پرويز
...............
دل ته دل آهي نه.....!
”منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو
مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان،
منهنجي ٻارڙي.....!“
حاجُو 15-16 ٻڪرين جي ڌڻ سان ڳوٺ مان نڪري ڀرپاسي
جي ٻنين ۾ چارڻ پئي ويئي ۽ ويندي ويندي پنهنجي
مُنهن جيجي زرينه بلوچ جو ڳايل سدا حيات لوڪ گيت
به جُهونگاريندي پئي ويئي. وري پاڻ ئي پنهنجي
مُنهن ترديد ڪندي چيائين: ”پر آئون پاڻي ڀرڻ ڪٿي
پيئي وڃان! آئون ته ٻڪريون چارڻ پئي وڃان. ته پوءِ
مون کي ته هيئن چوڻ کپي ته: ”منهنجي ٻارڙي کي لوڏو
ڏيو، مان ٻڪريون چارڻ پئي وڃان...!“ ها، اِهو ٺيڪ
آهي. واهه واهه!
”هِن ٻنيءَ ۾ گاهه ڪونهي، مان هُن ٻنيءَ تي ٿي
وڃان..... منهنجي ٻارڙي کي...“
ها، ها! بلڪل. اهو صحيح آهي. هاڻي آئون ائين ئي
چونديس....!“ حاجُو پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي ۽ لوڪ
گيت جو آپريشن ڪندي ڳائيندي ٻڪرين جي پويان وڃي
رهي هئي. توڙي جو اڃان کيس ڪو سندس ٻارڙو ته ڪونه
هو، پر اڃان ته هوءَ پاڻ به 17-18 سالن جي نوخير ۽
نوجوان اڪيلي ڪنواري ڪنيا هئي، پر اڄ صبح جو
اُٿندي ساڻ ئي مٿيون گيت مٿس واسو ڪري ويو هو. سو
هَرَ هَرَ، وَرَ ڦِرَ ڏيو پئي جهونگاريائين.
۽ جڏهن هِن ٻنيءَ کي ڇڏي هُن ٻنيءَ تي پهتي ته ريج
ٿيل، پر پيرَ جهلي زمين ۾ موري آيل گاهه ۽ ڇڻيل
سارين جي ڪڻ ڪڻ کي ٻڪريون جُنبي ويون ۽ هوءَ هڪ
چڱي خاصي ٻني تي بيهي رهي. بانٺو سندس هٿ ۾ هو.
صبح جو پهر هو. سياري جو سج هاريون ڏيندو مٿي
چڙهندو پئي آيو، پر ڊسمبر جي صبح جي ڪاڙهي ۾ اُها
تپش ڪٿي، جيڪا جون ۽ جولاءِ جي سج ۾ هوندي آهي. سو
سج جي هيءَ تپش ته مرڳو حاجُوءَ جو سيءُ گهٽائي
کيس سڪون مهيا ڪري رهي هئي. زمين اڃان وَٽَ ڪانه
آئي هئي جو کيڙي سگهجي، تنهن ڪري وڏو مال نه، پر
ٻڪريون چري رهيون هيون.
۽ ٿورو ئي پريان گلزار عرف گلڻ ٻنيءَ وچان نڪتل
اَڏَ جي ڇِلَ ڇوڏو ڪري، سوري صفا ئي ڪري رهيو هو.
گلڻ حاجوءَ جو ماسات به هو، ته مڱيندو به هو، پر
وڏي ڳالهه ته هُو سندس محبوب به هو. هڪ ٻئي جي
پاسي ۾ گهر هُين. ننڍا ٿي وڏا گڏ ٿيا هئا. سو
منجهن حجاب يا پرهيز جي گنجائش ڪانه رهي هئي. هُو
هڪ ٻئي جي گهرن ۾ به ويهي گڏجي قرب ڀريون ڳالهيون
ڪندا هئا. سڀني جي سامهون هڪ ٻئي کي ڀانئڻ چِتائڻ
جون ڳالهيون ڪندا هئا. سندن فضيلت ڀري اُٿ ويهه تي
ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو. ان ڳالهه کان
سندن مائٽ به واقف هئا. تنهن ڪري مٿن اجائي روڪ
ٽوڪ يا پابندي ڪانه هوندي هئي. هُو پنهنجي ڪچهرين
۾ ٻين گهر ڀاتين کي به شامل ڪندا هئا. کل ڀوڳ ڪري
سڄي ڏينهن جي سخت پورهئي جي پيڙاهه کي ٽهڪن ۾ ٽاري
ڇڏيندا هئا. سندن قرب ۽ محبت ڏسي، سندن مائٽن
طرفان سندن سڱاوتي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌي ۽ کين هڪ ٻئي
سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا موقعا ڏيندا ڏسي سڄي ڳوٺ
وارا، بلڪه آس پاس جي ڳوٺن وارا به حاجو ۽ گلڻ جي
جوڙي تي رشڪ ڪندا هئا ۽ کين خوش ڏسي پاڻ سڀ خوش
ٿيندا هئا. هر ڳوٺاڻي مرد توڙي عورت جي دل ۾ اها
خواهش ڪَرَ کڻڻ لڳندي هئي ته سندن پٽن توڙي ڌين
جون به اهڙيون قربائتيون سڱاوتيون ٿين، ته ڪَرَ
ڏاڍو چڱو ٿئي!
حاجو ٻڪريون چاريندي چاريندي اچي گلڻ کي ويجهي
پهتي. گلڻ، حاجوءَ جي ويجهو پهچڻ تي ڪوڏر مان هٿ
ڪڍي، اَڏَ مان نڪري ٻاهر اچي حاجوءَ جي ڀرسان بيٺو
۽ ڏانهس نهاري وڏو شوڪارو هڻي، پنهنجي نرڙ تي سِري
آيل پگهر جا ڦڙا اُگهڻ لڳو. حاجوءَ جي اکين ۾
نهاري ٺري پيو ۽ مُرَڪ سندس چپن تي وِٽڙڻ لڳي.
پوءِ ٻئي ڄڻا ٻنيءَ تي ويهي دل واريون ڳالهيون ڪرڻ
لڳا. گلڻ پيار ڀري نگاهه حاجوءَ جي چهري تي وجهندي
چيو: ”حاجو، دعا ڪر ته هيل فصل ڀلو ٿئي ته پاڻ
شادي ڪريون. سچ پڇين ته هاڻ ته مون کان، توکان پري
رهڻ سَٺو نٿو ٿئي!“
”اي، شاديءَ کان ائين ڀلا آهيون. ڪير ٿو شاديءَ جي
خاساري ۾ ڦاسي. ڇڏ کڻي اِن جهنجهٽ کي. شاديءَ کان
پوءِ دير ئي ڪانه ٿي ٿئي جو ٻارن جو وَلَر پٺيان
لڳيو چڙهي! ڇا هينئر مصيبتون اڃان گهٽ آهن؟ جو وري
شادي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ پئون! سو ڇڏ کڻي اِنَ کيٽي
کي. پاڻ ته شاديءَ کان سواءِ به ته ملون پيا، کلون
پيا، ڳالهايون پيا ۽ خوش ٿيون پيا. مائٽن طرفان
پنهنجي ملڻ ۽ ڳالهائڻ تي نه ڪا جهل آهي ۽ نه ئي ڪا
پَلَ! پوءِ هروڀرو شاديءَ جي ايڏي تڪڙ ڇو پيو
ڪرين؟! ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو ائينون جو شاديءَ جي خرچ
۾ پئون!؟“ حاجوءَ کل ۾ شاديءَ جي ڳالهه ٽاريندي
چيو. حالانڪه شاديءَ جي مقال ٻڌي سندس هينئون به
ٺري پيو هو.
”حاجُو، پنهنجو هيءُ ملڻ ٻيو ۽ شاديءَ کان پوءِ
وارو ملڻ ٻيو!! ڇا تون ايتري ننڍڙي ۽ بي سمجهه
آهين جو اها ڳالهه توکي سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي!“ گلڻ
حاجوءَ ڏانهن حيرت مان نهاريندي چيو.
”پر گلڻ، جيڪو مزو سِڪَڻ ۾ آهي، سو شاديءَ کان
پوءِ ملڻ ۾ ڪٿي!! هينئر تون پاڻ ڏس ته تو ڪيڏي نه
حُب ۽ اُڪير مان جو مون کي ڏٺو ته تنهنجا سڀ ٿڪ
لهي ويا. پوءِ ائين ٿوروئي ڪو ٿيندو. پوءِ تون
ٻنيءَ تان ٿڪي ٿڪي اڃان گهر پهچندين مس ته آئون
چونديس ته گهر ۾ کنڊ پتي ڪانهي. بصر پٽاٽا به کٽي
ويا آهن. اٽي جي به لَپَ کن مس بچي آهي. پوءِ
ٻڌاءِ ته توکي ههڙو مزو ايندو، جهڙو دلي سڪون
هينئر مليو اٿئي؟ سچ سچ ٻڌاءِ، پوءِ توکي ههڙو مزو
ايندو!؟“ حاجوءَ هڪ ڀيرو وري شرارت ڀريئي لهجي ۾
چيو.
”ائين ته برابر آهي. پر حاجو شاديءَ کان سواءِ
ڪيئن گذرندي پنهنجي سڄي زندگي. پنهنجا مائٽ ڪو
ساري عمر ائين پاڻ کي ويهاري کارائيندا ڇا؟ شاديءَ
کان سواءِ يا ڄمار ڪٿي هلڻ ڏيندو پاڻ کي زمانو.
چري ٿي آهين ڇا جو اهڙيون ڳالهيون پيئي ڪرين؟“ گلڻ
وهلور ويندي چيو ۽ حاجو سندس وهلور وڃڻ مان لطف
اندوز ٿي کيس وڌيڪ چيڙائي رهي هئي. سو وري چيائين:
”پر جيڪڏهن پاڻ ٿا شادي ڪريون ته پوءِ هن ويچاري
چريئي دادوءَ جو ڇا ٿيندو، جيڪو پڻ مون سان شادي
ڪرڻ ٿو چاهي!؟“ حاجوءَ کلندي خوش ٿيندي ويجهو
پهچندڙ چريئي دادوءَ ڏانهن اشارو ڪري گلڻ کي چيو ۽
ٻئي ڄڻا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
”اڙي دادو، اها ڳالهه سچي آهي ته تون حاجوءَ سان
ٿو شادي ڪرين؟“ گلڻ کلندي دادوءَ کان پڇيو. جيڪو
پڻ سندس ٽي چار ٻڪريون ڪاهي چارڻ آيو هو. دادو
19-20 سالن جو نوجوان هو، جنهن جي چُٻي وات مان
گهِگههَ پئي وهندي هئي. هن جون ٻئي ٽنگون ڪجهه
ٽيڙيون هيون ۽ ٻانهون به ڦڏيون هيون. وات چُٻو ۽
ڦِرلُ، ڏند آڏا ڦڏا هوس. چپ اجايا ٿلها، جيڪي
سدائين کليل هوندا هئا، تنهن ڪري گهِگههَ بنا روڪ
ٽوڪ جي وات مان پئي ڳڙندي هيس.
سو گلڻ جي ڳالهه ٻڌي کلندي چيائين: ”ها... حاجو
ملوڪَ...! آئون کي وڻي....! آئون شادي ڪري...!“
دادوءَ شرمائيندي چيو ۽ کلڻ لڳو ۽ کلڻ مهل سندس اڌ
کليل چٻي وات مان ڳچ جيتري گهگهه اچي پٽ تي ڪري.
دادو اڌ اکريءَ ۾ ڳالهائيندو هو.
”پر دادو، تون حاجوءَ سان شادي ڪري پوءِ ڇا
ڪندين؟“ گلڻ ڀوڳ ڪندي دادوءَ کان پڇيو.
”آئون نان (نوان) ڪپڙا وجهي.... حاجوءَ کي ڳاڙها
ڪپڙا وجهي... رات جو هڪڙي منجي تي سمهي... ڀاڪر
وجهي... چميون ڏي.... هري هري ڳالهيون ڪري.“
”پر دادو رات جو ڪهڙيون ڳالهيون ڪندين؟ اُهي
ڳالهيون هينئر نٿو ڪريئين؟
گلڻ ۽ حاجوءَ کي مزو ٿي لڳو، سو گلڻ دادوءَ کي
وڌيڪ کولڻ لڳو.
”ماڙهن جي اڳيان اُهي ٿورو ئي ڪري! اهي ڳالهيون
لِڪي لِڪي ڪري. ڪن تي وات رکي ڪري...“ دادو به خوش
ٿيندي چيو.
”پر تنهنجي وات مان ته گهِگههَ پئي ڳڙي. پوءِ ته
تون گهگهه سان حاجوءَ جو ڪن ۽ ڳِلَ خراب ڪري
ڇڏيندين.... پوءِ؟!“ گلڻ دادوءَ کي وڌيڪ چوريو.
”پوءِ آئون رومال سان مِٽون اُگهي...، ڪن
اُگهي...!“ ائين چئي دادو چريو خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيڻ
لڳو. ٽهڪن ڏيڻ مهل، سندس چٻو وات عجيب نموني ۾ کلي
۽ بند ٿي رهيو هو. جنهن کي ڏسي گلڻ ۽ حاجو کل روڪي
نٿي سگهيا.
”پر دادو، حاجو ته مون سان ٿي شادي ڪري. پوءِ تون
ڇا ڪندين؟“
حاجو توسان ويهان نه ڪري... حاجو آئون سان ويهان
ڪري... حاجو ٻئي ڪنهن سان به ويهان نه ڪري...!“ هن
ڀيري دادوءَ جي چهري تي ٿوري فڪرمندي ظاهر ٿيڻ لڳي
هئي ۽ هُو اداس ڏسجڻ لڳو هو.
”پر جي حاجو توسان ويهان نه ڪري پوءِ؟“ گلڻ ورائي
پڇيو.
”پوءِ آئون پاڻ کي ماري...! ڪاتيءَ سان ڪُهي...!
جيئرو نه رهي...!“ دادو بنهه روئڻ جهڙو مُنهن ڪري
چيو. ”پر دادو، ڇڏ کڻي حاجوءَ جي پچار. آئون توکي
حاجوءَ کان به ڀلوڙ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائيندس.
هوءَ ڪونهي علوڙي جي ڌيءَ قزو! آئون توکي ان سان
شادي ڪرائيندس. قزو ته حاجوءَ کان به وڌيڪ ڀلوڙ
آهي. پوءِ ته بس!“ گلڻ دادوءَ سان کل ڀوڳ جاري
رکيو. پر اهو به محسوس پئي ڪيائين ته دادو بنهه
سنجيدو ٿي ويو آهي. کيس حاجوءَ کان سواءِ ٻي ڪابه
ڳالهه ڪانه ٿي وڻي. دادوءَ بنهه ڪاوڙ مان چيو:
قزو توکي وڻي.... تون ڀلي شادي ڪري... آئون کي نه
وڻي... آئون شادي نه ڪري.... آئون حاجوءَ سان شادي
ڪري... نه ته مري... اهو ائين ٻئي ٻڌي... حاجو
آئون جي... آئون جيئي حاجو لاءِ.... مري حاجو
لاءِ.... ٻي ڳالهه نه ٿئي...!!“
جڏهن گلڻ ۽ حاجوءَ کل ڀوڳ واري ڳالهه ٻولهه سان
مرڳو ئي دادوءَ چريئي کي هٿن مان ويندي ڏٺو، تڏهن
موضوع بدلائڻ لاءِ گلڻ چيس ته: ”چڱو دادو، شاديءَ
کي پوءِ ڏسون ٿا. هينئر تون وڃي ٻڪريون سنڀال،
پرائي پوک ڏانهن پيون وڃن. شاباس، ڊوڙ پائي، ڊوڙ
پائي!“ دادو پنهنجي ڦِنجين ٽنگن سان ٻڪرين ڏانهن
گهلبو سهلبو وڃڻ لڳو.
دادو چريو به گلڻ ۽ حاجوءَ جي برادريءَ مان ئي هو.
هُو ننڍي هوندي کان ئي ائبنارمل هو. هو غريب
هاريءَ جو پٽ هو. تنهن ڪري سڀ ڪو کيس دادو چريو،
دادو چريو چوندو هو. وٽائنس ٻيو ڪو ڪم ڪونه ٿيندو
هو، تنهن ڪري پڻس ٽن چئن ٻڪرين سان گڏ ڇڏيو هوس.
سو به گهڻو ڪري ٻڪريون حاجو سنڀاليندي هئي. دادو
مڙيئي پيو گهلبو هو.
پر ماڻهوءَ جي دل، ته دل آهي نه! ماڻهو ڀلي دماغي
طرح چريو کريو هجي، پر جي دل صحيح سلامت آهي ته،
دل ته پنهنجي پسند يا ناپسند جو اظهار ته ڪندي نه!
سو دادوءَ به حاجوءَ سان گڏ ٻڪريون چاريندي پنهنجي
دل ۾ حاجوءَ کي جاءِ ڏيئي ويٺو هو. عام ماڻهن جي
ليکي، خود حاجوءَ ۽ گلڻ جي ليکي ۽ پڻ حاجوءَ ۽
دادوءَ جي مائٽن ليکي ته مڙيئي خير جهڙي ڳالهه
آهي. دادو چريو آهي ۽ چريا ته هونئن به ابتيون
سبتون ڳالهيون ڪندا آهن. چريا وري ڪهڙيون عقل جون
ڳالهيون ڪندا؟! سو انهن مان ڪنهن به دادوءَ جي
ڳالهه تي ڪڏهن سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪانه
ڪئي هئي. ۽ جڏهن به، جتي به دادو چريو حاجوءَ جي
باري ۾ ڪا ڳالهه ڪندو هو ته سڀ ڪو کل ڀوڳ سمجهي
ٽاري ڇڏيندو هو ۽ کلي خوش ٿي ماٺ ڪري ويهي رهندو
هو، پر دادوءَ لاءِ هي مسئلو کل ڀوڳ جو مسئلو ڪونه
هو. دادوءَ لاءِ هي مسئلو ته مرڳو زندگي ۽ موت جو
مسئلو بڻجي ويو هو، پر صورتحال اهڙي هئي جو چريئي
جي ڳالهين تي توجهه ڏي به ڪير!؟ ۽ توجهه ڏيڻ جي
ضرورت به ڪهڙي!؟
وقت گذرندو رهيو.
فصل پوکيا، فصل تيار ٿيا، ۽ فصل لٿا به، موسم به
سٺو وارو ڏنو. روزي سٺي ملي ويئي. ۽ فصل لهڻ بعد
سُتت ئي گلڻ ۽ حاجوءَ جي شاديءَ جون تياريون شروع
ٿي ويون هيون. اڀرو سڀرو، غريباڻو، جهڙو حال هو،
تهڙي اڀري سڀري ڪاڄ جو بندوبست ڪيو پئي ويو. ڪنهن
ڳوٺ ۾ شادي ٿئي ته هر ڪنهن جي وات تي شاديءَ جي
مقال هوندي آهي. سو ماڻهن واتان ڳالهيون ڦرنديون
سرنديون دادو چريئي تائين به اچي پهتيون هيون.
حاجو به شاديءَ جون ڳالهيون شروع ٿيندي ئي گهر
ويهي رهي هئي. سو هڪڙي پاسي دادو چريئي حاجوءَ جي
شاديءَ جون ڳالهيون ٻڌيون ته ٻئي پاسي وري ٻڪرين
سان حاجوءَ بدران ڀاڻس کي پهرندو ڏٺائين، تنهن ته
هيڪاندو کيس پريشان ڪري وڌو هو. هُو هيڏانهن
هوڏانهن جهوتون پائڻ لڳو هو ۽ گڏوگڏ پريشان به رهڻ
لڳو هو، پر دادو چريئي جي پريشانيءَ تي توجهه ڏي
به ڪير!؟ چريو ته چريو ئي هوندو آهي نه!
پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن، جڏهن ماڻس ٻن پهرين جي ماني
ويٺي پچائي، ته دادو اچي سندس ڀرسان پاٿولي ماري
ويهي رهيو ۽ جهلائي جهلائي چيائين:
”امان ڪائي(ڪاري)، آئون حاجو شادي ڪري...! حاجو
ملوڪَ.. آئون حاجو الاهي وڻي...! آئون شادي
ڪري...!“
ماڻس دادو چريئي جون ڳالهيون ٻڌي کلي پئي. شرميلي
مرڪَ سندس چپن تي ظاهر ٿي ۽ خوشدليءَ سان کلندي
چيائين: ”ها ها، اچي پهرين ماني کاءُ. پوءِ تنهنجي
شاديءَ جو بِلو به ڪريون ٿا.“
دادو چريو ڊوڙيو هيڏانهن وڃي، ڊوڙيو هوڏانهن وڃي،
پر ڪنهن به هُن تي توجهه ڪونه ٿي ڏنو. سڀ ڪو
شاديءَ جي ڪم جون کيس سونپيل ذميواريون پوريون ڪرڻ
۾ پورو هو. دادوءَ چريئي ڪم جي وٺ وٺان ۾ رُڌل گلڻ
جي منهن ۾ نهاريو، جنهن ڏانهس ڪوبه توجهه ڪونه
ڏنو. دادو چريئي حاجوءَ جي پيءُ جي منهن ۾ نهاريو،
جيڪو خير سان ڌيءُ جو بار لاهڻ جي فڪر ۾ غلطان هو.
دادوءَ چريئي سندس پيءُ جي منهن ۾ نهاريو، جنهن
دڙڪو ڏيئي چيس ته: ”ڇورا وڃي نه ٻڪريون سنڀاليئين.
هتي ڪهڙا پيو ٺلها ڪُتا ڪُٽئين!“ دادو چريئي گهر
وڃي ماڻس جو پاسو ورتو، ته هوءَ اوڏيءَ مهل گهر ۾
آيل مهمانن جي خاڪ شوري ڪرڻ ۾ پوري ڪانه ٿي پيئي.
پوءِ دادو چريئي حاجوءَ جي ڀاءُ جي ڀر ورتي، جنهن
سان ڪجهه ڏينهن گڏ ٻڪريون چاريون هئائين. دادو
چريئي هٿ ٻڌي چيو: ”آئون ... حاجو... ملان...!“
۽ حاجوءَ جي ڀاءُ دڙڪو ڏيئي چيس: ”ڇڏ جند منهنجي!
مڙس حاجوءَ سان ٿو ملي. شڪل ته ڏسوس!!“
ائين ٻه راتيون به گذري ويون ۽ اُن رات شادي پئي
ٿي.
۽ دادو چريو هِتان هُتان، جتان ڪٿان مايوس ٿي
پنهنجي گهر هليو آيو هو. رات جو پهريون پهر پنهنجي
پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو هو. سندس گهر جا ڀاتي سمورا،
مرد ڇني ۾ ته عورتون ڪنوار جي گهر ويل هيون. هو
گهر ۾ اڪيلو ئي اڪيلو هو. هو ٿِڙِي ٿاٻِڙي چُلهه
جي ويجهو ويو ۽ هٿوراڙيون ڏيئي ڪاتي ڳولي هٿ
ڪيائين. پوءِ هُو مٽيءَ جي راڳي سان راڳيل اڱڻ تي
پهچي سنئون ڊگهو ٿي ليٽي پيو ۽ ڪاتي پنهنجي نڙگهٽ
تي رکي گهڪا ڏيڻ لڳو.
توڙي جو سندس جَڏين ڦِڏين ٻانهن ۾ ايتري سگهه ته
ڪانه هئي، پر پوءِ به هُو پنهنجو نڙگهٽ ڪاٽڻ ۾
ڪامياب ٿي چڪو هو.
صبا شاهه
ڀڳل چُوڙيون
نوربانو جڏهن پيدا ٿي هئي ته ان کي جنم ڏيندڙ سندس
ماءُ گذاري ويئي. هوءَ چئن ڀينرن ۽ ٻن ڀائرن جي
آخري ڀيڻ هئي، جنهن کي نڀاڳي ۽ ماءُ جي قاتل
سمجهيو ويو هو. معصوم نوربانو زماني جي ڌڪن ۽ ٿاٻن
مان گذرندي جڏهن جوانيءَ جي چائنٺ تي پهتي ته سڀني
ڀينرن ۽ ڀائرن کان نرالي ۽ خوبصورت چهري واري
نوربانو بڻجي پئي، پر هوءَ پنهنجي ننڍپڻ جي سڀني
ڏکن کي نه وساري سگهي هئي. گول چنڊ جهڙو خوبصورت
چهرو… گهاٽا ڊگها وار… گلاب جي پنکڙين جهڙا چپ…
گهريون ڪاريون اکيون… قدرت هر وصفين دلڪش بڻايو
هوس…
اونهاري جي ويڪيشن جا ڏينهن هئا، سندس ڀيڻ جي هڪ
سهيلي پنهنجي پٽ سان گڏجي هنن جي گهر آيل هئي، اها
هڪ برساتي شام هئي، جڏهن سندس ڀيڻ جي سهيلي فوزيه،
ان جو پٽ فهد ۽ نوربانو گڏجي سچل سرمست جي مزار تي
آيا هئا.
”نوربانو!“ فوزيه کي سڏيو هو.
”جي!“
”مان چاهيان ٿي ته تنهنجو ۽ فهد جو رشتو ڪرائجي ته
تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
نوربانو چپ رهي هئي، هن هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو،
ڇاڪاڻ ته نوربانو ننڍپڻ کان نه رڳو سلڇڻي هئي، پر
پنج وقت نماز جي پابند به هئي، جنهن خوبيءَ فوزيه
کي موهي ۽ مجبور ڪري وڌو هو.
”نوربانو! اگر تون هن رشتي کي نه ٿي قبولين، تڏهن
به اسان کي ڪو ڏک نه هوندو. اسان تنهنجي خوشيءَ ۾
خوش آهيون… فهد جي خوشي خاطر اسان تنهنجي مرضي
معلوم ڪرڻ ٿي گهري!؟“
”فهد سٺو ڇوڪرو آهي، مان ان جي رشتي کي ٺڪرائي نه
ٿي سگهان…! توهان جيئن چاهيو، مون کي ڪوبه اعتراض
نه هوندو…!!“
ان ئي شام سڄي گهر ۾ خوشين جو ماحول جُڙي ويو ۽
نوربانو ۽ فهد جي مڱڻي طئي ٿي وئي، ٻنهي گهرن جا
فرد ڏاڍو خوش ٿيا… ۽ پوءِ پنهنجي گهر ۽ ساٿي فهد
جي باري ۾ سوچيندي نوربانو هر پل مسڪرائڻ لڳي هئي،
هن جون خوشيون تڏهن ٻيڻيون ٿي ويون هيون، جڏهن
آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ فهد کي تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ
جي نوڪري ملي وئي هئي. فهد ۽ نوربانو جي اندر ۾
وڏيون خوشيون ظاهر ٿي پيون هيون ۽ هنن پنهنجي
زندگيءَ کي نئون موڙ ڏيڻ جاءِ لاءِ شاديءَ جون
تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون. شاديءَ جي تاريخ طئي
ٿي وڃڻ کان پوءِ فهد ۽ نوربانو جي ڪيفيت انتظار ۽
بيقراري واري بڻجي پئي هئي. هر سمي شاديءَ جا
سُهانا سپنا ڏسندي ڏاڍو خوش رهڻ لڳا هئا.
”نوربانو!“
”هان!“ نوربانو پنهنجي وڏي ڀيڻ کي جواب ڏنو.
”اڄ فهد ايندو.“
”ڇو؟“
”چيائين اڄ نوربانوءَ سان گڏجي شاپنگ ڪندس!“
پوءِ شام ٿيندي فهد جيئن ئي موٽر سائيڪل ڪاهي آيو
ته نوربانو اڳواٽ ئي تياري ڪري ويٺل هئي.
”نور!“
” نور“
”مان توسان ٿو ڳالهايان نور…! تون نٿي ٻڌين ڇا…؟“
”ٻڌان ٿي.“
”پوءِ جواب ڇو نٿي ڏين؟“
”سوچيان ٿي شاديءَ کان پوءِ تون بدلجي نه وڃين.“
”نه بدلبس… تون الڪو نه ڪر!!“
”ڪيئن يقين ڪريان، ته تون سڄي حياتي مون کي سک
ڏيندين!“ نوربانو مسڪرائي ويٺي هئي.
”نوربانو! مان ڄاڻان ٿو، تون زندگيءَ جي سفر ۾
ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، مگر هاڻي تنهنجي خوشين جو وارو
آهي… تون کِل… ٽهڪ ڏي… مان زندگيءَ جي هر موڙ تي
توسان گڏ گڏ هوندس!“
ريشم گليءَ ۾ ايندي ٻنهي خوب خريداري ڪئي… چوڙيون،
پرفيوم، ڪنگڻ، پرس، پايل، ميندي، ڳاڙهو جوڙو ۽ ٻيو
ڪيترو سامان خريد ڪري هُو گهر ڏانهن واپس ٿيا، تيز
موٽر سائيڪل هلائيندي فهد ٽهڪيو پئي.
”فهد اڄ تنهنجا ٽهڪ منهنجي زندگيءَ ۾ خوشين جي
بهار بڻجي آيا آهن… مون ته اهڙا حسين خواب نه ڏٺا
هئا…!“
”نوربانو! مان توکي پنهنجو بڻائي، زندگيءَ جون سڀ
خوشيون، چاهتون ۽ محبتون حاصل ڪيون آهن… چاهيان ٿو
ته تون مون کان هڪ پل به پري نه ٿي… تون هجين… مان
هجان… ۽ شام جو هي دلفريب ۽ ٿڌڙيون هيرون هجن…
نور… قابو ٿي ويهه… مينهوڳيءَ جي هن لمحن ۾ توکي
آسمان تي وٺي وڃان… اڏامان…!!“
”ف…هه…د…!!“ نور جي اوچتي دانهن تي فهد جا حواس
خطا ٿي ويا.
”نور… ن…و…ر…نوربانو!“
نوربانو جي چادر موٽر سائيڪل ۾ وچڙي وئي ته… فهد
پاڻ سنڀالي نه سگهيو… رستي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو
هجوم ڪٺي ٿي ويو… ويچاري نوربانو اسپتال نيندي
آخري پساهه کنيا… فهد کان بي ساخته چيخون نڪري
ويون، لڇندي چيائين ”نور! … منهنجي محبت نور…! مون
کي محبتن جي رڻ ۾ ڇڏي وئين…؟ مان تو بنان ڪيئن
جيئندس… تنهنجو ڳاڙهو جوڙو… تنهنجون ڀڳل چوڙيون…
تنهنجي پايل، هي سڀ تو بنان اڌريون آهن… مان…
منهنجي خوشين کي ڪنهن جي بدنظر لڳي!!“
غلام رسول پرهياڙ
ميرپوربٺورو
هيڻا ماڻهو روئي ويهندا
ڳوٺ جون وڏڙيون وانديون ٿي اچي اسان جي گهر گڏبيون
هيون، اسان جو گهر سندن ڪچهري جو مرڪز هوندو هو.
اچي قصن ۾ پونديون هيون، ڳالهين ۾ وٺي کڻي اهڙو
ويڳر وجهنديون هيون، جو ننڍڙي ڳالهه کي به وڌائي
وڻ ڪري ڇڏينديون هيون. آءٌ ننڍو هئس، مون کان ڇيپ
ڪونه ڪنديون هيون، هنن جون ڳالهيون وڻنديون ڪونه
هئم، پر حياءُ وچان ماٺ ڪري رهندو هئس.
هڪڙي ڏينهن ڪچهري متل هجين. موضوع اهو سندن دلپسند
شادي وارو پئي هليو. ٻُوڻ پئي پين، مائي ڪريمان
جنهن ڪجهه دير اڳ ناس جو چپٽو هنيو هو، تنهنڪري
سندس چهنب بند هئي. تنهن کان هاڻ رهيو نه ٿيو، اول
ته هن وڏي پچڪاري هنئي، پوءِ هٿ کي نچائيندي
چيائين، ”گهوٽ ڪيڏو نه هنيائتو هجي، پر شادي واري
ڏينهن روئندو ضرور.“
”ها اديءَ! اسان به جبل جهڙا مڙس ان ڏينهن ڀُرندي
ڏٺا.“ پوڙهي حوا سُر جهلايو.
”پر، گهوٽ روئي ڇو ٿو؟“ ماسي کتو سوال ڪيو.
”ڪي پيارا ياد پوندا هوندس.“ مائي ڪريمان دانائي
بيان ڪئي.
سندن ڳالهيون ٻڌي مون کي چِڙ پئي آئي. سهي سهي ٿڪس
نيٺ چئي ڏنم، ”رڳو ڪوڙ ٿيون ڪريو.“
منهنجي اوچتي مداخلت تي هو ششدر ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي
جو منهن تڪڻ لڳيون. نيٺ مائي ڪريمان ڦاٽ کاڌو،
”ابا! تون اڃان ٻچڙو آهين، توکي زماني جي ڪهڙي
خبر، جي اجايو ٿو بحش ڪرين.“
”مون کي خبر آهي خبر، رڳو ڊز ٿيون هڻو.“
”خبر هجئي ته اهڙيون ڳالهيون ڪونه ڪرين، وڏو
ٿيندين پاڻهي پتو پئجي ويندءِ.“
”پتو اوهان کي به پئجي ويندو، آءٌ منهنجي شادي تي
ڪونه رئندس.“
”چڱو ڏسبو.“
پوءِ هن امان کي چيو، ”آئي مريم پٽين جون ڳالهيون
ٻڌين پئي؟“
امان ڳالهايو ڪونه هو، سندس لبن تي رڳو معصوم مُرڪ
تري آئي هئي، اها عجب جهڙي مُرڪ مون زندگي ۾
پهريون ڀيرو ڏٺي هئي. جنهن ۾ ايندڙ وقت جا خدشا ۽
کُٽڪا هئا، غم هو، اُداسي هئي.
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو. ان رفتار
تبديليون آنديون، هڪڙي تبديلي منهنجي لاءِ به آئي.
وقت مون کان منهنجي ماءُ جدا ڪري ويو. اها ماءُ
جيڪا هن دنيا ۾ مون سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪندي
هئي. جنهن جو وجود منهنجو سڀ کان وڏو سهارو هو.
جيڪا مٺيون لوليون ڏيندي هئي، منهنجا ڳيچ چوندي
هئي. منهنجي اها مهربان ماءُ رُسي ويئي، آءٌ پرزا
پرزا ٿي ويس.
بيماري جي دؤران هڪ ڏينهن امان منهنجي ننڍي ڀاءُ
بُولي جي ٻانهن جهلي چيو هو، ”هن چرئي جي پارت
اٿئي.“ مون بولي جي اکين ۾ ڏٺو هو، جن ۾ رُڃ جهڙي
ويراني هئي. آءٌ ڪا مدت سندس اجهاڻل چهري کي ڏسندو
رهيو هئس. هن جي چهري تان نظرون هٽائي وري امان جي
هڏائين پڃري کي ڏٺو هئم. سندس مُک لڙڪن مان آلو ٿي
ويو هو. غم جي لهر آئي هئي، جنهن ۾ لڙهي ويو هئس.
اکين مان ڳوڙها ٽِمي پيا هئا. جن چيو هو، ”امان
تنهنجي امانت جي حفاظت ڪبي.“
بولو آهي به مستانو. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾، بس
پنهنجي ۾ پورو ماني مليس ته به واهه، جي نه مليس
ته به واهه. گهرندو ڪونه، ٻاهر ويندو، ماڻهو تنگ
ڪندس. اتي بڙ بڙ ڪندو، گهر ڪڏهن به اچي دانهن نه
ڏيندو.
منهنجي شادي جا ڏينهن ويجها اچڻ لڳا، عجيب ڪيفيت
ٿيندي ويئي، ڪيڏي مهل خوشي ڪنهن مهل غم. امان جو
چهرو هر وقت اکين اڳيان پيو ڦري. دل چي، امان هجي
ها ته ڪيڏو خوش ٿئي ها. مائي ڪريمان جي ڳالهه هر
وقت ذهن ۾ پئي گونجي ”گهوٽ ڪيڏو به هنيائتو هجي،
شادي واري ڏينهن روئندو ضرور.“ مون فيصلو ڪري ڇڏيو
هو، ڇا به ٿي پوي روئندس ڪونه.
شادي واري رات کِل خوشي ۾ گذري ويئي، صبح ٿيو امان
شدت سان ياد اچڻ لڳي، ڇنو نه پيو وڻي، گهر ٻڌيو
پيو کائڻ اچي، بيخبري ۾ امان کي ڳولڻ لڳان، امان
هجي ته ملي.
سرگس جون تياريون شروع ٿيون، راڄ جي چڱي مڙس جي
نگراني ۾ نوان ڪپڙا ۽ بوٽ پاتم، مٿي تي پٽڪو ۽ موڙ
ٻڌي، خوشبوءَ مان واسجي، گهوڙي تي چڙهيس. منهنجي
اڳيان ماڻهن جو ميڙ هو. مڱڻهارن شرناين کي باهيون
ڏيئي ڇڏيون. مون تي نوٽ گهورجڻ لڳا، دوستن خوشي
مان نچڻ شروع ڪيو، ڏٺم بولي کي نچڻ لاءِ ماڻهو زور
پيا ڀرين، پهرين هُن لهرايو، پوءِ شروع ٿي ويو، هو
نچڻ سان هاڃا ڪرڻ لڳو، ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا، آءٌ
حيران ٿي ويس، هن ايترو سٺو ناچ ڪٿان سکيو.
سرگس پورو ڪري گهر ويس، جتي ڪنوار سان لائون لڌم.
اسان ۾ رواج آهي لائون لهي عزيزن قريبن کي پيرين
پوندا آهيون. پهرين اديءَ تي نظر پيم، کيس پيرين
پيس ته روئي پئي. مون کي اُلنبو اچي ويو، پر نه
روئڻ جو واعدو به ياد هئم، ان ڪري وڏو جبر ڪري پاڻ
روڪيم. ماما عيسي کي ڏٺم، جيڪو نماڻو ٿيو مٿي تي
هٿ رکيو ويٺو هو. ڏانهنس وڌيس ته ان به سڏڪندي
چيو، ”هاڻ ٺهيو ٺهيو.“ پريان ڏٺم بولو ڪنڌ هيٺ
ڪريو بيٺو هو، وڌي وڃي پيرن تي هٿ رکيامانس ته
گدري وانگر ڦِسي پيو، ڳچي ۾ کڻي ڀاڪر وڌائين. اچي
روئڻ ۾ ڇُٽو. آءٌ جيڪو اڳيئي اٽڪ تي بيٺو هئس، دل
جهلي نه سگهيس، روئي پيس.
امداد ڪانهيو
پردا پناهون
”مرد! جتي ڪِريو پون، عورتون اُتان گذريو وڃن. ائين به ڪونهي
ته شهسوار صرف مرد ئي هجي ٿو. ڪو ميدان مايون به
ماريو وڃن! سرسيءَ واري گوءِ رُڳو مُقدر جي مُحتاج
ڪونهي، ڪٿي ڪٿي حرفت ۽ حيلي سان گڏ، شڪل صورت،
ذهانت، چالاڪي ۽ چاپلوسي به هٿيار ٿيو پوي.“
چاهتون مُريد ۽ مجاوري جهڙيون حقيقتون رکن
ٿيون پر ڏيکاءُ ۽ نُماءُ جا پردا گهڻو ڪجھ ڍڪين
ٿا. گهڻيون لالچون نه ڳالهائڻ جي ڪري پردن ۾ رهن
ٿيون ۽ ڳالهائي ماڻهو ظاهر ٿئي ٿو. رابيل هُن جي
مُريد نه هُئي، نه هُو رابيل جو مجاور هو، پر وچ
جون ڳالهيون لِباس ٿي لهنديون پئي ويون.
هُن رابيل جون ڳالهيون پئي سوچيون ۽ هُن
جا قدم اڳتي پئي وڌيا. شهر جي وڏي هاءِ اسڪول جو
آڳر، جتي روز اسڪولي شاگردن جي اچ وڃ ڏسبي هئي، اڄ
اُهو ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان سٿيو پيو هو.
”اڳي ته ماڻهو غيرت ۾ مري پوندا هئا، پر
هاڻ مريو پون، ته به غيرت ڪونه اچي!“
اسڪول جو مُک در ٽِپي اندر ايندي هُن آھ
ڀري ورتي، ”مُراد علي هٽو ڪٽو ۽ ڪيڏو نه صحتمند
هو؟ پر جنهن شام ڀائٽيءَ کي اعتراض جوڳي حالت ۾
ڪنهن سان ڏٺو هئائين، اُن شام ته غيرت مان هُو
ڪُجھ ڪُڇي نه سگهيو هو! چهري تي موجود ڀنڀي ڏاڙهي
غيرت ڀرئي ولوڙ منجهان جُهڪي وئي هئس، ڀريل بُت
بدن پل ڀر ۾ ساڻو ٿي وسامي پيس! گهر موٽي اچي کٽ
تي ليٽيو ته ساھ!؟“
”ها ساھ نه پوءِ تو ڏٺو، نه مون ڏٺو.“
”۽ هاڻ ٻيو آهي خُدا بخش خان! پويان گهر
اونداھ لڳي پئي آهي! زالهنس هر اڻڀي سڻڀي کي پُٽ
ٺاهيو گهر ويهاري ويٺي آهي ۽ لوڪ سامهون ڌيئر
ويٺيون ايرن غيرن کي ڀاءُ سڏي ڪُڏڪا ڪن، پر راڄ جو
وات بند ڪير ڪري!؟“
”اُف....! هي مُڙس سدائين نشي ۾ ٻيڻو ٿيو
گُهمي! آفيم، چرس ۽ چسڪي هڻي نِپوڙي ڇڏيو اٿس
پر!؟“
”پر، سوچي ڪجھ نٿو ۽ مُٺ تي سگريٽ ڇِڪيو
سڀن کي ٿو چوي، ”مون کي سائين سڏيو!“
”سُهري پاڻ کي شاھ سڏايو، ۽ خُدا بخش خان
به هاڻ خود کي ٿو شاھ سمجهي! نشي ۾ ڌُت، الوٽ ٿيو
هي حياتي مُئو پيو آهي ۽ هاڻ ته رهيو به ڪجھ ڪونهي
پر ڪا غيرت به ڪري نه؟ ڪُجھ سوچي ڪُجھ ته غيرت ۾
مري! پر نه! ائين نٿو ٿي سگهي.“
جنهن مهل اسڪول جي ميدان ۾ پير پائيندي
هُن ماڻهن جا ميڙ ڏٺا، تنهن مهل هُن ڇا ڪنهن به نه
پئي ڄاتو، ”ايندڙ وقت ۾ سنڌ جا اسڪول علم آڇڻ
بدران، عوام کي پِن تي هيرائڻ لاءِ ڪي خيراتي پئسا
ڏيندي، هي مادر علميون ائين ميلا گهر به ٿي
پونديون!“
”رابيل........ !“
سامھون هُجوم هو، پر جڏهن کان نرگس جي گهر
جو رستو وڏن ماڻهن ڏسي ورتو هو، ۽ نرگس جي ماءُ
سُکن جي چس ۾ سڻڀن ماڻهن جي آجيان ۾ سڀري ٿي،
سُهراڻي گهر جا مان مرتبا وساري ويٺي هُئي، تڏهن
کان هُو اهڙن هُجومن ۾ به ڄڻ تنها ۽
اڪيلو ٿي پيو هو. پنهنجي پاڻ سان هُن سرگوشيءَ
ڪئي، ”رابيل! ڪجھ به ڪونهي! جي ڪجھ آهي ته پردو
آهي. مان ڪٿان پيو اچان؟ ڪيڏانهن پيو وڃان؟ ڪا خبر
ڪونهي! هڪٻئي کي ڏسون ٿا پر ڪير به ڪجھ نٿو ڄاڻي.
توکي منهنجي ڪهڙي خبر؟ مون کي تنهنجي ڪهڙي خبر!؟
اسان هڪٻئي کي ڏسون ٿا، ملون ٿا، ڳالهايون ۽ کِلون
ٿا پر، اسان کي ڪنهن جي ڪا خبر پوءِ به ڪونهي!
منهنجي پويان ڇا آهي؟ تون نٿي ڄاڻين.... پردو آهي
۽ پردي ۾ اسان ڍڪيا پيا آهيون.......
”ها رابيل! هي ميڙ ڏس، ڪير ڪٿان آيو آهي؟
پويان ڪنهن جي ڪهڙيون مجبوريون ۽ بي وسيون آهن؟
ڪنهن سان ڪهڙا مسئلا ۽ مونجهارا آهن؟ تنهنجي پويان
ڇا آهي؟ مان نٿو ڄاڻان! مان ڇا؟ پر ڪير به ڪجھ نٿو
ڄاڻي! اڳيان بس هڪ اَڙ آهي، اُها اَڙ ڪا پناھ ته
ڪونهي ۽ اسان سڀ اَڙ ۽ آڙ ۾ ڀُليا پيا آهيون!“
”بلڪل ائين رابيل تون ڪير آهين؟ مان ڪير
آهيان؟ ڪجھ خبر ڪونهي! تون مون کي ڇو ٿي عزيز
رکين؟ شادي پنهنجي مڱيندي سان ڪرڻ ٿي چاهين ۽
چاهتون مون سان ٿي ونڊين، لِڪ ۽ دُوري پنهنجي
مڱيندي سان ۽ پنهنجائپ مون سان ٿي رکين!؟ نرگس به
ته ائين ئي آهي تو وانگر! ڪڏهن شادي سئوٽ سان،
ڪڏهن ماروٽ سان، ڪڏهن ماروٽ جي ماسات سان! جيڪو ٿو
ٽيڪجي نرگس اُتي ٿي هرکجي ۽ سندس ماءُ به ته ڪيڏو
نه..... پر گُفتگُو ۾ وري لِڪ آهي، لِڪ ڍڪ آھي.
سامهين ٿيڻ ۾ هي ڏيکاءُ ۽ نُماءُ جو ڪهڙو پردو
آهي؟ اِهو پردو ڪا پناھ آهي يا سزا؟؟“
ماڻهن جو ميڙ چيريندو هُو اڳتي وڌندو
رهيو، اُتي بيٺل هر ماڻهو جي هٿن ۽ ڪڇن ۾ فائيلون
۽ ڪاڳر هئا، پر اُهي سڀ پئسا وٺڻ نه آيا هئا.
”ها تڏهن سنڌ تي اڃان اهڙو وقت نه آيو هو،
جنهن ۾ ماڻهن کي مُفت جي پئسن تي هيرايو ويو هجي ۽
ڪم ڪار ڇڏايا ويا هجن ۽ سنڌ جي عورتن، ماين،
زائفائن کي سڀ ڏينهن اُس ۽ اُڃ ۾، سيءُ توڙي
مِينهن مينهوڳيءَ ۽ ڇِتي گرمي ۾ قطارن اندر بيهاري
ساڻو ۽ نِستو ڪري ذلت ڏي ڌِڪيو ويندو هجي!“
اڳ وارو وٺڻ جي ڊوڙ لڳندي هجي، عورتون پاڻ
۾ وڙهنديون هجن، فحش اشارا ۽ حرڪتون ڪري پئسن جي
حاصلات لاءِ هڪٻئي کي نِندينديون هجن!، پر هتي
اهڙو ڪجھ به نه هو. اُهي ماڻهو ته سڀ ڪوماڻل چهرن
وارا اداس، نراس ۽ ويڳاڻا ماڻهو هئا.
”ماڻهو پردي ۾ محفوظ آهي، پردا ٽوڙي ماڻهو
پاڻ کي ذليل ڪري ٿو!“
هارجي ويل وجود رکندڙ انهن ماڻهن جي چهرن
تي اميد ته جرڪي پئي، پر گذري ويندڙ وقت جي سخت
حالتن جي لٽ اڃان به سندن مُهانڊن مان نظر ٿي آئي!
اُهي سڀ اميدوار هئا، جيڪي هاءِ اسڪول ۾ ماستري جو
امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ انٽرويو ڏيڻ آيا هئا، هنن
سان گڏ آيل ٻيا مددگار، دوست ۽ ساٿي ٻهڪي نه رهيا
هئا، پر ايترا ويڳاڻا به نٿي لڳا، جيترا سوچن ۾
ورتل هُو سڀ ڏسڻ ۾ پئي آيا.
اُميدوارن جي وڏي ميڙ وچان گذرندي، هُن
سوچيو، ”هيل! ماستريءَ
جو ٻُڌي ڄڻ ڏيھ سڄو بيروزگار ٿي پيو آهي!“
پنهنجي ڪڇ ۾ فائيل سيبتو جهلي انبوھ مان
نڪري هُو اڳتي وڌي آيو، اسڪول جي آڳر وارو ميدان
مَٽي هُو آفيس جي ڪمرن اڳيان دالان ۾ اچي ٻئي
انبوھ سان گڏ بيٺو. آفيس جي هڪ ويڪري ڪمري اندر
انٽرويو وٺندڙن نمبر جي واري سان اميدوار اندر
سڏايا پئي ۽ انٽرويو ڏئي ٻاهر دالان ۾ پير پائيندڙ
واپس انهيءَ ورندڙ اميدوار کي انتظار ۾ بيٺل
ٻاهريان همراھ وڪوڙي پئي ويا، ”ڇا پڇيائون؟ ڪهڙو
سوال ڪيائون؟ تاريخ پڇيائون؟ تعليم بابت سوال هو؟
سنڌ جو گورنر ڪير آهي؟ سنڌ جو گهرُو وزير ڪهڙو
آهي؟“
تجسس، بي يقيني ۽ ڀانت ڀانت جا سوال!
هر ٻاهر نڪرندڙ کان هڪ ٻيو انٽرويو ڄڻ وري
ٻاهر شروع ٿي پئي ويو ۽ انٽرويو ڏئي جان ڇڏائي
ايندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر جان ڇڏائڻ لاءِ وري ڦٿڪي ۾
پئجي پئي ويو. آفيس جي در تي بيٺل پٽيوالي ٿوري
ٿوري دير ۾ در کولي ڪنهن کي اندر ٿي موڪليو، ته
ڪنهن کي ٻاهر ٿي ڪڍيو.
هُن کي پٽيوالو به مينيج ڪيل ڄڻ ڪا مشين
نظر اچڻ لڳو!
”ڪيڏا انٽرويو ڏنا اٿم؟ ۽ ڪيڏي خُدا بخش
خان جي چئونٺ چُمي اٿم؟ پر نصيب منهنجي ساٿ ڪڏهن
ڏنو آهي!؟“
”مان نرگسيت ۾ لُٽبو رهيو آهيان ۽ هُو مون
کان کٽيندي رهي آهي.“
هُو وڌيڪ سوچي نه سگهيو. ڪراچي کان وٺي
حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان وٺي سنڌ جي انهن شهرن جو
سوچڻ لڳو، جن ۾ هُو وڃي اڄ تائين جيڪي به انٽرويو
ڏئي آيو هو.
”سُٺا نمبر هميشه پوئتي رهجي ويندا آهن!“،
هُن خيال ڪيو، ”ڌِڪن، ڌُوڻن ۽ ڌُڪن جو وقت آهي،
سُڪو نه! سِڪو ئي هر دور ۾ هلي ٿو.“
پنهنجي نمبر جي انتطار ۾ بيٺي هاڻ ته اچي
ٽپهريءَ پهتي هئي ۽ هُو بيهي بيهي ٿڪي پيو هو!
مزاج مٽائڻ لاءِ هُن خيالن ۾ وري ٽُٻِيءَ هڻي
ورتي، هُن کي ياد آيو، ”نرگس هاڻ شايد مون سان
شادي ڪرڻ نٿي چاهي!“
نرگس جي ياد ايندي هُن وري هڪ اونهو ساھ
ڀري ورتو، ”گهر کي به ته هاڻ منهنجي پڪي پورهئي جي
کپ آهي! هوائي روزيءَ جي آسري وڌيڪ تياڳي سگهبو ئي ڪيئن!؟“،
هُن کي لڳو سندس نرڙ تي پگهر آهي! نرڙ مهٽيندي هُن
وري ويچاريو، ”۽ هاڻ به جي نوڪري نه ملي ته پوءِ
پڪ آهي، نرگس احمد نواز سان شادي ڪري وٺندي.“
”ها نرگس جي ماءُ ته چئي ڇڏيو آهي پُنهون
کي ڇڏيو احمد نواز لاءِ وٺو ته سڱ ڏيان! ۽ ڏِئي به
ڇو نه؟؟ مون کان اڳ ته هُن کي نوڪري ملي وئي آهي ۽
احمد نواز ڪمانڊر نه سهي! ڪمانڊو ته آهي سُٺي
پگهار جو اٿس! ۽ مايون مُڙسن کان کٽين ٿيون، خُدا
بخش خان زال جي اهڙي ڦيري اڳيان ڪُڇندو به ڇا؟“
”هي مايون به نه! مردن کي چٽ ڪريو ٿيون
وجهن.“
نمبر ويجهو آيو ته هُن وري خيال ڪيو، ”هنن
بيڪار خيالن کي هاڻ ڇڏڻ گُهرجي! خيالن ۾ رکيو ئي
ڇا آهي؟ پردا جيڪي بي خبر رکن ٿا، اُنهن ۾ ئي
سُونهن آهي.“
هُو سُري آفيس واري ڪمري جي در وٽ ڀر کان
اچي بيٺو، ٿوري دير ۾ پٽيوالي هڪ اميدوار کي ٻاهر
ڪڍيو ۽ هڪ کي اندر روانو ڪيو. شام لڙڻ لڳي هئي،
ڪجھ ڄڻن جي واري کان پوءِ هن جو نمبر به اچڻ وارو
هو.
جنهن مهل پٽيوالي هُن کي ڌِڪي اندر ڪيو،
ان مهل هُن اندر ويندي سامهون نهاريو، انٽرويو
وٺندڙن جي سامهون هڪ اميدوار ڪنهن جوابدار جيئان
بيٺو هو ۽ اُهي ٻه مرد ۽ هڪ عورت هُن کي داخل
ٿيندو نهاري رهيا هئا.
پاسي ۾ اچي بيهندي هُن جي نهار مردن کي
ڇڏي عورت ۾ رهجي وئي! ”نرگس....
”نه نرگس نه!“
”نرگس پاڻ کي وڪڻي نٿي سگهي.“
نرگس کي ياد ڪندي وڌيڪ هُو ڪجھ ڪُڇي نه
سگهيو.
جنهن مهل سڏ تي هُو ڇرڪي پيو، اُن مهل هُن
کي خبر پئي انٽرويو وٺندڙ هُن کي سڏي رهيا آهن.
ٻاهر ويندڙ اميدوار کي ڏسي هُو اڳتي ميز ڏي وڌي
آيو، ”بابا نالو.....؟“
”پُنهون جمال!“، فائيل اڳتي وڌائيندي هُن
چيو.
”منڇر ڍنڍ سنڌ جي ڪهڙي ضلعي ۾ آهي پُٽ؟“
”دادوءَ!“، مختصر جواب ڏيندي هُن کي لڳو
دادو دل ۾ وسي ٿو،
دل جو هر منظر منڇر آهي! پر سِگهو هُن جي نهار وري
عورت ڏي کڄي وئي، نظر جي ٽڪر ۾ هن ڏسي ورتو عورت
کيس ئي گُهوري رهي آهي!
”عورت گُهوري رهي آهي يا نرگس!؟“، هُو
سمجهي نه سگهيو ۽ کُپي ويندڙ نظر جي تاءُ سان ڇرڪي
پيو.
”بابا اهو ٻڌائي سنڌ جي ڏکڻ ۾ ڇا آهي؟“
دل ۾ آيس چوي طوفان! پر پاڻ سنڀالي ڌيرج
سان هن چيو، ”سائين سمُنڊ... سنڌي سمنڊ!“
جواب ڏيندي هُن ڏٺو عورت هُن کي ساڳي طرح
تڪي پئي ۽ نگاھ چورائيندي هن اکيون جُهڪائي
ورتيون.
سوال پڇندڙ اڃان ڪو ٻيو سوال پڇي ها پر
پاسي ۾ ويٺل ٻئي مرد چيو، ”ٺيڪ آهي بس ڇڏينس، هاڻ
شام پئجي وئي آهي ۽ پويان ٻيا اميدوار به ڪجھ رهن
ٿا.“
سوال پڇندڙ پنهنجي ساٿيءَ کي نهاريو ۽ پوءِ فائيل هن ڏانهن
موٽائيندي چيائين، ”هلو ٺيڪ آهي بابا، بس اوهان
وڃو.“
ميز تان فائيل کڻندي هن هڪ ڀيرو وري انهي
عورت کي ڏسي ورتو ۽ ڪنهن آھ کي اندر ۾ دٻائي پوئتي
مُڙيو، پر در تي پُڄندي غزل جهڙي ڪنهن آواز سندس قدم ٻڌي ڇڏيا.
”هڪ منٽ ترسو!“
هُو سڏ تي بيهي رهيو هو، پوئتي مُڙي
نهاريائين ته اُها ئي عورت کيس سڏي رهي هُئي. عورت
جي آڱر سان واپس اچڻ واري اشاري هُن کي وائڙو ڪري
مُنجھائي ڇڏيو.
اشارو ڏسي پهريان دل ڌڙڪي پئي ۽ پوءِ زور
سان ڌڙڪندڙ دل ۾ وسوسا ۽ وهم جاڳي پيا، ”مون کي
نوڪري جي سخت ضرورت آهي! آخر ضرورت ئي ڪهڙي هئي
ائين هُن کي چوري چوري گُهورڻ جي؟“
”مون کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گُهربو هو!
پردا ئي پناهون هُجن ٿيون، اهو ڪهڙو اخلاق آهي جو
ڪنهن پرائيءَ حسينا کي ائين به تڪجي!“
هُو واپس اچي چُڪو ته ميز جي ڀر کان
بيهندي هن جو پريشان چهرو سواليه نشان ٿي پيو.
هُن کي خاموش ڏسي عورت ڪجھ سوچي ٽٽُل لهجي
۾ چوڻ لڳي، ”هينئن ڪريو..... مِسٽر... اوهان
ڪو.... شاھ جو بيت ٻڌايو.“
”شاھ جو بيت؟“، هن حيرت مان ورائي پڇيو.
”ها شاھ جو بيت!“، عورت سندس اکين ۾
نهاريندي چيو، ”شاھ لطيف کي ته سڃاڻو ٿا نه؟؟“
”جي... شاھ.....؟ ها ها..... بلڪل....!“،
ها چوندي اڌوري ڳيت هُن جي نڙيءَ ۾ رهجي پئي.
”ٺيڪ آهي پوءِ ڪو هڪ بيت کڻي ٻُڌايو! جيڪو
به اوهان کي ياد هُجي.“
هُو عورت جي چهري مان ٿيندو لهي اچي اکين
۾ بيٺو. ”شاھ لطيف ته سڀ ياد اٿم! سمورو رسالو ئي
چئي وٺانس! ڪوهياري ٻُڌندي يا ڪيڏارو؟ پر اُهو
ڪهڙو بيت هوندو، جيڪو هي ٻُڌڻ چاهيندي؟
ڪي اوڏا ئي ڏُور، ڪي ڏُور به اوڏا سُپرين!
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مُور،
جيئن مينهن ڪُنڍي پُور، تيئن دوست وراڪو
دل سين.
چوانس؟؟“
هُو پاڻ وڃائي چُڪو هو، ڪجھ لڀي نه سگهيو
ته ڪُجھ ڳالهائي به نه سگهيو! پر عورت هڪ ڀيرو
ٻيهر ڳالهاڻي، ”ڪو به هڪ بيت کڻي ٻڌايو.“
هُو پنهنجي ذهن تي زور ڏيڻ لڳو، مرد آفيسر
هُن کي پُرتجسس ٿي نهارڻ لڳا، عورت جي اکين مان آس
ڇڻڻ لڳي ۽ هُو خود کي وري ڳولڻ جا جتن ڪرڻ لڳو، پر
نه.... هُو پاڻ کي اڃان به لَڀي نه سگهيو.
هُن جي زبان اَٽڪي بيهي رهي، جيڪو جيڪو بيت هُن جي شعور ۾ ريھ بڻجي
ڦٿڪيو هو، اُهو لک ڪوشش باوجود به هن جي زبان تي
نه آيو، هُو ڳيت پويان ڳيت ڏئي رهجي ويو ۽ شاھ جو
ياد رسالو هُن کان وسري ويو.
”بابا بس ٺيڪ آهي!“، هُن کي ناڪام ڏسي
ٻنهي مردن مان هڪ ڳالهاڻو، ”بس ڀلي وڃو... هاڻ
اوهان وڃي سگهو ٿا.“ مرد آفيسر هڪ ڀيرو وري هُن کي
وڃڻ جو چئي ورتو، عورت جي اکين ۾ اميد اڌوري رهجي
وئي، واپس مُڙي ٻاهر وڌندي هُن جي دل شدت سان
چاهيو، ”در تائين پُڄندي من بيت زبان تي جاري ٿي
پوي!“
ڳورا قدم کڻندي هُن پنهنجي زبان کي پوري
ست سان حرڪت ڏني پئي پر هُو در لنگهي ٻاهر ته اچي
ويو مگر هُن جي زبان تارُون سان چنبڙي رهجي وئي
هُئي، جيڪا نه چُري ته نه چُري!
هُو فائيل ڀِڪوڙي هاءِ اسڪول مان نڪري آيو
هو، رستي جي اڪيلائي سان هلندي هُن کي ياد آيو،
ڪالھ ئي هُن کي رابيل چئي رهي هُئي، ”من! نرگس سان
ڪيترو تعلق اٿئي؟؟“
”نيازمندي حُجت جوڳي آهي من.“
”پوءِ چوينس نه توکي نوڪري وٺي ڏئي! اڄڪلھ
هُو جام ٽيڪيل آهي، صرف زبان ئي ته خرچ ڪندي ۽
بس!“
”اسان خرچ ڪرڻ وارا ڪڏهن خرچي وٺڻ وارن ۾
شامل ٿي نه سگهيا آهيون رابيل؟“
”پر پُنهون سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آفيسر ٿئي ته
ٻيو ڇا گُهرجي؟“
”خواب اڌوريون پناهون آهن رابيل! پر هتي
پُنهون ته ماستر به نٿو ٿي سگهي!“
”تون جي ٿورو ڪُڇين ته نرگس کان سترهين
گريڊ جي نوڪري ته هِن مهل وٺي سگھين ٿو ۽ هُونئن
به ان معاملن ۾ نرگس مٿير مائي آهي.“
”ها قوميت تي ساھ ڏئي ٿي، پر منهنجو ڪُڇڻ ڪُلف ڪڙي ۾ آهي رابيل!
مان پُنهون آهيان خُدا بخش خان ناهيان.“
”منهنجي دل چئي ٿي، سي.ايم جو پروٽوڪول آفيسر ٿين ها.“
”دل ته جام چاهي ٿي، پر نصيب جي ماستر ڪرڻ چاهي ها ته اهو ئي
وڌيڪ بهتر هو.“
”ماستر جي پگهار به ته سٺ هزار آهي! ۽ تون
سروس وارو ٿين! اِهو منهنجو خواب آهي.“
”خُوابن جي موت اسان کي جيئارڻ سيکاريو
آهي رابيل! اسان ڪلالن کي موکي ته مارايو آهي.“
”پر پُنهون ايندڙ دور پنهنجو آهي.“
”بيشڪ ايندڙ دور پنهنجو آهي من! پر هي
مايون الائي ڪنهن جون آهن. جيڪي اسان کي سڏي فيل
ڪرايو ٿيون وجھن! پردا ڇِڄن ٿا ته پناهون ڪي به
نٿيون بچن.“
سج الائي ڪيڏانهن ڪٿي وڃي گُم ٿي پيو هو،
سُرمئي شام هر منظر ۾ لهندي پئي وئي ۽ اڳتي ريل جي
پٽڙي ڏي وڌندي رابيل ۽ نرگس کي سوچيندي پُنھونءَ
جي دل سرءُ مُند جو نغمو ٿيندي ٿي وئي!
پٽڙين تي پُڄندي پُنهونءَ کي سمجھ نٿي آيو، ”ريل پٽڙين کان سواءِ
ٻيو ڇا مٿان گذري ويندي آهي؟ ۽ ايندي ايندي ڇا ڇڏي
ويندي آهي ۽ ويندي ويندي پاڻ سان گڏ ڇا ڇا کڻي
ويندي آهي!“ |