ڪلام، (51) جذبات پنائي، (52) مدد خان پٺاڻ، (53) اسان جا شعر هي سادا، (54) منهنجي ماضيءَ جا چند ورق، (55) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (56) پکين جي پچار، (57) ميگهه رک، (58) شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر.

 

ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري،

ويٺي  گهر  گهوري،  مٿان  پرين  جـندڙو.

      - شاهه

تبصرا

سج تريءَ هيٺان (تنوير عباسيءَ جي شعري ڳٽڪي تي ويچار)

جديد دؤر سنڌي ادب کي جيڪي شاعر ڏنا، تنوير انهن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. هن جي شاعري جذبات جي بي پناهه اُٿل سان گڏوگڏ، شعور جو هڪ تيز رفتار وهڪرو به آهي، جيڪو هن دؤر جي بدلجندڙ حقيقن ۽ ازلي سچ جي آميزشن سان پيدا ٿيل پس منظر ۾ فطري موسيقيءَ سان هم آهنگ نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو تنوير جي شاعري، ڪنهن هڪ طرح جي ناهي، بلڪ مختلف جذبا ۽ مختلف حالتون، جتي ڪٿي نظر اينديون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مڙني ڳالهين ۾ انقلاب جو عڪس نظر ايندو. انقلاب صرف جسماني نه، پر ذهني معاشي ۽ اقتصادي انقلاب:

مضبوط  جهوپڙيون  ۽  ڪمزور  محل  مـــاڙيون،

سو ڏيـنهن آهي ويجهو، ٿينديون اُڀيون ڪهاڙيون.

وري جڏهن وطن ڏانهن وري ٿو:

چٽ  پراوا  ڪين  وڻـــن،

پنهنجي لوئي لاک رتي.

ديس  جي  آزاديءَ  جي  خاطر، هرڪو سر سهائيندو،

هرڪو ٿيندو ڳاڙهو گهوٽ ۽ رت جي ميندي لائيندو.

ڪين وساريندو مان ڪڏهن،

ڪـــئـــڙم   جــــيڪو   قــول،

منهنجو ٻيلاين  سان ٻول.

تنوير جو اهو چوڻ ته:

او تنوير، ڳائڻ ته هر ڪوئي ڄاڻي،

اسان سوز ان ۾ سمائي به ڄاڻون.

يا

وري   شعر  تنوير  نازل ٿين ٿا،

ثمر سوچ جا نيٺ حاصل  ٿين ٿا.

انهن ٻن شعرن ۾ هن تمام سولن لفظن ۾، شاعريءَ جي ٻن اهم بنيادي نقطن جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان هن دؤر جو ڪافي اڌ پڙهيل انسان اڻڄاڻ آهي. سوز ۽ سوچ- انهن ٻين شين کان سواءِ شاعري تڪ بندي بڻجيو وڃي؛ Creation تخليق جي ڏاڪي تان لهيو Craftmanship يا جوڙڻ (Making) جي درجي تي پهچيو وڃي؛ ۽ جيڪڏهن ائين چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو، ته هر دؤر ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ سگهڙ ئي پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ هن دؤر ۾ شاعرن جو ڏاڍو ڪال آهي، جنهن جو سبب شايد اهو آهي، جو ڪنهن به اهڙي شخص کي چئلينچ ڪونه ڪيو ويو آهي، جيڪو شاعر نه هوندي به شاعر هجڻ جي دعوا ڪري. شاعر صرف اهو ناهي، جيڪو شعر لکي ڄاڻي، بلڪ هن کي انهن جي مفهوم جي به خبر هجي- ٻين لفظن ۾ هو جيڪي چوڻ چاهي، تنهن کي شعر جي صورت ۾ پيش ڪري. انهيءَ ۾ هڪ حصو وجداني ڪيفيت جو به هجي؛ پر وجداني ڪيفيت ۾ به لاشعوري طور اهي ئي ڳالهيون ظاهر ٿينديون آهن، جيڪي شاعر شعوري طور تي ٻڌي، ڏسي يا محسوس ڪري چڪو آهي، تڏهن به معاملو سوچ تي اچيو پورو ٿئي. تنهن کان پوءِ جديد دؤر، گوشه نشينيءَ جي شاعري يا اڪيلائيءَ جي گيتن جو ڪونهي. سڄي دنيا جو انسان هڪٻئي کي ايترو ته ويجهو اچي چڪو آهي، جو هاڻ هو هڪٻئي جون خوشيون ۽ غم محسوس ڪري ٿو. مظلومن ۽ محڪومن سان همدرديون ڪري ٿو. بادشاهن ۽ ورثي ۾ ملندڙ خوشين جا خواب ٽُٽي چڪا آهن، هاڻ ته هر قوم ۽ هر فرد پنهنجيون خوشيون پاڻ ٿو حاصل ڪري. تنهن ڪري ’هاڻ‘ جو شاعر رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه، بلڪ پاڻ جهڙن ٻين به انسانن جي خاطر ٿو شعر چوي ۽ لازمي طرح هن کي پنهنجو پاڻ مان نڪري، ٻين قومن ۽ فردن بابت معلومات رکڻي پوي ٿي. هونئن، ڪوبه شاعر جڏهن پنهنجي ڪا پيڙا پيش ڪندو آهي، ته به هن جو مقصد انهيءَ ۾ ٻين جي پيڙا جو عڪس پيش ڪرڻو هوندو آهي. تنوير ته انسانيت جي لاءِ چوي ٿو:

مات ٿياسون تون ۽ مان،

مات   ٿي    انـــــسانــيت

تڏهن به کيس اها پڪ آهي ته:

جيڪو خواب ڪلهوڪو،

سوئي   سچ      اڄوڪو.

پر هي به چوي ٿو:

سڀڪو  سپنا  ماڻي،

ساڀيا ماڻي ڪوڪو.

پر ڪٿي ڪٿي هو شديد ردعمل به ڏيکاري ٿو، اهڙن موقعن تي:

هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هرڪا دل هيري جي کاڻ، ڄاڻي ڏس ته سهي اڻڄاڻ وارو تنوير عباسي بي اختيار چيو اٿي:

اچيون رکون هي لاٽون، هي مشعلو هـي ڏياٽيون،

پنهنجن   لئه  روشني   ۽،   دشمنن  لئه  اُماڙيون.

هي رد عمل شعوري آهي، جڏهن حالتن ۽ واقعن جو رخ شعور تي Ideal سان ٽڪرائيندو آهي؛ جڏهن هر شيءِ کان انڪار جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ ماڻهو رڳو پنهنجي وجود کي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ انسان هاڪار جي جذبي کان هتي ناڪار جي حالت تي پهچندو آهي:

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

(شاهه)

واريءَ حالت ۾ هوندو آهي، جتي ’انسان‘، ’انسان‘ هوندو آهي، نه ڪي دوست ۽ دشمن، پنهنجو پرايو.

تنوير جي هڪ ٻي خاص خوبي اها به آهي، ته هن افريڪا ۽ ويٽنام جي هيروز بدران، پنهنجا مارئڙا چونڊيا آهن. حيدربخش جتوئي ۽ شهيد عبدالرزاق سومرو، هڪ سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي جان ڏني، ته ٻئي کي سنڌي هجڻ جي الزام ۾ هڪ درسگاهه جي اندر شهيد ڪيو ويو. هڪ حالتن جو شهيد، ٻيو ماڻهو ماريو. تنوير ٻنهي لاءِ شعر چيا:

زندگـــي  جدوجهد   اڻ  ٿـــڪ  ســــفر،

زندگي محنت ڪنهين هاريءَ جو هر.

--

ڪيڏا ڪيڏارا ڳايان پنهنجي سنڌ لئه،

مٽيءَ ۾ ملندا  وڃن،  ماڻهو  موچارا،

ڪڏهن هچارا، تڙبا پنهنجي سنڌ مان.

تنوير جا ڪيئن رنگ آهن؛ هو انقلابي به آهي، ته رومانوي به؛ حقيقت پسند آهي، ته جذباتي به. سندس شعر مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي خوشبوءَ چڱيءَ طرح محسوس ڪئي آهي. پنهنجي شاعرن جو چڱيءَ طرح اُڀياس ڪيو اٿس. تازو هن سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه لطيف سائينءَ جي شعر جو اُڀياس به لکيو آهي ۽ خود هن مجموعي ۾ هڪ نظم محمد فقير جي شعر جي هڪ سٽ سان شروع ڪيو اٿس:

جا وک چاوين سا وک اڳتي.

رسمي طرح ته تنوير کي انگريزيءَ رومانوي شاعرن مان، ڪنهن سان ڀيٽي سگهجي ٿو پال ويلري، ايزرا پائونڊ ۽ ٽي. ايس. ايليٽ سان سندس ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي؛ پر منهنجي نظر ۾ اها غلط ٿيندي، ڇو جو تنوير جو هڪ الڳ اسٽائيل آهي ۽ الڳ مقام. هن جي شاعري ديس جي سانگيئڙن جي جذبن ۽ اميدن جو اظهار آهي. تنوير سنڌ جو سپوت آهي ۽ هت رهندڙن جي من ۾ هن جو مقام ڏاڍو اوچو آهي.

پاتال ۾ بغاوت

ماڻڪ؛ پهريون ڇاپو؛ 1976؛ ڪرائون سائيز؛ 80 صفحا؛ چار رپيا؛ آگم پبلشنگ ايجنسي، پوسٽ باڪس 238، حيدرآباد سنڌ.

هن ڪتابڙي تي مهراڻ جي 2/78ع پرچي لاءِ تبصرو ڪرڻو هوم، پر موڪلي 3/78ع لاءِ رهيو آهيان. اوير نسوري منهنجي آهي- - ڪجهه پڙهي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائيءَ جي ڪري ڪجهه سسِيفوس (ماڻڪ موجب: سسيفس) واري ڏند ڪٿا وري پڙهي ڏسڻ لاءِ يوناني ديومالا تي ڪنهن ڪتاب هٿ ڪرڻ جي اڌوگابري ۽ ان ڪارڻ اڻ سڦل ڪوشش جي ڪري، ۽ ڪجهه ٺلهيءَ سُستيءَ جي ڪري. پڙهي پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ان ڪري جو ٻولي، خاص ڪري مهاڳ ۾، اهڙي ڪم آندل آهي جو معنيٰ مطلب پروڙڻ لاءِ ساهيون وٺڻيون ٿئي پيم. انهن ساهين ۾ عجيب قسم جي پنڪچوئيشن ۽ پروفن جي چُڪن جو به هٿ هو. يوناني ديومالا تي ڪتاب هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ان ڪري جو اهو ڄاڻڻ ٿئي چاهيم ته آڳاٽي يونان جي ڪارنٿ نالي عياشيءَ ۽ لُچپڻي کان بدنام شهر جي ڏند ڪٿائي بانيءَ ۽ پهرين بادشاهه، سِيسفوس، کي مهاديوتا، زيوس، جن لوڀ ۽ ٺڳيءَ جي ڪمن تان پاتال ۾ سنگ مرمر جي ڇَپَ ٻنهي هٿن سان ڍِڪي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پڄائڻ جي ڪڏهن به پوري نه ٿيندڙ سزا (ڪڏهن به پوري نه ٿيندڙ ان ڪري جو ڇپ چوٽيءَ تان ڦرندي اچي وري پٽ پوندي هئي)  ڏني هئي، تن جي وچور ڇا هئي. جي ماڻڪ پنهنجي 25 صفحن جي مهاڳ ۾ ڪٿي منڍ ۾ اصل ڏند ڪٿا به درج ڪري ها ته هوند مون پارن ويسرين ۽ گهٽ- ڄاڻ تبصري ڪندڙن جو ڀلو ٿي پئي ها.

’پاتال ۾ بغاوت‘ جا ٻه ’ڀاڱا‘ آهن. پهريون ڀاڱو (ص ص 9- 33)، ’سسيفس جي ناڪار‘ هڪ طرح جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ ماڻڪ هِن ’دائمي ڦٽڪاريل ۽ ننديل‘ ڪردار بابت پنهنجي Thesis هيئن اپٽاري آهي: ’سسيفس، ڪامؤ پاران مڙهيل وجود کان مٿانهون آهي. گهڻو مٿانهون. ڇاڪاڻ ته هو اختيار جو ننديل آهي ۽ ڦٽڪاريل. سندس وڏائي انهيءَ ۾ آهي ته، هو سدائين، هر ويل، اختيار کي چوي ٿو: نه- جو ڪجهه مٿس مڙهيو ويو آهي، اختيار پاران، جنهن وٽ سگهه آهي. سسيفس ان کي ٿڏي ٿو. نابري واري ٿو. نه؛ ۽ انهيءَ  ”نه“ - - جي حد کان ”پاڻ هجڻ“، جي اظهار جي سرحد شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ پنهنجي تقدير/ چرپر جي چونڊ جو حق محفوظ رهي ٿو، چونڊ جو حق، جيڪو آزاديءَ جو تت آهي. تنهنڪري الاهي فتوائن، مقدس احڪامن ۽ اختيار طرفان مڙهيل امر کي للڪار آهي. هو اهو نٿو مڃي ته ڪو مٿانهون، يا ڪا مٿين هستي سندس باري ۾ فتوا مڙهي، فيصلو ڪري، نصيب جوڙي. ۽ نه ئي هو انهيءَ حيثيت ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو، پاڻ مٿانهين مڙهيندڙ هستي بڻجي. جيڪا ٻين جي مٿان فتوائون مڙهي ۽ نصيب ٿاڦي. سندس ناڪار، هستي جي هانڪار لاءِ آهي.‘ (ص ص 22-23، 27). انهيءَ ناڪار کي develop ڪندي، ماڻڪ پاڻ اختيار/ سگهه جي هر علامت جهڙوڪ خدا، مذهب، نظريئي، رياست، اسٽبلشمنٽ، قاعدي قانون جو منڪر ٿئي ٿو ۽ انهن علامتن کي هوڪارڻ/ للڪارڻ/ٿڏڻ/ ناڪارڻ هيڻن/ خلق/ عوام، خاص ڪري حساس ۽ ايماندار فنڪار جي ’اخلاقي جوابداري‘ ۽ ’آدرش‘ ڄاڻائي ٿو.

ٻيو ڀاڱو، جو ص 37 کان ص 79 تائين آهي، تنهن ۾ اصل Story بيان ڪيل آهي جاءِ واردات پاتال/ موت گهر، هاديس (ماڻڪ موجب: هيڊز) ۽ ديوتائن جي درٻار، اولمپوس، آهي. هاديس ۾ ديوتائن جي ٻين ’ڦٽڪاريل، دائمي سزا ڀوڳيندڙن‘ سان گڏ سيفسوس به پنهنجي اڻ کٽ سزا جو عتاب ڀوڳي رهيو آهي- - ۽ سلسلو جڳن کان هلندو اچي ٿو اصل قصي جي شروعات تڏهن ئي ٿي، جڏهن ’هڪ لڱا اوچتو‘ سسيفوس ڇَپَ کي ريڙهڻ بند ڪري، ان مٿان ويهي رهي ٿو، ۽ پهرين پاتال/ موت- گهر جي واليءَ، هاديس، جي هڪل تي پوءِ مها ديوتا، زيوس جي پيغمبر، هيرميس (ماڻڪ موجب: هرمز) جي چوڻ تي به پٿر ريڙهي چوٽيءَ تي پڄائڻ کان ناڪار ڪري ٿو. تنهن تي کيس اولمپوس ڏانهن نيو وڃي ٿو، جتي هو زيوس سان مهاڏو اٽڪائي ٿو. اُتان هو وري پاتال ڏانهن موٽايو وڃي ٿو، انهيءَ حڪم سان ته سندس سزا جو چڪر ايترو ته تِکو ڪيو وڃي، جو منجهس ’سوچ لاءِ ڪا وٿي نه بچي، سندس سونجهه جا سمورا ڳڙکڙا بند ٿي وڃن،‘ پر سندس ’پيڙا جي سيرت‘ ۽ ’بيوسيءَ جي ڄاڻ‘ جيئن جو تيئن رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com