سيد شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
بيت
عيد
اکڙيون، ڪنديون
قريبن
سان،
لڪي وڃي لوڪ کان، لالڻ سان لڙيون،
سڪ ونديون
سيد
چئي، وڃي قربن ۾ ڪڙيون،
’مردان‘
پسي محب کي، سورن ۾ سڙيون،
اُت وڃي اڙيون، جِت چلڻ چارو ناھي ڪو۔
اکيون
اجايو،
روءِ
ڇو ٿيون
رت ڦُڙا،
پھرين
اوھان، پرين
سان لنئون وڃي لايو،
جڏھن سورن ستايو،
پوءِ
سوچيو
ٿيون
سيد
چئي.
اکيون
اوھان نينھن،
ڪوھ رکيو
قريب
سان.
روء ڇو ٿيون
رت ڦُڙا، ڪري مانڊان مينھن.
ڏکيا
سکيا
ڏينھن،
رھو صبر منجھه
سيد
چئي.
عيد
مبارڪ ڪنھن کي
ڏيان
پرين
رھيا
پرديس،
جانب بنان جيڏيون،
آئون وڳا
نه
پايان
ويس،
لالڻ ري
لبيس،
مون نه
وڻن
’مردان‘
چئي.
ڪافي
ديواني دل اٿئي دوکو، ھِتان ڪُجھه
ڪِين
ورڻو آ،
سواء ڏُک سُور صدمن جي، ٻيو
ڪُجھه
ڪِين
سَرڻو آ.
وفا جا تون ڀرين
ڪيڏا،
ڀلين
پيرا
عُمر ڀَر پيئي،
قدر ناھي قريبن وٽ، مفت ۾ ھِت مرڻو
آ.
متان ڀوري ڀلجي تون، وِجھين
جيئڙو
جوکي ۾،
وفا جو اڄ وقت ناھي، پورو ھي قول پرڻو
آ.
ھزارين ھِجر کان دليون،
فِڪر ۾ ٿيون
فنا فاني،
ڏُکن جو ڏيل تي توکي، ڏُکي ڏونگر ھي ڏَرڻو
آ.
نَڪو سُورن ۾ ساٿي ڪو، سُکن ۾ ساٿ ڏئي سڀڪو،
جتي محبت ناھي
’مردان‘،
ڪِنارو اُت ڪرڻو
آ۔
.
قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو
دڙيلو
غزل
اڳ ته ايندو هئين اسان وٽ اڄ نه آئين ڇو عجيب،
برغلايو غير توکي، يا ڦٽا منهنجا نصيب.
توري دارون ڪونه ٻيو ڪو، ويڄ سڀ ورچي ويا،
ديد پنهنجي جي دوا، ڏي تون اچي تن جا طبيب.
جن وڇوڙو هي وجهي، آهي ڪيو ڪيڏو ڪلور!
سي رلي رهزن رندن تي، شل مرن رولو رقيب.
ته به لکين ٿورا سندئي، جيڪر لڙي تون لاش سان،
دم گهڙي ترسي دفن، جي تون ڪرين هٿ سان حبيب.
ڪونه ’مخلص‘ کان سواءِ، تنهنجو نه هِت مخلص مٺا،
ڀوڳ ناهي تون ڪجان، هي ڳالهه منهنجي ڪن رقيب.
اهي سردار ساڳيا
اُهي سورن ۾ سانگي ۽ اُهي سردار ساڳيا،
اُهي ويرين جا ويڙيچن مٿي ڏس وار ساڳيا.
ڏکن ۾ ڏيل ڏٻرن جو ڏري ٿو ڏاڍ وارن کان،
اُهيئي ظلم ۽ زوريون اُهيئي زار ساڳيا.
سياري جون سڄون راتيون سڙن پيا سيءَ ۾ سانگي،
نٿا ساڻيهه وارن جي لهن هو سار ساڳيا.
ڪَري هڙٻوڙ هارين جي ڀريائون ڀوتار جو ڀانڊو،
اُهي منشي ۽ ڪاراوا، اهي ڪمدار ساڳيا.
ڇڏي آٿر اڳوڻا، ويس ٻئي ۾ وير آيا ٿئو؟
متان ڀلجو اٿئو پاپين سندا پرڪار ساڳيا.
اهو چرٻٽ جو چرخو ۽ اهوئي ڏاڍ ڏيهن تي،
اهيئي ڏاڍ جا ڏوٿين مٿي ڏهڪار ساڳيا.
ڪتا رئيسن جا کائين کير، ڌونرا، مانس ۽ ميوا،
غريبن جا ٻچا بک ۽ ٻَري ۾ ٻار ساڳيا.
ڪڍو ويڇا ٿيو ويجها، ڪريو اتحاد اسلامي،
لتون ٺوڪي لغورن کان وٺي وهنوار ساڳيا.
خدايا تو سواءِ ’مخلص‘ نه آهي ڪو اٻوجهن جو،
ڀلو ڪر تون ڀَلا سائين! بندا بدڪار ساڳيا.
منظور علي شاهه
ٽنڊو جان محمد
غزل
وار کولي هوا ۾ نه گهمندا ڪريو،
ڀئونر ڀلجو وڃن سونهن تنهنجي ڏسيو.
بلبلن گيت گلشن ۾ تنهنجا چيا،
گل گلابن به توکي آ سجدو ڪيو.
ڪان ڪاڪل جا بادل کي اهڙا لڳا،
بند بارش ڪري توکي ڏسندو رهيو.
گفتگو ۾ مٺا ماکي مرڪيو ڀرين،
ڄڻ ڪو امرت الاهي مون آهي چکيو.
مرگهه اکڙين جا جاني اشارا پسي،
عشق جو ڪو اُلا آهي دل ۾ دکيو.
مان مڃان ٿو ته بت کي آ سجدو گناه،
ڇا ڪيان بي خودي ۾ آ سرڙو جهڪيو.
مست رندن جيان من ته مدهوش آ،
ڄڻ طهورا، آ ’منظور‘ کي اڄ.
غزل
محبت ۾ من لڳائجي،
پنهنجو معيار ٺاهجي.
نه ٻاڙو ڪنهن سان ٻول تون،
ڪنهنجي نه دل رنجائجي.
چوندن کي چئو نه ماٺ ڪر،
واتئون به ڇو وڃائجي.
ناتا ڇني پوءِ ناز نه ڪر،
پنهنجن کي ڀل پڏائجي.
ٿورو کڻو نه ڪنهن جو،
پر جي کڻو ته ڳائجي.
ياري رکي پوءِ روءَ نه تون،
هر حال ۾ نڀائجي.
چوڏهين جو چنڊ آ پرين،
دل تي سدا پيو ڇائنجي.
’منظور‘ پاڪ پنجتن جي،
در جو گدا سڏائجي.
’مصروف‘ محمد حسن چانڊيو
ڪنري
غزل
وڻي ٿي واھه
چوڙيلي،
چمي پيئي
چاھه
چوڙيلي.
ڪري سينگار سوئي
سھڻي،
ڪڍي ٿي ساھه
چوڙيلي.
اسر جو جنڊ کي جوٽي،
۽ ڳاھي ڳاھه
چوڙيلي.
ڀنڀرڪي
بانگ جي ويلي،
ڀري ڪا آھه
چوڙيلي.
حسن جو ھوءَ
وٺي لشڪر،
ڪري ٿي
ڪاھه
چوڙيلي.
سواءِ
تنهنجي نه سانئڻ
آ،
ٻي ڪا واھه
چوڙيلي.
الائي
ڇو ته ڪاوڙ ۾،
ٿئي
ٿي
باھ چوڙيلي.
مٺا ’مصروف‘
محبت ۾،
ڪري من ٺاھه
چوڙيلي.
غزل
درد وڇوڙا يادون تنھنجون،
ھئه
هئه
گھوڙا يادون تنھنجون.
تنھائي
۾ ساريون راتيون،
ڳل ۽ ڳوڙھا
يادون تنھنجون.
ڇا
جا سرمان ڇا جون سينڌيون،
ڪارا جوڙا يادون تنھنجون.
وڻجاريءَ
جو ور نه آيو،
خالي ھوڙھا يادون تنھنجون.
ڌاريان چور ۽ ڌرتي منهنجي،
ڊوڙا ڊوڙا يادون تنھنجون.
’مصروف‘
سور وري ھن جاڳيا،
ٿورا
ٿورا
يادون تنھنجون.
عبدالله”شجاع“ سنڌي
لاڙڪاڻو
غزل
هرڪو ٿو ملاوٽ سان، ماڻهو ٺڳي ڇڏي،
حامي صداقتن جو، ڪاڏي وڃي لڏي.
ڪوڙي اَنا جي خاطر، اڪثر ڏسون ٿا ماڻهو،
دنيا ۾ پنهنجو اعليٰ، نڪ ٿو وڍي ڇڏي.
شيطان صفتيءَ جي، رستي کان بچڻ جي لئه،
هن دوست اگر ٿيڙا تن کي ڏجي ڇڏي.
دنيا جي طلاطم کان، آ جي بچڻ جي خواهش،
هڪ نفسِ لوامه کي، دل سان گڏي ڇڏي.
ناراض محب آهي، ڏاڍو ڪيان ته ڇا ڪيان!
پنجاهه سال ٿي ويا، هن کي سڏي سڏي!
مسواڙ تي مان محلا تبديل ٿو ڪيان پو،
ٿي تنگ پيو آهيان، هِت هُت لڏي لڏي.
هڪ جاءِ ٺاهي مالڪ، مضبوط آهه ليڪن،
ٿو جاءِ جي عمر کان اڳ ۾ خدا سڏي.
کاڌي جو دوا آئون، حاذق جي ويس وٺجي،
توثيق کان سوا هو، نسخو ڏنو ڇڏي!
آهي وڌڻ جي خواهش، ڪر روزگار حق جو،
اڄڪلهه ته دور آ سو، رشوت ٿي پئي سڏي.
ظالم هجي جتي ڀي، وريام آن ته ڀڄ تون،
پيغمبري آ ستت، هجرت ڪري ڇڏي!
غربت ’شجاع‘ اميري، ويساهه ٿيون وڃائن،
ماڻهو ٿو هرڪو هاڻي، الله کي سڏي!
منٺار علي هوت
جهڏو
ڪافي
سوا تنهنجي ڏکيون گذرن، ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون،
وساري تون وڃين ويٺين، ڏسڻ لئه هِت اکيون آتيون.
پرين هن پوهه پاري ۾، ڏسان جاني، جڏهن جوڙا،
گهمن گڏ مست موسم ۾، هٿن ۾ هٿ ڏيو ڀيڙا،
ڀري آهون، گهران آئون، هجون گڏ پاڻ ايئن گهوڙا،
هُرن هر وقت هينئين ۾ ٿيون، مٺا تنهنجون مٺيون
باتيون.
ساريو تو ڪين سانوڻ ۾، نه ڪئي پن ڇڻ ۾ پوئواري،
آ سوچن ۾ صنم سهڻا، سڄي مون زندگي ڳاري،
غمن ۽ گوندرن گهوڙا، مونجهارن مَتِ صفا ماري،
پرين تنهنجي پسڻ لئه پيو، پايان پلپل هتي جهاتيون.
برف جهڙيون ٿڌيون راتيون، مٺا موسم موچاري آ،
اُٿي ويٺي، اسر آڌي، اوهان جي انتظاري آ،
سِوا تنهنجي مِٺا مون لئه، نسوري قيام ڪاري آ،
اچڻ ۾ ڇو الله ڄاڻي، اٿئي ديرون مٺا لاتيون.
اچڻ جي جلد ڪر جاني، ملي محبت ملهائي وڃ،
ڪيل سي قول ۽ وعدا، پرين پنهنجا نباهي وڃ،
ڪري ڀورن مٿان ڀيرو، ڀلائي تون ڀَلائي وڃ،
سدائين تن اندر سهڻا، رهن تنهنجون مٺا تاتيون.
تاڙي کي تات جيئن، مينهن جي مون کي آ تات تنهنجي
تيئن،
وڪوڙي ويو ورهه تنهنجو، وڪوڙي وڻ ويڙهي جيئن،
ڪيا ناسور نس نس ۾، نهاري ڏس ته تنهنجي نينهن،
وساريان ڪيئن نٿيون وسرن، ڪچهريون يار قربائتيون.
هتي ’منٺار‘ کي مٺڙا، اوهانجي انتظاري آ،
سڄڻ ساري عمر سڪندي، گهوڙا هت مون گذاري آ،
برهه تنهنجي بٺيءَ جيئان، اندر ۾ باهه ٻاري آ،
هلي آ تون پرين پيارا، ڪريون ڳالهيون ڪي
پيرائتيون.
مُجاهد مَهَڙ
سڪرنڊ
غزل
چنڊ ٿو پائي جهُڙ مان جهاتيون،
منهنجيون اکڙيون تولئه آتيون.
مُند بهار جي موٽي آئي،
چانڊوڪين جون آيون راتيون.
ڏسندي توکي سال ويا ٿي،
ڪيڏيون تو ڏس ديريون لاتيون.
ماڻهو جڳ ۾ کوڙ ڏسان ٿو،
منهنجي لبن تي تنهنجيون باتيون.
پيار جا ويري رکندا آهن،
هٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتيون.
’مهڙ مُجاهد‘ آهي حقيقت،
پيار ۾ ڏسبيون ناهن ذاتيون.
غزل
جنهن گهڙي تنهنجا پرين درد دل ۾ ٿا دُکن،
نير نيڻن مان ٽمي، نير ٿا ڳلڙا چُمن.
درد تنهنجي جي مٺا ڳالهه مان ڪهڙي ڪريان،
ٻار ڇوري جان هتي جذبا منهنجا ٿا لُڇن.
او پڪا دل جا پرين ڪونه آئين تون ملڻ،
ڏس وڇوڙي جا اچي ساز ٿا من ۾ ٻُرن.
مينهن ڪاڇي ۾ وُٺو ڌرتي سائي ٿي وري،
ڏس پکي پيارا پرين لام تي ويٺا لُڏن.
ٻار گدگد ٿو ڏسان ڍنڍ ۾ وهنجن پيا،
شاهه جي وائي وري ڀر ۾ ڳائي پيو جُمن.
گيت وايون ۽ غزل مون ’مُجاهد‘ جي لکيا،
نانءِ تنهنجي ٿو ڪريان پنهنجو پيارا هر سخن.
ª
ڏاتل خان چنا اُداسي
ڦلجي وليج
نعت شريف
مِٺڙو مِٺڙو نالو آ مُحمّدؐ،
پِيارو پِيارو، نالو آ مُحمّدؐ.
اُوندهه ختم ٿي آيو جَڳَ ۾،
نِيارو نِيارو نالو آ مُحمّدؐ.
کَڻي پيغام خُدا جو آيو سهُڻو،
سُونهارو سُونهارو نالو آ مُحمّدؐ.
ڪَندو محَشر ۾ شفاعَت،
سَهارو سَهارو نالو آ مُحمّدؐ.
وڃان مَديني چُمان روضو،
نظارو نظارو نالو آ مُحمّدؐ.
ڪوثر هالائي
هالا
(هيءُ شهر پراڻن هالن جو)
نظم
ٿو دل جو نڪري دڳُ هتان،
مون سارو ڏٺو آ جڳُ هتان.
هِت ديرو منهنجي خيالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هيءُ شهر نوابن جهڙو ڙي،
۽ ٽڙيل گلابن جهڙو ڙي،
جواب سمورن سوالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
نيڻن جي ڪل جهانن جو،
صوفين جي آستانن جو،
۽ صبح روشن خيالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هيءُ جيڏو شهر قديم اٿئي،
ايڏو ئي يار عظيم اٿئي،
ڇڏ ذڪر صدين ۽ سالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هِت انڊلٺ ريکا جو گهر آ،
درياهه سمندر جو دَرَ آ،
مجموعو رنگ نرالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
سنڌوءَ جي ڪنارن تي رانديون،
اڄ پاڻ سان يادگيرين آنديون،
رخ موڙيو جنهن ڏيوالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
مون پڪڙيا ها پوپٽ ڪيئي،
۽ ڳوليا ها گس گهٽ ڪيئي،
آواز مٺو گهڙيالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هتي ”کُڏي کَٿوريءَ“ مدفن آ،
ٿيئي عمر جي پوري مدفن آ،
ٿيئي موت نٿو متوالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هِتِ ”سرور نوح“ نيارو هو،
هتان گذريو قلندر پيارو هو،
هيءُ شهر آ ڳچ حوالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
مون منظر منظر ميڙيو آ،
ڄڻ پنهنجو اندر ميڙيو آ،
مون وٽ آ ڍيرُ مثالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هيءَ ”گل خليفي“ جي ڌرتي،
مون ”سوز“ کان سخنوري ورتي،
گڏ ميڙ ڪيوسين نالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
ڪنهن وائي ڀٽائيءَ جي ڳائي،
ماري ٿي مون کي اڪيلائي،
مان ماڻهو جوڙيوالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
هِت رنگ برنگي ”جنڊي“ آ،
جنهن سونهن ثقافت ونڊي آ،
مليو ڏس پتو پاتالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو،
هيءُ شهر پراڻن هالن جو.
نِم ناز
ٽنڊو جان
محمد
نعت
مديني جي آهي، زيارت نرالي،
هوا ۽ فضا ۾، آ راحت نرالي.
اکين سان چمان پاڪ روضو نبيصه جو،
خدا ڪر ڪا اهڙي، سخاوت نرالي.
اُتي آبِ زم زم پيان پنهنجي هٿن سان،
ملي من ڪا اهڙي، جسارت نرالي.
اُتي نور رحمت جو، هردم وسي ٿو،
خدا جي اُتي آ عنايت نرالي.
اُتي ساهه نڪري، اُتي ئي دفن ٿيان،
انهيءَ خاڪ جي آ، نزاڪت نرالي.
اُتي باجماعت، نمازون پڙهان مان،
آهي مسجدن ۾، عبادت نرالي.
اوهان کانسوا ٻيو دوا آ نه ڪنهن وٽ،
ڪريو ڪا طبيبا، شفاعت نرالي.
اتي مون کي ڏوهن کان آجو ڪري شل،
قيامت ۾ من ٿئي، رعايت نرالي.
رکي ’ناز‘ آقا، غلامن جو گولو،
آهي منهنجي من جي، هي حسرت نرالي.
غزل
گُلستان ۾ بهار آيو، ٽِڙي پيا گُل گلابن جا،
چمن جي وئي وڌي رونق، متا ميلا شبابن جا.
ٽڙيا گُل ڦُل، کڙيا غُنچا، حِنا جي ٿي اچي
خوشبوءِ،
ڪلي هرهڪ آ مستي ۾، مَٿن ڦيرا عقابن جا.
نظارا اڳ ئي ٿيا دلڪش، مٿان ڪڪرن جي آ رم جهم،
ڏسي هي کيل بادل جا، کُلي ويا ور حجابن جا.
پسي هي سونهن گُلشن جي، ويو آ عقل دنگ رهجي،
سڄي هن خلق جي مالڪ، رٿيا هِن ڪم ثوابن جا.
سخاوت اڄ گهڻيري ڪر، پياريو جام اي ساقي،
رکان ڪجهه وقت غم پاسي، دنيا جي هر عذابن جا.
اَدا جي ناز جا ٿي ويا، جڏهن لبريز پيمانا،
وئي لڄ ۽ هيا پردا، حيا جا ۽ حجابن جا.
ڪويتا مون پڙهي پنهنجي، جڏهن يارن جي محفل ۾،
ٻڌي ساراهه دلبر جي، ٽٽا شيشا شرابن جا.
انهيءَ کان آ چڱو بهتر، ڪجي ڪا ڳالهه ڌرتي جي،
نٿا واعِظ وڻن اڄ ڪلهه، خطيبن جي خطابن جا.
نوازش پاڻ ڪئي دلبر، اڱڻ ’نم ناز‘ جي آيو،
جلي ويا ۽ لٿا چهرا، رقيبن بي مُهابن جا. |