سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4- 1978ع

مضمون

صفحو :6

زينو جڏهن پاس ٿي هئي، ته پاڙيسرين کان وٺي مٽن مائٽن تائين سڀني کي حيرت ٿي هئي، ته زينو ڪيئن پاس ٿي ويئي؟! ۽ سو به فرسٽ ڊويزن ۾!؟ سندس ڪنڌ اوچو ٿي ويو هو؛ پر هن ڀيري ته نڪ ئي ڪپائي ڇڏيائين. ڪنهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو به نه رکيائين. وري سوچڻ لڳي: پر انهيءَ ۾ سندس ڏوهه به ڪهڙو؟ کيس اهي راتيون ياد اچن ٿيون، جڏهن زينو ڪرسيءَ تي پڙهندي ڏينهن اڀاري ڇڏيندي هئي. رات جو جڏهن اک کلندي هيس ته کيس بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪتابن تي ڪنڌ جھڪائي پڙهڻ ۾ محو ڏسندي هئي. هوءَ کيس چوندي هئي: ”پٽ زينو، هاڻي سمهي پؤ، رات ڳچ ٿي وئي آهي، ڪٿي طبيعت...“

پر هوءَ ورڻيندي هيس: ”بس امان، ٿورو رهيل آهي، اجھو ٿي سمهان.“ ۽ پوءِ پاڻ پاسو مٽائي سمهي پوندي هئي.

هاڻي اها ڪرسي خالي پيئي هئي. ڄڻ اجھو زينو اٿي اچي ويهندي ۽ پڙهڻ شروع ڪندي. سندس اڳيان ڪتاب هوندو. زينوءَ جي ڳولا ۾ اکيون زينوءَ جي کٽ ڏانهن کڄي وڃنس ٿيون؛ پر اها به خالي آهي. لڳيس ٿو ته زينو مٿس اجھو اچي سمهندي. اکيون ڇنڀي ٿي. کيس جاڳ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿي ته انهن ڳالهين ۾ ڇا رکيو آهي. جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو. ڪنهن کي ڪنهن تي ڪو وس به آهي ڇا؟ حالتون آزاد آهن. مون کي ڪنهن تي به ڪو وس ڪونهي. مون کي حالتن تي وس ناهي. مون کي پنهنجي پاڻ تي به وس نه رهيو آهي! اهو سوچي نست ٿي وڃي ٿي. گهڙيءَ تي نگاهه پويس ٿي ته ساهه آهستي آهستي کڄڻ لڳيس ٿو: ٻه وڳا آهن. ٿوري دير کان پوءِ ٻارن جي اچڻ جو وقت ٿي ويندو.

هوءَ اکيون ٻوٽي سمهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي؛ پر ننڊ ڪوهين دور نڪري ويئي اٿس. جُلهه ڪندڙ سوچن ۽ يادگيرين کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ ماضيءَ ۽ مستقبل جي دروازن کي زنجير لڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي؛ پر کيس لڳي ٿو ته اهي دروازا کڙڪندا رهن ٿا. هوءَ هيڪلائيءَ جي جُلهن کان بچڻ لاءِ پراڻي اخبار جا پنا اٿلائڻ لڳي ٿي؛ پر نظر نٿي ٽڪيس. کيس لڳي ٿو: ڄڻ زندگي کانئس هٿ ڇڏائي ويئي هجي--- ۽ پاڻ زندگيءَ جي فوڪس کان ٻاهر ٿي ويئي هجي.

 

مدد علي سنڌي

دل اندر درياو

3- مئي، 1978ع

لڪُون لڳن ڪوسيون، ڏاڍا تپن ڏينهن،
وو، ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين!                                                          (شاهه)

دل اندر درياو، پُڇئِه ڪيا سمندر ڪل؛
ماڻڪ اِهه سرياو، چُڳي چوکي نه کڻي.                                        (قاضي قادن)

دل اندر ئي درياهه آهي. سمنڊ جو پتو ڇو پيو پڇين. (دل جي درياهه) ۾ موتي ماڻڪ پيا آهن. (تون) چونڊي سچا موتي کڻين ئي نٿو!!           

رابيل، تون چوين ٿي ته وقت سڀ ڪجھ وساريو ڇڏي. ۽ مان تنهنجي اها ساڳي ڳالهه ذهن ۾ رکي توکي هي سڀ ڪجھ لکڻ ويٺو آهيان. پر سوچيان ٿو ته ڇا جيڪي ڪجهه مان لکڻ چاهيان ٿو. اهو سڀ ڪجھ لکي سگهندس! لکي سگهندس به الائي نه؟...          

اڄ 3-مئي آهي. ۽ اهو ڏينهن تنهنجو جنم ڏينهن آهي. مون ڪي سال اڳ، جڏهن توکان تنهنجي جنم ڏينهن جي تاريخ پڇي هئي، تڏهن کان ئي سوچي ڇڏيو هئم ته مان تنهنجو جنم ڏينهن، پنهنجو جنم ڏينهن ڪري ملهائيندو رهندس. ۽ ان کان پوءِ ئي ته مون پنهنجو جنم ڏينهن، جيڪو 12-آڪٽوبر تي آهي، اهو وساري ڇڏيو آهي.

The day will come.

ڏينهن به پورو ٿي ويو. ٻاهر جَڳ ۾ روشنيون ٻري رهيون آهن. روشنيون ٻاهر به آهن ته اندر ۾ نه آهن روشنيون! پر ڪنهن جي اندر ۾؟ الائي ڪنهن جي اندر ۾ سوجهرو آهي؟ ۽ سوجهرو آهي به ته الائي ڪٿي آهي. (ڪنهن پِرهه اسان کي پاليو هو، هِن رات اسان کي روليو آ!) ۽ هِن رات به ته سچ پچ اسان کي روليو آهي. روليو آهي تڏهن ته ائين ڀٽڪندا رهون ٿا. روليو رات به آهي ته صبح به روليو آهي. منزل ڏسي ورتي آهي. سج سامهون لڪيءَ جي جبلن پويان ڌيري ڌيري ٻڏي رهيو آهي. شفق جي ڳاڙهاڻ ۽ پيلاڻ سان آسمان ڪيڏو نه سونهن ڀريو آهي. ۽ مون کي ان ٻڏندڙ ساڳئي سج جي اُڀرڻ جو اوسيئڙو آهي، جيڪو سڀان سنڌوءَ جي هُن پار گهاٽن وڻن واري ٻيلي مان منهن ڪڍندو.

(مان تنهنجي اڳيان ڏاڍو بيوس ٿيو بيٺو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هي سڀ ڪجهه، تون ۽ مان ۽ اسان جو گڏ گذاريل دؤر هڪ سپنو آهي. پر سپنو به ته پنهنجي جاءِ تي هڪ عجيب چيز آهي. اک بند آهي ته سڀ ڪجهه آهي، ۽ جيڪڏهن اک کلي پئي ته پوءِ اونداهي آهي.

اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پَسن،

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي!

۽ تون به ته منهنجي جيون جو هڪ سُندر سپنو آهي. جيون به پنهنجي جاءِ تي هڪ سپنو آهي. ۽ سپنا بي معنيٰ ئي هوندا آهن. اونداهي زندگيءَ ۾ ڪوئي تو جهڙو سهڻو سپنو ڏسي ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٿئي ٿو، ۽ مون کي به ته الائي ڏينهون ڏينهن ٿيندو ڪجهه پيو وڃي، محسوس الائي ڇا پيو ڪريان؟ تون ڪٿي مون کي اڪيلو ته نه ڇڏي ويندينءَ! تون منهنجي زندگيءَ جو مقصد آهين. منهنجي زندگي، منهنجو فن توکان سواءِ بي معنيٰ ۽ نامڪمل آهي!- ۽ مان بيحد ٿڪجي پيو آهيان هلي هلي!)

۽ سري رمن مهرشيءَ به ته چيو آهي: ”سڀ انسان سدائين پرم سُک چاهي رهيا آهن، جنهن ۾ دُک جو نالو به نه هجي، ۽ جنهن جي ڪڏهن به پُڄاڻي نه اچي. اها انسان جي ذاتي ڀاونا آهي. پر تو اها ڳالهه ڪڏهن جاچي ڏٺي آهي ته هر ڪوئي پاڻ کي ئي سڀ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو.

انسان جي ذاتي چاهنا آهي آنند! اها چاهنا انسان ۾ سهج سڀاو ڀريل آهي. انسان جي آتما سَت، چِت ۽ آنند آهي. سو اها تلاش ٻيو ڪجهه به، ڪيول پنهنجي پاڻ لاءِ تلاش آهي، انسان حقيقت ۾ ابناسي آهي. لافنا آهي. جڏهن انسان ’پاڻ‘ کي لهي ٿو، تڏهن سڀاويڪ هُو اهو آنند هٿ ڪري وٺي ٿو، جنهن کي انت ٿئي ڪونه!“

- - مان چاهيان ٿي ته توهان مون تي هڪ ڪهاڻي لکو!

- - مان توتي ڪهاڻي به لکندس ۽ پنهنجي ڪتاب جي ارپنا به تنهنجي نالي ڪندس!

- - ۽ جي منهنجا مائٽ پڙهي وٺن ته پوءِ؟

- - مان ڪو تنهنجي مائٽن کان ڊڄان ٿو؟ توکي شايد خبر  ناهي ته تنهنجو ۽ منهنجو ساٿ جنم جنم جو آهي. تنهنجو ۽ منهنجو ڪنهن اڳئين جنم ۾ به ساٿ هو. مون کي لڳندو آهي ته منهنجو تنهنجي ڪٽنب سان ڪوئي تمام پراڻو سٻنڌ آهي. سنڌ جي اتهاس ۾ تنهنجي ڪٽنب جو به حصو رهيو آهي. مان اُن دور ۾ به تنهنجي ڪٽنب وٽ سپاهي هئس ۽ تو ان مهل به مون سان پيار ڪيو هو. ڪوٽ ۽ ڪڙا، ان مهل به جبلن جيان اوچا هئا. پر ڪوٽ ۽ ڪڙا ته اڄ به اوچا آهن، جدائيءَ جي ديوارن جيان، اوچا گهڻا اوچا!

- مون کي... توهين هتان وٺي هلو. مان هاڻ هتان بيزار ٿي پئي آهيان... سخت بيزار ٿي پئي آهيان.

- - پر ڪوٽ ۽ ڪڙا، هڪ ڀيرو وري اوچا ٿي ويا آهن. تقدير مون کي هڪ ڀيرو وري مجبور ۽ بيوس بڻائي ڇڏيو آهي. مان توکي هن حالت ۾ ڪيئن ٿو ڪيڏانهن وٺي وڃي سگهان. مون کي يقين آهي ته مان جلد آزاد ٿيندس. پوءِ توکي هتان هميشہ هميشہ لاءِ وٺي ويندس!

 (توکي خبر آهي ته ’اڀارڪا‘ مان توکي ڇو چوندو آهيان؟ هندو ميٿالاجيءَ ۾ ڀسارڪا اُن عورت کي چوندا آهن، جيڪا عورت اونداهيءَ رات ۾ پنهنجي پرينءَ سان ملڻ لاءِ ويندي آهي. ۽ تون به ته هن راتين ۾ مون سان ملڻ لاءِ اچين ٿي!)

”اُٿي آڌيءَ رات جو، لاڏاڻا لڏي ويا!
اديون شاهه لطيف چئي، گولي گوندرَ گڏي ويا!“
                                                    (شاهه)

 (هينئر صبح جا پنج ٿيا آهن، ۽ مان توهان کي هي خط لکي رهي آهيان. توهان جڏهن کان هتان ويا آهيو، تڏهن کان وٺي مان سخت بيمار ٿي رهان. توهان آڌيءَ رات جو ائين هليا ويا جو ڪنهن کي خبر به نه پئي. پر ڇا توهان مون کي وساري ڇڏيو آهي؟ مون کي توهان ڪڏهين به نه وسارجو. مان توهان جي آهيان، فقط توهان جي. مون توهان جي خاطر جان جي بازي لڳائي ڇڏي آهي. مان توهان کي ضرور حاصل ڪنديس. خدا ڪري توهان جلدي آزاد ٿيو، ته پوءِ مون کي پنهنجي گهر وٺي هلو. آئون ڏاڍي مجبور آهيان. بس ڇا لکان؟ مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته مان ڇا لکان؟!)

”ڏينهن پورو ٿيو، سنجھا به ٿي، اُن بعد رات آئي آهي. ٻيڙيءَ وارو اُڀو بيهي پيو پُڪاري ته ٻيڙي ڪپر جي ڪنن ۾ وڃي ڦاٿي آهي!“

”پيڙائون سڀ تڪليف ڏيندڙ آهن، پر اهڙي پيڙا ڪابه نه آهي، جو خدا ٿو ڄاڻي، مون کي واڄي وانگر ٿي وڄائي!“            (قاضي قادن)     

”۽ خدايا! هيءَ ڏينهن مون کي اڏوهيءَ جيئن کائي رهيا آهن. جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن تيئن مايوسي جا واچوڙا مون کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيا آهن. ٽي سال ٿيا آهن، جو مان ائين لڪندو ٿو وتان. ۽ هاڻ ته مان لڪي لڪي به ٿڪجي پيو آهيان. سچ پچ ته مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. ٿڪجي پيو آهيان زندگيءَ جي هر چيز کان! هر چيز زندگيءَ جي لاءِ ٿڪ بڻجي چڪي آهي. مون ڪيترائي ڀيرا هاڻ محسوس ڪيو آهي ته هتي جي حالتن ۾ هڪ فنڪار جو سياست ۾ هلڻ ته تمام ڏکيو آهي. هڪ فنڪار بيحد حساس طبيعت جو ٿئي ٿو، ۽ جڏهن ته سياستدان سخت دل رکندڙ انسان آهن. پر پوءِ به سب ڪانٽيننٽ جو فنڪار سدائين پنهنجي ڌرتيءَ جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ انهن بيحس سياستدانن جي درن تي ڌڪا کائيندو آيو آهي ۽ الائي ڪيسين تائين ڌڪا کائيندو رهندو! جيتوڻيڪ هڪ فنڪار، نان ڪميٽيڊ، هوندي به ڪميٽيد آهي پنهنجي ڌرتيءَ سان، ماڻهن سان ۽ ماڻهن جي حالتن سان؟

جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن تيئن مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مان غور ۽ فڪر جي هڪ عميق سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان. مون کي هاڻ پنهنجي سياسي ساٿين جي منافقيءَ ۽ مڪاريءَ کان سخت نفرت ٿي ويئي آهي. پر ڏوهه سياسي ساٿين جو نه، هِن ڪلاس جو آهي. پوءِ ڍائي ڪلاس جي شاگردن جو اهو ئي حال ٿيندو آهي. اسين سياسي طور تي شڪست کاڌل قوم جا فرد آهيون. ان ڪري اسان ۾ جيڪا مايوسي آهي، اها سڀاويڪ آهي. ڪلهه تائين جن ڌرتيءَ جا گيت چيا هئا، سي اڄ ان ڌرتيءَ جي چيل گيتن جو ملهه وصول ڪري رهيا آهن. ”ڪرپٽ“ فقط سياسي ورڪر ڪونهي، پر اهو فنڪار به آهي، جنهن آئيندي جون اميدون ۽ سپنا ڏيکاريا هئا.

۽ خدايا، سچ پچ ته تون مون کي همت ڏي، زندگيءَ جي هنن ظلمن سهڻ جي!

”هيءَ جي لڪ، هُو جي لڪ، مون ماريندا لڪ،

 ڪيچ  نه  اوڏيءَ  ڇِڪ،  مون  ماريندا  لڪ!“  (شاهه)

 (رابيل، ڏس اڄ اسر مهل تون ڪيئن نه مون وٽ آئينءَ! منهنجي دل چيو پئي تون ضرور ايندينءَ. دل جي ڳالهه ڪڏهن به ڪوڙي نٿي ٿي سگهي. مان تنهنجي انتظار ۾ ليٽيو پيو هئس، ۽ سوچيم پئي ته خبر ناهي ڪڏهن منهنجي زندگيءَ جو هي طويل انتظار پورو ٿيندو؟ هي سياري جون راتيون به ته ڪيڏيون نه ظالم آهن. ۽ انتظار جي اصلي حقيقت ڇا آهي، ان جي مون کي هاڻ خبر پئي آهي. هي سياري جي رات ڪيڏي نه ڌيري ڌيري گذري ٿي. سچ ته اونهاري جون راتيون سٺيون هونديون هيون. پر اونهاري جي رات وري پل ۾ گذريو وڃي. اصل ۾ پيار ڪندڙن لاءِ هي سياري جون راتيون سٺيون آهن. ڊگهيون طويل ۽ نه کُٽندڙ. اکيون اکين ۾ ملايو ڀل ويٺا هجون. ڄڻ هوا جي لهرن تي درياهه ۾ ڇلندڙ ڪائي ٻيڙي، جا ڌيري ڏيري ترندي رهندي آهي. ها هي راتيون، سياري جون ڏاڍيون عجيب آهن، پر جيڪڏهن به دليون گڏ هجن. باقي جيڪڏهن انتظار آهي، ته پوءِ هي راتيون ڏاڍيون ظالم آهن. اونهاري جي راتين ۾ به پاڻ مليا آهيون ۽ هنن سياري جي راتين ۾ به پاڻ گڏيا آهيون. جيڪڏهن ڪنهن جي اچڻ جو ڊپ نه هجي، ته هي راتيون ڪيڏيون نه پياريون آهن. هڪ ڀيري تنهنجي پيءَ مون کي ٻڌايو هو ته: ”ٻن پيار ڪندڙن لاءِ هي راتيون ڏاڍيون سٺيون آهن، ۽ اونهاري جون راتيون خراب، جو اونهاري جون راتيون جلدي گذري وينديون آهن. پر سياري جون راتيون ته کٽنديون ئي نه آهن!“ - تنهنجي پيءُ اونهاري جي راتين ۾ انتظار ڪندڙ محبوب تي مون کي هڪ سٺو شعر ٻڌايو هو جو اڄ مون کي ياد پيو اچي:

”ٻانهن   سيراندي   او   سجنا،

رات دم دم جاندي، او سجنا!“

۽ رات مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو ته مون کي اهي اونهاري جون راتيون ڏاڍيون پئي ياد آيون، جيڪي گذريل سال پاڻ گڏ گذاريون هيون. ڪيترو وقت پاڻ گڏ هوندا هئاسين. ٻارهين وڳي تون ايندي هئينءَ، ۽ پوءِ پنجين وڳي ويندي هئينءَ! پر اهي اونهاري جون راتيون ڪيئن نه جلدي گذري وينديون هيون. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته هڪ رات پاڻ پلنگ تي ليٽيا پيا هئاسين، مان پلنگ جي سيرانديءَ کي ٽيڪ ڏيو ليٽيو پيو هئس، ۽ تون منهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ بند، خبر ناهي ڇا سوچي رهي هئينءَ. اوچتو تو جھڪي پاسي واري ميز تي رکيل گهڙيال کڻي ڏٺو هو. مون تو کان پڇيو هو، ”ڇا ڳالهه آهي، ڇا ٿي ڏسين؟“ تو گهڙيال ۾ ٽائيم ڏسي، منهنجي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائيندي اداس آواز ۾ چيو هو، ”ڏسان ٿي ته وقت ڪيترو نه جلدي پيو گذرندو وڃي!“ -- ۽ مون کي ان مهل تنهنجي انهيءَ پيار ڀريل اداس آواز تي ڏاڍو پيار آيو هو. مون سمجھيو ٿي تو گهڙيال انهيءَ ڪري ڏٺو، جو تون شايد وڃڻ چاهين ٿي. پر تو اهڙي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن منهنجي دل ۾ سڪون جي هڪ عجيب لهر ڊوڙائي ڇڏي هئي... هيءُ وقت، وقت ڪيترو نه جلدي ٿو گذري وڃي! ڪاش! هيءُ وقت هڪ هنڌ بيهي وڃي. هيءُ وقت ڪڏهن به ختم نه ٿئي تون ۽ مان ائين ئي ويٺا هجون. تون منهنجي ٻانهن ۾ لڪل هجين. ۽ هيءَ رات ڪڏهن به نه گذري! ڇا توکي ياد آهي اها رات؟ مون کان اهي راتيون اڃان به نه وسري سگهيون آهن. تنهنجي ۽ منهنجي پير جون سونهن ڀريل اهي اڻ وسرندر راتيون جن ۾ پنهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي!

۽ شايد توکي ان ڳالهه جو احساس نه هجي، ته منهنجو توسان ڪيترو نه دلي لڳاءُ آهي! تو ان وقت مون کي سهارو ڏنو هو، جڏهن مان هلي هلي بيحد ٿڪجي پيو هئس. تنهنجو ساٿ، مون لاءِ ان نم جي وڻ جي ٿڌي ٿڌي ڇانو جيان آهي، جنهن ۾ ڪو مسافر هلي هلي ٿڪجي اڇي گهري ننڊ ڪندو آهي. مون کي ڊپ ٿيندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ته ڪٿي وقت جا ظالم وهڪرا مون کان اها نم جي ٿڌي ٿڌي ڇانو نه کسي وٺن! هي خط جڏهن مان توکي لکان پيو ته منهنجي دل ڏاڍي اُداس آهي. مون سوچيو آهي ته مون تان جڏهن هي ڪيس ختم ٿيندا ته مان توسان شادي ڪندس. سياست جي ذهني مونجھارن مان نڪري پاڻ هڪ سڪون واري دنيا آباد ڪنداسين. تنهنجي ۽ منهنجي سڪون واري گڏيل ننڍڙي دنيا. جنهن ۾ فقط تون ۽ مان هونداسين، ٻيو ڪوئي به نه هوندو. تون هوندينءَ، مان هوندس، پنهنجو ننڍڙو گهر هوندو، وڻن جي ڇانوَ هوندي، موتئي جا گل هوندا، رات هوندي ۽ صبح جو اڇو اڇو کير جهڙو سوجھرو هوندو.)

ويئون پٻ پئي، کيروُن کاهوڙين جون

آئون  تن  ڏوٿين  جو، پُڇان پير پَهي!

                رُڃن رات رهي،  ڏونگر  جنين  ڏوريا.                 

                          (شاهه)

(...۽ رات به الائي چنڊ جي ڪهڙي رات هئي. ٻاهر ڪنڊيءَ جي گھاٽي وڻ مان چنڊ جي روشنائي ڇڻي ڇڻي اچي رهي هئي. چنڊ ڪنڊيءَ جي گهاٽي وڻ پويان لڪل هو. ۽ مٿي آڪاس تي ڪيترا ستارا نڪتا بيٺا هئا. مان ڪنهن مهل ورانڊي ۾ ٿي بيٺس ته ڪنهن مهل اڱڻ ۾ اچي بيهي چنڊ کي ڏٺم. چنڊ پنهنجي جوڀن تي هو. ٿڌي ٿڌي هوا تيز پئي لڳي. جنهن مهل هوا ٿي هلي ته ڪنڊيءَ جي وڻ مان عجيب آواز ٿي نڪتا. هوا ان وڻ مان لنگهندي آهي ته ڪيترو نه عجيب آواز ڪندي آهي. مون کي ان آواز کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي. هيءُ ٻاهر بيٺل ڪنڊيءَ جو وڻ به ته ڪيڏو نه پراڻو آهي. الائي ڪنهن اهو وڻ هتي پوکيو هوندو؟ هي توهان جا گهر، ۽ هتي جو ماحول مون کي الائي ڇو اتهاسڪ لڳندو آهي. ڪنڊيءَ جي وڻ کان پاسي ۾ جيڪا ميرن جي صاحبيءَ واري دور جي جاءِ آهي، ان کي ڏسي منهنجي من ۾ الائي ڪهڙي ڇڪ ٿيندي آهي! چون ٿا ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ هتي ميرن جو قيد خانو هوندو هو. ڪٿي ائين ته ناهي جو ان دؤر ۾ به مان هتي قيد هيس؟ ڪهڙي خبر ته تنهنجي گهر سان، تنهنجي ڪٽنب سان منهنجو جنم جنم جو ڪوئي پراڻو چڪر آهي، جيڪو ڇڪي مون کي هتي وٺي آيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته تون ان دؤر ۾ به مون سان ائين آڌي رات جو ملڻ ايندي هوندينءَ! سچ پچ ته مان الائي پاڻ کي ڇا ٿو محسوس ڪريان!

مان انهن ئي سوچن ۾ گم هيس، ته اوچتو آڪاس ۾ ڪائي ٽيٽيهر تيز آواز ڪندي هلي ويئي. هي ٽيٽيهر به عجيب آهي. ڏسڻ ۾ صفا ڪونه ايندي، پر سندس آواز ۾ هڪ عجيب درد هوندو آهي. چوندا آهن ته ٽيٽيهر، اهي ڀٽڪيل روح آهن، جن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به سڪون نه ملندو آهي. ته ڇا سچ پچ هي ٽيٽيهر ڀٽڪيل روح آهن؟ ڇا اسان جي آتما مرڻ کان پوءِ ائين ڀٽڪندي رهي ٿي؟ الائي ڪهڙي خبر ته ائين ئي هجي، جيئن اسين سوچيون ٿا، ۽ مون کي هن ٽيٽيهر جي آواز کان به بيحد ڊپ ٿيندو آهي. مون هِن رات کي ۽ چنڊ کي ڏسندي سوچيو ته هن رات ۾ به ڪيتري نه سندرتا آهي. پر هن رات جي سڄي سندرتا، توکان سواءِ به ڪيتري نه وساميل وساميل آهي. هي چنڊ ۽ چنڊ جي کير جهڙي چانڊاڻ، مون کي تو کان سواءِ ڪاري ٻاٽ پئي نظر اچي. هي آڪاس ۾ کڙيل هيڏو سارو چنڊ، توکان سواءِ اونداهو آهي. پر جڏهن تون مون وٽ ايندي آهين، ته مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ منهنجي اونداهي اڱڻ ۾ چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان اچي بيٺو آهي. تون پنهنجا ڊگها ۽ ڪارا وار جڏهن کوليندي آهين، ته مون کي ايترو وڻندي آهين، جو دل چوندي آهي مان توکي ائين ئي ڏسندو رهان. ۽ جڏهن مان توکي اها ڳالهه چوندو آهيان ته تون يڪدم چوندي آهين ته: ’سائين، پوءِ وار کولي ڇڏ نه!‘ ۽ پوءِ جڏهن مان پنهنجي هٿن سان تنهنجي وارن جي ربِن کولي تنهنجا وار کولي ڇڏيندو آهيان، ته مونکي تون هن چنڊ کان به وڌيڪ سهڻي لڳندي آهين. تنهنجي چهري مان عجيب هڪ ٿڌي ٿڌي روشني ڦٽڻ لڳندي آهي. تنهنجو روشن چهرو انهن ڪارن وارن جي اوٽ ۾ ائين لڳندو آهي، ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ ڪارن ڪڪرن مان ليئا پائي رهيو آهي! ۽ هڪ رات تو پنهنجا تِر مونکي ڏيکاريا پئي ته مون کي لڳو هو ته ڄڻ مان اُهو سڀ ڪجھ اڳي به ائين ڏسي چڪو آهيان!)              

اڄ وڄ ختم ٿي...

مان اڪيلو بيٺو آهيان...

هي جيون ڪهڙو نه ڪٺن

۽ منهنجو پٿرائون رستو ڪيترو نه لمبو آهي!

                                            (بورز پئسٽرنڪ) 

(۽ محرم جو به مهينو اچي ويو. توکي ڪارن ڪپڙن ۾ ڏسندي منهنجي ذهن تي الائي ننڍپڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون يادگيريون تري آيون. ننڍڙي هوندي مان به ڪارا ڪپڙا پائيندو هيس. پوءِ پهرين محرم تي ڪارا ڪپڙا ڍڪي پنهنجو ننڍڙو ڪاٺ جو گهوڙو ڪپڙن سان سينگاري، پاڙي جا ڇوڪر گڏ ڪري پِڙ ڪڍندو هيس! ۽ ان ئي زماني ۾ ننڍڙي هوندي مان پنهنجي ماسيءَ سان مجلسن ۾ تمام گهڻو ويندو هيس. اُن زماني ۾ زالن ۾ محبت به گهڻي هوندي هئي. پاڙي جون پوڙهيون عورتون ڇهه ڇهه آنا گڏي، وڏي گاڏي ڪري ڪڏهن ٽنڊي جهانين هلنديون هيون ته ڪڏهن ٽنڊي غلام حسين. پوءِ موٽندي پنڌ ئي پنڌ ۽ نياز جي ڀت جون پاٽيون مٿي تي!

اڄ جڏهن انهن ڳالهين تي سوچي رهيو آهيان ته اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا اٿم. اها منهنجي ماسي، جنهن کي مان ناني امان چوندو هيس، مون کي ڏاڍو گهمائيندي هئي. اڄ ان کي مئي به الائي ڪيترا سال ٿيا آهن. ڪيترو وقت ٿيو آهي جو مان ان جي قبر تي به نه وڃي سگهيو آهيان...ننڍڙي هوندي مان پهرين پهرين هن سان ئي گڏجي توهان جي گهر مجلس ۾ آيو هيس. مون کي ياد آهي چڱيءَ طرح ته مان جڏهن توهان جي گهر ننڍڙي هوندي آيو هيس ته الائي ڪيترا ٻار هئا، جن سان مون رانديون کيڏيون هيون. شيدياڻين کان ڪچوريون ۽ روٽيون وٺي کاڌيون هيم. ۽ مان پنهنجي ذهن تان اڃا تائين اهي يادگيريون نه مٽائي سگهيو آهيان. منهنجي ذهن تي تنهنجو گهر، ان گهر ۾ پٽيندڙ ڪارن ڪپڙن ۾ ڪيتريون ئي مايون، شيدياڻيون، شيدياڻين جا ٻار ۽ اڱڻ ۾ بيٺل ليار جو وڻ، اڄ ڏينهن تائين منهنجي ذهن تي نقش آهن.

ڏس نه، توکي ڪارن ڪپڙن ۾ ڏسندي مون کي به الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ننڍڙي هوندي جون ياد اچي ويون. پر توکي هي ڪارا ڪپڙا به ڪيترا نه ٺهن ٿا!)

ڪئي غم کان زاري، ويچاري سڪينا،

بنِا  تنهنجي  بابا،  ويچاري  ســـڪيــــنا،

ڦري دربدر، درد ماري سڪينا.

(مشهور مرثيه گو شاعر محمد عالم جو نوحو)

مئي، 1973ع – آگسٽ، 1975ع – جولاءِ، 1976ع ۽ جنوري، 1977.  

وقت ڌيري ڌيري گذري رهيو آهي. ڪا مهل ٿي ته شام به ٻاهر ختم ٿي ويئي. ڊائنگ روم ۾ اونداهي آهي. مان ميز جي ڀر سان اڪيلو اڪيلو ويٺو آهيان. منهنجي اڳيان ميز تي بمبئي بيڪريءَ جو پنجن پونڊن جو سالگره ڪيڪ ائين ئي رکيل آهي. ٻه پليٽون چينيءَ جون خالي خالي آهن. ڪيڪ جي پاسي ۾ هڪ شمع آهي جيڪا ڌيري ڌيري  ٻري پئي. شمع جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ مان، هوءَ خالي اڪيلي ڪرسي، ٻه خالي پليٽون، ڇري ۽ ڊائنگ روم جو ڀيانڪ ماحول ڪجھ وڌيڪ ڀيانڪ پيو لڳي-

۽ اڄ 3- مئي آهي ۽ مان اڪيلو اڪيلو تنهنجو جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهيان! ...”دي ڊي ول ڪم!“

...”ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، هن رات اسان کي روليو آ...“

۽ تو هڪ ڀيرو مون کي چيو هو پاڻ تي ڪهاڻي لکڻ لاءِ!

پر ڪهاڻي مان توتي نٿو لکي سگهان! تنهنجي شخصيت تي سچ پچ ته مان ڪهاڻي ڪڏهن به نه لکي سگهندس!    

---- مس ”گ“ جي نالي...

”مدت گذري وئي آهي، ۽ مان گهڻو ڪجھ ڀلجي ويو آهيان. مدت بعد، رهجي ويل مان به گهڻو ڪجھ ڀلجي ويندس. دک ياد اچڻ سان ٿيندو آهي--، ۽ مان اهو آهيان جو تنهنجي ڀلجي وڃڻ جو دک ڪري رهيو آهيان!!“

 

حبيب الله رحيم بخش مرزا

پُراڻو ڪوٽ

اڃان شام جا پنج مس لڳندا هئا، ته ڏهه ٻارنهن ڍڳي گاڏيون مال جي ڳوڻين سان لڏيل اچي ’ٻن قبرن واري چؤواٽي‘ تي گڏ ٿينديون هيون. گاڏين وارا تڪڙو تڪڙو مال لاهي چؤواٽي تي ڳوڻين کي سٿي، هليا ويندا هئا. اهو سمورو مال شهر جي هڪ وڏي واپاري سيٺ کيمن داس جو هوندو هو. سيٺ نالي وارو ماڻهو هوندو هو. روزانو ڪيترائي مڻ مال جا سندس ڪوٺيءَ تي ايندا هئا، جي هو دنيا جي مختلف ملڪن مان گهرائيندو هو. جو واپاري کانئس مال خريد ڪري سنڌ جي اندرين ۽ ڏورانهن هنڌن- ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ پهچائيندا هئا.

مال جي ڳوڻين کي کڻڻ وارا، سيٺ جا ڪيترائي حمال مقرر ٿيل هئا، جن جو ڪم اهو هوندو هو جو مٿئين چؤواٽي تان ڳوڻيون کڻي اچي سيٺ جي ڪوٺيءَ ۾ رکن. وري ڪو ڪو ننڍو واپاري مال خريد ڪرڻ ايندو هو، ته اهيئي حمال اهو ڳوڻين ۾ وجھي واپس ساڳئي هنڌ تي اچي، گاڏين ۾ ڀريندا هئا. اهو هر روز جو نِيَم هوندو هو.

سيٺ کيمن داس جا حمال گهڻو ڪري سنڌ جي اندرين ڀاڱن جا پهلوان هوندا هئا. انهن ۾  هڪ يا ٻه مڪراني قوم جا ماڻهو به هئا. هڪڙو اتر سنڌ جو جوان، سليمان نالي هو جو رتيءَ وارو ماڻهو هو. بس مال آيو ناهي ته کڄيو نه آهي. هڪ کن ۾ مال انبار کڻي، نچندا ٽپندا، ماڳ تي رسائيندا هئا. تڏهن سستائيءَ جو زمانو هو. وڏي داڳيني جي کڻائي رڳو هڪ پئسو هوندي هئي. هي جوان هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ، هميشه اها ڪوشش ڪندا هئا ته گهڻا داڳينا کڻن. سيٺ کيمن داس شام جو يا ٻئي ڏينهن جو جڏهن حساب ڪتاب ڪري، مزورن کي ڏوڪڙ ڏيندو هو، تڏهن جنهن سڀ کان وڌيڪ ڳوڻيون يا داڳينا کنيا هوندا، ان کي شاباس ڏيندو هو. ان ٺلهي ‘شاباس‘ حاصل ڪرڻ لاءِ، حمال ويهن ننهن جو زور لائي، هڪٻئي کي شهه ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪندا هئا.

انهن حمالن ۾ هڪ اهڙو ماڻهو به هو، جنهن کي نه ڪنهنجي شاباس جي ضرورت هئي، نه وري هو گهڻيون ڳوڻيون کڻي، وڌيڪ پئسا ڪمائڻ لاءِ ماندو هو. هن کي جيڪو ملندو هو، ان تي راضي هوندو هو. ته به هو سست هرگز نه هو. ڪم کان نٽائڻ نه چاهيندو هو. ڪم ڪندو هو؛ پر هڪ خاموش ماڻهوءَ وانگيان ڪندو هو. طبيعت جو اهڙو سادو هو، جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو کيس رنجائيندو هو، ته به ڪين ڪڇندو هو: رڳو پنهنجي منهن چپن ۾ ڪجھ چوندو، وڃي پنهنجي ڪرت کي لڳندو هو.

ڀيرو مل نالو هئس. اصل ۾ هو ساهتيءَ جو رهاڪو هو. هتي سندس ڪي پري جا مائٽ رهندا هئا: خاص ڪري هڪ کير وارو؛ جنهن جو دڪان به سيٺ جي ڪوٺيءَ جي ڀر ۾ هو. ڀيرو مل جو مائٽ هڪ غمخوار هوندو هو. ڀيرو مل وٽس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪندو هو. اُتي چلم به پيو چڪيندو هو ۽ ڳالهيون به پيو ڪندو هو. جڏهن هو ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن يقين نه ٿيندو هو، ته هي اهو ساڳيو ماٺيڻو مزور آهي، جيڪو پنهنجي منهن، مٿي تي داڳينو رکي ڊوڙندو هو!

ڀيروءَ جي هڪ ٻي خاصيت به هوندي هئي. هو ڪافيون ۽ ڪلام ڳائيندو هو. ڪافي هڪ اهڙي جذبي سان ڳائيندو هو، جو ٻڌڻ وارا جھوليندا هئا. سندس هڪ ڪافي ڏاڍي لڳندي هئي. اها سنڌ جي مشهور شاعر ’پيرل‘ جي ٺاهيل هئي:

خوش ٿو گذارين منهنجا مٺا، عاشق تنهنجو آهه عذاب ۾

هي ڪافي تڏهن ڏاڍي مشهور هوندي هئي. ٻيا ماڻهو به ان کي ڳائيندا هئا ۽ اڃا به ڳائين پيا؛ پر ڀيروءَ جو انداز ئي نرالو هوندو هو. هو پنهنجي اندر جي آواز کي بس ڪافيءَ  جي لفظن ۾ ظاهر ڪندو هو. ويچارو هڪ اهڙو انسان هو، جنهن جو دنيا ۾ ويجھو مٽ مائٽ ڪونه هو. نه ماءُ نه پيءُ، نه ڀاءُ نه ڀيڻ. نه وري هن شخص ڪا شادي ئي ڪئي نه وري پنهنجو گهر ٺاهيو هو. اهو سڀ ڪجھ هن لاءِ جهڙوڪ اڻٿيڻي هئي؛ ڇاڪاڻ جو سندس آمدني نهايت ٿوري هوندي هئي؛ ٻين جي گهرن ۾ رهندو هو، انهن جا ڪم ڪار به ڪندو هو، انهن کي ڏاڍو سک ڏيڻ چاهيندو هو، ۽ ان جي بدلي فقط چار پهر رات جا آرام ڪرڻ طلب ڪندو هو. آرام وري ڇا جو، زمين تي ڪرونڊڙو ٿي سمهڻ چاهيندو هو. صبح جو وري ساڳي ڳوڻ ڪلهي تي رکي الله واهي، وڃي پنهنجي ڪرت کي لڳندو هو.

ان ڪري هو ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪڏهن ڪٿي پيو هوندو هو. جتي پئي تتي وهاڻي. البت جنهن کير واري جي دڪان تي هو روز ايندو هو، ۽ ڪچهري ڪندو هو، ان کي سندس ٿاڪ جي سڌ هئي. اهو ئي هن جو پتو ٻڌائي سگهندو هو. سيٺ کيمن داس کي جڏهن کيس ڪنهن ڪم سان گهرائڻو پوندو هو ته کير واري کي چوندو هو.  کير وارو سيٺ جو مسواڙي به هوندو هو. پاڙي جي سڀني ماڻهن کي سڌ هئي، ته کير وارو ڀيروءَ جو حال ڀائي آهي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياري آهي.

جيڪڏهن ڀيروءَ جو ڪو سمر يا اسباب هو، ته اهو هن شخص جي حوالي هوندو هو. ڀيروءَ وٽ هو ڇا؟ هڪ پراڻو کُٿل ڪوٽ ، جو هن مارڪيٽ مان ورتو هو، ۽ اهو کير واري جي دڪان تي رکيو هئائين. اهو ڪوٽ هڪ ڪليءَ ۾ ٽنگيو پيو هوندو هو. هيٺ کير واري جي وڏي تئي رکيل هوندي هئي. تئي جي هيٺان ٻٻر جي ڇوڏن جي باهه پئي ٻرندي هئي. ڇوڏن جي باهه جي ڪري دونهون ٿيندو هو، جو سڌو وڃي ڀيروءَ جي ڪوٽ تائين رسندو هو؛ جنهن ڪري اهو پراڻو ڪوٽ  سڄو دونهاٽجي ڪارو ٿي ويو هو ته به ڀيروءَ جي ملڪيت هو. ڀيرو ڪُلهي تي ڳوڻ رکي جڏهن هتان لنگهندو هو، ته پنهنجي ڪوٽ کي ضرور ڏسندو هو. هو هڪ قسم جي خوشي محسوس ڪندو هو: يعني ته هن هيڏي وڏي دنيا ۾ سندس هڪ شئي آهي، جا کيس سياري جي سرديءَ کان بچائي ٿي جا سندس لاءِ زيب ۽ زينت ٿي سگهي ٿي. اهو هو سندس ميرو پراڻو ڪوٽ .

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر انسان ۾ جذبا آهن. اها هڪ لازمي ڳالهه آهي، ڀيروءَ ۾ به جذبا هئا. انهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هو ڪافيون چوندو هو. جڏهن پور پوندو هئس تڏهن ڳائيندو هو. نه کيس ان جي خوشي هئي ته ڪو ٻيو سندس ڳائڻ ٻڌي ٿو، نه کيس ٻئي ڪنهن جي پرواهه هئي. هيل تائين ڇڙو ڇانڊ رهيو هو ۽ ڪرڙوڍ اچي ٿيو هو، تنهن ڪري ڳائي دل خوش ڪندو هو. يا ته کيس اهڙو ڪو احساس ئي نه هو ته هو ڇڙو آهي بهرحال ڳائڻ هن لاءِ غذا هئي، اهڙي جنهن کي هو ڇڏي نٿي سگهيو. راتين جي سناٽي کي چيري، هن جو ڀريل آواز ٻُري پوندو هو:

”خوش ٿو گذارين منهنجا مٺا، او او، عاشق تنهنجو آه عذاب ۾...

او   خوش  ٿو،   سڄڻ   خوش   ٿو،   راڻا   خوش   ٿو...“

ائين ڳپل وقت ٻرانگهون ڀريندو گذري ويو. هاڻي ڀيرو پهرينءَ جهڙو مضبوط نه هو. هاڻي جڏهن به هو حمالي ڪندو هو، تڏهن ڏاڍي اوکائيءَ سان هلندو هو. گهڻو ٻوجھو کڻي نه سگهندو هو. اهو وقت ويو، جڏهن هو اڍائي مڻي ڳوڻ ڪلهي تي رکي، يڪي ڊوڙي ويهه فوٽ مٿي چڙهي ويندو هو ۽ وڃي اتي ڳوڻ سٿيندو هو. سڄو ڏينهن ائين ئي ڪندو هو، بعضي ته رات جو به دير تائين حمالي ڪندو رهندو هو؛ پر ٿڪبو نه هو. بلڪ ان ڪم ۾ ئي وندريو پيو هوندو هو.  ۽ دنيا جون ٻيون ڳڻتيون سندس آڏو نه اينديون هيون. بس پنهنجي ڪرت ۾ ئي مگن هوندو هو.

ڀيرو هاڻي حماليءَ جي ڪار جو نه رهيو هو. سو هاڻي موڙهل پيو ڏسڻ ۾ ايندو هو. اُن سان گڏ کيس پيٽ جي به بک هئي. روزگار بند. ٻئي ڪم ڪرڻ کان قاصر: هڪ پيري ٻيو ڪمزوري، ۽ جسم ۾ طاقت گهٽ: تنهن هن ڍول مڙس کي هڻي ڍرڪائي وڌو.

جنهن چڱي مڙس جي جڳهه ۾ رهندو هو، ٿي سگهي ٿو، اهو به کيس ڌڪاريندو هجي. پر بهرحال هاڻي پيريءَ جو وقت هئس، سندس گذر ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، ته به هو ڪنهن جو محتاج ڪين هو. جيڪڏهن ڪو کيس ماني ڏيندو هو، يا سار سنڀال لهندو هو، ته هو به ان لاءِ جان جوکي ۾ وجھي، ان احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هاڻي هو اهڙو نه هو جو ڀريل ڳوڻ ڪلهي تي رکي ڊوڙي. کيس ان جو احساس هوندو هو. هاڻي هو جيڪڏهن ٿوروئي ڪم ڪندو هو، ته ٿڪجي پوندو هو.

ان کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ، هن ٻاهرنڪرڻ ڇڏي ڏنو؛ جنهنڪري پاڙي وارن ۾ اها چؤ پچؤ ٿي پئي ته ”شايد هو بيمار آهي.“ اهڙيءَ طرح جا ڏينهن خاموشيءَ ۾ گذري ويندا هئا، اوچتو ڪنهن رات جو سهماڻيءَ مهل، هڪ آواز ٻڌبو هو:

”او خوش ٿو گذارين...“

شايد اندر ۾ ڪا اڇل ايندي هئس، جنهن کي هو روڪي نه سگهندو هو؛ ۽ بي اختيار ٿي ويندو هو. ان حالت ۾ - بي اختياريءَ ۾ اهي ٻول نڪرندا هئس. بهرحال جڏهن به اهڙو آلاپ ٻڌبو هو ، ته پاڙي وارا چوندا هئا؛ ’ادا، ڀيرو بيمار ڪونهي. هو ته ڳائي به رهيو آهي. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته اها ڪافي هن شخص کي، سڄي به ڪين ايندي هئي! رڳو ٻه مصرعون ياد هئس جي هو ڳائيندو هو:

خوش ٿو گذارين منهنجا مٺا، عاشق تنهنجو آه عذاب ۾
ٻن پوي جدائيءَ جو جيئڻ، تنهن کان زهر جو پيالو پيئڻ،
پنهنجي يار کان جدا رهڻ، آهي ڪهڙي ته ڪتاب ۾..او..خوش...

پيرل چوي آئين نه تون، ڏکيا گذاريم ڏينهن مون،
سرڪار رب جي روبرو، آخر ايندين ته حساب ۾ ..او خـــــــــوش...

سال 1942ع واري سياري جي هڪ وڻندڙ صبح جو، اوچتو سڄي پاڙي ۾ اها خبر ڦهلجي وئي ته ’ڀيرومل گذاري ويو.‘ ’ڀيرو حمال مري ويو.‘

ڀيروءَ جي ارٿيءَ کي مساڻ ڏانهن نيو ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪائي سڄي سڙي رک ٿي وئي. باهه ڄڀيون ڄيرا ڪڍيا، پوءِ رڳو دونهون وڃي رهيو، جو ان رک مان نڪري مٿي چڙهي رهيو هو. دونهون مٿي چڙهندو ٿي ويو ۽ تڪڙو تڪڙو پکڙبو ويو ايتري قدر جو ائين ئي محسوس ٿيو، ڀانءَ ته وڃي ڪڪرن سان لڳو هو. ان دونهين مان هڪ آواز – نهايت خفيف اچي رهيو هو؛ ڄڻ ته ڪو چئي رهيو هو: ”خوش ٿو گذارين منهنجا مٺا، او عاشق تنهنجو آهه عذاب ۾.

”عذاب ۾...عذاب ۾...“

ڀيرو ته گذاري ويو. هُو هو به وڏي جڳ جو ماڻهو، ان جي موٽ جو شايد ڪنهن کي ايترو ڏک نه ٿيو هجي؛ پر ان جو اهو ڪوٽ  اتي ئي کير واري جي دڪان تي، ڪليءَ تي ٽنگيو پيو هوندو هو. ڪيترن ڏينهن تائين اهو پراڻو ڪوٽ اتي اهڙيءَ حالت ۾ هو هاڻي دونهين ۾ پهرين کان وڌيڪ ڪارو ٿي پيو هو. جيسين ان کير واري جو ڌنڌو ان دڪان ۾ جاري هو، تيسين ڀيروءَ جو ڪوٽ ساڳيءَ طرح اتي ٽنگيل هو.

سانول

مهراڻ

چاؤل پاڏي کي ساريندي، وير لکمير جي اندر مان ڪنهن ڪنهن وير ڍڪ نڪريو ٿي ويئي. ڏاس ڪتيندي هن جو چت به چڪرن ۾ اچي ٿي ويو: ’ڪٿي هوندو؟ ڪسجي ته نه ويو هوندو؟ ڪهڙي ڪانهينءَ ٽِڪي جا ڪاتي وهائيندي هٿ وريا هوندا! پاڏو پڪ پڙ ۾ آڻيندا. ڇيريل سانَ سکڻين هٿين وٺڻ لاءِ هن ڄمار ۾ به راڄ- ڌڻي پاڻ  پڙ ۾ لهندو آهي؛ پر چاؤل...!‘ ان کان اڳي هن جي ويچارن کي جهڙوڪ مُڇو اچي ٿي ويو- ۽ هن پهاڙ پيران وهندڙ مئي متي مهراڻ تي نيڻ کُپائي ڇڏيا. ايڏو اتاهون ويٺل هوندي به، مهراڻ جهڙوڪ هن جي سرير منجھان وهي رهيو هو! گوڙ گجگوڙ ڄڻ سندس ئي من جي ولوڙ هوءِ. ڪُنن جا ڪڙڪاٽ ڄڻ سڄي وجود ۾ واڄي جيان وڄي رهيا هياس. پوءِ سمورن آوازن سين، ڪنجھي جي ٿال جي تال تي،سورج مکي جي کنيل وير-ڪٿا جا ٻول به لين ٿي ويا- ۽ سارو وايو منڊل ٻُري پيو:

موج ڀريا مهراڻ تون، اننت آهين اٿاهه
سنڌڙيءَ جو سرواڻ تون، تو ۾ ساهه پساهه
سياري توڙي ساوڻ، وهين تارو تار
اورار اُڀارين سج نج، چاڙهين چنڊ پرار
مٺي پاڻيءَ جا سمونڊ، تو سين هينئڙي هيج
لهريون ترارن ترورا، تک ۾ سورج تيج
مانسروور کان وٺي، وهين ڌوڪان ڌوڪ
اوريين پريين ڪنڌيين، مارو مِڙ ملوڪ
ڇوليون ڇوريون ڇيڳريون، سونَ رُپي ڪن راند
وير وري ٿي ائين جيئن، وٺن وير پلاند
ويرن ليءِ واڄا وڄن، ڪنن منجھ ڪڙڪاٽ
ڪانئر ڪاڻ ڪپاٽ ۾، ڪرٽ  ڪري  ڪرڙاٽ.

وير لکمير مهراڻ جي وهڪري تان نيڻ هٽائي، ساري وايو منڊل کي جهڙوڪر سانت ڪري ڇڏيو. هو اٿي بيٺو- ۽ لاک- رتڙي سانجيءَ جو ائين ڀاسيو ڄڻ پهاڙ تي هڪ ٻيو پهاڙ بيٺو هوءِ.

هن هڪ ڀيرو وري هيٺ مهراڻ ڏانهن چتايو. کيس مهراڻ ڏاڍو ماٺو لڳو. اننت- روپي سدائين سوئا سنڌو جو اهو وهڪي ويل روپ ويرلکمير کي مور نه وڻيو. هن ان کي سروپ ڏيڻ چاهيو ۽ هڪ ڳؤري چپ پٽي سموري سگهه سان مهراڻ ڏانهن اڇلي، ڇولين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، لهريون ٽاهڙ مال جيان رسا ڇنائي ڪلن سوڌو ڳاهٽجنديون، ڊوڙنديون، ڪرنديون اٿنديون، هانڀارينديون، گڦينديون، انڌي لُوهه پائينديون ٻنهي ڪنڌين ڏانهن وڌڻ لڳيون- ۽ وير لکمير جي چوڌاري پنڊ پهڻ وايو مندل ۾ جندڙي جاڳي پئي. هن ڳاٽ اوچو ڪري پرار ڏانهن نهار ڪئي جتان چنڊ ناسيو بيٺو هو.

رات جو سونَ سان پرار اسهڻ جي ڳالهه چوريائين. هن جي ڇاتيءَ جي وارن ۾ گهمندي سونَ جون آڱريون پل آپل بيهجي ويون.

”ڪوهه ٿيوءِ؟“

هوءَ پوءِ به نه ڪڇي. هن جي ڇاتي جي وارن ۾ مٺ کڻي ڦٻايائين. من ۾ آيس ته وارن جو مُچو سٽ ڏئي پٽي وٺيس ۽ ريهون ڪري روئي.

”ڪڇين ڪوهه نٿي؟ وات ۾ مڱ اٿئي ڪيئن؟“

”آءٌ ڪُڄا ڪڇان؟ ساوڻ سياري توکي پرار اسهڻ کان مون ڪو جھليو پليو؟“ سون ڄڻ سڏڪي کي اکرن ۾ اوتيو ۽ وير لکمير کي کڻي ڳرهاٽي پائڻ جي ڪيائين؛ هن جي ٻانهن پري ڪندي وير لکمير ڀڙڪو کائي اٿي ويٺو:

”آءُ پاڏي جي وؤڙ ۾ ڌرتيءَ جي هن ڇيڙي تائين به ويندس-- ۽ يڪي لوهه ويندس.“ هن ڏسندي آڱر هن پار سڃي، جتان وِهائو اُڀرندو هو. ڳچ دير آڱر ان پار ئي سڃيو رهيو، ڄڻ آڱر جي سڃ سان ان پاران ڄاڻ وِهائو اُڀري ايندو؛ پوءِ ير لکمير کي مٺ ڀيڙيندو ڏسي سونَ کي ڀاسيو، ڄڻ وهائو ان مٺ ۾ بند هجي- ۽ مٺ کولڻ سان وهائو سندس ڪُک ۾ لهي ايندو- سڀاڻ جي سورج بڻجڻ لاءِ.

”پاڏو تنهنجو به ته نيپاج هو!“

وير لکمير جي ڳالهاوَ تي سونَ جهڙوڪر سپني مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي:

”ٻيو نه ته ساروڻا رڳو توکي آهن!- پر..“

”پر ڇا؟“

”مون کي هيڪلائين کان ڊڄ ٿو ٿئي“ سون کان ڍِڪ نڪري ويئي ”هڪڙي ڳالهه مڃندينءَ!“

”چؤ!“

”هن ڀِرڪي جوڙ سجوڙ ٿي نه هلون؟“

”نه!“

۽ مونَ ڄاتو ٿي ته وير لکمير جي جهڙي هٿ جي ليڪ. هوءَ ڪجهه به ڪڇندي ته اها رات به روسامي جي کوري ۾ سڙي رک ٿي ويندي-- ۽ هن جي ڪنهن به ماڻي تي وير لکمير پهرين ته منجھس جوُهه پائي نهاريندو، پوءِ پيهي تان ٻِڌ ئي هڪڙو ڪندو هو؛ ٻيلو ته هن ڪاڻ هو ئي به وکون-- ۽ مئي متي مهراڻ ۾ ته هوءَ ائين ترندو هو، ڄڻ پاڻ به مهراڻ جي ڪا ڇوهه ڀري ڇولي هوءِ.  - رات پرهه تائين چنڊ رائيندي رَمي.

ٻئي ڏينهن وير لکمير تِڙڪي تِڙڪي ڏاڏيءَ وٽ هليو ويو. عاج جي منجيءَ تي ويٺي هوءَ هنجن کي موتي چڳائي رهي هئي ۽ ساڻن ڳالهائي به رهي هئي. وير لکمير هري هري ڪري سندس پاسي ۾ رکيل چندن جھي موتين واري دٻلي پوئتي رسڪائي ورتي.

”هنجڻيءَ پنهنجي هنج کي چيو آهي ته، وير لکمير جا ست ئي سهنج آهن.“

”سچ ڏاڏي!“ هوءَ به منجيءَ تي ويهي ٿو رهي ۽ ڏاڏيءَ کي ڳرهاٽي پائي ٿو ڇڏي.

”ها وير لکمير، هنج ڪڏهن به ڪچ نه ٻوليندا آهن.“ 

” ها سانئڻ، ڪچ ته ماڻهو ٻوليندا آهن.“

”نه، ڪچ ڪماڻهو ٻوليندا آهن.“ ڏاڏي وڻن ۾ وچڙيل سج ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”تنهنجو ڏاڏو، جنهن جو توتي نالو آهي، جڏهن پرارسهيو هو، تڏهن هنج نه موتي چڳيا نه ئي ڪجھ ٻوليائون.“ ڏاڏي ڏسڻي آڱر سان پٽ تي ڪمان ليڪي، ان تي ڦڻوٽي جيئن ڏندا ڪڍڻ لڳي، پوءِ انهن کي جوڙن ۾ ڪٽڻ لڳي  ”تڏهن پڻهين مون کي هنج تي هو ڏاڍا وس ڪيم؛ پر اوس ئي رهيس. جھل پل تي جھيڙو لائي ڏين ته اوهانجي پُري جي پر آهي.“ ڄڻ ڳوڙها ڳلي ۾ اٽڪي پيس ”۽ جڏهن پڻهين کي پرار جا پور پيا هئا، تڏهن تون ماڻهين کي بُبي تي هوئين.“ هوءَ ڳچ دير سانت رهي ۽ ٺنڀي هاڻي سورج کي تڪڙ لڳي-- ۽ سج به جهڙو ڪر سندس نهار سان ٽاري ٽاري ٽپندو، وڻن جي چوٽ  چڙهندو وڃي.

راند ۾ ڌڪ لڳڻ تي؛ شڪار تان ڦٽجي اچڻ تي؛ ڏاڏيءَ جي جوٽ تي ڪنڌ رکي وير لکمير کوڙ ڀيرا انيڪ ڪهاڻيون، انيڪ ڳالهيون سُيون هيون؛ ڇا اهي مِڙ ڳالهيون رڳو هن جي سور جھڪي ڪرڻ لاءِ ئي هيون!؟

ڇا اهي هڙئي آکاڻيون هن ننڊ سمهارڻ لاءِ ئي هيون!؟ ۽ هيءَ آکاڻي.

 ---هي ڳالهه...!

”سوچيو هوم ته هڪ نه هڪ ڏينهن توکي اها آکاڻي به سڻائي ڇڏينديس. ۽ توکي سڻائڻ لا۽ مون وٽ اهائي پڇاڙڪي آکاڻي آهي!“ وير لکمير کي ڀاسيو، ڄڻ ڏاڏيءَ جي نيڻن ۾ سون پنهنجا ڪرڻا اوتي ڇڏيا هونِ ”۽ هاڻي جڏهن تون پرار اُسهي رهيو آهين...“ ڏاڏيءَ هٿ ترين سان ڳلن تي ڪري پيل ڪرڻن کي اُگهي، ڀنل نيڻن سان ڏانهس ڏٺو ”تڏهن ننڍي ڪنوار گرڀ- وتي آهي.“ ’اها سڌ ڏاڏي کي ڪيئن پئي؟‘ هن سوچيو. ڏاڏي، وير لکمير جي ڪلهي تان پرتان ڏسي رهي هئي ۽ سندس چپن تي مرڪ ٽڙي پيئي هئي. هن ڏاڏيءَ جي نهار جي ڏور جھلي، ڪنڌ ورائي پرتي نهاريو- پريان سون پئي آئي. ڪراين ۾ لکي ڍنڍ جي سدا ٽڙيل نيل ڪملن جا ڪڙا پاتل. ڪونج ڳچيءَ ۾ ڪوڻيءَ جو هار پيل، جنهن جو ڇيهه دُن کان هيٺ نهائينءَ وٽ اڌ کريل نيل ڪمل تي ٿي ٿيو. پٺيانس ڦلان مالهڻ کاريءَ مان باک ڀنل رابيل ورکائيندي پئي آئي. ڀرسانس مور هن جي ٽور تان گهور پئي ويا ۽ سون جي مک تي سورج جو تيج هو.

۽ اهو سڄو ڏينهن هن جو من شڪار ۾ به نه لڳو. جانورن جا ڌڻن جا ڌڻ سندس مهاڙيءَ مان ڇال ڏيندا لنگهيا؛ پر هو ڏور ٻٻرن ۾ ٽنگيل چتيون چتيون نيل گگن کي گهوري رهيو هو. پري کان ساوڻي سنڌوءَ جي گجگوڙ، تڙيءَ وارن جي هوڪرن، ڪتي جي ڀؤنڪن کي اوراگهيندي وير لکمير جي ڪنن تائين پهچي رهي هئي... اها هن جي اندر جو ئي پڙاڏو هئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com