استاد
بخاري
ڪير ٿو ڪنهن کي سڃاڻي ههڙي هاڃيڪار هاڙهي رات ۾
رات جا
چارئي طرف ڪاري به آ
چارئي پهر چاري به آ
ڪُهٽي به آ
ڪُپتي به آ
ڪَپٽي به آ
ڪير ٿو ڪنهن کي سڃاڻي، ههڙي رهزن رات ۾.
سج!
پيهي ويو پهاڙن جي پٺيان- ڪو وقت ٿيو
چنڊ
الائي ڪهڙي چُر ۾- ڏوُر- چڪنا چور آ
تارا ويچارا
جي آهن پتڪڙا، پر چمڪڻا ۽ چلڪڻا
سي
سٽي ڪوراڙ ڪارونڀار جهُڙ آهن وڌا اوڙاهه ۾
هٿ نٿو هٿ سان ملي
اک نٿي اک کي ڏسي
هڪ ته گهُگهُه اونداهه
ٻيو گجگاهه ٻيلا- ٻاٽ ... ٻاٽ!
واٽ هوندي ناهي واٽ!
ڪيئن ڪجي؟
وڌڻو به آ اڳتي ضرور
ملڻو به آ محبوب سهڻي ساٿ سان
ڪيئن ڪجي
هئه
ڪيئن ڪجي؟
او ڪري پئو، وڄ اڄ ٻٻرن مٿان ٻيلا ٻرن،
روشنايون روشنايون ٿي وڃن
واهرو- واهون – ملن!
نثار بزمي
فرض ڪريو.....
فرض ڪريو مان چور هجان ها
گلڙن جو رنگ چورايان ها
ڍولڻ جو ڍنگ چورايان ها
الفت جو انگ چورايان ها
بلبل جي لئي چورايان ها
شام جي سرخي چورايان ها
صبح جي صورت چورايان ها
سازن مان سُرَ چورايان ها
گيتن جا گُر چورايان ها
سهڻيون دليون چورايان ها
سُونهن سموري چورايان ها
پيار سڄوئي چورايان ها
امن امان کي چورايان ها
ٿر جي ٿاڌل چورايان ها
مٺڙيون ڳالهيون چورايان ها
هاءِ! مگر مان چور به ناهيان
فرض ڪريو مان نانگ هجان ها
زردارن کي ڏنگ هڻان ها
سردارن کي ڏنگ هڻان ها
مظلومن کي ڪونه ڏنگيان ها
مزدورن کي ڪونه ڏنگيان ها
مجبورن کي ڪونه ڏنگيان ها
پيٽ وڏن کي ڏنگ هڻان ها
مان ڏاڍن کي ڏنگ هڻان ها
محتاجن کي ڪونه ڏنگيان ها
بيواهن کي ڪونه ڏنگيان ها
بي يارن کي ڪونه ڏنگيان ها
بي دردن کي ڏنگ هڻان ها
دل وارن کي ڪونه ڏنگيان ها
دلدارن کي ڪونه ڏنگيان ها
هاءِ! مگر مان نانگ به ناهيان
فرض ڪريو مان ڪانءُ هجان ها
پِريَن جا پيغام کڻان ها
سڪ جا ساڻ سلام کڻان ها
عشق وٽان انعام کڻان ها
حُسن وٽان الزام کڻان ها
آمد جا اظهار ڪريان ها
يارن سان گڏ يار ڪريان ها
خير جون خبرون مان آڻيان ها
من جي مطلب کي ماڻيان ها
رُٺلن کي مان پرچايان ها
ٻن دلين کي پرڀايان ها
وچ ۾ ويهي ڳالهايان ها
ساهه ٻئي مان سرچايان ها
هاءِ مگر مان ڪانءُ به ناهيان
فرض ڪريو مان جيڪي آهيان سو نه هجان ها
درد جون دانهون ڪير ڪري ها؟
مظلومن لاءِ ڪير مري ها؟
ٿڌيون آهون ڪير ڀري ها؟
زهر جا پيالا ڪير پيئي ها؟
جنجالن ۾ ڪير جيئي ها؟
دل تي پٿر ڪير رکي ها؟
سوريءَ کي سڏ ڪير ڏئي ها؟
”بزمي“ نالو ڪير رکي ها؟
ههڙيون ڳالهيون ڪير ڪري ها؟
اکڙيون آليون ڪير ڪري ها؟
احمد خان آصف
هُن بازر جون مايون
’هُن بازر‘ جون مايون آهن
سهڻيون ٻهڳڻ ٻايون آهن
مُرڪن ٿيون ته گُمان ٿو گذري
مُکڙيون ڄڻ مُسڪايون آهن
ڀوريون، گوريون جن کي ڏسندي
حورون خود هِرکايون آهن
ڇا سُونهن سندن ڇا ويس سندن
پريون ڄڻ شرمايون آهن
هي به ته ڪنهن جون ڀينر آهن
هي به ته ڪنهن جون ڄايون آهن
مَڙدن جي ڪنهن منصوبي سان
ويچاريون هت آيون آهن
موتي عصمت جو وڪڻڻ ٿيون
مُلهه ڇا؟ ڪوڏيون پايون آهن
رُت جا ڳوڙها پي مُرڪن ٿيون
بيٺيون ميندي لايون آهن
عورت اوجهڙ پاڻ نه پوندي
مَڙدن پاتيون ڇايون آهن
’آصف‘ گل باغن ۾ سونهن
مُکڙيون هِت مُرجهايون آهن!
واجد
عرصو اڳ
منهنجو در کُڙڪائي
چيو هُيئي:
’اُڀ تان آخري تارو ٽُٽي پيو!‘
پر مان چُپُ پهاڙ جيان!
وَرهه وهاميا
اڄ وري تو منهنجو در کُڙڪايو
چيئي ته: ’چنڊ آسمان مان ٽُٽي ڪري پيو!‘
پر مان چُپُ پهاڙ جيان!
ماڻهن ڄاتو، اڄ کان پوءِ
تون موٽي مور نه ايندين
پر مان ڄاڻان ٿو
سِجَ جي سرد ٿيڻ جي سُڌ ڏيڻ ليءِ
موٽي ايندين!
فيض الله
ٻه نظم
(1)
پين کڻان ٿو، شعر لکڻ ليءِ
پر ڪاڳر تي
تنهنجو چِتر ٿو چِٽجي وڃي!
(2)
ڏکڻ گهليو آ
مينهن اُڪاميو آ
۽ حرڪتي ٻار
کاري هيٺان
انُ ڇَٽي
جهرڪيون ڦاسائن ٿا!
غلام حسين رنگريز
وائي
ڪوڙ ڪري سچ زير ڪيئي، ڪيڏو هي انڌير ڪيئي!
ٻارن جهڙي عادت تنهنجي، ڊاهي ڍينگا ڍير ڪيئي!
ڪاري ڪڪري آڻي اُڀ تي، سج سان ڪهڙو وير ڪيئي!
حيات جتوئي
ٻه نظم
ڪو سوڍو چڙهيو سوريءَ تي
جو ڪنوار ڪنن ۾ پَڙو ناهه
مينديءَ جا وڻ ئي وڍجي ويا
الا، پَٽن ۾ ڪِنڙو ناهه.
رت ريٽا بادل اُڀ تي
۽ رَئي هوا ۾ اُڏري ٿي
ڳِجهن ڳَجهو آ ڳالهايو
ڪا باهه ۾ ٻُوٽي پڄري ٿي.
ڇوري ايڏي ننڊ ڪرين
ڪهڙا خواب سجايا ٿئي
وَٺُ اُٿي ٿي ويل وڃئي
پوءِ جا سَڏَ اجايا ٿئي
ٽِم ٽِم لائي ٽانڊاڻن جا
سانوڻ جا هي سعيا ٿئي.
ساز ملاڪاتياري
وائي
پاءِ کنوڻ جو هَس بادل، وَس وَس بادل وَس!
مون ڏي وانگي ڪونه منجهانِ وريو،
الا مارن ڇو ڪئي بَس بادل!
الا سانگيئڙن نه ڪا سار لڌي،
ڏِج جهانگيئڙن کي جَس بادل!
الا تاڃيءَ پيٽي پٽ مارو،
جن جي ريهاڻين ۾ رَس بادل!
الا ’ساز‘ وطن ۾ ساهه ڏيان،
پوءِ ته ڪالهي ڪَس بادل!
مسڪين راشدي
غزل
نيبهه شل سُک توکي هوءِ، مون کي ڏُک به پيارا آهن.
اُجرو اُجرو من آ منهنجو، ڪپڙا ڦاٽل ميرا آهن.
ماڻهو ناهن سڀئي سهڻا، ڪي ڪي موتين داڻا آهن.
هر هڪ دل ۾ گهُٽيل گهُٽيل، تنهنجا منهنجا سُڏڪا
آهن.
بشير احمد شاد
وقت
وقت وڏو ٻهروپي سانڊي وانگر روپ مٽائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
وقت عمر جي انگن کي هت، جيتوڻيڪ وڌائي ٿو،
پَرَ حياتيءَ جي ليڪن کي، ڏينهون ڏينهن کُٽائي ٿو،
راتين ڏينهن جو چڪر ڄڻ، دنيا کي سمجهائي ٿو،
ويل وئي ناهي ورڻي، اُٿ ڪر ڪا ڪار ٻڌائي ٿو،
وقت خريدي ڪير سگهي ٿو، توڙي لک لٽائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
ڪرٽ ڪهاڙي، صليب ڀالو، تيز تکي تلوار ميان،
نازڪ پردي جهڙي آهي، ڪاغذ جي ديوار ميان،
ڪين رڪيو آ ڪنهن جي ڪارڻ، وقت وڏي رفتار ميان،
بنا لغام ڇتي گهوڙي تي، ڦُڙتيلو هسوار ميان،
ويٺي وقت وڃائي جيڪو، تنهن کي وقت وڃائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي، سائين!
وقت جي ويرين ۾ ويڙهيل هي ماضيءَ جا آثار ڏسو،
نينوا بابل جا کنڊر ۽ ايلورا جا غار ڏسو،
اهرام مصر جي عظمت ۽ هوءَ چين سندي ديوار ڏسو،
موهن، ڪاهو هڙپه توڙي مڪليءَ جا اسرار ڏسو،
وقت وڃي ٿو گذري ليڪن پنهنجي ياد رهائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
ڪنهن کي وقت هماليه جيان ڪيو اوچو ڪنهن کي زير
زمين،
وقت ڪيو ڪنگال مان ڦيري ڪنهنکي ڪڏهين تخت نشين،
وقت ڪيو ڪنهن جي لئه آهي ڌرتيءَ کي هت بهشت پرين،
وقت بڻيو دوزخ جو دونهون لهسيا ڪوڙين ماه جبين،
وقت تي ويساهه ڪين ڪجو، ڪنهن مهل به ڪلٽي کائي
سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
وقت اسان تي ايٽم بڻجي شهر هتي شمشان ڪيا!
وقت ڪڏهن ٻوڏ آندي وسندا ويڙها هت ويران ڪيا،
وقت ڪڏهن آ باهه ٿي ڀڙڪيو، ڪيئي هت نقصان ڪيا،
بارش طوفان بجلي بڻجي، ڪيئي گهر ويران ڪيا.
وقت هتي سؤ روپ وٺي، هر روپ ۾ هاءِ ستائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
وقت وئي کي هاڻ وساري حال کي هاڻ سنواريون يار،
ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کان نئين سر پاڻ سڌاريون يار،
نئين حوصلي نئين امنگ سان نئين سج ڏانهن نهاريون
يار،
هرهڪ غافل کي ڌونڌاڙي، محنت لاءِ اٿاريون يار،
شاد رهڻ لاءِ شرط اهو آ هرڪو پاڻ ملهائي سائين!
وقت وئي کي آهه ڀلا ڪنهن آندو ماڳ ورائي سائين!
مظهر جلباڻي
پيار
پيار مٿانهون پيار اُتم، پيار شرم آ پيار مرم.
پيار ۾ ٻولڻ آهه صداقت، پيار ۾ مُرڪڻ آهه سخاوت،
پيار ۾ جيئڻ آهه عبادت، مرڻ انهيءَ ۾ آهه شهادت،
پيار ئي آهي دين ڌرم، پيار مٿانهون پيار اُتم.
پيار ته آهي سچُ سمورو، پيار بنا جڳ کامي کورو،
اُڻ بِن جيون آهه اڌورو، هرڪا شيءِ ڄڻ زهر ڪٽورو،
پيار ڀلائِي پيار ڪرم، پيار مٿانهون پيار اُتم.
پيار ته آهي دين ايمان، پيار بنا وسنديون ويران،
پيار نه ڄاڻي جو نادان، مُور نه آهه اُهو انسان،
پيار ته ڪعبو پيار حرم، پيار مٿانهون پيار اُتم.
پيار بنا اونداهي رات، پيار بنا هر ڪوڙي بات،
پيار بنا ڪا تات نه تات، پيار نه ڄاڻي ذات نه پات،
پيار بنا هر ڪوڙو ڪم، پيار مٿانهون پيار اُتم.
سارنگ
اکين جي آڪاس تي
بادل ڀرجي آيا
ڌرتيءَ جهڙن ٺوٺ ڳلن تان
جيئن جيئن وسند
تيئن تيئن ٿيندا
منظر سارا
آئوٽ آف فوڪس
نيڻ نيڻن سان ٿا ملائي ڇڏيون
اڄ چوڻ لاءِ ڪجهه بچيو ناهي!
اندران اندران پڄران
ٻهران ٻهه ٻهه ٻهڪان
ڳل تي ڳوڙهو وسي ته مان
چيڪي مٽيءَ جيئن مهڪان
صدين کان ڊوڙيو آهيان
ڌنوڻيءَ وانگر پيو سهڪان!
لڙڪ لڪائي نيڻن منجهه
مُک تي مورڪ سجائي مون
خوشبو جان پکڙي ويئي
ڳالهه گهڻي لڪائي مون
پوءِ به پٺتي رهجي ويس
وِکَ گهڻي وڌائي مون
سيئي ڪانڌي ڪونه ٿيا
جن ليءِ جان جلائي مون
جيڪو منهنجو ناهي ٿيڻو
تنهن سان لئون لڳائي مون.
مير محمد پيرزادو
(غزل)
سوچون وکريل ٿوهر بَر ۾
گهُٽيل دانهون پٿر پٿر ۾
اُڀ ۾ بادل، مور رڙي ڄڻ
ڊيل ڊُڪي ٿي ڏَهر ڏَهر ۾
دُک جي ڌرتيءَ تي هي شاعر
کنوڻين جيان چمڪاٽ ڪڪر ۾
پڃرو ٽٽندو، پوءِ به نه اُڏندو
سگهه نه ڪائي جنهنجي پَر ۾
هٿ ۾ گُلڙا، لڙڪ اکين ۾
گيت چپن تي، آڳ اندر ۾
مينهن سندي مَڌ پيئندو پيئندو
ٿڙندو سانوڻ آيو ٿر ۾
ڪالهه شڪاريءَ جُوءِ لتاڙي
تِتِر نه ٻولي اڄ ڪو تَر ۾
ڪانئر ڳولي ٿو پيو ڇَر ۾
موتي ملندا اونهي جَر ۾
سونهن نه ڄاڻي ننڍ وڏائي
ڪنول کِڙي ٿو گدلي سَر ۾!
راهي چنا
غزل
ڏات سندو مان ڏوهي سائين،
منهنجا گيت سدائين گهايل.
وک وک تي ٿو واڪا ڪريان،
ڪيسين رهندا ديپ اُجهايل!
پار پرينءَ کان هير گهُلي ڪا،
صدين کان آ ساههُ سڪايل.
آءٌ مينڌرا حال ته اوريون،
ميڙيو ڪاڪ ڪنول ڪومايل.
پيار ڪري پڇتايون ڇا ليءِ،
روح جي آهي راند رچايل.
کنوڻ کنوي ٿي برسيو بادل،
ڇَنن ڇَنن ڇمڪي ٿي پايل.
روز ازل کان پياسا آهيون،
اوت اڃا هِن نيڻ اُڃايل.
من جو پنڇي قيد نه ٿيندو،
ڪُوڪي پيئي ڪاري ڪويل.
پيار علي پريمي
جنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون،
پاڙن کان ئي اُکڙيل آهيون.
پيرن تي ويساهه اسان جو،
وهمن منجهه وڪوڙيل آهيون.
کُليل مُٺ جي آڱرين جان،
هڪٻئي کان سڀ وڇڙيل آهيون.
ڏيهه اندر پرڏيهي آهيون،
گهَر تَڙ هوندي ڏُتڙيل آهيون.
شل هي جاڳي جَڳُ ’پريمي‘،
ننڊن منجهه نِپوڙيل آهيون.
اشرف آصف
رُتِ مينديءَ رَتي سَڏَ سوريءَ ڪيا،
مُرڪندي مَرڪندي مرد تنهن ڏي ويا.
اوچتو ٿي وئي ماٺ ئي ماٺ آ،
سُڃ آهي گهٽي، ڪابه ڪانهي صدا!
هن ڪلا کان سوا هي ڪوي اَ ائين،
جسم کان روح جا ڄڻ ٽُٽا سلسلا.
ائين پنن تي هئا ماڪ جا هي ڦُڙا،
رات جا ڪي لڙي لُڙڪ آهن پيا.
جي هجي وس اهو مان ڪڪر ٿي پوان،
هيءَ ڌرتي ڇڏي، پيو گهمان تي گهٽا!
اڪبر سومرو
تصوير
ڪينواس تي تنهنجي تصوير
سڄڻ!
وار ڪڪر گهاٽا
ڪن ڪارونڀار
سڄڻ
چپ ڳاڙها گل
متان ڇهين تون به
پئجي ويندن جهير
سڳو ڪارو نڪ ۾
تون هئين ۽ مان هئس
لڳي سنڌوءَ هير
ڪينواس تي تنهنجي تصوير.
شاد عباسي ٻورڙائي
ٽيڙو
ٽماهي ”مهراڻ“
ادب جي باغ جي
سُڳنڌ ۽ سرهاڻ.
ٽِماهي ”مهراڻ“
عشق وارن جي
الفت جو اهڃاڻ.
درگاهي ديوانو
ساگر
ساگر
مها ساگر
نيرو نيرو اونهو اٿاهه
ان جي لهرن ۾ آ بيٺو
پربت بي پرواهه
ساگر
اهڙو اونهو
جهڙي منهنجي سوچ
لهريون لڙن ٿيون
گڏجي وڙهن ٿيون پريت سان
پر پربت ساڳو اوچي ڳاٽ
پربت جي هڪ پٿر تي
آئون وياڪل ويٺو آهيان
سوچيان ويٺو
ڇولين ۾ ڀي شڪتي آهي
پربت ۾ ڀي ٻل
آئون اُتم انسان ٿو سڏجان
مون ۾ ڪهڙو ٻَلُ!
ظفر الدين عباسي
ٽيڙو
پڙهي ”مهراڻ“
ڄڻ
مليم چهراڻ.
رات پيهندي جنڊ
ڪومل هٿڙن وانگيان
لِڦون لِڦون چنڊ.
ج. ع. منگهاڻي
وايون
اوکو اوکو، جيون اوکو
هلچل ڌاران ماڻهو کوکو،
جيون اوکو.
ڏيو به دوکو، وٺو به دوکو،
جيون اوکو.
ماڳهين جان سندو آ جوکو،
جيون اوکو.
هيرَ گهُلي ڙي، هيرَ گهُلي ڙي.
ڦَٽ پُراڻا اُکِلي ڙي،
هيرَ گگهُلي ڙي.
روهن ۾ وئي سوچ رُلي ڙي،
هيرَ گهُلي ڙي.
نيڻ نماڻا پيا اُٿلي ڙي،
هيرَ گهُلي ڙي.
ٽيڙو
ليکڪ جو ليک،
اهڙو جهڙو-
سج جو تيک.
|
وٺو ساوڻ مينهن
گاهه ڦُٽو ۽ ساهه ۾
سائو ٿيو نينهن.
|
ولي
رام ولڀ
ڪجهه ڪوتائون
شهرت ڪاڻ
پٿر هڻي
گاريون ڏنم
ڦُڪون اُڇلي
ڳاٽ اُوچو ڪيم
پر هو بي نانءُ ماڻهو
ڪنڌ نوائي
ماٺ ۾ هليو ويو
مون ڏٺو:
ماڻهن سندس چَرڻ ڇهيا؟
شهر ۾
کيس ڪير به
نٿو سڃاڻي
هوندو هو ڪڏهن
چؤٻول هن جو
سندس پاڻ سڃاڻڻ جو!
تارون منهنجو ريتي ريتي
زبان خشڪ ۽ سُڪل
اُڃ جي باهه
ڳيتَ هرڪا ٽانڊا ٽانڊا
تنهنجي چپن ۾ ماکيءَ جو درياهه
اَجهل- اٿاهه!
ڳيرو ڳائي
ڪنهن کي ٿو ٻڌائي!
ڪوئي آهي؟ ڪوئي آهي؟
سرڪش سنڌي
ماروئڙن جا ماڳ
اي سنڌ سدائين سبز هجين شل مدعي تنهنجا ميرا ٿين،
ڪي ڳپل ٿينِ ڪي ڳترا ٿينِ ڪي ڦاڪون ٻيرا ٻيرا
ٿينِ.
هي برپٽ ڀي آباد هجن هي واهيون وڪڙا شاد هجن،
هن مهر ڀريي ۾ مؤج هجي جئن گهر گهر اڳيان ديرا
ٿينِ.
هت گس گس ساوا گاهه ڦُٽن، جئن مال وندن جا مال
چرن،
ڏسي گوشيون، ڪُنڍڙيون ڀاڏيون خوش، خوش مارو جُوان
مَٿيرا ٿين.
هت ڪڻڪون ساريون جُئريون سڀ، هت سايون ڀاڄيون
ڪُئنريون سڀ،
هت گدرا ونگا وونڻ وري، هت سِنڌڙي انب ٻِه سيرا
ٿين.
شل ميون سان سڀ ڏار جھُلنِ ڇيا نِوڙي توکي سجدا
ڪن،
جِئن رَسُ رسيلي پيارا پي ڀرپور نشي ۾ کيرا ٿين.
تون هردم گل گلاب هجين تون خوشين سان سيراب هجين،
تون باغ بسنت بهار هجين تو ۾ بلبل جا آکيرا ٿينِ.
تون چمڪين پئي تون چلڪين پئي، تون ٻهڪين پئي تون
ٽهڪين پئي،
شل باک ڦُٽيءَ جي لاتين سان هي راتيون صبح سويرا
ٿينِ.
هِت چنڊ سندي چانڊاڻ هجي، هِت مُکڙين جي مانڊاڻ
هجي،
هِت گلڙن جي سُرهاڻ مٿان پيا، ڀؤنرن ايرا ڀيرا
ٿين.
هت ماروئڙن جا ماڳ هجن، هت ساز سُريلا راڳ هجن،
هت ڀاڳاءيون سڀ ڀاڳڀريون، تن ويتر ڀاڳ ڀليرا ٿينِ.
جي ڪين سهن هي ڪين لهن، سڀ ڍُٽا ڊوها ڍنگ ڊهن،
شل ويري وڍجن ڪين بچن، هت پرت وارن جا پيرا ٿينِ.
هت اهڙا اهڙا رنگ ٿين جئن دلگيرين جا دنگ ٿينِ،
هت لوڙهيون لاش لُٽيرن جا، جئن ڪين ڪُٺن ڪانئيرا
ٿينِ. |