ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو
محرابپور
انگريزن
جي دؤر ۾ سنڌي الفابيٽ
ڪاميٽيءَ بابت ٺاهيل افسانو
عام طور ايئن سمجهيو وڃي ٿو ته موجوده سنڌي
صورتخطي يا الفابيٽ، انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد،
1853ع ۾ مقرر ڪئي، ڇو ته اڳ ۾ سنڌي صورتخطيءَ جو
وجود ڪونه هئو ۽ اها صورتخطي اٺن عالمن جي هڪ
ڪميٽيءَ جي مرهون منت آهي. سنڌ جي ادبي تاريخن جو
محمد صديق ميمڻ کان وٺي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي تائين
هڪ اهم موضوع رهيو آهي.
تازو اسان جي فاضل دوست مختيار احمد ملاح، ڪلاچي
جرنل، جلد 25، شمارو 02، ڊسمبر 2022 ۾ هڪ پيپر
لکيو آهي. ان پيپر جو محور آهي ته سنڌ جي فاضل
محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ’ديوان گل‘ جي مقدمي ۾
سرڪاري نوٽيفڪيشن جي نه هجڻ سبب پنھنجي دليلن سان
’الفابيٽ ڪاميٽي‘ جي وجود کي تسليم نه ڪيو آهي، ان
کي رد ڪيئن ڏجي؟
ڪتاب ’ديوان گل ۽ سنڌي
صورتخطيءَ جو تحقيقي اڀياس‘، ڊاڪٽر اين. اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄام شوري پاران
2022ع ۾ شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ پبلشر پاران نوٽ
راقم جو لکيل آهي. ان پبلشر نوٽ لاءِ مختيار ملاح
لکيو آهي: ”ڊاڪٽر غفار صاحب جي تحقيق کي اداري جي
شايع ڪندڙ ۽ خود صورتخطيءَ تي پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ
ڊاڪٽر الطاف جوکيي هڪ قسم جي توسيع ڏيندي لکيو آهي
ته ايلس الف- بي بيھارڻ وقت جيڪا اٺن ميمبرن واري
ڳالهه، مختلف محققن ڄاڻائي آهي ۽ حوالي طور اڳتي
ٿيندي آئي آهي، جنھن تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به
اعتراض واريو، پر ڳالهه جو تھه معلوم ٿي نه سگهيو،
ان جي حقيقت تي پھچڻ ۾ سومرو صاحب ڪامياب ٿيو آهي.
صاحب موصوف ان نتيجي تي پھتو آهي ته ايلس آئيويٽا
واري ڪاميٽيءَ جو ڪو وجود ئي ڪونه هيو.“ (ملاح،
2022: 37- 60)
جيئن ته ملاح صاحب منھنجي پبلشر نوٽ تي منھنجو خاص
ڌيان ڇڪايو آهي، ان ڪارڻ مناسب سمجهان ٿو ته ان
بابت لکت ۾ ڪجهه عرض ڪري ڇڏيان.
پھرين ڳالهه ته اداري پاران پبلشر نوٽ جي هڪ محدود
حيثيت هوندي آهي. مختلف ادارن جا اهڙا پبلشر نوٽ،
علمي توڻي ادبي شخصيتن جي مختلف ڪتابن ۾ ڏسي سگهجن
ٿا. منھنجي فاضل دوست لفظ ’توسيع ڏيڻ‘ جا الفاظ
استعمال ڪيا آهن. مون ان ڪتاب جي مقدمي جي ڪابه
توسيع نه ڪئي آهي؛ البت، ’توثيق‘ ڪئي آهي. منھنجي
خيال ۾ اسان جي فاضل دوست کي لفظ ’توثيق‘ استعمال
ڪرڻ گهربو هو، ليڪن ان بجاءِ ’توسيع‘ لکجي ويس.
خير اڄڪلهه مختلف ٻولين جي لفظن جي ڀيڙ به وائڙو
ڪري ڇڏيندي آهي.
درحقيقت 1853ع واري الفابيٽ ڪاميٽيءَ بابت لکپڙهه
جو وڏو پس منظر آهي. ان ڪاميٽيءَ جي قيام جون
ڳالهيون ته ڪافي وقت کان پئي هليون، ليڪن هڪ فيصله
ڪن مرحلي تي مسٽر ايلس اهو چئي ان ڪاميٽيءَ جي
قيام کي رد ڪرائي ڇڏيو ته ان سان وڌيڪ تضاد پيدا
ٿيندا. اهڙين حقيقتن جو پتو، ايلس جي آخري رپورٽ
مان پوي ٿو، جيڪا هن بارٽل فريئر کي پيش ڪئي.
ان ڪاميٽيءَ جي اٺن ميمبرن جو ذڪر، سڀ کان پھريان
خانبھادر محمد صديق ميمڻ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ادبي
تاريخ‘ (1935ع) ۾ ڏنو آهي. ان کان پوءِ اها ساڳي
ڳالهه ڪاڪي ڀيرومل پڻ ڪئي آهي ۽ پوءِ ڪافي عالمن
ساڳي ڳالهه جو ورجاءُ پئي ڪيو. مون پڻ پنھنجي ڪتاب
’عربي- سنڌي آئيويٽا جو اڀياس‘ ۾ ساڳي ڪاميٽيءَ جي
اٺن ميمبرن جو ذڪر ڪيو آهي. ان ڪاميٽيءَ ۾ هڪ
ميمبر، مرزا صادق علي بيگ ڄاڻايل آهي. مرزا صادق
علي بيگ، مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ هو، جيڪو
کانئس ڏهه سال وڏو هو. هوڏانھن حقيقت اها آهي ته
مرزا قليچ جي ڄم جو سال 1853ع آهي، جيڪڏهن مرزا
صادق کانئس ڏهه سال وڏو آهي، ته مرزا صادق علي بيگ
کي ڏهن سالن جي عمر ۾ الفابيٽ ڪاميٽيءَ جو ڪيئن
ميمبر ڪري رکيو ويو هوندو؟ اهڙي نشاندهي سڀ کان
پھريائين ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڪئي، جنھن گويا
ڪاميٽيءَ جي وجود يا ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي مشڪوڪ
قرار ڏنو. ان ڪري مشڪوڪ ڪاميٽيءَ جي حقيقت کي وڌيڪ
ثبوتن سان جاچڻ جي ضرورت هئي ۽ ڊاڪٽر جيٽلي جي
اٿاريل سوال جو جواب ڊاڪٽر سومري صاحب مھيا ڪيو.
ان پس منظر ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري، آخوند گل
محمد هالائيءَ جي ’ديوان گل‘ جي مقدمي ۾ اهم
انڪشاف ڪيو. آخوند گل سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ
نسبت، پھريون صاحب ديوان شاعر ليکجي ٿو. جيئن ته
آخوند گل مختلف ٻولين جي ڄاڻ سان گڏوگڏ سنڌي
ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو، ان لحاظ کان هن ايلس جي
الفابيٽ سان اختلاف رکندي، 54 اکرن جي الفابيٽ
جوڙي ۽ ان مطابق پنھنجو ديوان ترتيب ڏنو. هن ديوان
جي منڍ ۾ اکرن ۽ صورتخطيءَ تي پڻ بحث ڪيو آهي، ان
کان علاوه صورتخطيءَ جي بنيادي مسئلن کان به بي
خبر نه هو. تڏهن ته ’وسرڳ‘ اکرن جي شڪل لاءِ سندس
ڄاڻايل صورتون نراليون آهن، جنھن ۾ موجوده مسئلن
جو حل پڻ آهي.
ڊاڪٽر سومري ان پوري مسئلي جو به باريڪ بينيءَ سان
اڀياس ڪيو آهي ۽ ساڳئي وقت الفابيٽ جي اختلاف تي
به سندس گھري نظر رهي. ان ڪارڻ ان ديوان تي هڪ
تفصيلي مقدمو لکيو. مقدمي ۾ ظاهر آهي ته ڪافي
معاملا اچي وڃن ٿا، پر سندس خاص نظر الفابيٽ جي
ڪاميٽيءَ واري سوال تي رهي. وڏي عرصي کان، محققن
ان ڪاميٽيءَ جي نوٽيفڪيشن جي پئي ڳولها ڪئي آهي.
نه نوٽيفڪيشن، نه وري ايلس رپورٽ يا ڊاڪٽر ٽرمپ
سان لکپڙهه ۾ ڪو اهڙو ذڪر!
هتي اها حقيقت نھايت اهم آهي ته سر بارٽل فريئر
ڏانھن مسٽر بئرو ايلس جيڪا رپورٽ موڪلي هئي، ان ۾
ڪنھن به قسم جي ڪاميٽيءَ جو ذڪر نه ڪيو اٿس، بلڪ
اکرن جي مروج صورت تي ڳالهايو اٿس ۽ ڪاميٽيءَ کي
بلڪل بيسود سمجهيو اٿس. ڊاڪٽر سومري، ايلس جي ان
رپورٽ کي باقاعده جاچيو آهي ۽ ان جي 107 پيئرائن
مان 40 ۽ 41 کي نمايان ڪري، انگريزيءَ سان گڏ
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏنو آهي. اسان هتي هڪ دفعو وري
ايلس جا پنھنجا لفظَ حوالي طور پيش ڪريون ٿا:
‘The appointment of such a committee was at the
time practically impossible, as the officers
best acquainted with Sindee were either absent
from Sind, in different parts of the Province
and not easily brought together, the suggestion
was therefore of necessity laid aside.’
”هن وقت اهڙي ڪاميٽيءَ جو قيام
عملي طور ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا
ماهر آفيسر سنڌ ۾ موجود نه آهن- يا ڪٿي ٻاهر ويل
آهن، جن کي هينئر آسانيءَ سان هڪ هنڌ گڏ ڪري نٿو
سگهجي. ان ڪري ڪاميٽيءَ واري رٿ کي مجبوراً ترڪ
ڪرڻو پيو.“ (غفار، 2022: 8)
ڊاڪٽر سومري ايلس بابت وڌيڪ ڄاڻايو آهي: ”پئرا 41
۾ لکيائين ته ان ڳالهه تي وڌيڪ افسوس ڪرڻ جي ضرورت
ناهي، ڇو ته اهڙي ڪاميٽي ڪنھن به نتيجي تي پھچي نه
سگهي ها. ڇو ته اهي ميمبر ڪڏهن به هڪ ڳالهه تي
متفق نه ٿين ها. اهي وڌيڪ پنا ڪارا ڪرڻ کان سواءِ
۽ هڪٻئي کي رد و ڪد ڏيڻ کان سواءِ تنازعي کي نئين
سر جيارين ها. ڪابه نئين ڳالهه ڪونه ڪن ها، ڇو ته
ان مسئلي تي ڪپتان اسٽئڪ ۽ برٽن کان وڌيڪ ٻيو ڪو
ڄاڻو ڪونه ٿو سُجهي، جن کي هينئر انهن جي بجاءِ
ڪاميٽيءَ تي رکجي.“ (غفار، 2022: 08)
سومرو صاحب، ايلس جي 42 پيرا ۽ ترجمو ڄاڻائيندي
آگاهه ٿو ڪري: ”ايلس وري پئرا 42 ۾ پنھنجي ڪمشنر
بارٽل فريئر کي مخاطب ٿيندي هيئن لکيو:
‘The dispatch of the court was favorable to the
adoption of the Arabic character and you
directed that the very trifling changes or
additions required for its adoption to Sindee
(paragraph 4 of courts dispatch) should be
forthwith made, and no further time lost in
debating and collecting opinions. This was done,
and a sheet-containing the alphabet-revised was
published in July 1853. From that time to the
present a series of books on arithmetic,
geography, history, and other subjects has been
issued. And it is to be hoped the question is
forever set at rest, so far as concerns the
character to be used in the publication of
books, and instruction generally.’
ترجمو: ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس جو (8 ڊسمبر 1852)
مراسلو عربي- سنڌي خط جي حمايت ۾ هو ۽ توهان
(بارٽل فريئر) پاڻ هدايت ڪئي ته باقي گهربل معمولي
ترميمون ۽ اضافا، جيڪي تمام ضروري آهن، فوري طور
مڪمل ڪري اختيار ڪيا وڃن (ڪورٽ جي مراسلي جو
پئراگراف 4) ۽ وڌيڪ وقت بحث مباحثن ڪرڻ ۾ نه
وڃائجي. ائين ڪيو ويو ۽ سڌاريل الف- بي جي پٽي
جولاءِ 1853 ۾ پڌري ڪئي وئي آهي. بلڪ ان کان پوءِ
هن وقت تائين ڪيترا ڪتاب رياضي، جاگرافي، تاريخ ۽
ٻين موضوعن تي شايع ٿي چڪا آهن. اها اميد ڪري
سگهجي ٿي ته اهو مسئلو (صورتخطيءَ وارو) هميشه
لاءِ حل ٿي چڪو آهي، خاص طور جيستائين ان کي عوام
۾ رائج ڪرڻ توڙي ڪتابن ۾ استعمال ڪرڻ جو تعلق
آهي.“
(غفار، 2022: 08- 09)
مسٽر ايلس، ڊاڪٽر ٽرمپ سان جيڪا به لکپڙهه ڪئي،
اها انگريزي متن سميت سنڌي ترجمي سان ٽماهي مھراڻ
۾ ڊاڪٽر الهه رکيي ٻُٽ ڏني آهي. ان کي غور سان
پڙهڻ بعد معلوم ٿيندو ته ان ۾ ڪنھن ڪاميٽيءَ جو
وجود ته ڇا پر، ڪو اشارو به ڪونهي.
ڊاڪٽر حميده کھڙي، ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس وٽ پيش ڪيل
رچرڊ برٽن جي مفصل رپورٽ جو پڻ باريڪ بينيءَ سان
مطالعو ڪيو هئو. هوءَ ان بابت لکي ٿي: ”ترجمو:
برٽن سنڌي الف- بي جي مڪمل پٽي تيار ڪئي، ايتريقدر
جو حرفن کي اعرابون به اهڙيءَ طرح ڏنائين، جيئن
اها صورتخطي عام طور سنڌ جي عالمن وٽ مروج هئي،
اهڙي پٽي برٽن پنھنجي رپورٽ سان شامل ڪئي هئي.“
(غفار، 2022: 30)
مٿين ٽن ناقابل ترديد حقائق مان واضح ٿئي ٿو ته
ڪاميٽيءَ جون ڳالهيون بيشڪ هليون هيون، ليڪن آخري
وقت تي مسٽر ايلس، ان جي قيام کي غير ضروري ۽
بيسود سمجهي، سنڌ ۾ اڳيئي مروج صورتخطيءَ جي اکرن
کي ٽٻڪن جي معمولي تبديليءَ سان رائج ڪيو. ان جو
وڏي ۾ وڏو ثبوت اها جدول آهي جيڪا ٽرمپ پاڻ گرامر
جي ڪتاب ۾ ڏني ۽ هاڻي سومري صاحب 15هين صفحي تي
ڏني آهي. ٽرمپ انهيءَ جدول ۾ ايلس جي الفابيٽ ۽
ايلس کان اڳ سنڌ ۾ مروج الفابيٽ ۽ پنھنجي ٺاهيل
الفابيٽ جو چارٽ ڏنو آهي. انهيءَ جدول يا چارٽ مان
هرڪو ڏسي سگهي ٿو ته ايلس سنڌ ۾ اڳيئي مروج
صورتخطيءَ کي چند ٽٻڪن جي تبديليءَ سان اختيار ڪيو
آهي ۽ پنھنجي نقطهء نظر جي بچاءَ ۾ ٽرمپ ڏانھن
اهڙو تفصيلي خط به لکيو هئائين، جيڪو وري ڊاڪٽر
الهه رکيو ٻُٽ ’مھراڻ‘ بھار 2004 ۾ انگريزي سنڌي
ترجمي سان ڏنو آهي. (ٻٽ، 2004- 45- 61)
هاڻي جڏهن نوٽيفڪيشن به موجود ناهي، نه وري مختلف
لکپڙهه يا رپورٽن ۾ قيام جو ڪو ثبوت ٿو ملي، ته
پوءِ هيءَ اٺن ميمبرن تي مبني ڪاميٽي ڪٿان آئي،
جيڪا خانبھادر محمد صديق ميمڻ پنھنجي ادبي تاريخ ۾
ڄاڻائي؟ ان کان سواءِ ميمڻ صاحب اکرن جون جيڪي
صورتون ڏنيون آهن، تن ۾ به کانئس ڪوتاهيون رهجي
ويون آهن. خير، اهي ٻيون ڳالهيون ته الڳ رهيون، پر
هيءَ اَٺ رڪني ڪاميٽيءَ جا ميمبر ڪٿان آيا؟
ڊاڪٽر سومري ان مسئلي جي هر لحاظ کان تحقيق مڪمل
ڪئي، مختلف نوٽيفڪيشن ۽ رپورٽون اٿلايون، پر
الفابيٽ جي ڪاميٽيءَ جي جڏهن ڪابه نوٽيفڪيشن هٿ نه
آئي ۽ نه وري ان جو ڪو قابل ذڪر ثبوت مليو ته ان
نتيجي تي پھتو ته ’محمد صديق ميمڻ کي اهو مغالطو
ٿيو، جو هن صورتخطيءَ واري ’ورنيڪيولر ڪاميٽي‘ کي
’الفابيٽ واري ڪاميٽي‘ سمجهي، پنھنجي ڪتاب ۾
ڄاڻائي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊاڪٽر سومري تحقيق
جي بنيادي اصول موجب جيڪو نتيجو ڪڍيو، ته ڪاميٽيءَ
جو ڪو وجود ئي نه هو، ته ان کي رد ڪيئن ڏجي؟
اختلاف ته ڳالهه ڀلي آهي، ليڪن ڪنھن تحقيق کي رد
ڏيڻ جو بنيادي اصول اهو ئي آهي ته ان بابت ڪا پڪي
نوٽيفڪيشن هجي. ڳالهيون ته وڏي عرصي کان هلنديون
آيون آهن ۽ هلنديون پيون؛ ليڪن هِتان هُتان جي
ڳالهين سان ڪنھن تحقيق کي رد نه ٿو ڏئي سگهجي.
اهڙي اعتراف ڪرڻ تي مختيار ملاح پاڻ مجبور ٿيو
آهي، جو لکي ٿو: ”... پر ٻئي طرف مان اهو به چوندس
ته محض نوٽيفڪيشن جي حصول نه هئڻ سبب، ڪاميٽيءَ جي
وجود کي رد ڪجي. ان ڪري ’الفابيٽ ڪاميٽي‘ جي
معاملي کي اڃا به وڌيڪ حوالن سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.“ هڪ طرف ملاح صاحب ’نوٽيفڪيشن‘ جي نه هجڻ
واري ڳالهه به تسليم ٿو ڪري ۽ ٻئي طرف ان جي
ثابتيءَ لاءِ مختلف حوالن سان وڌيڪ ڪوشش تي زور
ڏئي ٿو. گويا هُو پاڻ اڃا تائين ڪميٽيءَ جي وجود
بابت شڪ جو شڪار آهي.
دراصل، اهڙي ڪاميٽيءَ کي قائم ڪرڻ لاءِ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن راءِ ڏني هئي، پر مسٽر ايلس،
ڪمشنر بارٽل فريئر جي منظوريءَ سان الفابيٽ
ڪاميٽيءَ جي قيام کان سواءِ، پنھنجي ڳالهه مڃائي
ويو. اهڙي حقيقت ايلس جي انگريزي رپورٽ مان چڱيءَ
طرح واضح ٿئي ٿي.
منھنجي ملاح صاحب کي صلاح آهي ته ڊاڪٽر سومري جي
ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ، الفابيٽ ڪاميٽيءَ جي قيام
واري نوٽيفڪيشن جي ڳولها کي جاري رکي ته جيئن
ڳالهه جو ڳر ظاهر ٿئي. باقي هن مھل تائين سامهون
آيل رپورٽن ۽ مواد مان الفابيٽ ڪاميٽيءَ جو وجود
ڪنھن به ريت ثابت نه ٿو ٿئي.
حوالا/ ذريعا:
·
ٻُٽ، الهه رکيو، ڊاڪٽر
(2004) ٽرمپ- ايلس اختلاف راءِ ۽ ’سنڌي الف-ب‘
وارو مامرو. ٽماهي مھراڻ ، ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ.
ج 54 (1)، ص 45- 61. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
·
سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر
(2022) ديوان گل ۽ سنڌي صورتخطيءَ جو تحقيقي
جائزو. ڄام شورو: ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف
هيريٽيج ريسرچ.
·
ملاح، مختيار
(2022) بي. ايڇ ايلس واري الفابيٽ ڪاميٽيءَ جي
وجود هجڻ وارو سوال. ايڊيٽر: محمد سليم ميمڻ،
ڪلاچي تحقيقي جرنل. جلد: 25، شمارو: 02، ص: 37-
60.
ڪراچي يونيورسٽي: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر.
اسين جڏهن به شاعريءَ بابت پنهنجن
خيالن جو اظھار ڪريون ٿا، تڏهن اُن مان مراد اُها
شاعري نه آهي ته جيڪا شاعري مان ٿو ڪريان، تون ٿو
ڪرين، يا هُو ٿو ڪري....! قطعي نه، بلڪه اُن مان
مراد ’مجموعي شاعري‘ آهي. اُها شاعري، جيڪا ٿي چڪي
آهي، يا ٿي رهي آهي، اُن ڏس ۾، يعني شاعريءَ جي ڏس
۾، بنيادي ڳالهه ته اِهائي ته اُها يا ته شاعري
آهي يا شاعري ناهي! ميٿيو آرنلڊ شاعريءَ کي ”سڀني
علمن جو روح“ سڏي ٿو ۽ پوءِ چئي ٿو ته:
”جيڪڏهن اسين شاعريءَ جو اهڙو
اعليٰ ۽ ارفع تصور قائم ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي
شاعريءَ جي معيار کي به بلند رکڻ کپي. ڇاڪاڻ ته
اُها شاعري جيڪا ان اعليٰ ۽ ارفع تصور جو پورائو
ڪري ٿي، اُن کي اُتم گُڻن سان ٽمٽار هئڻ گهرجي.
ضروري آهي ته ان ڏس ۾ اسين پاڻ کي اعليٰ معيار ۽
سخت فيصلي تي هيرايون.“
شاعر، جيڪو جڳ جهان تي تنقيد ڪري
ٿو، ڪوڙ کي نندي ٿو، سچ جو علمبردار ٿئي ٿو، جابر
قوتن سان ٽڪرائجي ٿو، ۽ ائين هو هيڻن جو همراهه
بڻجي ٿو، مظلومن جو ڀرجهلو ٿي بيهي ٿو، اُنهن جا
لُڙڪ اُگهي، کين مُرڪون بخشي ٿو- ائين شاعر هڪ
ڀاري ذميواري پاڻ تي کڻي ٿو، انڪري ضروري آهي ته
هو جيڪي ڪجهه به لکي رهيو آهي، اُن جو پهريون نقاد
هو پاڻ بڻجي. بولو چئي ٿو ته ”خود پنهنجي لاءِ سخت
گير نقاد بڻجو.“ شاعر جيڪڏهن قوم کي غلاميءَ جي
پنجوڙن مان آجو ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو ته پهرين خود
کيس پاڻ کي غلام ذهنيت مان آجو ڪرڻو پوندو.
امداد حسيني
رسالو مهراڻ 2/2004ع تان کنيل |