ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
لاڙڪاڻو
سائين غني رحه
سنڌي ٻوليءَ
جو گُمنام شاعر
تاريخ نه ڪنهن هڪ فرد جي ڪهاڻي ٿئي ٿي، نه وري
انفرادي طور مرتب ڪري سگهجي ٿي. هيءَ هزارين نه ته
پر لکين ۽ ڪروڙين انسانن جو داستان ۽ اڻ ڳڻين
عالمن ۾ محققن جي محنت جو نچوڙ ٿيندي آهي. اسان وٽ
قصو ئي اُلٽو آهي! هتي اهو بانور ڪرايو ويندو آهي
ته تاريخ ٺاهڻ توڙي ڊاهڻ لاءِ رڳو هڪ فرد ئي ڪافي
آهي!!
جڏهن اسان انهيءَ عجيب منطق جي تهه تائين پهچڻ جي
ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي
معاشري جو ڍانچو ئي ڪجهه اهڙي نموني سان ٺهيل آهي
جو هر هڪ انهيءَ ڍنگ ۽ رنگ ۾ سوچڻ تي مجبور ٿي پوي
ٿو. جنهن سماج ۾ ايڪو ۽ الفت عام ٿئي ٿو سماج ذات
پات ۽ رنگ نسل جي ناسور کان بچيل ٿيندو آهي، ته
پوءِ سماج جا ماڻهو نه ڪو”فرد“ ۾ انڌو ويساهه رکن
ٿا ۽ نه وري ڪا انفرادي ڪوشش ڪن ٿا. هنن جي دانهن
۾ ديسين جا دک ٿين ٿا ۽ هنن جي دکن ۾ سڀني جو درد
ٿئي ٿو. هنن جي سوچ پنهنجي ذات کان گهڻو، گهڻو دور
اجتماعيت جي اٿاهه سمنڊ تي وڃي پوندي آهي. ۽ هنن
جي عمل توڙي ڪردار مان پوري قوم جي جهلڪ نظر ايندي
آهي، پر ان جي اُبتڙ جنهن سماج ۾ هڪ ئي آدم جي
اولاد کي ذات پات، ڌن ۽ دولت ۽ رنگ ونسل جا
رانديڪا ڏيئي ريجهائي پاڻ ۾ ويڙهايو ويندو آهي.
انهيءَ قوم ۾ مٿا ٽيڪي پنهنجن مامرن نبيرڻ جو ڪو
ڏانءُ ئي نه هوندو آهي.
اسان نه رڳو بدترين سماج جي پيداوار آهيون، پر
بدنصيبيءَ سان هڪ ٻئي کي حادثي کي به ڏسڻو پيو
آهي. اها
خوشنصيب قوم ٿيندي آهي جنهنجي ٻولي ته درٻاري ٿئي
ٿي پر ماڻهو درٻاري نٿا ٿين، آئون هن جملي جو
پويون اڌ ته ورجائي نٿو سگهان پر پهرئين اڌ تي به
ٻه اکر چئي سگهان ٿو. اها بدنصيبي يا حادثو آهي ته
اسان جي ٻولي نه درٻاري ٿي سگهي آهي نه وري سرڪاري
نتيجو اِهو نڪتو آهي ته هن وقت تائين منظم طريقي
سان سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ سنڌي علم ادب جي تحقيق نه ڪئي
وئي آهي. جن مهربانن هن رڻ ۽ راڄ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، تن جي اها ڪوشش انفرادي نوعيت هئڻ سبب يڪطرفي
۽ اڌوري ئي رهي آهي. ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڃا سنڌ
جي اڻ ڳڻين عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جون
خدمتون اسان اڳيان اچي نه سگهيون آهن. رڳو شاعريءَ
جي ميدان ۾ ئي اڃا ڪيترا اڻ مُلها موتي بي رُخيءَ
جي دز ۽ ڌوڙ ۾ لڪيا پيا آهن. مون کي ته اهو يقين
آهي ته هن وقت تائين جيترن به شاعرن تي ڪم ڪيو ويو
آهي اڃا اوترا يا ان کان به وڌيڪ گمناميءَ جي
اوندهه ۾ لڪيا پيا آهن.
سائين”غني“ به انهن گمنام شاعرن مان هڪ هو. هي
انگريز دؤر جو اهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ
کان سواءِ برِصغير جي ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ڪلام
چيو آهي.
مان پهريون دفعو جڏهن سندس حوالو ”رتن جوت“ ۾
پڙهيو ته سندس سوانح حيات ۽ ڪلام گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوشش
شروع ڪري ڇڏيم ۽ آخرڪار سندس ٿورو ڪلام زندگيءَ جو
احوال حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس جيڪو مختصر طور هن
ريت آهي:-
جنم ۽ حسب نسب:-
سائين غنيءَ جا وڏا اصل ۾ ضلعي جي داناپور ڳوٺ جا
رهواسي هئا ۽ اتي پنهنجي پيري مريديءَ ۽ ..... سبب
مشهور هوندا هئا.
سائين عبدالغني عرف سائين غني والد جي والد جو
نالو الحاج مولوي محمّد قادري هو، جيڪو ڪراچيءَ جو
رهواسي هو. ۽ سائين غني ڪراچي ۾ ئي تولد ٿيو.
مشغلو:-
سنڌ جي ٻين چوٽيءَ جي شاعرن ۾ سائين عبدالغنيءَ
لاءِ به ساڳي تند چوري وڃي ٿي. ۽ چيو وڃي ٿو ته
ٻاروتڻ ۾ ئي هن جي طبيعت جو لاڙو رندي رمز ۽ راهه
ڏانهن هو ۽ ... ڪٿي به ڪنهن کان تعليم
حاصل
نه ڪئي.
اسان اهو مڃي سگهون ٿا ته سائين غنيءَرحه
جي ٻالڪپڻي ۾ ئي ازلي عشق کي پنهنجو رهنما ۽ رهبر
بڻائي ڇڏيو هئو جيئن پاڻ چوي ٿو ته:
ازل سے
نعمتِ فقر و فنا تھی
قسمت میں،
میرا
مزاج لڑکپن
سے
وحشیانہ
تھا!
پر جيتري قدر تعليم ۽ تدريس جو تعلق آهي ته ان
لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس فارسي ۽ برصغير جي
ٻين ٻولين ۾ عبور ۽ شاعرانه مهارت ئي انهيءَ غلط
مفروضي جو رد آهي. اسان ههڙي عالم کي اڻ پڙهيو چئي
نٿا سگهون.
سندس ٻالپڻي جي دور جا ڪيترائي قصا ٻڌايا وڃن ٿا.
چيو وڃي ٿو سائين غني تيرنهن سالن جو هو ته هڪدم
سندس زندگيءَ ۾ انقلابي تبديليون اچي ويون هيون.
هو دنيا جي ديک کي دوکو ڄاڻي ساڻس نفرت ڪرڻ لڳو ۽
پنهنجي من کي محبوب حقيقي جي عشق ۽ الفت جو طلبگار
بڻائي ڇڏيائين. هڪڙي دفعي پنهنجي دوست قاسم علي
قلمي گر جي دڪان ۾ قبرنما کڏ ٺاهي چلو ڪرڻ ويهي
رهيا. جڏهن هن حال جي خبر سندس والد کي پئي ته اهو
ڪجهه ناراض ٿي پيو.
پيءُ جي ناراضگي ڏسي سائين غنيءَ کيس وراڻيو ته
رنجش ۽ روڳ ڪرڻ جو ڪوئي سبب ڪونهي، اگر توهان وڌيڪ
تنگ ڪيو ته پوءِ آئون هتان هليو ويندس. چيو وڃي ٿو
ته پڻهس گهر منهن ڪيو ۽ هن اسٽيشن طرف، ۽ وڃي
اجمير شريف جي ٽڪيٽ ورتائين.
خواجه غريب نواز جي مزار تي هن جي ملاقات شير علي
شاهه نالي هڪ فقير سان ٿي، جيڪو کيس پنهنجي ڳوٺ
احمد نگر(گجرات) وٺي ويو. ۽ هن درويش اتي ئي
رياضتن ۽ عبادتن جي ابتدا ڪئي، ايتري قدر جو کيس
در در سوالي بڻجڻو پيو.
حق جي جستجو:
سائي غنيءَ جو خاندان سنڌ جي مشهور روحاني گهراڻي
جي حضرت محمّد بقا مِٺل شاهه قادري رحمته الله
عليـﮧ جو مريد هو، ۽ هن فقير به نون سالن جي عمر ۾
سندس دست مبارڪ تي بيعت ڪئي هئي. تيرهن سالن جي
ڪچڙي عمر ۾ انهيءَ روحاني رشتي رنگ لاتس. ۽ هو حق
جي جُستجو ۾ نڪري پيو.
در بدر می
گرد و مے
رو کوبکو
جستجو کن جستجو کن جستجو۔
پاڻ زندگيءَ جو ڪافي عرصو مسجدون ۽ مندر ڏسندو
پنهنجي پرينءَ جي تلاش ڪندو رهيو. ۽ انهيءَ سلسلي
۾ ڪيترن ئي اهل دل انسانن جي ملاقات جو موقعو
مليو. جن ۾ هي بزرگ ۽ اهل محبت انسان قابل ذڪر
آهن:
1. حضرت پير سائين باقر شاهه ولي الله (ڪڇ)
2. حضرت پير سيد شاهه جيلاني قادري (پونا)
3. حضرت پير عظمت الله شاهه قادري، چشتي، رفاعي
(احمد نگر دکن)
4. حضرت سيد ميران ولي الله مجذوب (احمد نگر جي
ڀرسان)
5. حضرت ولي الله پير جي سيد محمد علي شاهه (اجمير
شريف)
6. حضرت مولانا سيد حاجي عابد حسين (ديوبند)
7. حضرت مولانا شاهه عمر (دهلي)
8. حضرت سيد محمد قاسم نقشبندي (ڪوهه مري)
9. حضرت مولانا محمد الدين قادري (گجرات پنجاب)
10. حضرت سرفراز علي شاهه (احمد نگر گجرات)
11. مهراج ديوينداس جي (جوڌپور)
12. حضرت قطب علي شاهه جهانيان پوٽو (حيدرآباد
سنڌ)
13. تيغ بهادر مهراج (ٽنڊو الهيار)
14. مهراج مانڪ داس شڪارپوري (صدر گردوارو ڪراچي)
15. حضرت مولانا سيد پير ظهورالحسن شاهه (بٽاله)
چون ٿا ته (ڏسو ”عالم فيض“ (صفحو 15 ٻيو ايڊيشن)
سائين غني کي سيد ظهورالحسن شاهه ئي ٻڌايو ته
جنهن ڳالهه جي اوهان کي تلاش آهي. اها ڳالهه اوهان
کي حضرت سيد گل حسن شاهه قلندر پاڻيپٽيءَ کان حاصل
ٿي سگهي ٿي، جيڪو منهنجو پيرڀائي يعني سيد غوث علي
شاهه جو خليفو آهي. انهيءَ ڪري سائين غني رحه
پاڻيپٽ ڏانهن رخ رکيو.“ ۽ انهيءَ روحاني رهبر کان
دلبر جو درس وٺي اچي وري ڪراچي وسايائين.
شعر و شاعري:
چيو وڃي ٿو ته ٻالپڻي جي وقت کان وٺي ئي سائين غني
کي شعر و شاعريءَ سان شوق هوندو هو ۽ ڪچي ڦڪي
شاعري ڪندا هئا، پر جڏهن روح ۾ راڻي اچي ڪا لنواءَ
لڳايس ته سندس شاعريءَ ۾ به ساڳيو رنگ ايندو ويو.
پاڻ اڳ ۾ چڱو ڪجهه پڙهيل هو ۽ فارسي زبان جي
مطالعي ۽ سندس شاعرانه طبيعت هن شاعريءَ ۾ پختگي
پيدا ڪري ڇڏي.
انهيءَ فني پختگيءَ سان گڏوگڏ صوفيانه مواد ۽
مذهبي موضوع کيس پنهنجي دور جو چڱو شاعر بڻائي
ڇڏيو ۽ سندس پيري مريديءَ جي رستي هن جي ڪلام کي
گهر گهر پهچائي ڇڏيو. هن بنيادي طور تي اردو شاعري
ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ٻين ٻولين ۾ به شاعري
ڪئي اٿس، جن ۾ سنڌي، پنجابي، ڀاشا، فارسي ۽ سرائڪي
وغيره
اچي وڃن ٿيون.
سندس سنڌي شاعريءَ جو ڳچ حصو وقت جو نذرانو ٿي ويو
آهي ۽ باقي ڪجهه هڪ اڌ مريد وٽ تحريري صورت ۾
محفوظ آهي. ۽ وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ اهو به ختم ٿي
ويندو.
جيئن اسين اڳ ۾ عرض ڪري چڪا آهيون ته هن جي
شاعريءَ جو موضوع مذهب ۽ تصوف آهي. تصوف جو مٿس
ايترو ته اثر هو جو هو تنگ دل يا ڪٽر مذهبي ته نه،
پر پيغمبرِ اسلام حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ
جن
جو سچو سڪايل ۽ پوري انسان ذات جو خيرخواهه هو.
اهوئي سبب آهي جو هو پاڻ فرمائي ٿو ته:
"بجوش ھمت خم مے
بیا
کہ جام دھم،
ز مستیءِ
ازلی
مژدۂ
پیام
دھم،
کہ حق بندۂ
مولا ست پس نہ بخل کنم،
ذکات فیض
ہمیشہ
بہ خاص و عام دھم"
هُو ذات پات ۽ رنگ نسل جي چڪر کان بالا هو. هن جي
نظر ۾ سڀ انسان هڪ ئي آدم جي اولاد ۽ هڪ خالق جي
مخلوق هئا. هن جي من ۾ محبت ۽ اندر ۾ عشق هو. اهو
عشق جنهن لاءِ پاڻ چوي ٿو:
عشق الله جو سچو ڙي يار،
ٻيون سڀ ڳالهڙيون ڪوڙيون،
فاني دنيا سان دل نه لڳايو،
ڪوڙي ڦند کان بچو ڙي يار.
ٻيون سڀ ڳالهڙيون ڪوڙيون.
بڇڙي ڪمن کان واڳ ورايو.
نيڪ ڪمن ڏانهن اچ ڙي يار.
ٻيون سڀ ڳالهيون ڪوڙيون.
... غني چوي دم تي نه ڀل تون،
آهي ٿانءُ مٽيءَ جو ڪچو ڙي يار.
ٻيون سڀ ڳالهڙيون ڪوڙيون.
سندس شاعريءَ جو به ٻين سنڌي صوفين جيان تصوف ئي
تاڃي پيٽو آهي. هي صاحب به ساڳيا، ساز هن ۾ وڄائي
ٿو:
هو ويجهو کي چون ٿا ڏور آهي،
زماني جو عجب دستور آهي.
آهي ڪل مڪان خاص ۾ ڇا،
.... جاءِ لامڪاني نور آهي.
زماني جو عجب دستور آهي.
منصور ناحق آهي بدنام،
اشرف آهي سو منصور آهي.
زماني جو عجب دستور آهي.
سڀئي ئي نبي موسيٰ نظر ۾،
هر سنگ ڪوهه طور آهي.
زماني جو عجب دستور آهي.
ادب آهي وجود ۽ مرتبي جو،
”غني“ هن امر ۾ مجبور آهي.
زماني جو عجب دستور آهي.
عشق ۽ عقل جو جهيڙو صدين کان وٺي هلندو پيو اچي.
عشق جو ساٿ عقيدو ڏيندو اچي ٿو ۽ عقل جو ساٿ علم.
جڏهن آدمي عشق جي ميدان ۾ اچي سر نوائي ٿو ته کيس
علم ۽ عقل جا ڪنڊا رتوڇاڻ ڪري ڇڏين ٿا. ۽ مٿس
ظاهري عالم ڪفر جي فتوائن جي ورکا ڪندا رهن ٿا ۽
انهيءَ وقت جيڪا هن جي دل مان دانهن نڪري ٿي اها
آهي:
هئي هئي دل عاشق دا توڙ دتا
تونـﻶ عرش دا ڪنگر ٻوڙ دتا.
ملان نيزه شرع دا چاڪر
پاڪ جگر وچ کوڙ دتا...
حرف نون ديکا، دل نون نه ديکا
معنيٰ حقيقي ڇوڙ دتا...
نال فقيران دشمني ڪيتس
ڪوڙا فتنا جوڙ دتا...
آکي غني سائين فقير الله دا
حق سـﻶ ڪيون منهن موڙ دتا...
وفات:
هن صوفي بزرگ ۽ اهلِ دل انسان 21 ربيع الاول
1357هه مطابق 22 مئي 1938ع تي وفات ڪئي ۽ سندس
وفات تي هن جي ڪيترن ئي مريدن خادمن ۽ معتقدن
قطعات تاريخ وصال لکيا آهن، جن مان هتي مولوي
ظهورالحسن درس جو هڪ قطعو ڏجي ٿو:
با سر سہائے
از ظہور ھاتف
گفت وا حسرتا مکرر خوان
مير محمّد خاصخيلي
ڊينگاڻ ڀرڳڙي
چؤنرو، تاريخي آئيني ۾*
(چؤنرو جي معنيٰ، مفهوم ۽ تاريخ)
پياري مٺڙي، سهڻي ۽ سيبائتي سهڻي ٻوليءَ ۾ عام
مروج محاورن ۽ اصطلاحتن ۾ چؤنرو ڪيترن ئي معنائن ۾
استعمال ٿئي ٿو، جن کي جامع سنڌي لغات واري مصنف
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جلد ٻيون صفحي نمبر 1083
تي اجهو هن ريت فرمائي ٿو:
اسان جي بزرگ محقق مير محمد
صاحب هن موضوع تي تفصيلي بحث ڪري
ميرپورخاص ضلعي جي ڳوٺ ۽ تپي ’چؤنري‘
جي تاريخي حيثيت کي ياد ڪيو آهي. هن
چؤنري جي علمي حيثيت به تمام مشهور
آهي ۽ هتي قائم مدرسي جي هاڪ سڄي سنڌ
۾ رهي آهي، هِتان ڪيترائي عالم سڳورا
فارغ التحصيل ٿي سڄي سنڌ ۾ ۽ خاص طرح
ناري پٽ ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيندا
رهيا. (اسد
جمال پلي) |
لفظ چؤنرو اسم خاص تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ
جو نالو آهي، چؤنرو جمع چؤنرا، مذڪر (ذ)، هڪ قسم
جو ڪکائون گهر جيڪو (بنياد ۾) گول ٿئي ۽ ڇت مخروطي
ٿئيس. رونتي، اناج جو هڪ قسم، رانهون ڌاتوءَ مان
ٺهيل هڪ قسم جو ٿانءُ، گهاگهر (ڀَؤڻ کي جهليندڙ
ٻيلنگهه) (ت) اُهو ڍڳو جنهن جو پڇ اڇي رنگ جو هجي
(ث) چؤنري، (يا چانوري) جمع چئونريون (يا
چانوريون) (صفت) چنڊو، ٻولاهو (ت
(انگ
بينز
(Beans)
۽ پڻ ٽامو يا جست مان ٺهيل هڪ قسم جو ٿانءُ جيئن
ته موريو يا چؤنرو (موريو) چَرُوڙي، اُن کان اُهو
ڍور، جنهن جو پڇ اڇو ۽ منهن تي اڇو ٽڪو (بانو) ۽
اکين جا وار (ڀرون) به سفيد ۽ ڀورا ۽ ڪن ۽ ٽنگون
کچن ۽ گوڏن تائين اڇيون هجن تن سڀني کي چاٽورو يا
ٻولاهو ۽ ڀورو ۽ مؤنث چانورو يا چؤنري ۽ ڀوري چئجي,
ازانسواءِ چؤنرو يا چؤنرا ڀاڄي طور به ڪم اچن ٿا
جيڪي سائي رنگ جي وَل ۾ لڳن ٿا قد ۽ شڪل ٿولهه ۽
ڊيگهه ۾ ڪَنڊيءَ جي سنگرن (شنگرن) جهڙا ۽ جيڏا ٿين
ٿا، باقي ڪچا ۽ اڌ پڪل ائين ئي کائڻ ۾ نهايت لذيذ
۽ ذائقيدار ٿين ٿا. پڪل داڻا ڀاڄيءَ ۾ به چڻن ۽
مٽري وانگر رڌي کاڌا وڃن ٿا.
گهر طور چؤنرو:
چؤنرو، مارو مسڪين ۽ غريب ماڻهو خاص ڪري ٿر ملڪ جا
ٿري هندو توڙي مسلمان ۽ هتي سنڌ ۾ غريب هندو ڪولهي
وغيره عام طور تي ۽ هاڻ ته سنڌ جا امير ماڻهو به
شوقيه طور تي پڪين سرن جي ديوارن سان ۽ مٿان سڻن
جي بجاء قسمين قسمين پکا، تڏا ۽ تونريون، سر ۽
ڪانهن وغيره ڏئي هڪ خاص قسم جو گهر پر بلڪل عام ۽
مشهور نموني جو، پنهنجي رهائش لاءِ ڪمرو يا اوطاق
جي لاءِ ٺاهيندا آهن ان چؤنري ۾ ۽ ٿر واري چؤنري ۾
جيڪو آرام ۽ سڪون ملي ٿو، تنهن جو مزو ۽ لطف ٻئي
هنڌ وري ڪٿي؟ اهو مخروطي چؤنرو لانڍي صفحي ۽ پڪي
جاءِ کان مختلف ٿيندو آهي ان جو ترو يعني فرش گول
۽ پاسن واري ڪنڌين ٿوڻين کي ساپڙين سان مضبوط ڪري
ماڻهن جي قد يا ڪلهي جي برابر ڪنڌيون ٺاهين، پوء
مٿي کڻي وڃي چوٽي ڪري ڇت بند ڪبي آهي.
اهڙي عجيب ۽ خاص اڏاوت کي چؤنرو چئبو آهي.
انهيءَ ڪري ڪم خرچ بالانشين جي مصداق تمام قليل
خرچ سان زلزله پروف، بلڪل ئي محفوظ ۽ هوادار گهٽ ۽
اڪرس بنهه نه. اهڙي طرح جي ڇت توڙي ڪنڌين سان
ايئرڪنڊيشن اوس به اهڙو جو پوري پُني گسڻ ۽ ڇاڄي
ڏيڻ سان ڦُڙي به اندر نه اچي.
چؤنري ٺاهڻ جا طريقا:
چؤنري ٺاهڻ جو پهريون طريقو: هن طريقي ۾ چؤنري جون
ڀتيون (ڪنڌيون) گول هونديون آهن جيڪي چئن کان ڇهن
فُٽن تائين اوچيون هونديون آهن چؤنري جي ويڪر کان
ٻارهن نريون يعني ٻارنهن کان ارڙهن فوٽن تائين
ٿيندي آهي. نري جو حساب هٿ کان ٺونٺ تائين (ڏيڍ
فوٽ جو هوندو آهي) ڀت جي گولائي لاءِ چؤنري بنائڻ
واري هنڌ وچ ۾ کونٽو کوڙي مقامي کپ مان ٺهيل رسي
(نوڙي) يا (واڻ جي نوڙي) جي هڪڙي چيڙهي کي کونٽي
سان ٻڌي ٻئي ڇيڙهي کي ٻارنهن يا ڇهه نريون، کونٽي
جي سامهون چڪي گول نشانو بنائڻو آهي. گويا کونٽي
يا رسي مان پلڪار وارو ڪم وٺبو آهي. چؤنري لاءِ
اکري گول هوندي آهي جنهنجي مٿان ڪوڪن سان مل ٺوڪيا
ويندا آهن.
چؤنري ٺاهڻ جو ٻيو طريقو:
چؤنري ٺاهڻ جو ٻيو طريقو چَڙڪَلِي آهي.
چڙڪلي واڌو واري نشان جيئن ٺهيل هوندي آهي جنهن جي
چئني ڇيڙهن ۾ سوراخ ڪري ان ۾ مَل ڦاسايا ويندا
آهن. چؤنري ۾ مَل ٻارنهن کان سورنهن يا انهن کان
به وڌيڪ لڳائبا آهن. جڏهن ته چڙڪلي ۾ چار مَل
ڦاسائي سگهبا آهن. جنهن کي دوري مل به چئبو آهي.
مل جي مٿان ٽانڪاري سان ٺهيل سانپڙي ڏبي آهي جيڪي
سانپڙيون گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ۽ وڌ ۾ وڌ ٻاويهه فٽن
تائين جون هونديون آهن. ان کان مٿي کونٽا (ڪايا)
ايندا آهن جنهن ۾ ٽانڪارن يا اَڪَ جي هلڪي ڪاٺي
استعمال ٿيندي آهي. ۽ اهي کونٽا (ڪايا) هر هڪ
سانپڙي سان الڳ الڳ ٻڌبا آهن. ان کان پوءِ مٿان کپ
۽ سڻ جو گاسڻ يا لوءِ ڏبي آهي. جنهن کي ڇاڄو چوندا
آهن جنهن کي مقامي کپ مان ٺهيل نوڙيون واهي ڏور
ڇڪي چؤنرو تيار ڪجي ٿو. چؤنري جي ٽن طرفن جي ڀتين
۾ دريون به بڻائبيون آهن.
چؤنري جو تعارف
چؤنرو، تعلقه ڪوٽ غلام ڀرڳڙي جي اوڻيهن تپن مان هڪ
مکيه ۽ مشهور تپو لهي ۽ پڻ زبان زدِعوام ۽ هن ساري
تر ۾ هيٺيان ٽئي ڳوٺ چؤنري جي نالي سان مشهور ۽
منسوب آهن يعني پهريون ڳوٺ ڀرڳڙين وارو چؤنرو
(ديهه 254) ۽ ٻيون ۽ ٽيون ڳوٺ خاصخيلين وارو چؤنرو
جيڪو اصل ۾ ته ٻن ڳوٺن تي مشتمل هو، پهريون ڳوٺ
حاجي مبين خاصخيلي وارو جيڪو ديهه 275 ۾ واقع آهي
۽ ٻيو ڳوٺ حاجي وريام خاصخيلي وارو، جيڪو ديهه
281 ۾ واقع آهي هاڻ ته اهي ٻئي ڳوٺ وڌي ستن اٺن
ڳوٺن ۾ تبديل ٿي ويا آهن جن جو تفصيل اڳتي اچڻ
وارو آهي.
چؤنري جو وجھ تسميھ يا چؤنري سڏجڻ جو سبب:
دنيا ۾ جيڪي به جايون، هنڌ يا ماڳ مڪان، ڳوٺ، گام،
واهڻ ۽ وستيون، ننڍا شهر توڙي گڙنگ شاهي شهر ملڪ
توڙي مملڪتون ۽ بادشاهون وجود ۾ آيون آهن تن سڀني
جي نالن تي غور ۽ خوض ڪبو ۽ تواريخن جي ورق گرداني
ڪبي ته مٿن پيل نالن جا ڪي نه ڪي اسباب ضرور آهن.
پوءِ اهي ڪارڻ سڌي طرح هجن يا اڻ سڌي طرح،
باالواسطه هجن يا بغير واسطه پوءِ جيڪڏهن ڪن
مقامن، مڪانن جا جيڪي مڪين هوشيار بيدار دماغ ۽
سجاڳ ذهن هوندا آهن سي پنهنجي ۽ بزرگن ۽ وڏڙن جي
پيدائشي جاين جي تاريخ ۽ سندن ڪارنامن کي رقم
ڪري، تواريخ ۾ محفوظ ڪن ٿا. پر جن قومن جا پونيئر
ڪاهل ۽ سست، نااهل ۽ جاهل، اڻ ڄاڻ ڄٺ هوندا آهن
سي ڄڻڪ سندن وڏن ۽ سندن مائٽاڻي ماڳن جي تاريخ تلف
وتاراج ڪريو ڇڏين.
بهرڪيف، جيڪڏهن چؤنري کي سنڌ جي قديم توڙي جديد
تواريخن ۾ تلاش ۽ جستجو ڪبو ته اهي سڀئي سندس نشان
يا ڏس يا پارپتي ڏيڻ کان صفا خاموش آهن.
البته، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي جي سرڪاري
روينيو رڪارڊ ۽ نقشن ۾ ڏسبو ته صرف ”تپو چؤنرو“ ۽
”تپو چامرو“ جو نالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو تنهن ڪري چؤنري
سڏجڻ جو ڪارڻ يا وجھ تسميھ بابت صفا سيني بسيني
هلندڙ ۽ بيان ٿيندڙ روايتن تي ئي اڪتفا ڪئي وئي
آهي.
چؤنري واري جوءِ ۽ خطي ۽ چؤنري جي ڳوٺن ۾ گهڻن
ذهين ۽ قوي الحافظه سُگهڙن ۽ سڄاڻ جهونڙن کان هي
روايت موصول ٿي آهي ته، ”ڀرڳڙين واري چؤنري “ ڳوٺ
ماڻڪ خان ڀرڳڙي يا ڳوٺ محمد هاشم ڀرڳڙي کان ڏکڻ
اولهه طرف ڪجهه بلڪل ٿوري مفاصلي تي ’پراڻ‘ درياهه
جا هڪ ڦٽل وهڪري طور نشان اڄ به بلڪل ظاهر ظهور
عيان ۽ بلڪل پڌرا ۽ چٽا واقع آهن
ان پراڻ کي ابڪلاڻي ۽ ٻوڏ جي موسم ۾ پار ڪرڻ لاءِ
چؤنري ۽ ٻين هن پاسي جي ڳوٺڙن ۽ هن پاسي جي
باگراڻين ڀرڳڙي ۽ ٻين قومن ۽ وسندين ۽ ڳوٺن جي وچ
۾ هڪ پتڻ ۽ گهيڙ ۽ لنگهه هوندو هو، جنهن کي پار
ڪرڻ جي لاءِ ڪن جي زباني ته هڪ مهاڻو مرد ۽ ۽ وري
ڪن ٻين ماڻهن جي روايت مطابق ته هڪ مهاڻي ۽
ميربحرڻ عورت ٻيڙي هلائيندي هئي ۽ هن پنهنجي رهائش
جي لاءِ هڪ ڪکائون چؤنرو انهيءَ هنڌ پتڻ کي تمام
ويجهو اڏايو هو. انهيءَ چؤنري جا نشان ته ٺهيو پر
انهيءَ گهيڙ جا نشان ۽ آثار۽ مٽي جا ڍير اڄ به
اُتي نشاندهي جي لاءِ موجود آهن تنهن سبب ڪري نه
رڳو مذڪوره ڳوٺ تي بلڪ انهيءَ تَرَ ۽ جُوءِ ۽ خطي
تي ”چؤنرو“
نالو پيو ٿو ڀانئجي.
چؤنري جي جاگرافيائي جوڙجڪ ۽ بيهڪ:
دنيا جي گولي يا نقشي تي ڪنهن به ماڳ ۽ مڪان ۽
جڳهين کان ويندي ڪنهن به وڏي ۾ وڏي بادشاهت جي محل
وقوع کي غور فڪر سان جانچي ڏسبو ته انهن مان به هر
هڪ کي پنهنجي هڪ خاص الڳ بيهڪ ۽ جوڙ جڪ ۽ حيثيت ۽
حدون حاصل آهن. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اها حيثيت ۽ حدون
قدرتي طرح نصيب هونديون آهن ۽ ڪڏهن ته هٿرادو ۽
مصنوئي طرح مقرر ڪيون وينديون آهن جن سان اهي هڪ
ٻئي کان ممتاز ۽ نشانبر ٿي الڳ ٿيو وڃن.
جيڪڏهن تعلقي ڪوٽ محمد ڀرڳڙي (جيمس آباد) جي نقشي
تي نظر ڦيرائبي ته ”تپو چؤنرو“ ٻين ارڙهن تپن سان
گڏ اوڻيهيون تپو به نظر چڙهندو جنهن ۾ ست ديهون
آهن.
1. ديهه نمبر 251، (2) ديهه نمبر 252، (3) ديهه
نمبر 253، (4) ديهه نمبر 277، (5) ديهه نمبر 278،
(6) ديهه نمبر 279، (7) ديهه نمبر 279 الف.
انهن ديهن مان پهريون ٽي ديهون پراڻ شاخ (پراڻ
مائنر) جي ساڄي جي اُلهندي ڪناري سان تقريبن اوڀر
اتر جي ڪنڊ تي واقع آهن. ساڄي ڪپ واري ٽنهين ديهن
جي اُتر کان پُراڻ، ڇنڊڻ، جيڪا تعلقي ميرپورخاص ۽
تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي دنگ ۽ حد تي موجود آهي.
۽ باقي چار ديهون وري پُراڻ شاخ جي کاٻي ڪناري جي
ڀرئي ڀر ۾ قريب قريب اوڀر ڏکڻ طرف تي پکڙيل آهن.
چؤنري تپي جي اُتر کان پُراڻي پُراڻ ۽ هاڻ وڏي
جمڙائو يعني ايسٽ جمڙائو جي ڇنڊڻ جيڪا ايسٽ جمڙائو
جي چوراسي ميل واري موري نزد جهلوري شهر کان لعل
خان لغاري ۽ ٿورو اڳتي ڳوٺ علي نواز شاهه جي قريب
۽ اڳيان ڏکڻ اولهه ۾ ”تپي گورچاڻي“ جون 254، 255
ديهون ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ”راڄ واهه“ تپي جون 280 ۽ اوڀر
۾ 287 ۽ 288 ديهون ۽ دٻڪو شاخ ۾ وڏو جمڙائو يعني
ايسٽ جمڙائو هيٺ اوڀر ڏکڻ موجون ماريندو، ڇوليون
هڻندو، گڙگاٽ ۽ ڪڙڪاٽ ڪندو، شور ۽ گوڙ سان گڙڪندو
گهِرڪندو، واسينگ نانگ وارا ور ۽ وٽ ۽ وڪڙن سڪڙن
سا سير ڪندو واڪيندو وڌندو ۽ ڪُنن ۾ گهمريون ۽
چڪريون کائيندو ۽ ڦيريون پائيندو، تمام تيز ۽ تُند
ڇِڪ سان ڊوڙندو ۽ گذرندو وهندو ٿو وڃي.
چؤنري جي جُوءِ:
چؤنري جي جُوءِ ۽ ايراضي، خطو، ۽ قطعو ٽڪرو ۽
علائقو، هڪ ته اهو آهي، جيڪو سرڪاري نقشن
مطابق”تپي چؤنري“ ۾ محيط ۽ گهيريل آهي. ۽ ٻيون ته
اهي ڳوٺ ۽ اُهي آباديون ۽ وستيون جيڪي ڀرڳڙين واري
چؤنري يعني ڳوٺ محمد هاشم ڀرڳڙي جي آسپاس ۽ گرد
نواح ۾ آباد آهن ۽ ڦٽل پُراڻ دريا جي اُڀرئين ۽
ڏاکڻين طرف هاڻوڪي وهندڙ پراڻ شاخ جي اولهه ۽ اُتر
اولهه پاسي واقع آهن يعني 254، ۽ 255 ديهون، جن ۾
لغاري، ڀرڳڙي، بنگلاڻي، گورچاڻي، خاصخيلي، شيخ،
شاهه، ڪولهي ۽ ڀيل وغيره رهندڙ قومون آباد آهن سي
سڀئي ياد رهي ته ديهه 255، مير واهه ڪوٽ غلام محمد
پڪي روڊ تائين ۽ ڏهون ميل موريءَ کان اولهه ويندي
پُراڻ ۽ سم نالي واري موري تائين چؤنري جي جُوءَ ۾
وڪوڙيل ۽ وکريل ۽ ڦهليل آهي. ۽ ٽيون اهو خطو ۽
ايريو جنهن ۾ خاص ڪري گورچاڻي تپي جون 275، 276 ۽
281 ديهون شامل آهن جيڪي پراڻ شاخ جي اڀرئين ۽
ڏاکڻئين طرف ۽ دَلڪيءَ شاخ يا پانڊيءَ جي مُنڍ ۾
پنج ميل موريءَ کان پڪي لانڍيءَ (ڪوٽ ميرس) تائين
۽ ڏکڻ ۾ لانڍي ڪوٽ ميرس کان ڏهه ميل موري تائين ۽
ميرپورخاص واري پڪي روڊ جي اُتر ۽ ساڄي طرف وارو
حصو، انهيءَ کان علاوه آهي.
عام مروج زبان ۾ جُوءَ اها زمين آهي اها سيم ۽ خطو
جنهن مان روزانو چوپايو مال چري ڦري، کائي پيئي
شام جو پنهنجي وٿاڻ ۽ ماڳ تي موٽي اچي اهو پنڌ ۽
هنڌ لڳ ڀڳ ستن اٺن ميلن جو هوندو آهي.
هتي چؤنري جي جُوءَ کي ايترو جو وسيع ۽ ڪُشادو
لکيو اٿم تنهن جا به ڪي ڪارڻ آهن.
هڪ ته ”تپي چؤنري“ واري ايراضي جيڪا چؤنري واري
جوءَ کي ظاهر ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اهم ڪارڻ آهي، جيڪا آهي
ته صرف سرڪاري نقشن تائين محدود ۽ مفيد ۽ سُڪڙيل
پر چؤنري جي جوءَ کي بيان ۽ عيان ضرور ڪري ٿو.
ٻيو ته زبان زد عوام وارو خطو ۽ قطعو، جيڪو تپي
گورچاڻي جي ديهه 254 واري سڄي ساري ديهه ۽ ديهه
255 جا اهي ڳوٺ ۽ واهڻ جيڪي ڀرڳڙين واري چؤنري کي
ويجها ۽ اردگرد کي لڳن ٿا ۽ انهيءَ ڪري 275،276،
281 ديهن وارو سڄو خطو اچي وڃي ٿو. درحقيقت اهو ئي
ٽڪرو عام طور تي ۽ خاص طور تي ٻهراڙي جي مڙني
ماڻهن جي نزديڪ، ويجهي توڙي پرانهين پنڌ تي سڀ
ڪنهن وٽ ”چؤنري جي جُوءَ“ واري ايراضي سان مشهور
۽ معروف آهي.
۽ ٽيون وري صوفي صديق فقير ”صادق“
متوفي 1848ع، جيڪو هڪ اهل الله ۽ اهل دل شاعر ٿي
گذريو آهي، تنهن به اصل ۽ مشهور ”چؤنري“ کان ٻاهر
واري علائقي کي به ”چؤنري جي جُوءَ“ ۾ ليکي، کيس
وسيع ۽ ويڪروڪري ڇڏيو آهي، تنهن چؤنري جي چورن کي
جيڪي سندس مُريدن ۽ معتقدن کي ڦُريندا ۽ تنگ ڪندا
هئا تن کي فقير صاحب گهڻي جوش جذبي ۽ جلال ۾ اچي
اجهو هن ريت پِٽيو ۽ پاراتو ڏنو آهي.
بَد دُعا جا بيت:
1- |
چؤنري منجهان چور، ويا ويچارا نڪري، |
|
ڍوري اندر ڍور، سُڃا چَرن صديق چئي. |
2- |
کورو چوزي تانءِ، اچي پيو اوچتو |
|
سندي بجر ماءُ، روندي رت ڦُڙا. |
3- |
بنگلاڻين جي باهه، وساڻي ورهن، |
|
فوجون فقيرن جون، مٿي اَهُر اچن، |
|
ويٺائي وِسهن، ساريءَ ڳالهه صديق چئي. |
4- |
چؤنرو ٿيو کؤنرو، لڳي باهه بنگلاڻين
کي، |
|
ڍوري اندر ڍور، سُڃا چَرن صديق چئي. |
هڪ ڳالهه هيءَ به ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته ننڍا
ننڍا ڳوٺ ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ گهر گهاٽ ، جيڪي گمنام اڻ
ٻڌل ۽ اڻ سئل ۽ نامعلوم هوندا آهن، سي پاڻ پنهنجي
نالي سان مشهور ۽ ڄاتل سڃاتل نه هوندا آهن، تن
متعلق ڪجهه فاصلي ۽ پنڌ کان پوءِ هر ڪنهن ننڍي وڏي
کي ڄاڻ ۽ اُهڃاڻ نه هوندي آهي سي وري قرب و جوار ۾
وسندڙ ڪنهن وڏيءَ ۽ نالي واري وستيءَ ۽ مشهور ڳوٺ
جي نالي سان ڄاتا سُڃاتا وڃن ويندا آهن.
مددي ڪتاب ۽ حوالا
1
جامع سنڌي لغات، جُلد ٻيون ص، 1033، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو. از ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
2
ڪتاب ”ٿر سڪ جو سفر“ ص 86
از: پير غلام مجدد سرهندي
3
روينيو رڪارڊ تپو چؤنرو تعلقه ڪوٽ غلام محمد.
4
سوانح صوفي محمد صديق فقير ”صادق“
از: راڄ محمد پلي، پراڻو رسالو مهراڻ
5
مضمون نگار جو ذاتي مشاهدو ۽ تحقيق هن مضمون جي
تيار ڪرڻ ۾ راقم، چؤنري جي مختلف سُگهڙن ۽ راوين
تي به انحصار ڪيو ويو آهي.
}نوٽ:
هي بيت 2، محترم راڄ محمد پلي جي مضمون مان ڪونهي
مليو، بلڪ سُگهڙ محمد يوسف خاصخيلي کان مليو آهي.{
|