سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :5

طارق عالم

پِيلو ڌُنڌ

الفنسٽن اسٽريٽ ۾ ڀلڪندي دڪانن ٻاهران فٽ ڪيل نفيس بيلجم جي شيشن وارن شوڪيسن ۽ انهن جي پٺ ۾ سجائي رکيل شو پيسن ڏانهن ڏسندي دل ٿي چاهيس ته جيڪر بيلجم جي نفيس شيشن کي مُڪَ، هڪ زوردار مڪ هڻي ٽوڙي ڇڏي، ٽڙاس. مُڪَ هڻڻ سان شيشا ٽٽندا وڃن، ڇن ڇن ڇنن ڇنن. الائجي، بس دل چاهيس ٿي اڄ الفنسٽن اسٽريٽ جي سمورن دڪانن جا نفيس شيشا هڪ زوردار مُڪ هڻندو ڀڃندو وڃي. ٽڙاس، ٽڙاس، ٽڙاس. پوءِ- ڇن ڇن ڇنن ڇنن- سوچي ٿو: هر هٿرادو سجائي رکيل شيءِ ٽوڙي ڀچي ڀوري ڇڏجي. سڀ آرٽيفيشل، ڏيکاؤ- ڪوڙ، مرڪيوري بلبن هيٺان رنگين سائن بورڊن جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندڙ چمڪندڙ. هر شئي لتل، لڪايل ليپن ۾، پنبڻ، چَپ، ڀِرون. ليلهر گلدستي ۾ رکيل ٻن ڏينهن جي سنگهيل نِوڙي آيل گلن جهڙيون سنهڙيون لڙڪيل ڇاتيون، اُڌاري ٿوڻيءَ تي سيٽايل. تنهن مٿان ڇڪي پاتل پلي بواءِ بنا ٻانهن جون شرٽس. جينز جون پينٽون، جن منجھان نظر ايندڙ جسم جي هر لاهي چاڙهي. ننڍي وڏي گولائي. هر کنيل وک سان محسوس ٿئي ٿو. اجھو ڪي اجھو ٽُٽي پوندا، ڇڄي پوندا سڀ بکيا ۽ پوءِ ڪپڙن ۾ ڦاٿل جسم لڙڪي پوندو چيلهه وٽان دُن مٿان ۽ ڪرنگهي هيٺان. سوچي تپي کورو ٿي پيو آهي. اوڪو ٿو اچيس: آخ – اوڪ ... طبيعت خراب ٿيندي پيو ڀانئي. گهمندڙ تارن تان نظرون هٽائي ٿو ڇڏي، پريان ويڪري روڊ جي کاٻي پاسي بخارا هوٽل کان اڳيان ٺهندڙ هماليا جبل جيڏو اوچو ڪو اپارٽمينٽ يا شايد اُسڪائر، تنهن هٺيان تغاريون ڍوئيندڙ اوڏڻيون رنگ برنگي پَڙا ۽ پولڪا پاتل. سانوريون بانوريون. هر فيشن کان وانجھيون. پنهنجي ڏاڏاڻڪي ويس ۾. وٽيل سٽيل هڏ ڪاٺ بنا ٿنڀي ٿوڻيءَ جي، ڏورا کنجهيندي کلڪار ڪندي، گول ڦرندڙ ديڳ جهڙي مشين جي وات ۾ بجري ۽ سيمينٽ جون تغاريون پيون وجھن. ڀاسيس ٿو ڄڻ اهي معصوم اوڏڻيون تغارين ۾ بجري سيمينٽ نه؛ پر پنهنجو نج پج رت کڻي ڌنوانن جي ڀڀ جهڙي مشين ۾ پرٽي رهيون آهن. (’ان نيچرل‘ شهر ۾ نيچرل وجود ڪهڙا نه عجيب پيا لڳن)؟  هر يڪانت جي ڪهاڻي فريادي هينئي تي هري آئي اٿس، عجب ٿو لڳيس. (ههڙين سهڻين عمارتن جي جوڙيندڙن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي)! سامهون کان هڪ اڇي رنگ جي عورت بِلو جينز جي پينٽ ۽ جيڪٽ ۾ ڦاٿل ڪڇ تي هڪ پتڪڙو ڳاڙهو ڳٽول گوگڙوءَ جهڙو ٻار کنيو سٽڪ ٻٽڪ ڪندي اچي. سوچي ٿو: ...! عورت سندس ڀرسان مٽي ٿي، هو سندس ڪڇ ۾ کنيل ٻار جي ڀريل ڳٽي تي هلڪي چپٽي هڻي ٿو. منهن ورائي پٺ تي نٿو ڏسي پنهنجي ڪيل حرڪت جو ري ايڪشن (جيڪر مان به ايترو ئي هجان ها)! هڪ خواهش چڙنگائي تيلي جيان چڻنگون ڪڍي وِسي ٿي وڃي. مٿين چپ وٽ سور وڌندو پيو ڀانئين. ٿڪ پيو محسوس ڪري، چئن ڪلاڪن کان هلندو رهيو آهي. مختلف رستن تان. گهٽين مان، ٻه گهر هوندي به. هڪ اصلوڪو، ٻيو ڊفينس سوسائٽي “ ٺهرايل نئون. پراڻي گهر ۾ ماڻس ٻه ڀيڻيون ۽ ٻيو نمبر ڀاءُ، جو کانئس وڏو آهي رهندا آهن، ۽ نئين گهر ۾ وڏو ڀاڻس ڀاڄائي ۽ ڀائيٽو رهندو آهي؛ پر پاڻ هاسٽل ۾ رهندو آهي، ٻه ٻه ويلا بک ڪاٽيندي به. اڄ دل گهريس ته پنهنجي اصلوڪي گهر لڙي ويو ٻيو نمبر ڀاڻس جيڪو عمر ۾ کانئس وڏو ۽ قد ۾ کانئس ننڍو آهي، تنهن ڀيڻس کي ڪٽيو پئي، گاريون به بڪيون پئي. ڇڏائڻ جي ڪيائين ته، کيس مٿين چپ وٽ ٺڪاءُ ٺونشو وهائي ڪڍيائين، ٺا- وات ۾ ڪجهه کارو ۽ گرم  ڀرجندو ڀاسيو هئس. پوءِ ته الائجي هن کي ڪهڙي جهجھڪي چڙهي جو پنهنجي وڏي ڀاءُ کي جھٽ هڻي ڳٿر کان جليائين. ياد نه اٿس ته ٺونشا هنيا هئائينس يا نه ...!! بس گوڙ ٿي ويو هو. پوڙهي ماڻس، ڀيڻون، ۽ پاڙي جون عورتون کين چهٽي پيون هيون. ماڻس ويچاري لتن ۾ لتاڙبي رهي هئي. جھڳڙي دوران احساس ٿيو هئس شديد ته، اهو سڀ ڪجھ غلط ٿي رهيو آهي. ائين ٿيڻ نه کپي. اهو سوچي هٿ ڀاءُ جي ڳٿر تان ڍرا ڪري ڇڏيا هئائين؛ پر ڀاڻس جا هٿ سندس خشڪ وڏن وارن ۾ پيهجندا ٿي ويا جانورن جيان، هن وارن کان جھلي سندس ڳاٽي کي مروٽا پئي ڏنا. ڪوئي به هن جو مروٽجندڙ ڳاٽو ڀاڻس جي هٿن مان آجو ڪرائي نه ٿي سگهيو. ۽ آخر پاڙي ۾ رهندڙ  سانوري ڪرسچن ڇوڪري  سوئيٽيءَ ڀاڻس جي هٿن ۾ چڪ هنيا هئا ۽ ڀاڻس ڇرڪ ڀري هن جي وارن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هئا، ۽ سوئيٽي ئي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجھي کيس در کان ٻاهر وٺي وئي هئي. ٻاهر نڪرندي نڪرندي ڀاءُ سامهون رت جي ٿُڪ اڇلي هنيائين، پُڙچڪ- سوئيٽي سندس ڳلي مان ٻانهون ڪڍي سيني مٿان پنهنجي هٿ سان ڪراس ٺاهيو هو. انهن سڀني ڳالهين تي ڏک نه ٿيو هئس، نه ئي روئڻ آيو هئس. چاهيو هئائين روئڻ؛ پر ٽهڪ ڏنائين: ها ها ها ها. هاڻي ته ٽنگن مان ست گم ٿيندي ٿو ڀانئي. سڄو بدن سور سان تاڻجي آيو آهي. ڄڻ ڪو ڇڪيل ٽينٽ. مٿئين چپ تي سور جي ڇپ جو بار وڌندو پيو ڀاسيس. وڏن اڻڀن ڇُت بيٺل وارن ۾ آڱريون ڦيري وار ۾ پيل چيونگم جيڪو چئن ڪلاڪن کان چٻاڙي رهيو آهي، تنهن کي نه چاهيندي به ٿڪي ٿو ڇڏي: ٿُو! ’ڇا ڪجي...؟ ڪيڏانهن هلجي...؟ سوچن جا سڀ در بند. ائين ئي جيئن، هن لاءِ شهر جا سمورا ريسٽورنٽ، سنيڪ بار، ڪاٽيجز بند آهن. انهن سڀني مان ڪنهن جي به چاٻي کيسي ۾ نه هوندي اٿس. جيڪڏهن کليل به آهي ته هن لاءِ رڳو هاسٽل جو ڪمرو، جنهن ۾ منگهڻن هاڻي جھولڻ کٽ، ميريون رليون پنا، پکڙيل ڪتاب ۽ چاليهن والٽس جي بلب جي مرڻينگ روشني سندس انتظار ۾ ڄڻ ته، بيزار ٿي ويل. هيڏي ڦهليل شهر ۾ ڪو به دوست ڪو به ساٿ ڌڻي نه آهيس. ان جو وڏو ڪارڻ شايد اهو ئي ته، ڳالهائڻ جو ڍنگ نه اٿس، ڊپلوميٽ ۽ اسٽائلش ناهي. سادو سودو. ڳالهائيندو گهٽ، منجھندڙ وڌيڪ. کائيندو گهٽ سوچيندو وڌيڪ. دوستن ۾ سيٽ ٿيڻ لاءِ ڊيل ڪارنيگي پڙهيائين، جنهن چيو پئي: ”جنهن سان به ملو، مرڪي ملو. نون کڙيل گلن جهڙي مرڪ پنهنجي چپن تي پکيڙي، ڇو ته سچي مرڪ چوندي آهي ته مان توهان جي دوست آهيان.“ ائين ئي ڪيائين. جنهن سان به مليو مرڪي مليو؛ پر موٽ ۾ ڪابه مرڪ نه. شايد هن جي مرڪ ۾ کڙيل گلن جهڙي تازاڻ نه هئي. پوءِ به مايوس نه ٿيو. دل ٻڌي ڊيل ڪارنيگي کي اڳتي پڙهيائين، جنهن وري چيو پئي: ”هر ملندڙ جون ڳالهيون غور ساڻ ٻڌو، ۽ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. اکين، چپن ۽ هٿن سان، ڪڏهن به ڳالهه ٻڌندي اوٻاسي نه ڏيو“- ائين به ڪري ڏٺائين، هر دوست جي ڳالهه ڪهڙي به ککي ڇونه هجي، غور سان ٻڌائين. اکين هٿن چپن سان دلچسپيءَ جو اظهار ڪيائين- ۽ ڪڏهن چاهيندي به اوٻاسي نه ڏنائين. پر آخر ڪيستائين؟؟ دوستي رکي هئائين انهيءَ لاءِ نه، ته دوستن جي بڪواس، ڪوڙ بدوڙ سڀ ٻڌي واڇ ٽيڙي، ۽ من ۾ اڇلون کائيندڙ موتين جهڙي سچن، چنبيليءَ جهڙن هڳاءُ ڏيندڙ جذبن جو اظهار به نه ڪري. پوءِ کيس اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ واهيات ۽ ڪريل لڳو. هن فيصلو ڪيو: ’ٺيڪ آهي، مون کي ڪنهن ڳالهه تي کل نه ايندي ته ڇو واڇون ڇڪي ڇڪي چوتين جيان کلان؟ روئڻ نه اچيم، ته ڇالاءِ اکيون مهٽي مهٽي روئان؟!‘ هيل تائين ايترو سو سمجھيو اٿائين، ته يا سارو جڳ اونڌو آهي يا پاڻ اڪيلو اونڌو لڙڪايل. اهو ڏينهن ورندي اڄوڪو ڏينهن. کلڻ چاهيندي به، کلي ناهي سگهندو، واکاڻ ڪرڻ چاهيندي به، چپ رهندو آهي. مهرباني مڃڻ لاءِ اکر من مان اڇلون کائي، ڪاڪڙي ۾ اٽڪي واپس ڇيڪ اچي من ۾ ڊهندا آهن. اهو سڀ ڪندي عجيب ۽ ڪُوڙو ڀاسندو اٿس. سوچي ڇڏيو اٿائين ته: سڀ سچا جذبا من ۾ ئي سونهن. انهيءَ ڪري جو زبان تي اچي اهي سڀ ڪوڙا ٿيو پون.‘ ڄڻ ته مڙني رشتن جي مانجھي جي تکي ڏور سان پنهنجو لغڙ ڪاٽا ڪرائي ڇڏيو اٿائين. ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان لڏندو لمندو ڦٽ پاٿ مٿان هلي رهيو آهي. نه، شايد گم ٿي رهيو آهي آسمان جي وستن ۾! ٿاٻو کاڌو اٿائين ڦٽ پاٿ مٿان ٺهيل گٽر جي دڪي سان. آڱوٺي ۾ سور وري آيو اٿس. روڊ مٿان ڪارين جي ڦيٿن مان نڪتل چرڙاٽن، هارن جي رنڀن سان پيهه وڌي وئي آهي. وچ رستي مٿان بي پرواهه ٿڳڙيون ٿيل ڪپڙن ۾ اگهاڙو ٿيندڙ فقير، جنهن جي هڪ اک مٿان گوشت جو ٻيرو لڙڪي پيو. پاپام، اپام. پام هارنن جا آواز ڄڻ ته فقير جي ڪن تي نٿا پون. فقير کي ڏسندي، خيال اچيس ٿو: ’جيڪڏهن مون کي به ڪينسر ٿي پئي ته؟!‘ سوچي ٿو: ’مان رت جو ڪينسر، آنڊي جو ڪينسر، ته ... ته برداشت ڪري سگهان ٿو؛ پر جسم مٿان اڀري آيل قبر جهڙي ڪئنسر کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندس. ڪوجھي ماڻهوءَ سان همدردي ته ڪري سگهجي ٿي، پر محبت نه، ۽ مون کي ڪنهن به خيراتي همدرديءَ جي ڪائي لوڙهه نه آهي. مان ان کان آپگهات کي اهميت ڏيندس.‘ موت کان ته ڊپ ئي نه ٿيندو اٿس. هڪ ڀيري جڏهن زڪام ٿي پيو هو، ۽ ٿڪ ۾ رت جا ڳاڙها ڳاڙها ذرا ياقوت جيان چمڪندي ڏٺا هئائين، ته دهشت ۾ اچڻ بجاءِ ڏاڍو آٿت آيو هئس: ’ٺيڪ آهي، پاڻ جلدي جان آجي ٿيندي! هونئن به مون جهڙي جي جڳ کي ضرورت به ڪهڙي آهي.‘ پر مئو ناهي، جيئرو آهي ۽ فٽ پاٿ مٿان گهلجي رهيو آهي. فقير ڏانهن ڏسندي سموري جسم مان دُرڙي نڪريو وڃيس. جھٽڪي سان ڪنڌ ڦيريو ٿو ڇڏي. بڇڙو، ڪوجھو، آسهه. ڀلڪندي ڀلڪندي کنجيل ڪف مان پنهنجون ڪانن جهڙيون ٻانهون هر کڄيل وک سان پينڊوليم جان اڳتي پوئتي لڏندي ڏسي شرم محسوس ڪري ٿو هڪ صحت مند ماڻهوءَ جي ويڪري ڪرائيءَ کي لاشعوري طور ڏسي، تڪڙ ۾ ڪف هيٺ ڪري، بٽڻ هڻي، هٿ کيسن ۾ وجھي ٿو ڇڏي. بندر روڊ وٽ پهچي پنهنجي پسند جي هيئر ڪٽنگ سيلون مٿان نظر پوندي، دل چاهيس ٿي، جيڪر ايئرڪنڊيشنڊ سيلون ۾ وڃي آرام ڏيندڙ ڪرسيءَ مٿان ڦان ٿي پئي، ۽ اهو ڇوڪرو، جنهن کان هميشه وار سيٽ ڪرائيندو آهي، تنهن کان وار سيٽ ڪرائي. جڏهن اهو ڇوڪرو سندس هر ڳالهه تي ’يس سر‘ ڪندو آهي، ها ۾ ها ملائيندو آهي، ۽ سندس وارن کي مختلف قَسمن جا شيمپو هڻي، اڱرين سان چمپي ڪندو آهي ته، من جي سموري ويا ڪلتا ۽ ڊپريشن فش ڪري گم ٿي ويندي آهي. ۽ اهو سڄو ڏينهن پاڻ کي هلڪو ۽ خوش محسوس ڪندو آهي؛ پر اهو سڀ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن کيسي ۾ کڙڪو هجي. ٻن مهينن کان وٺي وٽس نه ويو آهي. ’ڀلا مان ڏسان ته سهي، ڪهڙو قارون جو خزانو آ کيسي ۾! خبر هوندي به کيسي ۾ هٿ وجھي ٻاهر ڪڍي ٿو، ٻه روپيا ٽيهه پئسا ۽ پنيءَ ۾ ويڙهيل چيونگم جو آخري پيس. مايوس ٿي سيلون جي شاندار شيشي جي در ڏانهن ڏسي ٿو. دل چاهيس ٿي، جيڪر هڪ زوردار مڪ هڻي، شيشي جو در ڀڃي ڇڏي، ٽڙاس. پوءِ ڇن ڇن ڇنن ...! اونهون ساهه ڦڦڙن ۾ ڇڪي پَنِيءَ ۾ رکيل چيونگم جو آخري پيس وات ۾ وجھي ٿو. وات کوليندي سور جو شديد احساس. هٿ لائي ڏسي ٿو، مٿيون چپ سڄي ويو اٿس. ’ڌڪ شايد اندرين پاسي لڳو آهي.‘ ڪاٿو ٿو لڳائي. ۽ چيونگم چٻاڙڻ ٿو لڳي. ننڍي هوندي جڏهن ٻين ٻارن کي پيسٽريون کائيندي، ڪولڊ ڊرنڪ پيئندي، آئسڪريم کائيندي، کٽمٺا چوسيندي، چيونگم چٻاڙيندي ڏسندو هو ته جک ايندا هئس، پر سڪڻن جيان چپ چٽيندو ئي رهجي ويندو هو. هاڻ جڏهن کيسي ۾ پئسا هوندا اٿس ته، هڪ ٻئي مٿان آئسڪريم، ڪوڪ، پيسٽريون، کٽمٺا، ۽ چيونگم وٺندو آهي؛ پر جيڪڏهن ڪنهن ٻارڙي سندس هٿ ۾ جھليل شيءِ کي سڪڻن وانگر ڏٺو، ته هڪدم کڻي ٻار کي ڏيندو ۽ ٻار جي ڳل تي پپي ڏئي چوندو: ’ٻي به کپي‘! ائين ڪندي من گدگد ٿيندو آهي. ائين پئسن جو انت آڻي، پوءِ  بکون ڪاٽيندو آهي. وک وک ٿڙندو چيونگم ڏندن هيٺان چيٿاڙيندو، هڪ خالي ويڪري گهٽيءَ مان لنگهي پيو. اپارٽمينٽ جي گيلرين مان بلبن جي روشني هيٺ روڊ تي جھاتيون پائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ويران رستي تي هو زور زور سان پنهنجي منهن  ڳالهائڻ لڳو آهي: ’سڀ رشتا ڪچن ڌاڳن جهڙا، ٿوري به ڇڪ آئي ٽڙڪ. پوءِ سڀ ڪجھ اوپرو. حرام پائي. ڏيکاءُ. ماڊرن سوسائٽيءَ جا اهڙا ماڊرن مُک، جن جي کوپري ۾ ميڄالي بدران فٽ ٿيل آهي نيو ٽرانڪ ڪمپيوٽر، جيڪو پيار ڪري ٿو ڪار سان، بئنڪ بيئلينس سان، بنگلن ۽ اوچي نفيس فرنيچر سان. جيڪي سمھن ٿا سليپنگ پلز تي ۽ جاڳن ٿا ’هاڪر جي آواز تي.‘- هائي هو اهوئي ڊائلاگ ورجائي ٿو. جنهن کي گهڻو ڪري اڪيلائين ۾ ورجائيندو آهي ۽ ورجائي جذباتي بڻجي ويندو آهي: ”ڏس، مان توکي چاهيو آهي. ازل ازل کان، مان تو سان محبت ڪئي آهي، هر دور ۾. تون ئي ته منهنجو آئيڊل آهين، تون ئي ته ...تون، تون جا آهين منهنجي ٿرڊ ورلڊ. تو کان سواءِ مان اڻ پورو آهيان- مان توسان پيار ڪريان ٿو، سنڌو ساگر جهڙو اٿاهه- اننت! مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر...“ ڳالهائيندي اکين آڏو ڌُنڌ ڇانئجي ويو اٿس. ٽِپ ٽِپ، ٻه ڪوسا ڦڙا ڇپرن جي وٿين مان ڇڻي ڳلن تان ترڪندا، کاڏيءَ ڏانهن وڌڻ لڳا آهن. ’اها‘ ڪير آهي؟! اها خبر کيس به ناهي. بس، اڪيلائين ۾ هو کيس ياد ڪندو آهي، سڏيندو آهي. ڇا ڪڏهن ’هوءَ‘ به گهر جي اڱڻ ۾، يا ڪنهن پارڪ ۾ اڪيلي ويهي اداس بڻجي کيس به ساريندي آهي؟! اونهون ساهه کڻي ٻيهر ڳالهائڻ لڳو آهي: ’سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي، جيون جي هر پل جو پل پل. ها ... ايندڙ، گذرندڙ، ۽ گذري ويندڙ هر ساعت پُر آهي. ٽمٽار آهي اذيت سان. جيون مئل آهي، ان ڪُتي جهڙو، جيڪو پيل آهي فٽ پاٿ مٿان ٽنگون ٽيڙيو ٽن ڏينهن کان؛ پر ڪو به نڪ تي ڪپڙو ڏئي، ان کي ٽنگ مان گهلي اڇلائي نٿو ڍير مٿان. ڪوبه نه، ميونسپل ڪارپوريشن وارا به نه. جيون ...گندو گٽر، جنهن ۾ انساني ڪونپل ڪلين جهڙيون خواهشون. آشائون، نراشائون بڻجي گند جيان لڙهي رهيون آهن. ۽، ۽ سچ؟ سچ، ان گندي گٽر جي مين هول تان چورائجي ويل لوهي پُڙ! ان کان به وڏو سچ ان گٽر جي ڪاري پاڻيءَ ۾ ترندڙ تازو ڄاول ٻار، جنهن ڪجھ پل اڳ ساهه ڏنو آهي!‘ پوءِ چُپ ٿي ٿو وڃي. اکيون خشڪ ڦاٽل، دماغ خالي خالي، هلندو پيو وڃي بنا آس پاس نهارڻ جي. هلندي دل چاهيس ٿي هٿن ۽ ٽنگن تي ڊونڊو ٿي ڪُتي جيان ڀؤنڪي: ڀوءُ ڀوءُ- ڀوءُ ڀوءُ. يا وڏي ڪا رڙ ڪري، جنهن سان شهه رڳ ٽڙڪ ڪري ٽٽي پئي. يا اليڪٽرڪ پول سان مٿو هڻي. يا... يا روئي پئي رانڀاٽ ڪري، ميلي ۾ گم ٿي ويل ٻار جيان! اوچتو سندس نگاهه اپارٽمينٽ جي ڪنڊ وٽ لوسي ڪُتي مٿان پئي ٿي، جيڪو اڳين ٽنگن مٿان ڪنڌ رکي اکيون ٻوٽي، ڄڀ ڪڍي سهڪي پيو. هُو آهستي آهستي وک وک کڻندو ڪتي ڀرسان وڃي رهيو آهي. ڪتو سندس پيرن جي ٺُڙڪي تي ڪن ڪيٽا ڪري ڇرڪ ڀري ٿو ۽ ڪونڪاٽ ڪندي ڀڄڻ لڳو آهي، اؤ اؤ اؤ. کانئس به ڇرڪ نڪري ويو آهي. پاڻ کي ان وقت جي زماني جي ڇرڪايل لوسي ڪتي جهڙو پيو محسوس ڪري. ائين محسوس ڪندي ڪتي سان همدردي تيز ٿي وڃيس ٿي. ۽ ڪتي کي ٻچڪاري ٿو: ’نو، نو ماءِ ڊيئر، آئي ايم يور فرينڊ بلِيوَ مي. ڪم آن، ڪم آن، ڪم آن ماءِ بواءِ،...‘ ۽ سيٽي وڄائي ڪتي کي پنهنجي دوستي تي  ڄڻ ته يقين پيو ڏياري. اوچتو، گهٽيءَ جي ڪنڊ مان ماڻهو نڪري ٿو، جنهن کي ڏسي ڇرڪ ٿو نڪري وڃيس، شرم ٿو محسوس ڪري ان ايندڙ ماڻهوءَ کان: ’ڇا سوچيندو هوندو، ماڻهو سندس ڀرسان لنگهي ٿو، ۽ عجيب انداز ۾ گهوريندو! چپن جي ڪنڊن ۾ ڦهليل آهيس ڪونين جهڙي، نه هضم ٿيندڙ مُرڪ. وڌيڪ شرم پيو محسوس ڪري ۽ پاڻ لڪائڻ خاطر ماڻهوءَ کي ڏسي کلي ٿو ٻئي واڇون ٽيڙي، پر گهوريندڙ جي چپن تان مرڪ غائب ٿي وئي آهي ۽ هو گهورڻ بجاءِ هراسجي ويو آهي. پاڻ کي ڀوڪ پيو محسوس ڪري. ڪجھ به نه سمجھي، سُوٽ جي کيسن ۾ هٿ وجھي، ڪلهن کي لوڏي هلڻ لڳي ٿو، تڪڙو تڪڙو، ڄڻ ته ڪجھ ٿيو ئي نه هو؛ پر من ئي من ۾ پاڻ کي نندي ٿو. پنهنجي ان حرڪت تان ...’ته آخر ڪاڏي وڃان...؟ - ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ رهندڙ وڏي ڀاءُ جو خيال ٿو اچيس. ’ادا وڏي جي گهر وڃان؟‘-’ها، ادا جي گهر ٿو وڃان!‘. ’پر ڇا وڃي ڪندس ... اتي وڃي ويتر اڙجي ويندس. جيڪڏهن جاني نه هجي ته اصل نه وڃان؟ ... وڃان ٿو!‘ ڀائٽي جو خيال ايندي ئي ڀاءُ جي گهر ڏانهن هلڻ لڳو آهي. ٿڪل ٿڪل، هلندي اڃان به ٻڏ تر ۾ آهي وڃڻ ۽ نه وڃڻ جي ڪن ۾ ڦيريون پائيندڙ. چار- پنج وکون کڻي، وري بيهي رهيو آهي. ڀائيٽي جي محبت مٿان ڀاڄائيءَ جو رعب ڇانئجي ويو آهيس. سوچي ٿو: ’ڇا وڃي ڪندس! اُت، هوءَ منهنجي ڀاڄائي. گهر جو در ٽپندس ۽ مون تي نظر پوندي ئي گلاب جهڙي مک مٿان ڪيڪٽس ڦٽي ايندو، ڄڻ پڻس جو گهر آهي.‘ ...’جنهن ڏينهن به ويو آهيان، جي اڳ گوشت چڙهيل هوندو ته، منهنجي سامهن سڀن کي رس جا جمن تار ڪري ڏيندي. پاڻ وري ٻه- چار گرهه سڪل مانيءَ جا ڳڙڪائي ڇڏيندي آهي. ۽ جيڪڏهن منهنجي هوندي ئي مانيءَ جو ٽائيم هوندو ته، فرج ۾ گوشت هوندي به دال جي ديڳ ٻڙڪائي لاهيندي. ڌارين، چالاڪ، سيرفش. جيتري دير گهر ۾ جانيءَ سان ڳالهيون ڪندس ۽ جاني ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندو، اوترو ئي هوءَ بور. ڳالهه ڳالهه تي پئي جاني غريب کي ڇڙٻيندي. ۽ پاڻ جڏهن امان وٽ ايندي آهي ته، امان ان ڏينهن دال بدران گوشت رڌيندي، جي مڇي چونديس ته مڇي تري سڄي کڻي سامهون رکنديس. گهور پئي وينديس ...ويچاري امڙ!؟ ماءُ مٿان ڪهل پئي اچيس. ’پر مون کي وڃڻ گهرجي، آخر منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، پيءُ جي جاءِ تي. ڀلا ادا ويچارو به ڇا ڪري؟ هو ته گهڻو ٿو چاهي، سمجھي به سڀ ڪجھ ٿو. آخر ڪنهن سان ڦٽائي؟‘ –’نه بابا، اصل نه وڃان. جت وهندس، اُت اصل کنؤر هڻي ويهڻو پوندو، ٿورو به چُريس ۽ ڀاڄائيءَ کي شڪ پيو ته ٻيئي اکيون مون ۾ اٽڪائي ڇڏيندي. ڄڻ مون ڪجھ چورايو پئي ... ڀلا اهڙي گهر ۾ وڃي ڇا ڪجي، جت...‘ وڌيڪ سوچي نٿو سگهي. چيونگم رکي رکي چٻاڙي پيو. مٿي ۾ به سور جي ڇڪ وڌندي پيو ڀانئين. دل ته چاهيس ٿي، اتي ئي ڏامر جي ڪاري ٿڌي پٽي مٿان اونڌو ٿي، هٿ پير پکيڙي اکيون ٻوٽي ٿڌي ڌرتيءَ جو سڪون ڏيندڙ احساس ماڻي: ’ها- اسان جهڙا ويچارا ان کان وڌ ٻي ڪهڙي عياشي ڪندا، يا ڪري سگهن ٿا؟‘ ٻيهر موٽ کائي گورا قبرستان وٽان صدر ڏانهن هلڻ لڳو آهي. اسڪوٽر، رڪشا، ڪارون. جيڪا به سندس ڀرسان ڦرڙاٽ ڪري مٽي ٿي، هو سوچي ٿو هوا ۾ اڏامي فلائنگ ڪِڪ هڻي ڪڍين. سندس ٻئي لتون ايندڙ ڪار جي ونڊ اسڪرين تي لڳن، ٽڙاس. ۽ ڇن ڇنن...! هر لنگهندڙ ڪار، اسڪوٽر، رڪشا- جيترا ڀيرا به سندس ڀر مان لنگهن ٿا، اوترا ئي ڀيرا ساڳيو خيال گهوماٽيون ٿو کائي، اوترا ڀيرا هو خيالن ئي خيالن ۾ لنگهندڙ گاڏين جا ونڊ اسڪرين ڀڃي ٿو ڇڏي، فلائنگ ڪِڪ هڻي، سلو موشن ۾. رستي تي هاڻ ڇڙ وڇڙ گاڏيون اچي ۽ وڃي رهيون آهن، چوڪ وٽ پوليس من به غائب آهي. رستو پار ڪندي ٻاڙ ٿو محسوس ڪري: ’سگريٽ پيئجي‘ پاڻ کي خيالن ۾ سگريٽ جا سوٽا هڻندي ٿو ڏسي. ۽ ائين ٿو ڀاسيس ڄڻ سموري فرسٽريشن ۽ ڊپريشن دونهن ۾ وٽجي سٽجي نهائين مان نڪري  هوا ۾ گم ٿيندي وڃي. سوچي ٿو: ’پر ... مان ته، اڄ تائين سگريٽ ناهي ڇڪي!‘ مون کي ته ... سگريٽ ڏٺي ناهي وڻندي!! کل ايندي اٿم سگريٽ ڇڪيندڙ مٿان؟! پر اڄ نه چاهيندي به ... دل چاهي ٿي، سگريٽ لاءِ، مارفيا هڻائڻ لاءِ. ۽، ڪوڊين جي سڄي شيشي غٽ غٽ ڪري پيئڻ لاءِ. ها اهو سڀ ڪجھ واپرائڻ کان پوءِ ماڻهو ماڻين ٿا ڪجھ گهڙين جو ڪوڙو سهارو، ڪوڙي سيٽسفڪيشن، آرام، آنند. ان لاءِ ته ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تي وشواش ناهي تڏهن ئي ته ...! مون جنم ورتو ئي هن ڀوميءَ تي آهي ڏک ڏسڻ لاءِ. اڪيلو رهڻ لاءِ آهي، ۽... پر نه ... هن ڀوميءَ تي ڏک ڏسڻ لاءِ جنم نه ورتو آهي؛ پر دک جي ديڳ بڻجڻ جو ... اسان سڀ بيمار آهيون. پر ظاهر نٿا ڪريون. هيپو ڪريٽ- منافق- مها... اسان پنهنجي اندر ٻڙڪندڙ، رجھندڙ اُسن کي، غمن کي ائين ٻين جي نظرن کان لڪايون ٿا. جيئن بوٽ اندران پاتل صفا ڇڄي ويل جورابن کي. جيڪي ڇڳل هوندي به اسان کي پيارا آهن فقط انهي ڪري جو اسان ۾ نون جورابن خريد ڪرڻ جي سگهه ناهي. ۽ انهيءَ ڪري اسان دکن جي يا دک اسان جي جند نٿا ڇڏين: ڇو ته اسان نون جورابن جهڙيون رنگين لاسٽڪ خوشيون ماڻڻ کان مجبور آهيون!‘ فٽ پاٿ ڇڏي روڊ جي پاسي ۾ هلڻ لڳو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا، ڪار فرڙاٽ ڪندي اوندهه ۾ گم ٿي وڃي. بند ٿي ويل  دڪانن جي دِڪين تي فقير ۽ بي- گهر مئا پيا آهن. هُو هڪ گهٽيءَ ۾ لڙي وڃي ٿو. سامهون هڪ مائي ساڙهيءَ ۾ ويڙهيل اچي پئي. اڌڙوٽ. شايد پارٽ ٽائيم جاب ختم ڪيون گهر پئي وڃي. سوچي ٿو، ڏاهنس وڌي چئي: ’سانئڻ پنهنجي قيمتي وقت مان ڪي گهڙيون سيڙائي مون کي ڏي. مان توکي ڳالهيون ٻڌايان. تون مون کي ٻُڌ. ۽ پوءِ مان توکي ٻڌائي جڳ جون ڳالهيون، روئي پوان تنهنجي هنج ۾ منهن لڪائي.‘ هوءَ سندس ڀر مان مٽي ٿي. هي ڏانهس وڌي ٿو هٿ پکيڙي. هوءَ سڄي وئي آهي سانڊي جيان. منهن ۾ سونڊ وجھي، تارا ڦوٽاري، گهوري ڏسيس ٿي. هي هيسجي سسي ويو آهي. ڏڪي هٿ پوئتي هٽائي، ٿڙندو ٿاٻڙجندو تکو هلڻ جي ٿو ڪري ... هاڻي هو ذري گهٽ ڊڪڻ لڳو آهي... لڳيس ٿو ڄڻ هاسٽل جو ڪمرو کيس ڳيهڻ لاءِ پيلن ڏندن وارو وات کوليو بيٺو آهي. ڪِري پوندو، ڪنهن به ايندڙ گهڙيءَ ۾. سهاري جي شديد ضرورت محسوس ڪري ٿو. سيٽسفڪيشن ماڻن لاءِ. نارمل بڻجڻ لاءِ. ’سگريٽ ڇڪيان‘...ڇڪي ته ڏسان،. ڪجھ ته هوندس، تڏهن ته سڀ ڇڪين ٿا. سياستدانن کان پورهيت تائين. سائنسدان کان فٽ پاٿي موالي تائين. مان به ته انهن مان آهيان، اڄ مان به ڇڪي ڏسان!- پر- پر پي ڇا ملندو-؟ - هاسٽل وڃان‘؟! منگهڻن هاڻي جھولڻ کٽ، ميريون رليون، ٽڙيل پکڙيل ڪتاب، ڪاغذ، چاليهن وولٽن جي مرڻينگ هئڊي روشني چؤ پاسي پکڙجندڙ. ڀاسيس ٿو. پيلي پيلي فرسٽريشن سندس بند ڪمري ۾ پيل سامان مان وڪڙ کائي، سندس ڪمري جي بند ٿيل در جي وٿين مان وٽجي سٽجي وڌندي پئي اچي. پهريان هاسٽل جي ڪاريڊور ۾. پوءِ هوريان هوريان سڄو شهر ويڙهبو ٿو وڃي، سندس ڪمري مان نڪتل فرسٽريشن جي پيلي پيلي ڌنڌ ۾.

شفيع چانڊيو

وائي

پل پل هڪڙو پور، او سائين، ساعت ساعت سور.
تن لئي جاڙ جيئڻ ٿيو جڳ ۾، دلبر جن جا دور.
مورت جيڪا من کي موهي، تنهنجو مُلهه نه مور
اڌمن سان اڄ اٿلي پيئڙو، نينهن جو سندو ناسور.
ولي رام ولڀ

فوڪس کان ٻاهر زندگي

هوءَ اڪثر ڪري اهڙي طرح ڏسندي رهندي آهي.اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اينديون اٿس ۽ پوءِ اکين آڏو ڌنڌ ڇانئجي ويندو آهي. گهڻو ٿيو ته چُنيءَ جي پلؤ سان اکيون اگهي ٿڌو ساهه ڀريندي آهي. انهيءَ کان وڌيڪ هوءَ ڪجھ ڪري به ته نٿي سگهي.

اڱڻ جي اڳيان ورانڊي ۾ کٽ تي پپو، ٽپائي تي ڍير شيشيون، گلاس ۽ ڪوپ- اهي سڀ رنڌڻي مان پيا ڏسبا آهن. جڏهن ٻيا ٻار کائي پي اسڪول هليا ويندا آهن ۽ پاڻ اڪيلي کائڻ ويهندي آهي نازُوءَ جي نه هئڻ جو احساس گهرو ٿي ويندو اٿس.ان وقت گهڻيون ئي سوچون سندس دماغ ۾ ميڙاڪو ڪري ڳجھن جئن لامارا ڏيئي هل مچائينديون آهن ۽ تڏهن کيس لڳندو آهي ته هوءَ ڪٿي پاڳل ته نه ٿي ويندي.

تازو ٽيون ڏينهن جڏهن کيس اها سڌ پيئي هئي ته پپو پاڙي واري جي گهر مان پيسا چورايا آهن ته دل جي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هيس. نڪي پپو تي ڪاوڙ آئي هيس ۽ نڪي پاڙي وارن سان ڪا شڪايت ئي ڪرڻ ويئي هئي؛ بس مٿو جھلي ويهي رهي هئي چپ چاپ.

۽ اڄ صبح جو جڏهن کيس خبر پيئي، ته انُو ڪالهه ڪلاس مان ڀڄي فلم ڏسڻ هليو ويو هو، ته وري ساڳي حالت ٿي ويئي هيس. ٿوري دير اڳ اکين ۾ پپوءَ جو چهرو ڇانيل هو، ته پاڙي وارن جي منُو جو چهرو اُڀري آيو هئس:

”ڏس ماسي، مان رڳو انهيءَ ڪري چوان ٿو ته کيس هير نه پئجي وڃي. بس، نه ته جيڪر چوان به نه ۽ ڏس، ڏک نه ڪجان. هن عمر ۾ ائين ٿيندو آهي.“

هن جي پنهنجائيءَ واري لهجي جو ايذاءُ کيس اندر ۾ چڀي ويو هو. سندس سامهون رُئڻ کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين، پر پوءِ به...

”نه پٽ، اسان اهو سڀ ڀوڳڻ لاءِ ته آهيون. اسان کي اهو سهڻو پوندو... اسان جي قسمت ۾ ائين لکيل آهي.“

منُو وائڙو ٿي ويو هو. پوءِ چيو هئائين، ”چڱو ماسي، ڪاليج کي دير پيئي ٿئي پوءِ ڪڏهن ايندس.

سندس وڃڻ کان پوءِ هڪدم ٻوساٽيندڙ خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. اوچتي ٺڪاءُ کان پوءِ ڄڻ ساڳي چڪ وجھندڙ خاموشي هئي. ۽ هن وقت انهيءَ بابت سوچي رهي هئي. ور ور ڪري ائين ٿو لڳيس ڄڻ سارو گهر سندس وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي يا ٿي ويو آهي. ۽ هوءَ ڪجھ به نٿي ڪري سگهي. ڪجھ به نه. زينو، انو، پپو، غازو ۽ سندن وچ ۾ هوءَ.

ايتري تي به هوءَ انهيءَ باري ۾ سندس مڙس سان تمام ورلي ڳالهائيندي آهي. هوءَ اهو سڀ پاڻ ڀوڳڻ جي ڪوشش ۾ محسوس ڪري ٿي ۽ ساهه جو هانڀارو وڌي وڃيس ٿو.

پر هوءَ چويس به ڪيئن؟ خبر اٿس ته نوين وڳي کان به اڳ گهر مان نڪرندو آهي ۽ ڇهين وڳي مس ڏسبو آهي، تڏهن مهيني ۾ ڪٿي وڃي ساڍا چار سؤ روپيا ملندا اٿس. جيڪڏهن اوور ٽائيم نه ڪري ته جيڪر ويهه ڏينهن به نه نڪرن. ائين ئي دماغ ٿڪل ۽ منجھيل رهندو اٿس. جيڪڏهن هوءَ اهو سڀ روئڻو کڻي ويهي رهي، ته جيڪر کانئس اڳ پاڳل ٿي وڃي! وري هو لڙائي جھيڙو بلڪل نه سهي سگهندو آهي. جيڪڏهن ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه سندس اڳيان ٿي وڃي، ته هڪدم توائي ٿي ويندو آهي. گذريل هفتي انُو کي ڪيڏو ماريو هئائين! الاجي کيس پاڻ ئي رحم اچي ويو هو ۽ ڪيترا ڏينهن پشيمانيءَ وچان ڳالهائيندو ئي نه هو ۽ پاڻ مرادو پپو ڀڻ ڀڻ ڪندو هو.

هوءَ اڃان ماني کائي ويهي سوچي رهي هئي، ته پپوءَ پاڻي گهريو، تڏهن وڃي ڌيان ٽُٽس. اُٿي ويئي ۽ هٿ ڌوئي پپوءَ وٽ آئي. پپوءَ کي پاڻيءَ پياري مٿي تي هٿ رکيائينس. ۽ پوءِ ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. پپوءَ اکيون بند ڪري ڇڏيون.

اڱڻ ۾ اچي ڪپڙا ڏٺائين ته سستي ٿيڻ لڳس. آرام ڪرڻ جي خواهش ڪر موڙي جاڳي، پر اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو پيو هئس: ٿانوُ ملڻا آهن، ڪپڙا ڌوئڻا آهن، پپوءَ کي موسميءَ جو رس پيارڻو آهي، تڏهن ڪٿي وڃي سک جو ساهه نصيب ٿيندو، اهو سوچي نل جي اڳيان ٿانو گڏ ڪري آهستي آهستي صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿي. اوچتو انهيءَ پوڙهيءَ جي يادگيري اچيس ٿي، جا ڪي سال اڳ ٿانو ملڻ ايندي هئي. تڏهن ڇڙا پنج رپيا ۽ ماني ڍير ٿانو! هاڻي ته پنجاهه کان گهٽ ڪير ڳالهه به نٿو ٻڌي. اهڙي ڳالهين تي پيسي جي هٿ- سوڙ محسوس ڪري ڏاڍي بيچيني ٿيندي اٿس. خاص ڪري جڏهن ٿڪل هوندي آهي؛ پر خبر اٿس ته ٻي ڪا واهه به نه ناهي! انهي ڪري سوچڻ اجايو لڳندو اٿس.

ٿانوُ صاف ڪري وٺڻ کان پوءِ، هڪ ڊگهو ساهه کڻي ٿي، ڄڻ چوندي هجي: ڪجھ بار ته هلڪو ٿيو. ۽ وري سستي ٿيڻ لڳيس ٿي ته وري من کي سمجھائڻ لڳي ٿي: بس باقي ڪپڙائي ته آهن، ڌوئي وٺنديس ته آرام سان ليٽي پونديس.

بالٽي کڻي پاڻي ڀري ٿي ۽ ساهه روڪي اٿي ٿي، ته ٿورو اچرج ٿو ٿئيس، هن عمر ۾ هيڏو ٿڪ! پنجٽيهه وريهه به ڪا عمر آهي! پر ڪجھ به ڪرڻ تي دل نه ٿي ٿئيس. خبر ناهي ڪهڙو اتساهه آهي جو مشين جئن سڀ ڪندي ٿي وڃي...ڪندي ٿي وڃي؛ پر هوءَ مشين نٿي ٿي سگهي.

ڪپڙن ۾ زينُوءَ جو چولو به اچي ويو هو ڌوئڻ لاءِ. ڪپڙا ڌوئيندي جڏهن زينوءَ جو چولو هٿ ۾ آيس ته لڙڪ لڙي پيس. سندس گهر مان هلئي وڃڻ کان اڳ، کيس اهوئي چولو پاتل هو. مٿس نور نچوئي ڀرت ڀريو هئائين ۽ پوءِ جڏهن زينوءَ پاتو هو ته پاڙيسرڻ ور ور ڪري پئي ڏٺو ۽ چيو هئائين، ”چولو ڪيڏو نه ٺهي ٿو. جهڙي ڌيءَ اٿيئي سدوري تهڙو چولو آهي ٺاهوڪو!“ بس نظر کائي ويس. چولو ٻنهي هٿن ۾ جھلي ڇاتيءَ سان لائي ٿي. اکيون بند ٿي وڃنس ٿيون ۽ بند پنبڙين مان لڙڪ جي لار وهي هلي ٿي ۽ چولي مان پاڻي. ڪا دير ائين ويٺي رهي. سندس ڪنن ۾ زينوءَ جا لفظ ٻرن ٿا. جڏهن ڪپڙو آندو هئائين، ته زينو ڪپڙو ڏسي چيو هو، ”امان رنگ ته نه ڦٽندو؟ لڳي ٿو رنگ ڪچو آهي.“ هڪدم چولي کي پاڻيءَ مان ٻوڙي ڌوئڻ لڳي ٿي. چولي جو رنگ اڳي کان وڌيڪ نکري بيهي ٿو.

سوچ جي ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان ڳنڍجي وڃي ٿي:عيد ويجھي پيئي اچي. انو، پپو ۽ نازو وٽ ڪپڙا ڪينهن. هن چيو ٿي: ڏاڍي مشڪل سان پنجاهه سٺ رپيا بچي سگهيا آهن، خيال سان خرچ ڪج. کيس لڳي ٿو ته هو پيسا ڏيو آزاد ٿيو وڃي؛ پر مصيبت ۾ مان اچيو وڃان. ڪيئن ڪريان مان؟

ڪپڙا سڪائي پپوءَ جي کٽ ڀرسان ويهي موسميءَ جو رس ڪڍڻ لڳي ٿي. پپوءَ جي پيلي چهري ۽ نٻل بُت تي نگاهه پيس ته دل نپوڙجڻ لڳي ۽ اندر گهٽجن لڳس.

”پپُو، تون جلدي چڱو ڀلو ٿي پوندين، پوءِ عيد تي سٺيون سٺيون مٺايون ۽ ...“ کيس پنهنجي غلطي محسوس ٿي ته چپ ٿي ويئي.

”اسان گهر ۾ سَيُون کائينداسين نه امان؟ مون کي به ڏيندينءَ نه؟ سندس گهرو اتساهه کيس اندر ۾ ڇهي وڃي ٿو. بيماريءَ ۾ سڀئي ٻار ائين چوندا آهن. هن سوچيو.

”ها پٽ، مان پنهنجي پٽ کي ڪو سڪائينديس؟“

ڪوپ مان رس پياري سندس هنڌ ٺيڪ ڪرڻ لڳي ٿي. پوءِ ٻي اُڀي ٿيل کٽ ڍاري، بنا هنڌ جي ليٽي ٿي ۽ ٿڌو ساهه کڻي ٿي. اکيون سامهون فريم ڪيل گروپ فوٽو تي ڄمي وڃنس ٿيون. اهو فوٽو گذريل سال زينوءَ مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ اسڪول مان موڪل ملڻ تي ’فيئر ويل‘ جي وقت ڪڍايو هو. کيس ياد آيو ته جڏهن زينوءَ اهو فوٽو فريم ڪرائي گهر کڻي آئي هئي، تڏهن چيو هئائين: امان، جڏهن آئون تو وٽ نه هونديس تڏهن هي فوٽو توکي-سڀني کي منهنجي ياد ڏياريندو. گروپ فوٽو ۾ نازو مشڪي رهي هئي ۽ ماڻس جي اکين مان لڙڪ وري وهي هليا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com