متارو معلم
مِٺي
غزل
جوَڙيان ٿو پيار جي زنجير کي،
ٿو رکان سامهون سندئي تصوير کي.
صورتون اهڙيون ڏٺم سنسار ۾،
ڄڻ دلاسو درد ۾ دلگير کي.
قدر ناهي ڪو زماني ۾ ڪٿي؟
ڪين سمجهن ٿا سندم تحرير کي.
سي ئي منهنجا جان من، جاني، جناب،
جيڪي بدلائين ٿا تقدير کي.
هو ’معلم‘ ۽ متارا، مير، پير،
سڀ مڃن ٿا پنهنجي پنهنجي پير کي.
غزل
درد مان دانهون ڪريان پيو دلربا جي آسري،
پَهه پچايان ٿو پٽن تي، پارسا جي آسري.
سوز خاطر سور سختيون سربسر ساري سٺم،
ماهرو محبوب مشفق مھ لِقا جي آسري.
سال سهسين ٿيا ستم سهندي، سڄڻ سردار لئي،
مشڪلاتن ۾ ٿو مَرڪان، مرحبا جي آسري.
پيار جون نظرون اُلاري، پوءِ لڪي لالڻ ويو،
چؤ ڀلا، ڪيئن جيئان؟ ڪنهن جي عطا جي آسري!
ڪينَ آيو هو متاري ڏي هلي هڪڙو دفعو،
ورهيه ٿيا واٽن تي رهندي، بيوفا جي آسري.
حال هيڻا هجر ۾ منهنجا ’معلم‘ ٿي ويا،
بره جو باهيون سٺم بادِ صبا جي آسري.
غزل
سڄو ساٿ ٻهڪي ۽ مَهڪي پيو اڄ،
کلي خير سان ويا خوشين جا خزانا.
سڄي زندگي ياد رهندا اسان کي،
ٻڌاسون اچي خيال جي شاعرانا.
ڪڏهن ٻار ننڍڙو، ڪڏهن گبوٽ ڳاڙهو،
عجب زندگيءَ جا هي آهن فسانا،
دعا آ ’معلم‘ متاري سندي هيءَ،
رهن شاد شل ساٿ هي صادقانا.
ª
چنيسر ڏهوٽ
اُڏاڻي/ ڇاڇرو
بيت
سارهيان سچو ڌڻي، ڏيهه جو ڏاتار،
وٺا مينهن ملڪ تي، سرها ٿيا سنگهار.
پاڻي پوڄ پٽن تي، ڪيا ميگهه ملار،
پوکون پوکيون پرت منجهان، هارين ٿي هوشيار.
گهڻن گاهه ڪڍيا، مٿان ڇلر ڪئي ڇٽڪار،
وڌي فصل وڏا ٿيا، الله جي آڌار.
هڪل ڪن پيا هاري، اُنهن روزي روزگار،
پئي برسات بڊي ۾، خوش ٿي خلق ڌار.
لڻي ٿڪا لاهيارا، هڪڙي هنڌ هيڪار،
گوار ڀلا گهڻيئي، مٿي مينهن مدار.
ترن اچي تيج ٻڌو، ٿڪ بيٺا تار،
مڱ ڪورڙ ملڪ ۾، لڳي وئي آ لهار.
چڱا ٿيا آهن چونئرا، چارئي سيمون چڪار،
هاري ناري زميندار، ٿي ويا ٻيڙا پار.
ڪافي
اُتر کُڻ کان ڪڪر ڪارا، کنوڻ گوڙ گجڪارا.
اچي پهتا وسڻ وارا، وسن پيا مينهن موچارا.
پٿر يا گاهه پاساڙن ۾، مريڙي ساڻ مڙهن ۾،
ڏسندين گاهه پيا ڏرڙن ۾، واهه ڙي يار وسڪارا.
قيڏو ڪُوري قد ڪيئڙو، ڀُرٽ تنهن کان مٿي ويئڙو،
وڌي ويڪر اڃان پيئڙو، لنپ للر چيهو سارا.
ڪيا ساوڻ سنگهارن سُک، لاٿا ڏاتار تار ڏوٿين ڏُک،
چوي ’چنيسر‘ تَري ويا تِک، مارو مٺي ضلع وار.
راز نواز ٻارڻ
جاتي- سجاول
غزل
عشق جا پيرا کڻي، انسان جي عظمت ڏٺم،
عرش جا ڦيرا هڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
نور جا مالڪ وڏا، انسان کي سجدو ڪري،
حڪم سان مالڪ ڌڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
ياد ماضي کي رکي پڙهه تون سڄي قرآن کي،
ٿي چٽو ميرا ڇڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
هي نياپو عام ڪر سونهن جا سهڻا سڄڻ،
پوک پوکي جا لڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
واڳ قلبي راڳ قلبي هي بدن سارو سڄو،
ڇير جي ڇڻ ڇڻ وڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
’راز ٻارڻ‘ دل ٻري پئي يار جي ياري منجهان،
پير حاضر اڄ سڻي، انسان جي عظمت ڏٺم.
غزل
انتظاري ٿڪائي ڇڏيو،
دير دلبر منجھائي ڇڏيو.
پاڻ ايندو ھئين خود ملڻ،
ڇو ڀلا اڄ ڀلائي ڇڏيو.
ڪاڻ ڪائي ڪڍي ناھي دل،
ڇو سڄڻ منھن لڪائي ڇڏيو.
من ملاقات ڪا ٿي پوي،
خط خلاصو ھلائي ڇڏيو.
ساٿ تنھنجو سدائين خوشي،
پر جدائي
رُلائي
ڇڏيو.
ڪير ويندو کڻي ڌن ھتان،
ميڙ ميڙان ملائي ڇڏ يو.
ڳوٺ سان گڏ ڳلي ھيڪڙي،
پر حجابن لڪائي ڇڏيو.
’راز
ٻارڻ‘
لئون لائي وڃ
،
لال لبڙن بکائي ڇڏ يو.
محمد ايوب ’عزم‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
نقش قدم تي هلڻ ٿا چاهيون،
پرين ڏي پنڌڙو ڪرڻ ٿا چاهيون.
هُن کي ڇو ڇڏيون پنهنجي حال تي،
هُن جا ئي حال پڇڻ ٿا چاهيون.
ٻرندي ڏسون علم جو جتي به ڪو ڏيئو،
پتنگ ٿي ان ۾ ٻرڻ ٿا چاهيون.
واٽ اهائي وٺجي جتان ملي خدا،
خيرات بس اهائي وٺڻ ٿا چاهيون.
پڙهجي ۽ پروڙجي طالبعلم جيان،
جنهن شيءِ جي کوٽ آ سا گهرڻ ٿا چاهيون.
منهنجي ٻن لفظن سان ’عزم‘ شل ڪري،
اهي چار جملا لکڻ ٿا چاهيون.
غزل
دوست توسان دوستي دلدار دل واري اٿم،
تو سواءِ ڪا هن دنيا ۾ ٻي نه شيءِ پياري اٿم.
ملڪ جون ماکيون مٺايون، مون اڳيان ميڙي رکن،
پر پرين تنهنجي سوا، سڀ کير کنڊ کاري اٿم.
سونهن تنهنجيءَ جو نه ثاني، هن سڄي سنسار ۾،
تون ئي هڪ منهنجي اکين ۾، تڏهن ٿي ياري اٿم.
تون حياتي شل هجين ۽ آئون گڏ توسان هجان،
ان ڪري توساڻ مون هيءَ زندگي گهاري اٿم.
مون ’عزم‘ آهي ڪيو، گڏ هجون ٻنهي جهان،
بس انهي آڌار تي، دلبر نه دل هاري اٿم.
عباس ساٿي ڀنڀرو
پٿورو
غزل
باطل هٿان ٿو حق ٿئي،
گهائل ڪڏهن ڪڏهن
سچ ڪُوڙ ڏي ٿئي ٿو،
مائل ڪڏهن ڪڏهن
همت نه ڪم ڏئي ٿي،
عقل و خرد به چپ
اهڙي اچي وڃي ٿي،
مشڪل ڪڏهن ڪڏهن
پردو پنهنجن کان،
والله ڪمال آهه
ديدار لاءِ اچي ٿو،
سائل ڪڏهن ڪڏهن
ٻئي تي ميار ڪهڙي،
غير آهه نيٺ غير
پنهنجي رهي نه پنهنجي ٿي،
دل ڪڏهن ڪڏهن
جنهن جي نگاهه سان ٿا،
ڪئين قتل ٿي وڃن
سو خود ڪُسي پوي ٿو،
قاتل ڪڏهن ڪڏهن
پيهم تلاش سان جا،
هرگز نٿي ملي
سا خود به خود اچي ٿي،
منزل ڪڏهن ڪڏهن
تقدير آڏو ڪنهن جو،
ڪو وس نٿو هلي
مارَي دلير کي ٿو،
بُزدل ڪڏهن ڪڏهن
راههِ طلب ۾ هڪڙو،
اهڙو مَقام آهه
عالم جتي ٿئي ٿو،
جاهل ڪڏهن ڪڏهن
ظالم ڇٽي وڃي ٿو،
مظلوم دار تي
ناحق ڪَري ويهي ٿو،
عادل ڪڏهن ڪڏهن
هرگز ڪجي نه بانور،
’ساٿي‘ دماغ تي
ڦاسي فريب ۾ ٿو،
عاقل ڪڏهن ڪڏهن
علي محمد مشهور چانڊيو
سانوري
غزل
سوا تنهنجي نه هت ساعت صنم دل کي سهارو آ،
مجازاً هت مٺا تنهنجن ڪيو مون ساڻ مارو آ.
کلڻ کائڻ خوشيون ۽ خال، منهنجا سڀ ختم ٿي ويا،
غمن گريئه فغان گهايل جو گوندر ۾ گذارو آ.
ڦٽن فرحت ڦٽيل جي هت، فراقن ۾ ٿي ڦاٽي دل،
صبر ڪيئن ٿئي سندم سر ساه سڀ سوريءَ تي سارو آ.
نه آئي خير جي مونڏي خبر ڪا ڇو خدا ڄاڻي،
انهيءَ اڻ تڻ ته اڄ منهنجي اندر ۾ ڪيو لامارو آ.
مٺا ’مشهور‘ کي مڙني مِٺن کان تون مِٺو آهين،
ويا ٻيا پيار، تنهنجو پيار بس پيارن کان پيارو آ.
غزل
حسين بهار ۾ راتيون نراس ٿي گذريون،
بدن تي پائي خزان جو لباس ٿي گذريون.
تمام وقت گذاريم ٿي انتظارن ۾،
اداس صبح ۽ شامون اداس ٿي گذريون.
مون بي خودي ۾ ڪئي گفتگو هوائن سان،
اوهان جي شهر کان جي آسپاس ٿي گذريون.
پڇو ته شام جو ورندڙ پکين کان منهنجو پڇو،
قطارون جن جون ئي حالت شناس ٿي گذريون.
ميار هاڻ خزائن کي جو ڏجي ’مشهور‘،
بهار جهڙيون مندون بي قياس ٿي گذريون.
طارق امام جوڻيجو
دادو
نعت
ٻيڙي نصيب جي کي هڪڙو کپي ڪنارو،
تون ئي ٿي ناخدا ڏي، هن ناؤ کي سهارو.
بدڪار دل چري آ، آهي گناهگارِڻ،
سائين تڪي ٿي توڏي، تون لاهِه هي مونجهارو.
بزرگ خدا جي نسبت، عالم تي تنهنجي رحمت،
تنهنجو ئي در نبي آ، در ڇوٽڪاري وارو.
دردن ڀري آ دلڙي ڪنهن وٽ وڃي رلايان،
هڪ شان تنهنجو اعليٰ، ٻيو ناهي ناميارو.
جامِ حيات ڇا هي ازلي ڇا زندگي آ،
آبِ حيات لاءِ آ، ازلان هي من اُڃارو.
ڪائي نه واهه ’طارق‘ آ جهول ۾ خسارو،
صدقي حسين پورو منهنجو هي ڪر خسارو.
غزل
آبديده نيڻ تر تي لک کڻي،
رات جي پوئين پهر تي لک کڻي.
شام جو مکڙي ٽڙي ٿي هر طرف،
سونهن جي ساري نگر تي لک کڻي.
ڏي قلم کي يار جنبش، ياد ڪر،
وار ڪاريهر ڪڪر تي لک کڻي.
ڪير ها ڪاٿي مليا ڪاڏي ويا،
زندگي جي هن سفر تي لک کڻي.
ڦڻ ڪڍي جي ساڻ ٿي توسان گهميا،
پيار جي تنهن هر چڪر تي لک کڻي.
ڇو منجهي ويٺو آهي سرشار ٿي،
اُن وري ساڳي دهر تي لک کڻي.
سچ لکڻ لئه سگهه وڏي ’طارق‘ کپي،
ڪر مڪر پنهنجي مڪر تي لک کڻي.
فراخ جانوري
لاڙڪاڻو
غزل
هاءِ ڪيڏي ڏُکي حياتي آ،
پو به يارو! مٺي حياتي آ.
ڪابه زلفن جي ڇانوَ ڪانهي ڪا،
ڌرتتي ڌرتتي حياتي آ.
نيڻ تو ڇا پرين مَٽيا آهن،
مون کان منهنجي رُٺي حياتي آ.
آلي ڪاٺيءَ جيان جداين ۾،
روز دُکندي رهي حياتي آ.
رنگ آهن نه تنهنجي چاهت جا،
هاءِ ڪيڏي ٻُسي حياتي آ.
ماءُ ڌرتيءَ جي هنج ۾ آخر،
نيٺ ٿيڻي سُکي حياتي آ.
تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ سيني ۾،
تير بڻجي کُتي حياتي آ.
جڳ ۾ جهاتي نه پاتي پوري ۽،
ڪيئن گذري وئي حياتي آ.
’جانوري‘ سچ ته منهنجي مرڪن جي،
هجر تنهنجي گهُٽي حياتي آ.
غزل
منهنجي ڪوجهي رات مهڪائي رهي آ،
چاندنيءَ جي ذات مهڪائي رهي آ.
ٿر جا هيرا ماڳ ۽ منظر اجهاڻل،
هاڙهه جي برسات مهڪائي رهي آ.
گل، ڪليون، وڻ ٽڻ، وليون ٿڌڙي هوا سان،
روز ئي پرڀات مهڪائي رهي آ.
اڄ وري وسريل پراڻي ياد هڪڙي،
تانگهه تڙپڻ تات مهڪائي رهي آ.
درد ورتو منهنجو هي بيرنگ جيون،
سونهن! تنهنجي ذات مهڪائي رهي آ.
شام جو ماحول ميرو ۽ اُٻاڻو،
ڪيئن پکين جي لات مهڪائي رهي آ.
هڪ مٺي معصوم مرڪن سان ’فراخ‘،
روح جي ڪائنات مهڪائي رهي آ.
ª
ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ
شڪارپور
غزل
محبتون نت مذاق بڻجي ويون،
نفرتون سياق سباق بڻجي ويون.
سونهن جا به نه هلڻ ڏين دفتر،
حسرتون ڄڻ وفاق بڻجي ويون.
جهٽ کسي ويون سڪون هر دل جو،
يار اکڙيون قزاق بڻجي ويون.
يادگيريون مزاج پڻ برهم،
عادتون نج نفاق بڻجي ويون.
هر ادائون پرين پريتم جون،
هر جڳهه طمطراق بڻجي ويون.
قربداريون جهان ۾ جانان،
زندگيءَ ۾ فراق بڻجي ويون.
دلبريون ناز ۽ انداز، ادا،
من اندر اشتياق بڻجي ويون.
روح کي روح سان لائڻ لئه،
دلڙيون ’عادل‘ اوطاق بڻجي ويون.
غزل
نه ياري ملهايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا،
نه سنگت هلايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
رڳو پاڻ تصويري البم تان جاني،
نگاهون هٽايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
نه ئي بزم ساڳي، نه مجلس اها آ،
نه محفل رچايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
سدا غم جون ريکائون مک تي پيارا،
نه ڏک به گهٽايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
محبت نه اُلفت، ڏنئي ڪانه پڻ سڪ،
نه چاهت وڌائي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
غمن گوندرن ۾ اڪيلو ڇڏي وئين،
نه منزل رسايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
ڪنڊا چؤطرف بس دڳن تي دُلارا،
نه رستا سجايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
غزل، گيت، ڪافيون، نظم، بيت، دوها،
نه وايون ٻڌايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
سوين سور ’عادل‘ رڳو ڏک جا بادل،
نه رئندا کلايئي، چريا ڪيئن نه ٿيندا.
عبدالمالڪ چانڊيو
دڙيلو
منهنجي پياري پياري ڌرتي آ،
رب پاڪ کي جيڪا پرتي آ.
هن سنڌ امڙ لئي سنڌوءَ ڀي،
ڏس واٽ اهائي ورتي آ.
هيءَ باغن سان ملبوس سدا،
۽ خوشحاليءَ جي سرتي آ.
هت جيءَ ۾ جايون آيل کي،
محبت جي مستي سستي آ.
هيءَ ڌرتي ماکيءَ لارون،
هيءَ ڌرتي دل جون تارون.
هيءَ ڌرتي سارين جو آ هڳاءُ،
هيءَ ڌرتي خوش کيڪارون.
هيءَ ڌرتي انبن ٽاريون،
هيءَ ڌرتي سارين جو آ هڳاءُ.
*
سارين جي گنج پراڙ مٿان شبنم جا موتي ڪِرندا هن،
۽ وله ۾ ماٽي گهوگهو جا آلاپ عصر سان اٿندا هن.
پوءِ جنڊ فلور ملون بڻجي سانجهيءَ ٽاڻي کان هلندا
هن،
جيءَ جيءَ ججهي ماني پاڻي امڙين جا ٻول هي ٻڌندا
هن.
ليمان به هتي ۽ ليار هتي ڄارين ۾ پيرون هار هتي،
ٽوپي پٽڪي ۽ ڪهاڙيءَ سان اجرڪ جا رنگ هزار هتي.
ارڏا دودا دولهه به هتي ۽ مڙس مٿير ڪنڌار هتي،
ڏس سچ تي سر ڏيڻ وارا، آهن ڪئين ڪردار هتي.
هن ڌرتيءَ دنگ ۽ ننگ مٿان سر گهور ڪرڻ ڀي ڄاڻو ٿا،
هت غاصب ظالم قاتل جو بت ڀور ڪرڻ ڀي ڄاڻو ٿا.
جو صف ۾ چوري چور پڳو سو چور ڪرڻ ڀي ڄاڻو ٿا،
جو دليل بنان ٿو شور ڪري پو شور ڪرڻ ڀي ڄاڻو ٿا.
هي مستقل معمار سڀئي تعليم جون توبون تاڻيندا،
هي قربانيون رنگ لائينديون مقتل مان منزل ماڻيندا،
’عبدالمالڪ چانڊيا‘ هي جهالت جي پاڙن کي ساڙيندا،
هڪ ڏينهن سکن جو سج کي هي مارو منهنجا آڻيندا.
ڀڳت رائيچند’پريتم‘ مڪواڻو
ڪلام-1
سهڻي شڪل کي ڇو ٿو گهونگهٽ ۾ ڇپائين، دلبر ڇو ٿو
ستائين.
کنوڻ جيئن ڏٺم تنهنجي چهري جو چمڪو،
پري کان ٻڌم تنهنجي جي پايل جو ڇمڪو،
اکين ۾ ڪجل سهڻا جڏهن ٿو پائين،
دلبر ڇو ٿو ستائين.
زلف آهن تنهنجا زنجير وانگر، ڀِرون ٿا اثر ڪن
شمشير وانگر،
سندئي ساهه سائين، ٿڌي هير وانگر،
ڳچي آهه ڊگهي تون ڪنجن کي هٽائين،
دلبر ڇو ٿو ستائين.
تنهنجي پيار ۾ ’پريتم‘ آهي ديوانو،
اچي ڪر مٺا منهنجي من ۾ آشيانو،
عرض آهي در تي نه ٿو ڇو اگهائين،
دلبر ڇو ٿو ستائين.
ڪلام-2
ملي پيار مون کي جي مٺا محب تنهنجو،
زماني جي دنيا ۽ دولت نه گهرجي.
ڇڏي سڀ لاڳاپا رهون گڏ سدائين،
مان نوڪر هجان تون هجين منهنجو سائين،
تون حاڪم هجين مان گدا محب تنهنجو،
زماني جي دنيا ۽ دولت نه گهرجي.
مگر منهنجي اهڙي قسمت ڪٿي آهه،
سوين سور صدمه منهنجي سِر مٿي آهه،
مقدر جو ماريل صدا محب تنهنجو،
زماني جي دنيا ۽ دولت نه گهرجي.
ملي پريت ’پريتم‘ زمانو نه گهرجي،
مٺا محل ماڙيون خزانو نه گهرجي،
هجي هٿ هٿن ۾ سدا محب تنهنجو،
زماني جي دنيا ۽ دولت نه گهرجي.
اعجاز ڀاڻيپوٽو
ٽالهي- ڪُنري
غزل
جڳ ۾ جيئڻ لاءِ
جذبو ٿو گهرجي،
اعليٰ هر انسان کي رتبو ٿو گهرجي.
کپي ٿي خوشي ۽ خوشي سان جهان آ،
نڪين سور صدمان ۽
رتبو
ٿو گهرجي.
ڪيا دين ۾ ٿن ڪئين فرقا ٽولا،
خطيبن کي کارڻ لاء خطبو ٿو گهرجي.
آ هرڪو لڳل بس اميري جي پويان
رڳو ٺٺ ٺانگر ۽ رقبو ٿو گهرجي.
سنڌ جي شهيدن مان هڪ آ
’اعجاز‘،
قبر تي پيل اهڙو ڪتبو ٿو گهرجي.
غزل
حسينن جا گولا،
گداگر رهياسين،
سدا سونهن جا ٿي، ثناگر رهياسين.
حسن ساڻ پنهنجي، رهي نيازمندي،
وفائن جي پنڌ ۾،
اجاگر رهياسين.
مليل پيار آهي،
سود سان
گڏ
موٽايو،
اهڙا ٿي بنجارا،
سوداگر رهياسين.
کري ۽ کوٽي کي،
پري کان آ پرکيو،
زرگر ۽ جوهري،
ڪيماگر رهياسين.
اسان جي مڏي هي،
محبوب ماڻهو،
سنگت ۾
’اعجاز‘،
تونگر رهياسين.
عبدالقادر کٽي
ميرپور بٺورو
غزل
پيار محبت واريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن،
يارن مان ويون ياريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
رات ڏينھان روح تي سي اجل جھڙيون اچن،
دل ڦٽي ٿي ڦاريون ھي ڳالھيون ڪنھن سان ڪجن.
ڪوھ ڄاڻان ڪوھه
ٿيو جو ويو قريبن مان قرب،
ھر دم ھنجون پيا ھاريون
ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
برهه
ٻاريا جان تي جنجل الاھي جوڙ سان،
پيون اندر ۾ آريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
روح ۾ تنھنجون رھاڻيون رهيون
آھن رات ڏينهن،
ڪنهن کي ڏَسيون ڏيکاريون،
ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
مور مانجھي جت ڪندا ھئا محفلون تنھن ماڳ ۾،
ات گلا گند گاريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
جت ھليو ٿي ھل ھڳاءَ اوتون عطر عنبير جون،
ھئي ھئي ويون ھٻڪاريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
رت ڀلي آهي بسنت ٽھڪن ٽلن ٿيون ٽاريون،
ويون باغن مان بھاريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
قادر کٽي چئي قلب اندر دودھه
دونھان ٿا دکن،
ڏي دلربا دلداريون ھي ڳالھيون ڪنهن سان ڪجن.
غزل
ڀڃي ويھه
مَ منهنجا ڀورل، ڀلارا تون ڀليڪارون،
سڪان سھڻا ڪريان سڏڙا، سگھو لھجين اچي سارون.
پڇان پانڌي پيو پل پل، اندر منجھه
جوش جا جل جل،
لڳي لُون لُون اندر لوري اچي لڙڪن ڪيون لارون.
ڪئي چاھت چري آ دل، چريو چئي لوڪ مون سارو،
وڇوڙي ۾ پيو وجھلان وڌي ويتر ويون ويچارون.
برھه
جي باھه
جون بٺيون اندر ٻر ٻر ڪيو ٻڙڪن،
اٿيو اڌ رات آڌيءَ جو ڏيان اوڇڻ ۾ اوڇنگارون.
آھي
’قادر
کٽي‘
جي دل کلي خوش ٿي کڻي وئين تون،
ڪريان توري ڀلا ڪنھن سان ويھي ھاڻي انگل آريون.
ياسين ڪنڀر
سلطانپور، پنوعاقل
نعت
تو جهڙو ڪو مظهر اڻلڀ،
آهي اهڙو اظهر اڻلڀ.
تو جهڙو ڪو رهبر ڪونهي،
تو جهڙو ٻيو دلبر اڻلڀ.
مَٽُ ڪو صديق عُمر جو ڪونهي،
مَٽُ عثمان ۽ حيدر اڻلڀ.
منهنجا سائين مديني وارا،
تو جان ڪوئي مُنور اڻلڀ.
تون حامد محمود ۽ احمدُ،
ٻيو ڪو مطهر اَطهر اڻلڀ.
تون آدم کان اڳ ۾ خلقيل،
ٻيو نبين جو افسر اڻلڀ.
تو وانگر ’ياسين‘ دنيا ۾،
پيارو پاڪ پيمبر اڻلڀ.
غزل
اسان جي اُڏامي وئي ننڊ آهي،
مگر قوم پنهنجي پئي ننڊ آهي.
ڪجي خوب محنت مشقت وطن لئه،
گهڻي پاڻ ئي يار ڪئي ننڊ آهي.
اٿو پوک پوکيون اٿو چاهه موکيون،
اچي وئي اِها بي چئي ننڊ آهي.
اسان محنتن جا مزا ماڻيون جيڪر،
وڌي محنتن تي رئي ننڊ آهي.
اسان جي امن جي اسان جي چمن جي،
ٻَنيون آئي ماري ٻئي ننڊ آهي.
او ’ياسين ڪنڀر‘ ڪمي قرب جي آ،
ڳهي وئي خوشيون سک ڪُلئي ننڊ آهي.
اورنگزيب عاجز
سکر
ڪافي
تنهنجي زلفن جا هن ڪي ئي ڪُٺل،
رخ رخسارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
تنهنجي چهري مٿان پهرو ڪاڪل ڏين،
سونهن سينگارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
تنهنجا وار ڀنڀا ڪارا ڪاريهر،
ڪلهن تي ڪرن جيئن ڏنگين هر هر،
واسينگن وانگي وجهن ونگ ور ور،
گل گهنڊيدارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
بڙڻڇيون تيز تکيون تنهنجي چشمن جون،
ڇيڙي تارون وجهن هئي تن من جون،
تنهنجا ابرو کسن رمزون رندن جون،
تير تلوارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
نرمل نيڻ تنهنجا ڪنهن ڪمان مثل،
تير تيز تکا هن اکڙين کي جهل،
نظر ڪان مثل لڳي مون پل پل،
ديد ديدارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
توسان ميلو مٺا شل هر رات ٿئي،
سولي سورن واري سڪرات ٿئي،
تنهنجي برهه جي ’زيب‘ برسات ٿئي،
ادا ۽ اشارن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
برج لال بيوس
دادو
ترائيل
نه مايوس ٿي دنيا ۾ ڪڏهن به جهان ساگر آ،
نه ٿي روئڻ جهڙو تون به اول پاڻ قسمت عجيب آ.
ته اڄڪلهه ۽ دوستي به ته جي پيار به وهنوار آ،
مايوس ٿي دنيا ۾ ڪڏهن به جهان ساگر آ.
زندگي به قدرت جو ته عجب هي به اسرار آ،
زندگي به رب طرفان ته عجب هي ته نعمت آ،
مايوس ٿي دنيا ۾ ڪڏهن به جهان ساگر آ،
’بيوس‘ نه ٿي روئڻ جهڙو تون به اول پاڻ قسمت عجيب
آ.
ترائيل
انسان تون پنهنجي عظمت کي ڏس اڄ مٺا،
انسان تون پنهنجي نه هلاءِ مالڪ ياد ڪر،
انسان تون پنهنجي فضيلت کي ڏس يار ڏس،
انسان تون پنهنجي عظمت کي ڏس هار ڏس،
انسان تون پنهنجي قسمت کي ڏس تار ڏس،
انسان تون پنهنجي هيءَ نظر به ڦير، شاد ڪر،
انسان تون پنهنجي عظمت کي ڏس ڪار ڏس،
انسان تون ’بيوس‘ نه هلاءِ مالڪ ياد ڪر.
ترائيل
زندگي آ جواني، وري نه ايندي،
زندگيءَ آ ديواني، وري جيءَ نه پڇتائين،
هي به ڪجهه آ سوچڻ جي ته هي ڳالهه ويندي،
زندگيءَ آ مستاني، وري نه ايندي.
زندگيءَ آ بيگاني، وري هي نه ملندي،
زندگيءَ آ اُلفت ’بيوس‘ هي ڳالهه آ سوچڻ جي،
زندگيءَ ۾ جواني وري هي نه ايندي،
زندگي آ ديواني، وري نه پڇتاءُ ’بي وس‘.
ٿري امولک
ٽنڊو جان محمد
قطعات
ڪو اجڙيل چمن آباد ٿئي ته ڪيڏو نه چڱو،
ڪا غمگين دل شاد ٿئي ته ڪيڏو نه چڱو.
محبت جي راهه ۾ ٿا رُلن مسافر هزارين،
ڪنهن جو گهر وري آباد ٿئي ته ڪيڏو نه چڱو.
*
مون ڳيت ڏيئي ڪڏهن پيتو ناهي،
مون کي ڍُڪ ڍُڪ ڀري پيئڻ ڏي.
تون هانءُ نه ڦاڙ هينئر وڇڙي،
مون کي چُپ چُپ ڪري جيئڻ ڏي.
*
ريتن رسمن جڪڙي وڌو،
پاپين نيٺ پڪڙي وڌو.
تون ۽ مان ته هڪ هئاسين،
پر ڌارين نيٺ ڌڪڙي وڌو.
*
اڄ چوواٽي تي ڪو چڪر ٿي پوي ها،
آئينده جو اونو ۽ فڪر لهي پوي ها.
ندي جا ٻئي ڪنارا ملي پون ها جيڪر،
اکر وڃن ها مٽجي، زير يا زبر ٺهي پوي ها.
*
اچين ها اسان ڏي، ڪا خطا ڪونه ٿئي ها،
ملئين ها جيڪر، ڪو گناهه ڪونه ٿئي ها.
اچي يار اوچتو، ڇو مٺڙا موٽي وئين،
رهي پوين ها جيڪر، دنيا فنا ڪونه ٿئي ها.
*
اسان سان گڏ هلين ها، سوين سور سهين ها،
چڱو ٿيو جو جدا ٿئين، نه ته رڳو ڏک ڏسين ها.
محفل ۾ شريڪ ٿي، گنهگار بنجي وئين،
اڻڄاڻائي ۾ سڀڪجهه ٿي ويو، نه ته ڪڏهن ڪونه ڪرين
ها.
*
آدم کي جنهن سجدو نه ڪيو،
ان کي اڃان پيا ابليس سڏين.
مون عمر ڀر تنهنجي عبادت ڪئي،
ماڻهو پوءِ به پيا مون کي ڪافر سڏين.
عبدالرحمان ڪاڇيلو
ڪاڇيلو
غزل
اڀرندڙ سج جون سنڀارون توڏي،
اسان جي دل جون پڪارون توڏي.
ڏسيو وري ٿيون ڏسن هر هر؛
اکين جون سڀئي اولارون توڏي.
ولر مان جيڪي ٽريو وڃن سي؛
ايندڙ پکين جون قطارون توڏي.
سرءُ سيارو توڙي وسڪارو؛
ھجن شل جانان بھارون توڏي.
ڪاڇيلو هڪ ڏينهن کڻي ايندو؛
پنھنجي دل جون ميارون توڏي.
غزل
اسان کي ڪير ڳولي پيو؛
نڪورا پير ڳولي پيو.
ڏکن جي يار دنيا ۾؛
خوشين جا ڍير ڳولي پيو
ٻٻر ڏيندا ڪٿي آھن؛
چريو آ ٻير ڳولي پيو.
منافق دوستن وچ ۾؛
اجايا خير ڳولي پيو.
وڃائي رات رقصن ۾؛
اھا سا ڇير ڳولي پيو.
ممتاز کوکر
ڳيريلو
غزل
اڃان ڇو پيار محبت ۾، صدين جي آس تڙپي ٿي،
صدا جي گونجَ ۾ هردم، دلين جي آس تڙپي ٿي.
ٿيا سپنا به اڻ پورا، ڊُڪون پاپن جي پويان ٿا،
نه ئي ديدار ڪو درشن، اکين جي آس تڙپي ٿي.
کيڏيون سي لِڪ لڪوٽي راند، ننڍي هوندي اسان گڏجي،
اُهي يادون اُهي گهر، دَر، گهٽين جي آس تڙپي ٿي.
پياسي ٿَر جيان مَنَ تي، برهه جي بوند ڪا برسي،
وڇائي نيڻ ويٺا سي، پرين جي آس تڙپي ٿي.
وڻن مان ڪئين آکيرا، ويو او ٿر اُڏاري آ،
بَسيرن کي ڊٿل ڏسندي، پئين جي آس تڙپي ٿي.
حياتيءَ جي پَلو ۾ هڪ رکي ’ممتاز‘ تمنا آ،
ملڻ محبوب جي خاطر، وَرهين جي آس تڙپي ٿي.
غزل
اڄ الائي جو پون ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ،
وڻ جي ٽارين ۽ پنن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
ڀؤنر، پوپٽ، بلبلا، ڪوئل، چَتون، چيهن جي چهه چهه،
سڀ اُداس آهن چمن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
خوف بنا آئي گهڙي درياءَ ۾ ميهار خاطر،
جيئن لٿي سهڻي ئي ڪُن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
لوڀ لالچ ۾ ضميرن کي وڪڻن آدمي ٿا،
بي ضميرن جي ذهن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
سنڌ ڌرتيءَ جا هي جوڌا سورما ڇو ماٺ ۾ هن،
روڊ، رستي ۽ دڳن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
زندگي ’ممتاز‘ ماڻي محبتن جي موج ۾ ٿو،
پوءِ ڀلا هي ماڻهن ۾، شورُ ڇو ۽ گوڙ ڇو آ.
هادي بخش ”فدا“ ٽالپر
ٽالپر وڏا- خيرپورميرس
گيت
مُلڪ ٿيو آ ميگهه ملهار، اڄ مُلڪ ٿيو آ ميگهه
ملهار.
واهه لڳن ٿا سُهڻا سارا، ويس وسڻ جا ڪيا هن يار-
مُلڪ ٿيو آ ميگهه ملهار.
ٽِم ٽِم، ٽِم ٽِم بوند ٿي جاري، سَنهڙي سَنهڙي
پياري پياري،
خوشين ۾ اڄ خلق آ ساري، تاڙي ڀي ڪئي آهه تنوار-
مُلڪ ٿيو آ ميگهه ملهار.
ڏُک ڏولاوا ٿي ويا ڏور، ڍنڍون ڀَرجي ٿيون ڀرپور،
سانگيئڙن کان وسريا سُور، ٿَر بَر هاڻي ٿيا
گُلزار-
مُلڪ ٿيو آ ميگهه ملهار.
ڀيڄ قلندر ڀيڄ ڀٽائي، سامي، سچل سنڌ وسائي،
وات سڀن جي اِهائي وائي، سائين لڌي آ سار سنڀار-
مُلڪ ٿيو آ ميگهه ملهار، اڄ مُلڪ ٿيو آ ميگهه
ملهار.
ڪافي
ڇڏيو يار آ وساري، کڻي نيڻ نا نهاري،
عاشق سڄڻ پيو توکي، پَل پَل پرين پُڪاري.
توسان وئي آ دل اَڙي،
تنهنجي قرب آ ڪابو ڪَڙي،
آهي سوز تنهنجي ۾ سَڙي،
سدا توکي سڄڻ ٿي ساري.
رَهه نه مون کان پل ڀي پَري،
دل ٿي مٺا دانهون ڪري،
توريءَ نه ٿي ساعت سَري،
ڪنهن جي ڇڏيئي سهاري.
نينهن اڄ لايم نوان،
هي حال مان ڪنهن کي چوان،
هردم هِتي ويٺو رُوان،
هنجون ڳلن تان هاري.
جاني نه ٿي مون کان جدا،
توکي ڏسي ٺري دل سدا،
ڪيان ساهه سِرُ توتان ’فدا‘،
وڌو ماڻن آ مُحب ماري.
بلال احمد چانڊيو
دڙيلو
نعت
مير مرسل ماهرو سرور سچو سالار آ،
ويو جڏهن معراج ها سيده ابرار آ.
دوبدو ديدار ٿيا دلدار جي سامهون حبيب،
سو امام الانبياء عربي نبي منٺار آ.
سرورِ قونين ٿيو مهندار دلبر دلربا،
سهڻو سهڻن جو نبي خيرالورا سينگار آ.
چئوطرف مهڪار ٿي هو مرحبا صد مرحبا،
ٿي طفيلِ مصطفيٰ دنيا گل و گلزار آ.
جنهن جي محبت عشق ۾ سرشار اصحابھ ٿيا،
صديق هي فاروق هي عثمان علي حبدار آ.
شان ڇا ڳائي سگهان عربي سندو ’چانڊيا بلال‘،
جنهن جي هر طرف تعريف ٿي قرآن ۾ نروار آ.
*
پارَ مدني جي دل ۾ اُڪير،
روحِ رَوان سو ماڳُ امير.
مُطهر انور اَڪمل جِت ڙي،
جنهن لا سِڪايل هيءُ سرير.
ڪينَ سري منهنجي سِنڌُ ۾،
روضو ڏسان مان مدني مير.
حاجين جو هي سفر سهڻو،
او ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هيرَ.
ڀالَ ڪجان مون تي مولا،
روئي وهايان روز ٿو نير.
’چانڊيا بلال‘ زمانا گذريا،
مَنَ ۾ دَم دَم تنهن جي جهيرَ.
امداد جسڪاڻي
پنوعاقل
غزل
ڪو وڻ ٿي ڦُٽي سگهان ٿو مان،
ڇانو ڏيئي ٿڌي سگهان ٿو مان.
مخالف! مري سگهان ٿو مان،
نه هرگز پوئتي هٽي سگهان ٿو مان.
ڀلي ڳالهه من جي لڪايو مون کان،
پر نهارون پڙهي سگهان ٿو مان.
جي مُرڪ توئي کسي آهي سائين،
کلايو کِلي سگهان ٿو مان.
سمنڊ جي تري ۾ ته ناهيان،
ملين جي ته ملي سگهان ٿو مان.
تون ئي ساهه ’امداد‘ جو آهين،
ڪيئن توبن ته جي سگهان ٿو مان.
غزل
بهارن ۾ هر رنگ تنهنجو ڏسان ٿو،
خيالن ۾ مان سنگ تنهنجو ڏسان ٿو.
حسابن ۾ ڇا کان پيو آهين مٺڙا؟
اکر تنهنجو آ، انگ تنهنجو ڏسان ٿو.
تنهنجي پيار جي پيچري جو، سفر جو،
مون تائين پرين دنگ، تنهنجو ڏسان ٿو.
محبت جي نغمي سان جيڪو وڄي ٿو،
وڄايل اِهو چنگ، تنهنجو ڏسان ٿو.
تنهنجا زلف نانگن جيان ڪارا ڪارا،
وِڌل مون کي آ ونگ، تنهنجو ڏسان ٿو.
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
غزل
وارتائون ڪي سَلڻ چاهي پئي دل،
ساڻ يادُن جي هلڻ چاهي پئي دل.
من اندر ڪيڏا رکي اوسيئڙا هن،
خواب تن ۾ سا ڏسڻ چاهي پئي دل.
ڪنهن ته اُلڪي ۾ جبل جهاڳي پئي جا،
ڪانه ڪا منزل رَسڻ چاهي پئي دل.
سارَ ۾ گهاري پئي جنهن جي ڪَري ٿي،
ڌارَ ڀي تنهن کان رهڻ چاهي پئي دل.
روح ڪاڳر تي سهيڙي غم ڪٿا سڀ،
ڄڻ فسانو ڪو لکڻ چاهي پئي دل.
ماٺ جا ٽوڙي سمورا بند پڻ بَس،
ڳالهه ’عاصم‘ ڪا چوڻ چاهي پئي دل.
غزل
يادون پٿرن وانگي بَرسَن،
بڻجي ڪڪرن وانگي بَرسَن.
نيڻ ڀِنل پاٻوهه بنا
سي،
خالي نظرن وانگي بَرسَن.
چاهه ڪتابن جي ڪاڳَر تي،
مِٽيل اکرن وانگي بَرسَن.
چِٽيل جڪي جيونَ ۾ تِن،
بي رَنگ چترن وانگي بَرسَن.
چاهَت راهون پنڌ اَڻانگا،
اوکن سَفرن وانگي بَرسَن.
جيون هو جن جوکن ۾ تِن،
ڏکين پهرن وانگي بَرسَن.
عشق وڃايا جيڪي ’عاصم‘،
سي تن قدرن وانگي بَرسَن.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏجي
نظم
ستارا اُڀَ ۾ جرڪن،
سڄو هي ڳوٺ پيو مهڪي،
پريان چنڊ سونهن سان گڏجي،
اُٿيو آڪاس تان آهي.
ڀٽن تي ماڪ جي ڦڙ ڦڙ،
ستل ڪو پوڙهو آهي،
ستارا اُڀ ۾ جرڪن،
سڄو هي ڳوٺ پيو مهڪي.
*
مسافر پنڌ ڏوري ٿو،
اُٺن جي واڳ کي واري،
پريان هڪ مور ٻولي ٿو،
وُٺي جو واءُ جهوٽا ڏيئي،
وڻن جا پن لوڏي ٿو.
وصل جي واٽ تي ويٺل،
پريان هڪ جوڙڙو آهي،
ستارا اُڀ ۾ جرڪن،
سڄو هي ڳوٺ پيو مهڪي،
سڄو هي ڳوٺ پيو مهڪي!!!
ذوالفقار ٽالپر
شڪارپور
غزل
اوهان قرب ڏيئي ڪسارا ٿيا ٿي،
اسان جا نيڻ هي اُڃارا ٿيا ٿي.
جن ۾ ته گڏجي پئي گهارياسين ڏينهڙا،
اهي پل نه واپس پيارا ٿيا ٿي.
مٺا مورڪي تڙ تي کڻي جو وار کوليئي،
وري پو ته وڻندڙ ڪنارا ٿيا ٿي.
جڏهن ناز نخرن سان نهاريئي جو ’ذوالفقار‘،
خماريل کڻي پو ته چارا ٿيا ٿي.
بيت
جڏهن سونهري سجهڙو، ٿي لڪن ۾ لٿو،
پتيم پئي مٿو، ساجن ڪارڻ سُڃ ۾.
دشمن هن ديس جا، رهندا نه هتي،
ويندا سي تِتي، رڻ ٿو جت راڙا ڪري.
پاڇا سونهري سج جا، جيڏانهن ٿا ڪاهن،
اوڏانهن ئي آهن، پيرا منهنجا پُنهل ڏي.
پاڇا سونهري سج جا، وڌي وڻ ٿيا،
پر ڪونه مليا، ساجن منهنجا سپرين.
آيا منهنجي اڱڻ تي، ماڻهو سهڻا مور،
شال نه ٽُٽي ڏور، نازڪ هن ته نينهن جي.
وڻي ٿو سنسار، گڏ جو آهين تون!
نه ته هي ساري ڀونءَ، مون لاءِ مزو وئي ڇڏي.
ذبيحُ عباسي
سکر
وائي
آنءُ ٿي هان اڳڀري،
ساجن آءُ سِري.
وقت کان هن عشق جي،
باهه ناهي مچُ ٻري،
ساجن آءُ سِري.
خواب سوچين خودڪشي،
ننڊَ ويندي بُک مري،
ساجن آءُ سِري.
توسواءِ هي ساهه ڄڻ،
ڪنڌ تي آهي ڀَري،
ساجن آءُ سِري.
نانگَ وانگي نينهن ۾،
آءُ هڪ ٿيئون وري،
ساجن آءُ سِري.
وائي
جهٽَ آهيانءِ ڏسي وٺُ،
مان ته پاڻي تي چنڊ.
هڪڙي رات چڪور تون،
مون کان به مِٺي وٺُ،
مان ته پاڻي تي چنڊ.
جيسين ڪا ڇولي ڇُلي،
منهنجو نانءُ لکي وٺُ،
مان ته پاڻي تي چنڊ.
جرُ نه جزيرو مون ڏٺو،
او آڪاس لکي وٺُ،
مان ته پاڻي تي چنڊ.
او! ڦلواري سرنهه جي،
تون مند سان ٽِڙي وٺُ،
مان ته پاڻي تي چنڊ.
غلام رسول گل
سٺ ميل
غزل
هي غريبن جا اجها ڏس، بارشي سيلاب ۾،
ڪيئن وڃن لهڙندا پيا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
ڪي لڙهن ٿا ڪي ٻڏن ٿا، روز لهرن ۾ پيا،
هو ته مارن جا ٻچا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
جي وڻن ۾ ٺاهيا پکڙين هُيا آکيرڙا،
سڀ ڊهي سي ئي ويا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
ماءُ جنهن کان ٿي ويا جوڌا جوان اُن ماءُ جا،
ڪونه ڪنهن ڳوڙها اگهيا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
خواب ۾ ڀي ڪونه سوچو هو ڪڏهن ٿيندو ائين،
ڌار سڀ ڳڀرو ٿيا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
مينهن وسندي رات مونکان سڏ ڪري ’گل‘ هو پڇيو،
ڪيئن سُتا آهن بکيا ڏس، بارشي سيلاب ۾.
استاد ڪمال الدين شاهد
هالا
محبوب جي نگاه ۾، ناڪار ٿي ويس،
هو جرم بس اهو جو، وفادار ٿي ويس.
آيو امرُ عجيب رهو، دل جي باغ ۾،
پاتم جڏهن قدم ته، خطا دار ٿي ويس.
لاتم گلي ڪَلي کڻي، آيس عتاب ۾،
والله بي گناهه، گنهگار ٿي ويس.
صدبار مون وفا ڪئي، بدلي ۾ ٿي جفا،
صدما سهي هزار، جفاڪار ٿي ويس.
نِوڙت نياز عاجزي، آزي ڪري ڪري،
سچ پچ پڇو ته يار، اداڪار ٿي ويس.
زخمي ٿيو جگر نٿو، صدما سهي سگهان،
غوطا ڀري غمن ۾، صفا تار ٿي ويس.
روئي گذارڻو پيو، ’شاهد‘ عمر سڄي،
ڳوڙها وهائي يار، عزادار ٿي ويس.
مير مختيار ٽالپر
ڇتو مادراڻي
غزل
شاعري هڪ پيار آهي، پيار جو اظهار آهي،
مُحب ماڻهو لاءِ ماکي ۽ گندي لئه گار آهي.
هو وڃي ٿو، هو ڇڏي ٿو، درد ڏي ٿو، مرض ڏي ٿو،
پوءِ به هو ڏاڍو وڻي ٿو، سونهن جو سردار آهي.
مينهن وسندي گل ٽِڙن ٿا، ڪي رسن ٿا، ڪي ملن ٿا،
بادلن جي مُند ۾ ئي، اُڀ ٿيو شاهڪار آهي.
وئي ڪميڻپ آ وڌي، احساس ڪنهن دل ۾ نه آ،
ٿي اچي بدبوءَ پيئي، ڄڻ مئل سنسار آهي.
مان به ماڻهو، تون به ماڻهو، هي به ماڻهو، هو به
ماڻهو،
پوءِ ڀلا ڇو تنهنجي دل ۾، نفرتن جو ڄار آهي.
منهنجي ٻولي ساري ٻولي، نياري ٻولي، پياري ٻولي،
دولهه دريا خان جي ۽ دودي جي للڪار آهي.
هونءَ ته مان ڪجهه ڀي ته ناهيان، جو ته آهيان سو
ته آهيان،
تون گهاءُ ڏي نِت نِت نوان، پر منهنجي دل ۾ پيار
آهي.
’مير‘ ڏي تون ڪين ڏس، جيڪي لکيو آ، سو ته پڙهه،
خاڪ جو پتلو ته آهي، ڪونه سو غدار آهي.
حبدار سولنگي
لاڙڪاڻو
غزل
تنهنجي ٽهڪن سان وهنجي پُڳي شام آ،
اڄ وري آئي خوشبو کڻي شام آ.
ڪيئن ته ڇولين جي ڇِم ڇِم جي آواز تي،
سمنڊ، ڪينجهر، سنڌوءَ تي نچي شام آ.
باکف جا رنگَ تُنهنجي اکين ۾ رهيا،
منهنجي نيڻن تي ڇانيل رهي شام آ.
مون گُلن سان گڏجي ڏٺو هو صبح،
مون پکيءَ جي اکين سان ڏٺي شام آ.
رنگَ گيڙوءَ رتا ڪي کڻي پانڌ ۾،
تنهنجي گهر تي پئي هارجي شام آ.
ساٿُ تنهنجو هُيو، سمنڊُ هو، هيرَ هئي،
اڄ مون کي اها ياد پئي شام آ.
هڪ پکي جاڳندي خوابُ پيو ٿو ڏسي،
هڪڙي اسڪيچ ۾ ننڊ پئي شام آ.
توکي پنهنجي اڱڻ تي ڏسي او سکي!
مون کي ڪيڏي نه سهڻي لڳي شام آ.
غزل
لِڪاءِ پنهنجي پيار جي حسين بارگاهه ۾،
سڄي عمر جي لاءِ مون کي قيد ڪر نگاهه ۾.
ڪنوار جو سڄو ڪَجل، وَهي ويو لُڙڪ لُڙڪ ٿي،
۽ عشق خودڪشي ڪري ڇڏي سندس ئي ساهه ۾.
لِڪائي آئي هُوءَ، مگر ڪڍي سگهي نه گاهه مان،
سڄڻ جي پهرين سوکڙي ڪُتر ٿي ويئي گاهه ۾.
هوا جيان سڄي حياتِ آءٌ ڀٽڪندو رهيس،
نه ڪنهن به مون کي پل اپل جي لئه رکيو پناهه ۾.
لطيف دانش پلي
عمرڪوٽ
غزل
توکي ساري ڪير رُنو
ھو،
آڌيءَ
ڌاري ڪير رُنو
ھو.
جبلن
منجھه
پڙاڏا گونجيا،
اُڀ
کي ڏاري ڪير رُنو
ھو.
ساوڻ جي برسات
وانگيان،
واري واري ڪير رُنو
ھو.
اَنگ
اُگھاڙا
پيٽ بکايل،
ٻار سمھاري ڪير رُنو
ھو.
ڪوبه نه آيو سمنڊ ڪناري،
راهه نهاري
ڪير رُنو
ھو.
سُڪل
وڻ جي ھيٺيان منھنجا،
فوٽو ٻاري ڪير رُنو
ھو.
وڇڙڻ ويلي
مُنهن تي
’دانش‘،
ٻانهن کي واري
ڪير رُنو
ھو.
غزل
ھم قدم ھمسفر ويندو رھيو،
خوبصورت ھو سفر ويندو رھيو.
مطلبي سنسار مان اي دوستو،
محبتن جو
پڻ
قدر ويندو رھيو.
دلنشين
ھرهڪ
اَدا
ھُن
جي ھئي،
مانُ
وارو معتبر ويندو
رھيو.
چنڊ ڀي ھن کي ڏسڻ
لئه
ھن جي گھر،
بادلن مان بي خبر ويندو رھيو.
تون ھئين ته ساڻ ھئي دنيا سڄي،
تون وئين پورو شھر ويندو رھيو.
هِت
ھجر ۾ تڙپندي
’دانش‘
لطيف،
رات جو پويون پھر ويندو رھيو.
محمد سليم فَراشُ
هالا
پُڇڻ وارا پُڇندئي منهنجو، ڇو ٿو ڪرين تون انڌير
الا،
ڇو ٿو ڪرين تون انڌير الا، ويجهو نه ايندئي ڪير
الا.
محفل نه ڪي ميلا هوندئي، منهنجي رڳو ڳولا هوندئي،
ڪير نه ڏسيندئي منهنجو، دل مان ڪڍي ڇڏ مير الا،
ڇو ٿو ڪرين تون انڌير الا، ويجهو نه ايندئي ڪير
الا.
ساهه منهنجي کي صدما ڏيئي، غير وڃي پنهنجا ڪيئي،
ڌاريا ته ڌاريا ئي رهندئي، پنهنجا نه ٿيندئي غير
الا،
ڇو ٿو ڪرين تون انڌير الا، ويجهو نه ايندئي ڪير
الا.
’سليم فراش‘ ويندو مري، سوچ ڪر سُهڻا ذري،
دلبر جي دنيا جي آڏو، ڇو ٿو ڪڍين منهنجا پير الا،
ڇو ٿو ڪرين تون انڌير الا، ويجهو نه ايندئي ڪير
الا. |