مان محسوس پيو ڪريان، ڄڻ ڪيتريون ئي فيشن ايبل
ڄؤرون منهنجي جسم کي چهٽيل آهن. منهنجو رنگ پيلو
پئجي رهيو آهي. شايد نه، پر پڪ سان اوهان سنڌ جي
ذهن کي ’السر! ۽ ’پاڳليڻو‘ ۽ ’ٽي. بي‘ ڏيڻ ٿا
چاهيو! ۽ پوءِ ادبي مذاڪرن، گڏجاڻين ۽ ورسين ۾
ٺهراءُ پاس ڪري، آگ لهرائڻ ٿا چاهيو! ڇا اها
ڊپلوميسي ناهي؟ چهري تي هڪ وڌيڪ نقاب ناهي؟
جنهن قوم جا فنڪار چندن ۽ وظِيفن تي پلبا آهن،
انهن جي خودداري ۽ انانيت مري ويندي آهي. ان ريت
قومي ضمير کي سمهارڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ اهو هٿ
ظاهر ڇو نٿو ڪيو وڃي؟
پڙهندڙن وٽان
●
ادا، اڄوڪي ٽپال ۾ توهان جو موڪليل ”مهراڻ“ مليو
ان لاءِ توهان جي ٿورائتي آهيان. نسيم تي لکيل
سمورا ليک مان ڏاڍي دلچسپي ۽ ڌيان سان پڙهيا (البت
ادا ناصر جي غير حاضري ڏاڍي محسوس ڪيم)
ادي ماهتاب جو ليک ڏاڍو دلچسپ ۽ من موهيندڙ هو. پر
هڪ ٻن هنڌن تي سندس لکيل سٽن منهنجي دل کي ٿورو
دُک پهچايو آهي- ان لاءِ مان پاڻ کيس ذاتي طرح سان
به چوندس جو منهنجي ساڻس ايتري حجت آهي- مون کي ڊپ
آهي ته اهي سٽون پڙهندڙن تي ڪو سٺو اثر ڪونه
ڇڏينديون. ماهتاب لکيو آهي ته:
”گهر واريءَ کان پڇيم ته هن ٻڌايو ته آيو آهي ته
سڄو ڏينهن پيو ’گولا جي گراهه جا‘ پڙهي.“
”ڏاڍي بور ٿيندي هوندينءَ“.
”ٻيو ڇا، تنهن ڏينهن چيومانس ته پڙهڻ جي هر هر
تڪليف ڇو ٿو ڪرين، مون کي ڏي ته تعويذ وانگر گهوٽي
ڏيانءِ ته پي وڃ“.
اهڙا خشڪ ۽ چڀيندڙ لفظ منهنجي واتان ٻڌي لازماً
پڙهندڙن جي ذهن تي منهنجو تصور هڪ جاهل ۽ بد ذوق
عورت جو ئي اچي سگهي ٿو. حالانڪ مان ئي سنڌ جي
واحد خوش قسمت انسان آهيان، جنهن نسيم جو هر ليک
پهرين پڙهيو. نسيم منهنجو من چاهيو ليکڪ هو. مون
کي هر دفعي چاهنا هوندي هئي ته هِن دفعي نسيم ڇا
تو لکي! زمينداري ۽ دنيا جي ٻين ڌنڌن ۾ مهينن جا
مهينا کيس لکڻ جو موقعو نه ملندو هو، ته منهجو من
بيچين ٿي پوندو هو. ته نسيم جي قلم کي ڪٿي ڪٽ نه
لڳي وڃي ۽ وري جڏهن کيس ويهاڻو سينو هيٺان رکي
لکندو ڏسندي هيس ته اطمينان محسوس ڪندي هيس ته
نسيم سنڌ ماءُ جو فرض ڪونه وساريو آ ۽ انهيءَ ترنگ
۾ مون ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي رت ڄمائيندڙ راتين ۾
نسيم کي ڪيئي ڀيرا چانيهون ٺاهي ڏنيون ۽ اُسر ويلي
تائين ساڻس سندس لکيل ليک تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. اها
ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو لکڻ طرف لاڙو ڪونهي.
مون ماهتاب ئي ائين برابر چيو هو؛ پر هن به مذاق ۾
ڳالهه ڪئي ته مان به وري مذاق ۾ جواب ڏنو- ادي
مهتاب وري ڳالهه کي ڪجهه ٻئي نموني لکيو آهي،
حالانڪ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي.
اڳتي هلي ڀيڻ ماهتاب فلم هلندي نسيم کي اکيون
اُگهندي ۽ سندس اکين جي چوڌاري حلقن ۽ محرومين جو
ذڪر ڪيو آهي. نسيم واقعي دل جو نرم هو (’هو‘ لفظ
لکندي روح ڪيتري نه پيڙا پيو محسوس ڪري- ) نسيم جي
ڪونئري هنيانءُ جو مثال مان پنهنجي ذاتي مشاهدي
مان هڪ واقعو ٻڌائيندي هلان ته تنهن زماني ۾ نسيم
”مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ“ لکي رهيو هو. اوچتو منهنجي نظر
مٿس پئي. جان ڏسان ته سندس ڳلن تي لڙڪ هئا ۽ اکيون
ٿي کنيائين ته ڳاڙهيون لال لڳيون پيون هئس. منهنجي
پڇڻ تي ڪهاڻيءَ جي آخري پيرا جي آخري سٽ آڱر رکي
مون کي پڙهايائين. مان ته اچرج ۾ اچي ويس؛ يا
الله! هيءُ انسان آه يا ديوتا!! ايتري ڪومل من جو
ڌڻي به ڪو ٿيو، جو پنهنجي ئي جوڙيل رٿا تي پيو
هنجون هاري!!! (زينوءَ جي يتيم ٻار تي ماتم ڪندڙ
جي ننڍڙي ثمن اڄ پاڻ مجسم ماتم آهي).
باقي نسيم جي محرومين متعلق، ته خدا جي فضل سان
نسيم جي ڪا خواهش اڻ پوري نه رهي (سواءِ سندس
خيرپور تي لکيل نامڪمل ڪتاب جي). جو هُن چاهيو سو
کيس مليو مالي آسودگي، جنت مثل گهر، پيارا ٻار ۽
جيون ساٿي. وفادار دوست، مراد وارا ڀائر- پنهنجي
لکڻين مان هو
Satisfied
هو. کيس جيئري ئي عزت ۽ اُهو مان مليو جنهن جي هو
لائق هو. ادا، دنيا ۾ اهڙا انسان گهٽ ملندا جن جون
سڀ خواهشون پوريون ٿين ۽ نسيم به انهن مان هو.
سندس موت به اهڙو ئي ٿيو، جهڙي موت لاءِ هو
خواهشون ڪندو هو. باقي غم روزگار ته هر انسان پاڻ
سان خدائي تحفو کڻي آيو آهي- زمينداريءَ جي
future
متعلق ته ڄاڻو پيا ته ڪهڙو آهي ۽ هڪ نسيم جي سر تي
ايڏي ڪٽنب جو بار هو. نسيم جهڙو ڏسڻ جو جبل هو ته
حوصلا به جبل جهڙائي هئس. نسيم ڪنهن کان شڪست کائڻ
وارو نه هو. نه سياسي بگهڙن کان؛ ادبي مانگرن کان؛
پر افسوس موت کان شڪست کائي ويو. نه نه اهو ته مان
غلط ٿي چوان ته نسيم مري ويو- نسيم ته شهيد ٿي ويو
۽ شهيد مرندا ڪونه آهن. ڏٺوَ- ادا نسيم موت کي به
شڪست ڏيئي ڇڏي!!!
نسيم ۽ موت؟ کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي.
ڀاءُ، جي توهان جو ”مهراڻ“ سان ساٿ سلامت هجي ته
منهنجو هي خط ضرور ڇپيندا. جو مان نٿي چاهيان ته
سنڌواسين تي منهنجو
image
خراب پوي.
آخر ۾ توهان کي اهو چوندم ته توهان ائين نه
ڀانئجو، ته اهو ڪجهه ڪري توهان پنهنجو فرض نڀائي
ڇڏيو. نه نه، توهان کي هر دل تائين نسيم جو پيغام
پهچائڻو آهي، تان جو هر انسان نسيم ٿئي. سچائيءَ
تي سر ڏيڻ وارو نسيم؛ انسانيت کي پيار ڪرڻ وارو
نسيم، برائيءَ جو بدلو ڀلائيءَ ۾ ڏيڻ وارو نسيم!
غمزده
- انيس نسيم احمد
●
مون تازو ئي ”قاضي قادن جو ڪلام“ نالي هڪ ڪتاب
شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ قاضي قادن جا 112 ناياب بيت،
شرح، ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ مهاڳ سان ڏنا ويا آهن.
اُن ڪتاب کي ڀارت جي راشٽرپتي
(President)
گذريل مهيني نئين دهليءَ ۾ راشٽرپتي- ڀون ۾ وڪري
لاءِ
Releasident
ڪيو. ڪتاب جون ٻه ڪاپيون ڪجهه ڏينهن ٿيا ته مون
توهان کي ”مهراڻ“ جي ائڊريس تي، رجسٽرڊ بوڪ پوسٽ
ڪري روانيون ڪيون آهن.... ممڪن هجي ته ”مهراڻ“ ۾
سمالوچنا (تبصرو) ڪرائيندا.. اتان جي مکيه عالمن
جون ائڊريسون موڪليندا ته مان انهن کي ڪتاب ڏياري
موڪلڻ جو پرٻنڌ ڪري سگهندس.. ٻيو ته ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ مون کي لکيو ته هن ڪن سنڌي اخبار، ۾ ان
ڪتاب تي لکيو آهي. ٻين به ڪن دوستن مان پتو پيو
آهي ته اتي جي ڪل سنڌ ساهتيه ۽ اخبارن ۾ ان ڪتاب
تي تبصرو ٿيو آهي توهان مون کي انهن
Clippings
موڪلي سگهو، ته مان توهان جو تمام گهڻو شڪر گذار
رهندس. توهان حيدرآباد سنڌ ۾ ويٺا آهيو، جا سنڌي
ساهتيه ۽ اخبارن جو مکيه مرڪز آهي. ”مهراڻ“ جا ڪي
تازا پرچا موڪلي سگهو ته مهرباني.
- هيرو ٺڪر، دهلي.
●
توهان جو خط پهتو ۽ ان سان گڏ ”دودو چنيسر ڀاڱو
2“، ”مهراڻ 78-2“ ۽ ”گل ڦل“ جا جون ۽ جولاءِ جا ٻه
پرچا سوکڙيءَ طور مليا. دهلي يونيورسٽيءَ ۾ جديد
هندستاني ٻولين جي وڀاڳ ۾ يارهن ٻوليون آهن، جن ۾
سنڌي به هڪ آهي. سنڌي ٻولي جي اڀياس مٿان آهيان،
ان ڪري توهان جا موڪليل ڪتاب مون کي موڪليا ويا.
هن ڊپارٽمينٽ ۾ ٻيا سڀ غير سنڌي آهن ۽ ڀارت جي ٻين
ٻولين وارا آهن.
مون ٻه تحقيقي مضمون: ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد،
ڪجهه ويچار“ ۽ ”سنڌيءَ ۾ نام جي گرداني بناوٽ“
موڪليا هئا، جيڪي 68 جي پرچن ۾ ڇپيا هئا. ان بعد
غلام محمد گرامي (اُن وقت جي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر)
جي لکڻ موجب سنڌي ٻوليءَ تي ٻيو به هڪ تحقيقي
مضمون”سنڌيءَ ۾ فعل جي بناوٽ“ سري سان موڪليو هوم،
جيڪو اٽڪل فول اسڪيپ چاليهه کن صفحا هو. توهان کي
”مهراڻ“ جي فائيلن ۾ جيڪڏهن اهو مضمون هٿ اچي وڃي،
ته ان جي شايع ڪرائڻ جي ڪوشش وٺندا.
- مرلي ڌر ڪشنچند جيٽلي، دهلي.
●
ڇنڊ ڇاڻ ٺوس دليلن سان ٿيڻ گهرجي، نه ڪي اجاين
الزامن سان. اڄ جو اديب صحيح سوچ رکي ٿو. هو عام
ماڻهن جي حال تي قلم کڻي ٿو. هو پنهنجي جذبن،
اُمنگن ۽ احساسن کي ڀرپور نموني سان اظهار ڪرڻ جي
صلاحيت رکي ٿو. اڄ جو اديب ديس جي ميرن، ڪوجهن ۽
مظلومن کي ڳائي ٿو. هن ادب کي نئين جوت ۽ نوان موڙ
ڏنا آهن. ”مهراڻ“ جي موجن ۾ ايڏي ته مستي آهي، جو
پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر بند کي لوڙهي ڇڏيندو. اسان
کي ”مهراڻ“ جي سچائي ۽ قوت ۾ يقين آهي. هن ڀيري
شاعري گهٽ ڏني اٿوَ مير محمد بخش ٽالپر ۽ الهداد
ٻوهئي جا مضمون نهايت معلوماتي ۽ ڪارائتا هئا.
- راهي چنا، سنڌ يونيورسٽي.
●
”مهراڻ “ ۾ ڪهاڻيون ۽ شاعري معياري هوندي آهي.
اميد ته اڳتي به اهو معيار برقرار رکندا.
- رياض حسين ميمڻ، ميرپور خاص.
●
”مهراڻ“ هن ڀيري به دستوري سونهن ۽ سمجهه ڀري وندر
ساڻ ڪري پهتو، توڙي جو اوسيئڙو ڪجهه وڌيڪ
ڪرايائين، شايد: - - ’پَل پَل ڪوڪن جان- - ماس ۾-
- ٽُنبجي رهيو آهي‘، سحر جي نظم جو اصلي ۽ عملي چٽ
ٿي چٽيائين. ائين ته سمجهجو ته اوسئڙي منهنجو ڌيان
به ڪنهن سيڪس ٻيڪس ڏي ڇڪايو... اميد ته هر وک کڻڻ
وقت ٻوليءَ ۽ ادب جي وسيع ترمفاد کي نه وساريندا،
پوءِ ڀلي شخصي انا کي ڌڪجڻو پوي.
- رسول بخش قريشي، جهڏو.
●
ٽائيٽل تي سنڌ جي سورمي ۽ ننڍڙو هوشو ڏسي ، وقت جا
گهايل گهاوَ ڇُلي پيا. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ انقلابيت
نظر ڪانه ٿي اچي. شاعري تمام سٺي ٿيل هئي. ڪهاڻين
۾ سڀ کان وڌيڪ ” آدرش “ وڻي. شاگرد جي حيثيت سان
آئون ان ڳالهه سان اختلاف ڪندس ته هو مينڊرڪس
استعمال ڪن ٿا. شرجيل جي ”نوٽبڪ “ مان ڪجھ صفحا
رڳو بوريت تي لکيل هئا، البت ڪي اهميت وارا به
هئا. مشتان شوري جي ڪهاڻي بلڪل نه وڻي. خبر ناهي
آپگھات تي ايترو ڇو لکيو اٿس. جڏهن ته هن
مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هر ڪو شاديءَ کان لنوائي ٿو
پيو. علي بابا به بنگالين جيان بک جو ماريل ٿو
ڏسجي. اڳي ته خط لکڻ جو ماهر هو. پر هاڻي وايون
بتال ٿي ويون اٿس. اولڙن پٺيان ڊوڙڻ جي ڪوشش پيو
ڪري. خدا کيس ماڳ تي رسائيندو. عبدالجبار جو
”بهانو“ ساراهه جوڳو هو. ڪيهر جو ”ڊڄڻ“ به چڱو
موضوع هو. ’ پورٽريٽ، حفيظ جون سٺيون ساروڻيون ڏئي
رهيو آهي. نسيم تي لکيل ماهتاب جو ليک اڌما ڏيندو
رهيو. ان کان سواءِ ”المنصوره_ برهمڻ آباد“ ۽
”ساميءَ جا سلوڪ“ به سٺا مضمون هئا. تنهنجي محنت
تي توکي جس هجي.
- طاهر سنڌي، لاڙڪاڻو.
●
هاڻ ”مهراڻ“ اسان جهڙن اڀرن جي هٿ ۾ پڙهڻ جهڙو ٿيو
آهي. ”مهراڻ“ ۾ جيڪا نواڻ ڏسجي ٿي. تنهن کان ڪير
انڪار ڪندو!
- گل محمد’ گل، هيسباڻي ٽنڊوڄام.
●
ڪيهر جي ”ڊڄڻو“ ۾ خيالن کي لڪائي ظاهر ڪيو ويو آهي
ليکڪ پاڻ به منجھيل ٿو لڳي، تنهن هوندي به سماج تي
چڱي چوٽ آهي علي بابا ڏاڍو فري ٿي ٿو لکي. ڏکيا
لفظ سندس سٺي ليکڪ هجڻ جو احساس ضرور ڏيارين ٿا،
پر انهن لفظن کي سمجھڻ عام ماڻهوءَ کان گھڻو مٿي آ
هي. 78/2 وري پڙهيم ته سحر جو ”پنر جنم“ پهرين
ڀيري جيترو ئي بور لڳو هو. هن ڀيري اوترو ئي اعليٰ
محسوس ٿيو. نسيم لاءِ ڳچ صفحا وقف ڪري سڄيءَ سنڌ
تي احسان ڪيو اٿوَ.
- خالد الزمان گاجڻي، هالا نوان.
●
”مهراڻ“ منهنجي پسند جو رسالو آهي. ”مهراڻ“ جي
مقبوليت تمام وڌي چڪي آهي، اهوئي ڪارڻ آهي، جو
لاڙڪاڻي جي بوڪ اسٽاپ تي ”مهراڻ“ جو نئون پرچو
هفتو گذرڻ کان پوءِ ملڻ ڏکيو هوندو آهي.
- سلطان کوکر، لاڙڪاڻو
●
من مهڻو ”مهراڻ“ پڙهيم، دل ۾ گهر ڪري ويو. ٽائيٽل
ڏاڍو سهڻو ۽ جاذب نظر هو. مهراڻ جي مطالع مان
ملندڙ موتي بي بها ۽ قيمتي آهن. اوهان جي لگن ۽
ڪاوش مبارڪ لائق آهي. نسيم کرل کي پيش ڪيل خراج
عقيدت ۽ ساڻس محبت جو اظهار ايترو پسند آيو، جو
خوشيءَ وچان لڙڪ لڙي آيا. خدا پاڪ شال کيس جنت ۾
جاءِ ڏيڻ فرمائي. ترجمي جو ڀاڱو وڻيو. مضمون
۾”فتحنامو“ معلوماتي ۽ دلچسپ هو. شاعريءَ ۾ مهر
پروين جي ڪافي ڏاڍو وڻي. ٻيا شعر به موتين مثل
هئا. اوهان جي غزل متاثر ڪيو. علي بابا ۽ مشاق
شوري محنت ڪري ڪهاڻيون لکيون آهن.
- محمد اسلم ”صابر“ ڪنڌ ڪوٽ.
●”مهراڻ“
سنڌ جو واحد خالص ادبي ۽ عظيم مخزن سمجھو وڃي ٿو.
الله اوهان کي وڌيڪ توفيق عطا فرمائي.
- سيد ماڪن شاهه رضوي، ميرپور خاص.
●
جيڪڏهن ڪو صاحب ذاتي پسند ۽ ناپسند جا اصول ادب تي
مڙهڻ گهري ٿو، ته اها هڪ ڏاڍائي آهي. جيستائين
مخصوص گروهه جو سوال آهي، ته منهنجي خيال ۾ توهان
”مهراڻ“ کي ڪنهن مخصوص گروهه يا نظريي جو ٿيڻ نه
ڏنو آهي؛ پر جيڪڏهن ڪي ”مهراڻ“ کي ڪنهن هڪ گروهه
جو رسالو بنائڻ چاهين ٿا، ته مينڍ ۾ مارئي نه
ڪُڇن. ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر ته رسالي تي ڪابه نظرياتي
يا ذاتي ٻَنڌ نه ٻڌي آهي. توهان ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر
جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي سڄي شاندار ادبي زندگيءَ ۾
صرف ۽ صرف سنڌي ادب ڏانهن جوابدار رهيا آهيون. ان
۾ ڪوبه شڪ ناهي ته توهان ان جوابداريءَ کي پوريءَ
ريت نباهيو آهي. توهان کي ڪنهن ٻئي جي آڏو جوابدار
رهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. توهان کي سنڌي ادب، ٻولي
۽ سڀيتا آڏو جوابدار هئڻ تي خوشي هئڻ گهرجي.
- بلبل کورواهي، سنڌ يونيورسٽي.
●
”مهراڻ“ دلاويز رسالو آهي. اوهان جي محنت قابل صد
تحسين آهي. توهان سنڌي علم ادب لاءِ هڪ نئين ۽
ناياب شيءَ جو اضافو ڪندا رهو ٿا. شعر ته پنهنجو
مٽ پاڻ هئا،
خاص ڪري ”مارئيءَ جا سلام“ پسند آيو. نسيم کرل جي
فن کي پيش ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ورتي اٿوَ، تنهن
لاءِ اوهان کيرون لهڻيون. ماهتاب محبوب ”سنڌي
ٻوليءَ جو بي تاج بادشاهه“ ۾ دل جي ڏک سان سچا
واقعا ٻڌايا آهن. پڙهڻ سان ائين ٿو معلوم ٿئي ته
نسيم هن وقت موجود آهي. ترجمي جوڀاڱو به پسند آيو.
الهداد ٻوهئي جو مضمون ”شعر جي اڀياس جا نوان
طريقا“ پڙهڻ وٽان هو، ۽ شاعرن جي لاءِ هڪ رهبريءَ
جو ڪم ڏئي ٿو. ”ساميءَ جا سلوڪ“ مضمون تي ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي جس هجي.
- عبدالعزيز ’اَسي‘، ڪنڌ ڪوٽ.
●
”مهراڻ“ ئي آهي، جنهن سنڌ ۽ سنڌيءَ جي سينڌ کي
سينگارڻ سنوارڻ لاءِ سانوڻ سياري ڇوليون پئي هنيون
آهن. جڏهن ”مهراڻ“ جي ساڄي ڪپر ڏانهن نظر ڊوڙايم،
ته عنايت بلوچ، ذوالفقار راشدي، ثريا سوز، ماٺيڻو
اوٺو، بشير ستائي، مقبول اختر، اياز گل، غلام نبي
ناشاد کي بهترين راکا ڏٺم، جن پنهنجي پنهنجي ڍنگن
سان سُٺي سنڀال ڪئي آهي. انهن کان اڳڀرو سروپچندر
شاد جو ’ٻهروپي‘ ۽ ’ڏاهو‘ عذرا جبين جو ’جيئڻ ڪارڻ
جيڏيون‘ ۽ نورالهديٰ شاه جو ’ديس جي سنسان گهٽين
۾‘ ”مهراڻ“ ۾ سيلابي صورتحال جو رکوالو ڏٺم. اوهان
جي ’آخري ڊئلاگ‘ سڀني کان سرسي ڪئي.
کاٻي ڪپ تي، نسيم جي ياد ۾ نسيم جون ڪهاڻيون ۽
ماهتاب محبوب جو ”نسيم سنڌي ٻوليءَ جو بي تاج
بادشاهه“، ”مهراڻ“ ۾ ڏيئي، نسيم جي وڇوڙي کان آيل
گهاوَ ۾ ڪاٺي ٽَنبي ڪڍي اٿوَ.
- سرڪش سنڌي، رتو ديرو.
●
ڪيهر جي ڪهاڻي سماج جو منهن تي ڀرپور چماٽ آهي.
”ڳالهه“ کي ڪوبه لفظن جو پوش نه پارايو ويو آهي.
اهڙا واقعا ۽ مشاهدا ڪڏهن به پنهنجي سگهه يا عمر
نه وڃائي سگهندا. - قمر
شبير، خيرپور ميرس.
●
توهان جي ايڊيٽريءَ ۾ ”مهراڻ“ هڪ نئون رنگ ماڻيو
آهي، شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ مڙئي ڪسو آهي. شاعري جي
نالي ۾ گهڻي ڀاڱي نظماڻا نثر پيا ڇپجن، جن ۾ ڪو
مرهه ڪونهي، رڳو شاعر جي ذهني خلفشار جو عڪس آهن.
عام پڙهندڙن جي دلچسپيءَ کي آڏو رکي شاعري ڇاپيو،
آزاد نظم ته شاعريءَ جي اصولن کان بنهه آزاد آهن.
- ياسمين، خيرپور ميرس.
●
”مهراڻ“ پڙهيم، ڏينهون ڏينهن وِک اڳتي اٿوَ. هن
دفعي سائين الهداد ٻوهئي جو مضمون معياري هو.
ڪهاڻين ۾ علي بابا ۽ مشتاق شورو سٺا رهيا. ممتاز
مهر جي ڪهاڻي ”منزل“ ۾ ڪو تاثر ڪونه هو. پر تڏهن
به چڱيرڙي هئي، نسيم کرلي جي ياد ۾ نڪتل هي پرچو
مجموعي طرح سٺو هو. نسيم جو مضمون ۽ سندس ڇپيل
ڪهاڻي واهه جي هئي. اهڙو عظيم ڪهاڻيڪار اسان جي دل
تي گهاو ڪري ويو. هڪ گذارش ته ”مهراڻ“ جهڙي بلند
پايه پرچي کي اجاين بحثن ۾ نه ڦاسايو.
- آزاد جتوئي
●
پرچي کي سنوارڻ لاءِ اوهان جون ڪوششون ساراهڻ
جوڳيون آهن ۽ اوهان جنهن سِڪ اُڪير سان ”مهراڻ“ کي
اسان جي هٿن تائين پهچايو ٿا، ان لاءِ اوهان کي جس
هجي.
- اياز سنڌي.
●
”مهراڻ“ جي سونهن ۽ سوڀيا مان توهان جي محنت پئي
بکي. رسالي کي جن ڀاڱن ۾ ورهايو اٿوَ، اُن سان
رسالو وڌيڪ زيبائتو ٿو لڳي. ڪهاڻيڪارن ۾ علي بابا،
نسيم ٿيٻو، مشتاق ڪاملاڻي ۽ ڪهير شوڪت سرس آهن.
’سَر ۾ سارينئي‘، نسيم کرل جي ياد ۾، ماهتاب
محبوب، علي بابا، سحر امداد، تنوير جوڻيجو ۽ نسيم
ٿيٻو جا تاثر وڻيا. ’موت، سارتر جي نظر ۾“ پڙهي
ولي رام ولڀ جي محنت کي ساراهڻو ٿو پوي. شاعريءَ ۾
خاڪي جويو ثريا سوز، بشير سيتائي، طاهر سنڌي، ڪنول
لهاڻو، وليرام ولڀ، امداد حسيني، رسول ميمڻ،
ذوالفقار راشديءَ جي ڪلام، ان حصي جي سونهن وڌائي
آهي. اميد آهي ته توهان جي محنت صاب پوندي.
- پيار علي ’پريمي‘، ٽنڊوباگو.
●
سمجهان ٿو ته اڃا ”مهراڻ“ تي بزرگ ليکڪن ۽ شاعرن
جي مُهر لڳل آهي هر دفعي ساڳيا ساڳيا ليکڪ ۽ ساڳيو
مواد. اهو سڀڪجهه ڇا هي؟ کتريءَ جو اسڪيچ وڻيو.
شعرن ۾ سروپچندر شاد، رسول ميمڻ، ولي رام ولڀ ۽
تنهنجا شعر وڻيا. سحر ته شايد هر دفعي ”مهراڻ“ جا
ٻه پيج لکائي ورتا آهن، ڀل پوءِ اڇا ڇو نه اچن.
- مختار ”ناز“ سومرو، ڪنڌ ڪوٽ.
●
”مهراڻ“ نئين ٽهيءَ جي نوجوانن جو رسالو آهي. نه
اڳيان پارسي ڪتبا، نه حاڪمن جا خطبا. کرل تي
ماهتاب جو ليک لَک لهي. کرل جهڙي عظيم ڪهاڻيڪار جي
ادبي توڙي ذاتي زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ اهو مضمون
ئي ڪافي آهي. اوهان جي غزل جون مٿيون ٻه سٽون
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ان سان گڏ شاعري ۽ ڪهاڻين جو
ڀاڱو به پڙهڻ وٽان آهي.
- اشرف ”آصف“ مصراڻي، لاڙڪاڻو.
●
”مهراڻ“ ڏاڍو پسند آيو. اسان جو”مهراڻ“ پاڪستان جي
ڪنهن به ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ ادبي رسالي کان ڪهڙي به
طرح گهٽ ناهي.
- عبدالجبار عباسي، هري پور، هزاره.
●
ڪو زمانو هو ، جو ”مهراڻ“ رسالو اسٽئنڊرڊ جو
سمجهيو ويندو هو، پر پوءِ جيئن ئي معيار ڪريس ته
اسان جهڙن ڪيترن پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو. توهان جي ادارت
هيٺ پهريان ٻه پرچا ته نه پڙهي سگهيو آهيان، پر
78/3 وارو پرچو اسٽال تان ملي ويو. ڏاڍو دلچسپ لڳو
آهي. ٻي ڳالهه اها ته لڳي ٿو ته سنڌ ۾ فقط ٻه
آرٽسٽ آهن- ظفر ڪاظمي ۽ گل محمد کتري- جو، گهڻي
ڀاڱي انهن جون ئي
Paintings
نظر اچن ٿيون ۽ ڪيتريون ته ساڳيون ساڳيون ڏسي ٿڪجي
پيا آهيون. سرورق جي تصوير ۾ ته وري ڪمال آهي، جو
ماءُ جي چهري تي مامتا بدران ڪاوڙ ۽ غصو بکي رهيو
آهي ۽ لڳي پيو ته هوءَ ٻار کي ٺونشو پئي هڻي.
- الطاف شيخ، ڪراچي.
●
اڳين پرچن جي ڀيٽ ۾ هي پرچو ڪجهه ماٺو ٿو لڳي.
”مهراڻ“ بابت ديريون اڳ به مشهور هيون، پر توهان
اُتر لهڻو. هن ڀيري ڪهاڻين جو حصو ايترو جاندار
ڪونه هو، جيترو هئڻ گهرجي ها. ڇا ممتاز مهر جي
ڪهاڻي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيڻ جهڙي هئي. وري به لک
شابسون هجن علي بابا، مشتاق ڪاملاڻيءَ کي، جيڪي
ڪهاڻين جي حصي جو ڀرم رکي ويا. ’پورٽريٽ‘ جي ٻي
قسط اهڙو خاص اثر نه ڇڏيو. نسيم کرل تي لکيل
ماهتاب جو مضمون ڏاڍو وڻيو. شاعريءَ جي حصي مختصر
هئڻ جي باوجود گهڻو متاثر ڪيو. توهان جي غزل جون
هي سٽون.:
ٻانهن ۾ پل ناهي ڇا هي، هيڻو ناهي هان،
جان جان جيءَ جسي کي جوکو، تن تانگهي تان تان.
عذر جبين جو هي ٽيڙو:
ننڍي نيٽي ڪنوار
ٿُلهي پوڙهي سيٺ جي
اکين منجهه خُمار.
ٻاهر اشرف آصف جو ٽيڙو:
سياڻو يا نادان
پرينءَ ۽ پيٽ لئه
هرڪو آ حيران.
ان کان سواءِ تهمينه مفتي جي نظم ۽ رحيم بخش قمر
جا ”مارئيءَ جا سلام“ ڏاڍا وڻيا ۽ متاثر ڪيائون.
مضمونن جي حصي مان سائين الهداد ٻوهيو کيرون لهڻي.
- ڦل علينواز سعيد، نوابشاهه.
●
”مهراڻ“ جي شاعريءَ واري ڀاڱي ڏاڍو متاثر ڪيو.
ڪنول لهاڻي زان پيال سارتر جي آواز ۽ پيغام کي سٺي
ترتيب ڏيئي اسان جي آڏو پيش ڪيو آهي. پرچي جي هر
شاعر پاڻ نبايو آهي. نسيم جي ڪهاڻي ”پهرين مُراد“
دلچسپ ۽ بهترين ڪهاڻي آهي.
نسيم امر آهي ۽ رهندو.
- راڻو ”راز“ مِٺي، ٿرپارڪر.
●
”مهراڻ“ 78/3 نومبر جي پڇاڙيءَ ۾ مليو، اهڙي ليٽ
شايد برداشت نه ٿئي. پر وري رسالو ڏسي دل چوندي
آهي، ته امداد اڃا به سجاڳ آهي. ايڊيٽوريل ڪو خاص
نه پيو اچي. گهٽ ۾ گهٽ پڙهندڙن سان رهاڻ ته هئڻ
گهرجي. شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ هڪ شاعر جا وڌ ۾ وڌ ٻه
شعر هئڻ گهرجن. مهر پروين، عنايت بلوچ، ذوالفقار،
ثريا سوز، تاج جويو، واجد، سورٺ سٺا رهيا، پر اياز
گل، سروپچندر شاد، تهمينه، ڪنول ۽ نور الهديٰ شاهه
گهڻو متاثر ڪيو. امداد ۽ سحر سٺن شاعرن ۾ ليکجن
ٿا. نور الهديٰ کان ”مهراڻ“ لاءِ ڪا نئين ڪهاڻي
وٺو. علي بابا حسب دستور متاثر نه ڪري سگهيو. ور
ور پڙهڻ سان به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا پيو لکي!
مشتاق شوري شروع ۾ لڳو ته سٺو لکيو، پر پڇاڙي ۾
اڻپورو نتيجو ڇڏي، سڄي ڪهاڻي جو ٻيڙو ٻوڙي
ڇڏيائين. عبدالجبار جوڻيجي جو ”بهانو“ وڻيو. ممتاز
مهر متاثر نه ڪري سگهيو. خبر ناهي ڇو اهڙيون
ڪهاڻيون ٿا ڇپيو؟ رعناشفيق صديقيءَ جي ”آدرش“
بهترين هئي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي به ڪو جهول نظر نه آيو.
ڪهاڻيءَ جي رواني ۽ دلڪش لفظن ان کي ”مهراڻ“ جي
جان ثابت ڪيو. ”نوٽبڪ“ جو هڪ پنو به سمجهه ۾ نه
آيو. نسيم ٿيٻو جي ناول جي هڪ باب پڙهڻ کان پوءِ
هرڪو ائين سمجهندو ته هي هڪ بهترين ناول آهي.
مشتاق ڪاملاڻي ۽ ڪهير سٺا رهيا. نسيم جون لکڻيون
پڙهي دل ڀرجي آئي ۽ نسيم جو ”چوٽيهون در“ وري ياد
آيم. نسيم بابت ماهتاب محبوب جي يادگيرين بار بار
پڙهڻ تي مجبور ڪيو. نسيم بابت سڀني جا تاثر سٺا
هئا. مضمون سڀ ڪارائتا ۽ وڻندڙ هئا.
- محمد اقبال بلوچ، تلهار سنڌ.
●
”مهراڻ“ نهايت شوق سان پڙهندو آهيان. پرچي کي
باقاعدگيءَ سان ۽ بهترين نموني سان شايع ڪرڻ تي
مبارڪون. - روشن منگي،
پنو عاقل
●
شاعريءَ ۾ مهر پروين، ذوالفقار راشدي، تاج جويو،
اياز گل، ڪنول لهاڻي ۽ سحر امداد پاڻ موکيو آهي.
”بهانو“ ۽ ”منزل“ بهترين ڪهاڻيون آهن. ترجمي جي
ڀاڱي ۾ وليرام ولڀ کي جس هجي. مضمونن جي حصي ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ٻوهئي صاحب جا
مقالا اهم حيثيت رکن ٿا.
”مهراڻ“ سنڌي ادب جو هڪ انقلابي ادبي رسالو آهي،
جيڪو جديد خيالن ۽ موجوده سماجي ضرورتن کي اڳيان
رکي شايع ڪيو ويو آهي. هر صنف تي معياري مواد پيش
ڪيل آهي. ”مهراڻ“ سنڌ کان وڇڙيل ساٿين لاءِ ”سنڌڙي
جي سوکڙي“ آهي. بيشڪ ”مهراڻ“ سنڌ جو واحد علمي،
ادبي، تاريخي، تمدني، اخلاقي ۽ اصلاحي رسالو آهي.
- الطاف سومرو، داد لغاري.
●
ادب خاطر، ڏک سور سهي به ڪم ڪندا رهو. ائين نه ٿئي
جو سڀاڻي سڄي قوم کي لوڙهڻو پوي... اڳي اڳرا ٿي وک
وڌائيندا رهو.
- راشد مورائي، مورو
●
مدت کان ”مهراڻ“ پڙهندو اچان. توهان جي رنگ روپ
ڀريا اٿس. اهي به روح کي راحت ڏين ٿا. شل ويران
وير وڌ هجي.
- غلام رسول شاهه رضوي، عمرڪوٽ.
●
سرورق: ويچارو معصوم منصور پاڻ مايوس آهي؛ ان ڪري
تصوير ۾ مائي مايوس نظر اچي ٿي؛ ٻار کي ڄڻ گهُٽو
ٿي ڏي. شاعريءَ ۾ رڳو نالا آهن. ڪهاڻيون، ڳالهه،
پورٽريٽ سڀ هڪ هنڌ سٿيل آهن. ’سوچ لوچ‘ صفا نه
وڻي. حاميءَ جي غزل (سکائون باسڻ، پڙ وجهڻ، چلا
ڪڍڻ) ۾ ڪهڙو نواڻ آهي؟ رحيم بخش قمر روح جون
ڳاليهون ڪيون. مهر پروين جو شعر موچارو هو. عنايت
بلوچ 1976ع جي ياد بڻجي ويو آهي. نعيم ڀوتن جي
ڳالهه ڪري ٻارن کي ڊيڄارڻ ٿو چاهي. ذوالفقار جي
ڪوشش سمجهڻ کپي. ماٺيڻي جو غزل شاهڪار هو سروپ ۽
عذرا جو ٽيڙو ماترائن تي پورا ناهن. تنهنجي غزل
متاثر ڪيو. توهان جي آئي شرجيل، شوڪت، علي بابا،
ڪنول ۽ سحر هر پرچي تي ڇانيل آهن. علي بابا جي
ڪهاڻيءَ جي ٻولي ڪچي ۽ انگريزي لفظن سان ڀريل هئي.
مشتاق شوري جي ڪهاڻيءَ پاڻ سان جنگ هئي. ممتاز جي
ڪهاڻي حقيقي لڳي. عبدالجبار جوڻيجي جو ’بهانو‘
وڻيو. رعنا جي ڪهاڻي ’آدرش‘ انگريزي گاڏڙ هئي.
نسيم ٿيٻو جي ڪهاڻي غيرحقيقي ۽ جُڙتو لڳي. مشتاق
ڪاملاڻيءَ جي ’ٺنبل رت‘ جي ٻولي نه لاڙي آهي نه
اُترادي. سانول جي ’خالي پنو‘ هئي به خالي پنو
ڪيهر ڪهاڻيءَ ۾ ذليل، ڪتي، بدمعاش جهڙا اُگرا لفظ
لکيا آهن. مسڪين جي ڳالهه به مسڪين هئي، ٺَهي
ٺَڪي، لڏو لاهي وڃي کٽ تي ويٺو، ’سڪڻو‘ ۽ ’تور
پيو‘ جهڙا نالا مون ته پنهنجي سانڀر ۾ نه ٻڌا.
پورٽريٽ ۾ ڪانڊيرا ڇانگي ليکڪ پنهنجي مشاهدي جي پت
وائکي ڪئي آهي. علي بابا جو ليک پڙهي لڳو ته نسيم
سائبيريا جو رهاڪو آهي. سحر امداد وقت سر چڱو
لکيو. ولي رام جي ڪوشش ساراهه جوڳي آهي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جو مضمون چڱيرو آهي. ڊاڪٽر ٻوهئي جو
مضمون چڱو آهي؛ پر انگريزي لفظن سان ڀريل. مير
صاحب ۽ سنڌي صاحب جا مضمون وڻيا. ”مهراڻ“ ۾ پروفن
۾ کوڙ چڪون آهن.
- محمد عثمان سولنگي.
●
”مهراڻ“ مستيءَ ۾ اڳي کان اڳرو آهي. ٽائيٽل بهترين
هو: ٻهراڙيءَ جي عورت، ڪڇ ۾ ٻار، نماڻا نيڻ! ”سوچ
لوچ“ پڙهندڙن کي سوچ لوچ تي اُڀاري ٿو. تو نسيم جي
ياد تازي ڪرائي، ادب جي ٺيڪيدارن کي سچ چيو آهي.
شاعري سڀ سون هئي. عنايت بلوچ، ثريا سوز، اياز گل،
طاهر سنڌي، ڪنول لهاڻو ۽ تنهنجون شيون وڻيون. نعيم
سڄو صفحو اجايو وڃايو. سڄاڻ پڙهندڙ کي سڌ آهي ته
توهان نوان ۽ سٺا لکندڙ پيدا ڪيا آهن. مشتاق شوري،
علي بابا، مشتاق ڪاملاڻي، شيرجيل ۽ رعنا جون
ڪهاڻيون سٺيون هيون. ”پورٽريٽ“ پڙهي لڳو ته اسين
به ڪانڀ ڪڍيو ويٺا حفيظ سان ڪچهريون ڪريون. ”سر ۾
سارينئي“ ۾ سڀني نسيم سان انصاف ڪيو آهي.
- گل هيسباڻي، خيرپور گنبو.
●
”مهراڻ“ جو سٽاءُ وڻيو. شاعري ساراهه جوڳي هئي.
علي بابا ۽ نسيم کرل جون ڪهاڻيون بهترين هيون.
شرجيل جو نوٽبڪ سٺو هو. نسيم بابت ليک وڻندڙ ۽
دلچسپ هئا. نسيم اڄ اسان وٽ ناهي، پر هن جي ياد
سدائين رهندي دعا آهي ته ”مهراڻ“ اڃا به ترقي ڪري.
- لياقت علي سيال، هالاڻي
●
شاعريءَ ۾ نعيم، ثريا سوز، واجد، اياز گل، طاهر
سنڌي، سروپ (ڏياري، ليڪن جو گهيرو) تهمينه ۽ توهان
سٺو لکيو. رعنا جي ڪهاڻي ”آدرش“ پرچي جو نڪ هئي.
علي بابا نسيم ٿيٻو ۽ ڪيهر جون ڪهاڻيون بهترين
هيون. ”نسيم نسيم کرل کرل“، ”پورٽريٽ“ ۽ ٻوهئي
صاحب جو مضمون سٺو هو.
- آفتاب احمد سومرو، شڪارپور
●
وچين دؤر وارن تي اها ميار آهي، ته هو عربي ۽
فارسيءَ ۾ ڪاهي پيا هئا. توهان ”سماهي“ کي ”ٽماهي“
ته ڪيو؛ پر ساڳئي وقت انگريزي ۽ هنديءَ ۾ وڃي ڦاٿا
علي بابا کي عرض ته هو انگريزي لفظن سان انصاف
ڪري. نسيم جون ڪهاڻيون سون آهن، جن تي وقت جو ڪٽ
نٿو چڙهي. افسوس جو نسيم جي وڃڻ سان اهڙِين ڪهاڻين
لکجڻ جي اميد ختم ٿي وئي! ”پهرين مراد“ جي ٻولي
گاڏڙ آهي، جيئن: ”حجتان“ ”ڄنگهان“، پر ڪٿي وري
عنائت ۽ ماڻڪ ”چٿرون“، ”کلون“ ڪري چون ٿا. فعل به
حيدرآبادي لهجي جا آهن نسيم جو مضمون ”ڇيڙيون
نبيريون“ ڀلو هو. کرل تي ماهتاب محبوب جو ليک چڱو
هو. کرل تي علي بابا جي لک جو رڳو عنوان وڻيو ناز
سهتي کي اهو ٻڌائڻ کپي ها ته ’خفي‘ ۾ ڪهڙو زهر هو
۽ ٻين ڪهاڻين ۾ ڪهڙي ماکي پيل هئي. تخليقي ۽
تحقيقي مواد لاءِ ”مهراڻ“ جي صفحن جي برابر ورڇ
ٿيڻ گهرجي.
- رشيد چڪائي، چڪ سکر
●
”مهراڻ“ جيڪو سنڌي ادب ۾ واڌارو آندو آهي، سو شايد
ئي ڪنهن ٻئي رسالي آندو هجي. هن ڀيري ممتاز مهر ۽
ڪيهر جون ڪهاڻيون چڱيون آهن. نسيم کرل جي ”پهرين“
مراد“ وڻندڙ ۽ دلچسپ هئي. ذوالفقار راشدي ۽ طاهر
سنڌيءَ جا غزل سٺا هئا. مشتاق شوري جي ڪهاڻيءَ ۾
آپگهات تي ڪيل بحث پسند آيو. ڪيهر جي ڪهاڻيءَ جا
ڪردار ڄڻ پتلا هجن، جن کي ليکڪ پنهنجي مرضيءَ سان
گهمايو ڦيرايو آهي. اهو انداز غير فطري ٿو لڳي.
شرجيل، ماهتاب محبوب، بيدل، علي بابا، سانول ۽ سحر
جون لکڻيون پڻ وڻيون. ٻوهئي جو مَضمون معلوماتي
هو.
- سريش. لاڙڪاڻو
●
”ساروڻيون“ ۾ سحر لکيو آهي ته ”جنوريءَ جو
’سوجهرو‘ .. اڃا پگهر پئي سڪايم...“ اهو جنوريءَ ۾
پگهر ڪٿان آيو؟ مشتاق شوري جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن ”ڇتي
قسم جي شهوتي ڇوڪريءَ جو ذڪر آهي. شاعري ۾ بحر
طويل جا ٽوٽا ٽڪرا ڪري ڳچ مچ مضمون ٽنبي، ڪنهن سٽ
۾ ٻه، ته ڪنهن ۾ چار لفظ ۽ ٻي معنيٰ نثري ٽڪرا لکي
هرڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃيو شاعر بنيو وتي! اڪثر
تحريرن ۾ انگريزي جملا ۽ اکر ٽنبيل آهن. اها
ٻوليءَ جي خدمت آهي مهرباني ڪري ”مهراڻ“ کي بازاري
پرچو نه بڻايو.
- اسدالله عاجز، ڳاڙهي موري (خيرپور)
●
”مهراڻ“ انگريزيءَ سان ڀريل آهي، خاص ڪري ٻوهئي جو
مضمون، جيڪو مواد ڇپي رهيا آهيو، سو نالي کي ڏسي
ڇپي رهيا آهيو. مواد مقصد ۽ معنيٰ جي لحاظ کان
ڏيڻ گهرجي. ص 21 تي غلام نبي ناشاد جو نظم
’ڪنواري‘ سنڌي ثقافت تي سنئين سڌي چڙهت آهي. طاهر
سنڌي جو غزل معياري هو. اياز گل جو غزل به پيارو
هو.
- منظور احمد شهزاد، لاڙڪاڻو
●
نور الهديٰ شاهه لفظن کي معنيٰ ڏيڻ ۾ سڦل آهي نثر
توڙي نظم ۾ رسالو اُتم هو. نئون نسل ادب تي هڪ
هٽين، دقيانوسي اصولن، پراڻن تورن ۽ ماين کي رد ٿو
ڪري- پوڙهين ڪوڙهين سوچن کي نندي ٿو.
- منظور علي ڀٽو، ٽنڊو محمد خان
●
”مهراڻ“ ۾ آيل نواڻ سواءِ اندر جي انڌن جي هر طبقي
پسند ڪئي آهي. اهو ڪريڊٽ آهي. ان لاءِ ڪنهن مُدي
خارج شخصيت کان ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ڪانهي.
ادب ۾ اختلاف راءِ جي اهيمت کان لنوائي نٿو سگهجي
اختلاف راءِ نه رڳو ليکڪ جي شعور ۽Perception
کي اڳتي وٺي هلي ٿي؛ پر نون تجربن جي اُڌار تي
تخليقن کي جنمڻ ۾ مدد به ڏئي ٿي. جتي اختلاف راءِ
ناهي. اتي فڪر ۽ عمل جون راهون بند ٿي وڃن ٿيون ۽
ذهني اوسر رڪجي ٿي وڃي. اسان جهڙين قومن لاءِ ته
ان جي اهميت تهائين وڌي ٿي وڃي؛ جنهن جي روشنيءَ ۾
اسان کي تجربي جو ساهس ڪري آفاقي تخليق کي جنمي،
پنهنجي ادب کي بين الاقوامي معيار تي پهچائڻ جي
جاکوڙ ڪرڻي آهي؛ پر ان جو مقصد اهو ناهي، ته
بدنيتيءَ کي برداشت ڪيو وڃي. ڌرتيءَ جي گولي تي
ٿيندڙ تڪڙين سياسي، سماجي اقتصادي ۽ ثقافتي
تبديلين کي محسوس نه ڪرڻ، چاڪيءَ جي ڏاند جيان
اکين تي کوپا چاڙهي، هڪ ئي پڙ ۾ ڦرڻ وارو ماڻهوءَ
جي ذهني اوسر بابت ڇاٿو چئي سگهجي؟ ادب رڳو انگ
اکر گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪونهي- ادب انسان جي اُٿلي
پوندڙ جذبن جو نالو آهي.
- نورگهلو، دادو
●
ڪيهر دليريءَ سان ڪهاڻيءَ لکي آهي، جس هجيس. ٻيا
به ناليرا ڪهاڻيڪار هئا، پر سڀني ۾ هڪجهڙائپ هئي!
هاڻ علي بابا جون هڪ ئي ڍنگ ۾ لکيل ڪهاڻيون بور
ٿيون ڪن مضمون سٺا ۽ سانڍڻ جهڙا
آهن. - ممتاز عباسي،
لاڙڪاڻو
●
”مهراڻ“ پنهنجي اصل ڪارب ۾ سمويل آهي، ان لاءِ
جَسُ لهڻو. باقي سچ تي باهوڙ ته رهندي آئي آهي،
نئين- پراڻي جي ويڙهه به هلندي آئي آهي. ”مهراڻ“
سڙيل ۽ سينواريل سر نه، پر هندي واهڙ جيان آهي.
شعرن وارو ڀاڱو ڪجهه ڪسو رهيو. شايد مواد جي کوٽ
جي ڪري. ڪهاڻين ۾ علي بابا جي ڪهاڻي اهم آهي.
ممتاز مهر جي ڪهاڻي سمجهه ۾ نه آئي. عبدالجبار
جوڻيجي جي ڪهاڻي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان وڻي. شرجيل کي
لکڻ جو ڏانءُ آهي. نسيم ٿيٻو جي ڪهاڻي من کي ڇهندڙ
آهي. ’پورٽريٽ‘ متاثر
ڪيو. -
اڪبر سومرو.
●
”مهراڻ“ نه رڳو اڳي کان اڳرو آهي پر ارڏو پڻ.
الهداد ٻوهئي جو مضمون ڪارائتو آهي. ٽالپر صاحب جو
مضمون سٺي تحقيقي ڪوشش آهي. ’ساميءَ جا سلوڪ‘
پراڻي ماپي ۾ ئي ماپيل آهي. ’ڇيڙيون نبيريون‘ پڙهڻ
سان نسيم اکين آڏو اچيو بيهي؛ هن پنهنجي طبقي سان
جنگ جوٽي- سندس ڪهاڻيون ادب جو اَملهه خزانو آهن.
علي بابا ۽ ماهتاب محبوب جا تاثر وڻيا. داخلي
ڪيفيت هيٺ لکيل عليءَ ۽ مشتاق جون ڪهاڻين من کي
ڇهندڙ پڄاڻي رکن ٿيون ’بلانو‘ طنز سان ڀرپور آهي،
شرجيل جي ڪهاڻي ٺاهوڪي آهي، سواءِ سورميءَ لاءِ
اُگرين تشبيهن جي. نسيم ٿيٻو جي ڪهاڻي سٺي آهي
’آدرش‘ چڱي هوندي به ڊيگهه جي ڪري بور ٿي ڪري.
شاعري ۾ نعيم، ذوالفقار راشدي ثريا سوز، تاج جويو،
خاڪي جويو،سروپ، عبدالجبار جوڻيجو، نصير، رسول
ميمڻ، ولي رام ولڀ سرس آهن. تنهنجي غزل ۾ نئون
نڪور خيال ڳتيل آهي. ڪنول جي نظم ۾ هن ڪوڙهئي ۽
پرماري سماج خلاف زبردست
Prosaic
آهي. سحر امداد جي نظم ۾ داخلين آهي. جا ڪوبه واضع
تاثر نٿي ڇڏي ۽ اهو نظم نه پر
Protest
ٿو لڳي، عنوان به صحيح نه اٿس. ’پڙهندڙن وٽان‘ ۾
سٺا رايا آيل آهن، سواءِ انهن جي جن وٽ اڃا پراڻا
ڪٽِيل وَٽَ ۽ تُراڙا آهن.
- بشير سيتائي، ٽنڊوباگو.
●
”مهراڻ“ وقت تي ڇو نٿو اچي؟ اياز گل جو غزل سٺو
آهي. طاهر جي هن شعر: ’منهنجي هٿ تي ليڪو ناهي،
تنهنجا ڀاڳ ڀلارا آهن‘ متاثر ڪيو. سروپ ’ٻهروپي‘ ۾
امن جي پوڄارين تي چڱي ٽوڪ ڪئي آهي. ڪنول جي
’موٽ‘ متاثر ڪيو. ولڀ جو آخري نظم سٺو هو. ’رسندو
پرجندو گهاءُ‘، ’خالي پنو‘ ۽ ’ڳالهه‘ سٺيون هيون.
نسيم کرل ۽ ماهتاب محبوب جون لکڻيون وڻيون، علي
بابا انگلش جي ڪَڍ! آهي يا انگلش سندس ڪَڍ! مضمون
سڀ اهم هئا، ڄُنڊا پَٽ کان پاسو ڪريو.
- منظور احمد قريشي، شهدادپور |